سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سومرن جو دور

باب: 5

صفحو :7

باب پنجون

ڳالهه جا مکيه ٽاڻا: چنيسر ۽ عالادين جي عاقبت

ابڙي سمي جي مارجڻ کان پوءِ، چنيسر جو ڪهڙو حشر ٿيو يا عالادين جي ڪهڙي عاقبت ٿي، ان بابت ڳالهه جي مختلف روايتن ۾ جدا جدا بيان ڏنل آهن، جن تي مختصر طور روشني وڌي وڃي ٿي.

چنيسر جو موت:

چنيسر جي پڇاڙي ڪيئن ٿي ۽ هو ڪيئن مئو؟ هڪڙن بيانن موجب دودي جي مرڻ کان پوءِ، چنيسر پاڻ وڙهيو ۽ مارجي ويو، يا کيس زهر ڏنو ويو يا پاڻ زهر کائي مئو. ٻين بيانن موجب، دودي جي مرڻ کان پوءِ به چنيسر عالادين سان گڏجي ڪڇ ويو، جتي ابڙي سمي جي مارجڻ کان پوءِ، عالادين سان وڙهيو ۽ مارجي ويو. بهرحال سندس موت بابت هيٺيان بيان ملن ٿا:

* جڏهن دودو مارجي ويو ته عالادين دودي جي مڙهه کي ٿڏو هنيو، جنهن تي چنيسر چڙيو ۽ اچي عالادين جي لشڪر ۾ پيو. وڙهندي وڙهندي ڪـُـونڌ ٿيو، يعني سر لهي ويس ته به سندس ڌڙ وڙهيو جو پوءِ حيلي سان ڪـِـريو(1).

* دودي جي مارجڻ کان پوءِ جڏهن عالادين وڳـہ ڪوٽ ۾ چڙهي آيو ۽ چنيسر کان سڱ گهريائين، ته چنيسر سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪيو، جنهن تي کيس ماري اندر ڪوٽ ۾ گهڙي پيا، پر سومريون ان کان اڳ هليون ويون هيون)(2).

* دودي  جي مرڻ بعد جڏهن عالادين چنيسر تي تاب رکيو ته سومريون ڏي، تڏهن انڪار ڪيائين ۽ وڏي جنگ، ڏنائين. عالادين سان باقي ڏهه هزار فوج وڃي بچي هئي جو چنيسر ماريو، ۽ پوءِ عالادين ابڙي تي چڙهائي ڪئي.(3)

* چنيسر اٽڪل ڏَسي، جنهن سان دودو ماريو. عالادين دودي جي لاش کي ٿڏو هنيو، جنهن تي چنيسر کي جوش آيو ۽ عالادين جو گهڻو لشڪر ماريائين. پوءِ چنيسر وڳـہ ڪوٽ ڏي آيو ته لڄن جو سماءُ لهي، پر ڏٺائين ته ات ڪوبه ڪونهي. حويليون، اوطاقون ۽ تخت سڃا ڏسي، زهر کاڌائين ۽ اتي مئو(1) .

* دودي جو موت ڏسي، چنيسر اچي بگڙيو ۽ عالادين جي گهڻي فوج ماريائين. پوءِ عالادين کيس ريجهائي ويهاريو ۽ شراب ۾ زهر وجهي کيس پياريو ۽ پيئڻ سان چنيسر پورو ٿي ويو(2) .

* دودي جي مارجڻ کان پوءِ، چنيسر عالادين سان گڏ ڪڇ ويو. اتي ابڙي جي مارجڻ کان پوءِ جڏهن عالادين ابڙي جي ننڍي پٽ ممٽ کي پڳ ٻڌائي، تڏهن چنيسر ڪاوڙيو ۽ وڙهيو ۽ وڃي عالادين جي مٿان بيٺو. عالادين کيس سندس پنهنجو هٿ لکيل پروانو ڏيکاريو، جنهن ۾ چنيسر پاڻ عالادين کي جنگ تي چاڙهي آيو هو. چنيسر پنهنجو هٿ لکيو ڏسي موٽيو ۽ نفل جوٽي وڃي سجدي ۾ پيو. عالادين وٽ جيڪي ست صوبا بچيا هئا، تن حملو ڪري کيس ماريو(3) .

* ابڙي جي مرڻ کان پوءِ، ابڙي جو پٽ ڏونگر راءِ جيڪو ستن - اٺن ورهين جو هو، تنهن ٽپ ڏيئي ترار کنئي ۽ لشڪر کي سامهون ٿيو. هن جي سورهيائي ڏسي، هن کي ڪونه ماريائون ۽ بادشاهه کي وڃي ٻڌايائون، تنهن کيس ڀرسان ويهاريو ۽ بالاخر کيس سنڌ جي بادشاهي ڏنائين. تڏهن چنيسر دل ۾ چيو ته: آڪهه اسان جي مئي ۽ راڄ ڏونگر راءِ کي مليو. پوءِ بگڙيو ۽ جنگ مـَـنڊيائين، جنهن ۾ چنيسر مئو ۽ بادشاهه سان به باقي ست سوار وڃي بچيا(4) .

* چنسر عالادين سان ڪڇ سوڌو گڏ هو. اتان جڏهن واپس وڳـہ ڪوٽ آيا، تڏهن چنيسر بگڙيو ۽ عالادين سان وڙهيو، تان جو باقي جڏهن اٺ ڄڻا بچيا، تڏهن چنيسر ماريو(5) .

ڳالهه ۾ آيل مختلف بيانن موجب، چنيسر صورت جو نهايت سهڻو هو:

’صورت ۾ سلطان، جيئن تارن ۾ شعاع‘

سندس پار اهي جو لال ڪڪوريل اکيون، سهڻي ٽور، تکي طبع ۽ تاءِ، سبتي ڀير سان ميناڪاري سائي پڳ، سائو نيزو هٿ ۾، ۽ نيري گهوڙي تي سوار جنهن جي ڀـِـرڻي تي ويٺل باز(1) . چنيسر لاچار ٿي وڃي عالادين کي چاڙهي آيو هو ۽ باوجود انهيءَ ڪـَـچائي ۽ ڪـُـڌائي جي، هو آخر پنهنجن سان همدردي خاطر پنهنجن جي تباهي ڏسي، عالادين سان وڙهيو ۽ پنهنجو سر سهسايائين. انهيءَ لحاظ سان، پوين سومرن کيس نه فقط بخشي ڇڏيو، پر ’شهيدن‘ ۾ ڪري ڳڻيو. چون ٿا ته ”روپاهه ماڙي“ جي کنڊرن (تعلقو بدين) واري ماڳ تي اهو مزار جيڪا ’شاهه حسين‘ جي نالي سان سڏجي ٿي، سا چنيسر جي آهي.

عالادين جي عاقبت:

عالادين جي عاقبت ۽ پڇاڙي بابت پڻ جدا جدا بيان ڏنل آهن. هڪ بيان موجب دودو جنگ تي چڙهيو ۽ عالادين جي صوبي سالار خان کي زخمي ڪيائين، پر پوءِ سندس گهوڙو باهڙيو ۽ پاڻ ڪريو ۽ مارجي ويو. تڏهن چنيسر وڙهيو ۽ مارجي ويو، پر عالادين جو لشڪر به ختم ٿي ويو. پوءِ عالادين طرفان سالار خان ۽ سومرن طرفان محمد صالح سومري صلح جو عهدنامو ڪيو، جنهن تي تخت دودي جي پٽ ڀونگر کي مليو ۽ عالادين موٽي ويو(2) . ٻئي بيان موجب دودي جي مارجڻ کان پوءِ، چنيسر وڏي جنگ ڏني ۽ عالادين باقي ٿورن ماڻهن سان وڃي بچيو ۽ ٻاگهي کي پنهنجي ڀيڻ ڪوٺي، کانئس معافي گهري، پوئتي روانو ٿيو(3) . اڃان به هڪ ٻئي بيان موجب دودي جي جنگ کان پوءِ، عالادين وٽ ڪي ٿورا ماڻهو وڃي بچيا هئا، جو چنيسر مٿس رعب تاب رکيو ۽ چيائينس ته: ’دودي ۽ ٻين کي مارائڻ ۽ فتحون ڪرڻ، اهو سڀڪجهه مون ڪيو آهي ۽ نه تو يا تنهنجي لشڪر.‘ اهو ويڻ ٻڌي عالادين کان سڀڪجهه ويو ۽ هو دهلي ڏانهن پوئتي موٽڻ بدران گوري کائي مئو(1) . ٻين اڪثر بيانن موجب دودي جي مارجڻ بعد عالادين ڪڇ ۾ ابڙي سمي تي ڪاهي ويو. اتي جي جنگين کان پوءِ عالادين وٽ باقي ڪي ٿورا ماڻهو بچيا هئا، جو هن پوئتي موٽڻ جو پهه ڪيو. ان بابت پڻ جدا جدا رايا آهن:

- ابڙي جي مارجڻ کان پوءِ، سامون چنيسر جي چوڻ تي واپس وڳـہ ڪوٽ هليون ويون. پوءِ عالادين چنيسر سان گڏجي وڳـہ ڪوٽ آيو. اتي چنيسر ساڻس وڙهيو ۽ عالادين باقي اٺن ماڻهن سان وڃي بچيو. پوءِ هڪڙن بيانن موجب دودي جي گهر واري ۽ ٻين بيانن موجب ننگر جي گهر واري هٿ - پير لڌا. ٻارڙو (نالو ڏونگر راءِ يا ڀونگر راءِ) ڄائو، جنهن تي خوشيءَ وچان دهل دماما وڳا يا ڀيرو وڳي. عالادين پڇيو ته ڪير آهي؟ چيائون ته ڏونگر راءِ يا ڀونگر راءِ آهي، جيڪو هاڻي ٿو جنگ تي چڙهي. تڏهن عالادين چيو ته اسان جنگ ڇڏي، پر اهو جنگ وارو جوان ملايو. تڏهن ٻارڙو کڻي آيا. عالادين ٻار ڏسي پڇتايو، پر قول ڪري ويٺو هو، سو کڻي ماٺ ڪيائين. ٻارڙي اتي ڇرڪ وچان رُڪ جا تنجڻ ڇنا، جنهن عالادين تي وڏو اثر ڪيو. پوءِ تخت ان ٻارڙي ڏونگر راءِ يا ڀونگر راءِ جي حوالي ڪري عالادين واپس وريو(2) .

- ابڙي جي مارجڻ کان پوءِ سندس حويلي ۾ هڪڙن بيانن موجب دودي جي گهر ڀونگر راءِ ڄائو(3) ۽ ٻين موجب محمد جي گهر ڏونگر راءِ ڄائو(4) جو دهل دماما وڳا. عالادين جي پڇڻ تي ٻڌايائون ته ڀونگر راءِ يا ڏونگر راءِ ٿو هاڻي جنگ تي چڙهي. تڏهن عالادين بادشاهه، جو باقي اٺن ڄڻن سان بچيو هو، سو ڊڄي ويو ۽ اقرار نامو لکي ڏنائين ته ’سنڌ سومرن جي آهي، مون جنگ ڇڏي‘، ۽ پڻ قول ڪيائين ته ’منهنجو طلاق نامو آهي، جو سومرن سان وري جنگ ڪريان‘(1) . پوءِ ٻارڙو کڻي آيا، جيڪو ڏٺائين ۽ پڇتايائين. ٻارڙي ڇرڪ تي تنجڻ ڇنو، جنهن کان عالادين متاثر ٿيو. پوءِ هو واپس روانو ٿيو.

- ابڙو جنگ ۾ مارجي ويو ته عالادين ستن سوارن سان باقي وڃي بچيو. ان وقت ابڙي جو پٽ ڏونگر راءِ پينگهڙي ۾ پئي لڏيو. ابڙي جي ماڻهن ڀير وڄائي عالادين کي ڏونگر راءِ جي چڙهڻ جو دڙڪو ڏنو(2) . ٻي روايت موجب ابڙو جڏهن جنگ ۾ مئو، تڏهن سندس پٽ ڏونگر راءِ ستن

- اٺن ورهين جو هو، تنهن ٽپ ڏيئي ترار کنئي ۽ چيائين ته: سامون نه ڏيندس. عالادين کي ٻڌايائون ته:

ٻين مڙني ڏنيون، ڏنيون نه ڏونگر راءِ
آهي سو پٽ پهلوان، ناهي ساڻس جاءِ
تنهن کي هت گهراءِ، ڏس تون ڏونگر راءِ کي.


 

عالادين چيو ته ڏونگر راءِ کي وٺي اچو ته روبرو ٿئي. هو وڏي همت سان آيو، جنهن کان متاثر ٿي عالادين سنڌ جي گادي ڏونگر راءِ کي ڏني، جنهن تي چنيسر کي مٺيان لڳي ۽ جنگ ڏنائين. بادشاهه جو لشڪر مارجي ويو ۽ هو باقي وڃي ستن - اٺن ماڻهن سان بچيو، پر آخر ڏونگر راءِ کي تخت تي ويهاري پوئتي روانو ٿيو.(3)

- ابڙو جڏهن جنگ ۾ مارجي ويو ته دودي جي گهر انهيءَ رات ڀونگر راءِ ڄائو ۽ دودي جي ڌيءُ ساران خوشيءَ مان ڀير تي ڏونڪو هنيو. عالادين پڇيو ته چيائونس ته ڀونگر راءِ ٿو جنگ تي چڙهي. تڏهن عالادين قسم ڏنو ته: ’منهنجو طلاق نامو جو وري سومرن سان هن کان پوءِ لڙائي ڪريان.‘ پوءِ عالادين ابڙي جي پٽ ممٽ کي پڳ ٻڌائي، جنهن تي چنيسر ڪاوڙيو ۽ وڙهيو ۽ مارجي ويو. عالادين به باقي ستن سوارن سان وڃي بچيو ۽ پوئتي وريو.(4)

عالادين ڪيئن روانو ٿيو ۽ ڪيڏانهن ويو، ان بابت جدا جدا بيان آيل آهن. هڪ روايت موجب آخر ۾ جڏهن چنيسر جنگ ڏني، ته هو سڌو عالادين سان مقابل ٿيو. ٻنهي تراريون هنيون ۽ ٻئي مئا. عالادين جو سر لهي ويو، پر هو مڻيا وارو هو جو سري هٿ ۾ ڪري اُڏاڻو ۽ ماٿيلي وٽ اچي لٿو، جتي کيس دفن ڪيائون(1). ٻين اڪثر روايتن ۾ ائين ڄاڻايل آهي، ته عالادين بادشاهه سان باقي اٺ صوبا (سپهه سالار) يا سپاهي وڃي بچيا(2) جو هو گهوڙن تي سوار ٿي دهلي روانو ٿيو. جڏهن ماٿيلي جي شهر وٽان لنگهيو ته ڪي مايون بيٺيون هيون، جن مان هڪ چيو ته: هيءُ عالادين آهي، جيڪو اٺن ماڻهن سان پيو وڃي. ٻيءَ چيو ته: هيڏا  اڙد هئس، اهي ڪيڏانهن ويس! ٽينءَ چيو ته: دودي جي ور چڙهيو تنهن ڇانڊيو اٿس. عالادين اهي گفتا ٻڌي چيو ته: هـِـت هي مهڻا ٿيون ڏين ته هـُـت دهلي ۾ الائجي ڇا ملندو! پوءِ نـَـوَ گوريون زهر جون ڪڍيائين: هڪ پنهنجي تريءَ تي ۽ هڪ هڪ ٻين جي تريءَ تي رکي ”هـُـو“ ڪيائين ته سڀ کائي ويا ۽ اتي ئي دم ڏنائون(3). ٻئي بيان موجب عالادين ماٿيلي ۾ تڙ تي پاڻي پيئڻ لاءِ لٿو جو زالن طعنو ڏنس ته: هاڻي ڪهڙو منهن کڻي ويندين دهلي! هي به باشاهه هو، سو طعنو سهي نه سگهيو. وٽس سچا هيرا هئا، جيڪي کاڌائون ۽ سڀ اتي مري پيا(4). اڪثر بيانن موجب عالادين ۽ ٻيا سندس اٺ صوبا يا سپاهي، يعني جملي نـَـوَ ڄڻا، زهر جون گوريون کائي مئا ۽ کين اتي دفن ڪيائون ۽ اهو مقام اڄ ڏينهن تائين ’نـَـوَل گوري پير‘ يا ’نـَـوَل گوري بادشاهه‘ جو مقام پيو سڏجي(5).

ظاهر آهي ته اهڙا واڌارا ۽ اضافا ’ڪوپائي ڪـَـٿا‘ جو جز آهن، مگر تاريخي حيثيت نٿا رکن. اهو مقام ۽ مقبرو، ماٿيلي جي شهر کان ٽي ميل کن اولهه طرف ٻيلي جي حد م (پڪي شاهي رستي کان ڏکڻ طرف) واقع آهي. اسان سر زمين تي وڃي مقبري واري عمارت جو معائنو ڪيو. اها پڪي عمارت آهي ۽ عمارت سازي جي فن جي لحاظ سان هڪ اهم عمارت آهي. قدامت جي لحاظ سان پڻ مغليه دؤر جي يا ٿي سگهي ٿو ته اچان به اڳ جي هجي. البت عمارت سازي جي فن جي لحاظ سان اها مقامي نوع جي اڏاوت آهي. اندر هڪ کان وڌيڪ قبرون آهن ۽ مقامي طور هي مزار ’نول گوري پير‘ جي سڏجي. اهو نالو آڳاٽو آهي ۽ ڪنهن ”غوري“ ’گوري‘ بزرگ جو مزار آهي. بعد ۾ ’نول گوري‘ جي نالي ۽ لفظن جي مناسبت سان دودي - چنيسر جي ڳالهه جي راوين تي وڃي ڳالهه ڳنڍي، ته عالادين ۽ سندس ساٿي ”نـَـوَ ڄڻا“ اتي ’گوري‘ کائي مئا، انهيءَ ڪري ان تي ’نول گوري‘ نالو پيو.

 

***


(1) صابر نوحاڻي جي روايت، ص 195

(2) هاشم ڀنڀري جي روايت، ص 656

(3) فقير عبدالستار مهر جي روايت، ص ص 330 - 331 ۽ پڻ محمد عظيم ڪلوڙ جي روايت، ص 429

(1) عبدالله جمالي جي روايت، ص 108

(2) رکيل راڄڙ جي روايت، ص 253

(3) غلام حسين ڪلهوڙي جي روايت، ص ص 631، 635 - 636

(4) منشي اَڌارام واري لکايل ڳالهه، ص ص 31 - 32

(5) بودن فقير ڀنڀري جي روايت، ص 312

(1) ص ص 119، 121، 129، 125، 402، 474، 504، 516، 868.

(2) گلزار سنڌ (ضميمو)

(3) رکيل راڄڙ جي روايت، ص 256

(1) يار محمد ماڇي جي روايت، ص 847

(2) بودن فقير ڀنڀري جي روايت (ص ص 311 - 312) موجب دودي جي گهر ڏونگر راءِ ڄائو ۽ غلام حسين ڪلهوڙي (635) ۽ فقير مولا بخش جي روايتن موجب (ص 1138) دودي جي گهر ڀونگر راءِ ڄائو، رکيل راڄڙ (ص ص 255 - 256) ۽ فقير عبدالستار مهر (ص ص 322 - 323) جي روايتن موجب ننگر جي گهر ڏونگر راءِ ڄائو.

(3) محمد عظيم ڪلوڙ جي روايت (ص 429) ۽ غلام حسين ڪلهوڙي جي روايت (ص ص 634 - 635).

(4) واحد بخش ڄامڙي جي روايت (ص 487)

(1) ص ص 487 ۽ 635

(2) صابر نوحاڻي جي روايت، ص 196

(3) منشي اَڌارام جي لکايل ڳالهه، ص ص 31 - 32

(4) غلام حسين ڪلهوڙي جي روايت، ص ص 635 - 636

(1) ص 313 (حاشيه). بودن فقير ڀنڀري ڪچهري ۾ اسان کي ٻڌايو ته: ”اهو بيان ائين هلندو ٿو اچي ۽ اسان پاڻ ڪچهرين ۾ ٻڌو.”

(2) ڪن بيانن موجب ست (ص ص 636، 1140) پر اڪثر بيانن موجب اٺ.

(3) بودن فقير ڀنڀري جي روايت، ص ص 312 - 313

(4) فقير مولا بخش ميراثي جي روايت، ص 1140

(5) ص ص 256، 313، 377، 392، 430، 488، 636، 847 ۽ 1140

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org