20 June 2008

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سومرن جو دور

باب: --

صفحو :1

سومرن جو دور

دودي - چينسر جي ڳالهه ۽ ٻئي روايتي ذخيري جي روشني ۾

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

ڇپائيندڙ پاران

 

تاريخ جي حوالي سان هيءُ ڪتاب سومرا دؤر جي ٻن تاريخي جنگين ڪردارن: دودو ۽ چنيسر جي ڳالهه تي مشتمل هڪ تاريخي جنگ ڪيڏارو يا ڪوپائي ڪٿا آهن. هن ڳالهه جو پسمنظر تاريخي آهي. انهيءَ جنگ ڪوپائي ڪٿا جا تاريخي ماخذ سيني به سيني هلندڙ لوڪ روايتون آهن. جيئن ته هن ڪتاب سان لاڳاپيل تذڪري جو تعلق هڪ ڀرپور تاريخي دؤر سان آهي، تنهنڪري هن ڪتاب جو مطالعو به اوترو ئي دلچسپيءَ ۽ معلومات سان ڀريل آهي.

دنيا جون قديم ۽ سـُـڌريل قومون پنهنجي ماضيءَ جي اُتهاسڪ دؤر کي محفوظ ڪنديون آهن ۽ انهن اتهاسڪ آثارن جي تحفظ لاءِ اپاءَ وٺنديون آهن. دنيا جي قديم قومن ۾ اسان به شمار ٿيون ٿا. اسان جا اتهاسڪ دؤر، دنيا جي قداور قومن جي قديم اهڃاڻن ۽ آثارن سان ڪلهو هڻي بيهن ٿا ۽ ڪٿي، ته انهن کي به مات ڏئي وڃن ٿا. جهڙوڪ: موئن جو دڙو اتهاسڪ دؤر ۾ دنيا جي قديمي تهذيبي سفر ۾ سمورن اتهاسڪ دؤرن ۾ نشانبر ۽ قداور نظر اچي ٿو.

سومرا دؤر سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ رزميائي دؤر آهي، جنهن جي اهميت ۽ قدامت ٻين دؤرن کان گهڻي نياري آهي. سنڌ جي هاڪاري محقق ۽ عالم جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب هن دؤر تي جهڙيءَ ريت تحقيقي ۽ تصحيحي ڪم ڪيو آهي، اهو ڪنهن ٻي عالم کان نه ٿي سگهيو آهي. رب پاڪ، جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جن جي عمر دراز ڪرڻ فرمائي، ته جيئن هن دؤر تي ڪي نيون حقيقتون اسان اڳيان دستياب ڪري سگهي. تحقيق جي ميدان ۾ هيءُ ڪتاب نون اُڀرندڙ نوجوان محققن ۽ مؤرخن لاءِ هڪ ماڊل آهي. هن ڪتاب ۾ ڪم آيل طرز تحقيق کي بنياد بنائي لوڪ ادب سميت تاريخ، ادب ۽ ثقافت تي چڱو خاصو مواد تيار ڪري سگهجي ٿو.

پڙهندڙ حضرات جي خدمت ۾ هڪ گذارش ٿي ڪجي، ته هن ڪتاب جي متن ۾ توڻي صفحن جي هيٺان حاشين ۾ جيڪي صفحا نمبر ۽ عدد ڏنا ويا آهن، سي اصل ۾ لوڪ ادب سلسلي جي ڪتاب نمبر: 28- مشهور سنڌي قصا جو رزميه داستان - دودي چنيسر جي ڳالهه ڇاپو پهريون 1967ع جلد -1 ۽ دودي چنيسر جي ڳالهه ڇاپو پهريون 1977ع جلد - 2 جا ڄاڻايل آهن، جيڪي بورڊ جا ئي ڇپايل ڪتاب آهن. خاص طور تي محقق ۽ مطالعو ڪندڙ حضرات ان بابت وڌيڪ تفصيل انهن ٻنهي جلدن ۾ معلوم ڪري سگهن ٿا. هن ڪتاب جو شايع ٿيل نئون ڇاپو اوهان لائق ۽ قدردان پڙهندڙ حضرات جي هٿن ۾ ڏسي، اسان کي مسرت نصيب ٿي آهي، سا اڳ ۾ گهٽ نصيب ٿي هوندي.

 

ڄام شورو، سنڌ                          اعجاز احمد منگي

اڱارو - 14 شوال المڪرم 1427هه        سيڪريٽري

بمطابق 7 - نومبر 2006ع             سنڌي ادبي بورڊ

 

.

 

مهاڳ

هيءُ ڪتاب گهڻي ڀاڱي تائين ”دودي - چنيسر جي ڳالهه“، يعني دودي - چنيسر جي جـُـنگ ڪيڏاري يا ڪـُـوپائي ڪٿا جو تفصيلي ۽ تنقيدي مقدمو آهي، ۽ انهيءَ ڪري ان لاءِ ”مقدمي“ بدران هڪ مختصر مهاڳ لکڻ وڌيڪ مناسب آهي.

دودي - چنيسر جي ڳالهه، سومرن جي دؤر بابت معلومات لاءِ هڪ مکيه ماخذ آهي، پر انهيءَ نقطه نگاهه کان هن وقت تائين ان جو مطالعو ڪونه ڪيو ويو آهي. انهيءَ جو هڪ سبب اهو هو جو سنڌ جي ٻين تاريخي دؤرن وانگر ”سومرن جي دؤر“ تي به ڪا خاطر خواه تحقيق ڪانه ٿي، ۽ انهيءَ ڪري ”دودي - چنيسر جي ڳالهه“ جي تاريخي پس منظر جي اهميت محسوس نه ڪئي ويئي، بلڪه ان کي هڪ خيالي قصو ۽ خالي ڪهاڻي سمجهي ڇڏي ڏنو ويو. دنيا جي مختلف ملڪن جي تاريخي ماخذن تي نظر ڪبي ته معلوم ٿيندو ته ڪن اهڙن  قصن ۽ داستانن جي مطالعي مان تاريخي نتيجا مرتب ڪيا ويا آهن، جيڪي ”دودي - چنيسر جي ڳالهه“ جي ڀيٽ ۾ ڄڻ ڏندڪٿائون آهن. انهن جي ڀيٽ ۾ ”دودي - چنيسر جي ڳالهه“ جو پس منظر تاريخي آهي، ۽ نه ڏندڪٿائي، ان جا مکيه ٽاڻا ۽ اهڃاڻ محض افسانوي نوعيت جا ناهن، بلڪه تاريخي اهميت رکن ٿا، ان جا مکيه ڪردار به محض خيالي ناهن، بلڪه تاريخي حيثيت رکن ٿا. ٻين ملڪن ۽ ٻولين ۾ رائج قصا ۽ داستان جن کي تاريخي ماخذ تسليم ڪيو ويو آهي، سي فقط ڪن هڪ - ٻن روايتن ذريعي محفوظ رهيا آهن، جن کي آڳاٽو ڪنهن منظوم ڪيو يا انهن جي خاڪي کي لکيت ۾ آندو، يعني ته انهن جو بنياد ڪن مخصوص روايتن تي هو جيڪي ڪن خاص شخصن جي لکيتن يا زبانين ذريعي محفوظ رهيون، مگر نڪي اهي عام مشهور ٿي عوامي روايتون بنيون ته نڪي اهي صدين دوران مسلسل طور بيان ڪيون ويون.

’دودي - چنيسر جي ڳالهه ‘سيني به سيني مسلسل طورهلندڙ عوامي روايت جو بهترين مثال آهي. ٻين ڪــُـوپائي ڪــَـٿائن وانگر، هي ڪنهن خاص شاعر جو منظوم ڪيل قصو ناهي، مگر عوام جو عام مقبول داستان آهي. آڳاٽي وقت کان وٺي هيءَ ڳالهه هڪ عوامي ڳالهه طور اُسري ۽ ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ مشهور ٿي. ان بعد هر دؤر ۾ ان کي جدا جدا راوين زباني طور بيان ڪيو، ملڪ جي مختلف ڀاڱن ۾ سگهڙن ۽ شاعرن کي ’نثر ۽ نظم‘ واري گڏيل سٽاءَ ۾ سينگاريو، هنرمند قصه خوانن ان کي عام ڪچهرين ۾ ڳايو ۽ وهڃايو،“ عام توڙي خاص ان کي دل سان ٻڌو ۽ ساراهيو. مطلب ته ٻين ملڪن جي ڪن مشهور ڪهاڻين ۽ داستانن وانگر هيءَ ڳالهه ڪنهن خاص لکيت يا مخصوص روايت جو نتيجو ناهي، بلڪ مسلسل ۽ عام مشهور زباني روايتن جو ثمر آهي. هيءَ ڳالهه نه فقط ڪنهن هڪ خاص دؤر ۾ بيان ڪئي وئي، پر جيئن ئي اها سومرن جي اوائلي يا وچين دؤر جي تاريخي واقعن مان اُسري نـِـسري ته مسلسل طور کنئي ۽ ڳائي وئي، ۽ اڄ ڏينهن تائين ڳائجي پئي. هن دؤر ۾ جيڪا ڳالهه هلندڙ آهي، تنهن جون روايتون به ڪم از ڪم گذريل ٽن سَون ورهين کان وٺي هلنديون آيون آهن.

ڪنهن به آڳاٽي لکيت يا زباني روايت جي پوري اهميت تڏهن واضع ٿئي ٿي جڏهن ان جو تحقيقي مطالعو ڪيو وڃي ٿو.”دودي - چنيسر“ جي تاريخي، ثقافتي، سماجي، فني ۽ ادبي اهميت ۽ افاديت جي پوري ڄاڻ پڻ تڏهن حاصل ٿي آهي، جڏهن گذريل ويهن پنجويهن سالن جي پڇا ۽ ڳولا سان هن ڳالهه جون مختلف روايتون سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن، توڙي سنڌ سان لاڳو ٻاهرين علائقن مان گڏ ڪيون ويون، ۽ پڻ ڀرين ڪچهرين ۾ ڳالهه کڻندڙن کي فني سٽاءَ سان ڳالهه ڳائيندي وهڃائيندي ٻڌو ويو. انهيءَ تحقيق ۽ تلاش ذريعي. موجوده دؤر ۾ هلندڙ ڳالهه جي ذري گهٽ سؤ في صدي روايتي ذخيري کي حتي الامڪان اصلي صحيح صورت ۾ مرتب ڪيو ويو، ۽ اهو مستند متن هن کان اڳ ساڍن تيرهن سوَن صفحن تي شامل ٻن جلدن ۾ شايع ٿي چڪو آهي(1)

اهو ٻن جلدن وارو مستند متن بنيادي مواد جي حيثيت رکي ٿو جنهن کي علمي طور تورڻ تڪڻ سان، ۽ وڌيڪ وچورڻ ۽ ويچارڻ سان هن ’جنگ - ڪيڏاري‘ ۽ ’ڪــُـورپائي ڪٿا‘ جا مختلف پهلو روشن ٿي سگهن ٿا، پر اهڙي تحقيقي تورتڪ ۽ اهڙو وچور ۽ ويچار بذات خود هڪ علمي ڪشالو آهي، جنهن کي ڪنهن حد تائين هن ڪتاب ذريعي وڏي محبت ۽ محنت سان پورو ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي پهرئين ڀاڱي ۾ هن ڳالهه جي روايت ۽ قدامت، سٽاءَ ۽ هيئت، ڪن بياني اوڻاين، ۽ مڙني مکيه ٽاڻن ۽ اهڃاڻن کي، پوري تفصيل ۽ علمي تنقيد سان وچوريو ۽ ويچاريو ويو آهي. هن ڀاڱي جي آخري ۽ ڇهين باب ۾ خاص طرح هن ڳالهه جي ثقافتي، فني ۽ ادبي پهلوئن کي اجاگر ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي جي ڇهن بابن ۾ هن ڳالهه ۾ سمايل تاريخي اهميت واري مواد  کي روشن ڪيو ويو آهي. اندر ڪتاب جي متن ۾ توڙي صفحن جي هيٺيان حاشين ۾ جيڪي انگ ۽ عدد ڏنا ويا آهن سي دودي - چنيسر جي ڳالهه بابت هن کان اڳ شايع ڪيل ٻن جلدن جي صفحن جا حوالا آهن.

انهيءَ تفصيلي وچور ۽ ويچار، ۽ تنقيدي جائزي جي آڌار تي مختلف بابن هيٺ ڪن نتيجن کي نروار ڪيو ويو آهي، جيڪي مختلف نگاهن کان نهايت اهم ۽ قابل غور آهن. مجموعي طور سان، باب ڇهين جو هيٺيون شروعاتي ويچار ڳالهه جي مڙني مکيه پهلوئن کي مختصر لفظن ۾ روشن ڪري ٿو:

”هن ڳالهه جي افاديت ۽ اهميت جا ڪيترائي رخ آهن، جيڪي سڀ وڌيڪ گهري مطالعي ۽ سوچ ويچار جي لائق آهن. تاريخي، سماجي، نفسياتي، ثقافتي، فني ۽ ادبي پهلوئن کان هيءَ ڳالهه هڪ خاص اهميت رکي ٿي. ڳالهه جو تاريخي پهلو وڌيڪ نمايان آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي حڪمران گهراڻي ۽ دهلي جي سلطانن جون جنگيون، هن ڳالهه جو مرڪز ۽ مـَـحـَـور آهن. هيءَ ڳالهه ڪو ”تاريخي بيان“ ناهي، مگر ان ۾ تاريخي پسمنظر جا اهڃاڻ سمايل آهن. هڪ محقق ان جي تـَـر ۽ بـَـر کي ميچ ڪري، ان جي مختلف روايتن کي ڀيٽي، ان جي ٽاڻن کي توري تڪي، سومرن جي تاريخي دؤر بابت ڪي اهم نتيجا نروار ڪري سگهي ٿو. ڪن تاريخي ڪتابن ۾ هن دؤر بابت جيڪي پڪا پختا حوالا ملن ٿا، تن کان پوءِ هن ڳالهه جو مواد ئي سومرن جي دؤر بابت هڪ پڪو ۽ مسلسل روايتي ماخذ آهي، جنهن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي .....

تاريخي پس منظر کان سواءِ هن ڳالهه جي مختلف روايتن جي شاهي ذخيري ۾ سومرن جي دؤر توڙي سنڌ جي ماضيءَ جو سماجي ۽ نفسياتي عڪس موجود آهي، جنهن جو تجزيو ڪري خاطر خواه نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا.

ڳالهه جا ثقافتي، فني ۽ ادبي پهلو البت وڌيڪ نمايان آهن، .... ثقافتي لحاظ سان هي سنڌ جو ”جـُـنگ - ڪيڏارو“ ۽ ”ڪـُـوپائي ڪٿا“ آهي، جنهن ۾ جنگنامي جا مڙئي پهلو نمايان آهن. فني لحاظ سان، ڳالهه کڻڻ ۽ ڳالهه ڳائڻ وارا ٻئي پهلو آهن. ادبي لحاظ سان، هن ڳالهه جي مواد ۾ ”سٽاءَ“ توڙي ”بيان“، سنڌي ٻوليءَ جي لغات ۽ لفظن، توڙي ٻولي جي مختلف محاورن بابت نهايت ئي قيمتي سرمايو موجود آهي.“

هن ڳوري ڳالهه ۽ جـُـنگ - ڪيڏاري جا مٿيان مڙيئي پهلو وڏي اهميت رکن ٿا، جن مان اسان هن ڪتاب ۾ خاص طرح تاريخي پس منظر کي تفصيل سان ويچار هيٺ آندو آهي، ۽ تاريخي ٽاڻن ۽ اهڃاڻن جو تحقيقي تجزيو ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ ته سومرن جي دؤر بابت هن مکيه ماخذ جي اهميت جو صحيح اندازو لڳائي سگهجي.

سومرن جي تاريخي دؤر بابت اڳين تاريخن ۽ تحريرن ۾ فقط ڪي آڱرين تي ڳڻن جيترا اشارا موجود آهن، البت سنڌ ۾ سڄاڻ ۽ سگهڙ راوين جو سلسلو آڳاٽي دؤر کان وٺي هلندو آيو آهي ۽ سندن روايتن جو لاڳيتو متواتر ذخيرو ويندي هن موجوده دؤر تائين ڪنهن حد تائين سلامت رهيو آهي، جنهن جي آڌار تي سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت، آبادي ۽ اقتصادي حالت، هنر ۽ حرفت، اعليٰ ادب ۽ لوڪ ادب جي سلسلن کي روشن ڪري سگهجي ٿو. اسان انهن تي ويچار ڪندي هن نتيجي تي پهتا آهيون، ته سومرن جي تاريخي دؤر کي فقط سنڌ جي هن اهم روايتي ذخيري جي سهيڙ ۽ ان جي تحقيقي وچور ۽ ويچار سان ئي روشن ڪري سگهجي ٿو.

”دودي - چنيسر جي ڳالهه“ جيتوڻيڪ سڄي روايتي ذخيري ۾ مکيه ۽ مرڪزي حيثيت رکي ٿي، پر ان کان سواءِ ٻيو روايتي ذخيرو به موجود آهي، جيڪو تاريخي اهميت رکي ٿو. انهيءَ کي اسان هن ڪتاب جي آخر ۾ ضمني طور ٽن جدا بابن هيٺ ورڇي رکيو آهي: (1)  سومرن بادشاهن ۽ سندن دؤر بابت روايتون، (2) جڪڙيون: يعني سومرين ماين جا ڳيا، ۽ (3) سومرن جو نسب نامو، شجرا ۽ پاڙا. هن قسم جي مواد کي اسان اڃا وڌيڪ تفصيل ۽ تحقيق سان گڏ ڪري هڪ جدا ڪتاب ۾ مرتب ڪرڻ جو خيال ڪيو هو، پر جيئن ته راقم لاءِ ڪافي وقت کان وٺي اهڙي تحقيق جي اشاعت لاءِ حالات ناسازگار بنجي چڪا آهن، انهيءَ ڪري جيڪي ڪجهه دستياب ٿيو آهي تنهن کي في الحال ضميمي طور شامل ڪيو ويو آهي.

نسب نامي، شجرن ۽ پاڙن متعلق جملي ست جدا روايتون شامل ڪيون ويون آهن، ۽ باب جي منڍ ۾ انهن روايتن جي اصليت ۽ نوعيت تي پڻ ڪجهه روشني وڌي ويئي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ هيٺيان وڌيڪ اشارا ذهن نشين ڪرائڻ ضروري آهن: (1) سومرن جي هن روايتي نسب نامي ۾، مٿان ”امير ساهو“ کان وٺي هيٺ ”مر ڪندو“ تائين، ڀانن واري شجري ۽ محمد هاشم واري شجري جي روايت ساڳي آهي. (2) ڀاڳن فقيرن ۽ لاڙ جي ڀانن جون روايتون به ساڳيون آهن ۽ انهن ۾ ڪو خاص فرق ڪونهي. لاڙ جي ڀانن واري روايت، غالباً اصل ۾ ڪڇ جي ڀانن فقيرن واري روايت آهي جنهن کي ڀانن فقيرن پاڻ وٽ اتاري رکيو. (3) نسب نامي جي انهن روايتن ۾ واضح طور اهو ڄاڻايل ڪونهي ته ڪنهن به پيءُ جي پٽن ۾ سڀني کان وڏو ڪهڙو يا ننڍو ڪهڙو، البت اهڙا اشارا ڏنل آهن ته ”پاڳ“ ڪنهن کي ملي، جيتوڻيڪ اهو ڄاڻايل ڪونهي ته ”واڳ“ جو ڌڻي به ساڳيو ”پاڳ“ وارو يا ٻيو ڪو ڀاءُ ٿيو. آڳاٽين پيڙهين ۾ ”پاڳ“ جي معنيٰ سڄي قوم جي پڳ، پر پوين پيڙهين ۾ ”پڳ“ جي ٻي معنيٰ هئي پنهنجي پـُـري جي پڳ يا پنهنجي ڏاڏي جي پڳ، ۽ نه سڄي قوم جي پڳ. شجري جي روايتن ۾ اهو صفائي سان ڄاڻايل ڪونهي ته پڳ پنهنجي پاڙي جي، يا پڳ سڄي قوم جي. ”قوم يا راڄ جي پڳ“ ۽ ”حڪمراني اڳواڻي“ پڻ ٻه جدا ڳالهيون هيون. اڳ ائين به ٿيو آهي جو قوم يا راڄ جو پڳدار هڪ، ته واڳ جو ڌڻي (حڪمران ۽ اڳواڻ) ڪو ٻيو ٿيو. بهرحال نسب نامن ۽ شجرن، پيڙهين ۽ پاڙن جي وڌيڪ تحقيقي مطالعي مان ئي ڪي خاطر خواهه تاريخي نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا.

باوجود انهيءَ جي، سومرن جي تاريخي دور بابت هي ڪتاب خاص اهميت رکي ٿو ڇاڪاڻ جو ”دودي - چنيسر جي ڳالهه“ جهڙي مکيه روايتي ماخذ جي پهريون ڀيرو تفصيلي ۽ تحقيقي ڇنڊڇاڻ ڪئي ويئي آهي، ۽ پڻ ٻئي روايتي ذخيري جي ٽن بنيادي ڀاڱن کي زير بحث آندو ويو آهي. اميد ته هن ڪوشش ۽ ڪشالي سان سومرن جي دور بابت وڌيڪ تحقيق لاءِ راءِ روشن ٿيندي.

آخر ۾ آءٌ محترم شيخ محمد اسماعيل ۽ محترم ممتاز مرزا جو ممنون آهيان جن هن ڪتاب جي پريس ڪاپي تيار ڪرڻ، ۽ عابد بلوچ پروفن پڙهڻ، ماڻهن ۽ ماڳن جي فهرست تيار ڪرڻ ۾ مدد ڪئي.

 

ڄام شورو، سنڌ                                خادم العلم

13 - شوال 1400هه                            نبي بخش

بمطابق 25 - آگسٽ 1980ع


(1) مشهور سنڌي قصا، سنڌ جو رزميـه داستان - ’دودو - چينسر’، جلد پهريون 1976ع ۽ جلد ٻيو 1977ع، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org