سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سومرن جو دور

باب: 2

صفحو :3

 

باب ٻيو

ڳالهه جا مکيه ٽاڻا، پڳ جو معاملو ۽ چنيسر جو عالادين کي چاڙهي اچڻ

مختلف روايتن جي روشنيءَ ۾، ڳالهه جي ڪن خاص ٽاڻن ۽ ڪردارن جو هيٺ قدري تفصيلي وچور ڏنو وڃي ٿو، ته جيئن هن ڳالهه جي سٽاءَ جو سڄو خاڪو ۽ پورو پس منظر ذهن نشين ٿي سگهي.

پڳ جو معاملو:

ڀونگر راءَ جي فوت ٿيڻ تي سوال اُٿيو ته پيڙهيءَ جي پڳ ڪير ٻڌي ۽ حڪومت جي گادي تي ڪير ويهي -- دودو يا چنيسر؟ انهيءَ سوال تان معاملو متو:

ستي ڀونگر راوَ کي ٻاٽي ڏينهن لنگهئا
سما گڏ ٿيا سومرا، سوڙها ٿئا اُمرا
مردن ٻڌو معاملو پيڙهيءَ پڳَ مٿا(1).

 

منڍ ۾ هي معاملو دودي ۽ چنيسر جي وچ ۾ ڪونه هو، مگر راڄن جي وچ ۾ هو. خفيف، هولياڻي سومرا ۽ ٻيا راڄ اچي گڏ ٿيا هئا، پر چنيسر به ڪونه هو ته دودو به ڪونه هو:

”سورهن پٿر سومرا، اچي مڙي گڏ ٿيا“.

سومرن کان سواءِ سما، جاڙيجا، سوڍا، ڀٽي، گجر، چنا، راڄڙ ۽ ٻيا راڄ اچي گڏ ٿيا(2). پهريائين هنن پاڻ ۾ ويهي متفق ٿي راءِ ڏني ته دودو پڳ ٻڌي ۽ گاديءَ تي ويهي، ڇو جو دودو ڏاڏي - پوٽيءَ مان آهي ۽ چنيسر ڌاري مان آهي، ٻيو ته دودو وڏو داناء آهي:

’دودو سڄو سون جو، جنهن کي ريهه رُپي جو ناهه
هـُـن ۾ لـڇ لوهاري جي، آهي سڀڪنهن کي به سماء
پڳ ٻڌون دودل داناءَ کي، جنهن سر جوڙ جڳا ِّ
(3) .

 

گهڻا ته چنيسر جي بالڪل برخلاف ٿي بيٺا:

’چون پڳ دودي داناءَ جي، ويو چنيسر جو ڇا(1)؟

پوءِ يڪراءِ فيصلو ڪري سڀني گڏجي، يا منجهانئن ستر چونڊ چڱن هلي، اچي دودي کي چيو ته تون پڳ ٻڌ، پر دودو داناء هو، تنهن انهن چڱن جي سٿ ۾ ويهي چيو ته پڳ چنيسر ٻڌي، جو چنيسر وڏو ڀاءُ آهي:

’پڳ چنيسر مير جي، ٻڌندو منهنجو ڀاءُ
پڳ ٻڌندس ڪينڪي، مون کي کـَـمندو ڪين خدا
(2) .

 

جڏهن راڄن ڀائرن گهڻو زور رکيو، تڏهن چيائين ته ڀلا ترسو، تڪڙ نه ڪريو، جيستائين چنيسر اچي. چنيسر (بڪار يا ٻنگار جي) ٻيلي ۾ شڪار تي ويل هو، سو دودي پنهنجو خاص ماڻهو موڪلي کيس سڏايو(3) . چنيسر جيئن ئي ٻاهران آيو ته دودي کيس پڳ ٻڌڻ لاءِ چيو ۽ سڀني راڄن کي به سمجهايائين، جن به سندس چوڻ کي ڪونه موٽايو. چنيسر اچي ويٺو ۽ کيس پهريون ور پڳ جو دودي ڏنو. تڏهن چنيسر چيو ته مون ڳالهه مڃي، پر ترسو جو هيڪر ماءُ وڏي آهي، تنهن کي به ٻڌائي اچان(4) .

’سٿ نه ويٺو سومرو، هليو ماڳ پڇڻ مائي‘.

ٻين بيانن موجب جڏهن چنيسر کي پڳ ٻڌڻ لاءِ چيائون ته (پڳ جي ور ڏيڻ کان اڳ) چنيسر چيو ته: اوهين سنڀرو سعيو ڪريو ته آءٌ ماءُ کان پڇي اچان:

آهين سعيو ڪريو سپاهه جو، ته گهمي اچان گهرا ِّ
وڏي جا ورهين کي، رخ پڇي اچان ماءُ
(5) .

 

جڏهن چنيسر پٺي ڏني ته راڄ بگڙي پيا. تڏهن به دودي کين سمجهايو ته:

پڳ ٻڌو چنيسر کي، نه ته ٿيندا وير وڌا ِّ (6)

جڏهن راڄ بالڪل ڦري بيٺا(1) تڏهن هڪڙن بيانن موجب راڄن جو رخ ڏسي دودي پڳ ٻڌڻ قبول ڪئي، پر چيائين ته: ’جي پاڳ منهنجي، ته واڳ چنيسر جي‘: يعني حڪمران آءٌ هوندس ته به حڪومت چنيسر هلائيندو(2) . ٻين بيانن موجب باوجود راڄن جي رخ جي، دودي پڳ ٻڌڻ کان صاف نابري واري، تڏهن صلاح بيهاريائون ته دودي کي نشو ڏيئي حالي کيس پڳ مٿي تي ڏجي، پوءِ ٻڌل پڳ ڪونه لاهيندو. هڪ بيان موجب راڄڙ، چنا ۽ پهوڙ انهيءَ صلاح ۾ شامل هئا(3) ، ۽ دوسو چناڻي ۽ راڄڙ ٻنهي دودي کي نـَـر نشو پياريو. تنهن هوندي به جيستائين دودو سـُـرت ۾ هو تيستائين پڳ ٻڌڻ کان انڪار پئي ڪيائين(4) ، پر جڏهن نشي کيس مخمور ۽ مدهوش ڪري ڇڏيو، تڏهن دوسو (جنهن کي دودي جو سالو به سڏيو ويو آهي) پنهنجي مٿي تي پڳ ٻڌي پوءِ اها لاهي ٺاهي کڻي دودي جي مٿي تي رکي، ۽ کيس گادي تي وهاريائون(5) . ڳچ وقت کان پوءِ، جڏهن چنيسر موٽي آيو تڏهن ڏٺائين ته دودو پڳ ٻڌيو ويٺو آهي. ڪجهه ويچار ٿيس ته پر وڏي نظر ڪيائين ۽ چيائين:

”شڪر ڪريان الله جو، آئي اسان جي گهر ڏانـہ“(6) .

ائين چئي چنيسر موٽي ويو. جڏهن دودو ڪجهه هوش ۾ آيو ۽ معلوم ٿيس ته چنيسر هتان کيس ڏسي موٽي ويو آهي، تڏهن ڏاڍو ڏمريو، ۽ جن اِهو ڪم ڪيو هو تن کي ننديائين(7) .

راڄڙ روهين رُليون، رُلنئي ٻار ٻچا
چنا! ڪا چوڙي پوَئي، هنڌ نه جهلئي جاءِ
پاهوڙي پرزا ٿئين وڳـہ ڪوٽ وچاءِ
اوهان هڏي تي هوڏ هڻي منهنجو جانب ڪيو جدا!

 

دودي کي ٿوري سـُـرت آئي پر اڃا مٿس نشو غالب هو سو سـُـتو ئي رهيو(8) .

هوڏانهن چنيسر جڏهن حويلي ۾ واپس ويو، ته پهريائين ماڻس منهن پيس ۽ پوءِ جوڻس اچي کنيس. طعنن جا اهي ته تکا تير هنيائونس جو ويهڻ وهه ٿي آيس. چنيسر پڙهيل قابل هو. عربي، سنڌي، هندي، فارسي توڙي پشتو پڙهيل هو ۽ قرآن شريف توڙي ’توريت‘ جي علم جو ڄاڻو هو(1) . علم سان گڏ ذاتي طور به هو تحمل وارو هو جو پهريائين چيائين ته: ’جي دودي کي پڳ ملي ته به ڄڻ اسان جي گهر آئي‘، ڇو جو ڪن جي راءِ هئي، ته پڳ وچان ئي ٿهيم کي ملي(2) . پر جڏهن چنيسر کي طعنن تائي کنيو، تڏهن سمجهه ۽ صبر وڃائي ويٺو، ۽ پڪو پهه ڪيائين ته دهلي وڃي بادشاهي لشڪر چاڙهي ايندو ۽ اچي دودي جي گادي گل ڪرائيندو. چنيسر لاءِ دهلي وڃڻ ڄڻ ’ٻڌڻ‘ ۽ وڳهه ۾ ويهڻ ڄڻ ’سڙي مرڻ‘ جي برابر هو. کيس انهيءَ جو پورو احساس هو جو چيائين ته:

اڳي وڃان ته ٻڏي مران، ٿي ويان  ساڙي باهه
اڳيان آهن دور درياء جا، ٿو پويان ٻري آڙاهه
ضايع ٿيان زمين ۾، مون کي ڌرتي ڏئي جاءِ
(3)

 

جڏهن طعنن تپائي کنيس(4) تڏهن چڙهيو ۽ دودي ڏي ’قابل‘ وزير سان چوائي موڪليائين ته:

منهنجا دودل ڀاءُ کي ساري سلام ڏجان
ته طعنن ماريس سومرا، هاڻي عالادين آڻيان
(5) .

 

طعنن جي به ڪا حد هئيّ! ماڻس مهڻا ڏيئي بس ڪري ته وري جوڻس مريم اچي کڻيس ۽ چئي ته:

اسين راجا هوندي رنون ٿيون، اسان جو پرور رکندو پن
پاڳ وڃايئين پيءَ ڏاڏي جي، جنهن کي پيو ڪونه شرم
ڪنهن ڏينهن ماريو مريم هٿان، لڳي ڏوئيءَ ڳن
(6)

 

جڏهن چڙهي ٿي روانو ٿيو ته پٽس محمد پڇيس، تڏهن چيائين ته:

ڏاڏهينءَ جي مهڻن کان وڌ ماريس تنهنجي ماء
چيم: ماڻهين جي مهڻن کان وڃي ڀالين ٽنگايان ڀاء
(1)

 

دودو نشي ۾ گرفتار ٿي ستو هو سو اڃان ستل هو. چنيسر جي چڙهڻ جو ٻڌنديئي ٻاگهي اچي دودي کي جاڳايو:

ٻاگهي روئندي آئي، اچي ڀاڪر پاتائين ڀاءُ
پٿراڻي پير ڪري، سـُـتين ڪهڙي ساءِ
ڀاءُ وڃئي ٿو ڀر منجهان، پوئي ٿو ڪونه سماءِ
سنڌ سڃي ڪيو سومرو وڃي سندو راڻين راءِ
(2)

دودي ته ڌريان ئي چنيسر کي پڳ ٻڌائڻ جو پهه ڪيو هو پر هو پنهنجي وس کان بي وس ٿي چڪو هو، جو ڳالهه هر جاءِ هـُـلي وئي هئي، ته دودي پڳ ٻڌي. هاڻي ٻيو ڪو حيلو نه ڏسي، چنيسر کي ترسائڻ ۽ مڃائڻ لاءِ وڏيون منٿون ڪيائين ۽ ميڙون مـُـڪائين(3) : پنهنجي گهر واري کي ميڙ ڪري موڪليائين(4) ، وري چنيسر جي پٽ ننگر کي ميڙ ڪري موڪليائين ۽ چنيسر لاءِ وڏيون آڇون ڪيائين(5) ، پوءِ سومرن مان چڱا مڙس ميڙ ڪري موڪليائين. جڏهن چنيسر ڪنهن کي به نه مڃيو تڏهن دودو پاڻ وٽس هلي آيو ۽ اچي منٿون ڪيائينس(6) . چيائينس ته: ادو ٿيءُ، ابو ٿيءُ، نه وڃ: تون مون سان هر حال ۽ ڳالهه ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهين:

ادو ٿي، ابو ٿي، تنهنجي مريم ڀانيان ماءُ
ڏونئري ڏٿ پـُـسيءَ ۾، توکي ڀاڱي ڀانيان ڀاءُ(1)

دودي وڏا وس ڪيا، پر چنيسر چيو ته: چڙهيو آهيان سو مڙندس ڪين، ۽ اَوَس عالادين آڻيندس. تڏهن دودي چيس ته: ڀائر ۽ راڄ ڀيڙا ڪري انهن کي مڃاءِ ته پڳ پيڙهي هينئر به تنهنجي حوالي آهي. پر چنيسر نه مڃيو ۽ روانو ٿي ويو، ته به دودو پويان سومرن جي پاڙن مان سردارن ۽ ڀائرن جون ميڙون موڪليندو رهيو(2). آخري ميڙ ”اُچ“ جي شهر پهتي، پر چنيسر اڳ اتان نڪري چڪو هو. پوءِ اها ميڙ اڳتي وڃي ڪنهن منزل تي کيس پهتي، پر موٽائي ڇڏيائين(3). چنيسر دهلي وڃي پهتو، ته به دودو پويان قاصد موڪليندو رهيو(4)، پر چنيسر جو ويو سو وري نه وريو.

چنيسر ڪهڙي واٽ سان دهلي ويو؟

ڳالهه جي مختلف روايتن ۾ چنيسر بابت گهڻو بيان انهن ڪرشمن جو آهي جيڪي هن دهلي ڏانهن ويندي يا دهلي ۾ ڪيا، جهڙوڪ: شينهن، آدمخور، مست اُٺ، راڪاس ۽ مست هاٿي ماريائين. هن کان اڳ اسان وضاحت ڪري آيا آهيون، ته اهڙا ڪرشمائي وڌا ِّ ”ڪوپائي ڪٿا“ يا ”جـُـنگ ڪيڏاري“ جي سٽاءَ جو جـُـز آهن. انهن بيانن کان سواءِ، چنيسر جنهن واٽ سان دهلي ويو، تنهن جا به ڪي اهڃاڻ جدا جدا بيانن ۾ ملن ٿا، جيڪي ويچار جوڳا آهن. جيتوڻيڪ اهڙا ڪي پڪا پختا اهڃاڻ موجود ناهن جو يقين سان چئي سگهجي، ته چنيسر فلاڻي واٽ سان ئي دهلي ويو هوندو. ان وقت سنڌ کان دهلي تائين ٻن کان وٺي ڇهن مهينن جو قاصداڻو پنڌ هو(5). چنيسر وڳهه ڪوٽ مان دهلي ڏانهن روانو ٿيو هو(6) ۽ هو جن ماڳن ۽ منزلن وٽان مـَـٽيو تن کي ڀيٽيندي معلوم ٿئي ٿو ته مختلف روايتن ۾ وڳهه ڪوٽ کان دهلي تائين ٽن جدا جدا واٽن جا اهڃاڻ ڏنل آهن: (الف) هالار واري واٽ، (ب) جيسلمير واري واٽ، ۽ (ج) ميرپورماٿيلي واري واٽ، ’هالار‘ معنيٰ ڪڇ ڀڄ ۽ اڳتي ڄام نگر ۽ گجرات وارو پاسو، يعني ته چنيسر وڳهه ڪوٽ کان ڏکڻ طرف روانو ٿيو هوندو. جيڪڏهن جيسلمير ۽ ميرپورماٿيلي طرفان دهلي ويو هوندو ته پوءِ، وڳهه ڪوٽ کان اتر طرف روانو ٿيو هوندو. هڪ روايت مطابق چنيسر وڳهه ڪوٽ کان چڙهيو ته اتر طرف روانو ٿيو، جو چنيسر پاڻ ٿو چوي ته:

”وڃان اُتر سامهون، ڏياريان دودل اچي داڳ“(1)

(الف) هالار واري واٽ:

* چنيسر وڳهه مان روانو ٿيو. پهرين منزل ’جالوراڻي راڄ‘ ۾، ٻي منزل ’خان واه‘، ۽ ٽئين منزل ابڙي جي بادشاهي ۾ ”هالار“. اتان اڳتي ويو ۽ ڪنهن ماڳ پهتو جتان دهليءَ ڏانهن ٻه واٽون هيون: هڪ بنا خطري ٻارهن منزلن واري، ۽ ٻي خطري سان ٻارهن پهرن واري جيڪا سڌو رڻ مان ٿي وئي. چنيسر سڌي رڻ واري واٽ سان ويو ۽ خطري (آدمخور) کي ختم ڪري اڳتي روانو ٿيو ۽ وڃي دهلي کي چتايائين:

رڻ جو ورتائين رستو، رند ورتائين راه
ڪوٽ ڏٺائين ڪنگرا، ڏٺائين دليءَ دروازا
(2)

 

* چنيسر ”وڳهه ڪوٽ حويلي“ مان هليو ۽ ”گونگي تڙ“ تي منزل ڪيائين. اتان اڳتي ’جهولاڻي لاءِ‘ (جهولاڻي واءِ؟) پوءِ ’تڙ تلوڪ‘، پوءِ ’ويرا واه‘ ۽ پوءِ ’ابڙي شهر‘ ۾ آيو. اتان روانو ٿي آڏو ٻي منزل ’ٻيلي‘ ۾ پهتو. اتان اڳتي به گهڻيون منزلون ڪيائين، تان جو اچي ”ڪوٽ ڏٺائين ڪنگرا، دليءَ دروازا“(3)

* چنيسر وڳهه مان نڪتو ۽ اچي ’ساوڙي ڍنڍ‘ ۾ ترسيو (جتي هولاڻي پاڙي جا ست سومرا ماريائين). اتان معلوم ٿيس ته دهلي ڦيري سان ٻارهن ڪوهه ۽ سڌي واٽ سان چار ڪوهه آهي پر ان واٽ تي آدمخور آهي ۽ ”هالار“ ۾ بادشاهه جو اٺ وڙهي ٿو. سلطان سالار (عالادين جي پٽ؟ جا) جا اٺ ”هالار“ ۾ چرندا هئا جيڪي ماريائين ۽ پوءِ دهليءَ شهر ۾ پهتو(1) .

* چنيسر وڳهه مان روانو ٿيو ۽ پهرئين منزل ’تڙ تلور‘، ٻي منزل ’ڪانه توان‘ (؟)، ٽئين منزل ”جهالو راڻي راڄ ۾، جنهن کي چون چنيسر راءُ“(2) ، چوٿين منزل .... (متن ۾ نالو ڪٽيل) ۽ ”پنجين آيو هالار ۾ جتي ابڙو هو بادشاهه“. اتي ٻيلي ۾ شينهن ماريائين. اتان دهلي ڏانهن ٻه واٽون، هڪ ڦيري واري ٻي سڌي رڻ واري جيڪا چنيسر ورتي. ان واٽ تي آدمخور ماريائين ۽ پوءِ ”ڪوٽ ڏٺائين ڪنگرا دليءَ دروازا“(3) .

(ب) جيسلمير واري واٽ:

* چنيسر، ’ننگر‘ مان نڪتو ۽ اٺ (وڏيون) منزلون ڪڍي نائين منزل وڃي دهليءَ پهتو. پهرئين منزل ’ٻيلو‘، ٻي سيوهڻ، ٽئين اروڙ ۽ چوٿين منزل اُچ پهتو. اتي ماڻهن چيس ته هن واٽ سان ڍوريون آهن ۽ نيون وهندڙ آهن، تنهنڪري تون ’ڏَنيءَ واري‘ (مٿي بند يا ٻـَـني سان خشڪي واري) واٽ وڃ. پوءِ گس مٽايائين: پنجين منزل جيسلمير، ڇهين بيڪامير، ستين ’پاڙولي پاتاس‘ يا ’پاياري پاتاهه‘، اٺين منزل هڪ ٻي وچ تي، ۽ نائين وڃي دهليءَ پهتو(4) ، ”ننگر“ واري اُهڃاڻ مطابق ائين ٿو لڳي ته چنيسر ”ننگر ٺٽي“ مان روانو ٿيو. ٻيءَ معنيٰ ۾ اصلاحي  طور ”ننگر“ معنيٰ ’گاديءَ وارو وڏو شهر‘ يعني ته وڳهه ڪوٽ مان روانو ٿيو، ڇاڪاڻ ته هن ساڳي روايت ۾ اڳتي (282 - 283 صفحي تي) وڳهه ۽ وڳهه ڪوٽ جو ذڪر اچي ٿو ۽ پڻ چنيسر پاڻ کي ’دودي جو پٽ ۽ وڳهه جو ڌڻي‘ چوائي ٿو.

* چنيسر وڳهه ڪوٽ مان چڙهيو، ۽ پهرين منزل ’نيرڻ ڪوٽ‘، ٻي منزل رڻ جي اندر ’ٻـُـٽي ڪوٽ‘، ٽئين منزل رڻ ۾ جيسرمير، چوٿين منزل اڳتي ’بـَـڙ جي هيٺ‘. اڳتي پوءِ ’دلوراءَ جي بادشاهيءَ‘ ۾ آيو، جيڪو دودي بادشاهه جو سـُـنگ ڀريندڙ هو. ان کان پوءِ منزلون ڪندو دهليءَ پهتو(1) .

* چنيسر وڳهه ڪوٽ مان روانو ٿيو: پهرين منزل عمرڪوٽ ۽ ٻي منزل جيسلمير ڪيائين. پوءِ رات ڏينهن ڪري اڳتي منزلون ڪيائين، تان جو دلي پهتو(2) .

(ج) ماٿيلي واري واٽ:

* چنيسر وڳهه ڪوٽ مان دهلي ڏانهن روانو ٿيو ۽ ماٿيلي ۾ وڃي ٽي ڏينهن ٽي راتيون ترسي پيو ته پويان من ڪا پهر موٽائڻ لاءِ اچي. ان کان پوءِ منزل ڪري ”سرواهي“ (لڳ سنجرپور تعلقو صادق آباد) پهتو، جتي پڻ ٽي - چار ڏينهن رهيو. اتان ’مـَـئـُـو مبارڪ‘ ۽ پوءِ اڳتي اچي ’پتڻ مـناري‘ وٽ منزل ڪيائين، جتان درياءَ ٽپيو. اتان ملتان پهتو، جتان پوءِ ’بستان‘ آيو، ۽ ان کان پوءِ ’دلي‘ پهتو(3) .

عالادين بادشاهه، سندس صوبا ۽ سپاهه:

عالادين ’دِلي‘ يا ’دَهلي‘ جو بادشاهه هو(4) . اها عالادين جي ’گجڻي‘ هئي، يعني گادي جو شهر هو(5) . هن شهر جي چوڌاري شاهي ڪوٽ هو، جنهن کي سورهن دروازا هئا(6) جيڪي رات جو بند ٿي ويندا هئا. هن شهر ۾ هڪ بادشاهي باغ هو جنهن جو نالو ”نبي باغ“ هو(7) . بادشاهه وٽ فرياد ڪرڻ لاءِ شاهي ڳرو گهنڊ ٽنگيل هو، جنهن کي گهڻا ماڻهو گڏجي ڇڪي وڄائيندا هئا (پر جنهن کي چنيسر اڪيلي سر ڇڪي وڄايو(1) . جدا جدا بيانن ۾ عالادين بادشاهه کي تـُـرڪ(2) ، عالادين گوري(3) ، مغل گوري (4) ، عالادين مغل(5) يا عالادين پٺاڻ(6) سڏيو ويو آهي. عالادين ٻاگهي جو سڱ گهريو ته جواب ۾ چيائون ته:

تون ترڪ اسين سومرا، اها ڪيئن جوڙ جڳاءِ.

”گوري“ مان مراد ’غوري‘ آهي، مگر دهلي جو سلطان علاؤ الدين ”خلجي“ ترڪن مان هو.

هيٺيان عالادين جا وزير هئا، جن مان ڪي ساڳئي وقت صوبا يا سپهه سالار پڻ هئا:

مانڌن مير وزير سومرو (؟). جنهن کي ٽن روايتن ۾ ’منهندل ملڪ‘، ’مانڌن ملڪ‘ يا ’ماندن ملڪ‘ سڏيو ويو آهي(7) ، جنهن مان ’معين الملڪ‘، يا ’مويد الملڪ‘ جو گمان نڪري ٿو. ٻين جاين تي ساڳيو نالو مانڌن وزير، مانڌل وزير، ماندن، مادن يا مدن وزير (هڪ ڀيرو) جي صورت ۾ آيل آهي. ٻن روايتن موجب هو سومرو هو. چنيسر پاڻ مانڌن وزير کي چيو ته:

’پيءُ ٻنهي جو هيڪڙو، توکي ماندن ڀانيان ڀاءُ‘(8) .

مانڌن، ننگر ۽ منگر کي ڏسي سڃاتو(9) ۽ پوءِ ننگر سان ڳالهائيندي سانڌن چيو ته: ’چنيسر پرچندو ڪونه، باقي دودي توکي موڪليو آهي، سو هاڻي

ننگر! وڍ هتان سر منهنجو، وڃ تون دودل ڏي
مري مانڌن سومرو، تنهن جي ڪچي ڪونه ڪري،

 

تڏهن ننگر به کيس سومرو ڪري سڏيو ته:

سر سلامت سومرا! مانڌن تو بچي
اسم اٿئي الله جو، مون کي هلي ابل پرچائي ڏي(1)

مانڌن ۽ چنيسر جي پاڻ ۾ ياراني هئي(2)، ۽ دودي به ننگر کي چيو هو ته پڻهين کي پرچائڻ لاءِ مانڌن کي ميڙ ڪري وٺي وڃجانءِ(3). مانڌن سومرن جو وڏو خيرخواه هو. چنيسر کي هاٿي جي چڙڻ کان خبردار ڪيائين(4). عالادين کي سفارش ڪيائين ته دودو نه مار(5). عالادين ۽ سومرن جي نزاع توڙي عالادين ۽ چنيسر جي پاڻ ۾ پرچاءُ وقت ڳالهه کي ٽارڻ ۽ ٺارڻ جي ڪوشش ڪيائين(6). مانڌن عالادين جو وڏو صوبو ۽ ”مير وزير“ هو(7).

نظر بيگ وزير. کيس ’ناميو نظر بيگ‘يا ’نظر بيگ وزير‘ يا ’نظر وزير‘ سڏيو ويو آهي(8)، ۽ ڪن روايتن ۾ مانڌن مير وزير وارو ڪردار نظر بيگ سان لاڳو ڪيو ويو آهي. هڪ روايت موجب هو سومرو هو(9)، ۽ ڪن ٻين روايتن موجب هن پر پٺ دودي جي ياري مڃي هئي(10) ۽ سومرن جي ساڻس دوستي هئي(11). ننگر ۽ منگر کي نظر بيگ سڃاتو(12)، ۽ نظر بيگ کي ننگر ۽ منگر ’چاچو‘ ڪري سڏيو. شايد دودي سان دوستي جي ڪري چنيسر جو نظر بيگ تي اعتماد ڪونه هو ۽ انهيءَ ڪري بادشاهه کي چيائين ته نظر بيگ تو کان ڦري ويو آهي ۽ ننگر جي مدد پيو ڪري(13) .

- تمر وزير. تـِـمر، ٽـِـمـِـر، ’تالا تمر‘، ’ٽالا ٽمر‘، تمر راءِ يا تمر بيگ وزير(1) ، جيڪو ساڳئي وقت هڪ وڏو صوبو (گورنر) ۽ سپهه سالار پڻ هو. هو ستن ڳڙهن جو صوبو هو: ڳڙهه پالي، ڳڙهه جوڌپور، ڳڙهه اجمير، ڳڙهه ’ست صوبو‘، ’ڳڙهه ڪائوپير‘، ’ڳڙهه سوناه روپاه‘، ڳڙهه ڳلهڻ واءِ ۽ ڳڙهه آبادي ايراضي نـَـوَ سو هـُـرلا نار (ص 890).  - انور بيگ وزير (ص 24).

- مور وزير، گل بيگ وزير ۽ عطر وزير جيڪي عالادين سان گڏ هئا. پهريان ٻه سپهه سالار پڻ هئا ۽ جنگ لاءِ ننگر تي چڙهيا(2) .

هيٺيان عالادين بادشاهه جا صوبا يا سپهه سالار پڻ هئا:

- سالار خان، عالادين جو پٽ، جنهن کي ’ڀڙ سالار‘ (همت ڀريو) يا ’سورهيه سالار‘ سڏيو ويو آهي، جيڪو محمد سومري سان وڙهيو ۽ مارجي ويو(3) ، يا ابڙي واري جنگ ۾ ابڙي جي ڀائٽيي سٻڙ سان وڙهندي مارجي ويو.

- صوبو سلطان جيڪو ننگر ۽ ڀونگر کي سامهون ٿيو(4) .

- نادر بيگ، عالادين جو سؤٽ، جيڪو دودي ڏي ڄڻ سفير ٿي خط کڻي آيو (ص ص 134، 1220)

- محمد مغل، عالادين جو سالو (ص 780)

- مرزا صوبو، جيڪو ابل (ابڙي) وٽ ويو ته هٿيار ڇڏ (ص 632)

- پٺاڻ حيدر هالاڻي، جيڪو نظر بيگ ۽ مور وزير کان پوءِ ننگر سان جنگ تي چڙهيو (ص 146)(5)

- عالم خان پٺاڻ قلعدار (ص 545)

- صوبو عظيم خان (ص 809)

- محمود خان (ص 51)

- گهرام خان (پٺاڻ) جنهن جي ڀيڻ عالادين جي گهر ۾ هئي (ص 945)

- صوبو حسن خان (ص 51)

- سالار فتح پٺاڻ (ص 937)

- محمد خان حاجي زئي پٺاڻ، يارهن لکن امرائن جو صوبو (ص ص 921، 924)

- حيدر راو پٽ ڪالو راءِ پٺاڻ ڪنڌار جو، جيڪو ”دليءَ جو مير“ هو (92، 124، 137)

- صوبو قنبر، جيڪو مور وزير کان پوءِ ننگر سان جنگ ڪرڻ لاءِ چڙهيو (ص ص 92، 146)

هڪ روايت ۾ ٻيا هيٺيان صوبا ڄاڻايل آهن: سلطان پٺاڻ  جو پٽ هنڊل پٺاڻ، گوهرو پٺاڻ (گهرام خان)، سالار پٺاڻ (سالار خان؟) ۽ نظر پٺاڻ (نظر بيگ؟) (ص 731). ٻين روايتن ۾ مهندل جو نالو هـَـنبل يا هـَـنبس پٺاڻ ڄاڻايل آهي (ص ص 769، 948- 951). عالادين جي لشڪر کي ’مغلن يا مغلن پٺاڻن‘ جو لشڪر سڏيو ويو آهي(1) . هڪ روايت موجب هن لشڪر ۾ ڪاڪڙيجا، حاجي زئي، دُزيبا ۽ سليماني پٺاڻ شامل هئا(2) .

عالادين بادشاهه هڪ وڏي لشڪر سان دودي تي چڙهائي ڪئي. ’ڪوپائي ڪٿا‘ جي سٽاءَ موجب، عالادين جي لشڪر کي مبالغي سان بي انت ۽ بيشمار ڪري بيان ڪيو ويو آهي. سندس لشڪر ’نون يا ڏهن ڇلين وارو‘ يا ’تيرهن تنبو‘ هو(3) : جنهن جي معنيٰ ته جڏهن لشڪر اچي لنگهي تڏهن ڇلي (ڇـَـٻي) يا تنبو (وڏي ڪدو جو) ٽنگي ڇڏيج. پوءِ جڏهن لشڪر جي رَئي واري دَزَ سان هڪ ڇلي يا تنبو سڄو ڀرجي وڃي ته ٻيو ٽنگجي، ۽ اهڙي طرح لشڪر جي تعداد جو اندازو لڳائجي. عالادين جو لشڪر ايترو هو جو نو يا ڏهه ڇٻيون يا تيرهن تنبا ڀرجي ٿي ويا.  ٻئي بيان موجب ”ڇلي“ معني ”ڏهن لکن جي فوج“:

’ڏهه ڇليون سلطان سين، ڇليءَ ڇليءَ ڏهه لک‘

هڪ وڏي شاهي فوج کي ’ديم‘ يا ’ديمي‘ سڏيو ويو آهي. عالادين سان ڪيئي ديميون هيون.

جڏهن عالادين چنيسر کان پڇيو ته ڪيتري لشڪر جي ضرورت آهي، تڏهن چنيسر چيس ته: دودي سان جنگ ڪرڻ وقت ڳڻ ڪرڻ اجائي آهي. باقي دليءَ جي دروازي تي سـَـت - هـَـٿيو گـَـز کوڙائي ڇڏ. گهوڙا دروازي کان نڪرن ۽ جڏهن اهو گز انهن جي لـِـڏ ۾ لٽجي وڃي تڏهن ٻيا گهوڙا ڪڍڻ بس ڪن. بادشاهه پوءِ ٻاهران تنبو هڻايا ۽ گهوڙا نڪرڻ شروع ٿيا (پوءِ ڳالهه کڻندڙ ٿو هنرمندي ۽ ڪاريگري سان بيان ڪري ته) ”رئي ۾ آسمان لٽجي ويو ۽ پکي انڌا ٿي ڪرڻ لڳا، جن کي گهوڙيسوار جهٽيندا، ڪـُـهندا، توبرن ۾ وجهندا وڃن. ايترا گهوڙا نڪتا، جو آخرڪار جن گهوڙن دروازن تي لڏ پئي لاٿي، تن جي لڏ سان گز ڍڪجي ويو. ايترا ته رڳو گهوڙا لشڪر ۾ شامل هئا. ’ڇهن ڇلين‘ جيترا گهوڙا هئا ۽ سڀ عراقي نسل جا، ۽ ٻيا بيشمار اُٺ ۽ هاٿي انهن کان سواءِ:

ڇهه ڇليون عراقي هيون، ٻيا ارڙهن لک اُٺن
پنڌرهن لک پاتشاهه سين، جن جون ڪلنگيون ڪپارن
ٽيهه هزار هاٿين جا حاضري وير هلن(1)

 

عالادين جو لشڪر ايڏو ته وڏو جو ’سٺيا کوه‘ سـُـڪائيندو اَلا ڪاٺ ٻاريندي اَيو:

”اڳيان اچن پيئندا، پويان چڪ چٽن“

اهي سڀيئي ”دودو دودو!“ ڪندا پئي آيا:

نو ڇليون ڏهه لکيون ري رڪيب چڙهن
نو سؤ نقارن جا اٺ سؤ ڀيريون ٻـُـرن
ڪارهن سؤ ٻانگن جا مٿي ونڊ وڙهن
تيرهن سؤ تروڙين جا ٿا اڇا اجاريو ڪن
چوڏهن سؤ چمارن جا ڳليءَ ڳنڍ هڻن
پنڌرهن سؤ پائڪن جا چڱا چاپرو چلن
سورهن سؤ سپاهين يا جيڪي ويهڻ ويل اچن
سترهن سؤ سردارن جا جن تي چونڊيا چؤنر چڙهن
ارڙهن سؤ اٺن جا بلخي بار کڻن
اوڻيهه سؤ اوڏن جا کوهيون خوب کڻن
ويهه سؤ) واڻين جا هٽ هلندي ڪن
ان جو مٿوئي ناه ڪو جيڪي ٽولا ڪيو ٽرڪن
ننڍي وڏي وائي وات ۾، بيٺا   ”دودو“   ”دودو“   ڪن
(1)

 

لشڪر دهلي مان نڪتو، ۽ پئي نڪتو ۽ اڳتي وڌيو تان جو:

”هيڏهون دنگ دهلي جو، هوڏهون ماٿيلو ملتان“(2)

دودو ۽ سندس درٻار:

راڄن جي رضا ۽ رغبت سان، بلڪ سندن يڪراءِ فيصلي ۽ زوردار پٺڀرائي سان دودو روپاه يا وڳـہ ڪوٽ ۾(3) سومرن  جي گهراڻي جي پڳ پيڙهي تي ويٺو هو ۽ سنڌ جو بادشاهه ٿيو هو. ”دودو ڀونگراڻي“ اڳ ٿي گذريو، هيءُ ”دودو دوداڻي“ هو(4) ، جنهن جي نالي وٺڻ سان ماڻهو نهال ٿي ٿيا. ’دودو‘ معنيٰ ’پيارو‘(5) ۽ دودو هو به سڀني کي پيارو. هڪ ته هو تاڃي پيٽي پٽ هو:

’دودو سڄوئي سون جو جنهن کي ريهه رپي جو ناهه‘

۽ ٻيو ته مڙس پنج - هٿيو پهلوان، ڪوپو قداور ۽ دل جو بهادر هو:

’ٻانهون اول وراڻيون، ڇاتي ڇپر کٽ
مڙس مـُـني جيترو، مٿو جنهن جو مٽ!
دودو دوداڻي جي ڪونه جهليندو سٽ!
(6)

 

دودو پڙهيل قابل هو ۽ مطالعي لاءِ ڪتاب هٿ ۾ هوندو هوس(7) . دودي گادي تي ويهندي ئي باغ بنايا، شهر آباد ڪرايا ۽ راڄ رهايا. سندس شاهي باغ جو نالو ’لکي باغ‘ هو(1). سندس درٻار (يا حويلي) وارو ڪوٽ ’ٻالنگ ڪوٽ‘ سڏبو هو(2). دودي جو روپاه جي شهر تي راز هو، ان کي آباد ڪيائين ۽ اتي راڄ رهايائين(3). دودي پنهنجي درٻار قائم ڪئي(4) ۽ وزير مشير صلاحڪار مقرر ڪيا. هيٺيان سندس وزير هئا:

- ساهڙ سومرو جيڪو ساهڙ سلطاني جي نالي سان مشهور ٿيو. هو سومرن جي لشڪر جو وڏو سپه سالار هو(5).

- حيدر سومرو يا حيدر هولاڻي جيڪو محمد سان گڏ جنگ ۾ عالادين جي لشڪر سان وڙهيو(6). ڪن روايتن موجب ”دودي ۽ چنيسر“ جي چاچي جو نالو پڻ ’حيدر‘ هو، جيڪو پڻ کين صلاح مشورو ڏيندو هو(7).

- ٻارڻ (نالي يا ذات جو) وزير(8)، جيڪو پڻ فوج جو سپهه سالار هو(9). هڪ روايت موجب ٻارڻ وزير صلاح ڏني هئي، ته سڀني ۾ وڏي ٻاگهي آهي، پڳ ڪريو سندس حوالي پوءِ جنهن کي ڏئي (ص 1148).

- قابل وزير، جنهن کي دودي موڪليو ته وڃي چنيسر کي موٽائي اچي(10) .

- ڀان (ذات جو) وزير، جيڪو دودي طرفان عالادين وٽ سندس لشڪر ۾ سفير ٿي ويو(11) .

- دوسو مير وزير، جنهن کي دودي وقت بوقت پئي سڏيو ۽ ڪم پئي چيو(1) . ڪن روايتن موجب هو هڪ سومرو امير هو ۽ دودي جو وڏو سالو هو ۽ هن دودي کي سهڻي صلاح پئي ڏني(2) . ٻين روايتن موجب کيس دوسو چناڻي سڏيو ويو آهي، جيڪو دودي جو سالو هو ۽ جنهن دودي کي شراب پياري نشي ۾ پڳ ٻڌائي هئي(3) .

دودي جي سڄڻن مان سندس سالو ’مم ڳاهو‘ هو، جيڪو سوغاتون کڻي سفير ٿي عالادين جي لشڪر ۾ ويو(4) . ٻيو ’مبڀ مهلاڻي‘ هو، جيڪو پڻ سوکڙيون کڻي عالادين ڏي ويو(5) . ٽيون ’مسنگ سومرو‘ يا ’ممگهه موڍاڻي‘ هو، جنهن کي ننگر ۽ منگر سان گڏ دودي سفير ڪري عالادين ڏي موڪليو. هو ’بڪار‘ جو ويٺل هو.

عالادين بادشاهه ڪهڙي طرفان سنڌ تي چڙهي آيو؟

عالادين بادشاهه پنهنجي لشڪر سان دهلي مان چڙهيو ته ڪهڙي طرف کان سنڌ پهتو، ۽ پوءِ سنڌ جي حدن اندر ڪهڙي رستي سان سومرن جي مرڪزي علائقي ۾ پهتو، ان بابت هن ڳالهه جي مختلف روايتن ۾ جيڪي اهڃاڻ ڏنل آهن، تن مان هيٺيان نتيجا نڪرن ٿا: اڪثر بيانن موجب عالادين اتر طرفان ملتان - بهاولپور واري پاسي کان آيو. اتان پوءِ هو يا سڌو ريگستان مان يا ميرپور ماٿيلي کان اڀرندين ناري وارو گس وٺي هيٺ لاڙ طرف روپاهه يا وڳهه وارن علائقن ڏانهن آيو، ۽ يا وري الهندي طرفان اروڙ ۽ سيوهڻ کان هيٺ لاڙ طرف آيو. ٻين ڪن بيانن موجب عالادين بادشاهه ڏکڻ طرفان کنڀات ۽ گجرات کان سنڌ تي چڙهائي ڪئي.

کنڀات ۽ گجرات طرفان عالادين جو اچڻ:  ٻن روايتن موجب عالادين بادشاهه کنڀات ۽ گجرات طرفان سنڌ تي چڙهائي ڪئي:

- ماڻڪ خان چانڊيي جي روايت موجب، عالادين جو لشڪر کنڀات (گجرات) واري پاسي کان آيو ۽ لشڪر ايترو گهڻو هو جو پاڻي پيتائون ته سابرمتي ندي سـُـڪي وئي:

’سابرمتي سـُـڪي وئي، جيڪي کنڀاتئون اچن‘

لشڪر اچي ’روپاهه‘ جي ميدان ۾ لٿو، جتان دودي ڏانهن قاصد موڪليائون. پوءِ لشڪر وڳهه ڪوٽ ڏانهن چڙهيو(1).

- تاج محمد جي بيتن واري روايت ۾ پڻ اڻ سڌيءَ طرح لشڪر جي کنڀات کان اچڻ جو اهڃاڻ ڏنل آهي. لشڪر ايترو گهڻو هو جو پاڻي پي ’سابران ندي‘ (سابرمتي؟) کي سڪائي ڇڏيائون. سنڌ ۾ پهتا ته ’باکر واه‘ به بيهي ويو ۽ پاڻي پورو نه پيو. فوجن پوءِ اچي روپاهه روڪيو، ۽ ائين پئي لڳو ته اجهو اڄ سڀاڻ ٿا گادي جي شهر ’]وڳـہ ڳڙهه[‘ تي قبضو ڪن. اها خبر وڳـہ ڪوٽ  ۾ پهچي چڪي هئي، جو جڏهن ڀاڳو ڀان ڏيڍي تي ننگر کي سڏڻ ويو، ته ننگر جي ماءُ مريم اندران ڀاڳو سان ڳالهائيندي چيو ته:

”بادشاهه ٻڌان ٿي بڪار ۾، جنهن روڪيو تڙ روپاهه
وَرَ تان منهنجي وَلـَـهي، وڃي برحال ٻاري باهه“
(2)

 

ملتان ۽ پتڻ - مناري (بهاولپور) طرفان عالادين جو اچڻ: هڪ روايت موجب، جڏهن عالادين دهلي مان شاهي لشڪر سان چڙهيو ۽ ملتان کان ٿيندو ماٿيلي آيو، ته دهلي کان وٺي ملتان  ماٿيلي تائين يڪو شاهي لشڪر پکڙيو پيو هو:

’هيڏهون دنگ دهليءَ جو، هيڏهين ماٿيلو ملتان‘(3)

ٻئي بيان موجب، عالادين دهلي مان چڙهيو ۽ بالاخر اچي درياءَ تي ’پتڻ - مناري‘ وٽ لٿو(4) . ’پتڻ مناري‘ جا کنڊر ضلعي بهاولپور ۾ آهن، ۽ اهو شهر جنهن ۾ شاهي منارو هو سو هاڪڙي درياءَ جو مکيه پتڻ هو. اهو شهر سومرن جي حڪومت ۾ هو ۽ اتي سومرن جي گهراڻي مان هڪ حڪمران مستقل طور رهندو هو(5) . اتان سنڌ جي سرحدن اندر پوءِ هيٺ لاڙ ڏانهن عالادين بادشاهه جنهن گس سان آيو، ان بابت ٻه جدا بيان ملن ٿا: هڪ ته هو الهندين طرفان اروڙ - سيوهڻ واري رستي سان آيو، ۽ ٻيو ته هو اڀرندي طرفان اڀرندين ناري واري واٽ سان آيو.

(الف) الهندين پاسي کان اروڙ - سيوهڻ وارو گس: عالادين دهلي مان چڙهيو ته اهو پهه ڪيائين ته فوجون سنڌ ۾ پهچي اول ”روڪينديون روپاهه کي“ ۽ پوءِ ”ڪندا ويڙهه وڳـہ ڪوٽ سان“. سنڌ ڏي فوجون پهريائين ڍرڪي لٿيون ”ڍَٽ“ تان، ۽ پوءِ ’خاني واهه‘ کي نظر ۾ رکيائون (’کتيون خاني واهه‘). پوءِ ماٿيلي ۾ مهاڻن جي سردار ساڻن مقابلو ڪيو، جتان پوءِ اروڙ پهتيون، ۽ اتان اڳتي اچي ”سيوهڻ“ سامهيون ٿيون:

”اروڙان لنگهيون، ساباريون سيوهاڻ“

پوءِ فوجون بڪار ۾ اچي خيمه انداز ٿيون. جنگيون سڀ اتي ٿيون، ۽ بالاخر دودي جي مرڻ کان پوءِ اچي ’روپاه‘ تي قبضو ڪيائون(1) .

هن روايت جو سلسلو البت منڌل آهي. اصل متن ۾ پهريائين اروڙ ۽ سيوهڻ جو ذڪر آهي ۽ پوءِ ماٿيلي جو ۽ ان بعد بڪار جو. جيڪڏهن پوئين اُهڃاڻ کي وزن ڏجي يعني ته ماٿيلي کان پوءِ بڪار ڌيان ۾ رکجي ته اها ”بڪار“ روهڙي تعلقي واري ٿيندي. پر جيڪڏهن سڄي گس کي جغرافيائي لحاظ سان سـَـولو ڪري بيهارجي، ته پوءِ سلسلو ماٿيلو - اروڙ - سيوهڻ - بڪار بيهندو. انهيءَ حالت ۾ ’بڪار‘ مان مراد غالباً ”ٻنگار“ ٿيندي، جيڪا لاڙ ۾ آهي.

(ب) اڀرندي ناري وارو گس:

عالادين جو ’تيرهن تنبو‘ لشڪر جتان لنگهيو هوندو، اتان ڪو شاهي گس يا چارو نه بلڪ وڏو ڪو سـَـلهـُـه ٺهي ويو هوندو. سگهڙ بودن فقير ڀنڀري چيو ته: ’(اڀرنديون) نارو عالادين جي فوج جو سـَـلهـُـه آهي‘: يعني ته عالادين جي لشڪر جي لتڙ سان ناري وارو پيٽ يا ڍورو بنيو. اهو اهڃاڻ هن ’ڪوپائي ڪٿا‘ ۾ مبالغي آرائي يا وڌاءَ وارو جز آهي، البت ان مان اهو گمان پڻ اٿي ٿو، ته عالادين اتر طرفان هيٺ سنڌ ۾ ’اڀرندي ناري‘ واري گس سان آيو. اڳئين دؤر ۾ سنڌ اندر ناري توڙي درياءَ جون اٿلون ٿينديون هيون ۽ ڪافي عرصي تائين سنڌ جي وچين وادي پاڻي هيٺ اچي ويندي هئي. انهيءَ ڪري اتران هيٺ لاڙ ڏانهن يا لاڙ مان ٿي اتر طرف ملتان ڏانهن وڃڻ لاءِ عام کليل شاهي گس اڀرندي طرفان هو: يعني ته اڀرندين ناري جي ’سانگن‘ (واهڙن) مان ٻيڙين تي چڙهي نارو ٽپي پوءِ ناري جي اڀرندي طرفان مٿي سـُـڪيءَ تان اتر طرف ميرپورماٿيلي ويندا هئا، ۽ اتان پوءِ ملتان ڏانهن روانا ٿيندا هئا. انهيءَ گس تي ويندي گذريل صديءَ تائين ’راولي واٽ‘ سڏيندا هئا. سورهيه مير شير محمد خان، انگريزن سان ’ڪونهيري‘ ۽ ’اڀ پور‘ وارن آخري مقابلن کان پوءِ انهيءَ ’راولي واٽ‘ سان ئي ميرپورماٿيلي پهتو هو(1). ’راولي‘ (= راو + لي = را + ري = راو + جي = راءِ يا بادشاهه جي) معنيٰ ’شاهي يا بادشاهي‘ ’راولي واٽ‘ يعني ”بادشاهي واٽ“ وارو اهو نالو غالباً آڳاٽي ’بادشاهي رستي‘ جو يادگار آهي. اتر سنڌ کان هيٺ لاڙ ۾ سومرن جي گاديءَ واري مرڪزي علائقي تائين پهچڻ لاءِ ناري وارو اهو گس ئي وڌيڪ سولو ۽ سڌو هو. هڪ ڪچهري(2) ۾ سگهڙ شير خان چانڊيي چيو ته: اسان ٻڌو آهي ته عالادين بادشاهه ’چـَـرَ‘ (ضلعي ٿرپارڪر ۾ ’ڪـُـنري‘ لڳ) کان آيو. اها انهيءَ وقت جا ڪا ’کاهي‘ هئي، جيڪا پوءِ ”چر“ سڏجڻ ۾ آئي. ”چـَـرَ“ کان پوءِ ”ڍوري“ (اڀرندين ناري) جي ”روهلڙي واري گهيڙ“ کان مٽيو.

موجوده تحقيق دوران هن ڳالهه جي قلمبند ڪيل اڪثر روايتن ۾ اڀرندين ناري واري انهيءَ گس جا اهڃاڻ پئي مليا. هيٺين لاڙ ۾ عالادين ڪيئن آيو ۽ ڪٿي پهتو، ان بابت هيٺيان بيان ملن ٿا:

* عالادين ”پتڻ مناري“  وٽان (هاڪڙو) درياء ٽپيو ۽ ان کان پوءِ ”دودي جي ديهه“ (حڪومت جي مرڪزي علائقي) ۾ پهتو، جتي ’ونگو‘ ۽ ’ولهار‘ ٻه ڀاءُ هئا، جيڪي دودي جا خابرو هئا ۽ ڏينهڪ سؤ ڪوهه تان سڄي خبر آڻيندا هئا، انهن اچي دودي کي ٻڌايو، ته عالادين لشڪر سان چڙهيو ٿو اچي(3) . ونگو ۽ ولهار ماڻهن جا نالا ڪري ڄاڻايل آهن، پر اهي مشهور جغرافيائي ماڳ آهن، جيڪي اڃان تائين موجود آهن. ونگو ”اڀرندين ناري“ جو مشهور پتڻ هو. ’پراڻ‘ درياءَ ۽ اڀرنديون نارو ’ونگي‘ وٽ وڃي ملندا هئا. ’وَلهار‘ جي جـُـوءِ پڻ ڪـَـڍڻ (تعلقو بدين) ۽ بـَـڙ واري ڍوري جي آسپاس آهي.

* عالادين جو لشڪر ”پتڻ“ ٽپيو ۽ پوءِ اچي ’لکي باغ‘ ۾ لٿو. اتان پوءِ عالادين چڙهيو ۽ اچي بڪار ۾ لٿو(1) .

* عالادين فوج سان سنڌ جي سرحد کي ويجهو پهتو. اتي ڪو درياءُ وهندڙ هو، جنهن تي ٻنڌ جوڙي راس ڪيائون ۽ لشڪر پار ٽپيو:

ڇهه مهينا ڇهه راتيون، ٻنڌ جڙي آهي

ٻنڌ جڙي راس ٿي، لشڪر پار ٽپيو.

درياءَ ٽپڻ کان پوءِ، اڳتي لشڪر اچي دودي جي سرحد کي پهتو(2) .

* عالادين چڙهيو ته سندس لشڪر دهلي کان وٺي ملتان ۽ ماٿيلي تائين پئي هليو. ان وقت يا ان کان اڳ عالادين جي وزير تمر جو هيٺين قلعن تي قبضو هو: ڳڙهه جوڌپور، ڳڙهه نيهڙ واهه (يا نيهڙ وانءِ)، ڳڙهه ڪارو نارو ۽ ڳڙهه ’بانڪو شاهه بخاري.‘ انهن مان ’ڳڙهه ڪارو نارو‘، اڀرندين ناري واري مٿئين (موجوده ضلعي خيرپور ۽ سکر) وهڪري واري اراضي جو اهڃاڻ آهي.

* عالادين جو لشڪر ڍٽ کان ڍريو ۽ سڌو روپاهه تي آيو. ٻاهران ويرم فقير پاهوڙي پنجن سوَن فقراء سان جنگ ڏني ۽ پوءِ بادشاهه اچي روپاهه شهر جي ٻاهران لٿو:

نوَ ڇـَـليون ڏهه لک، ڍَريا مٿي ڍَٽ

پاڻي پاتاڪن ۾ مٿي هاٿين هٽ

صبح ڏيندا سٽ، روڪايون روپاهه تڙ(3)

* عالادين ۽ سندس لشڪر دهلي مان چڙهيا ۽ اچي ’رڻ ڪنڌيءَ‘ لٿا. اتان سندن ارادو سڌو روپاهه تي قبضي ڪرڻ جو هو. عالادين دودي ڏانهن پيغام طور چوائي موڪليو ته:

”آءٌ روڪيندس تڙ روپاهه جا،

تنهنجي سنڌ ڏيان آءٌ سٽ“.

پوءِ اُتان (ڪنهن درياءَ جي) ’پتڻ‘ تي پهتا، جتي ’نيڻ‘ ۽ ’ڍڪڻ‘ مقابلو ڪيو(1) . اڳتي وڌڻ جو اهڃاڻ ڪونهي، پر ٻئي طرف ڄاڻايل آهي، ته ننگر کي سامهون ٿيڻ لاءِ اچي ”سوراسي جي ڪنڌيين“ تنبو کوڙيا(2) .

* عالادين دهليءَ مان چڙهيو ۽ سندس فوجون ’ڍٽ‘ تي اچي ڍريون. سندن مقصد ته ’تڙ روپاهه جا‘ روڪين ۽ پڻ سڄي سنڌ تي قبضو ڪن. پوءِ عالادين جو لشڪر ’هاڪڙي ڍوري‘ تي پهتو. هاڪڙي  اُڪرڻ بعد ’ويرم پائلي‘ لشڪر کي روڪيو مقابلو ڪيو. ان کان پوءِ سـِـينهائي، ڦـَـرهي، دَڙيلي ۽ ڊينگاڻ جي ميئن ميربحرن مقابلا ڪيا ۽ جيڪي ماريا تن جو ’مڙهيري مقام‘ (ٻه ميل جـِـهلوري کان اتر - اوڀر) ٿيو. سينهائو ۽ ڦرهو (سانگي ڦرهو) ٻئي جهڏي گدام کان ڏکڻ اولهه ۽ پراڻ کان اولهه طرف آهن. دڙيلو چانڊين وارو، سو به ڍوري پراڻ کان اولهه طرف آهي. ڊينگاڻ ڀرڳڙين واري جيمس آباد/ ساماري تعلقي ۾ مشهور آهي. ان بعد ٻين مقابلا ڪيا. ’سيڙهي‘ مائي مهاڻي دودي ڏي ماڻهو موڪليو. ’سيڙهي‘ جي نالي سان پتڻ ڍوري (اڀرندي ناري) تي ’نئين ڪوٽ‘ کان ڏکڻ طرف موجود آهي. بالآخر عالادين جو لشڪر ’بڪار‘ جي ٻاهران اچي لٿو(3) .

عالادين ۽ سومرن جي وچ ۾ جنگيون:

عالادين ۽ سومرن جي وچ ۾ وڏيون جنگيون ڪهڙي جاءِ تي لڳيون، ان بابت مختلف روايتن ۾ جدا جدا بيان ڏنل آهن. مجموعي طور سان هيٺين چئن يا پنجن ماڳن جا نالا ڄاڻايل آهن.

* روپاهه: ڳالهه جي آڳاٽين روايتن مطابق سومرن جي راڄ ۽ گادي جو شهر ’روپاهه‘ هو، انهيءَ ڪري انهن روايتن ۽ انهن سان ملندڙ ٻين بيانن موجب وڏيون فيصلو ڪندڙ جنگيون پڻ روپاهه جي آسپاس لڳيون. عالادين جي لشڪر جو رخ منڍان ئي دودي جي گادي جي شهر ’روپاهه‘ تي هو. مقصد هون ته هو اتي پهچي پهريائين ’روپاهه جا تڙ‘ روڪين يعني ته روپاهه جي پاڻي ۽ آبادي تي قبضو ڪن ۽ پوءِ روپاهه فتح ڪري، وڳـہ تي چڙهائي ڪن. عالادين جو لشڪر ڍٽ کان هيٺ ڍريو ته دودي ڏي چوائي موڪليائين ته:

’دودا! ديميون آئيون ڍريون مٿي ڍٽ:
روڪيان تڙ روپاهه جا، تنهنجي سنڌ ڏيان سٽ
(1)

بهرحال عالادين جي فوجن جو ارادو پڪو پختو هو:

هي بانڪا ٿيڪ بهار، هلي روڪيندا روپاهه کي(2)

--

صبح ڏيئي سٽ، هلي روڪينديون روپاهه کي(1)

--

روڪيندا روپاهه، هلي ڪندا ويڙهه وڳـہ جي ڪوٽ سان(1)

عالادين روپاهه تي چڙهي آيو ۽ ڄڻ شهر جي ٻاهران اچي لٿو(3) ، پر اتي ڪهڙي ماڳ تي اچي ڇانوڻي هنيائين ان بابت ٻه جدا اَهڃاڻ ڏنل آهن: هڪ ته هن ’اَڳها‘، ’آڳاها‘ يا ’آڳياهه‘ جي ماڳ وٽ اچي جنگ جو ميدان مچايو، ٻيو ته هن ’ويرا واهه‘ جي ميدان وٽ اچي جنگ لاءِ صف آرائي ڪئي. اهي ٻئي ماڳ ميدان روپاهه کان ڪجهه مفاصلي تي هئا. سامي شاعر جي ڳاهن واري (لاڙ جي ڀانن جي) روايت مطابق، جيڪا غالباً سڀ کان آڳاٽي روايت آهي. عالادين اچي ’اڳهاوڻن‘ يا ’اڳياهه - وڻن‘ ۾ منزل انداز ٿيو:

اچي ’اَڳـَـها - وڻن‘ ۾ ڪـَـر ڳل ڪيو ڪنڌار

کاهي کڻائي ’کپ‘ تي ڦيري ’ڦـِـٽوڻ‘ ڌار(4)

هن ساڳي روايت ۾ ڄاڻايل آهي، ته دودي به اتي ئي جنگ ڏني:

اچي ’اَڳياه - وڻن‘ ۾، تندن ڏنائون تاڻ
مرد ٿيا مقابلي، وَنڪين لڳا واڻ
(1)

 

علي محمد ڀان پنهنجي بيان ۾ هن ساڳي روايت جي وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو ته: عالادين جو لشڪر اچي ’اڳياهه‘ وٽ لٿو ۽ اتي چوڌاري کاهيون کڻائي جنگ جي تياري ڪري ويهي رهيو. اهو ماڳ روپاهه کي ويجهو هو(2) . اسان کي پنهنجي تحقيق دوران پڇا ڪندي معلوم ٿيو ته هڪ ’اَڳها جي ڇـَـن‘ بدين کان اولهه طرف ۽ ’ترائي‘ جي ڏکڻ ۾ آهي ۽ ان ’اڳهاڇن‘ جي ڀرسان ’ڦٽوڻ‘ نالي هڪ ڳوٺ پڻ موجود آهي.

ٻي روايت، جيڪا حيدرآباد جي ميراثين جي آهي ۽ جنهن ۾ باوجود نوَن اضافن ۽ واڌارن جي ڪي آڳاٽا اَهڃاڻ موجود آهن، ان موجب پڻ عالادين پهريائين اچي ’روپاهه جي ميدان‘ ۾ لٿو ۽ اتان پوءِ وڳـہ ڪوٽ وڃڻ جو ارادو هوس(3) . اڳتي انهيءَ ميدان کي ’روپاهه واهه‘، ’ويرا واهه‘ يا ’ويرا واهه جو ميدان‘ چيو ويو آهي. ننگر مقابلي لاءِ آيو ته ’روپاهه واهه‘ يا ’ويرا واهه‘ تي اچي لٿو(4) :

’تنبو دوداڻين جا، کـُـتا ويرا واهه‘

چنيسر به ننگر ۽ منگر کي عالادين جي اڳيان ڪڍي حفاظت سان ’ويرا واهه‘ ۾ سندن تنبن ۾ وٺي آيو. جنگ جو ميدان به ’ويرا واهه‘ لڳ هو:

منگر ڪيائين ڪوڙي ۾ ننگر ڀاڪر پاءِ
وٺي آيو پانهنجا، اچي ويڙهيائين ويرا واهه
چئي: ننگر هي تنبو آهن اوهان جا، هو اٿو جنگ جي جاءِ
(5)

 

ٻئي طرفان عالادين جي سپهه سالار بانڪي برخورداربه قصد ڪيو ۽ چيائين ته:

آءٌ سڀاڻي سويل چڙهي اچي ويڙهيان ويرا واهه(1)  ۽ پوءِ شيدي چڙهيا سي به:

اچي لٿا ويراهه تي، روپاهه جي ميدان(4)

انهن اهڃاڻن مان ظاهر آهي ته ’روپاهه جو ميدان‘ ۽ ’ويرا واهه‘ ڄڻ ساڳي ڳالهه هئا. يعني ’روپاهه واري جنگ جي ميدان‘ جو نالو ’ويرا واهه‘ هو. اهو ميدان ’بڪار جي ٻيلي‘ (= ٻنگار جي ٻيلي) لڳ هو، ڇاڪاڻ جو ميدان مان جڏهن شيدي ڀڳو، تڏهن بڪار جي ٻيلي جي ڀر ورتائين(2) . فقير مولا بخش واري روايت جنهن ۾ ”ويرا واهه“ ۽ ”روپاهه جي ميدان“ ۽ پڻ انهيءَ ميدان جو ”بڪار لڳ ٻيلي“ جو ذڪر آهي، تنهن ۾ وڌيڪ ڄاڻايل آهي ته عالادين جو ’شڪاري‘ سپهه سالار جڏهن جنگ تي چڙهيو ته هن جي هـَـلان ڄڻ روپاهه تي هئي، يعني ته جنگ کان پوءِ هو روپاهه لٽيندو، پر جڏهن شڪاري جنگ مان ڀڳا ته ’سنڌڙي‘ ٽپي وڃي ٻيءَ ڀر ساهه کنيائون(3) . سنڌڙي ۽ وڳهه ڪوٽ کان اتر بدين جي طرف اسان کي ٻيو ڪو ’ويرا واهه‘ معلوم نه ٿي سگهيو. هڪ ’ويرا واهه‘ ننگر پارڪر طرف آهي، جيڪو ’روپاهه‘ کان پري ٿيندو. ٿي سگهي ٿو ته ’ويرا واهه‘ شايد ’وڻراهه‘ جي بدليل صورت هجي ۽ ’وڻراهه‘ ساڳي ’اڳياهه وَڻن‘ واري وڻراهه هجي. ننگر ۽ دودي جون جنگيون انهيءَ ”اڳياه وڻن“ واري ميدان يا روپاهه جي ويرا واهه واري ميدان ۾ ٿيون ۽ ننگر جي مارجڻ کان پوءِ، سندس لاش ”روپاهه“ موڪليائون. دودي جي مارجڻ کان پوءِ پڻ عالادين جي لشڪر روپاهه کي لٽيو ۽ پڻ چنيسر به ’روپاهه ڪوٽ‘ (حويلي) ۾ ويو جيڪو خالي ڏٺائين، ڇاڪاڻ جو سومريون اتان اڳ نڪري چڪيون هيون(4) .

وڳــہ ڪوٽ: ڪن روايتن موجب عالادين جو لشڪر سڌو وڳـہ ڪوٽ تي چڙهيو ۽ شهر جي ويجهو اچي لٿو(5) ۽ جنگ به وڳـہ ڪوٽ جي ڀرسان لڳي(6) . پوءِ جڏهن دودو ماريو ته عالادين جي لشڪر وڳـہ ڪوٽ جو شهر ڦريو(7) .
هڪ روايت موجب دودو چڙهيو ته اچي ’ويرا واهه‘ تي لٿو، پوءِ جنگ وڳهه ڪوٽ لڳ ٿي
(1) .

ٻنگار: ڪچهرين ۾ ڪن سگهڙن پنهنجن زباني بيانن ۾ چيو ته عالادين بادشاهه ”ٻنگار“ ۾ اچي لٿو، جنگيون به اتي لڳيون، ۽ ننگر ۽ دودو به اتي ماراڻا. جمعي مهاڻي جي روايت ۾ ڄاڻايل آهي، ته عالادين چڙهيو ته اچي ”ٻنگار“ ۾ لٿو، ۽ اتان وڳهه ڪوٽ ڏانهن دودي ڏي خط لکيائين(2) . شاعر سامي جي آڳاٽين ڳاهن واري روايت ۾ پڻ ”ٻنگار“ جو نالو کنيل آهي:

ستين ڏينهن، سامي چئي، چڙهيو مير متار
تنهن سين نڪا پارلوسيا، ٻـَـرئو ”ٻيٽ ٻنگار“
(3)

 

يعني ته جڏهن عالادين ڪٽڪ وٺي چڙهيو، ته ’لنڪا‘ واري ڏِس تي يعني ڏکڻ طرف لاڙ ڏانهن ملڪ لهسجي ويا ۽ ’ٻنگار جو ٻيٽ‘ (جنهن تي عالادين چڙهي آيو ۽ جنهن ۾ اچي لٿو سو ته) ٻري ويو.

ٻنگار جي ديهه هن وقت تائين تعلقي ٽنڊي باگي ۾ موجود آهي. اها پنگريي کان ٽي ميل کن اڀرندي ۽ پراڻ درياءَ واري ڍوري سان لڳولڳ الهندي طرفان آهي(4) . ٻي ٻنگار، بدين تعلقي ۾ ’بنڀالي‘ (جيڪا بدين کان ٽي ميل اولهه - ڏکڻ طرف هڪ وڏي سيم ۽ ڍنڍ آهي) کان ٽي ميل ڏکڻ - اولهه طرف آهي. موجوده دؤر ۾ ٽنڊي باگي تعلقي جو سڄو اڀرنديون ڀاڱو، جيڪو ڍوري پراڻ سان لاڳو آهي، سو ’ٻنگار‘ ۾ شامل سڏجي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته آڳاٽي وقت ۾ پراڻ درياءَ کان وٺي الهندي طرف ويندي بنڀالي تائين ۽ هيٺ ويندي ڀٽاري تائين جتي پراڻ ۽ هاڪڙو ڍورو گڏجن ٿا، سڄي اراضي ٻنگار جي هجي. ان وقت اها سڄي اراضي يا ان جو وڏو ڀاڱو، پراڻ درياءَ ۽ ٻئي ڪنهن وڏي ڍوري (ريڻ؟) جي وچ ۾ ٻيٽ مثل دو - آبو هجي ۽ انهيءَ ڪري ان کي ’ٻيٽ ٻنگار‘ سڏيو ويو. بهرحال ٻنگار هڪ وڏي آباد اراضي هئي، جنهن ۾ ’ٻارهن تڙ‘ هئا. چنيسر کي دودي ’ٻارهن شهر ٻنگار جا‘ ذاتي جاگير طور آڇيا هئا(1). چنيسر کي موٽائڻ لاءِ ننگر ميڙ ڪري موڪليائين ۽ چيائين ته:

ٻارهن شهر ٻنگار جا ڀلي خان کڻي کائي
نوين لکين جي سنڌڙي، اچي هٿ سان هلائي

(ص 815)

نه فقط ايترو پر عالادين پڻ ٻنگار جي آباديءَ جي هاڪ ٻڌي هئي ۽ ’ٻنگار جا ٻارهن شهر‘ پنهنجي خادم حسڻ گاهي کي جاگير طور معاف ڪري ڏيڻا ڪيا هئائين(2). غالباً ٻنگار هڪ پرڳڻو هو ۽ ان پرڳڻي جي مکيه شهر جو نالو پڻ ٻنگار هو. هڪ بيان ۾ ڄاڻايل آهي، ته چنيسر جڏهن دهلي ۾ هو ته موهن سوناري جي ڌيءَ، جيڪا اصل ٻنگار شهر جي هئي، پر دهليءَ ۾ پرڻايل هئي، تنهن چنيسر کي سڃاتو. چنيسر جڏهن کانئس پڇيو ته چيائين ته:

’ويٺل شهر ٻنگار جي، موهن منهنجو پياء‘

(ص 502)

اهو شهر ڪهڙي ماڳ هو سو چئي نٿو سگهجي. پر موجوده ’ديهه ٻنگار‘ سان لاڳو ڏکڻ - اولهه طرفان ’ديهه احمداڻي‘ آهي جنهن ۾ پراڻ درياءِ جو آڳاٽو ’باغ وارو پتڻ‘ آهي جتي هڪ جهوني بستي جا آثار آهن، جتان پراڻيون شيون ۽ سڪا لڀن ٿا. ٿي سگهي ٿو ته اهو (يا ڪو ٻيو پراڻو پڊ) ’ٻنگار جو شهر‘ هجي. ٻنگار جي اها آباد اراضي هڪ ته وڏي بادشاهي لشڪر جي لهڻ لاءِ موزون هئي ۽ ٻيو ته روپاهه واري مرڪزي علائقي (تعلقو بدين) کان گهڻو پري ڪانه هئي.

بڪار گهڻين روايتن ۾ ائين ڄاڻايل آهي ته عالادين بادشاهه اچي ”بڪار“ ۾ لٿو. غور ڪندي معلوم ٿئي ٿو، ته غالباً آڳاٽي وقت ۾ هلندڙ ڳالهه ۾ ’ٻنگار‘ هو، پر پوءِ جي بيانن ۾ نالي جي هڪجهڙائي سببان ’بڪار‘ نالو آندو ويو. جن بيانن ۾ ’بڪار‘ نالو آندل آهي، انهن مان هڪڙا اهڙا آهن جن ۾ ڄڻ ’ٻنگار‘ کي ’بڪار‘ چيو ويو آهي. يعني ته اصل مراد ’ٻنگار‘ آهي، پر ’بڪار‘ ڪري ڄاڻايو ويو آهي. البت ٻيا اهڙا بيان آهن جن ۾، ’ٻنگار‘ کان الڳ، بڪار جو نالو هڪ جدا پرڳڻي يا شهر طور آندو ويو آهي. هيٺيان بيان جيڪي هن کان اڳ عالادين جي چڙهي اچڻ جي سلسلي ۾ اچي چڪا آهن(1) تن ۾ جيتوڻيڪ ’بڪار‘ جو نالو آيل آهي، مگر ان مان مراد ’ٻنگار‘ ئي آهي، جنهن جو اسان مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون.

* گجرات يا کنڀات طرفان عالادين جي اچڻ وارن بيانن مان ظاهر آهي، ته هو روپاهه جي ميدان ۾ اچي لٿو، اهو ٻڌي ننگر جي ماءُ چيو ته

’بادشاهه ٻڌان ٿي بڪار ۾،

جنهن روڪيو تڙ روپاهه‘

’بڪار‘ مان مراد ’ٻنگار‘ آهي، ڇو ته اهائي روپاهه کي ويجهي هئي. ’ٻنگار‘ وارو لشڪر ئي روپاهه جو ڪو تڙ جهلي سگهي ٿو.

* اروڙ ۽ سيوهڻ واري طرف کان عالادين جي اچڻ واري بيان ۾ ڄاڻايل آهي، ته سيوهڻ کان پوءِ، هو بڪار ۾ پهتو:  يعني ته بڪار سيوهڻ کان به هيٺ لاڙ ۾ هئي. انهيءَ انداز موجب ’بڪار‘ مان مراد ’ٻنگار‘ ٿيندي.

* عالادين جو لشڪر ونگي ۽ ولهار طرفان آيو، پتڻ ٽپي اچي ’لکي باغ‘ ۾ لٿو. پوءِ اتان چڙهيو ۽ اچي ’بڪار‘ ۾ لٿو. ونگي ۽ ولهار جي نالن مان پراڻ درياءَ جي ’باغ واري پتڻ‘ ۽ ان جي پويان ’لکي باغ‘ جي نالي ڏانهن گمان وڃي ٿو. اهي اُهڃاڻ انهيءَ طرف رهنمائي ڪن ٿا ته ’بڪار‘ مان مراد ’ٻنگار‘ آهي.

* عالادين هاڪڙي ڍوري ٽپڻ بعد ’سينهائي‘ ۽ ’سانگي ڦرهي‘ کان، يعني ته جهڏي گدام ۽ پراڻ جي اولهه طرفان، اڳتي وڌيو. ٻيو اُهڃاڻ ’سيڙهي‘ جي نالي سان هاڪڙي ڍوري جي پتڻ جو آهي، جيڪو پڻ ’نئين ڪوٽ‘ کان ڏکڻ طرف آهي. انهيءَ رخ تان لشڪر آيو، جيڪو بالآخر اچي ’بڪار‘ ۾ لٿو. ظاهر آهي ته انهيءَ ’بڪار‘ مان مراد ’ٻنگار‘ ئي آهي.

* ننگر جو وڳهه ڪوٽ مان چڙهڻ ۽ منزلون ڪري ’بڪار‘ پهچڻ وارن بيانن مان پڻ ڪي بيان اهڙا آهن جن ۾ ’بڪار‘ مان مراد ’ٻنگار‘ ئي آهي. مثلاً:

* عالادين بادشاهه جو هاڪڙي ڍوري ۽ پوءِ سينهائي ۽ سانگي ڦرهي واري پاسي کان ۽ بالآخر ’بڪار‘ (ٻنگار) پهچڻ واري روايت صابر نوحاڻي جي آهي. ان ساڳي روايت ۾ ڄاڻايل آهي، ته ننگر وڳهه ڪوٽ مان نڪتو ۽ پوءِ گونگي تڙ، روپاهه ۽ مهراڻي جون منزلون ڪري اچي ’بڪار‘ پهتو. اها بڪار ساڳي ’ٻنگار‘ چئبي.

* ٻين بيانن ۾ ڄاڻايل آهي، ته ننگر بڪار ڏانهن ايندي ’ويرا واهه‘ پهتو يا سندس يار اچي ’ويرا واهه‘ تي چؤنڪي ٿيا(1). ’ويرا واهه جو ميدان‘ ساڳيو ’روپاهه جي جنگ وارو ميدان‘ ۽ انهيءَ مناسبت سان پڻ ’بڪار‘ مان مراد ’ٻنگار‘ وٺجي جو اها نسبتاً روپاهه جي حدن کي ويجهي هئي.

مٿين بيانن کان سواءِ ڪن ٻين روايتن ۾ جنهن ’بڪار‘ جو ذڪر اچي ٿو، سا ’ٻنگار‘ ناهي بلڪه ’بڪار‘ ئي آهي، جنهن جا حوالا هيٺين طور ڏنل آهن:

* عالادين دهلي مان چڙهيو ۽ اچي ماٿيلي وٽ دهلي ۽ سومرن جي حڪومت جي دنگ تي لٿو. هتان ننگر چڙهيو، سو به اچي بڪار ۾ لٿو. هن بيان کي وهڃائيندي، سگهڙ ميان غلام حسين ڪلهوڙي چيو ته اِها بڪار اُها جيڪا روهڙي کان مٿي آهي (ص ص 510، 520 ۽ 553).

* بڪار جو شهر سرحد تي هو: اورئين (ڏاکڻيين) پاسي دودا (سومرا) هئا ۽ پرئين (اترئين) طرف عالادين جي حڪومت هئي. بڪار جو شهر سومرن جي حڪومت جي اندر هو (ص ص 522، 807).

* ’بڪار‘ جو حاڪم دلوراءِ  هو (ص ص 443، 523). ’دلو راءِ‘ جي حڪمراني جي نسبت ’اَروڙ‘ سان آهي، جنهن جو بيان ’سيف الملوڪ‘ واري ڳالهه ۾ آهي، جيڪا ’تاريخ طاهري‘ جي مصنف بيان ڪئي آهي. انهيءَ لحاظ سان ’بڪار‘ پڻ اروڙ طرف هئي.

انهن ۽ ٻين اهڙن بيانن مان ظاهر آهي ته بڪار مان مراد اها بڪار آهي، جيڪا روهڙي ۽ پني عاقل تعلقن جي حدن اندر آهي. روهڙي تعلقي جو ڏکڻ - اڀرنديون ڀاڱو ۽ پني عاقل تعلقي جو ڏکڻ - الهنديون ڀاڱو سڄي ’بڪار‘ جي اراضي آهي، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ، واهڻ ۽ وسيون شامل آهن: شيرو جن جو ڳوٺ، صالح پـَـٽ، ڍَنڍي، تلور يا تروڙ، جـَـنـُـوجي، شاهي پٽ، سيراهي، راٺادين، اَڪـُـوهـَـر، لـَـڙها، ڪوٽڙي ۽ سنگرار جيڪو موجوده بڪار جاگير جو مرڪزي شهر آهي. بڪار جاگير ۾، آڳاٽي وقت کان وٺي هڪ ڍنڍ ’چنيسر جي ڍنڍ‘ سڏجي. اڳئين وقت ۾ بڪار شايد ڪو وڏو پرڳڻو هو، جيڪو ناري جي اڀرندين ڪنڌي سان هيٺ ڏکڻ طرف ويندي، موجوده سانگهڙ ضلعي جي حدن تائين پکڙيل هو، جتي هن وقت پڻ هڪ وڏي شاهي اراضي ’بڪار‘ جي نالي سان سڏجي ٿي.

”ٻنگار“ ۽ ”بڪار“ جي ماڳن ۽ حدن جي مٿين وضاحت بعد هن نتيجي تي پهچجي ٿو، ته عالادين بڪار واري پاسي کان آيو پر آخري جنگيون  ”ٻنگار“ ۾ ئي لڳيون هونديون، ڇاڪاڻ جو اهو علائقو سومرن جي گادي جي شهرن روپاهه ۽ وڳـہ ڪوٽ کي وڌيڪ ويجهو هو ۽ عالادين پڻ روپاهه ۽ وڳـہ تي ئي ڪاهه ڪئي هئي.

عالادين کي آڻڻ کان پوءِ چنيسر جو ڪردار:

چنيسر کي طعنن تپائي کنيو هو جو دهلي دانهين ويو. اتي ٻارهن - چوڏهن سال کن رهيو ۽ لوڻن ۾ اڇا پئجي ويس(1). شروع واري عرصي ۾ دودي ڪي قاصد ڏانهس موڪليا(2)، پر پوءِ چنيسر جي چوڻ موجب ڪوبه ماڻهو وٽس ڪونه آيو ۽ ڪنهن به سندس پوئواري ڪانه ڪئي(3). تڏهن حيلا هلائي عالادين بادشاهه کي مڃايائين ته شاهي لشڪر ساڻ ڪري ساڻس گڏجي هلي دودي تي چڙهائي ڪري، چنيسر هيڪر بادشاهه کي دانهن ڏيئي چاڙهي وٺي ته (4) . ساڳئي وقت ساڻس جيڪا جاڙ ٿي هئي، تنهن جي بدلي وٺڻ جو جذبو پڻ منجهس موجود هو. عالادين کي سنڌ ۾ آڻڻ کان پوءِ چنيسر جو ڪردار انهيءَ ڪشمڪش جو بنياد بنيو. هڪ طرف حيلي ۽ حرفت سان عالادين کي پنهنجي قبضي ۾ رکڻ ۽ ضد ۽ شدت وچان دودي ۽ ٻين کي ختم ڪرائڻ تي ڪمرڪشي بيٺو، ٻئي طرف وري غيرت ۽ ننگاوت جي جذبي کان پنهنجن جي گلا ۽ گهٽتائي نه سهڻ، کين وقت بوقت خبرون پهچائڻ ۽ صلاحون ڏيڻ لڳو ۽ آخرڪار عالادين سان جنگ جوٽڻ کان به نه مڙيو.

عالادين کي دهلي مان چاڙهي سنڌ ۾ آڻڻ کان پوءِ، چنيسر جو عالادين تي پورو قبضو رهي ٿو:

چئي: سيري آندو مانءِ سنڌ ۾، هتان ڪيئن ڇڏيانءِ
جي هتان موٽئين پوئتي ته منهنجا سورهن ڪاڄ سڌاءِ
(1)

 

هو دودي ۽ ٻين جي همت ۽ بهادري بيان ڪري، عالادين ۽ سندس صوبن تي رعب ۽ هيبت ويهاري ٿو(2) . ٻئي طرف وير وٺڻ واري جذبي هيٺ هو عالادين ۽ سندس سپهه سالارن کي اٽڪلون ڏسي ٿو، ته ننگر، محمد، هاسي سوڍي يا دودي کي ڪهڙي ريت مارجي(3) . باوجود انهيءَ جي عزت ۽ ننگاوت وچان، پرپٺ دودي ۽ ٻين جي نيڪي ناموس ڳائي ٿو(4) ۽ سومرن جي ڪابه گلا نٿو سهي(5) . دودي جي پاران بادشاهه سان ڳالهائي ٿو(6) . سومرن جي طرف جي سرسي ۾ خوشي ٿئي ٿو(7) . پنهنجن جي گهٽائي نٿو سهي: جڏهن عالادين جو صوبو گهرام خان ننگر تي حملي لاءِ سنڀريو، ته ان کي روڪي چيائين ته تون ننگر جو مٽ نه آهين:

پـُـٽ مارائيندس ڪينڪي گيدي تو هٿاءِ(8)

چنيسر، دودي کي وقت بوقت عالادين جي ارادن جون خبرون پهچائي ٿو ۽ کيس سجاڳ ٿيڻ ۽ پاڻ سنڀالڻ جون صلاحون ڏئي ٿو(1) . پنهنجن جي مارجڻ جو کيس ڏاڍو ڏک ٿئي ٿو ۽ پاڻ جوش مان ترار کڻي في الحال عالادين جي لشڪر ۾ ڪاهي پوي ٿو، جيتوڻيڪ پوءِ عالادين کي عذر ڏئي ٿو ته سندس مغز جاءِ نه هو(2) .هو پنهنجن جا لاش ڍڪائي سينگاري پوئتي اُماڻي ٿو، يا خود پاڻ لاشن سان گڏجي وڳـہ ڪوٽ وڃي ٿو(3) : نه فقط ننگر ۽ ٻين سومرن سربراهن جا، پر ويندي دُوري ڀان جو لاش پڻ سينگاري اماڻي ٿو(4) .

 

***


(1) مشهور ڳاهه جيڪا ٿوري ڦيرڦار سان مختلف روايتن ۾ آيل آهي، ص ص 639، 692، 705، 905.

(2) ص ص 492، 693، 860، 864، 955.

(3) ص ص 792، 883، 905.

(1) ص 440.

(2) ص 792.

(3) ص ص 76، 692، 883.

(4) ص 883.

(5) ص 14.

(6) ص 849.

(1) ص 40.

(2) ص 493.

(3) علي محمد مري جي روايت، ص 885.

(4) ص 850.

(5) ص ص 643 - 644، 849 - 850، 909، 964.

(6) ص 794. اصل بيان ۾ ائين ته چنيسر آيو ڪونه باقي اهو گفتو گهر ويٺي ڪيائين.

(7) ص ص 644 ۽ 885. ٻاگهي پڻ دوسو چناڻي ۽ ٻين کي پٽيو ۽ پاراتا ڏنا (ص 909).

(8) ص ص 909 ۽ 964.

(1) ص ص 641، 707، 907.

(2) ص 467.

(3) ص 641.

(4) مثلاً ص ص 813 - 814.

(5) ص 495.

(6) ص 641.

(1) ص 796.

(2) ص 994.

(3) ڪن ڳالهه سـِـٽيندڙن سندس ڪچائي سببان ائين ڪري ڄاڻايو آهي ته چنيسر جيستائين وڳهه ڪوٽ ۾ هو ته دودي منٿ ڪئي پر جڏهن روانو ٿيو ته پويان ڪا ميڙ ڪانه موڪليائين. انهن بيانن موجب چنيسر ٿو چوي ته:

نڪتس شهر وڳهه مان، سڀ لاڳاپا لاهي

ترسندي آيس واٽ تي من ادل ميڙ منجي. (ص 814)

(4) ۽

(5) ص ص 469، 477 ۽ 867، چنيسر کي پنجاهن صوبن جي حڪمراني ۽ ٻارنهن شهر ٻنگار جا ذاتي جاگير آڇيائين (ص ص 710 ۽ 867). دودي ننگر کي چيو ته پڻهين کي پرچاءِ باقي ’ٻارنهن شهر ٻنگار جا ڀلي خان کڻي کائي’ (ص 867).

(6) ص ص 645، 886، 909 - 910 ۽ 794.

(1) ص 794.

(2) ص ص 268، 711، 885.

(3) ص ص 267 - 268.

(4) ص ص 272، 281 - 282.

(5) دودي سنڌ مان هڪ مڱڻهار کي چنيسر ڏانهن قاصد ڪري موڪليو، سو ٻه مهينا پنڌ ڪاٽي دليءَ پهتو (بودن فقير ڀنڀري جي روايت ص 272)، ٻي روايت موجب دودي جو قاصد موڪليو، سو ڇهه مهينا پنڌ ڪري دهلي پهتو (صابر نوحاڻي جي روايت ص 171).

(6) ”نڪتو شهر وڳهه مان لاڳاپا لاهي“ (ص 696 ڌڻي بخش ۽ ڇٽي ميربحر جي روايت).

(1) رکيل راڄڙ جي روايت (ص 241).

(2) علي محمد مري جي روايت (ص ص 889 - 893).

(3) ماڻڪ خان چانڊئي جي روايت (ص ص 911 - 917).

(1) محمدملوڪ ڪوري جي روايت (ص ص 750 - 753).

(2) يعني ته جتي جو حاڪم چنيسر راءِ هو. يا اصل لفظ ”چنيسر وا”” هجي، يعني ’چنيسر جي وان”’ جتي ’جهالو راڻي راڄ’ (سومرن جو؟) رهندڙ هو.

(3) هاسم ڀنڀري جي روايت (ص ص 648 - 653)

(4) بودن فقير ڀنڀري جي روايت (ص ص 266 - 269)

(1) واحد بخش ڄامڙي جي روايت (ص ص 469 - 471).

(2) پيروز گڏاڻي جي روايت (ص 363).

(3) امام بخش مهر (رحيم يار خان جي طرف) جي روايت، ص ص 337 - 338.

(4) سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن ۾ ڪيل ڪچهرين ۾ اڪثر سگهڙن ۽ راوين شهر جو اُچار ’دلي’ پئي ڪيو، ۽ ڪن ٿورن ’دهلي’.

(5) سنڌ ۾ هلندڙ هڪ آڳاٽي اصطلاح موجب ’گجڻي’، اصل ۾ ’غزني’ جو مقامي اُچار آهي. غزنوي گهراڻي جي دؤر ۾ ’غزني جو تختگاهه شهر’ ايترو ته مشهور ٿيو جو ’گجڻي’ (يعني ’غزني’ نالو) ’گادي جي شهر’ جي معنيٰ ۾ رائج ٿي ويو. هن ڳالهه جي روايتن ۾ پڻ انهيءَ معنيٰ ۾ آيو آهي:

’عالادين جي گجڻي کي اٿئي راڪس جو ڏهڪاءُ’ (ص 471)

يعني عالادين جي گادي جي شهر (دهلي) ۾ راڪاس جي اچڻ جو ڏهڪاءُ آهي.

(6) ص 265 ”سورهن در دليءَ کي“.

(7) ص 279. دهلي جي موجوده شهر ۾ اهڙو ڪو باغ ڪونهي. البت عـَـلاڻي - تغلق دؤر واري پراڻي دهلي ۾ ’قدمن جي زيارت لڳ’ هڪ پاڙو آباد ٿيو، جنهن کي ’نبي ڪريم’ سڏيو وڃي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته اهو نالو انهيءَ ’نبي باغ’ تان پيو هجي، جيڪو اڳ انهيءَ ايراضي ۾ هو.

(1) ص 125.

(2) ص 20، 249، 734.

(3) ص 165، 169، 281.

(4) ص 264.

(5) ص 175 - 176

(6) ص 938.

(7) واحد بخش ڄامڙي جي روايت (ص 474)، علي محمد لغاري جي روايت (ص 780)، يار محمد ماڇي جي روايت (ص 808).

(8) واحد بخش ڄامڙي جي روايت (ص 475)

(9) ص 436.

(1) عبدالله جمالي جي روايت (ص 94)

(2) ص 398

(3) ص 134

(4) ص ص 274 - 275

(5) ص 386

(6) مثلا ص 170

(7) ص 168 - 170

(8) ص ص 38، 364، 502، 808

(9) غلام حسين ڪلهوڙي جي روايت، ص ص 512 ۽ 545

(10) ص 810. ٻئي بيان موجب هو چنيسر جو يار هو (ص 682)

(11) ص 948

(12) ص 525

(13) ص 540

(1) ص ص 136، 181، 513، 730، 821، 878، 951-952

(2) ص ص 136، 145، 437، 445

(3) ص ص 93، 605 - 606، 766، 810 ۽ 1198. کيس گهٽ ڪرڻ لاءِ ٽوڪيو پڻ چيو ويو آهي، ته هو ڊڄڻو هو (ص ص 398، 508)

(4) ص 143، ڪن روايتن ۾ ’سلطان‘ کي عالادين جو پٽ يا ڀائٽيو سڏيو ويو آهي (ص ص 185، 714، 730) پر ڀائنجي ائين ٿو ته پوين راوين جي ويسر ۽ غلطي سببان اهو نالو انهيءَ صورت ۾ ڳنڍيو ويو.

(5) ص 146. ٻين اڪثر روايتن ۾ حيدر هالاڻي نالي سومرو دودي جو وزير هو. ڏسو هيٺ عنوان ’دودي جي درٻار‘.

(1) ص ص 523، 532، 719، 722.

(2) ص 947

(3) ص 47، 203، 282

(1) ص 47.

(1) ص 282.

(2) ص 400.

(3) ڪن روايتن موجب ’روپاهه’ ته ڪن روايتن موجب وڳهه ڪوٽ گادي جو شهر هو. تفصيل لاءِ ڏسو

(4) دودو ڀونگراڻي يعني دودو پٽ ڀونگر جو (ص 21)، دودو دوداڻي يعني دودو پٽ دودي جو (ص 283).

(5) بودن فقير ڀنڀري جي روايت (ص 258).

(6) ص ص 475، 507، 808، 855، 933. دودي بابت اها مشهور ڳالهه آهي، جنهن جي جدا جدا پڙهڻين ۾ ٿوري ڦيرگهير آهي، مثلاً:

ڪلها ڪيهر شينهن جا، مٿو جنهن جو مٽ

دودي دوداڻي جي لـِـک نه سهندين سٽ

(7) ص ص 644، 691

(1) ص 722

(2) ص 705 ”ويهي ٻالنگ ڪوٽ تي دودي خط لکيا”

(3) ص 240 چنيسر ٿو دودي کي چوي ته: ”تو جي روپاه - سر تي راڄ بنايا، تنهنجي ڪاڻ به ڪانهي مون”

(4) گادي تي ويهڻ سان ڄڻ دودي جي درٻار قائم ٿي وئي هئي (ص ص 165، 320، 336، 861، 885، 960) جو چنيسر جي ماءُ چنيسر کي طعنو ڏيندي چيو ته:

چلي چاڪر نه بيهين وڃي دودل جي درٻار (ص 165)

----------

ماڻهين ماهيڙو ڪندي دودي جي درٻار (ص 336)

(5) ص ص 2، 104، 154، 824

(6) ص ص 21، 214، 608، 839، 1221. يعني کيس ’حيدر هالاڻي’ سڏيو ويو آهي، پر شايد صحيح هولاڻي هجي. يعني هو سومرن جي هولاڻي پاڙي مان هو. هڪ روايت ۾ ’حيدر هولاڻي’ کي دودي جو ڀان ڪري ڄاڻايو ويو آهي (ص 839) جيڪو غالباً صحيح ناهي.

(7) ص ص 263-264، 289-290، 320-321

(8) ص 14

(9) ص 54

(10) ص 495

(11) ص 287

(1) ص ص 175، 492-493، 662، 669، 734، 772، 856

(2) ڏسو مٿي ص 30 ٻين روايتن موجب، دوسو دودي جو دربان هو (ص ص 53، 511)

(3) ص 722

(4) ص 464

(5) ص ص 174 ۽ 290

(1) ماڻڪ خان چانڊيي جي روايت (ص ص 921 - 922)

(2) تاج محمد جي روايت (ص ص 822 ۽ 865)

(3) محب فقير ملڪ جي روايت (ص 400)

(4) امام بخش مهر جي روايت (ص 346)

(5) ڏسو راقم جي لکيل ’سنڌي ٻولي جي مختصر تاريخ’، حيدرآباد سنڌ، 1962ع، ص ص 69- 72.

(1) بودن فقير ڀنڀري جي روايت (ص ص 284 - 286، 290، 303). روايت جي سلسلي ۾ البت نقص آهي جو پهريائين اروڙ ۽ سيوهڻ جو ذڪر (ص 285) ۽ پوءِ ماٿيلي وٽ مقابلن جو ذڪر آهي (286)

(1) مجاهد مرحوم مولوي عبدالله لغاري راقم کي ٻڌايو، ته سندس ڏاڏو مير صاحب سان گڏ هو، ۽ سندس گهر واري (مولوي صاحب جي ڏاڏي) اها ڳالهه پاڻ مولوي صاحب سان ڪندي هئي، ته ’سانگڙي’ (جيڪو نالو پوءِ ڦري ’سانگهڙ’ ٿيو) مان ٻيڙين تي چڙهي نارو ٽپي، پوءِ ’راولي واٽ’ سان ميرپورماٿيلي پهتاسون.

(2) ڪچهري ٺٽو تاريخ 21 - اپريل 1963ع

(3) امام بخش مهر (رحيم يار خان طرف) جي روايت، ص 346

(1) رمضان جوکيي جي ڳالهه، ص ص 721 - 722

(2) پيروز گڏاڻي جي روايت، ص 370

(3) محب فقير ملڪ جي روايت، ص 406

(1) منشي اَڌارام جي ڇپايل ڳالهه، ص 19، 27

(2) عبدالله جمالي جي روايت ص ص 83، 84، 89

(3) صابر نوحاڻي جي روايت، ص ص 172 - 174

(1) سامي شاعر جي ڳاهن واري ڀالن جي روايت توڙي منشي اَڌارام جي لکايل ڳالهه جيڪي نسبتاً آڳاٽيون روايتون آهن تن جي بيانن موجب گادي جو شهر روپاه هو (ص ص 12، 43 - 44(، 126.

(2) ص 285

(3) ص 19

(4) ص 48

(1) ص 52

(2) ص 68

(3) ص 921

(4) ص ص 931، 933

(5) ص 1065

(1) ص ص 943 ۽ 1081 عالادين جا ٻيا سپهه سالار به پوءِ ’ويرا واهه’ تي چڙهي آيا (ص ص 946، 948، 951)

(4) ص ص 1084 ۽ 1071

(2) ص ص 1084، 1093

(3) ص ص 1972 ۽ 1976

(4) ص ص 20، 27، 305

(5) ص ص 248 ۽ 326

(6) ص 1169، ”ٿيو وانڪو وڳـه ڪوٽ ۾” (ص 1175)

(7) ص 656

(1) ص ص 1177 ۽ 1181

(2) ص ص 856 - 855

(3) ص 48

(4) هن ديهه جي ڏکڻ - اولهه طرفان ”ديهه احمداڻي” آهي، جنهن ۾ ’پراڻ دريا’ جو ’باغ وارو پتڻ’ آهي، جتي هڪ جهوني شهر ميساريل کنڊرات موجود آهن.

(1) ص ص 96، 518، 643، 815، 867

(2) ص 273

(1) ڏسو مٿي ص 59

(1) ص ص 673، 776، 765

(1) ڪن روايتن موجب ٻارهن سال، ڪن موجب تيرهن سال ته ڪن موجب چوڏهن سال چنيسر دهليءَ ۾ هو (ڏسو صفحا 95، 125، 132، 279، 448 ۽ 936

(2) ص ص 272، 281 -  282

(3) ص 95

(4) ص 964

(1) ص 580

(2) ص ص 295، 405، 625 وغيره

(3) ص ص 599، 619، 625 وغيره

(4) ص 521 وغيره

(5) ص 523

(6) ص 779 وغيره

(7) ص 946 وغيره

(8) ص 946

(1) مثلاً: ننگر ڏي ٿو چوائي موڪلي، ته هاڻي بادشاهه جو سڄو لشڪر تو تي حملو ڪندو، ۽ جي نڪري وڃو ته مهل اَٿو (946)

(2) ص ص 620، 626، 628، 631، 936 وغيره

(3) ص ص 621، 629، 741 وغيره

(4) ص 585

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org