ابل ابڙو: بهادر ميربحر جي کنيل ڳالهه ۾ ڄاڻايل
آهي، ته دودي کي ابڙي جو ڏس ڏيندي محمد چيو ته:
”ابڙو اٿئي ذات جو، اصل جنهن جو نانءُ“(1)
غلام حسين ڪلهوڙي جي روايت ۾ کيس ’ابڙو‘، ’ابل
مير‘ ۽ ’ابل ابڙو‘ سڏيو ويو آهي، پر پويان ٻئي
نالا وڌيڪ آندل آهن. هن روايت موجب، ابل ابڙي جي
گادي ’ويرم ڪوٽ‘ ۾ هئي، جيڪو وڳـہ ڪوٽ کان چئن
ڏينهن جي پنڌ تي هو. سومرا هيڻا ٿي ويا هئا (جو
سندن گهڻا مڙس مارجي ويا هئا)، پر ابل ابڙي جي
طاقت وڌندڙ هئي. سندس گهر جي ڀاتين جا نالا هيٺين
طرح ڏنل آهن(2).
ابڙو سمو ڪڏهن ٿي گذريو، تنهن بابت تصديق سان ڪجهه
نٿو چئي سگهجي. دودي - چنيسر جي هن ’جـُـنگ -
ڪيڏاري‘جي عام رائج روايتن مطابق ابڙو ڄڻ سلطان
علاعالدين ۽ دودي - چنيسر واري دؤر ۾ هو. تاريخ
طاهري جي عوامي روايت مطابق:
”ابڙو مذڪور، سمن جي آزار کان انهيءَ واقعي جي ڪري
جيڪو مٿي بيان ٿيو، ڪڇ ملڪ ڏي ڀڄي ويو ۽ ان کي وڃي
پنهنجو ڪيائين“(3)
انهيءَ جي معنيٰ ته سنڌ جي سمن ۾ جڏهن پڳ ۽ سرداري
تان، يا ٻئي ڪنهن اندروني نفاق تان، پاڻ م ڪشمڪش
ٿي، تڏهن ابڙو سمو سنڌ ڇڏي ڪڇ ڏانهن ويو ۽ اتي
پنهنجي سرداري قائم ڪيائين.
ابڙي سنڌ ڪڏهن ڇڏي، ان بابت هڪ کان وڌيڪ گمان ٿي
سگهن ٿا. هڪ اهو ته هيءُ واقعو انهيءَ آڳاٽي دور
جو آهي، جڏهن ’سنڌ سما‘ ۽ ’جاڙيجا سما‘ ان کان
گهڻو اڳ هڪٻئي کان جدا ٿي چڪا هئا، ۽ ڪڇ تي جاڙيجن
سمن جي حڪومت قائم ٿي چڪي هئي. سنڌ ۾ ان وقت ڀونگر
راءِ سومرو حڪمران هو، جنهن جي مئي پڄاڻان دودي ۽
چنيسر جو تڪرار ٿيو.
دودي جو ابڙي سمي ڏانهن سامون موڪلڻ:
مختلف روايتن ۾ انهيءَ جاجدا جدا سبب ڄاڻايل آهن.
هڪ اهو ته سندس سڄڻن ۽ صلاحڪارن سندن پنهنجي ڄاڻ
موجب دودي کي صلاح ڏني، ته سامون ابڙي ڏي موڪلي جو
اهوئي سامن جهلڻ جهڙو آهي. دودي جي ڀان فقيرن،
هاسي سوڍي ۽ محمد اهڙي صلاح ڏني ۽ خود چنيسر به
دودي ڏانهن ائين چوائي موڪليو. ٽيون ته دودي کي
محمد، ڀانن فقيرن ۽ ٻين صلاحڪارن گهڻن جا نالا
ڏسيا، پر دودي پاڻ پنهنجي ڳـَـڻ ڪري ابڙي کي
ڌُڻيو. مثلاً: دودي کي هڪ هڪ نالو ڪري ڏسيائون ته
محمد سمو، مورڙو (سمو)، نـَـوَ - لـَـکي ڪـَـنڊي
وارو ڪاڇيلو، نوا، اوڍر، سـَـتو سوائي، اولهه
پنهور وغيره. اهڙا آهن، جو سامون جهليندا، پر دودي
نه مڃيو ۽ آخري فيصلو ابڙي لاءِ ڪيو(1)
. اهو انهيءَ ڪري جو خود دودي کي (يا سندس پيءُ
دودي يا سندس ڏاڏي ڀونگر راءِ کي) ابڙي جي سام
جهلڻ واري جذبي جي خبر هئي.
* ڀونگر راءِ، ابڙي ۽ ٻين ساٿين چؤپڙ راند پئي
ڪئي. ڀونگر راءِ پنهنجي آڏو چيلهي ۾ ساري ماري ۽
ساري کي ڌڪ لڳو، سا ٿيڙ کائي وڃي ابڙي جي جهولي ۾
پئي. ڀونگر راءِ ساري وٺڻ لاءِ هٿ ڊگهيڙيو، ته
ابڙي چيس: ڀونگر راءِ! هيءَ ساري مون وٽ اچي سام
پئي آهي، سا نه موٽائي ڏيندوسانءِ. ابڙي جي انهيءَ
گفتي تي ڀونگر راءِ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائينس ته:
ابڙا! بيشڪ تون مهل جو مڙس آهين. اسان جي اولاد
سان ڪا سوڙهي پئي ۽ اسان جون سامون تو وٽ اچن ته
جهلجان“(1).
* دودي ۽ ابڙي چؤپڙ ڍاري راند ڪئي، جنهن ۾ دودي
ابڙي جي ساري ماري. ابڙي جي ساري کي دودي پنهنجي
ساري سان زورائتو ڌڪ هنيو، سا ٿيڙ کائي وڃي ابڙي
جي جهولي ۾ پئي ۽ ابڙي کڻي جهلي. دودي چيس ته: اها
ساري ماري اٿم، راند جي پـَـون ۾، سو ساري مون کي
ڏي. ابڙي چيو ته: ساري تو برابر ماري آهي، پر
ورائي ڪونه ڏيندس. تنهن تي دودي چيس ته: راند ۾ ضد
کي نه وڌاءِ. ابڙي چيو ته: ضد جي ڳالهه ڪانهي، پر
ساري ڪونه ڏيندس، جو چيو اٿن ته ’سر ڏبو، سام نه
ڏبي.‘ دودو تراڙ کڻي ڀڙڪو ڏيئي اٿيو، ته ابڙو به
تراڙ کڻي اٿيو ۽ چيائين ته: ’سر ڏيندس، پر ساري نه
ڏيندس‘. پوءِ اميرن وچ ۾ پئي جهيڙو ٽاريو. دودي کي
انهيءَ ڏينهن کان وٺي ابڙي تي ڏمر بيٺل هو، انهيءَ
ڪري سامون ڏانهنس نٿي موڪليائين، پر ڀاڳو ڀان کيس
ٿڌو ڪري سمجهايو ته: سامون تنهن وٽ ڇڏ، جنهن ساري
تي ٿي سر ڏنو(2).
* هڪ ڀيري دودي، ابڙي ۽ ٻين ٻن ساٿين چؤپڙ راند
ويٺي ڪئي، جو دودي جو داءُ وريو ۽ پـَـؤن لڳو،
جنهن تي ٻئي ساٿي جي ساري کي مارڻ لاءِ پنهنجي
ساري هٿ ۾ کڻي ڌڪ هڻڻ لاءِ هٿ مٿي کنيائين، ته
ابڙي پنهنجي تراڙ جي مـُـٺي ۾ هٿ وجهي هڪل ڏئي چيو
ته: ’متان ڌڪ هڻينس جو منهنجي آڏو چيلهي ۾ ويٺي
آهي. باقي سهڻي نموني سان ٻاهر ڪڍي رک.‘ دودي کي
ابڙي جو اهو چيو ياد هو ۽ ويچاريائين ته: جنهن مڙس
سندس آڏو بيٺل ڪاٺي جو ايڏو بچاءُ ڪيو، سو ئي
سامون جهليندو(3)
.
* دودو هڪ ڀيرو شڪار تي چڙهيو ۽ روجهه ڏٺائين جنهن
جي پويان گهوڙو لاتائين. روجهه وڃي ابڙي جي حد ۾
گهڙي ۽ آڏو ڪا ابڙي جي منزل هئي. ابڙو اچي سامهون
ٿيو ۽ دودي کي چيائين ته: مون وٽ اچي سام پئي آهي،
سا مارڻ ڪونه ڏيندس(1)
.
سومرين جو سام ٿي ابڙي ڏانهن وڃڻ
مايون سومريون جيڪي سام ٿي ويون، سي ڪيتريون هيون،
ڪڏهن روانيون ٿيون، ڪنهن سان گڏجي ويون، ڪٿان
نڪتيون، ڪهڙي گس سان ويون ۽ آخر کين ڇا ٿيو؟ انهن
مڙني ٽاڻن بابت جدا جدا روايتن ۾ جدا جدا رايا
ڏيکاريل آهن. سامن جي تعداد بابت پڻ جدا جدا بيان
ڄاڻايل آهن. هڪ روايت موجب سامون ۽ ٻيا جيڪي وڳـہ
ڪوٽ مان لڏيا، سي ڪل اڍائي لک هئا:
”وڳـہ وڏيريون نڪتيون، لڏيا اڍائي لک“(2)
ڪن بيانن موجب فقط ست ڄڻيون هيون ته ڪي چون ٿا، ته
ست ويهون (140) هيون(3)
. ٻي هڪ روايت موجب راڻيون 9 هيون باقي ساڻن نو سؤ
دايون ٻايون هيون:
”نو ڄڻيون، نوَ سؤ آهي ٻاگهل سان ٻائي“(4)
هڪڙين ڳالهين موجب ننگر جي مارجڻ کان پوءِ، يا
محمد جي مارجڻ بعد، دودي سامون روانيون ڪيون ۽
پوءِ پاڻ جنگ تي چڙهيو. ٻين روايتن موجب جڏهن دودي
جي مرڻ جي خبر آئي، ته سامون روانيون ٿيون ۽
عالادين جو لشڪر ۽ چنيسر به سندن پويان لڳا آيا.
هڪ بيان موجب دودو اڃان جنگ تي ڪونه چڙهيو هو ۽
وڳـہ ڪوٽ ۾ ئي هو جو پاڻ پنهنجي سر وڃي سامون ابڙي
وٽ ڇڏي آيو(5)
. ٻين بيانن موجب، پنهنجي ڀائٽيي محمد سان(6)
يا پنهنجي در جي ڀان يا ڀاڳ فقيرن سان سامون
روانيون ڪيائين. ٻين بيانن موجب، دودي جي مارجڻ
کان پوءِ، ٻاگهي سامون ساڻ ڪري ڀان يا ڀاڳ فقير
سان گڏجي رواني ٿي. ڀانن فقيرن جا نالا به جدا جدا
ڄاڻايل آهن. هڪڙين روايتن موجب ڀاڳوڀان يا سندس پٽ
گڏجي ويو ۽ ٻين روايتن موجب محمود فقير ڀاڳ سامن
سان گڏجي ويو(1)
.
تاريخ طاهري جي روايت مطابق مايون سومريون، سومرن
جي گادي جي شهر محمد طور مان نڪتيون ۽ ڪڇ ڏانهن
روانيون ٿيون.(2)
. صابر نوحاڻي جي روايت جي هيٺين بيت ۾ اهڙو چٽو
اَهڃاڻ ڏنل آهي ته:
ڀڳيون ڀـَـئه سلطان جي ڦوڙايون وڃن
وڳـہ ويچارين، ڇـَـنو نائي ڇـَـڏِيو(3)
مگر ڪن ٻين بيانن ۾ ڄاڻايل آهي ته: هو روپاهه مان
روانيون ٿيون(4)
. کين ’وڳـہ - وڏيريون‘ توڙي ’روپاهه جون راڻيون‘
سڏيو ويو آهي. دودي پنهنجي دؤر ۾ ’روپاه‘ کي آباد
ڪرايو ۽ ٿي سگهي ٿو، ته ڪي راڻيون روپاه ۾ به
رهنديون هجن. وڳـہ ڪوٽ يا روپاه مان جڏهن هي وڏ -
گهراڻيون نڪتيون ته هنن ڪڇ ۾ ابڙي جي ملڪ ڏانهن
منهن ڪيو، جيڪو ’هالار‘ جي رخ تي هو:
وڳـہ وڏيريون هليون، ٻانهنِ لائي ٻار
اُس نه سـَـٺي ٿي ان جي ٻانهيءَ سندي ٻار
ڪـَـرُ رکيائون ڪڇ تي، هليون ڏونـہ هالار(5)
هن ڳاهه ۾ ڪڇ جو نالو کنيل آهي ۽ پڻ ڏکڻ - اولهه
ڏانهن هالار وارو طرف ڄاڻايل آهي. مگر ان طرف ڪهڙي
گس سان ويون، ان بابت صفائي ٿيل نه آهي، جيتوڻيڪ
ڪن ڳالهين ۾ ان بابت ڪي اُهڃاڻ ڏنل آهن. ابڙي جي
ملڪ جو مکيه ۽ مرڪزي علائقو ’ابڙاسيو‘ هو، جيڪو هن
وقت تائين سندس نالي پويان پيو سڏجي. وڳـہ ڪوٽ کان
ابڙاسيي ڏانهن وڃڻ لاءِ ٻه واٽون ٿي سگهن ٿيون:
* رڻ واري واٽ. وڳـہ ڪوٽ: ڏِناهه جو ڍورو - ڪريم
شاهي - مـِـياڻو - مـِـهري واري ڊُهي(1)
- سؤ تـَـڪ واري سـَـرِي(2)
- چراخ ڊُهي (اتي رڻ پورو ٿيو)- قادرني واري
تـَـرائي - ڀيٽارو - لـُـوڻيو - ٻـُـرڪـَـر -
ڦـُـلائـِـي - تـَـلُ - شاهارِي - مـُـورُو -
آگـَـلـَـڙِي - نـِـهـِـٽا - ٻانڊيو - ٻـُـٽا -
اَبڙاسيو.
وڳـہ ڪوٽ کان رڻ مان رڳي اهائي واٽ ويندي ۽ ٻي ڪا
واٽ نه ٿيندي. ٻي واٽ وري الهندي پاسي کان سامونڊي
ڪاري سان ٿيندي، جنهن سان وڳـہ مان توڙي روپاهه
مان وڃي سگهجي ٿو، پر پهريائين وڳـہ توڙي روپاهه
مان ٻهڊمي پهچبو.
* الهندين طرفان رڻ کان ٻاهر واري واٽ: وڳـہ يا
روپاه. ٻهڊمي- ميراڻي - احمد راڄو - جاتي -
چـَـؤٻـَـٽـِـي ڍنڍ - وير (رڻ) - ڪوٽڙي (کارو دريا
ِّ اڪريو) - لکپت - مينڍيارِي ٻـَـرندا - ابڙاسيو.
ڪن ڳالهين ۾ ڪي ٽاڻا ۽ اُهڃاڻ جاتي طرف واري واٽ
جا ڏنل آهن، جيئن ته واٽ تي سامن جو رامڏيي، مهر
نوتيار ۽ ابڙي جوڻيجي وٽ وڃڻ.
رامڏيو. جدا جدا راوين وٽ هيءُ نالو رامڏيو،
راٻڏيو، رامڏهو، رامڏيـہ ۽ رامڏه جي اچارن سان مگر
ساڳيو نالو آهي. ڪن راوين ائين ڄاڻايو آهي، ته هو
’رهمڪي بازار‘ واري پاسي جو هو: يعني ته سامون
وڳـہ مان نڪتيون ته رڻ واري واٽ ڪانه ورتائون، پر
’رهمڪي‘ واري پاسي آيون. رامڏيي ۾ ’رام‘ جو نالو
آيل آهي، انهيءَ ڪري هڪ روايت موجب هو ’مينگهواڙ‘
هو(3)
. ’ٻانڀڻ‘ ۽ ’رامڏيو‘ نالا اصل ۾ هندڪا آهن پر
اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ به مسلمانن ۾ رسمي طور
اهي نالا هلندا آيا ۽ اڄ تائين هلندا اچن. ڪن
روايتن ۾ سندس ذات ’رامڏيو‘ ڄاڻايل آهي، ۽ ٻين
مطابق ’رامڏيو‘ سندس نـُـک هئي، پر هو مٿي سمو هو.
سمن جي نسبنامي جي هڪڙي روايت ۾ پڻ ڄاڻايل آهي ته
’رامڏيئا‘ سما آهن ۽ راهو جي اولاد مان آهن. اهو
راهو پٽ انڙ جو هو جيڪو پٽ ٻانڀڻيي جو هو(1)
. چون ٿا، ته هن ’رامڏيي سمي‘ جو نالو پڻ ابڙو هو،
۽ انهيءَ نالي جي ڪري ئي سامون سندس ماڳ وٽان
مـَـٽيون ته من کين آٿت ۽ آڌر ڏئي. مگر ٻاگهي ۽
سامن جو ٻڌي آڏو رامڏئي چيو ته ’پنهنجا مارائي
هاڻي اسان کي مارائڻ آئي آهي‘. اهو گفتو جڏهن
ٻاگهي جي ڪنين پيو تڏهن ’رامڏئي‘ ڏي چوائي
موڪليائين ته:
ڇا ڪـِـڙِي، ڇا ڪـَـٽـِـڪـِـي، ڇا ماڪوڙِي
گهائـِـي
سـِـنڌ ڏُلي ڙي رامڏيا! ڪا مٿي تو آئي
اسان آڳـَـہ ابڙو، تو هـُـنهئين وڃائي وائـِـي(2)
.
پوءِ سامون اهو ماڳ مٽي اڳتي، روانيون ٿيون.
مهڙ نوتيار: شاعر سامي جي ڳاهن واري روايت موجب
سامون جڏهن’مهڙ ڄام نوتيار‘ جي ملڪ مان مـَـٽيون
ته هن سندن آجيان ڪئي ۽ کين ڏڍ ڏيئي حفاظت سان
اڳتي روانو ڪيائين. پوءِ جڏهن عالادين جو لشڪر آيو
ته جنگ ڏنائين ۽ پنڌرهن هزار لشڪر ماري پوءِ پاڻ
مئو:
”مهڙ مرندي ملهائيا سما سڀ نوتيار
پانڊپ رکيا پڙ ۾ پورا پنڌرهن هزار“(3)
هڪ زباني روايت موجب اهو مهڙ ’ڪـَـلهڙي ڪوٽ‘ جو
سردار هو. بدين تعلقي جو ڏکڻ اڀرنديون ڀاڱو
نوتيارن جو ملڪ آهي، ۽ ”نوت“ سڏجي. هن ٽاڻي موجب،
سامون وڳـہ ڪوٽ واري طرف کان آيون ۽ اتي پهتيون، ۽
اتان اڳتي جاتي طرف روانيون ٿيون، جتي ’ابڙي
جوڻيجي‘ وٽ پهتيون.
ابڙو جوڻيجو: دودي - چنيسر جي ڳالهه ۾ اهو هڪ عام
مشهور اُهڃاڻ آهي، ته سامون ’ابڙي جوڻيجي‘ وٽ
ويون. ڪن سگهڙن وٽ ائين آهي ته ابڙو جوڻيجو چنيسر
جو يار هو انهيءَ ڪري سامون وٽس وييون(1).
پر گهڻين روايتن مطابق ائين ڄاڻايل ته سامون
’ابڙي‘ جي نالي جي پويان ڀلجي وٽس ويون، جو
ڀانيائون ته اهوئي ابڙو سمو آهي. ابڙي جوڻيجي جي
ڪردار بابت ٻه رايا آهن: هڪ لائون ٻيو ڀلو. پهرئين
رايي موجب ابڙي جوڻيجي کي سندس ماءُ ۽ گهر وارين
انهيءَ ڳالهه تي بيهاريو ته سامن کي جواب ڏيئي
ڇڏي. ابڙو جوڻيجو عالادين جي لشڪر جو ٻڌي همت هاري
ويٺو ۽ سامن کي مان نه ڏنائين ۽ چيائين ته: ڀلائي
ڪري هت مون وٽ نه ترسو ۽ اڳتي راهي ٿيو. انهيءَ
ڪـُـلڇڻ تي کيس ننديائون ته:
’اَبن‘ لڄايئي ابڙا، ’مريم‘ لڄايئي ما ِّ
جـُـوٺا جوڻيجا، سـَـرڻيين سـُـوٺا نه سهين!
ابڙي جي پيءُ جو نالو’ابن‘ ۽ ماءُ جو نالو ’مريم‘
هو. ’ابڙي‘ جو شهر ’ريڻ درياءِ‘ واري پاسي سان هو
جو چيائون ته:
جوڻيجا پائي جنڊ، راڄا ٻڏين ’ريڻ‘ ۾
پيو پـُـسين پاڻي ۾، هي سڄو ئي چنڊ(2)
ڪن روايتن ۾ ائين آهي ته ابڙو سـَـتيو ۽ سامن کي
دلاسو ڏنائين پر جڏهن گهر وڃي ڳالهه ڪيائين تڏهن
ماڻس پڙ ڪڍي بيٺي ۽ چيائين ته:
مَ وجههُ مورهري - ڌڻي’! سلطانن سان وير
تـِـيائين ڌرج نه پير، جيائين ٿـِـڙين ابڙا.
ماءُ ۽ گهر وارين کيس ايترو ته مجبور ڪيو، جو
لاچار ٿي، موٽي اچي سامن کي جواب ڏنائين ته:
او ڏونگرئي ڏيهه ٻيو، جت ابڙو اَه آڀـَـڳُ
هي جوڻيجاڻو جڳ، سامن سونٺا نه سهي(3)
يعني ته اهو ابڙو جيڪو اوهان پڇايو ٿا ۽ جيڪو مڙس
ٿي مـُـنهن ڏيندڙ ۽ هرگز نه ڀڄندڙ (اڀڳ) آهي، تنهن
جو ڏونگر ۽ ڏيهه (ملڪ) ئي ٻيو آهي. هيءُ جوڻيجن جو
ملڪ آهي، جن ۾ سامن جهلڻ جو ست ئي ڪونهي. هڪ ٻي
روايت موجب، هن طرح جواب ڏنائين ته:
او ابڙو اَڀـَـڳُ، اَو ڏونگر ئي ڏيهه ٻيو
اَوُ ’جـُـوڻا چاڻو‘ جڳُ، جو سرڻيين سـُـوٺا
سـَـهي.
يعني ته اهو ابڙو (سمو) ’جوڻاچا‘ واري ملڪ ۾ آهي،
جيڪو سامون جهليندو(1)
. هن اهڃاڻ جي تائيد ٻئي هڪ بيت مان پڻ ٿئي ٿي،
جيڪو مشهور آهي ۽ پڻ ’شاه جي رسالي‘ جي ڪن ڇاپي
نسخن ۾ موجود آهي ته:
عالادين آئيو کڻي ڇل ڇڳير
ڪنهين ڪين همتئو، ڪانَ جهليندو ڪير!
سومرين سام کنئي، ابڙي ڪئو اٺ - پير
هو مـَـهائين مير، پر مستو راتن مارئو.(2)
يعني ته عالادين جي شاهي لشڪر جو ٻڌي، ڪنهن کي همت
ڪانه ٿي جو اٿي سامون جهلي. ابڙي (جوڻيجي) به جڏهن
اٺ - پير ڪئو (گيسي ڪئي يعني هيڻي ٻولي) ته سومرين
اتان سام کنئي، يعني مـَـڏي ڪوچ ڪئي ۽ اڳتي
روانيون ٿيون. ابڙو (جوڻيجو) جنگ جو جهونجهار
(مهائين) ۽ مڙس جبل (ميرُ) هو، پر سندس گهر جي
ضائفن (مستوراتن) کيس هيڻو ڪري وڌو.
ڪن روايتن ۾ آهي، ته جڏهن سامون ابڙي جوڻيجي جي
ماڳ تي آيون ته پاڻ ڪونه هو. سامن کي جيڪو رکو
جواب ڏنو، سو سندس ماءُ ڏنو، جنهن تي هو مـَـڏي
کڻي اڳتي روانيون ٿيون. جڏهن ابڙو موٽي پنهنجي ماڳ
آيو ۽ ماڻس سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس ته ڏمريو ۽ پوءِ
جڏهن عالادين چڙهي آيو، ته اچي سندس ”تيرهن -
تنبي“ لشڪر ۾ پيو، ۽ گهڻا ماريائين ۽ مڙس ٿي پاڻ
ملهايائين.
هن ابڙي جوڻيجي جي ماڳ بابت ڪي اهڃاڻ مٿي اچي چڪا
آهن، ته سندس شهر ”ريڻ“ جي ڪنڌي سان هو. ماڻس کيس
’مورهري - ڌڻي‘ سڏيو آهي. ڪن ٻين راوين جي بيانن
موجب هو ’ڪڪرالي‘ (ساهبندر - جاتي وارو علائقو) جو
ڪو سردار هو. سگهڙ مٺو نهڙيي ڪڇي جي بيان ۾ ڄاڻايل
آهي ته ’ابڙي جوڻاجاڻي‘ (ائين) تي قبو آهي، جيڪو
مغلڀين (جاتي) کان اٺ - نو ميل ڏکڻ - اوڀر جي ڪنڊ
تي آهي(1).
ڪڇ جي ٻئي سگهڙ اِبو جـَـت(2)
خاطري سان ٻڌايو ته ابڙي جوڻيجي جي قبر (يا قبو)
مـَـڪان ’ڌُئو‘، تپو ڪوٺي، تعلقي جاتي ۾ آهي.
هن اهڃاڻ موجب چئبو ته سامون جاتي واري واٽ سان ڪڇ
ڏانهن ويون.
هڪ روايت موجب سامون ابڙو پڇائينديون پڇائينديون
اچي ’وَرسـَـل‘ جي شهر ۾ پهتيون. ابڙي به آڏو
’وڙسر‘ جبل تي ڪپهه جا وڏا ڍڳ ڪرائي انهن کي باهه
ڏيئي مچ ٻارائي اوس ڪيو ته سامون انهيءَ اُهاءِ تي
سونهيون ٿي اچن. انهيءَ ڏينهن کان وٺي ’ابڙي وارا
اوس‘ جي چوڻي مشهور ٿي. ’ورسل‘ ۾ سامن مان به
سومريون مايون پنهنجي کـُـٽيءَ ميون ۽ ٻيون اتي
مٿانئن رنيون، جنهنڪري ان ماڳ واري جبل جو نالو ئي
”رُئا - سومريون“ پئجي ويو. واٽ تي سومرين ماين
نديءَ تي ڏندڻ هڻي ڇڏيا هئا، جيڪي پوءِ ڦٽي وڏا وڻ
ٿيا، انهن وڻن ۽ نديءَ تي نالو ئي ’ڪنجڻي‘ پئجي
ويو، جو ڏندن جي مٿان اڇڙي مير کي ’ڪنجڻي‘ چوندا
آهن(3)
.
ابڙي سمي ۽ ٻين جون عالادين سان جنگيون:
دودي جي مارجڻ کان پوءِ، جڏهن عالادين وڳـہ ڪوٽ
(يا روپاهه) ۾ آيو ۽ شهر خالي ڏٺائين ۽ اهو پڻ
معلوم ٿيس ته سامون ابڙي ڏانهن روانيون ٿي ويون،
تڏهن ابڙي تي چڙهائي خاطر ڪڇ جو رخ ڪيائين. مختلف
روايتن موجب ابڙي جي جنگ کان اڳ واٽ تي هيٺين
سردارن ۽ بهادرن عالادين جي لشڪر سان وڏا مقابلا
ڪيا، گهڻو لشڪر ماريائون ۽ پڻ پاڻ مري ميدان
ملهايائون.
- ڄام مهڙ نوتيار جنهن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي(1)
ته:
مهڙ مرندي ملهائيا، سما سڀ نوتيار
پانڊپ رکيا پڙ ۾، پورا پنڌرهن هزار.
- آري نالي، ڄام مهڙ نوتيار جو ڀاءُ(2)
.
- ٿيٻو، جيڪو ابڙن پاران ٿنڀ ٿي بيٺو(3)
.
- پرهياڙ وڙهيو(3)
- ڪڪرالي جو ابڙو جوڻاجاڻي(4)
.
- جڳسين مينگهواڙ (4).
- مـُـنگرڀين چريو (مـُـنگرڀياڻي)(5)
.
- موريو سمو، جنهن نو راتيون ڏهه ڏينهن مقابلو
ڪيو(5).
- ٻارڻ، جيڪو اول لـُـڏيو، پر پوءِ سـَـتيو، وڙهيو
۽ ماريو(6)
.
- اوڍر اڍيجو (پٽ اڍي جو) جنهن ڏهه ڏينهن جنگ ڏني
۽ يارهين ڏينهن ماريو(6). اوڍر کي جڏهن ماءَ جهلڻ
لڳي ته سومرين سامن جي ماني نه ڪر ۽ کين نه ٽڪاءِ،
تڏهن چيائينس ته:
اوڍر اوڍي سڀڪا، پر اوڍر اوڍ نه ڪا ِّ
نالا ٻيا کٽا ِّ، جو اوڍر رکيئي مون مٿي.
جڏهن اوڍر ماريو، تنهن کان پوءِ عالادين اڳتي وڌي
سگهيو ۽ ابڙي تي چڙهائي ڪيائين.
ابڙي سمي جي تياري: عالادين جي حملي کي منهن ڏيڻ
لاءِ ابڙي پنهنجي ڪڙم قبيلي جي بهادرن ۽ ڪڇ جي
جاڙيجن کي سڏيو ۽ سجاڳ ڪيو. ڪن زباني روايتن موجب
ابڙي جو ڀاءُ ڪنهن سبب کان ڪاوڙجي وڃي ’واڳڙ‘ طرف
ويٺو هو. ابڙي ڏانهنس پيغام موڪليو ته عالادين
چڙهيو ٿو اچي ۽ هيءُ وقت آهي جو تون اچي مون سان
ڀيڙو ٿي. هن به مهل سڃاڻي يڪدم موٽڻ جي تياري ڪئي.
تڏهن چيائونس ته ابڙي توکي هن کان اڳ ڪونه پرچايو،
باقي اڄ جڏهن سوڙهه پئي اٿس، تڏهن سڏيو اٿس! جواب
ڏنائين ته:
لـَـڏ لوڏائي، ڦـَـر ڦـُـلائي، ڌَڻ ڌَمڙڪي ٻانـہ(1)
اَڪنڊ ٿوري ابڙي، ته نيـہ اسان پڻ نانـہ
پر وڃيو ان وهان ِّ، جو اَوسرَ مـَـنڊيو ابڙي.
يعني ته منهنجا ماڳ، مال ۽ ڌڻ هن وقت لوڏائي،
ڦلائي ۽ ڌمڙڪي طرف (ٻانـہ) آهن: جي اڪنڊ ابڙي کي
نه هڻي، ته سڪ اسان کي به ڪانهي. پر هن وقت ابڙي
جيڪو جنگ جي شادي وارو ڪاڄ (اوسر) ڪيو آهي، ان
وهانءَ واري ڪوٺ تي ضرور وڃبو. لوڏائي، ڦلاڻي ۽
ڌمڙڪو ٽيئي شهر واڳڙ ۾ آهن. ڌمڙڪو تعلقي انجار ۾
آهي ۽ لوڏائي ڌمڙڪي کان اٺ - ڏهه ڪوهه الهندي طرف
آهي(2).
ڌمڙڪو اڳئين وقت ۾ ڪو وڏو شهر هو ۽ ’ڌمڙا
نگري‘ سڏبو هو. هن بيان مان اهو گمان پڻ نڪري ٿو
ته ’ابڙي جي گهراڻي‘ ان وقت ايترو زور ورتو هو جو
واڳڙ تي پڻ سندن قبضو هو.
ڪن سگهڙن جي بيانن مطابق ابڙي جو ڀا ِّ ’سٻڙ‘
نالي هو، جنهن عالادين جي لشڪر جو ٻڌي ابڙي کي
چتايو ۽ همٿايو:
سٻڙ جا سلام، اچي پهتا ابڙي
لشڪر ماڪڙ مينهن جيئن، اٿن لاف ڪلام
سما جهلج سام، منزل باري ابڙا(3)
ٻين روايتن موجب سٻڙ ابڙي جو ڀائٽيو هو، جيڪو ڪن
ڳالهين تان ابڙي کان ڪاوڙجي ويو هو(4)
. هڪ روايت موجب سٻڙ ابڙي جي ڀاءُ ڀلي ڄام جو پٽ
هو(1)
. هو انهيءَ ڪري ڪاوڙجي ويو هو جو چاچس ابڙي کيس
سڱ نه ڏنو هو(2)
. هاڻي ابڙي ڏانهنس ماڻهو موڪليو ته:
ابڙي ماڻهو موڪليو، سٻڙ وهلو آءُ
وهان ِّ ٿيو وڏاندرو، اچي وٽ پنهنجي کاءُ(3)
تنهن تي سٻڙ سنڀريو. چيائونس ته ابڙي توکي سڱ نه
ڏنو، ڇو ٿو وڃين! جواب ڏنائين ته:
نڪا هئي حب ابڙي، نڪا سڪ اسان
پر جي ٻاٻل مـَـنهـَـن کوڙيو ته وڃبو ان وهان(5)
اهڙي طرح سٻڙ رنج سامو ڇڏي، هن ڏکي ويل ۾ اچي
پنهنجي چاچي ابڙي سان ڀيڙو ٿيو.
جاڙيجن جو مدد لاءِ اچڻ: ڪن روايتن مان ائين معلوم
ٿئي ٿو ته عالادين جي چڙهائي کان اڳ ابڙي جي
جاڙيجن سان جنگ هئي. انهيءَ اُهڃاڻ مان اهو گمان
نڪري ٿو ته غالباً ابڙو سنڌ سمون هو، جنهن وڃي ڪڇ
۾ پنهنجي طاقت قائم ڪئي هئي، جتي جاڙيجا اڳ ئي
موجود هئا ۽ انهيءَ ڪري پاڻ ۾ سندن مقابلا ٿيا. پر
جڏهن عالادين چڙهائي ڪئي, ته هنن پنهنجا ويڇا
وساري ڇڏيا ۽ جيڪي ويري هئا، سي به اچي واهرو ٿيا.
هڪ روايت موجب سٻڙ جي جاڙيجن سان جنگ هئي، پر جڏهن
چاچس ابڙي کيس سڏيو، تڏهن سٻڙ ۽ جاڙيجن پاڻ ۾
پنهنجي جنگ اڳتي لاءِ رکي ۽ جاڙيجن جو لشڪر به سٻڙ
ساڻ ڀيڙو ٿي اچي پهتو. سٻڙ چيو ته:
جهجها جاڙيجا جوءِ ۾، اجهي آنداسون
سومريون سلطان کي سمجهي ڏينداسون(4)
پوءِ جاڙيجا عالادين جي لشڪر سان وڙهيا ۽ سالار
جاڙيجو ستر هزار لشڪر ماري پوءِ پاڻ مئو.
ٻين روايتن موجب(1)
ابڙي جي مائٽ جکري هوٿياڻي يا جکري جاڙيجاڻي سردار
جو ابڙي تي وير رهيل هو. هن چڙهائي ڪئي، پر جڏهن
شهر کي ويجهو پهتو، تڏهن عالادين جو لشڪر ڏٺائين ۽
معلوم ٿيس ته ابڙي سان جنگ آهي، جو سامون جهليون
اٿس. جکري جو لشڪر آيو ته ابڙي پاڻ کي ٻن دشمنن جي
وچ ۾ ڦاٿل ڏٺو. پر جکري ڏانهس چوائي موڪليو ته:
متان ماندو ٿئين ابڙا، اجهي آياسون
گهڻا جاڙيجا جوءِ ۾، هيڪڙو نه تون
سومريون سلطان تي مري ڏينداسون.
اهو ٻڌي ابڙي چيو ته:
کوءِ ڍلن جي دوستي، ڀـَـلو ڀلن جو وير
جو جاڙيجاڻي جکرئي، اڄ ڏنو پاڳوڙي پير.
اهڙيءَ طرح جڏهن سامون ابڙي وٽ هيون، تڏهن سندس
ڀائر ڀائٽيا، ٻيا ويجها عزيز ۽ مائٽ، سڄڻ ۽ شريڪ ۽
سڀ جاڙيجا پڻ ساڻس ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا. جن ابڙي جي
ڪوٽ ۽ شهر لڳ سامن جي بچاءُ لاءِ، بادشاهي لشڪر
سان جنگيون ڪيون، تن ۾ ابڙو سڀني جو سرواڻ هو. ٻيا
سڄڻ ۽ سورهيه جن جنگيون ڪيون، تن ۾ ابڙي جو ڀاءُ
ڀلو ڄام، ابڙي جو ڀائٽيو سٻڙ، جکريو جاڙيجاڻي (يا
هوٿياڻي) ۽ ابڙي جو پٽ ممٽ يا مهمٽ وڏي نالي وارا
بهادر هئا، جن وڏا مقابلا ڪيا. انهن مان ڪهڙا اڳ ۽
ڪهڙا پوءِ ميدان ۾ آيا، ان بابت جدا جدا بيان آهن.
اڪثر روايتن ۾ ائين آهي، ته ابڙي انهيءَ ساري وقت
۾ پئي جنگيون ڪيون ۽ آخري جنگ به ابڙي ڪئي، جنهن ۾
هو ماريو.
* ڀلي ڄام جي جنگ: پهريائين ابڙي جو ڀاءُ ’ڀلو
ڄام‘ ۽ سندس ساٿي ’عظيم‘ جنگ تي چڙهيا:
هوڏهن ڀـَـڙ ڀـَـلو چڙهيو، تـُـري ڪشيائين تنگ
آرڻ ويل عظيم ساڻس چڙهيو نر نسنگ
ڪاريهر جيئن ڪر کڻي واءِ وڌائين ونگ
--
جس ’ڀلي ڄام‘ هوءِ، ٻي جس ’عظيم‘ اپار
اڳيؤن عالادين جي هو مڙيا ڪين مڻيهار
پوءِ مٿن ناه ميار، هو به ڪارهين ڏينهن ڪري پيا.
ڏهه ڏينهن ساندهه جنگيون ڪيائون ۽ يارهين ڏينهن
مڙس ماريا. پوءِ ابڙي پنهنجي ڀائٽيي ۽ ڀلي ڄام جي
پٽ سٻڙ کي جنگ تي چاڙهيو(1).
ڪن روايتن موجب سٻڙ ابڙي جو پٽ هو(2).
* سٻڙ جي سالار سان جنگ: سٻڙ وڏي بهادري سان وڙهيو
۽ آخرڪار اچي عالادين جي پٽ ’سالار‘ يا ’سيد غازي
سالار‘ نالي شاهي فوج جي مهندار سان دوبدو ٿيو ۽
ٻئي مقابلو ڪندي مارجي ويا:
سنئين سانجهيءَ وار، چلي آيا چوگان ۾
سٻڙ ۽ سالار، پوريون ڪيون پاڻ ۾(3)
* جکريي جاڙيجاڻي جي جنگ: جکريي جاڙيجاڻي جي جنگ
جو ذڪر ٻن خاص روايتن ۾ آهي(4)
۽ ٻنهي ۾ ائين ڄاڻايل آهي ته سٻڙ ۽ ٻيا اڳ ۾
وڙهيا. پوءِ جڏهن ابڙي آخري جنگ ڪئي ۽ سندس پڄاڻي
ٿي، تڏهن سامن ۽ ٻين سڀني کي جکريي جي حوالي
ڪيائين. ابڙي جي مارجڻ تي عالادين بادشاهه ڀانيو
ته هاڻي ٻيو ڪو مقابلي وارو ڪونهي، پر جڏهن جکريي
جنگ جو طبل وڄايو، ته عالادين فڪر ۾ پيو، ڇاڪاڻ ته
وٽس سيڌو سامان کٽي ويو هو. انهيءَ ڪري صلح جي آڇ
ڪيائين ۽ جکريي کي چوائي موڪليائين ته: اسان وٽ
سيڌو سامان هجي ها ته جنگ ڪريون ها، پر سيڌو سامان
کٽي ويو آهي، يا وٿي ڏي ته سيڌو سامان گهرايون يا
صلح ڪر، ڇو ته بي ثمري لشڪر سان وڙهندين، ته اها
تنهنجي سوڀ ڪانه چئبي. جکريي چيو ته: جنگ ۾ گهاري
نه وجهندس ۽ توکي وٿي به ڪونه ڏيندس، باقي جي تو
وٽ سيڌو سامان ناهي، ته آءٌ ٿو ڏيان، پر تون جنگ
جي سنبت ڪر ۽ ميدان ۾ آءُ. جکريو اهڙو دلير ۽
سـُـرهو ويري هو جو نه فقط عالادين جي لشڪر کي
سيڌو سامان ۽ مانيون ڏنائين، پر دارون جا دنگ کولي
ڇڏيائين ۽ دشمنن کي به آل جال پياريائين:
جکريي تنهن جوان جون هيون ڪارهن ڪچهريون
ماڙيءَ تنهن ملوڪ جي هيون ڇهه سؤ ڇڄهريون
دارون دُنگ سـَـراءِ کي هيون چؤڌاري چاڙهيون
هن کي گن وٺي گـَـهـَـريون، ٿو جال پياري جکرو.
- -
دارون دُڪو هيڪڙو، وڃي وَٽ لڳو ڪروڙ
ته به جاڙيجاڻي جوڙ، هن کي پيو جال پياري جکرو(1)
ائين رات جو مهمانيون ۽ ڏينهن جو جنگيون ڪري،
عالادين جو لشڪر ماري کٽايائين ۽ عالادين سان باقي
اٺ ڄڻا وڃي بچيا جو جکريو ماريو.
* رڻمل جاڙيجي جنگ: پوئين ويجهي ۽ موجوده دؤر جي
روايتن ۾ رڻمل جو ذڪر ڪونهي، پر آڳاٽي وقت ۾ دودي
- چنيسر بابت جيڪي ڳالهيون هلندڙ هيون، تن ۾ رڻمل
جاڙيجي جي جنگ جو پڻ ذڪر هو، جنهن جو يادگار ميين
شاه عنات جو هيٺيون بيت آهي:
سر تان سرڻيون نه ڏيان جي هميراڻا ٻار
مون وٽ مـَـهائين گهڻا، تون ڪر ٺاڪـُـر ٺار
اُبيٺو، عنات چئي، ڳنهي جاڙيجو يار
رڻمل رب اَهار، ٿو سمو سونهريون هڻي.
رڻمل جاڙيجو ابڙي جو يار هو، جيڪو جاڙيجا ساڻ ڪري
جنگ جي ميدان ۾ آيو. ابڙو اڳيئي جنگ ۾ هو، جنهن کي
چيائين ته: ’تون خاطري ڪر ته آءٌ سر لٿي به سامون
ڪونه ڏيندس، مقابلي لاءِ مون وٽ جنگجو جوان جهجها
آهن، انهيءَ ڪري تون، اي سردار، ڪجهه آرام ڪر.‘
پوءِ رڻمل جاڙيجي (سمي) ڌڻي تي توڪل ڪري, آڏو لشڪر
۾ وڃي تراريون وڌيون.
* مـَـمٽ جي جنگ: اڪثر روايتن موجب ابڙي جو پٽ ممٽ(1)
وڏي همت وارو هو ۽ وڏي بهادري سان وڙهيو، فقط هڪ
بيان ۾ ائين ڄاڻايل آهي, ته هو ان وقت ستن -
اٺن ورهين جو ننڍو ٻار هو(2).
ممٽ جي بهادري اها جو هڪ جنگ ۾ شاهي لشڪر کي
اهڙو اچي سوڙهو ڪيائين، جو بادشاهه وٽ ڀڄي وڃي
چيائون ته:
تون پڻ تـُـرڪ ترار، هوڏهون مانجهي ممٽ پٽ ابڙي
جيئن ڳاهجي ڳاهه ۾، ڪاني ڪـَـڻو ڌار
تيئن وڃي آروپار، خوني خنجر ان جو(3)
انهن جنگين ۾ بعضي پيءُ - پٽ، ابڙو ۽ ممٽ، ٻئي
گڏجي چڙهندا هئا ۽ لشڪر تي حملو ڪندا هئا. منشي
اڌارام واري لکايل ڳالهه ۾ آهي ته:
نيليءَ گهوڙي ابڙو، ماڃوٺي ممٽ
جـَـني جي جنسار سان، ماڻهو ٿيو نه مٽ(1)
سامي شاعر جي هيٺين ڳاهن موجب پڻ ابڙو ۽ ’ممٽ‘ گڏ
جنگ تي چڙهيا. انهيءَ جنگ ۾ ابڙي ابڙاڻي شينهن
وانگر گجگوڙيون ڪري حملا ڪيا، پر قضا ائين هئي جو
ممٽ مارجي پيو:
نيلي گهوڙي ابڙو ۽ ماڃـُـٺئي مهمٽ
جاڙيجاڻي جنگ ۾ ٿو ڪاجهو ٻري ڪٽڪ
--
ڇـَـهل ڇـَـليون ماريون مهمٽ موٽائي
چئي: تـُـرڪ سـُـچيتو تيڪ سن اڃان ڪو آهي!
--
ابڙاڻي اخوان ڀڙ، او ٿو گجي گجڻ راءِ
ان ڪيئي ڪونڌ نچائيا، سومرين وٽاءِ
ڳجهن ڳاراڃو ڪيو رڻ ۾ پسي راءِ
مهمٽ اتي ماريو تنهن سورهيه ڏنو ساهه
اي قضائون ڪريم جون، ٿو ڪري پاڻ الله(1)
جڏهن ممٽ مارجي ويو ته ٻاگهي پار ڪڍيو:
ممٽ منهنجا ڀايڙا، مون ڀانيو هڏ نه ايئن
تون ويندين هليو، جيئن دودو ويو تيئن(2)
-----
ابڙي جو مارجڻ ۽ سامن جو غار ٿيڻ
آخر جنگ ۾ جڏهن ابڙو پنهنجو ’ٽـِـهانگ هٿيار‘ کڻي
جنگ ۾ گهڙيو:
اتي ابڙو ائين وڙهي جيئن پاڻي ٻوڙي تار
سج نه ڪري سوجهرو، ڌان ڌان ڌُو ڌُوڪار(3)
عالادين جون نـَـوَ ويهون ڏهه لک لشڪر، تنهن کي
ابڙو آڏو ٿي بيٺو:
”اڙي جهلي ابڙي، نـَـوَ ويهون ڏهه لک“
انهيءَ جنگ ۾ ابڙو سخت گهائجي پيو:
اتي لڳا ابڙي نئون ويهون ڏهه گهاء
ڪونئر ڪنڌ ورائيو، اڃان کڻي ٿو پساه(4)
پوءِ ابڙي ساهه اچي سامن جي آڏو ڏنو. مرڻ کان اڳ
چيائين ته: مون کي سينگاري ترار هٿ ۾ ڏيئي سامهون
ويهاري ڇڏجؤ ته ڪنهن کي به اندر اچڻ جي همت ڪانه
ٿيندي. سامن پوءِ کيس ائين سينگاري ويهاريو.
ٻين روايتن موجب ابڙي پورا ٻاهتر ڏينهن رُڪ رئي
ڪئي، پر آخر شهيد ٿيو ۽ ’کـُـونڌ‘ يا ’نـُـونڌ‘
ٿيو: يعني سر لهڻ کان پوءِ ببن ۾ اکيون ٿيس ۽ هو
وڙهڻ لڳو ۽ ڪوبه هٿيار مٿس اثر نه پيو ڪري. اهڙي
طرح به گهڻا ماريائين ۽ پوءِ ڪريو(1)
. ابڙي جو سر نيزي جي چوٽيءَ تي ڪري وڃي عالادين
جي آڏو جهليائون ته عالادين هن سورهيه کي جـَـسون
ڏنيون ۽ چيائين ته:
اوچو اُڀ سڀڪنهن، اڀ نه اوچو ڪو ِّ
مئي به مٿي ٿيو، ابڙا! سر سندو“(2)
ڪڇ جي عام روايت موجب اها جنگ ’وَڍسر‘ يا ’وڙسر‘
جبل تي لڳي. ابڙي جي لوڙهه کي پوءِ ’ابڙي واري ڀٽ‘
تي پوريائون. سومرا جيڪي شهيد ٿيا، تن جا لوڙهه
لٽيائون. ’ابڙي جي ڀٽ‘ تي مٿي چؤڪنڊي اندر ٿلهو
ٺهيل آهي ۽ پڻ سومرن جي لوڙهه کي پڻ ’ونڊي‘ ڏنل
آهي. اها ’چؤڪنڊي‘ ۽ اها ’ونڊي‘ اڃا تائين موجود
آهن ۽ ٻنهي جا منهن ڏکڻ طرف آهن. اهي آثار رائپور
کان ٻه ميل اتر - اولهه طرف آهن. ’رائپور‘ ابڙي جو
شهر اڄ تائين موجود آهي، جتي ابڙي جو ڪوٽ هوندو
هو. ابڙي ۽ سومرين سامن جي ياد ۾ اتي ساليانو بڊي
جي مهيني ۾ ميلو ٿو لڳي(3)
.
ابڙي جي مارجڻ کان پوءِ، سامن کي ڇا ٿيو، تنهن
بابت جدا جدا بيان آهن. هڪ بيان موجب، ابڙي جي مرڻ
تي ٽي ڄڻيون - محمد جي زال ساران، هاسي سوڍي جي
زال مالهان ۽ ابڙي جي ڌيءَ زينب - ٽپ ڏيئي جنگ
لاءِ اُٿيون، ۽ ڀير تي ڏؤنڪو هنيائون. ساران
پهلوان هئي ۽ پنجاهن جو مٽ هئي:
’اتي پريون پدمڻيون ٽپي اٿيون ٽيئي
پهرئون ڏؤنڪو ڀير تي اچي ساران هنيوئي‘(4)
عالادين پڇيو ته ڪير چڙهيو آهي؟ چيائون ته ڏونگر
راءِ يا ڀونگر راءِ آهي، جيڪو جنگ تي ٿو چڙهي.
انهيءَ تي عالادين دهلجي ويو ۽ قول ڪيائين ته
هـُـن جنگ ڇڏِي. پوءِ عالادين ٻاگهي کي ڀيڻ ڪري
معافي وٺي پوئتي موٽيو(1)
۽ سامون بچي ويون.
انهيءَ صلح بعد سامن کي ڇا ٿيو، تنهن بابت ڪو
اُهڃاڻ ڏنل ناهي. ڪن بيانن موجب جڏهن ابڙو مارجي
ويو، ته ٻاگهي سامون ساڻ ڪري وڳـہ ڪوٽ موٽي آئي(2)
. هڪ بيان موجب چنيسر پڻ سامن ڏي چوائي موڪليو هو
ته هاڻي وڳـہ ڪوٽ موٽي هلو. ٻين روايتن ۾ ائين
ڄاڻايل آهي (۽ پڻ موجوده دؤر جي سگهڙن وٽ اهائي
ڳالهه آهي) ته ابڙي جي مارجڻ کان پوءِ، بادشاهي
لشڪر جي ڊپ کان سامون ابڙي جو ڪوٽ ڇڏي، جان بچائي
ڀڳيون. ڪڇ جي عام روايت موجب ابڙي جو ڪوٽ ابڙاسيي
۾ موجوده شهر رائپور واري ماڳ تي هو. اتان سومريون
مايون نڪتيون ۽ اتر طرف هليون ۽ رائپور واري ندي
ٽپي الهندي طرف هليون. عالادين جي لشڪر کي خبر
پئي، سي سندن پويان لڳا. جڏهن سامن ڏٺو ته ڀڄڻ جي
واهه ڪانهي، تڏهن ڌڻي کي ٻاڏايائون جو زمين ڦاٽي
پئي ۽ هي پاڪدامن مايون اندر پيهي ويون، جتي غار
ٿيون. اها جاءِ ’ابڙي واري ڀٽ‘، جنهن تي سندس
لوڙهه لٽيل آهي، ان جي پاسي ۾ آهي. اهو ماڳ وڙسر
کان ٻه ميل اوڀر ۽ رائپور کان ٻه ميل اتر طرف
(اولهه لاڙئون) آهي(3)
.
-------
|