سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سومرن جو دور

باب: 3

صفحو :4

 

باب ٽيون

ڳالهه جا مکيه ٽاڻا: سومرن ۽ عالادين جون جنگيون

سنڌ ۾ سورهين جا مقابلا ۽ دودي جو موت:

دودي گهڻيون ميڙون منٿون ڪيون ۽ وڏا وس ڪيا، پر چنيسر نه مڙيو ۽ چيائين ته ضرور دهلي دانهين ويندس

ڏيئي دانهن دهلي تي چاڙهيان عالادين بادشاهه.

تڏهن دودي چيس ته جي اها رٿي اٿئي ته:

هاڻي سنڌ ترارين وچ ۾ جو کـَـٽي سو نـَـر کاءِ
آهن سوڀون وس ستار جي جن ڏياري الله(1)

دودي جو حوصلو ايترو ته بلند هو، جو چنيسر کي چيائين ته: جي تون دهلي جي بادشاهه تي ايترو ڀر ٿو رکين ته ڇو نه آءٌ توسان گڏ چڙهان ۽ دهلي فتح ڪري هلي توکي تخت تي وهاريان(2). باقي جي تون وڃي عالادين کي چاڙهي ايندين ته پوءِ:

اسان عالادين جون ڳالهيون راڄ ڪندا(3)

چنيسر جڏهن دهلي ۾ وڃي ڌَرڻوهڻي ويٺو ۽ عالادين کي سنڌ تي چڙهڻ لاءِ ستائيندو رهيو، تڏهن دودي پهه ڪيو ته عالادين هت ڪاهي اچي، تنهن کان ڇو نه آءٌ وڃي دهلي تي حملو ڪريان. انهيءَ ارادي سان دودو دهلي تي ڪاهڻ جون تياريون ڪرڻ لڳو ۽ قومي قرض وٺڻ شروع ڪيائين(4). سندس انهيءَ تياري سنڌ ۾ سڀني کي سجاڳ ڪري ڇڏيو. پر دودي جي دهلي تي ڪاهڻ کان اڳ جڏهن عالادين چڙهي آيو، تڏهن سنڌ ۾ نه فقط دودو يا سومرا سردار ۽ ٻيا صوبا مقابلي لاءِ ڪمرڪشي بيٺا، پر سڄي ملڪ ۾ راڄن جا ننڍا وڏا پڻ سر قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا.

رعيت ۽ راڄن طرفان مقابلا: عالادين جو لشڪر سنڌ جي سرحدن ۾ داخل ٿيو ته ننڍو وڏو سندس مقابلي لاءِ اٿي کڙو ٿيو. جنهن پئي ٻڌو ته دودي سان جنگ آهي، تنهن پنهنجو پاڻ اچي پئي اول مقابلو ڪيو. ڌنار، پنهوار، ريڍار، ميهار، فقير فقراءِ، ملنگ موالي، ميربحر مهاڻا، گيهي گماشتا، ڪڙمي ڪاسبي، ڀان ۽ مڱڻهار، ڪوري ۽ ڪنڀار سڀ وڙهيا. ڳالهه جي سنواريندڙن سگهڙن انهن مان ڪن جا نالا ڳڻايا آهن، سندن ماڳ ۽ مڪان ڄاڻايا آهن ۽ سندن مقابلا ساراهيا آهن. اهي تفصيلي پار پتا نه رڳو ڳالهه کي وزن وٺائڻ لاءِ آهن، پر ان سان گڏ انهيءَ حقيقت کي پڻ واضح ڪرڻ لاءِ آهن، ته جڏهن عالادين  چڙهي آيو ته نه فقط سومرا حاڪم وڙهيا، پر سڄي رعيت وڙهي ۽ سڀ راڄ وڙهيا، جو جتي هو، سو اتي مقابلي لاءِ تيار ٿي ويو ۽ عالادين جي لشڪر کي سنڌ مان سلامتي سان سنئين واٽ وڃڻ نه ڏنائون. واٽ ويندي عالادين جي لشڪر کي چپي چپي تي، سنڌ جو هر ننڍو وڏو، پنهنجي بـُـت ۽ بوتي آهر ڄڻ ڇـِـتي ڍنگريءَ وانگر چنبڙي ويو ۽ ڪنڊي مثل چڀي ويو. واٽ تي ويرم پاهوڙي جڏهن بادشاهي لشڪر سان وچڙي ويو ته عالادين پڇيو ته:

ڪا وِڳڙي اَٿان ڍينگرِي، ڪو وڳڙو اَٿان ڪانهـُـه!(1)

مطلب ته دودي تائين پهچڻ کان اڳ واٽ تي جڏهن هر ننڍو وڏو سر گهورڻ لاءِ ست ساهي ڪٽڪ ۾ ڪاهي پيو ته اهڙي حالت اچي بڻي، جو ڄڻ گس ۾ ڪک ۽ ڪانهه وڙهڻ لڳا، وڻ ۽ واٽون وڙهڻ لڳيون. تڏهن عالادين به حيران پريشان ٿي چيو ته:

’ڪل پئي ٿي ڪانه ڪا، واٽون ٿيون وڙهن‘

(ص 622)

دودي جا سربراهه ۽ سڄڻ جيڪي وڙهيا: رعيت ۽ راڄن جي عام ماڻهن کان سواءِ، ڪن خاص سربراهن سومرن سردارن ۽ دودي جي سڄڻن ساٿين عالادين جي لشڪر سان مسلسل جنگيون ڪيون. ڳالهه جي بيانن ۾ هيٺين جا نالا آندل آهن:

* وِيرَم پاهوڙيو (پاهڙيو، پاهوڙو، پائرو يا پائليو) جيڪو دودي جي درٻارين مان هو(1)، تنهن جڏهن ڏٺو ته عالادين جي مقابلي ۾ دودو ٻين ڏانهن مدد لاءِ خط ٿو لکي ۽ ننگر کي ٿو جنگ تي چاڙهي، تڏهن وڏي همت ۽ حوصلي سان وري وري دودي کي ائين پئي چيائين ته: دودا! تون پاڻ چڙهه ته هلي بادشاهه جو مقابلو ڪريون(2):

’پيل پاهوڙي جي پوي، دودا! چڙهه ته ڏسون بادشاهه‘

پوءِ جڏهن عالادين جو لشڪر هاڪڙو ڍورو ٽپيو، ته ويرم پاهوڙيو پنهنجي جنگجو بهادرن سان شاهي لشڪر کي اڙ ٿي بيٺو ۽ وڏي جنگ ڏنائين:

’وڙهيو ويرم پائليو جنهن ماريو لک سوا‘(3)

 

هڪ بيان موجب هن ماٿيلي وٽ مقابلو ڪيو(4)
۽ ٻئي بيان موجب هن جو ماڳ مڪان روپاهه جي ٻاهران هو(5). اسان کي جاتي ۽ شاهه ڪپور طرف ڪيل ڪچهرين ۾ ائين معلوم ٿيو، ته ويرم پاهوڙيي جي ماڙي جا نشان، شاهه ڪپور کان 3 ميل اوڀر طرف گونگره درياءَ (ڍوري) جي ڪنڌي تي آهن.

* ممنگ سومرو دودي جي پاران سفير ٿي عالادين وٽ ويو، پر اتي چنيسر جي چور تي کيس مان نه ڏنائون ۽ دودي تي حملي لاءِ تياري ڪيائون، تڏهن ممنگ وڙهيو تان جو مارجي ويو(6) .

* مم ڳاهو دودي جو سالو، جيڪو عالادين بادشاهه وٽ ڀيٽون ۽ نذرانا کڻي ويو، پر جڏهن عالادين مٿس بڇ ڪرائي، تڏهن وڙهيو ۽ وڙهندي مارجي ويو(7) .

* مـُـبـَـڀُ مـَـهلاڻي گهوڙيون ۽ ٻيا تحفا چنيسر لاءِ کڻي ويو:

”ڀيٽ کڻي هليو ڀاء ڏي، منبڀُ مهلاڻي“

عالادين آڏو سڄو احوال ڪيائين ۽ کيس تحفا به ڏنائين. چنيسر آڏو سڄي ڳالهه کي اهڙو رنگ ڏنو جو مـُـبڀ مهلاڻي تي لشڪر وري ويو ۽ هو بهادريءَ سان وڙهندي مارجي ويو(1) .

* سوڍن جا سالار ’ڏِيئو ۽ اَسيو سوڍو‘. نو سؤ ڍاٽي، ست سؤ سوڍا ۽ پرمار وڙهيا. شاعر سامي جي آڳاٽي ڳاهه ۾ آهي ته:

’اتي آسيو سوڍو پڙ ۾ سـِـرَ سالارن جا لاهي‘(2)
پوئين دؤر ۾ ڳالهه جي شاعرن ۽ راوين غالباً ’اَسيي سوڍي‘ کي پوءِ ’هاسي سوڍي‘ جي نالي سان ڳايو، جيتوڻيڪ ٻي هڪ آڳاٽي روايت ۾ ’هاسي سوڍي‘ جو نالو آندل آهي ۽ ڄاڻايل آهي، ته هاسو سوڍو عمرڪوٽ جو هو ۽ دودي جو يار هو. هو ست ويهون سوڍن جون ساڻ ڪري جنگ ۾ آيو هو
(3) . پوئين دؤر جي اڪثر روايتن ۾ هاسي سوڍي کي چنيسر جي پٽ محمد جو يار ڪري ڄاڻايل آهي. هڪ بيان موجب هالار ڪوٽ جو حاڪم هو ۽ سندس چاچو ’ٻاهڙ مير‘ جو حڪمران هو(4) . اڪثر روايتن موجب محمد ۽ هاسو ٻئي گڏجي جنگ تي چڙهيا. مگر ڪن بيانن موجب محمد کان اڳ هاسو جنگ تي چڙهيو(5) . هاسي جي جنگ ننگر جي جنگ کان پوءِ ۽ دودي جي جنگ کان اڳ ٿي.

* ٻارڻ وزير ۽ سپهه سالار دودي جو، جيڪو پنهنجي ٻارهن چونڊ ساٿين سان گڏ عالادين جي ٻاهتر امراءِ سان وڙهيو. ان وقت ننگر مارجي ويو هو ۽ ٻارڻ دودي کي چيو، ته هاڻي سامون ڪڍي روانيون ڪر. سامن کي رواني ڪرڻ بعد، ٻارڻ وڏي جنگ ڏني(6) .

* گهلو گهانگهرو پنهنجي پاڙي جو سردار ۽ جنگ جو جهونجهار هو. هو دودي سان گڏجي جنگ تي چڙهيو(7) .

سومرن بادشاهن جي حڪمران گهراڻي مان چنيسر جي پٽ ننگر، دودي جي پٽ ڀونگر (يا منگر)، چنيسر جي پٽ محمد ۽ دودي بادشاهه پنهنجي ساٿين سردارن ۽ جان نثار فوجن سان وڏي جوانمردي ۽ بهادريءَ سان جنگيون ڪيون ۽ هو ٻيلهون ٻڌي وڙهيا(1) . پڇاڙي جو چنيسر به جنگ ڏني. هن وقت عام مشهور هلندڙ ڳالهه جي اڪثر روايتن ۾ انهن سڀني سورهين جي جنگين جو ذڪر آهي، پر لاڙ جي ڀانن يعني ته سامي شاعر جي بيتن واري سڀ کان آڳاٽي ڳالهه ۾ سومرن جي خاندان مان فقط دودي جي جنگ جو ذڪر آهي، ۽ غالباً تاريخي لحاظ سان پڻ اهوئي صحيح هجي. پر وقت گذرڻ سان ڳالهه جي ڳهيرن هن ڪوپائي ڪٿا ۾ اضافا ڪيا ۽ ٻين سورهين جي ڪارنامن کي وڌايو ۽ ويجهايو. منشي اَڌارام واري لکايل ڳالهه (جيڪا سامي شاعر واري ڳالهه کان پوءِ جي آهي) ۾ پهريون ڀيرو ننگر جي جنگ جو ذڪر اچي ٿو، پر ائين ڄاڻايل ڪونهي ته هو ڪو چوڏهن سالن جو ڳڀرو هو، ٻيو ته ننگر سان گڏ سندس ٻئي ڪنهن ساٿي منگر يا ڀونگر جو پڻ ذڪر ڪونهي. جيئن پوءِ تيئن وقت گذرڻ سان واڌارا ٿيندا ويا ۽ هن ’ڪوپائي ڪٿا‘ جو وزن وڌندو ويو. صابر نوحاڻي جي روايت ۾، جيڪا پڻ آڳاٽي آهي، تنهن ۾ وڌيڪ واڌارن سان هن جنگ - ڪيڏاري جا مڙيئي لوازمات پورا ٿيندا نظر اچن ٿا. انهيءَ روايت ۾ ننگر سان گڏ دودي جي پٽ منگر بدران ڀونگر جو ذڪر آهي، ۽ ڀائنجي ٿو ته اهو وڌيڪ مؤزون ۽ مناسب آهي. اسان جي خيال ۾ منگر جو نالو نسبتاً پوئين دؤر ۾ هڪ غلط فهمي سببان پيدا ٿيو. منشي اَڌارام واري لکايل ڳالهه ۾ سڀ کان پهريائين ننگر جو ذڪر اچي ٿو، تنهن ۾ ننگر جي جنگ بابت هڪ ڳاهه آهي ته:

ننگر مغل پاڻ ۾ چڙهي ڏني چوٽ
ڀڃي ڇٽ ڇيهون ڪري گهڻا ماريائون گهوٽ

(ص 20)

ڳالهه جي ’ويچار‘ موجب هن ڳاهه جو مطلب اهو آهي, ته ننگر (سومرن جي لشڪر جو سپهه سالار) ۽ مغل (عالادين يا عالادين جو سپهه سالار) آمهون سامهون چڙهيا ۽ هڪٻئي سان وڏي جنگ ڪيائون، جنهن ۾ عام سپاهين کان سواءِ, ٻيا ڪيترائي صوبا ۽ سردار پڻ مارجي ويا. پر ڳالهه جي ’ويچار‘ کان سواءِ، اها ’ڳاهه‘ جڏهن ڪن سگهڙن ٻڌي ته ان مان اهو مطلب ڪڍيائون ته ’ننگر ۽ منگر‘ گڏجي جنگ تي چڙهيا. سنڌي اُچار موجب ’منگر‘ يا ’مـُـگر‘ نالو ساڳيو ”مغل“ آهي. غالباً انهيءَ غلط فهميءَ سببان پوئين دؤر جي روايتن ۾ ”ننگر ۽ مغل“ بدران ’ننگر ۽ منگر‘ جو نالو آندو ويو.

منشي اَڌارام واري لکايل ڳالهه ۾ ننگر جي جنگ جو ذڪر آهي، پر پوءِ جيئن هي ڳالهه وڌي ته ڳالهه جي شاعرن ان ۾ وڌيڪ گل وڌا: يعني ته ننگر کي تيرهن - چوڏهن ورهين جو ڳڀرو تصور ڪيو ويو ۽ ساڻس گڏ سندس ’پنجاهه يار‘ شامل ڪيا ويا(1). هڪ روايت موجب، منگر کان سواءِ ننگر جو ٻيو هڪ سؤٽ ’هالو‘ پڻ وڙهيو(2). ٻي هڪ روايت موجب ’نهري ننگر راوَ‘ ۽ ’مگر راو‘ کان سواءِ ’منگـہ راو‘ پڻ جنگ ڏني(3). ڪن روايتن ۾ ننگر جا يار سومرا، سما، سوڍا جاڙيجا، سهتا ڪري ڄاڻايل آهن ۽ منجهائن ڪن جا نالا پڻ کنيل آهن، جيئن ته حيدر هـُـولياڻي (سومرو)، ڪاهـُـيون ڄام (سمو)، ڇٽو جاڙيجو، سوائي (سمو يا سهتو يا سوڍو) ۽ سرکنڊ سوڍو(4).

ننگر جي جنگ: آڳاٽي دؤر ۾ غالباً دودي جي جنگ هن ڳالهه جي جان هئي، پر اندازاً پوين ڏيڍ سؤ سالن (يا اڃان به اڳ) کان وٺي ڄڻ سڄو ڌيان ننگر جي جنگ تي رهيو، ايتري قدر جو دودي جي جنگ پڻ ان جي پاڇي ۾ ڍڪجي وئي(5).اهو انهيءَ ڪري جو اڃان ڳڀرو جوان آهي جو جنگ تي وڃي ٿو:

منهن ۾ ناهيس مسڙِي، اڃان چوڻن اٿس چاه
سونا ڪنگڻ سومري، جنهن جي ڪنن ۾ لـُـڙڪا

(ص 870)

سندس شادي جون تـِـٿون ۽ تياريون پيون ٿين جو هو غيرت ۽ وطنيت جي جذبي هيٺ پنهنجي چاچي دودي جي طرفان پنهنجي پيءُ چنيسر جي برخلاف پڪو ارادو ڪري چڙهي ٿو ۽ چاچي کي چوي ٿو ته:

وڃان ٿو وڪيل ٿيو، من بابو ڪري پرچاءِ
جي پٽيل پرتو ڪينڪي، ڪيائين جهيڙي جو به وڌاءِ
ته پوءِ آهن اسان ڪانَ قبوليا عالادين اڳياءِ
سر ڪنداسون صدقو، گهورون لڄن تاءِ
مـَـلهون ميڙهون کوڙيون، ڳوڌا وهندا ڳاه
سنڌ ملهائيندا سومرا، جاسين سندن سسيءِ ساه

(ص 899)

ننگر ذاتي طور وڏو خوددار، بهادر ۽ بيباڪ آهي، کيس ’نهرو‘ يا ’ننگر راو نهرو‘ ڪري سڏيو ويو آهي(1). جڏهن پهريائين عالادين جي ڇانوڻي ۾ پهچي ٿو ته وچان بيپرواهه ٿي لنگهي ٿو، عالادين جي وزيرن، صوبن، سپهه سالارن کي بي ڌڙڪ ٿي ملي ٿو ۽ کين سڄي هٿ سان نه بلڪه کٻي هٿ سان سلام ڪندو، آڏا جواب ڏيندو، آخر وڃي پڻس چنيسر سان ملي ٿو. پيءُ کي سمجهائي ٿو، پر هو جڏهن نٿو مڃيس ته کيس سڌيون سڻائي ٿو. عالادين کي به کٻي هٿ سان سلام ڪري ٿو ۽ جڏهن بادشاهه ٻاگهي جي سڱ جي ڳالهه ڪڍي ٿو ته کيس ٺهه پهه جواب ڏئي ٿو ته:

تون ترڪ، اسين سومرا، اها ڪيئن جوڙ جڳاءِ

ان بعد جڏهن جنگ جي نوبت پهچي ٿي، ته بادشاهي لشڪر سان وڏي بهادريءَ سان وڙهي ٿو ۽ عالادين جي سپهه سالارن کي هڪٻئي پٺيان شڪستون ڏيئي، پورو ڪري ٿو(2) . ننگر ۽ منگر جي جنگ جو بيت آهي ته:

ڀـَـڙ پوٽا ڀونگر جا پيا رؤنشي راند رهن
”هڻ“ ’وڙهه‘ وائي وات ۾ آهي ننگر ٻيلئيڙن
شيشا لعل شراب جا ڪڍيا ڪلاڙن
نر نشي نهوڙيا، بيٺا عيلي! عيلي! ڪن
لارين لاءِ وڏا ڏنا، دناليون ڌڌڪن
ماڪڙ وانگؤن مينهن جان اچو، ڪوڙين ڪانَ ڪــِـرن
ڌڙ جني جا ڌوڙ ۾ اتي للهنگ پيا ليٽن
عضوا امرائن جا لوهوءَ منجهه لـُـڙهن
پالڪيون پرزا ڪري، ننگر هول ڀڳا هاٿين
ڀؤ ڀڳائون ڀـُـورن جو، ڪڪا ڪيهون ڪن
رڪ جا ٻيلهنگَ هٿن ۾، جئن جهانگي جهنگ هڻن
سـَـٿيون وجهن سومرا جئن لـَـنبَ جو گاه لڻن
ننگر سندي جنگ کان، بيٺا توبهه! توبهه! ڪن
مرد ماريائون ميدان ۾، رڻ ڀيليو راوَن

(ص 952)

ننگر جي حملي جو بيان ته:

سو اَلو اُڏاڻو باهه مؤن، جئن اڀ کڙي تارو
جنگ سندي ميدان ۾ وڃي نر ڪيو نارو
اڙد عالادين جو تنهن ۾ مڙد وڌو مارو
سو هـُـل هنبارين ۾ پيو، ڪيائين چؤرنگ ۾ چارو
اڙدن مٿئون مينهن جان ڪيائين امارو.

 

ننگر چوڏهن ڏينهن سانده جنگ ڪئي(1) ۽ سورهيائي ۽ سوڀ ٻئي ساڻس ٻـِـٽ ٻيلي ٿيون. ڳالهه جي شاعرن پنهنجن بيتن ۽ ڳالهه کڻندڙن پنهنجن بيانن ۾ ننگر جي بهادري کي ايترو ته چمڪايو، جو ڄڻ اهو خيال پيدا ٿيو ته: ننگر مڙس مرڻ جوئي ڪونه هو، پر جي مئو هوندو ته پوءِ چنيسر هٿان ئي مئو هوندو! انهيءَ گمان هيٺ پوين راوين مان ڪنهن چيو ته ننگر ۽ منگر کي چنيسر زهر ڏيئي ماريو(2) ته ٻئي ڪنهن چيو ته ننگر ترار سان چنيسر هٿان ماريو(3) . هڪ بيان موجب ننگر جمعي جي ڏينهن پساه ڏنو. جڏهن سندس لاشو کڄي آيو ته ’ماروئڙي جي مقام‘ ۾ دفنايائون جيڪو دودن جو (حڪمران گهراڻي جو) اصلي مقام هو(1) .

ننگر جي مارجڻ کان پوءِ چنيسر جي پٽ محمد ۽ سندس يار هاسي سوڍي وڏا مقابلا ڪيا ۽ اهي ماريا ته دودو جنگ تي چڙهيو.

دودي جون جنگيون: دودو سڀني جو ڏڍ ۽ ڀرجهلو هو، ۽ سندس آڌار ۽ آسري تي ئي ٻين پئي جنگيون ڏنيون. جڏهن ٻيو ڪو باقي نه بچيو، تڏهن دودو رڪ جو سندرو ٻڌي چڙهيو(2) . دودو دلير ۽ دلاور هو، ڪـُـوپو ۽ ڪنڌار هو. عالادين کي اڳ ۾ ئي چنيسر (۽ ٻين) پئي آگاه ڪيو ته:

دودو چڙهندو جنگ تي تڏهن وڻ ڇڏيندا واءِ
رئي کان سج لـَـٽجي وڃي، پوي نه سڌ سماءِ
مرون جهنگ ڦٽو ڪندا، ٻيلي لڳندي باه
مـَـيو چڙهي موجون ڪندو، دٻجي ويندا درياءِ
دودو چڙهندو جنگ تي، تنهنجيون ديميون ڇڏينديون ساه
(3)

جڏهن دودو جنگ تي چڙهيو ته سندس حشمت ۽ هيبت کان بادشاهي لشڪرجا هيانوَ کاڄي ويا. دودو چڙهيو ته پنهنجو خاص ”ٽـِـهانگ هٿيار“ کڻي چڙهيو، جنهن ۾ ست تراريون سميٽيل هيون(4) . دودي کي ’ست هٿيارو سومرو‘ ڪري سڏيائون، جو جنگ جي ميدان ۾ ٻين جي ڀيٽ ۾ ڄڻ سندس ’ست هٿيار‘ پئي وَڙها، ۽ جتان ٿي شاهي فوج ۾ پيو اتان جڻ پـَـها ڪڍي ٿي ڇڏيائين، ڄڻ درياه جون اُٿلون ڪري پلٽجي ٿي پيو ۽ مخالف لشڪر کي ٻنهي ڪنڌيين ٻوڙي ٿي ڇڏيائين. دودي جي مقابلي جي ڪنهن کي جرات ڪانه ٿي ٿـِـي. پهرئين جنگ ۾ ئي دودي رڻ آجو ڪري ڇڏيو جو مخالف لشڪر کي ختم ڪري ميدان صاف ڪري وڳـہ ڏي موٽي آيو(5) . ان کان پوءِ پنهنجي طاقت ڄمائڻ خاطر، دودي چڙهي اچي عالادين جي ڇانوڻيءَ جي ويجهو پنهنجو لشڪر گاه قائم ڪيو(1) ۽ اتان جنگ جي ٻارهن - ڪوهي ميدان ۾ اچي لاڳيتون لڙائيون لاتائين:

ٻارهن ڪوه ميدان هو، جنهن ۾ خوني پـڙ جـُـڙن(2)

اهڙي طرح دودو چوڏهن چنڊ وڙهيو(3) ۽ عالادين جي لشڪر جو وڏو حصو مارجي ويو، پر شاهي ڪٽڪ کـُـٽڻ جو ڪونه هو! آخري جنگ ۾ دودو ڪفن پائي چڙهيو ۽ جڏهن جوش مان حملا ڪيائين، تڏهن کيس ڏسي چنيسر کي چيائون ته: اڄ دودي جي گهوڙي رت ۾ تـَـرندي اچي(4) . دودي ست ڏينهن سانده جنگ ڪئي ۽ اهڙا ته حملا ڪيائين، جو سڀني کي پڪ ٿي ته دودو مارجڻ جو ئي ناهي(5) . پوءِ چنيسر کين حرفت ڏَسي، جنهن سان دودي جي گهوڙي ڇـَـلانگ ڏيندي وڃي ڀالن ۾ لڳي ۽ دودي جي جسم مان پڻ ڀالا چڙهي پيا(6) . دودو مٿي ڀالن ۾ هو جو چنيسر هيٺان نهاري پڇيس ته: ’دودا هاڻي ڪيئن؟‘ تڏهن دودي جواب ڏنس ته: ’ادا! اڃان به مون کان هيٺ بيٺو آهين.‘ پوءِ عالادين حڪم ڪيو ته سر وڍيوس(7) :

ست هٿيارا سومرا، مٿي تو ڪا ناه
سمن سوڍن وچ ۾ مـَـرڪي ماءِ سندياءِ
ڏاڙهي ڏاڙهون گل جان رچي لال ٿياءِ

 

ٻئي بيان موجب جڏهن دودو گهڻو زخمي ٿي ويو، تڏهن چنيسر آيو ۽ روئي چيائين ته:

هيئن نه ڄاتم سومرا، ته ڪو مير دودو مرندو
هيڻن جو همراهه هو، ۽ ڇـِـنيون ڳنڍيندو

 

دودو اُڃو هو ۽ چنيسر پاڻي آندو پر دودي چيس ته: ’تنهنجو پاڻي ڪيئن پيان جو منهنجا ٻيا سڀ نيرانا لڏي ويا. باقي مون کي سولو ڪري سجدي ۾ ڪر.‘ چنيسر کيس سجدي ۾ ڪيو ۽ اتي سندس پساهه پورو ٿيو(1) . اڃان به هڪ ٻي روايت موجب جڏهن دودي عالادين جي هنباري تي حملو ڪيو، تڏهن اشڪنجي واري ”ٽـِـه - ڇـَـل“ ڪـَـل ۾ قابو ٿي پيو ۽ اشڪنجي جي هڪ ڪات سان سندس ڪنڌ ڪپجي ويو(2) . پوءِ سـِـر نيزي ڪيائون، پر دودو مڻيا وارو مرد هو، سندس سر نيزي تي هو جو هيٺان ڌڙ ڌُٻي اُٿيو:

اتي ڌڙ ڌٻي اُٿيو، سـَـتـِـي سـِـر پيئي
عالادين جي فوج کي ڇوهه ڇڏي ويئي.

 

اتي ويجها بيٺل ڏهه درٻاري ماريائين ۽ پوءِ کنو پنهنجي جسم ۾ ٿيڪي ڇڏيائين(3) . اها چيٽ مهيني جي اونداهي پـَـک جي ارڙهين تاريخ هئي ۽ آچر جو ڏينهن هو، جو دودو شهيد ٿيو(4) .

مٿي چئي آيا آهيون ته هڪڙن بيانن موجب سومرن ۽ عالادين جون جنگيون ’روپاهه‘ جي ڀرسان لڳيون ۽ ٻين بيانن موجب ’وڳهه ڪوٽ‘ وٽ لڳيون. بدين تعلقي ۾ ’بهڊمي‘ کان اولهه طرف کنڊرات آهن، جيڪي مدت کان وٺي مقامي طور ’روپاهه ماڙي‘ جي نالي سان مشهور آهن. اتي هڪ قبر آهي، جيڪا مقامي روايت موجب دودي جي قبر چئي وڃي ٿي(5) . ڪافي آڳاٽي وقت کان وٺي بدين، جاتي ۽ ڪڇ طرف جا سومرا دودي جي قبر واري انهيءَ مقام جو احترام ڪن ۽ نوان گهوٽ پرڻجن ته به اتي وڃن. آڳاٽي وقت کان وٺي دودي جي يادگار طور اتي چيٽ مهيني ۾ ساليانو ميلو پڻ لڳندو آهي.


(1) ص 910

(2) ص 648

(3) ص 851

(4) ص 284

(1) ص 286

(1) ’پاهوڙيو’ ذات جو نالو ’پهوڙ’ سان ملي ٿو. ڪن بيانن ۾ ويرم کي هڪ فقير، يا چور، يا ڪورين جو سردار پڻ ڪوٺيو ويو آهي (ص 19، حاشيه ص 173، ص 286)

(2) ص 864

(3) ص 173

(4) ص 286

(5) ص 19

(6) ص ص 174 - 175

(7) ص ص 722 - 723 ۽ 759 - 761

(1) ص ص 664 - 665 ۽ 668

(2) ص 54

(3) منشي اَڌارام جي لکايل ڳالهه، ص ص 22 - 23

(4) ص ص 552، 558 ۽ 560

(5) ص 566

(6) ص ص 54 ۽ 193

(7) ص ص 568 ۽ 604

(1) فقير مولا بخش ميراثي واري روايت ۾ ڳالهه جو ويچار، ص 1095

(1) سامي شاعر جي بيتن واري ڳالهه توڙي منشي اَڌارام جي لکايل ڳالهه ۾ اهڙو ڪو ذڪر ڪونهي. اهو اضافو صابر نوحاڻيءَ واري ڳالهه (کان شروع ٿيو؟) ۽ پوءِ ٻين روايتن ۾ موجود آهي.

(2) صابر شر جي روايت ص 358

(3) امام بخش مهر جي روايت ص 349

(4) ص 90، 187، 444 - 445، 701، 783، 865، 948 - 949، 978، 1095

(5) مثلاً ڏسو يار محمد ماڇي جي کنيل ڳالهه جنهن ۾ دودي جي جنگ فقط نالي ماتر پڇاڙي ۾ بيان ڪئي ويئي آهي (ص 846).

(1) ص 347، 349 ۽ 668

(2) ص 739 - 770، ننگر جي بيباڪي ۽ بهادري لاءِ وڌيڪ ڏسو ص ص 385، 403 - 404، 482 - 483، 524 - 528، 534، 537، 541

(1) ص 99

(2) رکيل راڄڙ جي روايت، ص 250

(3) امام بخش مهر جي روايت، ص 353

(1) ص ص 105، 452، 775، 823. ڪن بيانن ۾ ان کي ’مـُـهراڻي جو مقام’ سڏيو ويو آهي (ص 741).

(2) ص 252

(3) ساڳي ڳاهه ٿوري ڦيرگهير سان ڳالهه جي جدا جدا بيانن ۾ آيل آهي (ص 437، 461، 522، 525، 529، 681، 809).

(4) ص 26

(5) ص 624

(1) ص 297

(2) ص 537

(3) ص 231، 252، 301

(4) ص 300

(5) ص 57، 301

(6) ص 253، 627. انهيءَ قسم جي ٻئي بيان لاءِ ڏسو ص 486

(7) ص 429

(1) هڪ روايت موجب دودو ڀالن ۾ هو جو چنيسر جي ترار اتفاق سان لڳي ۽ هو مئو (ص 253)

(2) ص 301

(3) ص 253

(4) ص ص 50 ۽ 69

(5) اندازاً ويهه سال کن اڳ اسان اهو ماڳ ڏٺو. باقاعدي قبر ٻڌل ڪانه هئي، پر ڀڳل ٽٽل ڳاڙهين سرن جو هڪ ننڍڙو ڍڳ هو ۽ چيائون ٿي ته عالادين سان جيڪو دودو وڙهيو، تنهن جي قبر جو اهو نشان آهي. ڏهه - ٻارهن سال ٿيا جو سومرا برادري طرفان اها قبر ٻڌائي وئي آهي. انهيءَ قبر کان ڏکڻ طرف هڪ قبو هو، جيڪو شاهه حسين جو قبو ڪري ٿي سڏيائون ۽ چيائون ته اهو چنيسر جو قبو آهي. حاجي ناهڙ چانگ 19 - 12 - 64ع تي هڪ ڪچهريءَ ۾ ٻڌايو ته جنهن کي شاهه حسين چون ٿا، سو دودو آهي: چنيسر جو قبو شاهه حسين کان ڪاڇيل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org