باب
ڇهون
خير
القرون (ڀلو زمانو)
مڪي
شريف ۾ اسلام جو جهنڊو بلند ٿيڻ کانپوءِ سرور
ڪائنات ﷺ کي مڪي جي مشرڪن ايترو تنگ ڪيو جو کين
آزادي ۽ علي الاعلان اسلام جي تبليغ ڪرڻ ته ٺهيو
پر هو ان جا به روادار نه هئا ته پاڻ سڳورا ﷺ ڪعبي
۾ آزادي سان الله جي عبادت ڪري سگهن، پر ان ڳالهه
تي به صبر نه ڪيائون ۽ جڏهن مشرڪن اها حد به
اورانگهي ۽ حق جي پيغمبر ﷺ ۽ پنهنجي هاديءَ جي جان
جا گهورا ٿي پيا، تڏهن الله سائينءَ هڪ ٻئي شهر جي
رهاڪن کي سندن صه جي مدد لاءِ مقرر ڪيو. مديني
وارن مان ڪجهه ماڻهن ايمان آندو ۽ زور ڀريائون ته
پاڻ سڳورا ﷺ ان شهر کي سدائين آباد رهڻ جي دعا
ڏيئي يثرب (مديني) جي ڌرتيءَ کي پنهنجي بابرڪت
قدمن سان عزت بخشين.
انهيءَ زماني ۾ مديني وارن مان ڪجهه غريب ۽ توحيد
وارن مديني جي ٻاهران هڪ ننڍي مسجد جوڙائي ۽ هڪ
خدا ذوالجلال جي عبادت ۾ مشغول ٿي ويا. هيءَ اها
ئي مسجد آهي جيڪا مسجد قبا جي نالي سان مشهور آهي
۽ جنهن جي شان ۾ الله جل شانه ”اسس علي التقويٰ“
(ان جو بنياد پرهيزگاري آهي) فرمايو. هيءَ ئي ڌرتي
آهي جنهن تي توحيد جو سڀ کان پهرين قبضو ٿيو ۽
جنهن ۾ سڀ کان اڳ خدا جو نالو پڪاريو ويو.
مديني وارن جي زور ڀرڻ تي به پاڻ ڪريم ﷺ اهو شان
رسالت جي خلاف سمجهيو ته خدا جن ماڻهن کي تبليغ
اسلام جو پهريون مخاطب بڻايو آهي انهن کي ڇڏي ڪنهن
ٻي پاسي جو ارادو ڪيو وڃي، پر جڏهن مڪي وارن کان
سواءِ جهالت ۽ بغاوت جي ٻي ڪنهن ڳالهه جي اميد نه
رهي ته الله سائين پنهنجي پيغمبر کي مديني ڏانهن
اسهڻ جو حڪم ڏنو ۽ جيتوڻيڪ کين دشمنن جي ڊپ کان
واٽ ۽ جان بچڻ جي تمام گهٽ اميد هئي، پر پاڻ ڪريم
ﷺ جن خدا جو حڪم ملندي ئي روانا ٿيا ۽ پنهنجي
تقدير ۽ الله جي رضا تي راضي رهي يثرب جي واٽ
ورتائون. ان ڏينهن کان هجري سال شروع ٿيو. جنهن تي
اڄ تائين اسلامي دنيا جي سڄي ڪاروبار ۽ معاملن جو
دارو مدار آهي. مطلب ته هجرت جي پهرين سال جڏهن
پاڻ ڪريم ﷺ جن مديني شريف ۾ قدم رکيائون ته اسلام
جي جانثارن مان هرهڪ جي تمنا هئي ته پاڻ سڳورا ﷺ
سندس ئي مهمان ٿين. پاڻ سڳورن ﷺ پنهنجي سواريءَ کي
خدا جي مرضي تي ڇڏي ڏنو ته جتي الله کي منظور
هوندو پاڻمرادو بيهي رهندي. بني نجار جي درن تان
سوار لنگهي رهي هئي ۽ هر شخص حسرت وچان پئي ڏٺو ته
رسول خدا جي سواري سندس در تان اڳتي نڪري چڪي آهي.
ويندي ويندي پاڻ سڳورن ﷺ جي ڏاچي هڪ زمين جي ٽڪري
تي پهتي جتي اٺن جي جهوڪ هئي ۽ اها زمين اروڙي
هئي. مشرڪن جون ڪجهه قبرون هيون، ڪجهه کجيءَ جا وڻ
هئا ۽ اها سهل ۽ سهيل نالي ٻن يتيم ڀائرن جي ملڪيت
هئي، جيڪي معاذ بن عفراءِ جي نگرانيءَ ۾ زندگي
گذاريندا هئا.
نبي
ڪريم ﷺ جي ڏاچي ڀٽاري ان زمين وٽ پهچندي ئي ويهي
رهي. ڏاڍي ڪوشش ڪئي ويئي ته اڳتي وڃي پر نه وئي ۽
وئي به ته ٻه وکون وڃي وري موٽي اچي بيهي رهي.
معلوم ٿيو ته الله جي مرضي به هتي آهي. ڏاچي
ويهاري وئي ۽ پاڻ سڳورا ﷺ لهي پيا. اهو ماڳ جيئن
ته رهڻ جهڙو نه هو ان ڪري ابو ايوب انصاري رضه
جنهن جي قبر تي اڄ تائين درالسلطنت قسطنطنيه فخر
ڪري رهيو آهي، پاڻ سڳورن ﷺ کي پنهنجي گهر وٺي آيا
۽ پاڻ سڳورا ﷺ سندس مهمان ٿيا.
رهڻ
کان پوءِ پاڻ سڳورن ان زمين جو احوال پڇيو. ماڻهن
ان جي حالت ٻڌائي ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جن ان جي خريداريءَ
جا اميدوار ٿيا، دريا دل ۽ دلير ميزبانن آرزو ڪئي
ته اوهان اها ائينءَ ئي قبول فرمايو. پر پاڻ سائين
ﷺ جن نه مڃيو، ابوبڪر صديق رضه جي ملڪيت مان ڏهه
دينار ڏيئي ان کي خريد ڪري ورتائون ۽ اتي مسجد
ٺاهڻ جو ارادو ڪيائون، مشرڪن جون قبرون ڊاهي سڌيون
ڪيون ويون، وڻ وڍيا ويا ۽ زمين سنواري برابر ڪئي
ويئي، پوءِ پٿرن سان بنياد کنيو ويو. ان تي ڪچين
سرن جي ڀت ٺهي، کجيءَ جي ڪاٺ سان آڏورا ڏنا ويا ۽
ان تي کجيءَ جي ئي ڇڙين سان ڇت ڍڪي ويئي ۽ هڪ
بناوٽ کان آجو سادو خدا جو گهر قائم ڪيو ويو. جنهن
جا مزدور اصحابي رضه هئا. جن پنهنجي پورهئي جو
اجورو الله پاڪ جي ذمي رکيو ۽ پنهنجي هٿن مبارڪن
سان مسجد جوڙي راس ڪيائون. هيءَ ئي اها مسجد نبوي
آهي جيڪا سڀ کان اڳ پاڻ سڳورن ﷺ جي حڪم سان ٺهي ۽
جنهن تي سڀ کان پهريون اسلام جو اختيار هليو ۽
جيڪو اڄ تائين پرجوش ديندارن ۽ دلي عقيدتمندن جو
آخري ٺڪاڻو ۽ پناهه گاهه آهي ۽ هيءُ ئي اهو پاڪ
خطو آهي جنهن جي شان ۾ سرور ڪائنات ﷺ فرمائن ٿا
”رضته من رياض الجنته“ يعني جنت جي باغن مان هڪ
باغ آهي.
ان
کان پوءِ اسلامي تبليغ جو ڪم آزاديءَ سان شروع ٿيو
۽ اسلام جون لاٽون چوڦير ڦهلجڻ شروع ٿيون. اسان
جيئن ته رڳو فتوحات سنڌ لکڻ گهرون ٿا، جنهن ڪري هر
انهي4 خطي تي نظر وجهڻ نٿا گهرون جنهن تي اسلام جي
نور جون شعاعون پنهنجو جلوو ڏيکاري رهيون آهن،پر
عرب جي فتح ٿيڻ کان پوءِ اوڀر طرف هلنداسين. ۽
انهن سڀني ملڪن تي هڪ مجموعي نظر وجهنداسين، جنهن
مان گذري صحابه ڪرام هند جي حدن ۾ پهتا ۽ مٿاڇري
نظر سان انهي مقدس گروهه جي نقش قدم کي ڏسندا
هلنداسين.
سڀ
کان اڳ عرب ملڪ جي شڪسته ۽ مفتوح ۽ اسلام جي جهنڊي
جي ڇانو ۾ ٿيڻ جي مختصر سرگزشت هي آهي سن 4 هه ۾
بني نضير جي زمين تي حضرت سرور ڪائنات ﷺ جو قبضو
ٿيو. 5 هه ۾ بني قطريظه وارن اطاعت قبول ڪئي. 7 هه
۾ خيبر فتح ٿيو. انهيءَ سال فدڪ، يتماءَ ۽ القريٰ
جي وادي اسلام جي جهنڊي هيٺ آيون. انهيءَ سال پاڻ
ڪريم ﷺ جن رسالت عام جو فرض پورو ڪرڻ لاءِ دنيا جي
بادشاهن نالي تبليغي خط روانا ڪيا. 8 هه ۾ مڪو فتح
ٿيو ۽ ڪعبو شرڪ جي پليتي کان پاڪ ڪيو ويو. پوءِ
طائف، تبال ۽ جرش تي قبضو ٿيو. 9 هه ۾ تبوڪ، ايله
ازرخ مقناجرياءَ ۽ دومته الجندل فتح ٿيو. انهيءَ
سال نجران وارن پيش ٿي اطاعت جو اظهار ڪيو ۽ پاڻ
تي جزيو مقرر ڪرايو. وري ان کان پوءِ يمن تي اسلام
جو اختيار هليو. انهيءَ سال پاڻ سڳورن عمان وارن
کي اسلام جي دعوت پيش ڪئي ۽ هنن ايمان آندو. جنهن
کان پوءِ بحرين وارن به هدايت ورتي ۽ يمامه وارا
به انهيءَ اسلام جي دولت سان مالا مال ٿيا. 10 هه
۾ عرب جي چئن طرفن کان ماڻهو مڙي آيا ٿي ۽ اسلام
قبول ڪيائون پئي. پاڻ سڳورن ﷺ جا خط پهتا ۽ هر هنڌ
انهن جي اڳيان اطاعت سان سر جهڪيا ٿي. 11 هه جي
شروعاتي زماني ۾ پاڻ سڳورن ﷺ جي وفات ٿي، پاڻ
سڳورن ﷺ جي رحلت سبب عرب جي تازو ايمان آڻيندڙن تي
خراب اثر ٿيو. هر هنڌ ماڻهن بغاوت جو جهنڊو کنيو.
ڪن ته نبوت جي دعويٰ به ڪئي، ۽ اسلام پنهنجي حدن
کي ڇڏي مڪي ۽ مديني تائين گهيرجي ويو. حضرت صديق
اڪبر رضه خليفو ٿيو. جلد ئي هن ڏاڍي سرگرمي سان
عرب جي مرتدن کي ماري مڃايو ۽ ٿورن ئي ڏينهن ۾
اسلام پنهنجون اهي ڪشاديون حدون هٿ ڪري ورتيون،
جيڪي پاڻ سڳورن ﷺ جي زماني ۾ قائم هيون، پوءِ ڪوشش
ڪئي ويئي ته اسلام جو پيغام انهن قومن اڳيان به
پيش ڪيو وڃي جيڪي عرب کان ٻاهر آهن- انهيءَ زماني
۾ مثنيٰ بن حارثه قبيلو بني شيبان سان گڏجي عراق
جي سرحدي پرڳڻن تي ڦرلٽ ڪندا رهندا هئا.
حضرت
ابوبڪر صديق رضه ماڻهن کان پڇيو ته اهو مثنيٰ ڪير
آهي. خبر پئي ته رواجي ماڻهو ناهي، هر طرح سان
سگهارو آهي. سندس نسب کي به ماڻهو اعليٰ مڃين ٿا ۽
ذاتي ڳڻن ۾ به مشهوري پري پري تائين اٿس. حضرت
صديق رضه جي پڇڻ کان ٿورائي ڏينهن پوءِ خود مثنيٰ
خليفي جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين ته مون کي
اوهان منهنجي قوم جو سردار مقرر ڪيو. پوءِ ڏسو
انهن عجمين کي ڪهڙو سبق ٿو سيکاريان، حضرت ابوبڪر
صديق رضه سندس درخواست قبول ڪئي ۽ هو پنهنجي قوم
جو سردار ٿي مديني مان ٻاهر نڪتو. ۽ اوڀر اتر عرب
جي پرڳڻن جي واٽ ورتائين جتي هن جو ۽ سندس قوم جو
علائقو هو. مثنيٰ پنهنجي قوم کي حضرت ابوبڪر صديق
رضه جو فرمان ڏيکاريو، جنهن جو اثر اهو ٿيو ته
جيڪي ماڻهو اڃا اسلام جي دولت کان محروم هئا اهي
به مالا مال ٿيا. ۽ ايرانين تي حملو ڪرڻ جي لاءِ
بني شيبان جي سڄي قبيلي هڪ وڏي بهادر لشڪر جي
حيثيت اختيار ڪري ورتي. هيڏانهن مثنيٰ لشڪر کي
تيار ڪيو ۽ هوڏانهن حضرت ابوبڪر صديق رضه خالد بن
وليد کي جيڪو تازو مسيلمه ڪذاب جو ڪم پورو ڪري هلي
اچي پهتو هو، عراق ڏانهن وڌڻ جو حڪم ڏنو ۽ مثنيٰ
کي لکيائون ته سڀني ڪمن ۾ حضرت ابوبڪر صديق رضه جي
اطاعت ڪريو. مطلب ته خالد پهتو. عراق جي حدن م
سندس تلوار چمڪي ۽ فتحن جو سلسلو شروع ٿي ويو.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ حضرت خالد رضه کي حضرت ابوبڪر
صديق رضه جي حڪم سان شام جي مهم تي روانو ڪيو ويو.
۽ عراق جي فتحن جو مسئلو فقط مثنيٰ جي معمولي
سپاهه گيري جي مشق تي ڇڏيو ويو. تان جو 13 هه ۾
حضرت ابوبر صديق رضه وفات ڪئي. حضرت عمر فاروق رضه
جي ڏينهن ۾ سعد بن ابي وقاص رضه عراق طرف روانو
ٿيو. حضرت سعد رضه ويندي ئي معرڪن ۾ مشغول ٿي ويو
۽ ٿوري وقت کان پوءِ دجله درياءَ کي پار ڪري ايران
جي زبردست فوجن سان مقابلي لاءِ قطارون ٺاهڻ لڳو.
وڏي رتوڇاڻ ۽ بهادريءَ کان پوءِ 14 هه ۾ قادسيه ۽
مدائن جي برجن تي اسلام جو جهنڊو ڦڙڪايو ويو، هي
واقعو فاروقي خلاف جي ٻئي سال جو آهي. ان کان پوءِ
فاتحن ۽ مجاهدن جا قدم اڳتي وڌندا ئي رهيا.
جيتوڻيڪ زرتشتي ڌرتي ڌڻين رت جي ندي وهائڻ کان
پوءِ به هڪ قدم پوئتي نه هٽيا. 14 هه ۾ حضرت عمر
رضه کي معلوم ٿيو ته ٻاهرين ملڪن جي آب هوا عربن
جو رنگ روپ مٽائي ڇڏيو آهي. حضرت عمر رضه سعد بن
وقاص رضه کان ان جو سبب پڇيو، سعيد رضه لکيو ته
مختلف علائقن جي آبهوا سندن صورتون بدلائي ڇڏيون
آهن ۽ ٻيو سبب هي آهي ته عرب کي انهن هنڌن جي
آبهوا راس اچي ٿي جتي سندن اٺ خوشحال رهن ٿا.
خلافت فاروقيءَ جي ٽئين سال 15 هه ۾ اتفاقاً ۽ بنا
ارادي ۽ سواءِ ان جي جو حضرت عمر رضه ڪو حڪم ڪري
هڪ دلير آفيسر پاڻ مرادو هندوستان تي خشڪيءَ رستي
حملو ڪري ڏنو، عثمان بن ابي عاص ثقفي بحرين ۽ عمان
جو والي مقرر ٿيو. انهيءَ پنهنجي ڀاءُ حڪم کي
پنهنجو نائب مقرر ڪري بحرين روانو ڪيو ۽ پاڻ عمان
جي واٽ ورتائين.
خليج
عمان جي ڪناري تان جيتوڻيڪ واپاري ٻيڙا هندي ڪناري
تي ايندا ويندا هئا ۽ قديم واپار هتان کان هڪ
دريائي رستو کولي ڇڏيو هو. تنهن ڪري عثمان بن ابي
عاصي کي بهادري ڏيکارڻ جو بهتر موقعو ملي ويو.
دريائي سفر جيڪو تن ڏينهن ۾ ڏاڍو خطرناڪ هو ۽ عرب
وارا بحري حملن کان ڏاڍو لهرائيندا هئا. جيتوڻيڪ
پوءِ جي زماني ۾ انهن کان وڏو ڪو جهاز ران به نه
هو. حضرت عمر رضه علمه بن محرز مدلجي کي اسلامي
لشڪر سان تقريباً ويهن ٻيڙن تي سوار ڪري روم جي
جهاد تي روانو ڪيو هو. اهي سڀئي ٻيڙا سامونڊي
طوفان ۾ مبتلا ٿي غرق ٿي ويا. ۽ ڪو به منجهانئن نه
بچيو. حضرت عمر رضه کي جڏهن انهيءَ حادثي جي خبر
پهتي ته پاڻ غم جي جوش ۾ اچي قسم کنيو ته اڄ کان
پاڻي رستي ڪا به فوج رواني نه ڪندس. ايستائين جو
عمرو بن عاص رضه نيل درياءَ جي ٻيءَ ڀر خيره شهر
آباد ڪيو ته حضرت عمر رضه اهو ٻڌندي کيس لکيو ته
”اهڙي هنڌ قيام نه ڪيو جو اوهان ۽ اسان وچ ۾ واهر
وهندو هجي. پر اهڙو هنڌ هجڪي جو جڏهن مرضي پوي
آئون پنهنجي اٺ تي چڙهي تو وٺ پهچان.“
مطلب
ته حضرت عمر رضه ڪڏهن به ڪنهن آفيسر کي پاڻيءَ
رستي ڪنهن به ملڪ تي ڪاهه ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو
هو. پر پوءِ به عثمان بن ابي عاص همٿ ڪري هڪ ٻيڙو
ترتيب ڏنو ۽ ان تي اسلام جي بهادرن کي سوار ڪري
سنڌ طرف روانو ڪيو. انهن ماڻهن سنڌو ڪناري پهچندي
ئي تانه شهر تي حملو ڪيو ۽ غنيمت جي مال سان ڀريل
تريل واپس آيا. اهو لشڪر جڏهن ڪاميابيءَ سان آيو
ته عثمان بن ابي عاص ڊڄندي ڊڄندي حضرت عمر رضه کي
اطلاع ڪيو ته شايد انهيءَ ڪاميابيءَ جي خبر آئيندي
لاءِ سامونڊي جهاد جو در کولي ڇڏي. پر دار الخلافت
مان جيڪو جواب ويو انهيءَ سندس اميدن تي پاڻي ڦيري
ڇڏيو. حضرت عمر رضه لکيو هو ته ”اي ثقفيءَ جا ڀاءُ
تو اها فوج نه موڪلي هئي پر جهروڪ هڪ ماڪوڙي کي
ڪاٺيءَ تي ويهاري سمنڊ ۾ وجهي ڇڏيو. خدا جو قسم!
جيڪڏهن اهي ماڻهو ڪنهن آفت ۾ وڪوڙجي وڃن ها ته
سندن عيوضو آءٌ تنهنجي قوم کان ڀرايان ها.“ حضرت
عمر رضه جهڙي رعبدار ۽ عظيم خليفي جي حڪم کان منهن
موڙڻ اصل ۾ وڏي خوفناڪ جرئت جو ڪم هو. پوءِ به
عثمان بن ابي عاص پنهنجي ارادي تي اٽل رهيو. هن ان
کان پوءِ به پنهنجي ڀاءُ مغيره بن ابي عاص کي هڪ
ٻيڙي جو اڳواڻ ڪري موڪليو، جنهن ديبل شهر تي حملو
ڪري دشمنن کي شڪست ڏيئي سوڀ حاصل ڪئي ۽ ڌن دولت
کڻي واپس وريو. جنهن وقت معيره ديبل تي حملو ڪري
رهيو هو ان وقت سندس ٻيو ڀاءُ حڪم عثمان بن ابي
عاص جي فرمان سان سنڌ کان به اڳتي وڌي گجرات جي
شهر بڙوچ تي حملي آور ٿيو. معلوم ٿئي ٿو ته مغيره
بن ابي عاص ديبل شهر جي جنگ ۾ پساهه پورا ڪيا ۽
شهر تي عرب جي هڪ واپاري ٽولي جو قبضو ٿيو. انهن
ڏينهن ۾ ديبل تي ديوائج جو پٽ ساميو حڪومت ڪري
رهيو هو، جنهنکي انهيءَ عهدي تي چچ مقرر ڪيو. خود
راءِ چچ تن ڏينهن ۾ سنڌ جو راجا هو ۽ کيس حڪومت
ڪندي پورا پنجٽيهه سال ٿي چڪا هئا.
اهي
ته ٻه سامونڊي حملا هئا جيڪي حضرت عمر رضه جي دؤر
۾ پندرهين هجريءَ ۾ ڪيا ويا ۽ جيتوڻيڪ اهڙي طرح
جهاز راني رستي پوءِ به ڪجهه حملا هندستان تي ٿيا،
جنهن جو احوال اڳتي هلي بيان ڪنداسين پر اصل
مسلمانن هندوستان تي خشڪيءَ رستي ان وقت ڪاهه ڪئي
جڏهن وچ جي سڀئي ملڪن کي لتاڙيندا ۽ دشمن کان رستو
صاف ڪندا هو هندوستان جي حدن ۾ پهتا ۽ انهي سبب
اسان انهن ملڪن جي فتحن جو احوال بيان ڪريون ٿا
جيڪي عراق ۽ هند جي وچ ۾ واقع آهن.
فاروقي خلافت جي نائين سال ايڪيهه هجريءَ ۾ سخت
جهڙپن کان پوءِ نهاوند فتح ٿيو. ٻاويهه هجريءَ ۾
مسلمان اڳتي وڌي ۽ تلوار آبدار جا جوهر ڏيکاري
همدان، وماونڊ، فارس، خراسان تي قبضو ڪيو ۽ انهن
شهرن تي اسلامي جهنڊو ڦڙڪايو. دراصل هاڻي ساساني
شهنشاهيت پڄاڻيءَ تي پهتي، رڳو ٽي ملڪ ڪرمان،
سيستان ۽ مڪرانم رهيا ٿي، جيڪي انهيءَ عظيم الشان
سلطنت جا سرحدي پرڳڻا هئا ۽ جن تي خسروي بادشاهت
جي مٽجڻ کان پوءِ اتي جا صوبيدار جيڪي انهيءَ عهد
جي اصطلاح ۾ مرزبان سڏبا هئا، اهي حڪومت ڪرڻ لڳا.
سن ٽيويهه هجري آيو ۽ پاڻ سان گڏ انهن جي
خودمختياري کي به وٺي ويو. اسان چاهيون ٿا ته انهن
ٽن صوبن جي فتح ٿيڻ جو حال تفصيل سان لکون. ڇاڪاڻ
جو اهي هندوستان سان دنگائي آهن. انهن جي فتح ٿيڻ
سان رڳو ايترو ئي نه ٿيو جو هندوستان جو رستو کلي
ويو يا عربن هندوستان جي در تي اچي ڌڪ هنيو پر ان
جي ڇانئجي وڃڻ سان ئي هندوستان تي عرب فتحن جو اثر
ٿي ويو ۽ اسلام جي بلند جهنڊي جي جهولڻ جون هوائون
هندستان جي شهرن تائين پهچي ويون. جيتوڻيڪ مڪران
تي سڀ کان اڳ ابو موسيٰ اشعري رضه پنهنجي گورنريءَ
جي ڏينهن ۾ ربيع بن زياد کي موڪلي قبضو ڪري ورتو
هو پر جيئن ته ڪنهن مبضوط قبضي کانسواءِ حملي آور
پنهنجي علائقن ڏانهن واپس هليا آيا، تنهن ڪري
ماڻهن بغاوت ڪري هڪ ننڍڙي خودمختيار حڪومت قائم
ڪري ورتي. ٻاويهه هجريءَ ۾ جڏهن سڄي ايران تي قبضو
ڪيو ويو هو، انهيءَ سال عبدالله بن عامر بن ربي
ڪرمان تي حملو ڪيو، ڪرمانين پنهنجي بهادر ڪوهستاني
قومن ڪوڄ ۽ بلوچ کان مدد گهري پر انهن جي مدد سان
ڪو فائدو حاصل نه ٿيو ۽ عبدالله برابر ڪرمان ۾
گهڙي ۽ سرڪشن کي تلوار سان ماريندو هليو ويو.
عبدالله جي رفتار ڏاڍي تيز هئي ۽ انهيءَ ڪارڻ سندس
فتحن خلافت کي ڪو مستقل فائدو نه پهچايو. هي فوج
جهڙوڪ هڪ وڄ هئي جو هتي ڪري هتي پهتي ۽ وري هتي
وڃي ظاهر ٿي.
عبدالله ڪرمان جي خودمختياري جو خاتمو آڻي سيستان
۾ داخل ٿيو، اتي جي مرزبان کي گهيرو ڪيائين ۽ جڏهن
هن آڻ مڃي ته هڪدم وڃي مڪران تي هلان ڪئي. مڪران
وارن سنڌ جي راجا کان مدد گهري پر ڪو به فائدو نه
ٿيو مڪراني ۽ سنڌي ٻنهي فوجن کي شڪت آئي ۽ مسلمانن
سڄي ملڪ ۾ ڪاميابي ۽ ڪامرانيءَ جو نغارو وڄائي
ڇڏيو، پر انهيءَ ڪاميابيءَ جي نغاري جو آواز
گونجندي ئي هوا ۾ واچوڙو ٿي ويو. ان لاءِ ته
عبدالله واپس آيو ۽ اهي هنڌ وري اڳي وانگر سرڪشيءَ
تي آماده ٿيا. نيٺ 23 هجريءَ ۾ ڪافي بندوبست ڪيو
ويو ۽ ٽنهي ملڪن تي جوان مرديءَ سان ڌار ڌار فوجون
موڪليون ويون. هڪ طرف، سهيل بن عدي، عبدالله بن
عبدالله بن عتيان سان گڏجي ڪرمان تي حملو ڪيو. هڪ
عرب بهادر نسير بن عمرو عجلي جي هٿان اتي جو
مرزبان ماريو ويو ۽ مسلمانن ملڪ جي سڄي حصي تي راڄ
قائم ڪيو. ٻئي طرف عاصم بن عمرو، عبدالله بن عمير
سان گڏجي سيستان جو رخ ڪيو. پهرئين ئي لڙائيءَ ۾
دشمن کي شڪست ٿي جيڪي پنهنجي شهر زرنج ۾ گهيرجي
ويا، نيٺ گهيري جي سختين کان تنگ اچي اتي جي
سربراهه آڻ مڃي ۽ مسلمان ڏن مقرر ڪري واپس روانا
ٿيا. انهن ٻنهي ملڪن جي فتح ٿيڻ کان پوءِ حڪم بن
عمرو تغلبي مڪران تي ڪاهه ڪئي. حڪم جي مڪران ۾
داخل ٿيندي ئي شهاب بن مخارق ۽ سهيل بن عدي ۽
عبدالله بن عبدالله عتبان جيڪي ڪرمان ۽ سيستان جون
مهمون پوريون ڪري اچي هن سان مليا. مڪران جي
بادشاهه سنڌ جي راجا کان مدد گهري، سنڌ جو راجا هڪ
جابلو فوج وٺي وڏي جوش ۽ جذبي سان هن جي مدد لاءِ
اچي پهتو.
جنگ
لڳي ڌرتي ڌڻين جو ستارو آڏو ابتو هو، جيتوڻيڪ ڏاڍي
دليريءَ سان مقابلو ڪيائون مگر نيٺ مڪران جو حاڪم
جيڪو اتي جي زبان ۾ رت بيل سڏبو هو مارجي ويو، گڏ
ئي سنڌ جو راجا به هلي چريو! مڪراني ۽ سنڌي فوجن
شڪست کاڌي. اهي ماڻهو اهڙي طرح مٺيون ڀيڙي ڀڳا ۽
هر پاسي پکڙجي ويا ۽ دشمنن پويان جنهن کي جتي
ڏٺائون ان کي اتي ئي قتل ڪيائون. اهو درياءَ جيڪو
سنڌ ۽ مڪران وچان وهي ٿو، ان تائين سندن پويان لڳا
۽ جنگ جي ميدان کان درياءَ جي ڪناري تائين سڄي
زمين لاشن سان سٿجي وئي ۽ رت ريلا ڪري وهڻ لڳي،.
اها فتح حاصل ڪرڻ کان پوءِ حڪم غنيمت جي مال مان
پنجون حصو الڳ ڪيو ۽ صحار عبدي جي حفاظت ۾ حضرت
عمر رضه جي خدمت ۾ روانو ڪيو، جنهن جي پهچندي ئي
دار الخلافت مديني ۾ ڏاڍي خوشي ملهائي وئي ۽ الله
سائين جو شڪر ادا ڪري اهو مال بيت المال ۾ داخل
ڪيو ويو. صحار عبدي جيتوڻيڪ مڪران جي سرزمين کي
ڏسندو هليو آيو ٿي ۽ جڏهن بارگاه خلاف ۾ پهتو ته
حضرت عمر رضه ان کان اتي جون حالتون پڇيون. صحار
عرض ڪيو ”امير المؤمنين آءٌ انهيءَ سرزمين جون
حالتون پنهنجي اکين سان پاڻ ۽ خوب پڇي حاضر ٿيو
آهيان. اتي پاڻيءَ جي ته کوٽ آهي پر ميون سان وڻ
جنجهيل آهن ۽ چور بهادر آهن. مطلب ته جيڪڏهن فوج
گهٽ هوندي ته ضايع ٿيندي ۽ وڌيڪ هوندي ته بک مرڻ
جو کٽڪو آهي. ان ڪري رسد جو انتظام ڏکيائيءَ سان
ٿيندو. حضرت عمر فاروق رضه چيو ته ”اوهان اتي جون
حالتون بيان ڪري رهيا آهيو يا شاعري ڪري رهيا
آهيو“ پر جڏهن صحار عبدي سنجيدگيءَ سان پڪ ڏياري
ته حضرت عمر رضه فڪرمند ٿيو ۽ مسلمانن کي اڳتي وڌڻ
کان روڪي ڇڏيائين. ڪجهه بيانن مان پتو پوي ٿو ته
انهيءَ حملي آور فوج جي عرب سردارن بارگاه خلافت
کان به پڇيو هو ته جيڪڏهن اجازت هجي ته اسان سنڌو
درياءَ مان لهي هند ملڪ تي فوج چاڙهيو. غالباً
انهيءَ بنياد تي حضرت عمر فاروق رضه صحار کان
مڪران جا حالات پڇيا ۽ جڏهن اهڙين مشڪلاتن جو ٻڌو
ته صفا انڪار ڪيو ۽ سخت تاڪيد سان لکيو ته ڪڏهن به
اڳتي وڌڻ جو ارادو نه ڪيو وڃي، پر مشڪل آهي ته جن
ماڻهن هي واقعو بيان ڪيو آهي ته جن ماڻهن هي واقعو
بيان ڪيو آهي هن لڙائيءَ ۾ مسلمانن جو سپه سالار
عبدالله بن عامر بن ربيع کي ڄاڻائين ٿا. غالباً ان
بيان ۾ غلطي نالي جي ٿي آهي، نه ته سڄو واقعو
بالڪل ٺيڪ آهي، اهو ئي ڪارڻ آهي ته مسلمان هند جي
سرحدن کان اڳتي نه وڌي سگهيا ۽ اهي شروعاتي جوشيلا
مجاهد جنهن جي تلوار ٿوري ئي وقت ۾ سڄي دنيا کي
هيٺ مٿي ڪري ڇڏيو هو.
سندن
لشڪر اوڀر طرف هند جي حدن کان اڳتي نه وڌي سگهيو،
ڇو ته سامونڊي جهاد جي منع اڳ ئي ٿي چڪي هئي، فقط
خشڪيءَ جو رستو باقي رهيل هو جنهن کي مسلمانن چڱي
نموني طئي ڪيو. هاڻي صحار عبدي جي بيان اهو رستو
به بند ڪيو. انهيءَ سال 23 هجري جي پڄاڻيءَ تي
حضرت عمر فاروق رضه ٻئي جهان ڏانهن سفر ڪيو ۽ 3
محرم 24 هجري تي چونڊ جو ڪڻو حضرت عثمان رضه جي
نالي نڪتو،. جنهن پنهنجي خلاف جي ٻي سال 25 هه ۾
پنهنجي سؤٽ عبدالله بن عامر بن ڪريز کي جهاد تي
روانو ڪيو،. جنهن سيستان جو رخ ورتو ۽ ڪابل تي
حملو ڪيائين. جيڪو انهيءَ زماني ۾ جاگرافيائي
ورهاست جي حساب سان سيستان علائقي ۾ شامل هو.
سيستان جيتوڻيڪ حضرت عمر فاروق رضه جي ڏينهن ۾ فتح
ڪيو ويو هو، پر ڪابل اڃا تائين خودمختاريءَ جو
جهنڊو جهولائي رهيو هو. عبدالله بن عامر وڌي وڃي
ڪابل جي ڀتين هيٺان ڏاڍي سخت لڙائي وڙهيو. نيٺ
عربي سپاهه گيرن ڪابلي جوانن جو منهن ڦيري ڇڏيو.
جنهن مرندي آڻ مڃي ۽ ڪابل مسلمانن جي قبضي ۾ اچي
ويو. هي هندوستان جو ٻيو دروازو آهي، جنهن تي
مسلمان پهتا. پر ان ۾ شڪ آهي، ڇو ته عبدالله بن
عامر جو تقرر 25 هه کان ڪيترائي سال پوءِ جو آهي.
ها اها ممڪن آهي ته بصره جو والي ٿيڻ کان اڳ هو
بطور سپه سالار روانو ڪيو ويو هجي. تنهنڪري ان ۾
شڪ ناهي ته ان حملي ۾ مسلمانن ڪابل تي جيڪو پنهنجو
مذهبي اثر نه وڌو ۽ ڪابل وارن کي رڳو فرمان مڃيندڙ
ٺاهي هليا ويا. پر اهو اثر ٿورا ئي ڏينهن قائم
رهيو جو ڪابلي پنهنجي فطري عادت مطابق بغاوت ڪري
وري خودسر ٿي ويا.
ڪابلين کي انهيءَ خود سريءَ مان ٿورو ئي وقت فائدو
حاصل ڪرڻ جو موقعو ملي سگهيو. ڇو ته چئن سالن کان
پوءِ سن 29 هه ۾ ماڻهن بصره جي والي ابو موسيٰ
اشعريءَ رضهه بابت شڪايت اهڙي زور شور سان ڪئي جو
عثمان ذوالنورين رضه کيس هٽائي ان جي جاءِ تي
عبدالله بن عامر کي مقرر ڪيو. عبدالله بن عامر ابو
موسيٰ اشعري وانگر راتيون جاڳندڙ ۽ پاسيري زندگي
گذارڻ وارو شخص نه هو، ننڍپڻ کان ئي کيس سپهه گيري
جي مشق هئي ۽ جواني جا ڏينهن هئا، پنجويهن سالن جي
عمر هئس ۽ سندس دل ۾ بهادري ۽ بلند حوصلي جا جذبا
ڀريل هئا. جنهن جي آزمائڻ لاءِ بصري جي گورنري جو
ميدان ڏاڍو ڪشادو هو، انڪري جو اسلام جا اهي سڀئي
مقبوض علائقا جيڪي اوڀر طرف هئا سڀ بصره جي واليءَ
جي هٿ هيٺ هئا ۽ هيڏانهن سڀني ملڪن ۾ جيترا به
والي مقرر هوندا هئا سڀني کي خلافت جو حڪم بصره جي
والي وٽان ملندو هو ۽ اڪثر سندن مقرري به بصري جي
واليءَ جي چونڊ سان هوندي هئي يا اڄ ڪلهه جي
ٻوليءَ ۾ ائين کڻي چئجي ته بصره جو والي گورنر
جنرل هوندو هو، جنهن جي هٿ هيٺ سڀني اڀرندي جي
ملڪن جا والي گورنر هوندا هئا. اهڙي طرح سڀني
اولهه جي ملڪن جي لاءِ مصر جي گورنري هئي، سڄو
آفريڪا ۽ ان زماني کان پوءِ جڏهن اندلس (اسپين)
فتح ٿيو ته اتي به مصر جي واليءَ جي چونڊ سان
علائقن جا والي مقرر ٿيندا هئا. اهو ئي انتظام
حضرت علي ڪرم الله وجهه جن پنهنجي عهد ۾ به قائم
رکيو ۽ بنو اميه جي آخري دؤر تائين بالڪل اهڙي
طريقي سان مقرريون ٿينديون رهيون. بني عباس جي
ڏينهن ۾ اهو طريقو بدلايو ويو ۽ خراسان جي گورنر
کي گورنر جنرل جي حيثيت حاصل ٿي، ابن عامر انهيءَ
عهدي تي مقرر ٿيندي ئي هرهنڌ انتظام ڪرڻ گهريو، ڇو
ته اوڀر جي سڀني ملڪن ۾ توڙي جو فتح ڪري مقرريون
ڪيون وينديون هيون، ٿورن ڏينهن کان پوءِ باغي وري
بغاوت ڪندا هئا ۽ فوجي چڙهائي کانسواءِ انهن کان
ڏن ۽ جزيو نه وصول ٿيندو هو. اصل حقيقت هيءَ آهي
ته ماڻهن عرب فاتحن جي مزاج کي سڃاڻي ورتو هو. ان
ڳالهه جو تجربو ٿي ويو هئن ته انهن سان مقابلو ڪرڻ
۾ ڪاميابيءَ جي اميد ناهي پر گڏ اهو به سمجهي ويا
هئا ته جيڪڏهن انهن جي اڳيان آڻ مڃي ويئي، ته انهن
کان وڌ رحمدل ۽ درگذر ڪرڻ وارو به ٻيو ڪو ناهي. هن
سوچ اها خرابي پيدا ڪئي ته سيستان، ڪرمان، مڪران ۽
ٻين اڀرندي ملڪن جي حڪمرانن بلڪل انهن ملڪن مان
هرهڪ شخص جي رعيت جو قائدو هوندو هو ته عربي فوجون
آيون ۽ انهن ٿورن ڏينهن جي مقابلي کان پوءِ آڻ
مڃي، فاتحن رحم کائي سندن خطا معاف ڪئي ۽ جزيو
تجويز ڪري ٻئي طرف هليا ويا ۽ انهن جو وڃڻ ٿيو ته
انهن ماڻهن وري بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو. عام طور
اهڙا شهر پر ملڪ گهڻائيءَ سان ملندا جن کي عربن
اَٺ اَٺ ڏهه ڏهه دفعا فتح ڪيو ۽ هو وري ايئن جو
ايئن باغي بڻبا رهيا.
جڏهن
ابن عامر بصري جي واڳ پنهنجي هٿ ۾ ورتي ته ڏٺائين
ته کيس سڀئي اڀرندي وارا ملڪ فتني فساد ۽ بغاوت جي
حالت ۾ نظر آيا. هن سڀ کان پهريان عبدالله بن عمر
ليثيءَ کي سيستان جو والي مقرر ڪيو. ابن عمير هڪ
بهادر آفيسر هو، وڄ وانگر چمڪندو ۽ گجندو اچي پهتو
۽ ڪابل تائين سيستان جي سڀني شهرن تي قبضو ٿي ويو.
ٻن ٽن سالن کان پوءِ عبيدالله بن عامر ابن عمير کي
هٽائي عمران بن فضيل برجميءَ کي سيستان جو والي
مقرر ڪيو. ٻئي پاسي ابن عامر عبدالله بن معمر کي
مڪران جو والي مقرر ڪري روانو ڪيو. ابن معمر به
ڪنهن ڳالهه ۾ ابن عمير کان گهٽ نه هو، هن مڪران جي
ڌرتيءَ تي جيڪا هلان ڪئي ته سرڪشن کي هند جي دنگن
تائين ماريندو ۽ بريون شڪستون ڏيندو هليو ويو.
ٽئين پاسي ڪرمان تي ابن عامر عبدالرحمان بن عيين
کي والي مقرر ڪيو. جنهن هن سڄي علائقي کي آڻ مڃائي
اسلام جو اطاعت گذار ڪيو. جيتوڻيڪ اهي انتظام ڏاڍي
بهتري ۽ جٽاداريءَ سان ڪيا ويا هئا پر ٿورن ڏينهن
کان پوءِ ابن عامر ڏٺو ته انهن علائقن ۾ اهو ئي
گوڙ ۽ گهمسان وري ساڳيءَ طرح بغاوت جو جهنڊو ۽
خودسري هر طرف کان بلند ٿي رهي هئي، فقط مڪران
البته انهن خرابين کان بچيل هو. عبدالله بن عامر
اهو رنگ ڏسي پاڻ سفر جو ارادو ڪيو ۽ خراسان جي واٽ
ورتائين جتي ويهي انهن ملڪن جو انتظام ۽ سهولت
هوشياريءَ سان ڪري سگهيو ٿي، خراسان ۾ پهچي ابن
عامر مجاشع بن مسعود سلمي کي ڪرمان ڏانهن روانو
ڪيو ۽ اتي جي حڪومت به کيس سونپي. هن سيستان تي
ربيع بن زياد حرثيءَ کي والي مقرر ڪري روانو ڪيو ۽
حڪم ڏنو ته باغين کي ماري مڃائڻ ۾ ڪابه رعايت نه
ڪئي وڃي. مجاشع بن مسعود ڪرمان جو رخ ڪيو ۽ ويندي
ئي هميد شهر تي حملو ڪيو. مقابلي کان پوءِ جلد ئي
شهر فتح ٿيو، ڇو ته شهر وارن پنهنجي حالت مطابق آڻ
مڃي.
جيتوڻيڪ مجاشع جي دل ۾ ڏاڍي ڪاوڙ ڀريل هئي مگر هن
کي اسلامي اصولن کان مجبور ٿي سندن درخواست منظور
ڪرڻي پئي. مطلب ته مجاشع شهر تي قبضو ڪيو شهر وارن
کي پناهه ڏني پر هن دفعي جٽادار حڪومت قائم رکڻ جي
غرض سان هن هميد ۾ پنهنجي لاءِ هڪ عاليشان محل
جوڙايو جيڪو ڳچ وقت تائين ”قصر مجاشع“ جي نالي سان
مشهور رهيو. هتي جو بهتر انتظام ڪري مجاشع اڳتي
قدم وڌايو ۽ قديم دارالسلطنت ڪرمان جي شهر سيرجان
تي حملو ڪيو. شهر وارن شهر جا ڦاٽڪ بند ڪري ڇڏيا
پر مجاهدن جلدي شهر کي گهيري ورتو. ٿورن ڏينهن جي
گهيري ۾ سيرجان وارا بدحواس ٿي ويا ۽ نيٺ مجبور ٿي
هنن پنهنجي قسمت فاتحن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏي. مجاشع
شهر تي قبضو ڪري جيتوڻيڪ رحمدليءَ سبب ڪنهن جي
حياتي وڃائڻ پسند نه ڪئي پر مصلحت خاطر ايترو ضرور
ڪيو جو گهڻن شهر وارن کي جيڪي فتني ۽ فساد ۾ اڳڀرا
هئا انهن کي جلاوطن ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ مجاشع
وڌي جيرفت تي حملو ڪيو. هتي جي ماڻهن به مقابلو
ڪيو. پر مسلمانن پاران ڇتي ويڙهه سبب هو عربي
تلوارن اڳيان هٿ ٻڌي بيهي رهيا. انهن تي به ترس
ڪيو ويو ۽ فاتحن شهر تي قبضو ڪري گهوڙن کي اڳتي
ايڙي هنئي. جڏهن مجاشع شهر قفص پهتو ته سيرجان جي
جلاوطنن جيڪي هتي اچي رهيا هئا تن مقابلو ڪيو
مجاشع کين اهڙي شڪست ڏني جو گهر ڇڏي ڀڄي روانا ٿيا
۽ مجاشع جي دهشت سبب، ٻين شهرن ۾ وڃي آباد ٿيا.
مجاشع انهن جي جڳهه تي عرب خاندانن کي هتي آباد
ڪيو. مطلب ته اهڙي طرح مجاشع سڄو ميدان دشمنن کان
خالي ڪرايو ۽ قصر مجاشع ۾ ويهي ڪرمان تي حڪومت
شروع ڪئي.
اهي
ته مجاشع جون ڪار گزاريون هيون. هيڏانهن سيستان ۾
ربيع بن زياد حرثي جيڪا جنگ شروع ڪئي ته ان جو
سلسلو ائين قائم ٿيو جو ربيع ويندي ئي سڀ کان اڳ
زالق قلعي تي اهڙي تيزيءَ سان هلان ڪئي، جو کيس
دشمنن وٽان ڪابه جهل پل نه ٿي ۽ اُتي جو قلعي دار
مسلمانن هٿان گرفتار ٿيو، قلعي دار تمام گهڻو مال
۽ دولت فديي طور نظر ڪيو تڏهن سندس جان بچي ۽ آڻ
مڃڻ جي واعدي تي پنهنجي قلعي تي مقرر ڪيو ويو.
زالق قلعي کان اڳتي ربيع شهر ڪرڪوڪ تي حملو ڪيو،
شهر وارن اطاعت ۾ ڪنڌ نمايو ته هو اڳتي وڌيو ۽
زرنج پاسي روانو ٿيو. رستي ۾ شهر راشت آيو. هتي جي
ماڻهن مقابلو ڪيو سخت لڙائي لڳي ۽ راشت وارن کي
ٿوري دليريءَ سان وڙهڻ جي سزا ملي ۽ سندن ڪيتريون
ئي حياتيون ضايع ٿيون ۽ پنهنجون باقي بچيل جانيون
فاتحن جي حوالي ڪيون. ربيع هتان کان اڳتي روارويءَ
۾ ناشروذ ۽ شرواذ ٻن مضبوط شهرن تي قبضو ڪيو ۽ نيٺ
زرنج جي ديوارن هيٺ وڃي پهتو. زرنج وارن مقابلي
لاءِ آمادگي ڏيکاري. ربيع سندن چئن طرفن کان گهيرو
ڪيو. اتي جي مرزبان پنهنجي ڪوششن ۾ ٿڪي ٽٽي نيٺ
اچي صلح جو سڏ ڏيئي، اطاعت جو اظهار ڪيو ۽ درخواست
ڪئي ته اجازت هجي ته آءُ پاڻ امير لشڪر جي خدمت ۾
حاضر ٿي پنهنجي جان بخشي ۽ شهر وارن جي لاءِ امان
جو طلبگار ٿيان، ربيع کيس اجازت ڏني ۽ جنهن وقت هو
حاضر ٿيو ته هن سڀني مسلمانن کي ربيع کان وٺي هڪ
ننڍي سپاهيءَ تائين هڪ اهڙي خوفناڪ بيهڪ ۽ حالت ۾
ڏٺو جو ڏسندي ئي سندس وار اڀا ٿي ويا. دراصل هي
مسلمانن جي هڪ حڪمت عملي هئي جيڪا پنهنجي هيب
وهارڻ جي لاءِ ڪئي ويئي هئي، سندس نظر جڏهن
مسلمانن تي پئي تڏهن هن ڏٺو ته ربيع هڪ لاش تي
ويٺو آهي ۽ هڪ لاش جو وهاڻو لڳل آهي، رڳو ربيع ئي
نه سڀ مسلمان انهيءَ حالت ۾ هئا، انهيءَ اٽڪل
پنهنجو پورو اثر ڏيکاريو ۽ مٿي بيان ڪيل مرزبان
عربن سامهون بيٺي ڏڪي رهيو هو، دستور مطابق صلح
ٿيو، شهر مسلمانن حوالي ڪيو ويو، رعيت سڳوريءَ تي
جزيو مقرر ٿيو ۽ مسلمان فاتح واري جوش ۽ جذبي سان
شهر ۾ داخل ٿيا. زرنج فتح ڪري ربيع سٽاروذ درياءَ
ڏانهن وک وڌائي ۽ درياءَ مان لهي ان مشهور ڳوٺ ۾
خيما کوڙيا جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته جتي رستم
دستان پهلوان جو طنبيلو هو، اتي رستم جي نالي جو
ڀرم رکندي ڳوٺاڻا مقابلي لاءِ نڪري آيا، پر جڏهن
وڏا وڏا شهر سٽ نه سهي سگهيا ته هنن جي وس ۾ ڇا
هو!؟ شڪست کاڌائون ۽ آڻ مڃيائون. |