باب
پنجون
سنڌ
۾ عباسين جو آخري اثر
نيٺ
زماني به مامون جو پنو اٿلايون هن 218 هه ۾ دنيا
کي الوداع چيو ۽ ان جو ڀاءُ المعتصم باالله خلافت
جي تخت تي جلوه افروز ٿيو. المعتصم جي ڏينهن ۾
محمد بن فضل کي پنهنجي سفر جي جهاد تان لاچار
سندان ۾ واپس اچڻو پيو. هو پنهنجي همت ۽ حوصلي ۾
ٿڪو نه هو، يقنياً هو پنهنجي فتحمندي جي رفتار ۾
گهڻو اڳتي نڪري وڃي ها، هو شهر خالي تي قبضو ڪري
چڪو هو جو يڪدم ٻڌائين ته ان جي عدم موجودگي ۾
موقعو وٺي ان جي ڀاءُ ماهان بن فضل سندان تي قبضو
ڪيو. خاص پنهنجي ڀاءُ پاران اهڙي توقع خلاف اک پور
جو حال ٻڌي هو ڏاڍو حيران ٿيو ۽ جڏهن سندان پهچي
ان کي ان خبر جي پڪ ٿي ۽ اهو شهر جيڪو هن جي حڪومت
جو مرڪز هو ۽ ڳچ عرصي تائين خاص پنهنجي قبضي ۾ رهي
چڪو هو ان جا دروازا خود پنهنجي لاءِ بند ڏٺا ته
ٻاهر ڪنهن ڳوٺ ۾ ترسي پيو ۽ دارالخلافت بغداد
ڏانهن مدد جي اميد لاءِ عريضو روانو ڪيو. ان عريضي
سان گڏ هن هڪ سانکو جي ڪاٺي جو ايڏو بي داغ ٽڪرو
به بطور نذراني موڪليو جيڪو عراق ۾ نهايت حيرت جي
نگاهن سان ڏٺو ويو، ڇاڪاڻ ته ان کان وڏو سانکو جو
ٽڪر اتي ڪڏهن ڪنهن جي نظرن مان نه گذريو هو. ڪڏهن
ڪنهن جي ڌيان ۾ به آيو هوندو ، مامون جي آخري
ڏينهن تائين منصوره جي حڪومت موسيٰ برمڪي جي هٿ ۾
ئي هئي. معتصم جي زماني ۾ به شروع ۾ هو ئي حڪمران
هو ان بابت مورخ چون ٿا ته هڪ نيڪ ۽ سخي بادشاهه
هو. ڏاڍي عدل ۽ انصاف سان حڪومت ڪئي سنڌ ۾ پنهنجي
نيڪين ۽ رحم دلين جون ڪيتريون ئي نشانيون ڇڏيون ۽
نيٺ ٿورن ڏينهن کان پوءِ پنهنجي داستان ڀٽن ۽
چارڻن جي زبان تي ڇڏي 221 هه ۾ ٻي جهان ڏانهن پنڌ
پيو ۽ مرڻ وقت پنهنجي پٽ عمران کي پنهنجو جانشين
مقرر ڪري ويو. دارالخلافت ۾ جڏهن اها خبر پهتي ته
معتصم باالله به عمران کي سنڌ جو والي تسليم ڪيو ۽
حڪومت جا فرمان لکي ان ڏانهن موڪلي ڏنائين. عمران
کي جڏهن اهو فرمان مليو ته هن پنهنجي دل جا پرجوش
حوصلا پورا ڪرڻ ڏانهن ڌيان ڏنو. سڀ کان اڳ هن
قيقان تي حملو ڪيو. جنهن تي جاٽ ماڻهو قبضو ڪري
چڪا هئا. جاتن کي انهن جي بغاوت تي خوب سزا ڏني ۽
چڱي نموني سندن ڪنڌ ڀڃي قيقان تي قبضو ڪيو، اهي
ڪارروايون ڪري هو واپس آيو. رستي ۾ اچڻ وقت هڪ
مناسب هنڌ ڏسي اتي سمنڊ جي ڪناري هڪ نئون شهر آباد
ڪيو، جنهن جو نالو ”بيضاءَ“ رکيو. ان جديد شهر
بيضاءَ کي هن هڪ فوجي ڇانوڻي ٺاهيو ۽ منصوره هليو
آيو.
منصوره ۾ ٿورا ڏينهن ترسي هن قندابيل شهر ڏانهن
روانگي ڪئي ان شهر تي محمد بن خليل نالي هڪ شخص
زبردستي قبضو ڪري ورتو هو، جيڪو خلافت جي احڪامن
جي بغاوت ڪندو هو ان پاران بغاوت جو جهنڊو ڏسي
عمران قندابيل تي حملا آور ٿيو هي شهر هڪ جبل جي
ٽڪري تي آباد هو ۽ ڏاڍو مضبوط هنڌ هو. کڻي دقتون
هيون پر عمران جلدي ئي گهيرو ڪيو. آخر محمد بن
خليل جڏهن عاجز ٿيو تڏهن نڪري مقابلو ڪيائين.
عمران ان بهتري ۽ شائستگي سان پنهنجي سپاهين کي
وڙهايو ته محمد کي شڪست ٿي ۽ عمران شهر تي قبضو
ڪيو عمران ان طرح قندابيل تي قبضو ڪري اتي جي صاحب
اثر فتني خورن ۽ فسادي عرب جي رئيسن کي جلاوطن ڪيو
۽ شهر هدار ۾ وڃي رهڻ جو حڪم ڏنو. اهڙي طرح سڀئي
فتني ڪندڙ ماڻهو قندابيل مان نڪري ويا ۽ عمران جي
جرئت مند ڪوشش سان اهو مضبوط شهر جنهن کي فتح ڪرڻ
هڪ ادنيٰ ڪمزور باغي جي مقابلي ۾ به دشوار ٿي
ويندو هو هر قسم جي فتني فساد کان آزاد ٿي ويو.
قندابيل جو انتظام ڪري جوان همت عمران ميد ماڻهن
تي حملي آور ٿيو. ان لاءِ ته انهن ماڻهن ايستائين
ڪنڌ کنيو هو جو بلڪل خلافت جي اطاعت مان نڪري ويا.
عمران انهن ماڻهن سان جيڪي لڙايون وڙهيو انهن ۾ به
گهڻو رتو ڇاڻ ٿيو. خاص سيد قوم ۾ ٽي هزار ماڻهو
تلوار جو کاڄ بڻيا. اهڙيون شڪستون کائڻ ۽ ايتريون
جانيون ڏيڻ کان پوءِ به ميدان اطاعت جو اقرار نه
ڪيو. تڏهن عمران وڌي ان شهر جو گهيرو ڪيو ۽ ارادو
ڪيو ته کڻي ڇا به ٿئي ميدان کي سزا ڏيڻ کان سواءِ
نه رهندو. ان گهيري جي زماني ۾ عمران هڪ سرن جي
مضبوط سڙڪ ٺهرائي جيڪا ”سڪته الميد“ (ميد روڊ) جي
نالي سان مشهور ٿي پوءِ هو شهر کان ٿورو هٽي ڪري
رور ندي جي ڪناري خيمو کوڙيو ۽ انهن جاٽن کي جن کي
گرفتار ڪري گڏ آندو هو پنهنجي اڳيان گهرايو. انهن
جي هٿ تي مهرون هنيون ۽ جزيو مقرر ڪري ڇڏي ڏنو ته
توهان جيڪڏهن چڪاس ورتي وڃي ته لازمي اهي ته توهان
مان هرهڪ وٽ ڪتو به هجي. ان حڪم جو نتيجو اهو نڪتو
جو ڪتن جي قيمت تمام گهڻي ڏني ويندي هئي ۽ نه
ملندا هئا ۽ آخر هڪ هڪ ڪتو پنجاهه پنجاهه درهمن ۾
وڪبو هو. اهي ڪارروايون ڪري هن وڏي سختي سان ميدن
تي حملو ڪيو. ان وقت قوم جي سردارن جاٽن جنهن
اسلام جي اطاعت قبول ڪئي هئي ان سان گڏ هئا. هن
ميدن جي گهيري ۾ جهڙي ڦڙتي ۽ جهڙي ڪار گذاري
ڏيکاري شايد ان کان اڳ ڪنهن عرب سردار ڪنهن شهر جي
گهيري ۾ نه ڏيکاري هوندي. هن فقط گهيرو نه ڪيو ۽
ٻاهر جي مدد ئي نه روڪي پر شهر وارن کي هر طرح تنگ
۽ عاجز ڪيو. هتي هڪ ندي هئي جيڪا ميد شهر جي
اندران ٿي گذرندي هئي، هي هڪ جبل مان نڪرندي هئي ۽
ان جو پاڻي نهايت صاف مٺو ۽ ڀلو هو. جڏهن ته شهر
وارن جي زندگي ان جي پاڻي تي گذرندي هئي. عمران
سمنڊ جو پاڻي ڦيري ان ۾ لوڙهي ڇڏيو. جنهن جي ملڻ
سان نهر جو پاڻي بلڪل کارو ٿي ويو ۽ شهر وارا آخر
هڪ هڪ ڦڙي لاءِ سڪڻ لڳا پر ان تي به ميدن شهر جا
ڦاٽڪ نه کوليا ۽ اهڙي طرح شهر ۾ لڪي ويٺا رهيا.
حملي آور جي اطاعت جو اقرار نه ڪرڻو هو نه ڪيائون
عمران به همٿ نه هاري اهڙي طرح گهيرو ڪري پيو رهيو
روز چئن پاسن جي ضلعن تي حملو ڪندو هو ۽ شهر تي
سختي ڪندو هو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته عمران جي هٿ ۾
ميدن جي بچڻ جي ڪابه اميد نه هئي پر دنيا ۾ ڪجهه
اهڙا اتفاق پيش ايندا آهن جن سان تقدير جو مسئلو
چڱي طرح ثابت ٿي ويندو آهي ۽ جيڪو انسان جي لاءِ
هڪ عجيب عبرت جو سبق ٿي ويندو آهي. اهڙو ئي معاملو
هتي پيش آيو. هيڏانهن ته ميد جو فتح ٿيڻ اڻ ٿيڻي
ڳالهه هئي ۽ ٻي پاسي عمران بن موسيٰ جو عمر پيالو
ڇلڪي چڪو هو. انهن پڇاڙي ذڪر ڪيل تقديري معاملن جو
وقوع اهڙي طرح ٿيو جو اهو ئي منحوس معتصبانه جهڳڙو
جنهن اسلام کي گهڻن هنڌن تي نقصان پهچايو هو، يعني
يماني ۽ تراري عرب قبيلن جو تعصب سنڌ جي ضلعن ۾
وري چمڪي اٿيو. عمران يمانين ۽ تراري عرب قبيلن جو
تعصب سنڌ جي ضلعن ۾ وري چمڪي اٿيو. عمران يمانين
جي پاسي هو بس انهيءَ دشمني ۾ تراري ماڻهو ان جي
جان جا گهورا ٿي ويا. عمر بن عبدالعزيز هباري جيڪو
هبار بن اسود جي بڻ مان هو ۽ پنهنجي جرئت ۽ لياقت
جي ڪري سڀني ترارين جو سردار مڃيو ويندو هو، هڪدم
اٿي بيٺو ۽ هڪ فوج وٺي عمران جي مقابلي لاءِ نڪتو
عمران ميدن جي گهيري ۾ ايتري قدر سرگرم هو جو ٻين
سڀني معاملن ڏانهن ڌيان نه ڏيندو هو. ان تي عمر جي
روانگي جي خبر به نه پئي ۽ عمر اهڙي تکائي مان
منزلون پٽي آيو جو اچانڪ اچي لٿو. عمران جا ساٿي
هوشيار به نه ٿيا هئا جو چالاڪ حريف هڪدم حملو ڪري
عمران کي قتل ڪري وڌو. اهو عمر بن عبدالعزيز هباري
ٽن پيڙهين کان هندستان ۾ هو ۽ ان جو ڏاڏو حڪم بن
عوانه ڪلبي سان گڏ سنڌ آيو هو عمران جي مارجڻ جي
خبر جڏهن معتصم کي پهتي ته ان کي اهو پسند نه ٿيو
ته هڪ شخص خلافت جي مقرر ڪيل والي کي ماري وجهي ۽
پوءِ ان جي ڪارروائي جائز به رکي وڃي. هن هڪدم
عنبه بن اسحاق ضبي کي سنڌ جو والي مقرر ڪري روانو
ڪيو. عمر بن عبدالعزيز جيتوڻيڪ هڪ لائق ۽ بهادر
والي کي ماري وڌو هو ۽ خود به ذاتي طور تي وڏي
طاقت رکندو هو ان لاءِ ته سنڌ جي مسلمانن تي تن
ڏينهن ۾ ان کان وڌيڪ ڪنهن جو اثر نه هو. پر خليفي
معتصم پاران عمران جي جڳهه عنبه بن اسحاق ضبي والي
مقرر ٿي آيو ته ان کي سواءِ اطاعت ۽ فرمانبرداري
جي ٻي ڪابه نه سڌي. ان سان گڏ هي به معلوم ٿئي ٿو
ته خود عنبه جي دل تي به عمر جي طاقت جو ايترو اثر
پيل هو جو خلافت جي مرضي تي اها هئي جو ان جي طاقت
ٽوڙي وڃي پر عنبه ان سان ڪنهن قسم جو مهاڏو نه
اٽڪايو. ٻين پاسن کان ٻين مسلمان سردارن جتي جتي
بغاوت ڪئي ان جي هن خوب سزا ڏني ۽ ثابت ڪيو ته هو
لهرائڻ وارو ناهي. پر عمر بن عبدالعزيز پنهنجي
اطمينان ۽ آزادي سان ويٺو رهيو ۽ عنبه ڪڏهن پڇيو
به نه ته عمران جي جان وٺڻ جا سبب ڪهڙا هئا. عنبه
جڏهن سنڌ سرڪار تي مقرر ٿيو ته ان کان اڳ جو هو
منصوره پهچي، ڪيترن عربي نسل جي صاحب اثر رئيسن
ڪيترن ئي شهرن کي دٻائي ويٺا هئا. پر جڏهن هو
منصوره ۾ داخل ٿيو ته لاچار سڀني جي واڳ ملڻ تي
مبارڪباد ڏني. فقط عثمان نالي همراهه پنهنجي بغاوت
۾ همٿ ڏيکاري ۽ جيتوڻيڪ عنبه جي پاران وڏا جتن ڪيا
ويا، پر هن اطاعت کان ناڪار ڪيو نيٺ عتبه هڪ لشڪر
وٺي چڙهي پيو. عثمان شهر ۾ لڪي پناهه ورتي ۽ اهڙي
مضبوطي ۽ احتياط سان حملو ڪندو رهيو جو حملي آورن
کي نو سال جي لڳاتار گهيري کان پوءِ شهر فتح ڪرڻ
نصيب ٿيو. عنبه اهڙيون ڪار گذاريون ۽ اهڙي سجاڳ
ذهني سان سنڌ تي حڪومت ڪئي جو معتصم کي ڪڏهن ان جي
بدلڻ جي ضرورت نه ٿي. ايستائين جو سندس دور پڄاڻي
تي پهتو. معتصم جي زماني ۾ سڀ کان وڏو ۽ زبردست
خلافت جو دشمن بابڪ هو، جنهن ڳچ عرصي کان تنگ ڪري
ڇڏيو هو ۽ خلافت جي فوجن کي ان جي مقابلي ۾ اڪثر
وڏا وڏا صدما کڻڻا پيا ٿي. آخر معتصم جي ترڪي
جوانمرد سپهه سالار افشين کيس پوري شڪست ڏيئي
گرفتار ڪري ورتو. جڏهن 223 هه ۾ افشين هن نامور
قيدي کي نئين دارالخلافت سامره ۾ معتصم جي سامهون
آڻي حاضر ڪيو ته معتصم ايتري قدر خوش ٿيو جو خوشي
جي جوش ۾ ٻه ڪروڙ درهم ڏنا. پوءِ هڪ ڪروڙ درهم ان
غرض سان ڏنا ته پنهنجي ساٿين جو جوانمردن کي انعام
اڪرام ڏيئي خوش ڪري ۽ ايتري قدرداني ڪئي جو جنهن
وقت هو بابڪ کي وٺي سامره ڏانهن روانو ٿيو ته جنگ
جي ميدان کان وٺي سامره تائين اهو پورو انتظام ڪيو
ويو هو ته هر منزل تي ان کي هڪ خلعت مهانگي ڏني
ويئي، قدرداني ايتري تي ختم نه ٿي هئي پر معتصم ان
خدمت جي صلي ۾ افشين کي سرزمين سنڌ ۾ هڪ وڏي جاگير
به ڏني هئي ۽ شاعرن کي موڪليو ته وڃي سندس گيت
ڳايو. اها جاگير ڏيڻ صاف ٻڌائي ٿو ته معتصم جي عهد
تائين سنڌ جا رڳو ساحلي شهر نه پر زمين جو ڳچ حصو
خلافت جي قبضي ۾ هو. ها ڪجهه شهرن تي البته جيئن
اسان خود مٿي بيان ڪري آيا آهيون، ڪجهه سرڪش
مسلمانن قبضو ڪري ورتو هو ۽ جنهن پڇاڙي ۾ ننڍن
ننڍن فرمانروائن ۽ اميرن جي حيثيت پيدا ڪئي.
المتعصم باالله جي عهد جو هڪ هي واقعو بلاذري نقل
ڪيو آهي جيڪو يقين سان دلچسپي کان خالي نه هوندو
بلاذري ان عهد جي ماڻهن مان آهي، تنهن ڪري ان جي
بيان کي ڪوڙو نٿو ڀائنجي. جڏهن ته اسان ڄاڻون ٿا
ته ڪجهه طبيعتون هن کي ڪيتري قدر چالاڪ سمجهنديون،
اهو هي ته انهن ڏينهن ۾ ڪشمير ملتان ۽ لاهور وچ ۾
هڪ هنڌ هو جنهن جو نالو عسيقان هو، هي هڪ ننڍي
حڪومت هئي جنهن تي هڪ هندو راجا فرمانروائي ڪندو
هو، عام طور بت پرست ماڻهن جي آبادي هئي ۽ هڪ وڏو
بت خانو سڄي شهر ۽ آس پاس جي عقيدتمندن جي
آماجگاهه هو جنهن ۾ ان وڏي ديوتا جي مورت رکيل هئي
جنهن جي پوڄا اتي عام طور سڀ کان افضل خيال ڪئي
ويندي هئي. ان بت خاني جي عمارت ڏاڍي عاليشان هئي،
غير معلوم جڳهن کان برابر ان جي پوڄا ٿيندڙ هئي ۽
سدائين اتي جا راجا ان ديوتا اڳيان ڪنڌ جهڪائيندا
رهندا هئا. اتفاق سان معتصم جي زماني ۾ اتي جي
راجا جو لاڏلو پٽ بيمار ٿيو جانثار پيءُ دوا درمل
۾ ڪا گهٽتائي نه ڪئي پري پري کان طبيب آيا ۽ لاچار
ٿڪجي هليا ويا. ڇوڪرو ڏينهون ڏينهن ڳرندو رهيو ۽
بيماري رات ڏينهن وڌندي رهي دنيا ۾ عام قاعدو آهي
ته اهڙي مجبوري جي حالت ۾ انسان مذهب جو پَلَوُ
جهليندو آهي. تنهن ڪري راجا ان عظيم الشان مندر جي
سڀني پنڊتن ۽ پوڄارين کي گهرائي چيو ”ديوتا جي
سامهون وڃي دعا گهريو ۽ لولهاٽ ڪريو ته منهنجي
پٽڙي کي چڱو ڀلو ڪري.“ پوڄارين راجا جي درخواست
منظور ڪئي ۽ بت خاني جي واٽ ورتي. ديوتا کان جواب
ته ڇا مليو هوندو پر پوڄارين ڳالهه ٺاهي راجا کي
خوش ڪرڻ جي لاءِ ٿوري دير کان پوءِ اچي چيو”مهاراج
اوهان پنهنجو ڪليجو ٿڌو رکو، ديوتا جي مدد سان راج
ڪنور چڱو ڀلو ٿي ويندو.اسان ٺاڪر جي کان دعا ڪرائي
۽ اسان کي معلوم به ٿي ويو ته اسان جي دعا قبول ٿي
ويئي. جڏهن ديوتا واعدو ڪري چڪو ته پوءِ ڪنهن
ڳالهه جو کٽڪو ڪونهي“ هي اهڙو تسڪين ڏيندڙ واعدو
هو جو راجا علاج کان به غفلت ڪئي ۽ بلڪل برهمڻن جي
چوڻ تي ڀروسو ڪيو. ان جون اميدون طاقتور ٿي ويون ۽
دل ۾ آرام پيدا ٿي ويو. پر اتفاق يا برهمڻن جي
بدقسمتي جو انهن جي واعدي جي خلاف هڪدم مرض وڌيو ۽
اهو سڪيلڌو پٽ پيءُ جي حسرت ڀريل دل کي جدائي جو
داغ ڏيئي ويو. هي ايترو وڏو صدمو هو جو راجا جا
هوش ۽ حواس ٺڪاڻي نه رهيا ۽ خاص ڪري برهمڻن تي ان
جو ڏمر جنون جي حد تي پهچي ويو. نتيجو هي نڪتو جو
هڪدم ان جي دل مان بت، مندر ۽ برهمڻ جي عزت بلڪل
ويندي رهي. هن جلدي بنا ڪنهن لحاظ جي جو پنهنجي
رعيت جي عقيدن جو لحاظ ڪري يا ملڪ جي جوش جذبي ۽
عام ڪاوڙ جي نتيجي تي غور ڪري، وڃي مندر ڊهرايو.
مورت جا ٽڪرا ٽڪرا ڪيائين ۽ سڀني پوڄارين ۽ بت
خاني جي نوڪرن کي تلوار مان ڪڍيو. ان ڪارروائي کان
پوءِ راجا کي پنهنجي مذهبي ڳالهين ۽ عقيدن کان
ڇوٽڪاري جي تحقيق ۽ تفتيش ٿي. هن انهن سڀني مذهبن
تي نظر وڌي جيڪي هن جي اڳيان هئا ۽ جن مان هو
واقفيت رکندو هو ۽ دريافت ڪرڻ لڳو ته دنيا ۾ ڪهڙو
مذهب سچو آهي، اتفاق سان انهن ڏينهن ۾ ان جي
بادشاهت ۾ ڪجهه مسلمان واپاري به موجود هئا. راجا
کي جڏهن انهن جي موجودگي جو حال معلوم ٿيو ته کين
پنهنجي سامهون گهرائي ورتائين. انهن ماڻهن ان جي
درٻار ۾ وڃي اسلام جا اصول ۽ عقيدا بيان ڪيا ۽ چيو
ته اسلام جو مطلب فقط اهو آهي ته خالص توحيد دنيا
۾ مروج ٿئي ۽ انسان جي عادتن، حرڪتن، عبادتن ۽ ٻي
چرپر مان ڪنهن قسم جو شرڪ ظاهر نه ٿئي ۽ صرف اسلام
ئي آهي جيڪو اهڙي خالص توحيد ڏانهن دنيا کي سڏي
ٿو. اهي ڳالهيون راجا جي دل تي اثر ڪري ويون ۽ هن
پنهنجي اباڻي مذهب کي ڇڏي فوراً دين اسلام قبول
ڪيو. هاڻ 227 هه آيو. المعتصم باالله الله جي سڏ
کي لبيڪ چئي هن جهان ڏانهن پنڌ پيو ۽ مٽيءَ جي فرش
تي وڃي آرام ٿيو ۽ خلافت جي تخت تي الواثق باالله
نمودار ٿيو. عنبه بن اسحاق جيڪو معتصم جي زماني ۾
سنڌ جو والي مقرر ڪيو ويو هو ان جي دور تائين
برابر هوئي هو ۽ ان جو ڪارگذاريون اهڙي قدر جي
قابل هيون جو واثق به تبديلي جو سبب ڳولي نه سگهيو
۽ سنڌ جي حڪومت جا اختيار ان جي هٿ ۾ رکيا. واثق
جي عهد خلافت ۾ عنبه منصوره جي سڀني انتظامن کان
واندو ٿي ديبل شهر جي واٽ ورتي. ان وقت تائين
سرڪاري ڏوهارين کي رکڻ لاءِ سنڌ ۾ ڪا خاص عمارت نه
هئي. عنبه کي ان جي وڌيڪ ضرورت پئي. ان لاءِ ته
کيس سنڌ جي طوائف الملوڪي متائيندي وقت ڪيترن ئي
ماڻهن کي قيد رکڻ جي ضرورت پئي. ديبل پهچي هن ان
پراڻي ڊٺل ڦٽل مندر کي ان ڪم جي لاءِ تجويز ڪيو
جيڪو محمد بن قاسم جي حملي وقت عروس مجنيق جي مار
کائي چڪو هو ۽ ڏيڍ سؤ سال گذرڻ باوجود اڃان تائين
بيٺو پنهنجي گذريل زماني جو داستان ٻڌائي رهيو هو.
عنبه ان جي ڊگهي چوٽي ٽوڙي ڪيرائي ڇڏي. عام گهرن
وانگر ان ڇت کي کلي ڇڏائي ۽ جيڪي پٿر ان عمارت مان
نڪتا ان مان شهر جي ٻين ضروري عمارتن جي مرمت ڪئي.
ديبل شهر جي سڌاري جي کيس وڏي خواهش هئي جنهن
ڏانهن هن هاڻي آزادي ۽ واندڪائي سان ڌيان ڏنو.
هاڻي 232 هه ۾ الواثق باالله کي آخرت جو سفر پيش
آيو. خلافت جو تاج المتوڪل باالله جي مٿي تي رکيو
ويو. متوڪل تخت تي ويهندي ئي واثق جي دور جي نامور
ترڪي سرتاج ايناخ کي ڪنهن ناراضگي تي قتل ڪري وڌو.
سنڌ جو والي عنبه ان جي سفارش ۽ ڪوشش سان سنڌ جي
حڪومت لاءِ مقرر ڪيو ويو هو. اتفاق سان 232 هه ۾
خلافت جو تاج جڏهن متوڪل جي سر تي رکيو ويو ۽
ايتاخ تي تباهي آئي ته ان جي مقرر ڪيل ماڻهن تي به
نون اختيار جي صاحبن جون نظرون کپڻ لڳيون. اهو ٻڌي
عنبه انتها کان وڌيڪ خائف ٿيو ۽ نيٺ ان کان سواءِ
ان جي ۽ ڪجهه نه ٿيو جو سنڌ ملڪ ڇڏي عراق جي واٽ
وٺي ۽ دار الخلافت بغداد جي ويجهو پهچي ماڻهن کي
پنهنجو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. اهڙي نازڪ وقت ۾ جڏهن ته
پهرين کان ئي غضب ڀريل نگاهون پئجي رهيون هيون.
عنبه جو پنهنجي عهدي تان هٽڻ متوڪل جي لاءِ هڪ
ڪافي حيلو هو. هن هڪدم کيس سنڌ جي حڪومت تان هٽائي
ڇڏيو ۽ هارون بن ابي خالد مروزي کي مقرر ڪيو.
هارون جي حڪومت جي زماني جو احوال بلڪل نٿو معلوم
ٿئي. هاڻي اهو وقت اچي ويو جڏهن کان هند کي خلافت
سان گهٽ واسطو رهيو. ڇاڪاڻ ته عربي سردار ۽ شهسوار
جيڪي اسلامي خلافت جا رڪن ۽ بازو هئا انهن کي
اڍائي سؤ سالن جي ٽڪي پروري عشرت پسند بنائي
عاليشان محلن پرين جهڙين ٻانهين جي وچ ۾ راجا اندر
ڪري ويهاري ڇڏيو ۽ جفاڪش نو مسلم ترڪ جيڪي پنهنجي
تابعداري جي صلي ۾ ترڪستان جي جبلن ۽ ٽڪرن مان اچي
خليفن جا مشير بڻيا هئا اڪثر پرڳڻن تي قابض ٿي
ويا. هي ماڻهو اڪثر پاسن کان پاڻمرادو اٿيا.
هيڏانهن عربن ۾ بني فاطمه وارن امامت جي دعويٰ ڪري
اهڙا مختلف فرقا پيدا ڪيا جنهن خلافت جي بچيل سچيل
طاقت کي پنهنجي پاسي هڙپ ڪري ڇڏيو. هارون ٿورا ئي
ڏينهن حڪومت ڪرڻ لڳو هو ته هڪدم سنڌ ۾ رهندڙ عربي
قبيلن جو پاڻ ۾ مخالفتن ۽ جهڳڙن جو ظهور ٿيو.
هارون سڌارو ڪرڻ چاهيو ته اهو ابتڙ نتيجو ٿيو جو
فسادين 240 هه سرزمين سنڌ ۾ ئي ان جو ڪم پورو
ڪيو. هارون بن ابي خالد والي سنڌ جڏهن فسادين ۽
باغين هٿان مارجي ويو ته سنڌ کي ڪنهن شاهي وڪيل ۽
خلافت جي نائب کان بلڪل خالي ڏسي عمر بن عبدالعزيز
هباري جنهن جو اثر هتي رات ڏينهن ترقي ڪندو رهندو
هو. پنهنجي ترقي جي تدبيرن ۾ مشغول ٿيو. اهل عرب
جو غالب گروهه پهرين کان ئي ان جو طرفدار هو. هاڻي
هن قريب قريب سڀني ماڻهن کي پنهنجو ڪري سنڌ حڪومت
جي واڳ بنا دير جي پنهنجي هٿ ۾ وٺي ورتي ۽ شايد
بغداد جي خليفي متوڪل کي هارون جي مارجڻ جي خبر
پهتي ٿورا ئي ڏينهن ٿيا هوندا ۽ اڃا هو ڪنهن نئين
والي جي چونڊ نه ڪري سگهيا هئا جو عمر بن
عبدالعزيز هباري جي عرضداشت خلافت جي درٻار ۾ وڃي
پهتي. جنهن جو مضمون هي هو ته ”سنڌ ملڪ ۾ سخت
بدنظمي ٿي رهي آهي ۽ هتي جي انتظام لاءِ مون کان
وڌيڪ مناسب ڪو گهٽ هوندو ڇو ته آءٌ هتان جي سڀني
حالتن کان چڱي طرح واقف آهيان ۽ مدتن کان هتي
رهندڙ آهيان، جيڪڏهن اهو حصو منهنجي نگراني ۾ ڏنو
وڃي ته واعدو ڪريان ٿو ته ڪڏهن بدنظمي جي شڪايت
اتي ته پهچندي.“ متوڪل ٻين ملڪن جي فسادن کان
ايتري قدر پريشان ٿي ريهو هو جو ان کي عمر بن
عبدالعزيز جي درخواست منظور ئي ڪرڻي پئي. جڏهن
فوري طور عمر بن عبدالعزيز جي نالي حڪومت جو
پروانو اچي ويو. سرزمين سنڌ کي هاڻي دارالخلافت
بغداد سان تمام گهٽ تعلق رهجي ويو. عمر بن
عبدالعزيز خلافت جو هي حڪم کڻي سنڌ جو والي ٿيو.
پر ان کان پوءِ ڪري ڪڏهن خلافت کي پنهنجي پاران ڪو
والي مقرر ڪري روانو ڪرڻ نصيب نه ٿيو. سنڌ جا ته
ڪيترائي پرڳڻا ته پهرين کان ئي عربي نسل حڪمرانن
جي تابع ٿي آزادي جو سند حاصل ڪري چڪا هئا. جيڪو
ملڪ جو حصو اڃان تائين خلافت جي تابع هو ان جي
قسمت عمر بن عبدالعزيز هباري جي هٿ ۾ اهڙي ڏني
ويئي جو وري واپس نه ورتي ويئي. ان لاءِ ته آئنده
کان سنڌ جي حڪومت عمر بن عبدالعزيز جي خاندان ۾
رهي. دراصل هاڻي عباسي خلافت ۾ پوڙهپ اچي ويئي
هئي. ۽ ان جون طاقتون انهن مختلف حڪمرانن ۾ جذب ٿي
ويون ٿي. جيڪي رڳو نالي جي لاءِ ته بغداد جي خليفن
جو دم ڀري رهيا هئا. پر حقيقت ۾ سلطنت جا باغي ۽
خلافت جا دشمن هئا. خليفن ۾ هاڻي ايتري طاقت ئي نه
رهي هئي جو ڪنهن حاڪم کي صوبي يا ملڪ جي حڪومت کان
الڳ ڪري سگهن. خراسان غزني ۽ سيستان وغيره اوڀر جا
ملڪ مامون رشيد جي ئي دور کان طاهر ذواليمنين جي
خاندان جي قبضي ۾ ٿي ويا هئا. کڻي ان سخي ۽ نيڪ
خاندان ڪڏهن مخالفت نه ڪئي ۽ نه خلافت جي حڪمن کان
ڪڏهن انڪار ڪيو. هي ننڍي سلطنت جيتوڻيڪ خودمختيار
۽ آزاد نظر اچي ٿي پر حقيقت ۾ اوڀر جي ملڪن جي شهر
۾ خليفن جي حڪومت جي عزت فقط انهيءَ خاندان جي
وفادري سان باقي هئي. طاهريه خاندان جي عظمت ۽
هيبت سان ڪنهن باغي يا فتني خور شخص جو اثر بغداد
تي دٻاءُ نه وجهي سگهيو ٿي. خلافت بغداد جي
بدقسمتي سان هاڻي طاهريه خاندان ۾ به ڪمزوري اچي
ويئي ۽ خلافت جي حفاظت پنهنجي جاءِ تي هو خود
پنهنجي حفاظت ڪرڻ کان به معذور ٿي ويا. ان خاندان
جي ڪمزوري سان گڏ ئي سيستان ۾ مختلف باغي ۽ سرڪش
پيدا ٿيڻ لڳا. جڏهن 238 هه ۾ صالح بن نضر ڪناني
نالي بست جو رهاڪو شخص پيدا ٿيو. جنهن ماڻهن کي
پنهنجو ڪري سيستان تي قبضو ڪيو. ان جي فوج ۾ يعقوب
بن ليث صفاري نالي هڪ شخص هو جنهن جون ڪارروايون
هاڻي کان ئي ٻڌائي رهيون هيون ته ڪجهه ڪرڻ وارا ۽
قسمت واراو شخص آهي، طاهر بن عبدالله بن ظاهر امير
خراسان ۾ اڃان ايتري طاقت باقي هئي جو خبر ٻڌندي
فوري طور چڙهي پيو ۽ صالح کي بري شڪست ڏيئي سيستان
کي پنهنجي بادشاهت ۾ شامل ڪيو. طاهر بن عبدالله جي
سيستان کان واپس وڃڻ بعد صالح مري ويو ۽ هڪ ٻيو
باغي ان گروهه کي وٺي ظاهر ٿيو، جنهن جو نالو درهم
بن حسين هو. هي هڪ فوجي شخص هو. يعقوب بن ليث جيڪو
پهرين صالح بن نضر جي ساٿين مان هو هاڻي درهم جي
مزاج ۾ کيس ايترو رسوخ ٿي ويو جو درهم جي فوج جي
سپهه سالاري ان جي هٿ ۾ هئي. طاهر بن عبدالله کي
ايتري جرئت نه ٿي جو وري فوج وٺي اچي ۽ باغي درهم
جو ڪم پورو ڪري. آخر ان جي سستي ۽ غفلت درهم جي
ٽولي کي تيار ٿيڻ ۽ هڪ زبردست فوج جي حيثيت پيدا
ڪرڻ جي لاءِ ڪافي مهلت ڏني. درهم فقط هڪ سپاهي هو
ان ۾ آفيسري جي لياقت نه هئي ان جي لشڪر ۾ بدنظمي
ان درجي پهتي جو ماڻهن ۾ شڪايت پيدا ٿي ۽ نيٺ سڀني
ماڻهن گڏجي يعقوب بن ليث کي پنهنجو حڪمران ٺاهيو.
ڇاڪاڻ ته ان جي حسن تدبير ۽ لياقت جي هر شخص کي
اقرار هو. درهم کي ان جي خبر پئي ته هن پاڻ به
يعقوب بن ليث جي طاقت ۽ عظمت وڌڻ شروع ٿي.
ايستائين جو خراسان غزني مڪران وغيره سڀئي اوڀر جا
ملڪ ان جي هيٺ قبضي ۾ اچي ويا. هاڻي يعقوب بن ليث
جو دٻدٻو ايستائين وڌيو جو بغداد جي خليفي کي به
ان کان دٻڻو پيو. پر يعقوب ڪڏهن خلافت جي مخالفت
جي دعويٰ نه ڪئي. بغداد جي ماتحت صوبن تي اختيار
هلائي خليفي کي لکي موڪليو ته آءُ درٻار جي سدائين
اطاعت ڪندس. هاڻي بغداد جي خلافت جي حالت بگڙي رهي
هئي، سلطنت جي تخت کي نئين ڏينهن نئون خليفو ڏسڻو
پيو ٿي. جڏهن ته ان وقت کان جڏهن کان صالح بن نصر
سيستان پهرين پهرين بغاوت ڪئي هئي يعني 237 هه کان
ان زماني تائين جڏهن ته يعقوب بن ليث خلافت کي
دٻائي ڪيترائي صوبا پنهنجي هٿ هيٺ رکڻ جي اجازت
حاصل ڪئي هئي. يعني 257 هه تائين پنج خليفا تخت تي
ويهي چڪا هئا. متوڪل جنهن جي زماني ۾ صالح بغاوت
جو جهنڊو بلڪند ڪيو هو 247 هه ۾ مارجي ويو. متحين
باالله خليفو ٿيو جيڪو 251 هه ۾ وڏي ذلت سان قتل
ڪيو ويو. تڏهن مهدي جي هٿ ۾ خلافت آئي پر يارنهن
ئي مهينا پوءِ 256 هه ۾ تخت تان هٽايو ويو ۽ معتمد
خليفو ٿيو. معتمد پنهنجي زماني ۾ جڏهن ڏٺو ته اوڀر
۾ هاڻي ڪا طاقت يعقوب بن ليث کان وڌ ناهي ته ان جي
دوستي يا دلداري جي لاءِ پنهنجي پاران به سيستان ۽
سنڌ جي صوبن جي حڪومت ان کي ڏيئي ڇڏي. پر يعقوب جي
حرص ايتري تي چپ نه ڪيو پر هن ڪرمان، خراسان ۽
فارس جي ملڪن تي قبضو ڪيو. لاچار معتمد انهن هنڌن
جي حڪومت جي لاءِ به کيس هڪ پروانو لکي ڏنو. 265
هه ۾ يعقوب مري ويو ته ان جو ڀاءُ عمرو بن ليث
سندس جانشين ٿيو. عمرو ايتري وڏي سلطنت تي اختيار
هلائيندي ئي خليفي معتمد جي خدمت ۾ پنهنجي جانشيني
هئڻ جو حال لکي اقرار ڪيو ته آءٌ به اوهان جي
اطاعت ڪندس. معتمد کي اهو واعدو وڏي غنيمت معلوم
ٿيو. جيتوڻيڪ ان جي موافق جيڪو معتمد جي زماني ۾
سڄي اڇي ڪاري جو ڌڻي هو، عمرو بن ليث جي جانشيني
کي تسليم ڪيو. خراسان، اصفهان، سيستان، سنڌ ۽
ڪرمان ان جي قبضي ۾ ڏنا ۽ وڌيڪ عزت جي لاءِ کيس
بغداد جي ڪوٽوالي جي خدمت به ڏني ويئي. انهن
تاريخي شاهدين مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ خلافت جي
قبضي مان جدا ٿيندي ئي صفاري خاندان جي بادشاهت ۾
شامل ٿي ويئي هئي پر جيڪڏهن هي حڪومت هئي به ته
فقط نالي ماتر ڇاڪاڻ ته ڪڏهن اهو به ثابت نه ڪيو
ته يعقوب بن ليث يا ان کان پوءِ عمرو بن ليث سنڌ
جي ڌرتي تي پير به رکيو هو. ٻئي سدائين اولهه جي
ملڪن ۾ رهيا. ۽ انهن جي حملي آورين ۽ فوجي چڙهاين
جا ميدان صرف خراسان،سيستان، مڪران، زابلستان
(غزني) ۽ فارس ئي رهيو. يعقوب بن ليث بابت فقط
ايتري قدر ثابت ٿئي ٿو ته هڪ دفعي هن هندستان فتح
ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو. جڏهن ته انهيءَ مطلب حاصل
ڪرڻ جي لاءِ هو لشڪر وٺي اوڀر طرف روانو ٿيو پر
ٿورو ئي پري پهتو هوندو ۽ باميان فتح ڪرڻ جي نوبت
آئي هوندي جو هندستان فتح ڪرڻ کان هٿ کڻي ويو.
باميان جي فتح جي وقت جيڪي مورتيون ۽ پراڻي زماني
جا بت ان جي هٿ لڳا انهن کي هن دارالسلام بغداد
روانو ڪيو ۽ خود پنهنجي فوج جو رخ به اولهه طرف
ڦيري ڇڏيو. تاريخ سان اهو نٿو ثابت ٿئي ته يعقوب
بن ليث ڪڏهن سنڌ جي حدن اندر داخل ٿيو. ان سان گڏ
اسان کي زبردست شاهدين مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته
سنڌ تي المتوڪل جي دور کان هباري خاندان جو جيڪو
تسلط ٿيو ته برابر ان جي نسل ۾ هليو ويو. غالباً
جڏهن معتمد هي ملڪ يعقوب بن ليث ۽ ان جي ڀاءُ عمرو
کي ڏنو ته عمر بن عبدالعزيز هباري به انهن ٻنهي جي
اطاعت جو واعدو ڪيو. پنهنجي پاران پورو اطمينان
ڏياري انهن صفاري ويڙهاڪن کي ٻين اوڀر جي ملڪن ۾
مصروف ڪري ڇڏيو ۽ ان ترڪيب سان پنهنجي آزادي ۽
حڪومت قائم رکي. ايستائين جو اسان کي مختلف سياحن
جي بيان مان معلوم ٿو ٿئي ته صفاري ماڻهو پنهنجي
حڪومت جو پورو زور ڏيکاري پورا به ٿي ويا ۽ سنڌ تي
عمر بن عبدالعزيز جو نسل انهي اطمينان ۽ سنجيدگي
سان حڪومت ڪندو رهيو. ان دور جو هڪ ٻيو واقعو هن
موقعي تي بيان ڪرڻ جي قابل آهي. خليفي مامون
الرشيد 203 هه ۾ عبدال بن زياد جي پٽ محمد زياد کي
يمن جو والي مقرر ڪيو هو. محمد زياد يمن جي حڪومت
۾ اهڙي شائستگي ڏيکاري جو خلافت کي ڪڏهن ان جي
معزول ڪرڻ جي ضرورت نه ٿي. پر ان جي حسن ڪارڪردگي
جي ايستائين قدر ڪئي ويئ ته يمن جي حڪومت ان کان
پوءِ به ان جي نسل ۾ رکي ويئي. انهيءَ خاندان مان
ينٺ ابوالجبيش اسحاق بن ابراهيم حڪمران ٿيو. ان
شخص جي عمر تمام وڏي ٿي ۽ ان کي اسي سالن تائين
حڪومت ڪرڻ جو موقعو مليو. متوڪل ۽ مستعين جي دور
تائين برابر ابوالجبيش ئي حڪومت ڪندو رهيو هو. آخر
يحيٰ بن حسين جيڪو ابن طباطبائي علوي جي نسل مان
هو، يمن ۾ ظاهر ٿي زيدين جي دعوت شروع ڪئي. هي سنڌ
مان يمن ۾ آيو هو ان لاءِ ته ان جو ڏاڏو قاسم عرب
سر زمين ڇڏي سنڌ ۾ ترسي پيو هو. يحيٰ جڏهن زيدي
مذهب جي تبليغ جي لاءِ يمن ۾ آيو هو ان وقت 288 هه
هو. ان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ان وقت تائين
سنڌ ۾ عرب جي معزز خاندانن جي ڪيتري قدر اچ وڃ
هئي. عمر بن عبدالعزيز جيڪو خليفي المتوڪل جي حڪم
۽ اجازت سان سنڌ جي اڇي ۽ ڪاري جو ڌڻي ٿيو هو هڪ
قريشي نسل جو ماڻهو هو. ان جي ڏاڏي هبار بن اسود
بن عبدالعزيٰ بن قصي القريشي نبي سائين جي خاندان
مان هئا. هبار شروعات ۾ جناب رسول الله ﷺ جن جي
سخت مخالفت ڪئي هئي پر پوءِ مڪو فتح ٿيڻ بعد ايمان
آندو ۽ دين جي احڪامن ۾ ڏاڍو ثابت قدم رهيو.
هبارين اسود جي ماءُ جو نالو فاخته بنت عامر بن
قرضه قشيريه هو. شروعات ۾ انهن ماڻهن جو قيام عرب
۾ ئي رهيو پر 11 هه جي ويجهو هي خاندان سنڌو
درياءَ جي پاسن تي اچي رهي پيو، سنڌ ۾ سڀ کان
پهرين انهن ماڻهن بانيه جي هنڌ کي پنهنجو ٺڪاڻو
ٺاهيو ۽ بانيه ۾ ئي رهندي رهندي پنهنجي ڪوششن ۾
ايستائين ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ خلافت جي ڪمزوري ۽
عربن جي پاڻ ۾ جنگ جهڳڙي مان ايستائين فائدو ورتو
جو منصوره جي حڪومت انهن جي هٿ ۾ اچي ويئي. عمر بن
عبدالعزيز جي دور جا احوال بلڪل نٿا معلوم ٿين ته
هن ڪهڙا انتظام ڪيا ۽ رعيت سان سندس ڪهڙو سلوڪ
رهيو. ان جي زياده تر ڪارڻ اهو آهي ته خلافت بغداد
سان گڏ ئي عرب مؤرخن سنڌ جي حالتن ڏانهن بي
ڌيانيءَ ڪئي. ان خاندان کي جيتوڻيڪ هاڻي
دارالخلافت سان ڪوئي سياسي تعلق نه هو پر عراق ۽
عرب سان خانگي تعلقات برابر قائم هئا. جڏهن ته
قاضي ابو الشوارب جي خاندان ۾ جيڪو عراق ڏانهن
رهندڙ هو ۽ هبارين ۾ جن جي هٿ ۾ سنڌ جي حڪومت هئي.
مٽ مائٽي ۽ ڏاڏاڻي مٽي هئي. ان کان سواءِ هي به
ثابت آهي ته عمر بن عبدالعزيز جي لياقت ۽ دانائي
جي عراق ۾ هاڪ هئي. ان ڳالهه جو بلڪل پتو نٿو پوي
ته عمر بن عبدالعزيز خود پنهنجي هٿ ۾ ڪنهن زماني
تائين حڪومت ڪندور هيو. غالباً ان جي عمر وڌيڪ
هئي. خلافت جي تخت تي گهڻن خليفين جو ويهڻ هن
پنهنجي اکين سان ڏٺو ۽ يعقوب صفاري جي لڙاين جا
شعلا سيستان ۽ ڪرمان ۾ ان سامهون بلند ٿيا ۽ خليفي
معتمد جڏهن ٻين ملڪن سان گڏ سنڌ ملڪ به يعقوب
صفاري کي ڏنو ته عمر بن عبدالعزيز کي لاچار صغاري
بهادر جي اطاعت ڪرڻي پئي. تنهن ڪري ان جي وفادري
جي ثبوت ۾ هيءَ ئي کوڙ آهي ته پنهنجي آخري دور
تائين هن بغداد جي خليفن جوئي خطبو منصوره جي جامع
مسجد ۾ جاري رکيو. اسان 270هه ۾ يعني يعقوب بن ليث
جي مرڻ کان پنج سال پوءِ منصوره جي تخت تي عمر بن
عبدالعزيز جي پٽ عبدالله کي حڪومت ڪندي ڏسون ٿا ۽
معلوم ٿئي ٿو ته سڄي هندستان ۾ اسلامي عقيدا ۽
سڀني ديني ڳالهين جو مرڪز منصوره ئي مڃيو ويندو
هو. جڏهن ته ان جي زماني ۾ ڪشمير جي ويجهو ڪو
زبردست راجا هو جيڪو ”راءِ“ جي لقب سان مشهور هو.
ان جو نالو عربي سياح ”مهروق“ ٻڌائين ٿا ۽ چوي ٿو
ته رائيق جو پٽ هو. ان ذڪر ڪيل 270هه ۾ عبدالله بن
عمر بن عبدالعزيز هباري کي لکيو ته مون کي اسلام
جا اصول ۽ عقيدا دريافت ڪرڻ جو ڏاڍو شوق آهي. ان
لاءِ توهان کي ايتري تڪليف ڏيان ٿو ته هندي زبان ۾
پنهنجي مذهب جا سڀئي عقيدا لکي موڪليو تان جو ان
تي غور ڪريان ۽ سمجهان. عبدالله منصوره جي هڪ
همراهه کي پنهنجي اڳيان گهرايو جيڪو هاڻي منصوره
جو ئي رهاڪو هو، پر حقيقت ۾ اصل عراقي هو. ان شخص
جي ذهانت ۽ خوش فهمي جي هاڪ هئي ۽ ان کان سواءِ
ٻين لياقتن جي هو شاعر به اهڙو سٺو هو جو سڀني
ماڻهن ۾ ان جي شعرن جي وڏي قدر هئي. جڏهن ته ان جو
نشو و نما خاص سر زمين سنڌ تي ٿي هئي. انهي سبب
هندستان جي مختلف زبانن کي به ڄاڻندو هو ۽ ان ۾
کيس ڪافي ڄاڻ به هئي. امير عبدالله ان سان هندو
راجا جي درخواست جي ڳالهه ڪئي ۽ چيو ته ان جي
خواهش توهان ئي پوري ڪري سگهو ٿا. انهي عربي اصل
سنڌي شاعر خاص سنڌي زبان ۾ هڪ قصيدو تيار ڪيو،
جنهن ۾ هن سڀني اسلامي عقيدن کي وضاحت سان بيان
ڪيو هو. اهو قصيدو لکي هن امير عبدالله جي خدمت ۾
حاضر ڪيو. عبدالله ان کي پسند ڪيو ۽ جلدي ان راجا
ڏانهن ورانو ڪيو. هي قصيدو جڏهن راجا جي درٻار ۾
پيش ٿيو ۽ ان کي پڙهي ٻڌايو ويو ته هن شاعر جي
لياقت ۽ قادر الڪلامي جي بي انتها تعريف ڪئي ۽
جلدي عبدالله بن عمر کي لکيو ته جنهن نموني ٿي
سگهي ان شاعر کي مون ڏانهن موڪلي ڏيو. جڏهن امير
عبدالله ان جي اها خواهش به پوري ڪئي ۽ ان همراهه
کي راضي ڪري اتر طرف راجا راءِ جي خدمت ۾ موڪلي
ڏنو. راجا ان جو وڏو قدر ۽ احترام ڪيو. ايستائين
جو ان جي دل وٺڻ لاءِ ايتري قدر اصرار ڪيو جو کيس
ٽي سال پاڻ وٽ ٽڪائي ڇڏيو. ٽن سالن کان پوءِ جڏهن
هو واپس آيو ته امير عبدالله کيس پنهنجي اڳيان
گهرايو ۽ راجا جو احوال پڇيو هن چيو جنهن وقت مون
راجا جي درٻار کي ڇڏيو آهي ان وقت ته منهنجو خيال
ان بابت هي هو ته اسلام هن جي دل ۾ پوري جڳهه
والاري آهي. پر غالباً ان خوف سان نٿو ظاهر ڪري جو
بادشاهي هلي ويندي. ان شخص جو بيان هو ته راجا مون
کي قرآن جو ترجمو ڪرڻ ۽ تفسير بيان ڪرڻ جو حڪم
ڏنو. ان جي حڪم جي مطابق مون هندي ٻولي ۾ قرآن پاڪ
جو ترجمو ڪرڻ شروع ڪيو. ترجمو لکندي لکندي جڏهن
آءٌ سورت ياسين تائين پهتس ۽ ان آيتن جي تفسير
قَالَ مَنٌ يُّحُيِي الٌعِظَامَ وَهِيَ رَمِيٌمُ.
قُلٌ يُحٌيٌهَاالَّذِي اَنٌشَاءَهَا اَوَّلِ
مَرَّتِ وَهُوَ بِکُلِّ خَلٌقِ عَلِيٌمِ (چيو ڪير
هڏين کي زندهه ڪندو جڏهن ته هو ڳري مٽي ٿي
وينديون. چئو اي محمد (صلي الله عليه وسلم) اهو ئي
جيئرو ڪندو جنهن ان کي پهرين ٺاهيو هو. هو هر شيءِ
جوڙڻ ڄاڻي ٿو) ان آيت جي معنيٰ جڏهن مون هن کي
ٻڌائي ۽ سمجهايو ته هو بي اختيار ٿي پنهنجي سمهڻ
واري پلنگ تان اٿي پيو ۽ چيو وري چئو، مون ٻيهر
بيان ڪيو ته هو اڳتي وڌيو. هڪدم زمين تي سجدي ۾
ڪري پيو پنهنجا ڳل دير تائين زمين تي رڳڙيندو رهيو
۽ سندس لڙڪ لڙي رهيا هئا، جڏهن ته ان وقت پاڻي
ڇنڊيو ويو ۽ زمين پسيل هئي. ان ڪري راجا پنهنجا ڳل
زمين تي رڳڙيا جڏهن مٿو کنيو ته ان جي منهن تي
هرهنڌ تمام گهڻي ڌوڙ لڳل هئي. راجا زمين تان مٿو
کڻندي ئي چئني پاسن ڏٺو ۽ هي ڪلمو زبان مان ڪڍيو.
بس هيءَ ئي معبود ازلي آهي ته جنهن جي ابتدا آهي ۽
نه جنهن جو مٽ ڪو آهي. ان واقعي کان پوءِ راجا هڪ
گهر جوڙايو جنهن ۾ اڪيلو وڇي ويهندو آهي ۽ سڀني
کان لڪي نماز پڙهندو آهي. جيڪڏهن ڪو پڇندو آهي ته
ماهراج اوڏانهن ڇو ويندا آهيو ته هي حيلو ڪندو آهي
ته اتي آءٌ پنهنجي بادشاهت جي مهمن تي غور ڪندو
آهيان. ان سنڌي شاعر کي ان ڳالهه جو به اقرار هو
ته راجا کيس ٽي ڀيرا تمام گهڻو سون ڏنو.
عبدالله بن عمر بن عبدالعزيز جا حالات اسان کي فقط
ايتري قدر معلوم ٿي سگهيا ۽ افسوس جو عرب جي مؤرخن
هاڻي سنڌ ڏانهن اهڙي بي ڌياني اختيار ڪئي جو اسان
لاچار سواءِ ان ڳالهه جي ظاهر ڪرڻ جي ته عبدالله
بن عمر ڪڏهن حڪومت جي گادي تي ويٺو ۽ ڪڏهن ۽ ڇو
حڪومت کان ڌار ٿيو ان کي ڇڏيون ٿا ۽ پوءِ جي تاريخ
لکندڙ عربن جي بيان ڏانهن ڌيان ڏيون ٿا.
|