20 June 2008

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 

 

پنهنجي پاران

سنڌيڪار طرفان

عبدالحليم شرر جو مختصر احوال

حصو پهريون

باب پهريون

اڳاٽي سنڌ ۽ سندس جاگرافي

باب ٻيون

سنڌ جي قديم تاريخ

باب ٽيون

هندستان تي آڳاٽن ڏينهن ۾ ڌارين جا حملا

باب چوٿون

سنڌ جا شهر اروڙ

باب پنجون

سنڌ جي هندو سلطنت جو آخري دؤر

باب ڇهون

خير القرون (ڀلو زمانو)

باب ستون

خلافت آل مروان - فتوحات سنڌ

باب اٺون

محمد بن قاسم جون فتحون

باب نائون

محمد بن قاسم سنڌو درياءَ جي هن پار

باب ڏهون

ڏاهر جو پٽ جئه سنگهه ۽ محمد بن قاسم

باب يارهون

محمد بن قاسم جون بي مثال ڪاميابيون

باب ٻارهون

محمد بن قاسم جو انجام

حصو ٻيو

باب پهريون

محمد بن قاسم کانپوءِ سنڌ جي حالت

باب ٻيو

بنو اميه جو باقي رهيل دور خلافت

باب ٽيون

عباسي دور جي شروعات

باب چوٿون

هارون رشيد کان مامون جي آخري دور تائين

باب پنجون

سنڌ ۾ عباسين جو آخري اثر

باب ڇهون

عربي نسل ۽ خودمختياري سلطنت سنڌ

باب ستون

اسماعيل شيعا

باب اٺون

قرامطي

باب نائون

قرامطين جو باقي احوال

باب ڏهون

قرامطين جو باقي احوال

حاشيا

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب: --

صفحو :1

سنڌ جي تاريخ

مولانا عبدالحليم ”شرر“

 

پنهنجي پاران

(ٻئي ڇاپي لاءِ)

”سنڌ“ ولين، صوفين جي سرزمين، جنهن جون حدون ڪنهن وقت ڪشمير تائين هيون. اسلام جي آمد وقت ملتان تائين ۽ هاڻي ڪراچي کان وٺي ڪشمور تائين پاڪستان جي هڪ صوبي جي حيثيت ۾ شامل آهي.

”سنڌ جي تاريخ“ تي گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي. اها ڳالهه ڪا گهٽ دلچسپ ناهي ته اسانجي سونهاري سنڌ تي سنڌ کان ٻاهر رهندڙ ماڻهن وڌيڪ لکيو آهي.

مولوي عبدالحليم ”شرر“ (1926ع – 1860ع) به انهن عالمن ۽ تاريخدانن ۾ ليکجي ٿو، جيڪو ڪڏهن سنڌ ۾ آيو به ڪونه پر سنڌ جي تاريخ بابت اردو ۾ پهريون ڪتاب لکڻ جو اعزاز ماڻيائين.

مهراڻ اڪيڊمي پنهنجي اشاعتي پروگرام ۾ سنڌ جي تاريخ ۽ ادب کي هميشه اهميت ڏني آهي. هن ڪتاب جو مترجم اسانجو دوست فقير اشرف علي سمون، لاڙ جا ڄاتل سڃاتل ناليوارو اديب آهي، لکڻي بامحاوره، سؤلي ۽ سلوڻي اٿس. مان فاضل مترجم جو نهايت ٿورائتو آهيان جنهن هي تاريخي ڪم اڪيڊمي کي اشاعت لاءِ ڏنو.

پنهنجي ٻن مهربانن ۽ دوستن انجنيئر عبدالمالڪ ميمڻ، ڊائريڪٽر آر، سي – سي ڄامشورو ۽ ڊاڪٽر انور ”فگار“ هڪڙو، شعبو سنڌي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو سنڌ جا پڻ ٿورا مڃبا، جو ڪتاب جي مسودي وٺي ڏيڻ کان وٺي ڇپائيءَ تائين هر وک تي ساٿ ڏنائون ۽ سهڪار ڪيائون. مونکي اميد آهي ته ”سنڌ جي تاريخ“ تي ڇپايل هي ڪتاب علم و ادب جي ميدان ۾ مکيه جاءِ ولاريندو ۽ سنڌي پڙهندڙ سٺي موٽ ڏيندا.

 

جنوري 2007ع                                       قمر ميمڻ

سيڪريٽري

مهراڻ اڪيڊمي

 

سنڌيڪار طرفان !

هن سال اپريل مهيني (2005ع) جي ڪا تاريخ هئي، باک ڦٽيءَ ۽ ڀيڄ ڀنيءَ جو ٽاڻو هو، اوچتو فون جي گهنٽي وڳي، جنهن پهرين ته ڊيڄاري ڇڏيو. ڏڪندڙ هٿن سان فون وصول ڪيم. هتان لاهور مان ملڪاڻي خالد سيف ڳالهائي رهيو هو. سوير ڀرو سجاڳ ڪرڻ تي مغذرت ڪندي وڌيڪ چيائين ته، صبحاڻي وقار احمد شهيد جي غائباڻي جنازي نماز ادا ڪئي ويندي. سائين انجنيئر عبدالمالڪ ميمڻ صاحب به اچڻ جي هامي ڀري آهي. اوهان ضرور اچجو! ٻئي ڏينهن اسانجي قلمي ۽ ڪتابي قافلي جي سرواڻ محمد خان ملڪاڻيءَ جي ننڍي ڀاءُ جي جنازي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ جهڏي کان ٿيندا”ملڪاڻيءَ شريف“ پهتاسين، اتي محترم انجنيئر عبدالمالڪ ميمڻ صاحب سان پهرين ملاقات ٿي. شهيد جي يادن ۾ ڪي گهڙيون گهاري، ڪتابي ڪرت ڏانهن گفتگوءَ جو رخ ڦري ويو. ڳالهيون هلندي انجنيئر عبدالمالڪ صاحب مونکي قرب ۽ محبت سان پنهنجو نيازمند بنائي ڇڏيو. موصوف مطالعي بابت ڏس پتا پڇائيندو اچي اِتي پهتو، ته هن وقت توهان وٽ ڪهڙو مسودو تيار آهي؟ چيم ته في الوقت انهيءَ دڪان تي منديءَ جو رجحان غالب آهي! ترت پنهنجي ”بجڪي“ مان ”تاريخ سنڌ“ نالي وارو اڙدو ڪتاب ڪڍي، مون ڏانهن وڌايائين ۽ عبدالحليم ”شرر“ جي انهيءَ ڪتاب کي سنڌي ويس ڍڪائڻ جي تقاضا به ڪيائين. پنهنجي ڪم علميءَ جو عذر پيش ڪيم ۽ ترجمي جي ميدان ۾ ناواقفيت جا به ڏس پتا ڏنم، ايئن به چيم ته شرر جهڙي لکنوءَ جي ماحول ۾ پليل ۽ اعليٰ درجي جي ناول نويس جي ”نستعليق ٻوليءَ“ کي سنڌي ۾ پلٽائڻ ڏاڍو ڏکيو پورهيو آهي. اسان ڄاڻون ڀَٽُون جي جهاڙ به ڪونه ۽ وتون ڪيس ٻوليندا ڪاريهر نانگن جي ڪکيلن جا! ميمڻ صاحب دلداري ڏني ته خاميون سڌاري وٺبيون، توهان الله تو آهر ڪريو.

انجنيئر صاحب جو امر کين تي رکي بسم الله ڪيم. ترجمي جو شروعاتي بابت چند ڏينهن ۾ ڏانهنس اماڻيو ويو. وٽ ۾ واهه واهه جون واڌايون مليو. پوءِ اسان به سؤ تي ڪانٽو رکيو. مهيني ماسي ۾ رنڊا روڙي ۽ رڻ جهاڳي وڃي پار پياسين. هن پورهئي جي ”نوڪ پلڪ“ سڌارڻ لاءِ ڊاڪٽر انور ”فگار“ هڪڙي جهڙي سنڌي ٻوليءَ جي ماهر کي به زحمت ڏني ويئي.

هن وقت جنهن حالت ۾ ”تاريخ سنڌ“ وارو هيءُ ڪتاب اوهانجي هٿن ۾ آهي، ترجمي جون سموريون حُسناڪيون ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي ۽ انجنيئر عبدالمالڪ ميمڻ جي کاتي ۾ وڃن ٿيون ۽ خامين ۽ ڪوتاهين لاءِ هيءُ فقير ذميوار آهي.

”شرر“ صاحب جو هي ڪتاب لڳ ڀڳ گذريل هڪ صديءَ کان اڻ لڀ هيو ۽ علمي دنيا کان اوجهل رهيو پيو هو. هاڻي تازو سال ڏيڍ اڳ، اصل صورت ۾ جڏهن ٻيهر ڇپجي ميدان ۾ آيو ته تمام گهٽ وقت ۾ ٻه ٽي ڇاپا هٿو هٿ کپي ويا. هڪ ته هي ڪتاب سنڌ ۽ هند جي تاريخ تي، اشوڪ اعظم ۽ چندر گپت کان قرامطي ورتائين جامع ڪتاب آهي.”شرر“ صاحب جڏهن اشوڪ اعظم ۽ چندر گپت واري هند ۽ سنڌ جي ڳالهه کڻي ٿو، تڏهن هڪ سچو هندستاني ۽ پڪو سنڌي ٿي، هن پرڳڻي جي قدامت ۽ شاندار تهذيب جو ذڪر ڏاڍي جذباتي انداز سان ڪري ٿو ۽ وري جڏهن اسلامي تهذيب ۽ قرامطي دور واري جُڳ جي اپٽار ڪري ٿو، تڏهن ان جو به پورو پورو حق ادا ڪري ٿو.

اميد ته سڳوري سنڌ جا ساڃاهه وند سڄڻ هن ڪتاب کي هنئين سان هنڊائيندا ۽ انهيءَ محنت کي محبت جي جذبي سان قبوليت جو شرف عطا ڪندا. هن ترجمي کي ”مهراڻ اڪيڊميءَ“ جي سرواڻ ۽ اسانجي مهربان محترم قمر ميمڻ صاحب ڇپائڻ جو اهتمام ڪيو، جنهن لاءِ سندس لک لائق.

واضح رهي ته سنڌ جي باري ۾ لکيل هن ناياب ڪتاب کي ٻيهر منظر عام تي آڻڻ ۾ ”مڪتبه يوسفيه“ ميرپورخاص جي لائق مهتمم ڊاڪٽر محمد يوسف پار ڪري ميمڻ کي سمورو ڪريڊٽ ڏيئي سگهجي ٿو، جنهن صاحب وڏي جاکوڙ کان پوءِ ”سجاول لائبريريءَ“ جي سانڍيل اثاثي مان انهيءَ ”گوهر ناياب“ کي هٿ ڪيو، ڪتب خاني جي مالڪ ۽ ادب پرور علمي گهراڻي جي لائق ۽ هونهار نوجوان ميان محمد فاروق بن عبدالعزيز جعفراڻيءَ جا به ڪروڙين احسان، جنهن سخا جو مظاهرو ڪري، ٻنهي جلدن جا عڪس عنايت ڪيا.

23- رمضان المبارڪ 1426 هجري           ادب جو اذنيٰ طالب علم

بمطابق 28.10.2005                      اشرف علي سمون

جمعي جو ڏينهن              ڪاڪ تڙ، هميراڻو مڙهو، احمد آباد، سنڌ

 

”عبدالحليم شرر جو مختصر احوال“

دنيا ۾ دستور رهيو آهي ته هر نامياري ماڻهوءَ بابت اهو ڄاڻڻ ضروري رهيو آهي ته هو ڪير هو، ڪٿي ڄائو، سندس بڻ بنياد ڪهڙو آهي ۽ ڪنهن سان ملي ٿو، پاڻ ڪهڙي ماحول ۾ پرورش ورتائين. ان سبب هتي ”عبدالحليم شرر“ جو تمام مختصر احوال پيش ڪريون ٿا.

”عبدالحليم شرر“ جي پيڙهي مٿي وڃي خليفي هارون الرشيد جي پٽ امين الرشيد سان ملي ٿي. جيڪو خليفي هارون الرشيد جي ڏاڏي پوٽي زال زبيده خاتون جو پٽ ۽ هاشمي العباسي هو. ”شرر“ جي خاندان مان مولوي مخرالدين جو شمار پنهنجي وقت جي وڏن عالمن ۾ ٿئي ٿو. جيڪو شاهه ولي الله جو شاگرد هو ۽ اسان وٽ اهو دور مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم معين ٺٽوي عرف مخدوم ٺارو ۽ شاهه لطيف جو دور آهي. خود شرر ميان نذير حسين محدث دهلويءَ جو شاگرد آهي ۽ ميان صاحب لاءِ مشهور آهي ته پاڻ هندوستان جو آخري محدث ليکجي ٿو. برصغير ۾ حديث جا سڀئي سلسلا وٽس ئي ختم ٿين ٿا.

”شرر“ 1860ع ۾ مشرقي تمدن جي آخري اجهي لکنؤ ۾ ڄائو، سندس پيءُ جو نالو حڪيم تفضل حسين هو ۽ سندس نانو مولانا قمر الدين اوڌ جي جلاوطن بادشاهه جي ملازمت ۾ ڪلڪتي ۾ رهندو هو. شرر ابتدائي تعليم پنهنجي پيءُ کان حاصل ڪئي.

ڪلڪتي ۾ رهڻ دوران کيس اخباري چسڪو لڳو ۽ هن منشي نولڪشور جي ”اوڌ“ اخبار ۾ نامه نگار جي حيثيت سان خبرون لکڻ شروع ڪيون. 1880ع ۾ جڏهن دهلي مان علم پرائي لکنؤ واپس آيو ته منشي احمد علي ڪسمنڊوي جي شوق ڏيارڻ تي مضمون لکڻ لڳو، جيڪي سياسي بجاءِ ادبي ۽ علمي هئا ۽ انگريزي مضمونن جي تقليد ڪندي هڪ نئون رنگ ڏنائين، ان ڪري سندس ناماچاري ٿي، ان سبب ئي منشي نولڪشور، ”اوڌ“ اخبار جي عملي ۾ کيس شامل ڪيو، بعد ۾ هڪ هفتي وارو رسالو ”محشر“ جاري ڪيائين. 1885ع ۾ پهريون ناول ”دلچسپ“ نالي لکيائين. جنوري 1887ع ۾ ”دلگذار رسالو جاري ڪيائين ۽ پنهنجو ناول ”ملڪ العزيز ورجينا“ قسطوار شايع ڪيائين. 1889ع ۾ انهيءَ ساڳئي رسالي ۾ ”حسن انجلينا“ناول شايع ڪيائين. هن ناول جو سين ملڪ جارجيا گرجستان مان ورتو ويو آهي. ڪريميا جي جنگ، ترڪن ۽ ايرانين جي پاڻ ۾ دشمني ۽ ان اختلاف اسلام کي ڪهڙو نقصان پهچايو، اهي سڀ ڳالهيون هن  ناول ۾ چٽيون ٿيل آهن.

1890ع ۾ ”دلگذار“ ۾ ”منصور موهنا“ ناول لکيائين ۽ ان ناول جو موضوع سلطان محمود غزنوي جو زمانو آهي، سطان محمود جي هندستان جي حملي جي پس منظر ۾ اجمير جي راجا جي ڌيءَ موهنا ۽ هڪ مسلمان سردار منصور جي محبت جو داستان بيان ڪيل آهي. انهيءَ سال ”مهذب“ رسالو جاري ڪري اسلام جي مشاهيرن جون جيونيون شايع ڪيائين. 1891ع ۾ ”قيس و ليليٰ“لکڻ شروع ڪيائين، جنهن جو موضوع خلافت راشده جي دور جي هڪ عشق جي داستان جو آهي. اهڙي طرح خيالي ۽ تاريخي ناولن جو تعداد چاليهارو کان ٽپيل آهي، جنهن ۾ ”فردوس برين“ وڌيڪ مشهور آهي. ويهارو کن سوانح عمريون لکيل آهن. پندرهن کن تاريخ تي ڪتاب لکيا اٿس. ڇهه ڊرامي ۽ نظم ۾ آهن ۽ ارڙهن متفرق موضوع آهن. مولانا شرر جي مضمونن جو مجموعو اٺن جلدن ۾ ڇپيل آهي، جنهن ۾ شاعرانه ۽ عاشقانه مضمون، تاريخي ۽ جاگيرافيائي ليک، مختلف ملڪن ۽ شهرن ا احوال، دنيا جي مشهور عورتن ۽ مردن جو ذڪر، تحقيقي ۽ ادبي مضمونن ۾ فلسفو، ادب، ناول ۽ اصلاحي مضمون آهن. مطلب ته انهن ناولن ۽ مقالن جي فهرست کي ڏسي مولانا لاءِ راءِ قائم ٿيندي ته هو ڪهڙي نه رنگين مزاج جو مصنف هو، هڪ ئي وقت ادب جي ميدان ۾ ناول نويس، مؤرخ، صحافي، ڊرامه نويس، معلم، نقاد، مترجم، انشا پرداز، مصلح، فنون لطيفه جو نباض ۽ شاعريءَ ۾ نظم معريٰ ۽ آزاد نظم جي بانين مان ليکجي ٿو.

 

مقدمو

هونئن ته برطانوي دور ۾ ”مجمع الاخبار“ جي باني مير اشرف علي ”تاريخ افغانستان“ جي آخر ۾، سنڌ بابت تاريخي احوال ڏئي، اردو زبان ذريعي اهل هنڌ ۽ اهل سنڌ کي ويجهو آڻڻ جو جتن ڪيو. ليڪن اردو زبان ۾ سنڌ جي تاريخ بابت پهريون ڪتاب، مولوي عبدالحليم شرر تيار ڪري ڇپرايو. شرر جي باري ۾ ۽ پڻ سندس ڪتاب بابت هيٺ ڪي قدر وضاحت سان گفتگو ڪئي ويندي. ان کان اڳ هي ٻڌائڻ ضروري آهي ته اشرف عليءَ جو ڪتاب 1845ع ۾ بمبئيءَ مان ڇپيو هو. ان جو 1982ع ۾ ڪراچي مان به هڪ ايڊيشن نڪتو آهي. هي عڪسي ايڊيشن انڊس پبليڪيشن جي صفدر مهدي صاحب ڪڍيو آهي.

مولوي عبدالحليم شرر لکنؤ جي هڪ محلي ۾ 1860ع ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو تفضل حسين هو. شرر جي تعليم ۽ تربيت جا مختلف ماڳ ۽ مرحلا ڏسجن ٿا. لکنؤ، ڪلڪتو، دهلي ۽ حيدرآباد ۾، روايتي تعليم سان گڏ عربي زبان، انگريزي ٻولي ۽ حديث جو علم حاصل ڪيائين. شروع ۾ ڪلڪتي ۾ ويو ته اتي هڪ مذهبي مناظرو ڏٺائين. هي مناظرو حنفي ۽ اهل حديث جي عالمن ۾ ٿيو. شرر تي هي ڪم رکيو ويو ته مناظري لاءِ ڪتابن جا حوالا گڏ ڪري ۽ ٿيندڙ بحث کي قلمبند ڪري. هن بحث مباحثي مولوي صاحب کي تحقيق طرف رغبت ڏياري. ڪلڪتي ۾ ئي هو ته منشي نولڪشور جي ”اوڌ“ اخبار جو نامه نگار بنيو. ان ريت شرر صحافت ۾  قدم رکيو. تذڪره نگارن موجب ڪلڪتي ۾ رهندي، مولوي شرر نهايت پاڪيزه زندگي گذاري، ليڪن پوءِ ڪجهه وقت لاءِ شراب ۽ شباب ڏي به مائل ٿيو. البته هي دور مختصر ثابت ٿيو. ويهن سالن جي عمر ۾ مامي وٽان شادي ڪيائين. بعد ۾ دهلي هليو ويو جتي مولوي محمد نذير حسين وٽ، حديث جي تعليم جي تڪميل ڪيائين. انگريزي اڳ ۾ ئي سکيل هو پر هتي رهندي هن زبان ۾ وڌيڪ مهارت حاصل ڪيائين.

مولوي عبدالحليم صاحب جي ڀرپور علمي زندگي 1882ع ۾ شروع ٿي، ان وقت ڪجهه دوستن جي زور ڀرڻ تي لکنؤ مان ”دلگذار“ رسالي جو اجراءَ ڪيائين. هن رسالي ۾ 1888ع کان تاريخي ناول لکڻ ۽ ڇاپڻ جو سلسلو شروع ڪيائين. ابتدا ۾ چار ناول شايع ڪري سگهيو. 1890ع ۾ اخبار ”مهذب“ ڪڍيائين، جنهن ۾ قومي ۽ بين الاقوامي خبرن سان گڏ، اسلامي مشاهيرن جون سوانح عمريون تيار ڪري ڇاپڻ شروع ڪيائين. مولوي شرر 1891ع ۾ رسالو ۽ اخبار بند ڪري، حيدرآباد دکن ۾ ملازمت سانگي روانو ٿيو، سندس پگهار 200 روپيه مقرر ٿي. حيدرآباد مان سرڪاري خرچ تي انگلينڊ ويو، جتي فرينچ ٻولي پڻ سکي ورتائين. وطن واپس ٿيڻ وقت کوڙ علمي مواد پاڻ سان گڏ آندائين. حيدرآباد ۾ پڻ مستقل ملازمت نه ڪري سگهيو. ڪڏهن لکنؤ ته ڪڏهن حيدرآباد، ڪڏهن ته کيس عزت ۽ آبرو سان حيدرآباد سڏيو  ٿي ويو ته، ڪڏهن وري نظام جي حڪم تي مولوي شرر دکن بدر ڪيو ٿي ويو. 1907ع ۾ دکن ۾ نائب ناظم تعليمات مقرر ٿيو. 1918ع ۾ کيس نواب مير عثمان علي خان جي سوانح لکڻ لاءِ لکنؤ مان دکن طلب ڪيو ويو. بعد ۾ شرر کي ”تاريخ اسلام“ لکڻ جو ڪم ڏنو ويو. هي رٿا ٻن سالن اندر مڪمل ڪرڻي هئي، جنهن لاءِ ماهوار 600 روپيه وظيفو مقرر ٿيو. ابتدا ۾ حيدرآباد رهڻ جو پائبند ڪيو ويو. بعد ۾ شرر کي اجازت ملي ته پاڻ لکنؤ ۾ رهي ڪم مڪمل ڪري. مولوي عبدالحليم شرر کي زندگيءَ جي آخر ۾ حيدرآباد اچڻ کان روڪيو ويو هو. آخري ٻه سال هن تڪليفن ۽ بيمارين ۾ گذاريا. 24 ڊسمبر 1926ع تي 66 سالن جي ڄمار ۾، ڀرپور علمي ۽ عملي زندگي گذاري، لکنؤ ۾ شرر صاحب هن فاني جهان کي ڇڏيو.

مولوي عبدالحليم شرر جي هڪ سڃاڻپ ”دلگذار“ جريدو آهي. هي رسالو ڪيئي ڀيرا جاري ڪيائين ۽ وري بند ٿي ڪيائين. 1882ع ۾ هي پرچو نڪتو. 1891ع ۾ بند ڪيائين. 1892ع ۾ وري جاري ڪيائين. 1898ع ۾ دکن مان ڪڍيائين پر يارهن مهينن بعد هڪ شورش ڪري بند ڪيائين. 1900ع ۾ لکنؤ آيو ۽ وري پرچو شروع ڪيائين. 1901ع ۾ حيدرآباد آيو ته پرچو بند ٿيو. 1904ع ۾ لکنؤ آيو ته، غالبا ”دلگذار“ وري شروع ٿيو. وفات کان ڪجهه ڏينهن اڳ ”دلگذار“ جو 12 پرچو، جلد 26 پاڻ مرتب ڪيائين. ان ريت مولوي صاحب جي ”دلگذار“ سان محبت ۽ دلچسپي عيان ٿئي ٿي (تاريخ ادبيات مسلمانان پاڪ وهند، اردو ادب، جلد چهارم).

هڪ مؤرخ شرر صاحب جي شخصيت ۽ ادبي، علمي توڙي تعليمي خدمتن جو احاطو هن ريت ڪيو آهي. شخصي طور تي پاڻ بي چين طبيعت ۽ جرئت مند حوصلي وارو انسان هو. هن جي سڄي علمي خدمتن کي هن ريت اجاگر ڪيو ويو آهي: ناول نگار، مؤرخ، انشائيه نگار، نقاد، عالم، معلم، صحافي، ڊرامه نگار، ماهر تعليمات ۽ سياستدان. ڊاڪٽر سليم اختر هن جي ادبي ڪم جو احاطو هن ريت ڪيو آهي: 28 تاريخي ناول، 21 سوانح عمريون، 15 تاريخي ڪتاب، 14 خيالي عنوان، 6 ڊراما ۽ منظومات، 18 متفرقات، ڪل 102 ڪتاب (اردو ادب جي مختصر ترين تاريخ ص 210، لاهور1983ع)

مولوي عبدالحليم شرر جي سڃاڻپ ”دلگذار“ رسالو ۽ سندس لکيل تاريخي ناول آهن. ان کان علاوه هڪ مؤرخ طور تي پڻ شرر جي هڪ خاص سڃاڻپ آهي. هڪ تاريخدان طور شرر جي گهڻي واکاڻ نه ٿي ملي. البت سندس قلم جو سمورو زور ننڍي کنڊ اندر مسلمانن جي جداگانه وجود کي اجاگر ڪرڻ تي مرڪوز رهيو. ان مقصد لاءِ ناول سوانح عمريون ۽ تاريخي ڪتابن لکندي، پنهنجي زندگيءَ جو وڏو عرصو ارپي ڇڏيائين. سرسيد احمد خان جنهن علي ڳڙهه تحريڪ ذريعي هندستان جي مسلمانن کي سجاڳ ڪيو، عبدالحليم شرر کيس فڪري طور تي بلڪل ويجهو ڏسجي ٿو. بلڪه ائين چوڻ غلط به نه ٿيندو ته عبدالحليم شرر ۽ ڪي ٻيا دانشمند سرسيد جي فڪر جي پيدائش آهن. سرسيد احمد خان آل انڊيا ڪانگريس جي ٺهڻ کان (1885ع) کان تيرهن سالن پوءِ 1898ع فوت ٿيو. هندو مسلم تفرقي جو بنياد رکندڙ سرسيد فوت ٿيو، تڏهن اٺن سالن کانپوءِ 1906ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ وجود ۾ آئي. ائين هندستان اندر سياسي طور تي ٻه قوتون ظاهر ٿيون، مسلم ليگ جي پروگرام کي اردو زبان ۽  ان جي لکندڙن، سڌي توڙي اڻ سڌي طرح اڳتي وڌايو. مولوي شرر پڻ انهن مفڪرن ۾ شامل هو، جيئن ته اسان کي هتي شرر صاحب جي ”تاريخ سنڌ“ تي گفتگو ڪرڻي آهي، ان ڪري اسين اول ۾ هي ڏسنداسين ته هڪ مؤرخ طور کيس ڪيتري اهميت هاصل ٿي. پروفيسر ڊاڪٽر ظفر اقبال لکي ٿو ته: ”شرر سياسي طور تي سرسيد جي ان خيال جو حامي هو ته، آزاديءَ جي جنگ ۾ هندستاني مسلمانن جي شڪست کانپوءِ انهن کي احساس ڪمتريءَ کان بچائڻ جي واحد صورت، اسلام جي شاندار ماضيءَ کي بار بار دهرائڻ ۽ اظهار ڪرڻ م آهي. اهڙا تقابلي مطالعا پيش ڪجن جن ذريعي عيسائين جي ڀيٽ ۾ اسلام کي هڪ بهتر مذهب ثابت ڪجي. هن جون اڪثر تحريرون ان پس منظر ۾ لکيون ويون. هن خيال رکڻ جي باوجود به تاريخدان شرر ڪڏهن طرفدار ٿي نه سگهيو، بلڪه وڏي فراخ دليءَ سان ”تاريخ ارض مقدس“ جي نالي سان عيسائي مذهب جي تاريخ لکيائين......

ڊاڪٽر ظفر وڌيڪ لکي ٿو: حقيقت ۾ شرر بنيادي طرح مؤرخ جي مزاج وارو نه هو. اهو اول تا آخر ناول نويس هو. تاريخ سان سندس دلچسپي هڪ خاص مقصد جي ڪري ٿي هئي. انهيءَ دلچسپي سبب تاريخي ناولن لکڻ جو امتياز شرر کي حاصل ٿيو. هن جي تاريخ نويسيءَ ۾ سنڌ جي اهميت نه هئي. محقق جي مزاج ۾ واقعن جو سنگدلي ۽ مڪمل غيرجانبدارانه تجزيو هجڻ کپي. شرر هنن خاصيتن کان وانجهيل هو (اردو ۾ تاريخ نويسي، ص 208- 209، ڪراچي 2004ع). جيئن مٿي ذڪر ٿيو، شرر مرحوم تاريخ تي 15 ڪتاب لکيا. سندس لکيل تاريخي ڪتاب بابت هڪ مصنف جو رايو آهي ته، شرر تاريخي ڪتابن جو ايترو ته يادگار ذخيرو ڇڏيو آهي، پوءِ ڀلي ان کي مٽيءَ جو ڍير سڏيو وڃي، پر اسان کي هڪ ڀيرو ضرور ان کي ڏسڻو پوي ٿو!

هت سوال هي آهي ته مولي شرر سموري زندگي ڪڏهن به سنڌ نه ڏٺي هئي، پر پوءِ به پاڻ هن پرانهين پرڳڻي جي تاريخ ڇو لکيائين؟ مولوي صاحب پاڻ هن سوال جو جواب هن ريت ڏنو آهي: سموري هندستان کي ڇڏي ملڪ جي هڪ گم نام حصي سنڌ جي طرف توجهه ڪرڻ ۽ خاص ڪري اهو ماڻهو جو نه ڪڏهن اتي ويو هجي ۽ نه وري موجوده حالتن کان ذاتي طرح واقفيت رکندو هجي، ۽ وڌيڪ هي ته اتان جي بااثر ماڻهن سان ڄاڻ سڃاڻ به نه هجي. ان ڪري ضرور پڙهندڙن کي حيرت ٿيندي. مگر سچ هي آهي ته هندستان ۾ سنڌ ئي اهو ملڪ آهي، جنهن جي تاريخ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ڇوته فارسي ۽ انگريزي لکندڙن جي هٿان، جيترو ظلم هن ملڪ جي تاريخ تي ٿيو آهي، شايد ئي ٻئي ڪنهن ملڪ جي تاريخ تي ايترو ظلم ٿي هجي(عرض حال).

هن ڪتاب جي تياري ۾ هڪ ته شرر جي پنهنجي دلچسپي هئي، ۽ ٻئي طرف نواب وقار الامرا وزيراعظم حيدرآباد دکن وٽان پنج هزار روپيه هن ڪم جي لاءِ مليا هئا. ظاهر آهي ته هڪ صدي اڳ هي هڪ وڏي رقم هئي. اسان جي خيال ۾ ”تاريخ سنڌ“ جي لکجڻ ۾ هڪ وڌيڪ جذبو پڻ محرڪ بنيو. اهو ئي دور آهي جڏهن آل انڊيا مسلم ليگ وجود ۾ اچي چڪي هئي ۽ هندستان اندر ٻه سياسي قوتون اڀري رهيون هيون. سنڌ جيئن ته ننڍي کنڊ ۾ سڀ کان اول اسلام جي دائري ۾ آئي، ان ڪري به شرر جهڙن مفڪرن لاءِ هن خطي ۾ دلچسپي پيدا ٿيڻ فطري هئي، ان کان وڌيڪ ته مولانا صاحب سموري حياتي، اسلامي مشاهيرن تي ڪم ڪندي گذاري هئي. سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪرڻ جي صورت ۾ کيس مسلمان سپهه سالارن، خاص ڪري محمد بن قاسم جي ڪردار جي تعريف جو هڪ سونهري موقعو حاصل ڪيو ٿيو.

مولانا شرر جو ”تاريخ سنڌ“ جلد اول، سن 1907ع م دلگذار پريس لکنؤ مان ڇپيو، ڇپيل ڪاپين جو تعداد 1200 هو. هن جلد ۾ ڪل ٻارهن باب آهن. مولانا صاحب قديم تاريخ نويسيءَ جي روايتن کان هٽي، پهريون ڀيرو سنڌ جي تاريخ تي لکندي ڪجهه جديد روايتن جي آڌار تي تحقيق ڪئي. ابتدا ۾ هن سنڌ جي جاگرافي، آدمشماري ۽ 1907ع واري دور جي، سنڌ جي عمومي اڀياس کي پيش ڪيو آهي. باب ٻئين کان باب پنجين تائين، سڌ جي قديم تاريخ جو مطالعو پيش ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سڪندر جون ڪاهون، ايرانين جا حملا، راءِ خاندان ۽ چچ جي عروج جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ڇهين باب کان ٻارهين بابت تائين عرب ۾ اسلام جي آمد، عرب فتوحات، ۽ پوءِ بنو اميه جي دور ۾ سنڌ جي فتح کي بحث هيٺ آندو ويو آهي. حقيقت ۾ آخري پنجن بابن ۾ فاتح سنڌ محمد بن قاسم جو ڪردار پوري طرح ڇانيل ڏسجي ٿو. بنهه آخري باب ۾ ليکڪ، محمد بن قاسم جي موت بابت، تاريخي غلط بيانين جي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي.

شرر صاحب جي ”تاريخ سنڌ“ جلد ٻيو، ٻه سال پوءِ 1909ع ۾ نروار ٿيو. جي جلد 800 ڪاپيون اختر دکن پريس ۾ ڇپجي ”دلگذار“ لکنؤ جي دفتر مان جاري ٿيو. هن جلد ۾ ڪل ڏهه باب آهن، انهن ۾ گهڻو ڪري محمد بن قاسم کان پوءِ جي سنڌ، بنو اميه، بنو عباس، عربن جون سنڌ ۾ خودمختيار حڪومتون ۽ اسماعيلي توڙي قرامطه فرقن کي مفصل طرح سان بيان ڪيو ويو آهي. حقيقت ۾ شرر جي تاريخ جو هي ٻيو جلد ڪافي اهم آهي. شرر پهريون ڀيرون: ”چچ نامه“ ، ”تاريخ معصومي“ ۽ ”تحفت الڪرام“ جي دائري مان نڪري، اسان کي سنڌ جي آخري عرب دور بابت نئين ڄاڻ ڏني آهي.

مولوي عبدالحليم شرر جي وسري ويل ”تاريخ سنڌ“ جي ٻنهي جلدن کي گڏي، سٽي بڪ پوائنٽ ڪراچي 2004ع ۾ شايع ڪيو آهي، بدقسمتيءَ سان ناشر ڪٿي به هي نه ڄاڻايو آهي ته، هي ٻه جلد جدا جدا ۽ ڪڏهن يا ڪٿان ڇپيا هئا. وڌيڪ ظلم هي ڪيو ويو آهي ته جلدن کي حصا ڄاڻائي غلط بياني ڪئي وئي آهي، اڃا به وڏو ظلم هي ٿيو آهي ته ٻنهي جلدن جي انفراديت کي به قائم نه رکيو ويو. پروف ريڊنگ ۾ پڻ احتياط کان ڪم نه ورتو ويو آهي. مون کي خاطري ته ڪونهي ليڪن گمان آهي ته، مولانا صاحب ٻئي جلد تي عرض حال (پيش لفظ) ضرور لکيو هوندو، ان کي پڻ نئين ڇاپي مان جذف ڪيو ويو آهي. حقيقت ۾ تاريخي ڪتابن جو نئين اشاعت وقت، هنن ڳالهين جو خاص ڌيان ڪرڻ کپي، ان ريت ايندڙ نسلن لاءِ تاريخ جو ڪتاب وڌيڪ تاريخي اهميت وارو بنجي ٿو. غلط بياني ۽ اٽڪل بازيءَ وارو هي رجحان رڳو اردو ناشرن وٽ ڪونهي. بلڪ سنڌي اشاعتي ادارن ۾ به ان ريت وهنوار هلي ٿو، جنهن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

مولوي عبدالحليم شرر جي ”تاريخ سنڌ“ اٽڪل روءِ هڪ صدي اڳ ڇپي هئي. جيتوڻيڪ سنڌ جي تاريخ جي باري ۾، اڄ اسان جي تحقيق گهڻو اڳتي وڌي چڪي آهي. ليڪن گذريل وقتن ۾ سنڌ تي لکندڙن شرر جي ڪتاب مان پڻ خوب استفادو ڪيو. هن ڏس ۾ مولوي نور محمد نظاماڻي، مولائي شيدائي، ابو  ظفر ندوي ۽ اعجاز الحق قدوسيءَ جا نالا نمايان آهن. نامور اسڪالر ايم. ايڇ. پنهور پ ”سورس مٽيريل آن سنڌ“ ۾ شرر جي ڪتاب جو شمار ڪيو آهي. اڄ اردو زبان ۾ سنڌ بابت ڪيئي ڪتاب موجود آهن. ڏٺو وڃي ته اهڙي مطالعي جو (اردو ۾) بانيڪار مولانا عبدالحليم شرر ئي آهي.

شرر صاحب کان هڪ ڀيري پنهنجي لکيل ڪتاب جي باري ۾ سوال ڪيو ويو هو. پاڻ جواب ڏنائين ته تاريخ تي لکيل ڪتابن ۾، مون کي ”تاريخ سنڌ” وڌيڪ پسند آهي. سچي ڳالهه به هيءَ آهي ته هن جاکوڙي ۽ ليکڪ هي ڪتاب لکندي وڏي محنت ڪئي هئي. هن پهريون ڀيرو عربي ۽ انگريزي ڪتابن مان سنڌ بابت مواد حاصل ڪيو ۽ لکنؤ يا حيدرآباد دکن ۾ رهندي هڪ پرانهين پرڳڻي جي تاريخ تيار ڪئي.

اطمينان جي ڳالهه آهي ته، شرر جي ”تاريخ سنڌ“ جي نئين ڇاپي جي ظاهر ٿيڻ کان ستت پوءِ، ان جو سنڌي ترجمو ڇپجي رهيو آهي. استاد اشرف علي سمون ان لاءِ جس لهڻي. مهراڻ اڪيڊمي ڳچ عرصي کان سنڌي ادبي ۽ علمي ڪتاب ڇپرائي رهي آهي. هن ڪتاب جي اشاعت سان، پڪ آهي ته اداري جي نيڪ ناميءَ ۾ اڃا به واڌارو ٿيندو.

14 نومبر 2005ع             پروفيسر غلام محمد لاکو

شعبو جنرل هسٽري

سنڌ يونيورسٽي

ڄام شورو

 

انتساب

سنڌ واسين جي پنهنجي تاريخ بابت عدم دلچسپي واري افسوسناڪ ماحول کي،

دلچسپيءَ واري رس چس ۾ تبديل ڪندڙ عظيم مؤرخ.

 

مولانا دين محمد وفائي (رحمت الله عليہ)

 

جي نام نامي اسم گراميءُ ڏانهن هيءُ پورهيو منسوب ڪندي سون سريکي سرهائي محسوس ڪريان ٿو.

(ا-ع-س) 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org