باب
ٽيون
هندستان تي آڳاٽن ڏينهن ۾ ڌارين جا حملا
جيتوڻيڪ دنيا جي سڀني قومن ۾ پاڻ ۾ لڙائي جهڳڙو
رهيو آهي ۽ تمام گهڻا اهڙا ملڪ آهن، جن تي ڌارين
قومن حملو نه ڪيو هجي، پر هندوستان شروعات کان اڄ
تائين سدائين ٻاهرين بهادرن جو شڪار رهيو آهي. خود
آريا لوڪن جو اچڻ هڪ اهڙو زبردست حملو هو جنهن
شروعاتي حالت کي صفا مٽائي ڇڏيو، پر جڏهن هو هتي
اچي رهيا ۽ باخترين مان هندوستاني ٿيا ته مٿن به
ٻاهر وارن جون ڪاهون شروع ٿي ويون ۽ جڏهن ته سنڌ
هندوستان جو دنگائي ديس هو انهيءَ ڪري هر حملي آور
جي قدمن پهريائين سنڌ کي لتاڙيو. ان وقت تائين
دنيا جي تاريخ ۾ سڀ کان پهريائين سڌريل ۽ بهادر
قوم مصر وارا سمجهيا ويندا هئا، جن جو عروج حضرت
عيسيٰ عليه السلام کان پنج ڇهه هزار سال اڳ ناموري
۽ شهرت حاصل ڪرڻ لڳو هو، جڏهن ته ٻاهرين قومن ۾
اهي ئي انهي ڳالهه جا دعويدار آهن ته اسان سڀ کان
اڳ هندستان تي بادشاهي ڪئي. سندن بادشاهه سائرس
جنهن کي تاريخ کان اڳ جا مؤرخ ڊيونسيس ۽ بيڪچس چون
ٿا پنهنجي فوج کي وٺي سڀني وچ وارن ملڪن کي فتح
ڪندا سنڌ پهتا ۽ سنڌ کي لتاڙي هندستان تي حملي آور
ٿيا. هو خشڪيءَ رستي سنڌ جي ڌرتيءَ ۾ داخل ٿيا ۽
مصر وارا چون ٿا ته ان وقت هتي جا ماڻهو ويڳاڻا
هئا، نه ٻني ٻارو پوکڻ ڄاڻندا هئا ۽ نه ويڙهه جي
فن کان واقف هئا، هو مقابلي جي سٽ نه سهي سگهيا ۽
سائرس گنگا نديءَ جي ڪناري تائين فتح ڪندو هليو
آيو. انهيءَ فقط فتح ئي نه ڪيو پر هندستانين کي
تهذيب ۽ سنجيدگي سيکاري، ٻج ڇٽڻ ۽ جوڙا جوٽڻ جون
اٽڪلون به سيکاريون، جنهن جو نتيجو اهو ٿيو ته مصر
کان سواءِ هن ڌرتيءَ ۾ به کين ديوتا ٺاهي سندن
پوڄا ڪئي وئي. انهن جي نالي سان شهر آباد ٿيا ۽ ٽي
سال هتي رهي هو واپس هليو ويو. جڏهن ته محققن جو
خيال آهي ته مصرين جو ديوتا آئسيس ۽ اسائرس ئي آهن
جيڪي هندوئن ۾ ايسويا ايشور جي نالي سان مشهور
ٿيا، دنيا ۾ انهن جي پوڄا جو ڏاڍو رواج هو ۽ انهن
جي نالي جون تقريبون ڳائي وڄائي ملهايون وينديون
هيون.
مصرين جا رقيب ۽ مشرقي دنيا تان آڳاٽن فرعونن جو
دٻدٻو مٽائڻ وارا بابلي آهن جن جي بهادر ۽ ارادي
جي پڪي راڻي سميرا ميس کي اڳئين دنيا محترم ديونن
۾ شمار ڪيو آهي. انهيءَ راڻي جي اوڀارين سرحد
هندوستان ۽ سنڌ جي دنگ سان مليل هئي، تنهن مڙس کان
پوءِ جڏهن واڳون پنهنجي هٿ ڪيون ته گهڻن سرڪشن ۽
وڏن مخالفن کي تباهه ۽ برباد ڪيائين، پر ناڪام رهي
ته هندوستان وارن جي مقابلي ۾ رهي، جنهن جي شڪست
جو داغ هو پاڻ سان گڏ قبر ۾ کڻي ويئي، انهيءَ بابت
آڳاٽا مؤرخ چون ٿا ته سميرا ميس اٽڪ درياءَ جي هن
پاسي لهڻ جو گهڻو ڪجهه سامان گڏ ڪيو. ڌرتي ڌڻين
مهاڏو اٽڪايو ته سميرا ميس ڏاڍي بهادري ۽ دليريءَ
سان وڙهي پر گهڻو وڃائڻ کان پوءِ به درياءَ مان
لهي نه سگهي، خود ساڻس ۽ سندس مخالف هندوستاني
راجا سان هٿو هٿ لڙائي لڳي. هندوستان جو راجا انهن
ڏينهن ۾ ڏاڍو زبردست ۽ سگهارو هو، سندس سپاهي دلير
۽ قلعا مضبوط هئا. سميرا ميس هاٿين تي رعب وجهڻ جي
هيءَ اٽڪل ڪئي ته ڍڳن جا ڇوڙا لاهي اٺن تي وڌا ۽
انهن کي هاٿي يا عجيب نموني جا جانور ٺاهيا.
لڙائيءَ ۾ هن جي پيادل فوجن هاٿين تي حملو ڪيو پر
ناڪام رهيا، نيٺ سميرا ميس ڦٽجي ناڪام ۽ نامراد
واپس ٿي ۽ ڀڄي پنهنجي وطن پهتي ته پنهنجي ئي پٽ
هٿان مارجي ويئي. ڪجهه مؤرخن جو خيال آهي ته هو
انهيءَ هندستان جي مهم ۾ قتل ٿي، عرب تاريخ دانن
مطابق يمن جو بادشاهه تبابع مان هڪ اهڙو بهادر ٿي
گذريو آهي، جنهن جزيره نما عرب کي چيري خليج فارس
جي چؤطرف ڦيرو لڳايو ۽ ايران جي ڌرتيءَ کي فتح ڪري
سرزمين هند ۾ اچي پهتو، پر افسوس جو تبابعن جي
تاريخ اڃان تائين اونداهيءَ ۾ پيل آهي ۽ موجوده
دؤر جي پياسن کي موقعو نٿو ملي جو يمن جي اجڙيل
کنڊرن ۽ ڪريل پٿرن کي پڙهي ۽ آڳاٽن ڏينهن جي انهن
بهادر فاتحن بابت ڪا راءِ قائم ڪري سگهن. ٽيون
حملو هندستان تي مصر جي فرعون سيساسترليس ڪيو هو.
سورهيائيءَ جي جوش ۾ اچي شام کان اڳتي وڌي ايشيائي
ڪوچڪ کي اورانگهي ڪوهه ڪاف تائين پهتو. انهيءَ جي
برفستان ۾ گهڙي ٻئي پار نڪتو ۽ ساديا ۽ ٿريس جي
ملڪن جي رڻ پٽن مان لنگهي هندوستان پهتو. هتي اٽڪ
درياءَ مان لهي اڳتي وڌيو ۽ فتح ۽ ڪاميابيءَ جا
جهنڊا جهولائيندو گنگا تائين پهتو، سندس زمانو
حضرت عيسيٰ عليه السلام کان ارڙهن سؤ سال اڳ جو
آهي جنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هن جو حملو
رامائڻ ۽ مهاڀارت جي وڏين لڙائين کان پهرين ٿيو يا
ان جي ويجهي ڏينهن ۾.
چوٿون حملو تاتارين جو ٻڌايو وڃي ٿو انهن ماڻهن جو
پهريون بادشاهه جنهن سان هنن جو قومي ڏهاڙو شروع
ٿئي ٿو، اهو اغاس هو. چيو وڃي ٿو ته هو ايران جي
تخت ڌڻي ڪيو مرث جو همعصر ۽ بافث بن نوح جي نسل
مان هو. انهيءَ تبت وغيره تي پنهنجي حڪومت قائم
ڪئي. ايرانين کي شڪست ڏنائين ۽ هوشنگ هٿان خراسان
جو ملڪ فتح ڪيائين. پوءِ عراق آذربائيجان ۽
آرمينيا کي شڪست ڏيئي پنهنجو ڏن ڀرو ٺاهيو. جڏهن
اولهه طرفان اطمينان ٿيس ته هن ڪابل ۽ غزني تي
حملو ڪيو. انهن شهرن کي فتح ڪرڻ کان پوءِ هندستان
ڏانهن وڌيو ۽ ڪشمير سان گڏ اتر هندستان تي به قبضو
ڪيائين. انهيءَ جو ڪوبه پتو نٿو پوي ته هو سنڌ
يعني اولهه هندستان تي ڪيتري قدر قابض ٿيو ۽ ڪيتري
زمين سندس قبضي ۾ آئي جڏهن ته هو رڳو ڦرلٽ ۽ تخت و
تاج جي لاءِ آيو هو ۽ هن ملڪ ۾ رهي حڪومت ڪرڻ سندس
مقصد نه هو ان ڪري هن ڌرتيءَ تي سندس نشان به باقي
نه رهيا.
پنجون حملو به تاتارين جو هو جنهن جو زمانو حضرت
عيسيٰ عليه السلام کان ڇهه سؤ سال اڳ جو آهي انهن
ڏينهن ۾ ميڊيا جي پهرين بادشاهه سياقزانس جو زمانو
هو. ميڊيا وارن اسيليا (بابل) جي شهنشاهن کي ختم
ڪري پنهنجي بادشاهي قائم ڪئي هئي. تاتاري وحشين
ڪوه ڪاف تان لهي سڄي ايشيا تي اٽڪ درياءَ جي ڪنارن
تائين پکڙجي ويا،پر سنيا قزانس کين وڏي قتل ۽ خون
خرابي کان پوءِ پنهنجي بادشاهيءَ مان تڙي ٻاهر
ڪيو. نيٺ انهن مان ڪيترائي ماڻهو سنڌ ۾ ٽڪي پيا
جيڪي جاٽ سڏجن ٿا ۽ آڳاٽن ڏينهن ۾ اهي جاٽ ماڻهو
سنڌو درياءَ جي ڪناري ۽ پڻ افغانستان ۾ گهڻائيءَ ۾
آباد هئا. ڊاڪٽر هنٽر چوي ٿو ته سائدين وحشي (گهڻا
ماڻهو سائدين ۽ تاتارين کي هڪ ئي قوم سمجهن ٿا)
جيڪي حضرت عيسيٰ عليه السلام کان ڇهه سؤ پنجويهه
سال پهرين هڪ لوڌ وانگر ايشيا جي ڌرتيءَ تي پکڙجي
ويا هئا. سندن هڪ شاخ موجوده حيدرآباد سنڌ تي جيڪو
تن ڏينهن ۾ بٽالا سڏبو هو، قابض ٿيا، اهي ئي ماڻهو
آهن جيڪي يورپ ۾ ”هن“ سڏجن ٿا.
ايراني هندوستان جا پاڙيسري هئا، جيڪڏهن سندن ڪا
مڃيل ۽ قديم تاريخ موجوده هجي ها ته ضميمي طور
هندستان جون به ڪيتريون ئي حالتون معلوم ٿي وڃن.
پر افسوس جو جهڙيءَ طرح هندوستان وارن تاريخ نه
لکي اهڙي طرح ايرانين جي به ڪا پراڻي تاريخ موجود
ناهي. انهيءَ خاص موضوع تي اوڀر وارن جو گهڻو دارو
مدار شاهنامي تي آهي جنهن ۾ اهڙين اعتبار نه ڪرڻ
جوڳيون ۽ ٻڌل سڌل ڪهاڻيون لکيون ويون آهن جو انهن
کي ڪڏهن به تاريخ جي حيثيت نٿي ڏيئي سگهجي. جڏهن
شاهنامي ۾ سعد بن ابي وقاص رضه ۽ رستم فرخزاد جي
آخري لڙائي مڃيل ۽ معتبر تاريخن جي موجود هوندي
رڳو وڌايل ۽ بي بنياد واقعن سان بيان ڪئي وئي آهي
ته انهن پراڻين ڳالهين جو ڪهڙو ڀروسو ڪري سگهجي ٿو
جيڪي ڪنهن ٻئي ڪتاب ۾ موجود نه آهن، تنهنڪري جيئن
ته تاريخدان مجبوريءَ خاطر شاهنامي مان تاريخي ڪم
وٺندا آهن تنهنڪري اسان به ان جي بيان کي نقل
ڪريون ٿا ته، ايران جو دارا فريدون به جيڪو حضرت
عيسيٰ عليه السلام کان تقريباً 750 سال اڳ هو
اولهه هندوستان تي لشڪر چاڙهيو ۽ پنجاب کي پنهنجي
قبضي ۾ ڪيو. انهيءَ زماني کان 529 سال قبل مسيح هي
ملڪ انهيءَ جي قبضي ۾ رهيو. ايستائين جو ڪيخسرو جي
مرڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ ايرانين جي قبضي کان نڪري
ويو. ڪيخسرو جي وفات جيتوڻيڪ 529 قبل مسيح قرار
ڏنل آهي پر اهو ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته ٻن صدين کان
ڪجهه وڌيڪ سنڌ تي ايرانين جو قبضو هيو.
مؤرخ
زنوفن جي بيان مان خبر پوي ٿي ته اٽڪ درياءَ
ڪيخسرو جي بادشاهي جي اوڀارئين دنگ تي واقع هو پر
ٻين مؤرخن جو خيال آهي ته سڄو پنجاب سندس هٿ هيٺ
هو ۽ هندوستاني ماڻهو فريدون جي ڏينهن کان وٺي،
افراسياب جي ڏينهن تائين واقعي ڏن ڀرو هئا.
افراسياب جي ڏينهن ۾ قنوج جي راجا شنگل ڏن ڏيڻ کان
انڪار ڪيو ته افراسياب تپي باهه ٿيو ۽ پنهنجي
مشهور سپهه سالار پيران دلسيا کي چاليهه هزار
سوارن سان گڏ حملو ڪرڻ لاءِ روانو ڪيائين. ايران
کي هند جي دليرن شڪست ڏني ۽ هو ڪجهه جبلن ۾ گهيرجي
ويا، جڏهن هي خبر افراسياب کي پئي ته هڪ لک سوارن
کي گڏ پاڻ اچي پهتو هاڻي ڌرتي ڌڻين کي شڪست آئي.
افراسياب پري تائين پيڇو ڪيو ۽ هن ڀڄندڙ ڪيترائي
هندستاني ماري وڌا. راجا شنگل ڀڄي وڃي ترحت جي
جبلن ۾ رهيو ۽ جڏهن حملي ڪندڙ جي ڪاوڙ لٿي ته هن
قاصد موڪلي پيش پوڻ ۽ پير ڇهڻ جي اجازت گهري، جڏهن
انهيءَ کي پيش پوڻ جي اجازت ملي ۽ هن جي پٽ کي
زابلستان جي تخت ڌڻيءَ پيءُ جي جڳهه تي قنوج جي
گاديءَ تي وهاريو ۽ خود شنگل کي قيد ڪري پاڻ سان
گڏ توران وٺي ويو ۽ هاڻي اهو معمول هو جو شنگل جو
تخت ڌڻي پٽ ڏن جي ڏوڪڙن سان گڏ پيءُ جي خرچ پکي
لاءِ به ڪافي ٽڪا روانا ڪندو هو، انهيءَ مان معلوم
ٿئي ٿو ته جيستائين ڪيخسرو افراسياب جو ڳاٽ نه ڀڳو
تيستائين هندوستان پرڳڻا زابلستان جي بادشاهه جي
هٿ هيٺ رهيا.
521
قبل مسيح ۾ دارا هستاسپس (گشتاسپ) جو پٽ عجم جي
تخت جو ڌڻي هو. انهيءَ هيرو ڊوٽس يوناني جي بيان
هندستان تي هڪ نئون ۽ انوکو حملو ڪيو. جهازن جو هڪ
وڏو ٻيڙو گڏ ڪيو ۽ پنهنجي ماتحت سائيلاز کي ان تي
امير البحر مقرر ڪري اهڙي مهم تي روانو ڪيو ته
افغانين جي علائقي کان وٺي اٽڪ درياءَ جي منڍ
تائين جي ملڪن جو پتو لڳايو ۽ ان کان پوءِ ان ملڪ
تي قبضو ڪريو. سائيلاز دريائي سفر ڪري ٻن سالن ۾
پنهنجي منزل تائين پهتو ۽ واپس وڃي پنهنجي سفر جي
روئداد ڏنائين ، اهو بلڪل ثابت ناهي ٿيو ته انهي
مهم ۾ جهڳري فساد جي به نوبت آئي يا نه پر ايترو
ضرور پتو پوي ٿو ته اهو امير البدر عجب ڏي
هندوستان مان ايترا ڏوڪڙ وصول ڪري ويو هو جيترا
ايران جي تخت ڌڻيءَ کي انهن صوبن مان ڪڏهن به وصول
نه ٿيا هئا. قديم مؤرخ اهو به بيان ڪن ٿا ته دارا
جي هٿ هيٺ چوويهه ملڪ هئا، جن مان هندوستان به هڪ
هو، پر ڏن ۾ هندوستان مان جيڪا رقم وصول ٿيندي
هئي، اها ان جي سڄي حاصلات جو فقط ٽيون حصو هئي ۽
اها ڪل رقم سون جي صورت ۾ وصول ٿيندي هئي، پر
هندوستان جو جيڪو حصو اهڙي طريقي سان ايرانين جي
قبضي ۾ آيو، اهو اٽڪ واديءَ جي ملڪن جي هڪ حصي کان
وڌيڪ نه هو. نوشيروان جيڪو ساسانين ۾ وڏو قانوندان
۽ عدل پرور ٿي گذريو آهي ۽ حضرت سرور ڪائنات ﷺ جي
ولادت باسعادت جي وقت عجم جو تخت ڌڻي هو، سندس
شاهي خطاب ”بادشاهه ايران و هند“ مشهور هو.
انهيءَ ڳالهه جي ته ڪا چٽائي موجود ناهي ته هن به
تڏهن هندستان تي ڪاهه ڪئي يا هن ڌرتيءَ جو ڪو حصو
سندس بادشاهيءَ ۾ شامل هو. پر غالباً اهو لقب
اختيار ڪرڻ جو هي سبب هو ته هن جي ڏينهن ۾
هندوستان جي راجائن ساسانين جي شهنشاهيت ۽ عظمت
مڃي ورتي هئي ۽ ان جو بنياد بقول ايڊورڊ سليون،
ائين پيو جو 330ع ۾ ولي عهد دولت عجم بحرام بور
علم ۽ فن سکڻ جي شوق ۾ ويس مٽائي ۽ هڪ عام ماڻهوءَ
جي ويس ۾ هندستان آيو. هڪ موقعي تي هن سپهه گيريءَ
جو اهڙو ڪرتب ڏيکاريو جو سڀني ماڻهن کي ڏندين
آڱريون اچي ويون، يعني هن هڪ هاٿيءَ کي پنهنجي تير
سان ماري وڌو ۽ هن جي هٿ جي پڪڙ ڏسي قنوج جي راجا
باس ديو هن جي تمام گهڻي عزت ۽ احترام ڪيو،
هندوستان ۽ ايران جي دنگائي ملڪن جا حالات وقت جي
دز هيٺ دٻيل آهن پر معلوم ٿئي ٿو ته ايران جو صفا
اوڀاريون علائقو ان زماني ۾ ڏاڍو سرسبز ۽ زرزخيز
هو ۽ مشهور تڪشلا خاندان جي راجا توچاري جي حڪومت
هيٺ هو ان خاندان جو باني گنشڪا ڪابل ۽ سڄي
هندوستان جو راجا هو ۽ سندس سڪو سڄي اتر هندوستان
۾ پکڙيل ملي ٿو. انهيءَ سلطنت جو مرڪز ڪشمير جي
حڪومت هو. گنشڪا کان اڳ حاڪمن ڪجهه يوناني ديوتائن
کي اختيار ڪيو هو. حضرت عيسيٰ عليه السلام کان
تقريباً هڪ سؤ سال پوءِ يونانين جو اثر مشرقي
ايران مان ختم ٿي ويو ۽ ان وقت کان اسان کي ٽوچاري
سڪن تي ايرانين جو اثر وڌندو نظر آيو آهي ۽ خاص
ڪري سانين جي عهد ۾ آخري پنجين صدي عيسويءَ جي
ابتدا ۾ ٽوچاري جي قوم جي ئي هڪ ٻي شاخ هن بادشاهت
کي برباد ڪيو. هن قوم جي ويڙهاڪ بادشاهه ٽولي
ڪوهستان هندو ڪڻس کان هن پار لهي اهڙو حملو ڪيو جو
ٽوچاري خاندان جي سلطنت بلڪل فنا ٿي وئي ۽ ننڍي
يوجي جي بادشاهي قائم ٿي. انهيءَ حملي جي تاريخ
مختلف روايتن تي غور ڪري 340ع قرار ڏني وئي آهي.
عربن کان اڳ ڪنهن قوم جيڪڏهن هندستان بابت ڀروسي
جوڳا حالات بيان ڪيا آهن ته اُهي يوناني آهن.
سڪندر اعظم جي حملي کين هن اوڀارين ڌرتيءَ جي
حالتن کان گهڻو ڪجهه واقف ڪيو هو. هندوستان ۽
اولهه جي ملڪن جا واپاري لاڳاپا تمام آڳاٽي دؤر
کان هلندڙ هئا جنهن اولهه جي قومن کي هندستاني ڌن
دولت تي ڏاڍو لالچايو هو، پر انهن افسانن جي بنياد
تي دليري ڏيکارڻ جي جيڪڏهن ڪنهن کي همٿ ٿي ته اهو
سڪندر اعظم ئي هو. جيتوڻيڪ هن جڏهن عجم جي دارا
سان گڏ ايران جي بادشاهت جو ڪم پورو ڪيو تڏهن پورب
طرف اڳتي وڌيو ۽ افغانستان جي حدن ۾ داخل ٿيو.
اٽڪ
درياءَ جي هن پار سڀ کان اڳ ٽيڪسلا جي بادشاهن جو
راڄ هو انهيءَ سلطنت جو تخت ڌڻي آڻ مڃي سڪندر جي
خدمت ۾ حاضر ٿيو، تحفا ۽ سوکڙيون پيش ڪيائين ۽
سڪندر کي پنهنجي لڇڻن جو اهڙو چاهيندڙ بڻايائين جو
سندس تحفن کان وڌ اُچا ۽ ڀلا تحفا سڪندر کين پيش
ڪيا، پوءِ انهيءَ راجا سان گڏجي سڪندر ڪابل کان
اڳتي وڌي اٽڪ درياءَ جي ڪنارن تائين پهتو ۽ حضرت
عيسيٰ عليه السلام کان 327 سال اڳ سنڌو درياءَ مان
هيٺ لهي انهيءَ وقت ٽيڪسيلا جي بادشاهيءَ ۾ داخل
ٿيو. ساڻس گڏ 135000 فوج هئي جنهن ۾ ڪجهه ملڪي
فوجي به شامل هئا. اٽڪ جي هن پاسي انهيءَ زماني ۾
ٽي حڪومتون هيون ٽيڪسيلا جي حڪومت جنهن جي بادشاهي
اٽڪ ۽ جهلم جي وچ ۾ هئي، وري جهلم کان چناب تائين
راجا پورس حڪومت ڪندو هو ۽ جبلن يعني ڪشمير ۾ راجا
ابي سارس جو راڄ هو ۽ اهي سڀ راجا مڱدديس جي
مهاراجا جي هٿ هيٺ هئا جنهن جو حڪومتي ٺڪاڻو گنگا
درياءَ جي ڏاکڻي ڪناري تي هو. انهيءَ زبردست راجا
جو نالو چندر گپت چيو وڃي ٿو. سڪندر اعظم کي
ٽيڪسيلا جي علائقي ۾ داخل ٿيندي اولهه هندستان ۾
جيڪي ڪجهه ننڍيون ننڍيون رياستون ڏسڻ ۾ آيو اُهي
هڪ ٻئي جون مخالف هيون جيڪي پاڻ ۾ دشمن هيون ۽
ڪنهن ٻاهرين حملي آور کي روڪڻ ۽ ان جي مزاحمت ۾
اتفاق ڪرڻ بدران پنهنجي پاڙيسري راڄ کي نقصان
پهچائڻ جي ڌن م بجاءِ ان جي جو ٻاهرئين آور کي
روڪين، سندس ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وينديون هيون.
انهيءَ ڪري ٽيڪسيلا جي راجا سڪندر جو ساٿ ڏنو هو
ته لازمي آهي ته راجا پورس مقابلي جي لاءِ تيار ٿي
وڃي، جيتوڻيڪ انهيءَ ڪوشش ڪئي ته سڪندر کي جهلم
درياءَ مان لهڻ نه ڏئي، درياءَ جي هڪ موڙ جي ماڳ
تي سڪندر تقريباً چوڏهن ميل جو چڪر کاڌو ۽ هڪ ٻئي
گهاٽ جهلم مان ان تي لٿو.
پورس
جا هاٿي دشمن طرف هزارين دفعا وڌايا ويا پر نه وڌي
سگهيا بلڪه الٽو خود پنهنجي فوج کي لتاڙي ڀڳا.
پورس جو پٽ جنگ جي ميدان ۾ مارجي ويو ۽ هو پاڻ به
ڦٽجي پيو. هندوستاني فوج جي پکڙجڻ سبب سڪندر
پنهنجي پياري دوست مروي کي موڪليو ته راجا پورس کي
جيڪو ميدان ۾ ڦٽيو پيو آهي عزت ۽ احترام سان
منهنجي خيمي ۾ کڻي اچو. سڪندر پاڻ هلي وڃي ساڻس
عزت سان مليو ۽ چيائين ته، ”هاڻي تون مون کان ڇاٿو
گهرين؟“ دلير پورس جواب ڏنو ته ”اهو ئي جيڪو ڪنهن
بادشاهه کي جڳائي.“ ”سڪندر چيو“ اهو ته منهنجو ڪم
آهي ۽ آئون ڪندس پر تنهنجي به ڪا آرزو آهي؟
”چيائين“ سڀ ڳالهيون پهرئين جواب ۾ موجود آهن.”
انهن جواب سڪندر جي دل تي اهڙو اثر ڪيو جو پورس جو
سچو همدرد ٿي ويو کيس پنهنجن دوستن ۾ شامل ڪيائين
۽ سندس ملڪ کيس واپس ته ڪيائين پر بيو به گهڻو
ڪجهه پنهنجو فتح ڪيل علائقو به هن کي ڏنائين.
سڪندر انهيءَ فتح جي يادگار م هتي ٻه شهر آباد
ڪيا. هڪ بوسخيان چناب درياءَ جي اولهندي ڪناري تي
جيڪو موجوده شهر جلال پور جي ويجهو آهي. ٻيو شهر
نڪايا مٿي ذڪر ڪيل درياءَ جي اوڀرندين ڪناري تي،
جنهن هنڌ هن وقت مونگ شهر آهي. پهرئين بيان ڪيل
شهر جو نالو هن پنهنجي گهوڙي تان رکيو جيڪو انهيءَ
ميدان ۾ مارجي ويو هو. چناب درياءَ جي هن پار لهڻ
کان اڳ سڪندر فتح ڪيل علائقي جو هڪ دؤرو ڪيو هو ۽
جيڪي ڪجهه معلومات هن کي ملي ان جو ٿورو حصو اسان
کي يوناني مؤرخن جي قلم مان معلوم ٿيو آهي ته جيڪو
ملڪ جهلم ۽ پنجاب جي وچ ۾ هو، ڏاڍو آباد ۽ دولتمند
هو. ستٽيهه شهر هئا جن مان هر هڪ جي آبادي 5000
ماڻهن کان گهٽ نه هئي ۽ ان کان سواءِ ڪيترائي ننڍا
ننڍا ڳوٺ هئا. دؤري کان پوءِ سڪندر چناب کان اورتي
آيو ۽ مٿي ڄاڻايل شهر نڪايا کي آباد ڪري اڳتي
وڌيو. هتي علائقو جيڪو چناب ۽ راويءَ جي وچ ۾ هو
هڪ ٻئي راجا جي هٿ هيٺ هو، جيڪو راجا پورس جو نالي
ڀائي ۽ سندس مخالف هو. سڪندر جي اچڻ جي خبر ٻڌندي
ئي هو راويءَ مان لهي هندوستان جي اڀرندين شهرن
ڏانهن ڀڄي ويو ۽ سڪندر سندس ملڪ تي قبضو ڪري هن جو
سڄو علائقو پنهنجي دوست پورس کي ڏنو. انهيءَ
ڪارروائيءَ کان پوءِ سڪندر راوي درياءَ جي هن پار
آيو. هن علائقي ۾ هڪ زبردست ۽ جنگجو قوم آباد هئي
جنهن جو نالو يونانين کٿيا ٻڌايو آهي. غالباً
انهيءَ مان مراد موجوده ڪاٺيا قوم آهي پر ڪجهه
ماڻهو چون ٿا ته ڪاٺيا نه، کتري ماڻهو مراد آهن.
انهن ماڻهن جو دارالسلطنت شهر سنگهالا هو، جنهن
بابت چيو وڃي ٿو ته تن ڏينهن ۾ ڏاڍو مضبوط شهر هو.
کٿئي ماڻهو مقابلي جي لاءِ پهريائين تيار هئا ۽
ملتان ۽ اچ جا ماڻهو به سڪندر سان وڙهڻ جي لاءِ
انهن ماڻهن سان گڏجي ويا، هيڏانهن سڪندر جي جهنڊي
هيٺ راجا پورس پنهنجي پنج هزار بهادرن سان گڏ
موجود هو. ٻنهي لشڪرن ۾ مقابلو ٿيو ۽ سڪندر گهيرو
ڪري سنگهالا شهر کي فتح ڪيو. جنهن جي فتح ٿيڻ سان
سترهن هزار ڌرتيءَ ڌڻي ماريا ويا ۽ ستر هزار دشمن
جي چنبي ۾ قيد ٿيا. سنگهالا جي فتح کان پوءِ کيس
تباهه ۽ برباد ڪيو ويو ۽ هن جو علائقو به پورس جي
بادشاهي ۾ شامل ٿيو. انهيءَ سلسلي ۾ ٻه ٻيا شهر به
ڀڙڀانگ ڪيا ويا، جنهن جا رهواسي بيرحم حملي آورن
جي ڊپ کان گهر ڇڏي ڀڄي ويا هئا. ۽ جيڪي پنج هزار
ماڻهو ڪنهن لاچاري سبب ڀڄي نٿي سگهيا انهن کي
يونانين ڏاڍي بيرحميءَ سان قتل ڪيو. بياس درياءَ
سان لاڳاپيل جيڪو ملڪ هو انهيءَ بابت يوناني جو
بيان آهي ته اتي جا ماڻهو حسن ۽ خوبصورتيءَ ۾ ڏاڍا
مشهور هئا ۽ حسين هئڻ سان گڏ ڏاڍا ذهين به هئا.
انهن جي ڪجهه عقلمندن قانون به ٺاهيا هئا، انهن جي
راجا جو نالو سموفتا هو. سڪندر جي دؤرن جي هن کي
جڏهن خبر پهتي ته هن بيڌڙڪ شهر جا دروازا کولي
ڇڏيا ۽ پنهنجي ٻن نوجوان خوبصورت پٽن ۽ ٻين سلطنت
جي اميرن کي ساڻ وٺي مقدوني حملي آور جي آجيان
لاءِ نڪتو. يوناني لکن ٿا ته جنهن وقت هو سڪندر ۽
سندس ساٿين کي پنهنجي سامهون ايندو نظر آيو ته ان
جي مٿي جي شاهي نشان جهولي رهيو هو جنهن ۾ هيرا
جواهر جڙيل هئا ۽ سج جي روشنيءَ ۾ تجلا ڏئي رهيا
هئا، ڳاڙهي رنگ جو هڪ ڊگهو جبو پاتل هوس جنهن تي
ڀرت جو سونهوري ڪم ٿيل هو، ٻنهي ڪنن ۾ ٻه والا
هئا، انهن والن ۾ نهايت ئي آبدار موتي هئا ۽ پيرن
۾ سون سان مڙهيل موجلي پاتل هئي، سڪندر جي ويجهو
پهچندي ئي انهيءَ پنهنجو شاهي علم فاتح جي پيرن
طرف نمايو جنهن کي سڪندر پنهنجي هٿن تي ورتو ۽ خود
پنهنجي هٿ سان پنهنجي تلوار کولي هن جي چيلهه ۾
ٻڌي ڇڏي، انهيءَ پرامن بادشاهي ۾ سڪندر پنهنجي فوج
کي رهائي سک جو ساهه کڻڻ جو موقعو ڏنو ۽ ان کان
پوءِ بياس درياءَ ڏانهن وڌيو، بياس جي الهندي ڪنڊ
تي هڪ ٻيو راجا هو جنهن جو نالو ديودرس هو، هو به
نذرانو کڻي حاضر ٿيو ۽ آڻ مڃي. سڪندر کي ڏاڍو شوق
هو ته گنگا جي ڪنارن تائين وڌندو وڃي جنهن ملڪ جون
عجيب ۽ غريب حالتون هن ٻڌيون هيون ۽ کيس ماڻهن
يقين ڏياريو هو ته اهو ملڪ تمام گهڻو سرسبز شاداب
۽ دولتمند آهي. پر ان سان گڏ ئي پنجاب وارن يوناني
سپاهين کي چيو ته گنگا پاسي جي راجائن مهاڏي
اٽڪائڻ لاءِ وڏو بندوبست ڪيو آهي. اسي هزار سوار،
ٻه لک پيادا، ٻه هزار رٿ ۽ ٽي هزار هاٿي يونانين
کي ناس ڪرڻ لاءِ تيار بيٺا آهن. هتي مگهڌ ديس اندر
پرست، هستناپور ۽ مٿرا جون حڪومتون به زبردست
سلطنتون آهن. ۽ سندن راجا وڏي مان وارا راجا آهن،
ان کان سواءِ يونانين کي اهو به ٻڌايو ويو ته بياس
درياءَ کان پار ٿي ڏاڍا ڏکيا پنڌ لتاڙڻا پوندا ۽
يارنهن ڏينهن تائين ويران ميدان ۽ ريگستان کي
جهاڳڻو پوندو. پوءِ گنگا درياءَ ملندو جيڪو وڏي
قهري اونهو درياهه آهي، انهن ڊيڄاريندڙ خبرن
يوناني لشڪرن جا حوصلا خطا ڪري ڇڏيا. سڪندر پنهنجي
پر ۾ جفاڪشي ۽ معرڪا آرائيءَ جو ڏاڍو شوقين هو، پر
يوناني لشڪر جون وايون اهڙيون ته بتال ٿيل هيون جو
هن سندن گهڻيون ئي پٺيون ٺپيون ۽ ڏڍ ڏنو پر ڪنهن
به اڳتي وک وڌائڻ لاءِ دل نه جهلي. جڏهن کيس پڪ ٿي
ته هاڻي واپس ورڻو ئي آهي ته هن ارادو ڪيو ته
پنهنجي فتح جي خوشيءَ جو ڪو يادگار قائم ڪري، پوءِ
ٺيڪ انهيءَ هنڌ جتي بياس سان ستلج درياءَ مليو آهي
اتي ٻارنهن قربان گاهون قائم ڪيون ۽ مذهبي ديوتائن
جي نالي قربانيون ڪيون. انهن قربان گاهن جي بيهڪ
قلعي جي برجن جهڙي هئي، پر انهن جي عظمت ۽ شوڪت
رواجي برجن کان تمام گهڻو مٿي هئي. يوناني مؤرخ
پلوٽارڪ چوي ٿو ته منهنجي ڏينهن تائين اهي قربان
گاهون موجود هيون ۽ گنگا پاسي کان ياتري اچي ان تي
قربانيون ڪندا هئا، پر هاڻي ڏاڍي ڳولا کان پوءِ به
انهن جي ڪا خبر نه ٿي پوي.
انهن
کان ڪمن کان واندو ٿي سڪندر راوي ۽ بياس کان واپس
لهي جهلم درياءَ جي ڪناري پهتو، واپس آيو ته کيس
ٻيڙو تيار مليو، هاڻي خيال ٿيس ته درياءَ جي وهڪري
سان ڏکڻ طرف سفر ڪري هندي سمنڊ جي ڪنارن تائين
وڃي، ان کانپوءِ اولهه جي ڌرتيءَ جو رخ ڪري، سڀ
ماڻهو ٻيڙين ۾ چڙهي ويا ته هو به پنهنجي ٻيڙي ۾
سوار ٿيو ۽ هن جي سوار ٿيندي ئي رواج مطابق پاڻي
جي ديوين نالي قرباني ڪئي ويئي. انهيءَ درياهي سفر
۾ اهو به مقصد هو ته واٽ ۾ جيڪي قومون ۽ سلطنتون
ملن بهادري ڏيکاري کين انتهائي شڪست ڏني وڃي. هن
پاسي جن قومن سندن عظمت ۽ وڏائي جي هاڪار نه ڪئي ۽
نه سندس آڻ مڃي اهي ٻه قومون هيون. هڪ ملي قوم
جنهن مان ملتان وارا مراد آهن ۽ ٻيا اُچ جا ماڻهو،
ملتان وارا ذات برهمن هئا پر انهيءَ سان گڏ وڏا
دلير ۽ ويڙهاڪ هئا. سڪندر چناب درياءَ جي کاٻي
پاسي هلڻ شروع ڪيو، ملتان وارن جي ڪيترن ئي شهرن
تي قبضو ڪيو ۽ رهواسين بنا رک رکاءُ جي تلوار مان
ڪڍيو ويو. اڳيان وڌندي ٻين ماڻهن سان مقابلو ٿيو ۽
انهن جي گهڻن شهرن تي ڏاڍي ويڙهه ٿي. پهريان شهر
جي ويجهو پهچندي ئي يونانين ٻيڙين مان لهي حملو
ڪيو. شهر جي رهواسين مان گهڻن کي ماريائون،ڪيترائي
قيد ڪيائون ۽ قلعي جو گهيرو ڪيائون، برهمڻن پوءِ
به همٿ نه هاري ۽ ڏاڍي دليريءَ سان قلعي جي حفاظت
ڪرڻ لڳا ۽ پهرين جهڙپ ۾ يونانين کي هٽائي ڇڏيائون.
پنهنجي شڪست ڏسي سڪندر کي جوش آيو. پاڻ لشڪر سان
وڌيو ۽ اهڙي طرح جنگ ڪيائين جهڙوڪر ڪنهن خطري کان
ڊڄي ئي نٿو. هي دلير سومرو جيئن قلعي جي ديوار
هيٺان پهتو، ته خود سڪندر پهريون ماڻهو هو جيڪو
ڏاڪڻ لڳائي مٿي چڙهيو، پنهنجي سپه سالار جي اها
سَرگرمي ڏسي يوناني لشڪر چئني پاسن کان ڏاڪڻيون
رکي چڙهيا ۽ مٿي پهچي ويا. برهمڻن جڏهن ڏٺو ته
قلعو هٿن مان صفا وڃي ٿو ته يڪدم رت جي راند کيڏڻ
لڳا، گهڻن پراڻي رسم مطابق عورتن ۽ ٻارن کي گهرن ۾
واڙي ۽ گهرن کي باهه ڏيئي جيئري ساڙي ڇڏيو، ان کان
سواءِ هزارن ماڻهن اهو ڪيو ته حملي آورن جي داخل
ٿيندي ئي شهر مان نڪري ريگستان ڏانهن ڀڄي ويا ۽
جهنگلن ۽ ڏکين هنڌن تي وڃي پناهه ورتائون. تمام
گهٽ اهڙا ماڻهو هوندا جن فاتح اڳيان ڪنڌ جهڪايو
هجي. |