باب ڏهون
قرامطين جو باقي
احوال
هاڻي
قرامطين جي طاقت بلڪل ختم ٿي چڪي هئي، فقط ايترو
معلوم ٿئي ٿو ته 363 هه ۾ ابو يعقوب بن يوسف بن
حسن جنابي ٽياسي سالن جي ڄمار ماڻي ۽ ڪيترائي
ڏينهن حڪومت ڪري دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. ۽ ان کان
پوءِ انهن ۾ بجاءِ ان جي جو ڪو هڪ شخص حاڪم بنايو
وڃي هڪ قسم جي جمهوريت شروع ٿي. يعني بادشاهت جي
لاءِ فرقي مان ڇهه معزز ماڻهو چونڊيا ويا، جيڪي هڪ
پارليامينٽ وانگر پاڻ ۾ گڏجي مشوري سان حڪومت ڪندا
۽ انهن ماڻهو جو نالو ساده (سادات) رکيو ويو،
ٻارهن سالن تائين انهن ماڻهن ماٺ ميٺ سان حڪومت
ڪئي، دنيا کي اهو به معلوم نه ٿيو ته اهي ماڻهو ڇا
ڪري رهيا آهن ۽ ڪهڙي وندر ۾ آهن پر پراڻي ساک ڪجهه
اهڙي قائم ٿي چڪي هئي جو عباسي خلافت ۽ بغداد جي
درٻار سندن نالي کان ڏڪندا هئا، جڏهن ته سندن هڪ
خاص نائب بغداد ۾ رهندو هو جيڪو اثر رسوخ وارن
وزيرن وانگر سڄي ڪاروهنوار ۾ ٽنگ اڙائيندو هو.
بغداد ۾ تن ڏينهن ۾ هڪ نئين قسم جو پارٽي سلسلو
قائم ٿيو هو ۽ سازشن جو بازار گرم هو. عضد الدوله
جنهن جي هٿ ۾ خلافت جي واڳ هئي ان لاڏاڻو ڪيو ۽ ان
جو پٽ شرف الدوله پيءُ جو جانشين ٿيو. شرف الدوله
جي مخالفت تي حمصام الدوله نالي هڪ ٻيو رئيس تيار
ٿيو. ۽ گهڻن چڱن مڙسن کي پنهنجو طرفدار ڪري پاڻ ئي
حڪومت ڪرڻ لڳو. عوام ۾ گهڻا ماڻهو شرف الدوله کي
ئي پسند ڪندا هئا. ڇاڪاڻ ته هن جي پيءُ عضد الودله
پنهنجي سخاوتن ۽ مهربانين سان گهڻن کي پنهنجو ڪري
ڇڏيو هو، بغداد جي عوام سان قرامطي به کيس چاهيندا
هئا. ان لاءِ ته عضد الدوله کين به مختلف شهرن ۾
حڪومت ڏني هئي. حمصا الدوله طاقت حاصل ڪرڻ کان
پوءِ جڏهن قرامطين کي پنهنجو مخالف ڏٺائين تڏهن
سندن گهرو وزير ابوبڪر بن شاهويه کي بغداد ۾ قيد
ڪيائين. ان جي خبر ٻڌندي ئي قرامطين ۾ تازو جوش
جاڳيو، انهن جا ٻه سردار اسحاق ۽ جعفر جيڪي ”ساده“
مان لشڪر وٺي 375 هه ۾ چڙهي آيا ۽ ڪوفي تي قبضو
ڪيائون. حمصام الدوله ايلچي هلائي پڇيو ته ”توهان
ڪيئن آيا آهيو؟“ ورندي ملي ”ان لاءِ ته اسان جو
گهرو وزير گرفتار ڪيو ويو آهي“ ۽ ان جواب سان گڏ
ئي قرامطين جو هڪ سپهه سالار ابو قيس حسن بن منذر
اڳرائي ڪري جامعين جي هنڌ اچي پهتو. قرامطين جي ان
چرپر بغداد وارن کي بدحواس ڪري ڇڏيو هو ۽ سڀئي
بغداد وارا ڏڪي رهيا هئا، پر صمصام الدوله دلير
مڙس هو بلڪل نه هٽيو ۽ پنهنجي لشڪر سان گڏ عربن جي
هڪ زبردست جماعت کي مقابلي جي لاءِ روانو ڪيو،
جيڪي ماڻهو فرات مان لهي سندن سامهون ٿيا، انهيءَ
جامعين جي هنڌ دوبدو مقابلو ٿيو ۽ قرامطين کي شڪست
آئي، ميدان ڇڏي هراسجي ڀڳا ۽ ابو قيس ۽ ڪيترائي
قرامطي فتح ڪندڙن هٿان پڪڙجي پيا. قرامطين کي ان
شڪست جي خبر پئي ته هو ٻيهر وري زبردست طاقت سان
اڳتي وڌيا ۽ انهيءَ جامعين جي ميدان ۾ وري جنگ جو
ميدان گرم ٿيو. جيتوڻيڪ قرامطي سر تان سوس پلي
وڙهيا پر وري به هار کاڌائون. ۽ ڏاڍي بري شڪست کين
ملي. سپهه سالار ميدان ۾ مارجي ويو هزارين قتل ٿيا
۽ تمام گهڻي تعداد جماعت اسير ڪري حمصام الدوله جي
اڳيان بيهاري ويئي، ان ٻي شڪست جي خبر ڪوفي پهتي
ته رهيل سهيل قرامطي شهر ڇڏي ڀڳا.
جيتوڻيڪ قادسيه جي کنڊرن تائين سندن پيڇو ڪيو ويو
پر هٿ نه چڙهيا ۽ جان بچائي پنهنجي دارلهجرت ۾
پهچي ويا.
قرامطين کي هي اهڙي شڪست آئي جو ان کان پوءِ کين
ڪڏهن به فتح نصيب نه ٿي ۽ سدائين جي لاءِ سندن
نالو تاريخ جي ورقن تان ميسارجي ويو، جيڪڏهن کين
چند ڏينهن لاءِ سک سان ويهڻ جو موقعو ملي ها ته
شايد کپي وڃن ها پر سندن بدقسمتي سان بني صتفق
قبيلي ۾ اصغر نالي هڪ همراهه ساماڻو جنهن عربن جو
هڪ وڏو گروهه گڏ ڪري قرامطين تي ان جي خاص تڏي تي
حملو ڪيو ۽ هو ايترا ڪمزور هئا جو پنهنجو ويڙهو به
بچائي نه سگهيا. شڪست کاڌائون، مارجي ويا، جهلجي
ويا ۽ باقي رهيلن احساءَ قلعي ۾ لڪي جان بچائي.
اصغر احساءَ جي گهيري کي ڊيگهه ۾ ڏسي ان کي ڇڏي
خاص قطيف شهر تي حملو ڪيو جيڪو قرامطين جو وچ هو،
هتي ڪنهن مهاڏو اٽڪائڻ جي همٿ نه هئي، اصغر سندن
مال ملڪيت بانهيون ٻانها ۽ ڌڻ وغيره مان جيڪي ڪجهه
مليو پنهنجي هٿ هيٺ ڪيو ۽ روانو ٿيو ۽ انهي واقعي
تي قرامطين جي تاريخ پڄاڻي پهتي. پر سنڌ ۽
هندوستان ۾ اسان ان کان پوءِ به قرامطين جو نالو
ٻڌون ٿا. ڇو ته محقق ۽ مورخ متفق آهن ته محمود
غزنوي جيڪو 387هه ۾ تخت نشين ٿيو هو، ملتان ۽
منصوره کي قرامطين ۽ ۽ ملاحدن جي هٿ مان کسي
پنهنجي قبضي ۾ ڪيو ۽ اهي ئي ماڻهو هئا جن ملتان
جي بت خاني کي ڊاٺو ۽ ان جي مورت کي ٽوڙيو جيڪا
ملتان جي مسلمان حاڪمن جي آمدني جو ڪنهن زماني ۾
ذريعو هئي ۽ حفاظت جو ذريعو به جيئنءَ اسين بيان
ڪري چڪا آهيون.
محمود کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته انهن ماڻهن جو زور
وڌيو ڇو ته ڪجهه ٻن صدين کان گهٽ پوءِ 571 هه ۾
جڏهن سلطان محمد غوري ملتان تي قبضو ڪيو ته ان وقت
به هي شهر قرامطين جي قبضي ۾ نظر آيو هو. اهو ئي
نه ان کان پوءِ 634 هه ۾ اسان ڏسون ٿا ته هندوستان
جي اسلامي دارالسلطنت دهلي ۾ قرامطين جو زور ٿي
ويو هو ۽ ايستائين نوبت پهتي جو انهن مسلمانن جي
جامع مسجد تي هلان ڪئي ۽ ڪيترن ئي مسلمانن کي مسجد
اندر گهڙي ماري وڌائون، جنهن جي ڪيتي ۾ هو، ڏاڍي
بي رحمي سان قتل ڪيا ويا. ۽ ڪوشش ڪئي ويئي ته سندن
نالو نشان مٽايو وڃي، پر ڇنڊ ڇاڻ ٿيڻ گهرجي ته
هندوستان جا اهي قرامطي حقيقت ۾ قرامطي هئا،
اسماعيلي هئا يا باطني هئا. انهن مسلمان لکندڙن
جيڪي ملل ۽ نحل مذهبن بابت بحث ڪندا آهن، پنهنجي
ڪتابن ۾ انهن ٽنهي فرقن جو ويڇو بيشڪ ٻڌائي ڇڏيو
آهي، پر ڪي تاريخ جا لکندڙ اڪثر غلطي ڪري ويندا
آهن ۽ هر هنڌ ائين نظر ايندو آهي جو انهن ٽنهي
فرقن کي قرامطين جي نالي ياد ڪندا آهن.
قرامطين جي فرقي جو احوال هي آهي ته ابتدا ۾ شروع
هن طرح ٿيا جو هڪ امام غائب ڏانهن سڏڻ جو نالو وٺي
عباسي حڪومت جي پاڙهه اکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽
پاڻمرادو جهڙا مسئلا سمجهه ۾ آيا گهڙيندا ويا،
پنجاهه نمازون فرض ڪيون ويون ۽ ظاهري بزرگي ۽
پرهيزگاري ۾ ڪو نمونو نه رکيو ويو. وري جڏهن
ٻڌائون ته عبيدالله مهدي آفريڪا ۾ امامت جي دعويٰ
ڪئي آهي ته کين پنهنجو امام ٻڌائڻ لڳا. ۽ اثنا
عشري شيعن تي چڙهت ڪرڻ لڳا ته هو هڪ غائب امام جي
اوسيئڙي ۾ ويٺا آهن. جيڪو ڪنهن به طرح اچي نٿو
سگهي. اسان جي امام کي ڏسو دنيا جي سامهون آيو آهي
پر اهو به رڳو ڏيکارڻ ۽ ماڻهن کي فريب ڏيڻ جي لاءِ
هو، ان لاءِ ته جڏهن مهدي ڪعبي ۾ ڦرلٽ ڪرڻ تي رنج
ظاهر ڪيو ۽ لکيو ته حجر اسود کي آڻي ٻيهر ڪعبي ۾
لڳايو ته ذرو به پرواهه نه ڪئي ويئي ۽ ان کان ٿورا
ڏينهن پوءِ جڏهن فاطمي دعوت جو هل مصر ۽ شام ۾ ٿيڻ
لڳو تڏهن چٽا ڌار ٿي ويا، ان کان مخالفت ڪيائون
جنهن کي پنهنجو امام ٻڌايو هو ۽ انهي اڳيان لشڪر
وٺي هم مذهبن کي قتل ڪرڻ جي لاءِ آماده ٿيا. هو به
عجيب وقت هو جو اسماعيلين جو امام العزيز بالله
کين پاڻ ڏانهن سڏي رهيو هو ته ”آءٌ اوهان جو امام
آهيان منهنجي پيروي ڪريو.“ ۽ هنن اڻ ٻڌي ڪري
پنهنجي نالي ڌار خطبو جهونگاريو. مديني ۾ العزيز
جو خطبو پڙهيو وڃي ٿو ۽ مڪي ۾ هجر جي قرامطين جو.
۽ هيسجڻ کان پوءِ به هيٺ تڏهن ويٺا جڏهن العزيز هڪ
سالياني رقم ڏيڻي ڪئي.
ان
مان چٽو پڌرو ٿيو ته قرامطين جو مصر جي اسماعيلين
سان ڪوبه لاڳاپو نه هو پر ان ۾ شڪ ناهي ته قرامطين
جي زور شور ۽ سندن ڦرلٽ سان اسماعيليت کي ڏاڍو ڏڍ
۽ مدد ملي. اهڙي مدد جو جيڪڏهن عراق ۽ بغداد ۾ خود
اسماعيلين جي حڪومت قائم ٿي وڃي ها تڏهن به ايتري
پٺڀرائي سندن مذهب کي نه ملي ها. اها مدد ائين جو
جيترا ماڻهو قرامطين جي اثر سان قرامطي ٿيا ۽ سندن
ٽولي ۾ شامل ٿيا هئا اهي سڀ قرامطين جي حڪومت جو
زور ٽٽڻ کان پوءِ پاڻمرادو اسماعيلي ٿي ويا. ۽
جڏهن قرامطي ٿورن ڏينهن ۾ اسماعيلي ٿي ويا هئا، ان
ڪارڻ مؤرخن کي ڌوڪو ٿيو ۽ هو کين اسماعيليت جي
ڏينهن ۾ به قرامطي جي ئي لقب سان ياد ڪندا رهيا.
سنڌ
۾ هي مذهب مصر مان نه آيو ۽ نه وري مصر کي هتي سان
لاڳاپو هو، هتي جيترا ماڻهو آيا بحرين، عمان، حضرت
موت ۽ يمن کان آيا، انهن ئي شروعات ۾ زيديت آندي
جيڪا دنيا ۾ بظاهر اثبات شيعيت جو پهريون فارم هو.
پوءِ انهن ئي ماڻهن قرمطيت آندي ۽ جڏهن ته بغداد
جي خلافت جي جهت کان بچڻ جي لاءِ تن ڏينهن ۾ سنڌ
کان بهتر ڪو زمين جو ٽڪرو نه هو. ان لاءِ ته
قرامطين انهيءَ کي پنهنجو اجهو ٺاهيو. ڏينهو ڏينهن
هتي اچ وڃ وڌائي بحري واپار ۾ سرس حصو ورتائون ۽
هند سنڌ جي ڪنارن تي آباد ٿيندا رهيا. ايستائين جو
سندن مذهب هتي جو عام مذهب ٿي ويو ۽ نيٺ خلافت جي
پهچ کان آزاد ٿيڻ کان پوءِ اهي ئي هتي جا بادشاهه
به ٿيا. پر جڏهن هتي جي حڪومت ملي ته بحرين ۽ عرب
جي ڪنارن جي حڪومت سندن هٿان ڇڏائجي ويئي، جڏهن
قرمطيت پنهنجي خاص وطن يعني عرب جي مشرقي ڪنارن ۾
ڪمزور ٿي ته اهي سڀئي قرامطي جيڪي هندوستان جي
ٻيٽن ۾ هئا سواءِ ڪنهن هدايت جي هڪ ننڍي هلچ تي
پاڻمرادو اسماعيلي ٿي ويا، سڀني اسماعلي امامت کي
تسليم ڪيو ۽ خود پنهنجي خوشي سان مصر جي فاطمي
خلافت جي اڳيان ڪنڌ نمايو جنهن جو نتيجو هو جو
علامه بشاري هتي اچي ڏٺو ته هتي مصر جي بني فاطمين
جو اثر هو سندن ئي مذهب رائج هو ۽ انهن جي ئي نالي
خطبو پڙهبو هو ۽ سندن سڪو ملتان وغيره ۾ هلندو هو.
ان
کان پوءِ جڏهن غزنوي ۽ غوري فاتح اولهائن جابلو
درن مان نڪري آيا ۽ هتي انهن ماڻهن جي حڪومت
ڏٺائون ته کين ملاحده ڄاتو. ان لاءِ ته هو خراسان
پاسي کان آيا هئا ۽ خراسان ۾ جنهن اسماعيليت کي
ڏسي آيا هئا اها حسن بن صباح ۽ ان جي جانشينن جي
بگاڙيل اسماعيليت هئي جنهن جو لقب علي ذڪرته
السلام جي خودراين سبب مسلمانن ۾ مشهور ٿي ويو هو.
۽ جيڪي ملاحده جي نالي سڏيا ويندا هئا ان ڌوڪي ۾
اچي انهن سنڌ جي اسماعيلين کي به ملاحده چوڻ شروع
ڪيو. انهي غلط فهمي جو نتيجو آهي ته فرشتي ۽ ٻين
سڀني فارسي مورخن ۽ ان کان نقل ڪرڻ وارا عرب
تاريخدان به انهن ماڻهن کي ملاحده چوڻ لڳا ۽
انفنسٽن صاحب ته انهي ملاحده جي لفظ کي ملحد مراد
ورتو. ڇو ته اڪثر مسلمان غير مذهب وارن ۽ بي دينن
کي ملحد چوندا آهن. ۽ انهيءَ مونجهاري ۾ اچي اها
راءِ قائم ٿي ته محمد بن قاسم جي فتح ڪيل ملڪ سنڌ
تي وري هندن جو قبضو ٿي ويو هو ۽ مسلمان ان سنڌ
مان هڪليا ويا هئا. حالانڪه فرشتي جي ملاحده مان
مراد خراسان جا اسماعيلي ۽ باطني ماڻهو جن جي
فدائين جي ڇرين ڳچ عرصي کان مسلمانن ۾ بدامني قائم
رکي. ۽ جنهن صليبين خلاف سياسي راند کيڏي هئي.
انفسٽن صاحب جيڪا پنهنجي راءِ ڏني آهي ان جو ڪارڻ
هي آهي ته ٽنهي فرقن جا نالا اهڙي نموني رل مل ٿي
ويا هئا جو اهو سٽُ منجهيل نظر اچي ٿو. اهي ٽيئي
فرقا قرامطي، اسماعيلي ۽ ملاحده آهن. جيتوڻيڪ اهي
ٽيئي اسماعيلي شيعت جا وڙ آهن، پر انهن ۾ ٿورو
ٿورو تفاوت آهي. انهن ٽنهي فرقن جي پيدائش جي
تاريخ به الڳ الڳ آهي. سڀ کان پهرين قرامطي ٽي صدي
هجري جي پڇاڙي ۾ بحرين، خليج، فارس ۽ عراق ۾ پڌرا
ٿيا، اسماعيلي فرقو 356 هه ۾ پيدا ٿيو. 363 هه ۾
مصر ۾ آيو ، ملاحده جنهن کي باطني چون ٿا جنهن جو
باني حسن بن صباح هو 483 هه کان پوءِ خراسان ۾
ظاهر ٿيو. انهن ٽنهي فرقن مان جيڪو فرقو ملتان ۾
اقتدار ۾ آيو اهو اسماعيلي شيعو هو. رهي اها ڳالهه
ته ڪجهه مؤرخن ان تي قرامطي ۽ ڪن ملاحده چيو آهي.
ان جو ڪارڻ هي آهي ته ٽيئي اسماعيلي شيعت جون
شاخون آهن. ۽ هڪ ٻئي سان ملندڙ جلندڙ آهن. انهيءَ
هڪجهڙائيءَ سبب ڪنهن ان کي قرامطي ۽ ڪنهن ملاحده
لکيو آهي. مورخن مطابق سنڌ ۾ مصر جي فاطمي
اسماعيلين جو پهريون داعي 275 هه بمطابق 883ع ۾
آيو ۽ مخفي طور ڪم ڪندو رهيو. جڏهن هتي راهه هموار
ٿي تڏهن فاطمي خليفي عبدالعزيز بالهه 386هه بمطابق
996 ع ۾ حلم بن شيبان جي اڳواڻي ۾ فوج موڪلي جنهن
اوچتو حملو ڪري بنو سامه جي حڪومت ختم ڪري پنهنجي
حڪومت قائم ڪئي. انهي اسماعيلي حڪومت جو ڳانڍاپو
مصر جي فاطمي خاندان سان قائم ٿيو، 375 هه بمطابق
985ع ۾ شيخ حميد 390 هه بمطابق 999ع ۾ شيخ نصر
پوءِ ان جو پٽ ابوالفتوح داؤد تخت نشين ٿيو. داؤد
395 هه 1004ع ۾ محمود جي خلاف ڀڄي راءِ جي مدد
ڪئي. ان ڪري محمود ٻئي سال 396هه 1005ع سندس ڪن
مهٽ جي لاءِ آيو. ان سندس اطاعت قبول ڪئي پر ٿورن
ئي سالن کان پوءِ جڏهن راجا لاهور جي سرڪردگي ۾
399 هه بمطابق 1009ع ۾ محمود جو مقابلو ڪيو ته
ابوالفتوح داؤد وري فوجي مدد سان گڏ ان لڙائي ۾
محمود خلاف شرڪت ڪيائين. ڇاڪاڻ ته 401 هه 1010 ع ۾
ملتان تي حملو ڪيو. ابو داؤد کي پڪڙي غزني کڻي ويو
ان کان پوءِ اسماعيلين منصوره تي قبضو ڪيو، جنهن
جو خاتمو محمود غزنوي 419 هه بمطابق 1025ع ۾ ڪيو ۽
سنڌ ۽ ملتان جون ٻئي حڪومتون غزنوي بادشاهت جو حصو
ٿي ويون، پر اڳتي هلي غزنوي بادشاهت ۾ ڪمزوري اچڻ
کان پوءِ قرامطين سنڌ ۾ وري ڪر کنيو. نيٺ شهاب
الدين غوري سندن خاتمو ڪيو. اسماعيلين جي احوال
سان گڏ ئي اسان جي تاريخ سنڌ حصو ٻيو پڄاڻي تي
پهتو. (والسلام) |