سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب-1

صفحو :2

 

حصو پهريون

 

باب پهريون

آڳاٽي سنڌ ۽ سندس جاگرافي

زماني جي هر پل بدلجندڙ ڌارائن سبب هر قوم ۽ ملڪ کي جيتوڻيڪ ڪڏهن نقصان رسيو آهي ته ڪڏهن نفعي جا اهڃاڻ به نظر آيا آهن. پر ملڪ سنڌ جيڪو اڄ هڪ ننڍڙي زمين جي ٽڪري جو نالو آهي، ان کي شايد وقت جي هٿان تمام گهٽ ڪڏهن فائدو پلئه پيو هجي. دريائن جو بادشاهه ”سنڌ“ جنهن نالي پٺيان هي ملڪ سکيو ستابو آهي. انهيءَ به ڪڏهن ائين منهن موڙيو جو زمانو هر روز سنڌ کي برباد ڪندو رهيو ۽ پڇيائين به ڪونه!

هن ملڪ جي مظلوميت جو داستان سندس نالي سان ئي شروع ٿو ٿئي. شروعات ۾ اتر هندوستان هن ئي نالي سان سڏيو ويندو هو. بعد ۾ اهڙو دور آيو جو اپر ٻيٽن واري هندوستان جا رڳو الهندا پرڳڻا ئي هن نالي سان مخصوص ٿيا ۽ اڄ هن وقت لفظ سنڌ هندوستان جي ڏکڻ اولهه ڪنڊ تي رڳو هڪ ننڍڙي ريگستاني زمين، خطي جي مصيبتن کي منهن ڏيئي رهيو آهي.

افسوس جو اسان کي اهو معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته آرين جي اچڻ کان اڳ هتي جي اصل رهاڪن ۽ غير آريائي ماڻهن ۾ هي ملڪ ڪهڙي نالي سان سڏبو هو. پر آريا جڏهن هندوستان ۾ داخل ٿيا ته سندن هٿياربند لشڪر پهريان هن سڄي ملڪ تي قابض ٿيو، جنهن کي اٽڪ درياءُ آباد ڪري ٿو.

پنهنجي فتح جا بنياد پڪا ۽ مضبوط ڪرڻ خاطر انهن پرڳڻن تي بادشاهي ڪندي کين حملي جي رفتار ڍري ڪرڻي پئي ۽ هتي ئي رهي پيا. ان ڪري آڳاٽي زماني ۾ هي درياءَ آرين جو درياءَ سڏجڻ لڳو.

آرين قبضي کان پوءِ هن درياءَ جو نالو ”سنڌو“ رکيو. ڇو ته سندن ٻوليءَ سنسڪرت ۾ ”سنڌو“ جي معنيٰ ”درياهه“ آهي ۽ سندن ئي عقيدي ۾ ”دريائن جو ديوتا“ هن نالي سان سڏبو هو ۽ پوءِ جڏهن هو هن ملڪ ۾ وڌيا ۽ کين اٽڪ درياءَ پنج نندي ۽ سر سوتي ندي نظر آئي ته هن خطي کي ”سپت سنڌو“ ۽ ”ست نديون“ سڏڻ لڳا. انهن مان سرسوتي جيڪو سڀني دريائن جي اوڀر ۾ ۽ سڀني کان ننڍو آهي. هن وقت گهڻو ڪري خشڪ رهي ٿو سا حضرت عيسيٰ عليه السلام کان ڇهه ست صديون اڳ تمام وڏي ندي ٻڌائي وڃي ٿي ۽ هندن جو عقيدو آهي ته اها اصل جوڻ مٽائي گنگا جمنا ۾ اچي پڌري ٿي.  ۽ سندس پڌري ٿيڻ سان ”ترويني“ جي لفظ کي مشهوري ملي.“

ڪجهه انگريز مؤرخن جي تحقيق مطابق حضرت عيسيٰ عليه السلام کان اٽڪل پندرهن سو سال اڳ آريا اوڀر پاسي گنگا ڏانهن وڌيا، پر ٻي راءِ مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته هي واقعو گهڻو اڳ جو آهي. خير هي قصو کڻي ڪهڙي به دور جو هجي پر هي ماڻهو پنهنجي انهيءَ فتح منديءَ جي رفتار ۾ جيئن جيئن اڳتي وڌندا رهيا، تيئن سنڌ ملڪ به ڪشادو ٿيندو رهيو.

دلير فاتحن جي جهنڊي سان گڏوگڏ هي نالو اوڀر طرف وڌندو رهيو، جنهن حصي کي آرين پنهنجي هٿ هيٺ ڪيو. ايستائين جو سڄي هندوستان کي هن ئي نالي سان سڏيو ويو. پر گنگا ندي تائين پهچي آرين پنهنجو پاڻ کي ”آريا ورت“ بدران ”سنڌو“ ئي سڏيو، جنهن نالي سان هي ملڪ وٽن مشهور هو.

ايرانين جي ٻوليءَ پنهنجي مرضيءَ سان سنڌوءَ کي ڦيرائي سنڌ ڪيو ۽ پوءِ وري اهڙي تبديلي آئي جو لفظ سنڌ ڦري هند ٿيو.

ايرانين جي اهڙي اختيار سان اها خاطري وڌيڪ پختي ٿئي ٿي ته لفظ ”سنڌو“ گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪيو پر وري به اولهه هندوستان جا ڪجهه پرڳڻا ان کي ڪجهه هلڪو ڪري ”سنڌ“ سڏڻ لڳا ۽ ٿي سگهي ٿو ته ان سبب ڪري وقت جو وهڪرو کيس مٽائي نه سگهيو. جڏهن ايرانين وٽ هي لفظ سنڌو مان ڦري هند ٿيو ته ٻين قومن جي زباني اولهه جي ڏورانهن ملڪن تائين مشهور ٿيڻ لڳو. عرب تائين هند ئي رهيو پر يونان تائين رسندي ”اند“ رهجي ويو پوءِ جڏهن رومي صرف ۽ نحو جي آري تي چڙهيو ته ”اند“ مان ٿيو”انڊيا“ جڏهن ته انگلستان وارن وٽ اکر دال ٺهي ئي ڪونه ۽ هاڻي تقريبا ساڍن ٽن هزارن سالن کان جيڪو لفظ اصل ۾ ”سنڌو“ هو ”انڊيا“ ٿي اهڙي بگڙيل شڪل ۾ جڏهن اسان تائين پهتو ته اسان به گهڻي دير کان پوءِ سڃاتو.

معلوم ٿئي ٿو ته ايرانين سنڌوءَ کي ڦيرائي هند بنائڻ کان گهڻو پوءِ جڏهن محسوس ڪيو ته اولهه هندوستان وارا پنهنجي ملڪ کي سنڌ سڏين ٿا ته ڀل وچان اهو سمجهيائون ته هند هن ڏيهه جو نالو آهي. جنهن کي آريا آريا ورت چوندا آهن. سندن تقليد ۾ اها ڀل عرب سڳورن کان به ٿي ۽ نتيجو اهو نڪتو جو اولهه هندوستان جا پرڳڻا ئي فقط سنڌ سڏجڻ لڳا ۽ باقي سڄو ملڪ هند سڏجڻ لڳو ۽ مزي جهڙي ڳالهه ته آريا ورت سڏائڻ وارا به ان بگڙيل نالي هند کي مڃيندي ۽ انهيءَ نسبت سان پنهنجو پاڻ کي هندو سڏائڻ لڳا ان کان پوءِ ايران وارن کي هڪ ٻيءَ مرضيءَ جو موقعو مليو ته هندن طرفان جيڪي ملڪي نسبت خاطر هندو ٿيا هئا. اهي وطن ڏانهن ٻيهر منسوب ٿيا ۽ اهڙي طرح ”آريا ورت“ هندوستان ٿي ويو. چيني سياح هوئن ٽسانگ جيڪو نبي ڪريم صه جن جي وصال کان چار سال اڳ 7 هه (629ع) کان 26هه (645ع) يعني حضرت عثمان رضه جي خلافت جي ٽن سالن تائين هندوستان جو سفر ڪندو رهيو هو، پنهنجي سفر نامي ۾ لکي ٿو ته ”هندوستان آڳاٽي وقت ۾ مين شنتو ۽ هين توجي نالن سان مشهور هو. پر هاڻي هن جي نالي جو صحيح اچار ”انتو“ آهي. ان مان معلوم ٿيو ته هوئن ٽسانگ جي وقت ۾ ايرانين جو جوڙيل نالو هند به ايستائين اچي چڪو هو ۽ ”انتو“ ته پڪ سان يونانين آندو. جڏهن هو سڪندر سان گڏ آيا هئا ۽ ٿي سگهي ٿو ته سندن جوڙيل نالو هن چيني سياح جي وقت ۾ موجود هجي.

مسلمان فاتحن جي اچڻ وقت جيتوڻيڪ اوڀر هندوستان جا پرڳڻا سنڌ جي قبضي مان نڪري چڪا هئا، وري به اولهه هندوستان شامل هو، پر ڪي پرڳڻا جيڪي هندوستان جي حدن ۾ نه هئا، اهي به هن ۾ شامل هئا. ان وقت نه پنجاب هو ۽ نه بلوچستان. جيڪي في الحال هندوستان جي حدن کان ٻاهر آهن، انهن ڏينهن ۾ پنجاب ڪشميري جبلن جي ڏکڻ ۾ هڪ ننڍڙي آبادي جو نالو هو. جتان جبلن مان ننڍا ننڍا پنج چشما نڪري پاڻ ۾ ملي هڪ وهڪرو ٿي جهلم دريا ٺهيو. اڳوڻي سنڌ جي شاهي هندو خاندان جي باني راءِ چچ ۽ ڪشميري راجا پنهنجي حڪومتن جا دنگ دڙا نروار ڪيا ۽ بلوچ جن کي عرب سڳورا پنهنجي ٻوليءَ ۾ بلوص چون ٿا، موجوده بلوچستان جي ڏاکڻي ڪناري تي لٽ ڦر ڪندا هئا. جڏهن ته هنن سندن نالي ڪڏهن به ڪنهن حصي تي پنهنجو وطن نه ٺاهيو.

سنڌ جي ان وقت جي ڪشادگيءَ جو اندازو ڪرڻو هجي ته ڏسو راءِ چچ جي ڏينهن ۾ هن ملڪ جون حدون ڪيستائين پکڙيل هيون، اتر جهلم درياءَ جي منڍ کان شروع ٿئي ٿو ۽ ڪشمير جا هيٺاهان پٽ سندس حصو هئا، اتان کان ڪابل جا جبل سندس سرحدن کي مضبوط ڪندا افغانستان جي ڏکڻ اوڀر ڪنڊ تائين اچن ٿا. موجوده بلوچستان جي سرزمين شروع ٿيندي ئي سنڌ اولهه ۾ ايستائين وڌيل هئي جو اتر اولهه ۾ هيلمند درياءَ سندس سرحد بڻبو هو ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ ايران ۽ سنڌ جون سرحدون ان هنڌ ملنديون هيون جتي سمنڊ ڪناري سامهون مڪران جو ٻيٽ نور منشور موجود آهي، ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ ڇوليون هڻندڙ هو، وري ان جي ڏکڻ اوڀر ۾ رڻ ڪڇ هو. بلڪه ڪيترن ئي بيانن مان پتو پوي ٿو ته ڪڇ به سنڌ جو حصو هو، هتان ئي اوڀارين سرحد شروع ٿيندي هئي، جيڪا ڪنهن ڀٽڪيل جهنگليءَ وانگر راجپوتانا ۽ جيسلمير جي پٽن مان هڪ اڻ سونهين ۽ گمنام وانگر اترين جبلن جي پاڙن تائين هلي ويئي هئي. پر قديم جاگرافي لکندڙ چون ٿا ته ڪشمير به سنڌ جو حصو هو، پوءِ کڻي سنڌ جي حاڪمن جي سلطنت کان پري هو. مطلب هي ته انهن ڏينهن ۾ اتر هندوستان جو سڄو الهندو پاسو سنڌ ليکبو هو. آڳاٽي وقت ۾ جيترو نگاهه کي اڳتي وڌائينداسين سنڌ ملڪ ايترو ئي ڪشادو نظر ايندو ۽ ان جون سرحدون وڌيڪ پکڙيل ملنديون. مٿي ڄاڻايل حدون عرب فاتحن جي عهد تائين قائم هيون پر ان کان پوءِ اهڙيون اهڙيون تبديليون آيون جو سنڌ ڏينهون ڏينهن بدلجندي رهي ۽ آخر هڪ ننڍو ڏينهُن ۽ ويران زمين جو ٽڪر وڃي بچي.

زماني جي تبديلين پنهنجي هنج ۾ نوان نوان پٽ پاليا جن پنهنجي ڌرتيءَ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري نون نالن سان مشهوري ماڻي. جيئن ننڌڻڪي ڌرتيءَ تي آيلن پنهنجا گهر اڏيا. اڀرندا پرڳڻا ۽ شهر سڀ کان اڳ آرين جي ڏينهن  سندن ئي مقرر ڪيل پياري نالي ”آريا ورت“ جي نظر ٿي ويا. اتر طرف جيڪا ننڍڙي آبادي پنجاب سڏبي هئي، اها وڌي انهن سڀني سرسبز ۽ شاداب ۽ زرخيز پرڳڻن تي ڇائنجي ويئي، جيڪي اتر ۾ موجود هئا. اولهه طرف قوم بلوص (بلوچ)، جيتوڻيڪ زماني هٿان ڏاڍي مار کاڌي پر آهستي آهستي ٻين جون نظرون جهلي اڳتي وک وڌائي ۽ آخر سنڌ جا سڀئي اولهه ۽ ڏکڻ وارا پرڳڻا کسي پنهنجا ڪيائون، جيڪي اڄ بلوچستان سڏجن ٿا. انهن ئي ڏکوئيندڙ قبضن جو نتيجو آهي جو ملڪ سنڌ جيڪو مسلمانن جي شروعاتي دور ۾ ويڪرائي ڦاڪ 23 درجن تائين ۽ ڊگهائي ڦاڪ جي تقريبا 62 درجن کان 71 درجن تائين پکڙيل هو ۽ هاڻي فقط 23 درجن ۽ 28 درجن تائين محدود آهي.

هن وقت هي ملڪ بمبئي پريزيڊنسي جو اتر اولهه جو سڀ کان آخري صوبو آهي جيڪو اٽڪ درياءَ جي هيٺاهين آبادي جي ڇوڙ تائين ڇانيل آهي. حدن جي لحاظ سان جيڪڏهن ڏسبو ته اتر طرف افغانستان، پنجاب ۽ بهاولپور رياست آهي، اوڀر ۾ جيسلمير ۽ جونپور جون رياستون آهن، ڏکڻ ۾ رڻ ڪڇ ۽ عربي سمنڊ آهن ۽ اولهه م خان قلات جي سرداري حد بندي ڪري رهي آهي. ۽ اتر  کان ڏکڻ تائين ڊيگهه وڌ ۾ وڌ 360 ميل آهي. پوسٽنس جيڪو ڪنهن وقت سنڌ جو اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ هو، تنهن ان جي ڊيگهه گهڻي ۾ گهڻي 500 ميل ڄاڻائي آهي. ان اختلاف جو سبب اهو ئي ٿي سگهي ٿو ته بعد ۾ سنڌ جا اتريان علائقا سنڌ کان ڌار ڪري پنجاب ۾ شامل ڪيا ويا هجن. موجوده دور ۾ هي ملڪ انگريز حڪومت جي اثر هيٺ آهي.

البت اتر اوڀر ۾ ٿورو حصو الڳ حيثيت سان هڪ مسلمان مقامي رئيس جي هٿ هيٺ آهي. جنهن جي حڪومت رياست خيرپور جي نالي سان سڏجي ٿي. اها ڏک جهڙي ڳالهه آهي ته گذريل دور جون ڪيتريون ئي ڳالهيون

ياد رهي ته هي ڪتاب گڏيل هندوستان جي دور ۾ لکيو ويو هو

اهڙي اڻڄاڻائيءَ ۾ پيل آهن، جو اسان ڪنهن به صورت ۾ گذريل ۽ اڳوڻي سنڌ جي ڀيٽ نٿا ڪري سگهون. نه آبادي ۽ نه ايراضي مطلب ته هر شعبي ۾ ڀيٽ ڪري ٻڌايون ته موجوده سنڌ کي قديم سنڌ سان ڪهڙي نسبت آهي، بهرحال ايترو معلوم ڪندي ته موجوده سنڌ اڳوڻي سنڌ جو چوٿون حصو به نه آهي، جڏهن هن جي موجوده ايراضي ۽ آبادي ٻڌائي ويندي ته يقين سان هن ملڪ جي پراڻي حالت جو هڪ خيالي خاڪو تيار ڪيو ويندو. ۽ انهيءَ سبب اسان موجوده حالتن طرف ڌيان ڏيون ٿا.

سنڌ جو اهو حصو جيڪو انگريز حڪومت هيٺ آهي ان ۾ 1881ع ۾ 48014 ميل هم چورس ايراضي هئي ۽ انهيءَ ئي سال رياست خيرپور جي اثر هيٺ 6109 ميل هم چورس ايراضي هئي. ان حساب سان سنڌ جي ڪل ايراضي 54123 هم چورس ميل ايراضي ٿي. جنهن تي 3417 شهر ۽ ڳوٺ آباد آهن. سڀني شهرن م مشهور ڪراچي آهي، جيڪو عربي سمنڊ جو هڪ مشهور بندرگاهه آهي. جڏهن ته پنجاب، بلوچستان ۽ ڪابل وغيره وڃڻ لاءِ سمورو واپاري مال هتي ئي لهندو آهي ان ڪري هي شهر واپار جي هڪ وڏي منڊي ٿي ويو آهي. انگريز حڪومت پنهنجو رهائشي ٺڪاڻو هن ئي شهر کي ٺاهيو، جنهن ڪري هن شهر جي آبادي ۾ وڌيڪ رونق پيدا ٿي، ڪراچيءَ ۾ جيتوڻيڪ ڏينهون ڏينهن ترقي ٿيندي رهي ٿي، پر سنڌ جو پراڻو گاديءَ جو هنڌ حيدرآباد، هتي جي وسندڙ شهرن ۾ شمار ٿئي ٿو ۽ ڪنهن سبب ڪراچي جو نعم البدل به ٿي سگهي ٿو. هي پورو ملڪ سنڌ جاگرافيائي ۽ قدرتي حالتن پٽاندڙ ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. مٿاهين سنڌ ۽ هيٺاهين سنڌ يعني اتر ۽ ڏکڻ جي ٻنهي حصن کان سنڌي ماڻهو سرو ۽ لاڙ سڏين ٿا. سيوهڻ کان مٿي اترين سنڌ لاءِ ان کان هيٺ عربي سمنڊ تائين ڏاکڻي سنڌ، هن ڌرتيءَ جي سڄي سونهن سنڌو درياهه سان آهي، جيڪو جڳن کان اڄ تائين واپار جو هڪ وڏو سبب رهندو اچي ۽ انهي درياءَ خاطر سڀئي آڳاٽا جاگرافي لکندڙ يونانين کان وٺي عربن تائين سنڌ ملڪ کي مصر سان ڀيٽيندا رهيا آهن. جهڙي طرح مصر جي سڄي سونهن ۽ آبادي بلڪ اتي جي ماڻهن جي حياتي ۽ زمين جي سرسبزي ۽ شادابي نيل درياءَ تي مدار رکي ٿي. اهڙي طرح سنڌ جي سونهن ۽ رونق جو دارو مدار سنڌوندي تي آهي. هي عظيم الشان درياءَ ملڪ تبت جي انهيءَ مقدس جبل جي هنج مان نڪتو آهي جيڪو ڪيلاس سڏيو وڃي ٿو. ۽ سنسڪرت جي ٻوليءَ ۾ جنت جي لقب سان سڏيو ويو آهي. سنڌو درياءَ جو اڀار پاڻيءَ جي سطح کان سورهن هزار فٽ مٿاهون نڪتو آهي ۽ اتان کان اٺ سئو ميلن تائين يه درياءَ هماليه جي ورن وڪڙن ۽ ان جي هيٺاهين کان وهندو ۽ اهڙن هنڌن تان سندس لنگهه ٿيو آهي جتان انسان جو لنگهڻ ڏيو ۽ محال آهي. تنهن کان پوءِ زمين جي سطح ۽ انگريز حڪومت جي بادشاهي ۾ اچي داخل ٿيو آهي، جتان هڪ هزار ميل وهي اچي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. مٿاهن پٽن ۽ اونهاري جو اڪٿر پائيندڙ رهيو آهي. شهر اٽڪ تائين پهچڻ کان اڳ ئي ڪابل درياهه اچي ساڻس ملي ٿو، ميلاپ واري هنڌ ٻئي درياهه هڪجهڙا ڏسڻ ۾ ايندا آهن، اتان کان اڳتي وڌندي ڪابل درياهه کي ڪڇ ۾ ڪندو سنڌو درياهه وڌيڪ ويڪرو ٿي ويو آهي. جتي سندس ويڪر ميل جي چوٿائي جيڏي آهي، جيڪا موسمي تبديلين سان ڪڏهن ڪڏهن ان کان به وڌي ويندي آهي. سمنڊ کي ويجهو رسندي منجهائنس ڪيتريون ئي شاخون نڪرن ٿيون، جنهن ذري گهٽ انهيءَ زمين کي گهيري ۾ آڻي وڌو آهي.

هن عظيم الشان درياهه جا يارهن ڇوڙ آهن جن مان ڪي جهاز رانيءَ جي لائق آهن. ڇوڙ جي اهڙن شاخن جو سلسلو ستر ميلن تائين ڦهليل آهي، جتي هر هنڌ ٻٻر ۽ سرنهن جا وڻ بيٺل آهن ۽ آبادي به وڌيڪ آهي. سنڌ جي ڏاکڻي حصي ۾ جيتوڻيڪ سنڌو درياءَ جو ڇوڙ موجود آهي پوءِ به هتي ڪيترائي وهڪرا وهن ٿا ۽ زمين کي پائيندا رهن ٿا. آباديءَ لاءِ اتي جو ڪو به حصو قابل اطمينان ناهي. ان ڪري سنڌو درياءَ مان نيون شاخون نڪرنديون ۽ زمين کي چيرينديون پاڻ لاءِ خاص ۽ جدا واٽ ٺاهينديون آهن. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته جتي اڳ شاخ نه هئي اتي هڪ نئون وهڪرو هلندڙ آهي  جتي ڪڏهن شاخون هلندڙ هيون اتي هر هند پاڻيءَ جي وهڻ جا وهڪرا خشڪ پيا نظر ايندا. درياءَ جي انهيءَ اختيار سبب گهڻو ڪري سندس بند ڀرندا رهيا آهن ۽ وڏا وڏا وڻ ڀري ڪرندا رهندا آهن، جن جي گجڻ جو آواز وڏين وڏين توبن ڇٽڻ کان گهٽ ناهي هوندو.

جبلن جي هن ملڪ ۾ کوٽ آهي جيتوڻيڪ ننڍا ننڍا پٿريلا ڍڳ هر هنڌ چٽا نظر ايندا پر اهڙي اوچائي جنهن کي جبل چئجي اهي فقط کير ٿر جون قطارون آهن، جيڪي سنڌ کي بلوچستان کان جدا ڪن ٿيون، انهن قطارن جون ڪجهه چوٽيون پاڻيءَ جي سطح کان 700 فٽن تائين بلند آهن، هي جبل 120 ميلن تائين برطانوي راڄ جي حد بندي ڪندي هليو ويو آهي، انهيءَ جبل سان ميل پاب جو سلسلو مليل آهي جنهن نالن ۽ ندين کي ساڻ ڪندي هاب درياءَ وهي هليو آهي، سنڌ اٽڪ درياءَ کان سواءِ هي بيو درياءَ آهي جيڪو اولهندي ملڪي سرحد کي نروار ڪري ٿو ۽ اٽڪ جي شاخن کان بلڪل ڌار آهي، انهن ٻن جبلن کان سواءِ باقي ٽڪريون صفا هيٺ ۽ ننڍيون آهن. ڍنڍون به تمام گهٽ آهن. سڀني کان وڏي ڍنڍ منڇر سڏجي ٿي جيڪا سيوهڻ ويجهو آهي. هيءَ ڍنڍ اولهندي ناري جي پکڙڻ سبب ٺهي آهي. برسات جي ڏينهن ۾ هن جي ڊيگهه ويهن ميلن تائين ٿئي ٿي ۽ 180 هم چورس ميل زمين هن جي پاڻيءَ هيٺ اچي ٿي. هن سرزمين سنڌ جي ڌرتي عام طور وارياسي ۽ پوکيءَ لائق آهي. سڀ کان ڀليون ۽ پوکي لائق زمينون شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي جون آهن جتي اتر کان ڏکڻ تائين هڪ تمام ڊگهو ۽ سنهو ٻيٽ هليو ويو آهي. هن جي هڪ پاسي کان ته سنڌو درياءَ آهي ۽ ٻي پاسي کان اولهندي نارو آهي. جيڪو هڪ الڳ شاخ وانگر سنڌو درياءَ مان نڪري هڪ سؤ ميلن تائين ڌار هلي ۽ پوءِ وڃي ساڻس ملي ٿو. هن زمين جي نظارن م گهڻي ڇڪ ناهي. هڪ جهازي مسافر پري کان سنڌ ملڪ جي ڪنارن تي نظر ڊوڙائيندي ئي ننڍن ڪنارن کي ڏسندو آهي، جنهن تي وڻ وڻڪاري جو نالو نشان به ناهي. اوڀر ندين حدن ۾ ڀٽن جا ريٽ پکڙيل آهن، جيڪي هوائي لهرن سان هنڌ مٽائيندا رهندا آهن.

سمنڊ جي پاسي واري زمين جيڪا ٻارهن ميلن تائين اٽڪ درياءَ جي ڪناري تائين هلي ويئي آهي. جيتوڻيڪ پيداوار جي لحاظ کان تمام زرخيز آهي پر هتي به وڻندڙ نظارن جو نالو ناهي. ڪيترن ئي ڪوهن تائين ٻٻر جا جهنگ آهن. انهن ڏاکڻن حصن ۾ صبح کان شام تائين ٿڌي هوا جا جهوٽا لڳندا رهندا آهن، جنهن کان بچڻ لاءِ ماڻهو ننڍا ننڍا ڇپر ڇنا ٺاهي ويهندا آهن. جبلن ۾ جيتوڻيڪ مختلف بيهڪ جي ٽڪرين مان ڪي قدر دل لڀائيندڙ نظارا آهن پر ٻوٽن ۽ وڻڪاري جي کوٽ آهي، ٿرپارڪر، خيرپور ضلعن جي اوڀرندن حصن ۾ ۽ روهڙي جي ڏکڻ ۾ هر هنڌ ريگستاني زمين ڏسڻ ۾ ايندي آهي، هتي واريءَ جي دڙن کانسواءِ بيو مڙئي خير آهي، جنهن پاسي اک ڦيرائبي، اهي دڙائي دڙا نظر ايندا جيڪي ڍڳن جا ڍڳ لهرن وانگر نظر ايندا. پر عام طور سڄي ملڪ ۾ ايڏي سخت گرمي هوندي آهي، جو افغاني ۽ اترين علائقن جا ماڻهو ايندي ڊڄي ويندا آهن. وٽن هڪ چوڻي مشهور آهي ته ”سنڌ جي اُس گوري کي ڪارو ڪري ڇڏيندي آهي ۽ اهڙي تکي آهي جو بيدر پچي وڃي“ جنهن جو ڪجهه انگريزن کي به تجربو آهي، سڀ کان وڌيڪ مصيبت اها آهي ته درياءَ جي چاڙهه ۽ اُٿل جي ڏينهن ۾ مڇرن ۽ زهريلن جيتن جي اهڙي سخت وبا ايندي آهي جو ڳوٺن جا ڳوٺ ماڻهن کان خالي ٿي ويندا آهن ۽ وڏا وڏا جانور مينهون، اٺ ۽ گهوڙا به هن نمرودي عذاب کان بچي نه سگهندا آهن.

سڄي ملڪ ۾ جيڪڏهن ڪا وڻندڙ شيءِ آهي ته هن زمين جا آڳاٽا آثار ڏاڍا يادگار آهن. شهرن جا آثار هرهنڌ موجود آهن. جيڪي هر هنڌ عظمت ۽ شان جا اهڃاڻ پنهنجن کنڊرن اڳيان پيش ڪن ٿا. ان کانسواءِ مسلمانن جي هيءَ خاص دلچسپ ڳالهه آهي ته هن ملڪ ۾ بزرگن جون مزارون ۽ درگاهون ايتريون گهڻيون آهن جو ٻيو ڪٿي به نه هونديون. هن وقت گهڻي غربت جي باوجود به سيوهڻ ان ڪري گهڻو آباد آهي جو هتي گهڻا زيارتي اچن ٿا. ڇو ته هتي نالي وارو بزرگ ۽ مشهور ولي الله لال شهباز جو مقبرو آهي. جنهن اڳيان هندو ۽ مسلمان عقيدت وچان مٿو ٽيڪين ٿا. ان کانسواءِ سکر ۽ بکر به وڏا مقدس هنڌ آهن. جتي چون ٿا ته گذريل ڏينهن ۾ وڏا وڏا تعليمي مرڪز ۽ خانقاهون هيون ۽ شايد ان سبب ايران وارن جو قول آهي ته سنڌ چئن ڳالهين جي ڪري مشهور آهي.”گرمي، مٽي، فقير ۽ مزارون“ غالباً اهوئي نمونو ڏسي يورپ جي لکندڙن هيءَ راءِ قائم ڪئي آهي ته ”ڪابلي سيدن ۽ واندن مذهبي ملن جي جهڙي نموني عزت ۽ مرتبو سنڌ ۾ آهي، ٻيو ڪٿي به ناهي“ هڪ پراڻو انگريز لکندڙ لکي ٿو ته ”سنڌي ڪنهن ڳالهه ۾ ايتري سخاوت نه ڏيکاريندو ۽ ڦڙتي نه ڏسيندو جيترو مذهبي ڪمن ۾، ڪنهن ڪم ۾ ايترو جوش جذبو نمايان نه ڪندو جيترو عيد جي خوشي ۾ ۽ سندس ذوق ٻي ڪنهن شيءِ ۾ ايترو ڏسڻ ۾ نه ايندو جيترو مزارن جي سينگارڻ ۾.“

کجين جا وڻ هر هنڌ گهڻا ئي آهن ۽ مند ۾ ميوي سان ٽمٽار نظر ايندا، جيڪي کائڻ لاءِ سڪائي رکيا ويندا آهن. اعليٰ قسم جا صوف به پيدا ٿيندا آهن، جيڪي ڀلپ ۾ خراسان ۽ هندوستان جي صوفن ۾ وچٿرا آهن. سنڌ جي سامونڊي ڪناري لڳ سامهون سڪيءَ کان ٻه ميل پوئتي هڪ هيٺاهون زمين جو ٽڪرو ڪراچي کان رڻ ڪڇ تائين پکڙيل آهي ۽ ايتري قدر هيٺانهون آهي جو سامونڊي چاڙهه وقت پاڻي ۾ ٻڏل رهندو آهي، جڏهن لهرو لهي وينديون آهن ته هڪ ٻيٽ وانگر ڏسڻ ۾ ايندو آهي، ان ڪري پاڻيءَ جا جهاز ڏاڍي مشڪل سان سمنڊ جي ڪناري رسندا آهن، سنڌ جي ڌرتيءَ بابت ٿلهي ليکي اندازي مان خبر پوندي ته هندوستان ۾ هي حصو عرب جي مٽي جو هڪ ٽڪرو آهي، ان ڪري جيڏانهن ڏس قدرت جي اهائي ڪاريگري ڏسڻ ۾ ايندي جيڪا قرآن ۾ لکيل آهي:

اَفَلا ينظُرون اِلَي الابل کَيفَ خُلقت. و اِلي السماءِ کَيفَ رُفعت. وَاِلَيَ الجِبالِ کَيفَ نُسِبَتُ. وَاِلَي الارض کَيف سُطحِت. ۽ انهيءَ سبب ڪري عربن پوري هندوستان مان جنهن ڌرتيءَ کي پنهنجو ديس ٺاهڻ جو مرتبو ڏنو، اهو هيءُ ئي الهندو پرڳڻو آهي، جنهن جي ثابتي جو اندازو هتي جي مردم شماريءَ مان اڄ به ملي ويندو. 1881ع جي مردم شماري مان پتو پوي ٿو ته سڄي سنڌ ۾ 2542976 ماڻهو رهن ٿا. جنهن مان 1385876 مرد ۽ 115540 عورتون آهن. هندوستان جي ٻين سرسبز ۽ زرخيز صوبن جي ڀيٽ ۾ هتي جي گهڻي آبادي مسلمان آهي. اسلام جي اوائلي ۽ جٽادار اثر سنڌ کي انهيءَ مرتبي سبب هندوستان جي ٻين علائقن کان مٿاهون ڪيو آهي، جو هتي مسلمانن جي گهڻائي آهي. مٿي لکيل آباديءَ کي جيڪڏهن ٻين مذهبن ۾ ورهائجي ته هر هندوستاني کي اچرج ٿيندو ته سڄي آبادي ۾ ٽن حصن کان به گهڻا ماڻهو اسلام جي زيور سان سينگاريل نظر ايندا. ان لاءِ ته 1887204 مسلمان 305079 هندو، 126976 سک، 86040 غير هندو فرقا، 6082 عيسائي، 1191 جيني، 1063 پارسي، 153 يهودي، 26 برهمو ۽ 9 بودي آهن. مسلمانن ۾ 1858648 اهل سنت، 28093 شيعا، 174 اهل حديث ۽ 289 ٻيا ماڻهو آهن. گهڻي آباديءَ ۾ هندن مان ڦري مسلمان ٿيل هتي جا سنڌي مسلمان آهن. جن بابت انگريز مؤرخن جي راءِ موجب اموي ۽ عباسي خليفن جي دور ۾ مسلمان ٿيا. انهن ۾ ذات ۽ قوم جا گهڻا ڪڙم آهن ايستائين جو چيو ويندو آهي ته مسلمانن جون گهٽ م گهٽ ٽي سؤ ذاتيون آهن، پر اسلامي ڀائپي ۽ عربي تهذيب اهو بهتر اثر ڇڏيو جو سڀئي ڪڙم پاڻ ۾ هڪ ٿي رهن ٿا، ۽ هر ذات جا ڌار رهڻ جا پراڻا رسم رواج ختم ٿي ويا آهن.

سنڌ وارا ٻين سڀني الهندي جي پرڳڻن جي رهواسين کان وڌيڪ جانثار ۽ ڦڙت ٿيندا آهن. جيڪڏهن اوهان هڪ بهتر سنڌيءَ کي ڏسڻ گهرو ٿا ته سمجهو ته هڪ ڊگهي ڇڪيل ۽ طاقتور بت واري جوان جي سامهون بيٺا آهيو.سندس بيهڪ سڄي هندوستان جي سڀني ماڻهن کان وڌيڪ مرداڻي آهي. مٿي جي بيهڪ ۾ هر طرح جي خوبصورتي آهي. ڏاڙهي تمام سهڻي ۽ ڊگها ڊگها وار ڪلهن تائين لڙڪندڙ هوندا اٿن. پوري وچ ۾ سنئين سينڌ نڪتل ۽ مٿي کان پيرن تائين مرداڻي شان سان ڀرتو آهي. ڪجهه ماڻهو ڊگهن وارن جون چوٽيون ٻڌي ٽوپي يا پٽڪي ۾ لڪائيندا آهن. هتي جي ماڻهن جي سهڻي بيهڪ، کڻي ٻين علائقن جي بيهڪ جو مقابلو نه ٿي ڪري سگهي پر عرب ۽ افغانستان جو مڪمل اثر ڏسڻ ۾ ايندو. مذهبي ماڻهن جي مٿي تي گهڻو ڪري پٽڪو هوندو آهي، پر وڏيرن ۾ هڪ خاص ٽوپيءَ جو رواج آهي، جيڪا هيٺان کان پٽڪي وانگي هوندي آهي ۽ مٿان هڪ ڇڳو هوندو آهي. اشرافن ۾ هڪ ٻي ٽوپيءَ جو رواج به آهي، جنهن جو مٿيون حصو کليل ۽ چوڪور هوندو آهي. غريب غربا اڪثر پنهنجا ڪپڙا نير ۾ رڱيندا آهن. ڪجهه ماڻهو ۽ خاص ڪري فقير سائي رنگ جو ويس ڍڪيندا آهن، عورتن جو سڀ کان پيارو ٽول چوڙا(هاٿي جي ڏند جا ٺهيل آهن، جيڪي امير غريب سڀني ۾ هلندڙ آهن، عام طبقي ۾ ٻني ٻارو ۽ ٻئي قسم جي محنت مزدوري ڪرڻ وارا آهن، جيڪي جاٽ آهن، جن عام طور دين اسلام قبول ڪيو آهي، سندن عورتون تمام خوبصورت آهن ۽ ساڻن وفادار ۽ سچيون به مشهور آهن ۽ ماڻهو اچرج مان ڏسندا ته منجهن پردي جو رواج به ناهي، ڇوته هي ماڻهو گهڻو ڪري لڏيندڙ آهن. ان لاءِ ته پنهنجا اٺ چارڻ خاطر کين سٺي وسنديءَ جي ڳولا رهندي آهي. جهڙيءَ طرح عرب پنهنجي گهوڙي کان جدا رهي نه سگهندو، هي ماڻهو به پنهنجن اٺن کان ڪڏهن به ڌار نه رهندا، جتن کان سواءِ گهڻا ٽولا ٻروچن جا آهن. جيڪي ڳچ عرصي کان هتي جا رئيس ۽ چڱا مڙس ٿي ويا آهن. منجهن به عربن جو شان موجود آهي. هر پاڙي يا قبيلي جو هڪ سردار يا رئيس مقرر آهي، جن جو سڀ چيو مڃيندا آهن. هڪڙي ننڍڙي اشاري تي هڪ اٺ سوار هڪ قبيلي کان ٻي قبيلي تائين گرما گرمي پکيڙي ڇڏيندو آهي ۽ ٿورن ئي ڏينهن ۾ ويهه کان ٽيهه هزار تائين هٿياربند گڏ ٿي ويندا آهن. هاڻي کان اڳ جڏهن هتي جي حڪومت خود ڌرتي ڌڻين حوالي هئي، تڏهن هتي هٿيار هندوستان جي ٻين پرڳڻن کان وڌيڪ هئا. ڪوبه ٻروچ ۽ ٻيو عزت دار سواءِ تلوار جي ڏسڻ ۾ نه ايندو. خاص سنڌي مسلمان بابت چيو وڃي ٿو ته هي نوان مسلمان آهن. جيڪي اڳين خليفن جي ڏينهن ۾ مسلمان ٿيا، پر اسان سمجهون ٿا ته انهن ۾ گهڻا ڪڙم انهن عربن جي اولاد آهن جيڪي آڳاٽي زماني ۾ هتي اچي آباد ٿيا، جيتوڻيڪ هن وقت جهالت ۽ بي علميءَ کين پنهنجي اصليت ۽ بڻ بنياد کان لاعلم رکيو آهي. ڳچ عرصي گذرڻ سبب انهن ۾ ايتري ورهاست ٿي آهي جو هاڻي ٽي سؤ کان به گهڻيون ذاتيون منجهن موجود آهن. انهيءَ عام قاعدي موجب ته عيش عشرت جي پڄاڻي واهيات کيل تماشي تي ٿيندي آهي، انهيءَ کان سنڌ مسلمان به بچيل نه آهن.

لغڙ اڏائڻ جو شوق اميرن غريبن سڀني ۾ آهي. ڪبوتر بازي به مشهور آهي. ڪڪڙ ڏاڍي محنت سان تيار ڪري ويڙهائيندا آهن ۽ انهيءَ ميدان تي وڏو ميڙ هوندو آهي. مسلمان جمعي جو ڏينهن گهڻو ڪري انهيءَ شغل ۾ پورو ڪندا آهن. سنڌ وارن کي گهيٽا ويڙهائڻ ۾ به ڏاڍي دلچسپي هوندي آهي. جوئا جو سنڌ ۾ ڏاڍو رواج آهي مرد ته مرد پر عورتون به کٽڻ هارائڻ واري راند تي چريون ٿي پونديون آهن. دراصل هو ڏاڍيون شوقين کيڏاري آهن، سندن ماحول ۾ ٻار به انهيءَ ڪريل حرڪت جا عادي ٿي ويندا آهن، جيڪي ماءُ جي هنج ۾ ئي جوئاري ٿي ويندا آهن. هڪ ستن سالن جو ٻار به ڏاڍو هوشيار جوئاري هوندو آهي. ۽ آهستي آهستي ٿورن ئي ڏينهن ۾، تاس، ڍارو، ٽڪن ۽ پئسن ۾ مطلب ته هر قسم جي جوئا ۾ پنهنجو سڄو وقت پورو ڪندو آهي. نه رڳو ايترو پر تنقيد ڪرڻ وارا انهن تي ٻيا به ڪيترائي الزام لڳائيندا آهن.

چوندا آهن ته هو سست، لاپرواهه، ڊڄڻا، موالي ۽ سدائين گولا رهندا آهن ۽ وڌيڪ اهو به مشهور آهي ته آس پاس جي ملڪن ۾ ڪوڙا ۽ لٻاڙي به مشهور آهن. پر ائين به ناهي ته انهن ۾ فقط اهي ئي اوگڻ آهن ۽ منجهن ٻيو ڪوبه گڻ ناهي. هو امن پسند، صبر ڪرڻ وارا، ڏوهن کان بچندڙ، رحم دل ۽ وفادار ماڻهو آهن. سندن قول جي پڪائي ۽ ساک پت ايتري مشهور آهي جو انهيءَ تي ڪڏهن اڱر کڻي نه ٿي سگهجي. اهو درحقيقت عرب قومن سان گڏجڻ ۽ گهڻو ڪري سندن ئي بڻ مان هئڻ جو اثر آهي. ڇو ته عرب جي صحرائين جي قول جي پڪائي ۽ ساک پت اڄ تائين مشهور آهي. گهڻي ۽ عام آبادي سنڌ ۾ مسلمانن جي آهي. هندن مان گهڻا قبيلا اهي آهن جيڪي پنجاب ۽ ٻين هنڌن تان اچي آباد ٿيا، اهڙا ٿورا خاندان هوندا جيڪي آڳاٽي وقت کان رهندا اچن ۽ اسلامي حڪومتن جي دور کان پنهنجي مذهبي عقيدن تي قائم رهيا هجن، هتي ٻن ذاتين جا برهمڻ آهن جيڪي عام طرح وڏن شهرن ۾ رهندا آهن ۽ پاڻ ۾ شادي وغيره ڪندا آهن، انهن ۾ هڪ ذات ته عاملن جي نالي سان مشهور آهي، گهڻو ڪري هي اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي مشهور فاتح محمد بن قاسم جي فياضي ۽ منصف مزاجي جا يادگار آهن ۽ جن جي هٿن ۾ هن، سنڌ جي پرڳڻن جي حڪومت ۽ هن ديس جو ڪار وهنوار ڏنو هو. عامل جو اکر ئي ان جي تصديق ڪري ٿو، هي ماڻهو بيهڪ، اوڍڻ پهرڻ ۽ خاص ڪري وارن جي ڪٽائيءَ مان مسلمانن جا پوئلڳ آهن ۽ جيئن ته عيش پسنديءَ جو گهڻو اثر انهن تي نه پيو، ان سبب عام طور  هي سڀ کان وڌ محنتي آهن. هي ماڻهو اڳين اسلامي بادشاهن جي حڪومت ۾ لکڻ پڙهڻ جا ماهر هئا، ۽ هاڻي انگريزي حڪومت ۾ سڀ کان وڌيڪ تعليم طرف هي ئي ڌيان ڏين ٿا، ٽالپرن جي ڏينهن ۾ هي ئي منشي گيريءَ جو ڪم سرانجام ڏيندا هئا ۽ هاڻي به ان ڌنڌي ۾ مشهور آهن. توڻي جو ان کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته سنڌ جو هندو اڌ مسلمان آهي.

هتي حبشي ٻانهن جا به نسل آهن. جن جي ايتري گهڻائي ٿي جو انهن جي هڪ قوم ٺهي ويئي آهي. جيڪي پاڻ ۾ شادي مرادي ڪندا رهندا آهن، پر غلامي سندن رت ۾ ايترو ويهي ويئي آهي جو انگريز دور کان آزاديءَ باوجود به اڃا تائين پنهنجي سردارن جي گهرن ۾ رهندا آهن ۽ غلامي جي زندگي گهاريندا آهن. سنڌ ۾ هن وقت جيڪا ٻولي ڳالهائي ويندي آهي اها سنڌي جي نالي سان مشهور آهي ۽ اهو سمجهڻ گهرجي ته ٻين ٻولين وانگر اها به سنسڪرت جي بگڙيل صورت آهي، جنهن ۾ ديوتائن جي انهيءَ مقدس ٻوليءَ تي گجراتي کان به وڌيڪ اختيار حاصل آهي، پر هندي، مراٺي ۽ بنگالي ٻولين جي ڀيٽ ۾ سنسڪرت کي وڌيڪ ويجهيون آهن. هن ۾ اڃان به سنسڪرت جون ڪيتريون ئي نحوي ترڪيبون موجود آهن، جن کي هندوستان جي ٻين ٻولين بدلائي ڇڏيو آهي، خود انهيءَ ٻوليءَ جا به ٽي لهجا ٿي ويا آهن. اتر پرڳڻن جو پنهنجو لهجو آهي، ڏاکڻي سنڌ ۽ ٿر وارن جون پنهنجو. هن ٻولي جو ادب فقط عربي مان ترجمو ڪيل مذهبي ڪتابن تائين محدود آهي. ان کان سواءِ ڪجهه قومي لوڪ گيت به، عام طرح سڄي لک پڙهه فارسي رسم الخط ۾ ڪئي ويندي اهي، خط خدادادي نالي هڪ ٻيو به خط مروج آهي جنهن ۾ رڳو سنڌي لکندا پڙهندا آهن.

هن ملڪ ۾ سڀ کان وڌ ڀلا اٺ آهن سڄي ملڪ ۾ اٺ جام آهن، جهڙي طرح درياءَ ڪناري هر پاسي اٺ ڏسڻ ۾ ايندا، تهڙي نموني برپٽن ۾ سنڌ ئي اهڙو ديس آهي جيڪو هندوستان ۾ اٺن جو ملڪ سڏبو آهي، اٺ هتي گهر جي ڪم ڪار ۾ به استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ ٻني ٻاري ۾ به، خاص ڪري ملڪ جي ڏاکڻي پاسي جتي کوهن مان پاڻي ڪڍڻ تيل جي چيچڙن ۽ هر هلائڻ جهڙا ڪم به اٺن جي مدد سان ڪيا ويندا آهن.

مطلب ته هي ملڪ آهي جنهن کي ۽ پرجوش ۽ مضبوط اردان وارن عربن سڄي هندوستان مان پنهنجو آستانو بڻايو، جتي خلافت جي حڪم جاري ٿيندي ئي وڏا وڏا شريف عرب هلي اچي ملڪي ٿيا. ۽ سندن نسل ٻين قومن سان ملي ويو. هندوستان جا ڪيترائي عرب باشندا ۽ شريف خاندان هن ئي سرزمين سنڌ جي معرفت عرب کان هتي ايندا آهن. مگر افسوس جو لاعلمي ۽ گهڻي عرصي جي جهالت هتي جي مسلمانن کي اهو وسارائي ڇڏيو ته ”ڪهڙين ٽارين جو اسان ميوو هئاسين ۽ ڪٿي پٽجي آياسين ۽ ڪٿي اچي وڪاڻاسين.“ سندن مؤرخن ۽ سندن غلط وڪالت ڪرڻ وارن ليکڪن هي فيصلو ڏنو ته هي سڀ جا سڀ نو مسلم آهن ۽ کين پتو به ناهي. ترقي جي دور ۾ اسان هر هنڌ جي ماڻهن جو ڪونه ڪو احوال ضرور ٻڌندا آهيون نٿا ٻڌون ته فقط انهن جو. واقعي جيڪڏهن علم ناهي ته ماڻهو شريف به نٿو رهي سگهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org