انهيءَ شهر کي فتح ڪري سڪندر
مالهي قوم جي گاديءَ واري هنڌ ملتان پهتو، هتي آس
پاس جي ماڻهن ڀڄي اچي پناهه ورتي هئائون، سڪندر
ارادو ڪيو ته کين هڪ ئي حملي سان پورو ڪري. هن
پنهنجي فوج جا ٻه حصا ڪيا. هڪ جو اڳواڻ پاڻ ٿيو، ۽
ٻي حصي تي پنهنجي جنرل پرڊڪاس کي اڳواڻ مقرر
ڪيائين. خود سڪندر واري لشڪر ڏاڍو سخت حملو ڪيو ۽
شهر جو هڪ ڦاٽڪ وڙهي کولي ڇڏيو. شهر وارا شهر کان
مايوس ٿيا ته قلعي اندر پناهه ورتائون. ۽ يونانين
گهيرو ڪري ورتو. هتي سڪندر گهيرو ڪندي ئي هي حڪم
ڏنو ته سپاهي سڀني پاسن کان ڏاڪڻيون هڻي قلعي تي
چڙهي وڃن، انهيءَ معاملي ۾ جهڙي ڦڙتي سڪندر چاهي
ٿي لشڪر کان اها نه پڳي ان تي ڪاوڙجندي هن هڪ
سپاهي کان ڏاڪڻ کسي ۽ قلعي جي ديوار تي لڳائي ڍال
جي آڙ ۾ مٿي چڙهي ويو. سندس پويان ٽي جان نثار
چڙهي آيا. اڳيان سڪندر پاڻ هو قلعي وارن کي
زبردستي هٽائي ۽ ڌڪي ديوار تي وڃي بيهي رهيو. گڏ
ئي ٽيئي ساٿي چڙهي آيا، ملتان جي راجا جڏهن سڪندر
جو آبدار ٽوپ ۽ هن جا چمڪندڙ هٿيار ڏٺا ته سڃاڻي
ورتائين ته اهو سڪندر آهي. يڪدم تير اندازن کي
جيڪي هيڏانهن هوڏانهن قلعي جي برجن تي پکڙيل هئا.
اشارو ڪيائين ۽ هنن زندگي، وڃائيندڙ هلان سڪندر تي
ڪئي. سڪندر جي لشڪر جڏهن بادشاهه کي مٿي ويندو ڏٺو
ته سڀئي ڏاڪڻيون رکي چڙهڻ لڳا پر ملتان وارن مٿن
اهڙي سخت هلان ڪئي جو کين ناڪام ڪري ۽ ماري هيٺ
ڪيرائي وڌائون. خود سڪندر تي جنهن هجوم ڪيو هو
انهن کي هن ماري هٽايو، ڪن کي ماري وڌائون ۽ ڪن کي
هيٺ اڇلايائون.
هاڻي سڪندر ڏٺو ته يوناني لشڪر مٿي چڙهي نه سگهيو
۽ آئون اڪيلو ڀت تي بيٺو آهيان. جتان نه چڱي نموني
مقابلو ڪري سگهجي ٿو ۽ نه پوري طرح پير پختا ڪري
سگهجن ٿا. پوئتي هٽڻ سندن شان خلاف هو، تنهنڪري
زبردست بهادري سان قلعي اندر ڪاهي پيو ۽ گڏ اهي
ٽيئي ساٿي به گڏجي پيا هاڻي يوناني فوجي قلعي
ٻاهران بي چين هئا ۽ هو اندر دشمنن جي وچ ۾ گهربل
بهادريءَ جا جوهر ڏيکاري رهيو هو. جهڙوڪر دل ۾
فيصلو ڪري چڪو هو ته يا ته شهر فتح ڪري وٺندس يا
دليرن جيان وڙهندي ميدان جنگ ۾ مارجي ويندس. دشمنن
جو سردار مقابلي لاءِ آيو ۽ سڪندر ٿوري دير ۾ کيس
پورو ڪري وڌو ۽ اڪيلو هو نه پر هن سان گڏ سندس
ڪيترائي ساٿي مارجي ويا. ڳچ تائين اهو تماشو نظر
ايندو رهيو ته سڪندر ۽ سندس ٽيئي ساٿي ديوار ڀرسان
بهادرن وانگي پير جهلي بيٺا هئا ۽ جيڪو ويجهو آيو
ٿي اهو يا مارجي ويو ٿي يا ڦٽجي ڀڳو ٿي. هاڻي هن
جي اکين مان شعلا نڪري رهيا هئا ۽ ڪنهن کي ويجهو
اچڻ جي همت نٿي ٿي. ايتري ۾ بهادر مقابلو ڪندڙ
ايرياس جيڪو سندس ڀر ۾ بيٺو وڙهي رهيو هو تنهن کي
هڪ تير لڳو ۽ هن دم ڏنو، ٻيو هڪ گز جيڏو ڊگهو تير
سڪندر جي سيني تي لڳو ۽ لوهه جي زرهه کي ٽوڙي اندر
کپي ويو تنهن هوندي به سڪندر دل جهلي بيٺو رهيو،
سندس گهڻو ئي رت وهي ويو منجهس هيڻائي ڇائنجي ويئي
۽ مقابلي جو دم نه رهيو هو. پر دل ۾ کيس هي خيال
آيو ته موت جو وقت اچي ويو آهي تنهن ڪري پهرين کان
وڌيڪ هو دليري ۽ هوشياري سان وڙهڻ لڳو. نيٺ منجهس
طاقت بالڪل نه رهي ۽ هو پنهنجي ڍال تي بيهوش ٿي
ڪري پيو. ٻئي يوناني جوان مرد جيڪي گڏ هئا انهن
کيس پنهنجي ڍالن جي آڙ ۾ وٺي ورتو ۽ دشمن جي هلان
کي روڪڻ لڳا هو پاڻ ڪمزور ۽ زخمن سان چور هئا پر
سڪندر جي اها حالت ڏسي پنهنجي مصيبت وساري ويٺا.
ٻاهر يونانين جي حالت اها هئي جو سڪندر جو اندر
وڃڻ سان بي چين هئا. اندر گهڙڻ لاءِ وڏيون ڪوششون
ڪري رهيا هئا پر ناڪام ٿي رهيا هئا. جڏهن قلعي تي
ڏاڪڻ لڳائڻ وارا مٿانئن ڪريا ۽ ان جي نوبت ئي نه
آئي جو مٿي پهچي سگهن. ان کان علاوه ديوارن تي چئن
پاسن کان فولادي ڪنڊا وڇايل هئا، جنهن ڪري ڪوبه
مٿي پهچي به ويندو هو ته ديوار تي قدم رکڻ جي جرت
نه ٿيندي هئس. هاڻي يونانين اهو ڪيو جو بازيگرن
جيان هڪ ٻئي تي چڙهي پنهنجو پاڻ کي ديوار جي
مٿاهين تي پهچايو. اهڙيءَ طرح بنا لڙائي جي ڪنڊن
کي هٽائي مٿي چڙهي ويا. جڏهن بن چئن هنڌان ماڻهو
انهيءَ اٽڪل سان چڙهي ويا ته پوءِ هر پاسي کان
بهادرن هلان ڪري وڌي. مٿي پهچي جڏهن انهن ديوار
هيٺان سڪندر کي پيل ۽ ٻن ساٿين کي سندس حفاظت ڪندي
ڏٺائون ته جوش ۽ غضب جي ڪا حد نه رهي، شور ڪندا ۽
نعرا هڻندا هيٺ لٿا ۽ هن کي پنهنجي وچ ۾ ڪري
ورتائون، ٿوري دير کان پوءِ يوناني لشڪر جو گهڻو
حصو قلعي اندر لهي آيو ۽ ملتان ۽ هر پاسي قتل ۽ رت
وهڻ لڳو. ڪاوڙ مان ڀريل يوناني سپاهين هارايل
شهرين تي تلوار هلائڻ شروع ڪئي تڏهن اهو به خيال
نٿي ڪيائون ته ڪهڙو ٻار آهي ۽ ڪهڙو ٻڍو، ۽ نه اهو
به ڏٺائون ٿي ته ڪهڙو مرد آهي ۽ ڪهڙي عورت جنهن کي
ڏٺائون بنا جهل جي تلوار وهايائون. سڪندر بابت سڄي
يوناني لشڪر ۾ ڳڻتي هئي. جڏهن دشمنن کان ميدان صاف
ٿيو ته کيس ڍال تي کڻي سندس خيمي ۾ وٺي ويا. اهو
ڏسي ته اڃا زندهه آهي. يونانين جي زندگي نئين ٿي
آئي. ڪريٽو ڊمس طبيب جيڪو ساڻن گڏ هو انهيءَ ڏاڍي
ڪاريگري ۽ هوشياري سان هن جي ڇاتيءَ مان تير ڪڍيو.
تير ڪڍڻ کان پوءِ ماڻهن ۾ هن جي مرڻ جو افواهه
پکڙجي ويو ۽ منجهس عجيب مونجهارو ۽ پريشاني پيدا
ٿي پئي ۽ اهو حال ٿي ويو جو ڪنهن جا هوش حواس
ٺڪاڻي نه رهيا. پر سڪندر هاڻي ٺيڪ هو، ماڻهن جي
پريشاني جو ٻڌائين ته پاڻ ئي خيمي مان نڪري سڀني
اڳيان آيو ۽ پنهنجن بهادرن جي اطمينان جي لاءِ
ساڄو هٿ کڻي کين سلام ڪيائين پوءِ گهوڙو گهرائي ان
تي سوار ٿيو ۽ آهستي آهستي يوناني سپاهين اڳيان
لنگهيو. ان وقت سندن جوش خروش جي حد نه هئي، سڀني
خوشيءَ جا نعرا بلند ڪيا ۽ ڀرپاسي جا جبل ۽ ميدان
انهن نعرن سان گونجڻ لڳا ته ”سڪندر جي عمر وڏي
فاتح ايشيا سدائين سکيو ۽ ستابو هجي.“ ملتان وارن
کي جڏهن ايتري وڏي چوٽ لڳي ته مالهي ۽ اُچ ٻنهي
قومن آڻ مڃڻ جو نياپو اماڻيو، جنهن کي سڪندر ڪمال
نيڪ نفسي سان قبول ڪيو ۽ انهيءَ نئين فتح ڪيل
بادشاهيءَ تي فلپ نالي هڪ شخص کي پنهنجو نائب مقرر
ڪيائين. اُچ وارن آڻ مڃڻ سان گڏ پنهنجا هڪ هزار
ويڙهاڪ سپاهي ضامن طور موڪليا هئا. پنج سؤ رٿون
گهوڙن ۽ هڪلڻ وارن جي پيشڪش ڪئي هئي. انهن جي اهڙي
رويي سان سڪندر ڏاڍو خوش ٿيو ۽ انهن ضامنن ۽ رٿن
کي جملي سازو سامان ۽ ماڻهن جي هنن کي واپس موڪلي
ڏنائين.
اڃا تائين سڪندر جي زخم جو علاج هلي رهيو هو ۽ ان
سان گڏ راوي ۽ چناب جي ملڻ واري هنڌ وڏن جهازن جو
هڪ ٻيڙو تيار ڪري رهيو هو. موجوده پنجاب جي ڏاکڻي
حد يعني اهو هنڌ جتي پنجئي درياءَ ملي ويا آهن، هن
هڪ نئون شهر آباد ڪيو، جنهن جو نالو اسڪندريه رکيو
۽ ان کي جهاز راني ۽ واپاري مرڪز قرار ڏنو. هتان
کان اڳتي جو سفر شروع ڪيائين، هن جي ڪجهه آفيسرن
ڪجهه ٻين هندن کي شڪست ڏني ۽ ان جو ٻيڙو ڀري سوگڏي
جي دارالسلطنت ۾ پهتو جنهن مان موجوده شهر بکر
مراد آهي، هتي جي راجا يڪدم آڻ مڃي ڪيترائي هاٿي ۽
قيمتي تحفا پيش ڪيا. انهيءَ ڪري هو بدستور پنهنجي
ملڪ تي حڪمران رکيو ويو پر اتي ايتري ڪارروائي
ضرور ٿي جو يوناني آفيسر ڪرائرس جي بندوبست سان ان
جي دارالسطلنت ۾ هڪ قلعو تعمير ڪرايو ويو ۽
مقدونيا جي ڪجهه فوج ان تي قابض رهي. اصل ۾ سڪندر
جي اها خواهش هئي ته ترقي ۽ واپار جي مطلب سان ۽
پڻ سياسي اثر قائم رکڻ جي لاءِ سمنڊ تائين اٽڪ
درياءَ جي ڪناري قلعن جو هڪ سلسلو قائم ٿي وڃي،
جنهن ڪري انهيءَ سلسلي کي هن پنهنجي خوشي مطابق
تڪميل تائين پهچايو.
سڪندر جڏهن پنهنجو ٻيڙو هتان کان اڳتي وڌايو ته
اُچ جي راجا جي حدن ۾ داخل ٿيو، راجا پهريان ته آڻ
مڃڻ جو اظهار ڪيو هو. پر پوءِ معلوم ٿيو ته هن کان
سرڪشي ظاهر ٿي، نه نئين سر آڻ مڃيائين ۽ نه نذرانو
پيش ڪيائين، انهيءَ بدلي ۾ سندس ٻه شهر ڦريا ويا،
خود راجا پاڻ سڪندر جي هٿان قيد ٿيو ۽ قتل ڪيو
ويو. ان مهم کان پوءِ سڪندر سنڍو مانا ۾ داخل ٿيو،
جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته اتان جو راجا لشڪر اچڻ جي
خبر ٻڌندي ئي ڀرپاسي جي جبلن ۾ ڀڄي ويو. شهر ۾
جيڪي چار چڱا موجود هئا انهن يونانين جي پهچڻ تي
شهر جا در کولي ڇڏيا ۽ نذرانو کڻي سڪندر وٽ پيش
پيا ۽ پنهنجي شهر کي تباهه ۽ برباد ٿيڻ کان بچائي
ورتو.
انهن ڏينهن ۾ سڪندر کي هتي هڪ ٻي جنگ جوٽڻي پئي.
جنهن جو ڪارڻ اهو آهي ته برهمڻن پاڻ ۾ گڏجي وچن
ڪيو ته انهن ڌارين ڌرتي دشمنن کي پنهنجي پاڪ
سرزمين تان جهڙي طرح ٿي سگهي ماري ڪڍون، انهن جي
اها سازش ايتري قدر پکڙي جو راجا جيڪو سڪندر جي آڻ
مڃي چڪو هو، اهو به انهن جي سازش ۾ شريڪ ٿيو،
سڪندر جڏهن اهي خبرون ٻڌيون ته پٿيون نالي هڪ
پنهنجي کي ماڻهن جي مقابلي لاءِ روانو ڪيو. انهيءَ
يوناني سپهه سالار ميدان ۾ پهچي برهمڻن جي لشڪر کي
شڪست ڏني، انهن جي ڪيترن ئي ماڻهن کي ماري ۽ قيد
ڪيائين. قيدين ۾ بکر جو بيوفا راجا موسيٰ ڪانس به
هو، جيڪو سڪندر اڳيان آندو ويو ۽ ڪيترن ئي برهمڻن
سان گڏ عام مجموعي ۾ ڦاسيءَ تي لٽڪايو ويو. انهن
باغي سرڪشن پاران بي کٽڪو ٿي سڪندر اڳتي وڌيو ۽
سنڌو درياءَ جي منڍ ويجهو پهتو، هتان درياءَ ٻن
وهڪرن ۾ ڦٽي ڌار ٿيو. ان علائقي ۾ سڀ کان وڏو شهر
ٽپالا هو ۽ هڪ ننڍو بادشاهه موڪريس نالي هتان جو
حاڪم هو. موڪريس آڻ مڃيندي سڪندر جي لشڪر ۾ حاضر
ٿيو، پنهنجو نشان کڻي هن جي اڳيان رکيائين ۽
پنهنجي خزاني جون ڪنجيون نذر ڪيائين. سڪندر کيس
نشان موٽائي ڏنو. سندس حڪومت اڳي وانگر قائم رکي ۽
عزت ۽ احترام سان روانو ڪيو. موجوده محققن جو خيال
آهي ته ٽپالا ئي اهو شهر آهي جيڪو اڄ ڪلهه
حيدرآباد سنڌ سڏجي ٿو. سنڌو درياءَ جي ڇوڙ وٽ پهچي
سڪندر اولهه طرف واپس روانو ٿيڻ جو ارادو ڪيو.
پنهنجي فوجي اڳواڻ تيار ڪس کي نئين عظيم الشان
ٻيڙي جو سردار مقرر ڪري حڪم ڏنائين ته ساحل جي
ڪناري ئي ڪناري خليج فارس جو رخ ڪريو ۽ خود 326
قبل مسيح ۾ فوج جي هڪ وڏي لشڪر سان خشڪيءَ رستي
مڪران کان ٿيندو اوڀر طرف هليو ۽ افسوس جو انهيءَ
سفر هن جي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو، دجله درياءَ
جي ڪناري قديم شهر بابل تائين مس پهتو هو ته وطن
جي بدران کيس ٻي جهان ڏي سفر ڪرڻو پيو.
سڪندر جي وفات بعد جڏهن سندس سلطنت جا ڀاڱا ٿيا ته
نڪاؤر جيڪو بابل جي ڌرتيءَ جو گورنر هو. ان رڳو
بابل کي ئي پنهنجي هٿ هيٺ نه ڪيو پر فرات درياءَ
جي ٻي ڀر جا سڀئي فتح ۽ قبضو ڪيل پرڳڻا پنهنجي
قبضي ۾ ڪري پنهنجي حڪم هيٺ ڪيائين، پر سڪندر جي
موٽي وڃڻ سان ئي هندوستاني راجائن جا حوصلا وڌيا ۽
اها رعيت به جنهن آڻ مڃي هئي باغي ٿي پئي. مقدونيا
جي اصلي گورنر جنهن کي سڪندر پنهنجو نائب ڪري ڇڏي
ويو هو ان کي ماريو ويو ۽ هن جي فوج جنهن يوناني ۽
هندي ٻئي هئا يا سرڪش جي رعب کان يا تلوار جي وار
کان ڊڄي منتشر ٿي ويا. اهي حال سڪندر کي حياتيءَ ۾
معلوم ٿي ويا هئا ۽ پنهنجي مقتول گورنر جي جڳهه تي
هن هڪ ٻيو گورنر موڪليو، جنهن جي جهنڊي هيٺ انهيءَ
يوناني فوج جيڪا ڪنٽنخجٽ جي مقرر ڪئي وئي هئي، جوش
۾ اچي ڪيترن ئي هندوستانين کي قتل ڪيو، تان جو
راجا پورس کي به انهيءَ گورنر ماري وڌو، جيتوڻيڪ
هن سوين عذر ڏنا، پنهنجا ٿورا جتايا ۽ سڪندر جي
دوستيءَ جو واسطو ڏنو پر ڪابه ڳالهه ڪم نه آئي ۽
ڏاڍو بي درديءَ سان ماريو ويو.
مطلب ته اولهه هند ۽ قتل ۽ رتوڇاڻ جو رڻ تتل هو ته
اوڀر هند جو زبردست راجا چندر گپت اچي پهتو، جنهن
في الحال هندوستان ۾ هڪ نئين سلطنت قائم ڪئي هئي،
چندر گپت پهريان هڪ سياح طور گنگا وادي جي علائقي
کان پنجاب آيو هو، سڪندر کي ڏسي دل ۾ اميد پيدا
ٿيس ته هو جڏهن گنگا ڪناري پهچندو ته هن جي مدد
سان مون کي پنهنجي هٿان ويل پرڳڻا واپس ملندا ۽
پنهنجي سڀني مخالفن کي ناس ڪري ڇڏيندس. جيتوڻيڪ
سڪندر جي لشڪر گاهه ۾ ڪجهه ڏينهن رهيو به پر جڏهن
سڪندر واپس هليو ويو ته هو مايوس ٿي ٻين اٽڪلن ۾
مصروف ٿي ويو. جيئن ته هوشيار، اثر وارو ۽ بهادر
هو، تنهن ڪري سڪندر جي وڃڻ کان پوءِ هن فقط پنهنجا
وڃايل پرڳڻا ئي پنهنجي قبضي ۾ نه ڪيا پر پالي
بوٿرا جنهن کي اڄ ڪلهه پٽنا چون ٿا، نندا خاندان
جي راجا کي ڪڍي ٻاهر روانو ڪيو ۽ سڄو اوڀر
هندوستان سندس بادشاهت ۾ شامل ٿي ويو. اوڀر ۾
پنهنجا پير پڪا ڪري چندر گپت پنجاب پاسي چڙهي آيو.
يونانين کي ڌڪي ڪڍيائين ۽ سڀني راجائن کان پنهنجي
ڌاڪ مڃايائين.
سليڪس جڏهن ٻڌو ته چندر گپت سڪندر اعظم جو فتحن جو
اثر هندوستان جي ڌرتيءَ تان بالڪل مٽائي ڇڏيو آهي
ته هڪ زبردست لشڪر وٺي آيو ۽ اٽڪ درياءَ مان لهي
چندر گپت جي علائقن تي حملو شروع ڪيائين. ديسي
فوجن کي ڪيتريون ئي شڪستون ڏنائين ۽ غالباً اوڀر
هند تائين وڌندو هليو وڃي ها. اوچتو خبر آئي ته
سندس مرڪز سلطنت بابل ۾ بغاوت ٿي پئي، هڪدم پنجاب
کان موٽي بابل ويو ته جيئن اتان جي خطرناڪ بغاوت
کي دٻائي. تڏهن وڃڻ وقت هن هندوستان جي راجائن سان
ٺاهه ڪيو، پنجاب جي بادشاهه ته ڊڄي پنج سؤ هاٿي ۽
هڪ سؤ جنگي رٿون سڪندر جي بهادر جانشين حوالي
ڪيائين. پر چندر گپت جي عزت جو ايتري قدر اثر هو
جو سليڪس پنهنجي نياڻي سندس حرم ۾ ڏني ۽ يوناني
عالم مگاسٿنس کي پنهنجو سفير دربار ۾ ڇڏي ويو.
انهي مگاسٿنس هتي رهي سنڌ وارن کان واقف ٿي پنهنجو
اهو مشهور ڪتاب لکيو جيڪو قديم هندوستان جي حالتن
تي هڪ زبردست سند مڃيو وڃي ٿو.
بس ان کان پوءِ يونانين جو اثر هندوستان مان
ڏينهون ڏينهن ختم ٿيندو ويو. جيتوڻيڪ واپاري
لاڳاپا هندوستان ۽ شام جا بهتر رهيا پر سياسي
حيثيت سان ڪوبه واسطو نه هو. نيٺ 206 ق. م ۾ سليڪس
جو پوٽو انٽيوڪس جنهن کي هند وارا انشياڪو يونا
راجا سڏين ٿا، پنجاب تي حملي آور ٿيو، هيڏانهن
پنجاب ۾ تن ڏينهن ۾ چندر گپت جي پوٽي اشوڪا جي
حڪومت هئي. انٽيوڪس کي جنگ جي هٿ نه ٿي، تنهن ڪري
ٺاهه ڪري واپس هليو ويو، پر اصل ٺاهه سان اولهه جي
بادشاهه کي اهو فائدو ضرور ٿيو جو هندوستان ۾
يونانين جو اثر ڪجهه ڏينهن لاءِ قائم رهيو.
ان کان پوءِ 165 ق م باختر جي بادشاه انراڊي تس
پنجاب تي حملو ڪيو ۽ پنجاب قدم رکندي ئي ڏکڻ پاسي
رخ رکيو ته شهر ٽپالا يا ائين چئجي ته درياءَ اٽڪ
جي ڇوڙ تائين لاڳيتو دشمنن کي شڪست ڏيندو ۽ فتح
ڪندو هليو ويو. جڏهن ڏکڻ ۾ سمنڊ کيس آڏو آيو ته
اوڀر طرف لڙيو ۽ ڪڇ ۽ گجرات تي حملي آور ٿيڻ لاءِ
زبردست فوجون روانيون ڪيائين. ان جون اهي فتحون
ٿوري دير لاءِ نه هيون پر ان کان پوءِ به اهي فتح
ٿيل علائقا سندس نسل جي قبضي ۾ رهيا، جڏهن ته هن
جي جانشينن نين ڊر ۽ ايپ پوي ٽوڊس 126 ق. م تائين
پنجاب ۽ سنڌ تي حڪومت ڪئي. اها يوناني باختري
حڪومت مٿئين ڏنل سال ۾ ختم ڪئي ويئي، پر انهيءَ
سلطنت مان نڪتل ۽ انهيءَ جا بڻايل تاجدار پهرين
صدي قبل مسيح جي شروعات تائين پنجاب، اٽڪ وادي ۽
ڪابل تي قابض ٿي اختيار هلايو. جنهن جو ثبوت انهن
سڪن مان ملي ٿو جيڪي انهن ملڪن مان لڀندا رهيا
آهن.
اهو به پتو پوي ٿو ته 140 قبل مسيح جي ويجهو زماني
۾ مٿوي ڊاٽس نالي هڪ پارٽي بادشاهه هندوستان تي
حملو ڪيو هو ۽ اهو به معلوم ٿيو آهي ته 110 قبل
مسيح ۾ سائد (يعني اهل خطا) جي طاقت پنجاب پاسي
سرس هئي.
چيني مؤرخ لکن ٿا ته يوتي لوڪ (جاٽ) جيڪي چين ملڪ
۽ تين شان (آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ جبل) جي ڪيتري
زمين تي حڪومت ڪري رهيا هئا. کين هن لوڪن گهڻي
تعداد ۾ رتو ڇاڻ ۽ وڏن وڏن معرڪن کان پوءِ اتان
ڪڍي ٻاهر ڪيو، جاٽ لوڪل اهڙي طرح اتان کان شڪست
کائي جلاوطن ٿيا ته سندن وڏا وڏا گروهه افغانستان
۽ پنجاب ۾ سنڌو درياءَ ڪناري رهي پيا، هتي رهي
انهن ٿورن ڏينهن ۾ اهڙي قوت پيدا ڪئي جو 105 ق. م
۾ منالوڪن هٿان ٽيڪسيلا جو راڄ ڦري ورتائون. هاڻي
انهن جي قوم جو بادشاهه آيس ۽ اري بيسس هن پنج
ندواري ملڪ تي حڪمران هو ۽ انهن جو دؤر اهل خطا جو
زمانو تصور ڪيو وڃي ٿو. انهن خطائي بادشاهن کي
آخري هندوستان جي زبردست بادشاهه بڪر ماجيت 56 ق.
م ۾ پنجاب جي علائقي مان ڪڍي ڇڏيو پر سندس مرڻ بعد
ئي سائدين لوڪن يعني اهل خطا جو هڪ نئين گروهه جو
وڏو سيلاب آيو جنهن سڄي پنجاب تي اختيار هلائي هڪ
نئون شاهي خاندان قائم ڪيو. جنهن جا تخت ڌڻي
ڪرفيسس سڏجن ٿا. جڏهن انهن ماڻهن جي پڄاڻي آئي ۽
هتي رهي هي به هندوستاني ٿي ويا ته خطائين جو هڪ
نئون تازه دم گروهه اچي پهتو جنهن تي قابض ٿي
اختيار هلائي ڪنيس جي بادشاهن جي خاندان جو بنياد
وڌو، جنهن کان پوءِ ظاهر طور ته ملڪ ٻن خاندانن ۾
ورهائجي ويو هو. ڪرفيسس ۽ ڪنيس جي بادشاهن جا جيڪي
سڪا پنجاب باميان ۽ ڪابل جي ڌرتيءَ تان مليا آهن،
انهن مان پتو پوي ٿو ته هي خاندان پنجين صدي عيسوي
تائين پنجاب تي قابض ۽ حڪمران رهيا. انهن واقعن جي
ڪيفيت اسان کي چيني سياح فاهيان جي سفر نامي مان
ملي ٿي جيڪو پنجين صدي عيسوي ۾ پنجاب جي پنجن ئي
دريائن تان لنگهيو هو ۽ ڪوٽا واقعو راجپوتانه جي
هڪ مندر جي تختي جيڪا سلپوره جي جاٽ راجا جي
يادگيري ڏياري ٿو (۽ 408ع) جو معلوم ٿئي ٿو. پنجين
صديءَ جي شروعات ۾ ڪرفيسس خاندان افتاليتس ماڻهن
درهم برهم ڪري ڇڏيو، جيڪو انهيءَ ڪاميابيءَ کان
پوءِ 555ع ۾ ترڪن هٿان تباهه ٿيا. مطلب ته عربن جي
سڃاڻ جي زماني شروع ٿيڻ کان اڳ پنجاب ۽ سنڌ جون
حالتون مختلف ڌارين قومن مان معلوم ٿي سگهيون آهن.
ايتري قدر آهن، انهن کي هڪ هنڌ ترتيب ڏيئي ڪو مليل
سلسلو تاريخ جو قائم ڪرڻ وس کان ٻاهر آهي. خاص ڪري
ايرانين جي بيان ۽ آخري ذڪر ڪيل واقعن جي اختلاف
کي پري ڪري ڪو صحيح نتيجو ڪڍڻ ٺهي ئي نه ٿو، هاڻي
ان کان پوءِ جو زمانو شروع ٿئي ٿو، جنهن جون
حالتون اسان کي عربي مؤرخن ۽ سياحن کان معلوم ٿين
ٿيون ۽ هاڻي هن ڌرتيءَ جي ان شاهي خاندان بابت بحث
ڪيو ويندو، جنهن کي ختم ڪري هنن پنهنجي حڪومت قائم
ڪئي. |