سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب: 7

صفحو :10

 

باب ستون

خلافت آل مروان – فتوحات سنڌ

هاڻي اهو زمانو اچي ويو جو اسلامي خلافت جي درٻار هڪ تمام وڏي شهنشاهي درٻار ٿي ۽ عبدالملڪ بن مروان خليفو ٿيو، جنهن دراصل اسلامي سلطنت کي ڏاڍي طاقت ڏني. ڪرنل ٽاڊ پنهنجي تاريخ راجستان ۾ لکي ٿو ته عبدالملڪ بن مروان جي تخت نشينيءَ جي پهرئين ئي سال يعني پنجهٺ هجريءَ ۾ مسلمانن سنڌ رستي هڪ چڙهائي رياست راجپوتانا تي ڪئي جنهن ۾ اجمير جو راجا راءِ ماڻڪ پنهنجي راجڪنور سان پرلوڪ پڌرايو. پر هي واقعو بالڪل غلط آهي. مسلمانن ان وقت تائين سنڌ جي سرحدن تي رڳو معمولي فوجي مشقون ڪري رهيا هئا يا ڪن ڪڏهن اٽڪ درياءَ جي ڪجهه ڪنارن جي شهرن کي لٽيو ڦريو پر ڪنهن تاريخ مان معلوم نٿو ٿئي ته انهن ايستائين هندستان جي سرزمين اندر گهڙڻ جو ڪڏهن ارادو به ڪيو. جيڪڏهن ان جي ٿوري به اصليت هجي ها ته عرب مؤرخ ضرور بيان ڪن ها.

عبدالملڪ جي خلافت جي ڏهين سال حجاج بن يوسف ثقفي عراق جو والي مقرر ٿيو. جڏهن ته سنڌ وغيره جو تعلق انهيءَ حڪومت سان هو، حجاج پنهنجي حڪومت جي پهرئين ئي سال يعني 75 پنجهتر هجريءَ ۾ سعيد بن اسلم بن زرعه ڪلابي کي مڪران ۽ سنڌ جي ڪنارن تي گورنر مقرر ڪيو. هڪ نامور عرب شهسوار محمد علاقي جيڪو بني آسام قبيلي جي نشاني هو. جڏهن کيس عبدالرحمان بن اشعب جي مقابلي ۾ شڪست ٿي ته هن پهريائين ته ڀڄي جان بچائي ۽ وري لڪ ڇپ ۾ وڃي عبدالرحمان کي ماري وڌو ۽ پنهنجي قبيلي جا پنج سؤ ويڙهاڪ عرب گڏ وٺي عمان کان درياءَ رستي سنڌ ۾ اچي مقيم ٿيو. اتان جو راجا ڏاهر جي پناهه ۾ زندگي گذاري سنڌ جي ڪناري تي لهي هن هڪ رات جو ڏاهر جي دشمن رامل جي فوج تي اهڙي جرئت سان ۽ اهڙو مناسب موقعو ملندي ڇاپو هنيو جو رامل جا 80000 اسي هزار ساٿي ڇڙ وڇڙ ٿيا ڪيترن ئي ماريائين ۽ ڪيترن کي گرفتار ڪيائين. ان کان سواءِ 50 هاٿي ڪيترائي گهوڙا ۽ گهڻو ڪجهه مال ملڪيت هٿ آيو، ائين راجا ڏاهر جي خوشنودي حاصل ڪري سنڌ ۾ اطمينان سان رهڻ لڳو، سندس قوم جا ڪيترا ماڻهو جڏهن سرحد مليل هئي انڪري اڪثر مڪران ۾ ايندا هئا. سعيد بن اسلم جڏهن مڪران ۾ پهتو ته هن ڪنهن جرم ۾ صفري بن لام الحمامي کي پڪڙي قتل ڪري وڌو. اهو همراهه علاقي خاندان مان هو جيڪو عمان مان اچي سنڌ ۾ رهيو هو، علاقي خاندان جو سڄو ٽولو هن جي خون جو بدلو وٺڻ لاءِ تيار ٿيو. سعيد ڏن وصول ڪري واپسي جي ارادي ۾ هو ته انهن ماڻهن هڪدم حملو ڪري کيس ماري وڌو ۽ مڪران تي قبضو ڪري حڪومت ڪرڻ لڳا.

حجاج کي جڏهن اها خبر پئي ته ڏاڍو بگڙي ويو ۽ علاقي قوم جي سردار سليمان علاقيءَ کي جيڪو عرب ۾ هڪ قبيلي جي سردار جي حيثيت رکندو هو کي گهرائي حڪم ڏنائين ته هن جو سر وڍي سعيد جي اعزاز ۾ موڪليو وڃي ته هو پنهنجي دل ٿڌي ڪري ۽ گڏ ئي مجاعه بن سعر تميمي کي مڪران روانو ڪيو، مجاعه جو فوجي لشڪر عبدالرحمان بن اشعت جي اڳواڻيءَ ۾ هو. علاقين عبدالرحمان تي حملو ڪيو ۽ جيستائين مجاعه کي خبر پئي هن کي به ماري وڌائون، پوءِ سوچيائين ته خلافت جي لشڪر سان مقابلو ڪرڻ خودڪشي آهي، جڏهن ته انهيءَ سوچ سان عبدالرحمان کي ماريندي ئي 85 هه ۾ سنڌ ڀڄي ويا. ڏاهر کين هٿو هٿ ورتو. ڏاڍي مهرباني سان پيش آيو ۽ کين پنهنجي خدمت چاڪري ۾ ورتائين. اهو ئي پهريون بنياد آهي جنهن سبب جهڙوڪ ڏاهر، عربن کي پنهنجو پاڻ تي ڪاوڙايو ۽ کين مجبور ڪيائين ته سندس ملڪ طرفان ڌيان ڏين، نه ته هن کان اڳ مسلمانن جو هرگز ارادو نه هو ته سنڌ کي پنهنجي سلطنت ۾ شامل ڪن. هو رڳو جابلو قومن سان وڙهندا جهڳڙندا هئا. ان ڪري جو سپاهه گيري جي عادت ختم نه ٿئي. ظاهر آهي ته خلافت جي شروعاتي ڏينهن کان منع ڪئي ويئي هئي ته مسلمان اڳتي نه وڌن.

انهيءَ واقعي کي بلازري ائين لکيو آهي ته سعيد، جڏهن مڪران ۾ پهتو ته حارث علاقي جا ٻئي پٽ معاويو ۽ محمد سندس مقابلي ۾ اچي بيٺا. اهي ماڻهو خلافت جا ڏوهاري هئا ۽ هتي سنڌ جي حدن ۾ اچي باغيءَ جي روپ ۾ پناهه ورتائون. سعيد جڏهن خلافت جي فوج وٺي آيو ته هنن ڪا به پرواهه نه ڪئي ۽ ترت ئي وڙهڻ لاءِ تيار ٿيا. سعيد جي زندگي پوري ٿي چڪي هئي. هو لڙائي ۾ مارجي ويو، خلافت جو لشڪر بنا آفيسر ۽ اڳواڻ جي ڏاڍي ناڪاميءَ سان واپس آيو ۽ هو ٻئي پوري نموني سان انهن پرڳڻن تي قبضو ڪري ويا.

حجاج کي ان حادثي جو حال معلوم ٿيو ته انهيءَ جوش ۾ اچي هڪ بهادر آفيسر مجاعه بن سعد تميمي کي ذڪر ڪيل ساحلن تي حڪمران مقرر ڪري روانو ڪيو. مجاعه پهچي جنگ جو ميدان گرم ڪيو. باغين جو ڪنڌ ڀڳائين ۽ سنڌ جي شهرن ۽ قندابيل جي قبيلن کي فتح ڪيائين. اهڙي بهادريءَ جو موقعو زندگي صرف هڪ ئي سال ڏنو هو جو موت جو فرشتو اچي پهتو ۽ هو مٽيءَ جو پنوڙو ٿيو. شاعر چوي ٿو ته:

ما من مشامدڪ الني شهادتها

الا يزيڪ ذڪر ها مجاعا

ترجمو: ”جن به جنگ جي معرڪن ۾ تو بهادري ڏيکاري انهن مان جيڪي آهن، اي مجاعه تنهنجي ذڪر کي رونق بخشي رهيا آهن.“

مجاعه جي مرڻ تي حجاج، محمد بن هراون بن ذراع نمري کي مقرر ڪيو. انهيءَ واليءَ جي مقرري وليد جي خلافت کان ٿورو اڳ ٿي هئي. جڏهن ته ان جون سڀ ڪار گذاريون وليد بن عبدالملڪ جي زماني ۾ ٿيون هيون. تنهن ڪري ان جو ذڪر ان موقعي تي ڪري ڇڏيو. محمد بن هراون کي خاص طرح سان هدايت ڪئي ويئي هئي ته جيستائين سندس وس پڄي علاقي خاندان وارن کي چٿي ۽ انهيءَ جستجو ۾ ڪا به گهٽتائي نه ڪري. تان جو سعيد جي رت جو پورو بدلو ٿي وڃي. بن هارون 86هه ۾ هڪ علاقي همراهه کي پڪڙي ورتائون جنهن کي ترت ئي خليفي جي حڪم تي قتل ڪيو ويو ۽ سندس سسي حجاج ڏانهن اماڻيائون. ۽ ان سان گڏ ئي هڪ خط ۾ حجاج کي ابن هراون وعدو ڪيو هو ته جيڪڏهن منهنجي زندگيءَ سان قسمت ساٿ ڏنو ته هن قبيلي جي سڀني ماڻهن کي وٺي روانو ڪندس. مطلب ته ابن هراون برابر پنجن سالن تائين جهنگ ۽ واديون فتح ۽ قبضو ڪرڻ ۾ مشغول رهيو. محمد بن هراون جن ڏينهن ۾ سنڌ جي ڪنارن تي حڪومت ڪري رهيو هو انهن ڏينهن ۾ عجيب واقعو پيش آيو، جيڪو دراصل عربي فتوحات جي طوفان کي چرپر ۾ آڻڻ وارو هو. سرانديپ جي جذيري کي انهن ڏينهن ۾ ياقوت جو جزيرو چوندا هئا. جيتوڻيڪ هتي جي راجا جي بادشاهي ۾ عرب واپارين جي اچ وڃ گهڻي هئي ۽ گهڻا مسلمان واپاري اهل و عيال سان اتي رهندا هئا. جن خلافت جي درٻار سان تعلقات پيدا ڪرڻ گهريا ٿي، ڪجهه واپاري سندس علائقي ۾ دفن ٿيا، جن جون يتيم نياڻيون بنا والي وارث جي اتي هيون. راجا کي حجاج جي درٻار ۾ ويجهڙائي حاصل ڪرڻ جو بهترين موقعو مليو. هن انهن نياڻين کي عزت سان اوڍاڻيون ڍڪائي مٿي تي هٿ رکي جهاز تي سوار ڪري ڪوفي ڏانهن روانو ڪيائين، جنهن تي ڪجهه حاجي سڳورا به هئا. جهاز انهن ڏينهن ۾ طوفان جي ڊپ کان ڪناري ئي ڪناري ۽ خشڪي سان لڳندو ويندو هو. جڏهن اهو جهاز سنڌ جي ڪنارن تي پهتو ته ديبل جي ميد ماڻهن مان ڪن دريائي ڦورن ننڍين ٻيڙين ۾ وڃي ان جهاز کي گهيرو ڪيو. سڄو مال ملڪيت لٽي ڦري ورتائون. ۽ انهن نياڻين کي پڪڙي وٺي ويا. اتفاق سان گرفتار ٿيڻ وقت هڪ ڇوڪري زور سان دانهون ڪرڻ لڳي. ”اي حجاج“ انهيءَ واقعي جي خبر ماڻهن جڏهن حجاج سان بيان ڪئي ۽ ان ڇوڪريءَ جو دشمنن جي هٿ لڳڻ وقت ”اي حجاج“ چوڻ جڏهن سندس ڪنن تي پيو ته هن جي دل تي اهڙو عجيب اثر ٿيو جو جوش ۾ اچي بي اختيار چوڻ لڳو ”ها آئون آيس.“

مطلب ته انهيءَ واقعي حجاج کي تمام گهڻو ڪاوڙايو. پر جيتوڻيڪ هڪ وڏي لڙائي خليفي جي اجازت کانسواءِ نه ٿي ڪري سگهيو. خليفي وليد جي درٻار ۾ درخواست ڪيائين ته مون کي سنڌ ملڪ تي مستقل فوجي چڙهائي جي اجاخت ڏني وڃي ۽ واعدو ڪريان ٿو ته خزاني مان جيترا پئسا خرچ ڪندس ان جي ٻيڻ خزاني ۾ واپس ڪندس. پر خليفي هي جواب ڏنو ”هي مهم تمام وڏي آهي، خرچ تمام گهڻو ٿيندو ۽ آئون مسلمانن جون حياتيون خطري ۾ وجهڻ نه ٿو گهران.“ حجاج کي ان تي به صبر نه آيو ۽ هن ٻيهر درخواست اماڻي. ۽ جيڪو ماڻهو پنهنجي طرفان روانو ڪيو اهو اهڙو چالاڪ هو جڏهن خليفو پنهنجي فوج جي جٿي ۾ گهوڙي تي سوار هو، هن وڌي اڳ جهلي ۽ درخواست پيش ڪري جواب لاءِ عرض ڪيائين. ان وقت خليفي مجبوريءَ سان رضامندي ظاهر ڪئي. ۽ سوچيائين ته خير ڪنهن مالي نقصان جو اندشو نه آهي ان لاءِ ته حجاج خرچ جي ٻيڻي رقم واپس ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي ۽ گڏ ئي خليفي، سنڌ جي راجا ڏاهر ڏانهن سفير موڪليو ۽ تاڪيد ڪيائين ته جيتريقدر جلد ٿي سگهي اهي نياڻيون مون ڏانهن واپس روانيون ڪر. ڏاهر جواب ۾ لکيو انهن ڇوڪرين کي چورن ۽ رهزنن ڦريو اهي، جيڪي منهنجي چوڻ ۽ حڪومت کان ٻاهر آهن. حجاج کي اها ناڪامي برداشت نه ٿي، ڪاوڙ ۾ اچي چڙهائي جو حڪم ڏيئي ڇڏيائين. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته راجا ڏاهر کان وڏي غلطي ٿي. ان زماني ۾ عربن ۾ تيز فتح مندي سڄي  جهادن کي ان پاليسي جو سبق ڏيئي رهي هئي ته سندن اطاعت ۾ ئي امن آهي. ڏاهر حجاج جي حڪم کان منهن نه موڙيو پر چوڻ ائين گهرجي پنهنجي کڏ پاڻ کوٽيائين.

مطلب ته سڀ کان پهريائين حجاج جي حڪم سان عبيد الله بن بنهان ديبل روانو ٿيو. عبدالله بجلي وانگر ڪڙڪندو ۽ گجندو پهتو، پر ان فوج کان ڪم وٺڻ بدران پاڻ پنهنجي بهادري جو ايترو مظاهرو ڪيو جو عين جنگ جي معرڪي ۾ شهيد ٿيو. ۽ شهادت جو شربت پي هن جهان جي واٽ ورتائين.

جڏهن اها خبر حجاج کي پئي ته سندس غضب جي باهه ڀڙڪي اٿي. هن هڪدم عمان جي والي بديل بن طهفه بجلي جي نالي فرمان اماڻيوته ابن بنهان ديبل ۾ مارجي ويو. هاڻي تون جلدي اتان کان روانو ٿي ۽ ان سان گڏ ئي مڪران جي والي محمد بن هراون جي نالي به اهڙي مضمون جو فرمان جاري ڪيو ته تون پنهنجي طرفان ٽي هزار فوج تيار رک جيڪا بديل بن طهفه سان گڏ سنڌ جي مهم تي رواني ڪئي وڃي. محمد بن هروان پاڻ ئي سنڌ جي فتح جي ڪوشش ۾ هو. جيڪو دراصل ان مطلب سان روانو ڪيو ويو هو ته علافي خاندان جيڪو سنڌ ۾ پناهه گير هو ان کي قتل ڪري ختم ڪري ۽ سنڌ جون حالتون معلوم ڪرڻ جي لاءِ غلامن جو واپار ڪندڙ سوداگرن کي مقرر ڪيو، جيڪي ٻانهيون وڪڻڻ ۽ وٺڻ جي بهاني سنڌ ۽ مڪران ۾ اچ وڃ رکندا هئا. بديل غالباً سامونڊي رستي کان سنڌ تي حملو ڪري ها، ان لاءِ اهو ئي رستو آسان ۽ سنئون هو ۽ حضرت معاويه جي ڏينهن کان حضرت عمر رضه جي هي پاليسي به رد ٿي ته درياءَ جي رستي جهاد نه ڪيو وڃي، پر مڪراني فوج کي گڏ وٺڻ سان بديل کي خشڪيءَ جو هڪ وڏو سفر ڪرڻو پيو، جنهن ۾ هن عرب جي ڪنارن کان گذري پوري خليج فارس جو چڪر کاڌو ۽ آخر فارس ۽ ٻين عجمي ملڪن مان گذرندو مڪران پهتو. هتي محمد بن هروان جا ترتيب ڏنل ٽي هزار جوان پاڻ سان گڏ وٺي ديبل شهر جي ديوارن هيٺان وڃي ساهه پٽيائين. اها تعجب جي ڳالهه آهي ته شايد ايتري وڏي سفر جي ڏکاين جي گمان کان يا ان مهم کي تمام گهٽ سمجهي بديل پاڻ سان گڏ عمان کان فقط ٽي سؤ ماڻهو آندا هئا. مڪران پهچڻ کانپوءِ هن جي جهنڊي هيٺ صرف ٽي هزار ٽي سؤ سپاهي هئا جيڪي ايتري وڏي مهم جي لاءِ قطعاً ڪافي نه هئا. پر هن کي پنهنجي ۽ پنهنجي ساٿين جي بهادري ۽ جرت تي ايترو اعتماد هو جو خدا جو نالو وٺي هڪدم روانو ٿيو.

دشمنن سان هتي سخت مقابلو ٿيو پر اڃان تائين سنڌ جي قسمت ۾ نه هو ته اسلامي حڪومت ۾ شامل ٿئي. عين جنگ هلندي بديل جي گهوڙي ڀڙڪو کاڌو ۽ اهڙي سختي سان جو سنڀلجي به نه سگهيو. بديل کي گهوڙي تان هيٺ لهڻ سان سنڌي سپاهين هر طرف گهيري ورتو. بديل جيستائين پاڻ سنڀالي ايتري ۾ دشمنن جي هٿان گرفتار ٿيو. سنڌي فوج هن کي گرفتار ڪندي ئي بنا سوچڻ جي ماري ڇڏيو. چون ٿا ته بديل کي ٻڌن گرفتار ۽ قتل ڪيو.

جيتوڻيڪ عربن کي سنڌ وارن به لڳاتار شڪستون ڏنيون پر ان کي ڇا ڪن جو عربن جي دهشت سنڌ جي اڪثر ماڻهن جي دلين تي ويٺل هئي. جهڙوڪ هو ويهي پنهنجي قوم جي شڪست جو انتظار ئي ڪري رهيا هئا. يا انهي مضمون کي ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته نصيب ڦٽل هو جو سڀئي فوجي آفيسر ۽ سڀئي هند وارا ان کان غافل هئا ته سندن قسمت ڪهڙو ڦيرو کائڻ واري آهي. راجا ڏاهر پنهنجي دولت ۽ دٻدٻي جي نشي ۾ ڌت هو ۽ اڳواٽ سوچيندڙ جيڪي عربي طاقت جو اندازو ڪري چڪا هئا. ايندڙ قيامت جي هلن کان دٻجي ويا ٿي.

جڏهن ته نيرون وارا حجاج جي تيز طبيعت جو ٻڌي ايتري قدر ڊنا جو پاڻ ۾ صلاحون ڪري ان راءِ تي متفق ٿيا ته اسان کي اڄ کان حجاج اڳيان اطاعت جو ڪنڌ جهڪائڻ گهرجي. خاص ڪري جو اسان جو شهر اهڙي هنڌ آهي جو جيڪڏهن اسلامي لشڪر سنڌ ۾ داخل ٿيو ته هتان ئي ٿي گذرندو ۽ نيرون بلڪل برباد ٿي ويندو. ان راءِ تي عمل ڪيو ويو ۽ نيرون جو والي جيڪو سماني هو (يعني ٻڌ مذهب جو پابند هو) لڪ ڇپ ۾ سفر موڪلي ۽ جزيو ادا ڪرڻ جو واعدو ڪري حجاج کان هڪ تحرير حاصل ڪئي، جنهن سان هن جو شهر تباهي ۽ بربادي ۽ سڀني فوجي بي اعتدالين کان آجو ڪيو ويو.

بديل جي مارجي وڃڻ جو حال جڏهن حجاج جي ڪنن ۾ پيو ته هن دل ۾ پڪو پهه ڪيو ته ڇا به ٿي پوي پر سنڌ تي ضرور قبضو ڪيو وڃي. اتفاق سان انهيءَ زماني ۾ هڪ ٻيو واقعو پيش آيو جنهن حجاج جي خيالن کي وڌيڪ طاقت سان سنڌ ڌرتي سان وابسته ڪيو. عبدالرحمان بن محمد بن اشعث بغاوت جي ڏوهه ۾ قتل ڪيو ويو ۽ سندس سڀئي ساٿي ۽ سپاهي حجاج وٽ گرفتار ٿيا. انهن ۾ هڪ زبردست ۽ بااثر شخص عبدالرحمان بن عباس بن ربيعه بن حارث بن عبدالمطلب جيڪو هاشمي خاندان مان هو. حجاج جي قهر مان نڪري ڀڳو ۽ سنڌ ۾ اچي پناهه ورتائين. جنهن کان بدلو وٺڻ حجاج جهڙي سخت گير منتظم پنهنجو ضروري ۽ واجبي فرض سمجهيو. مطلب ته حجاج هندستان تي فوجي چڙهائي جي مڪمل تيار ڪئي ۽ دل ۾ فيصلو ڪيائين ته سنڌ ۽ هند تي پورو قبضو ڪيو وڃي.

انهن ٻن ناڪامين مان اندازو ٿي چڪو هو ته سنڌ تي چڙهائي ڪا گهٽ مهم نه آهي، تنهن ڪري هاڻي حجاج پنهنجي ننڍي عمر جي نوجوان سؤٽ محمد بن قاسم محمد بن حڪم بن ابي عقيل ثقفي کي جيڪو ٻي رشتي ۾ سندس نياڻو هو انهي زبردست مهم جي لاءِ چونڊيو. اها چونڊ مٿاڇري نظر سان ڏاڍي ناقابل اطمينان سمجهي سگهجي ٿي، ان ڪري جو محمد بن قاسم اڃان تربيت جي دور ۾ هو ۽ بالڪل ٻار هو. عربي ڄاول ٻار به جيتوڻيڪ شينهن جا پٽ سڏي سگهجن ٿا پر سندن طبيعت ۾ هڪدم انهن وصفن جي اميد نه ٿي ڪري سگهجي. جنهن جي ضرورت هر فوجي آفيسر جي لاءِ آهي. پر حجاج جي ڊگهي نظر ۽ جوهر شناسي جو نتيجو انهن ڪاررواين سان ٿي سگهي ٿو جيڪي محمد بن قاسم جي هٿان ظاهر ٿيون. بي شڪ حجاج پنهنجي انهي همٿ واري جوان، سؤٽ جي اولوالعزمي ۽ بهادري کان چڱي طرح واقف هو ۽ واقعي محمد بن قاسم هو به عجيب بهادر ۽ ميدان جو دلير. محمد بن قاسم هو ته ٻار پر دنيا جي پردي تي هڪ نامور هيرو ثابت ٿيو. جنهن جا ڪارناما لکين دفعا ميساريا وڃن پر سدائين زماني جي تختيءَ تي جٽيل رهندا. پر افسوس آهي جو کيس عمر گهڻي مهلت نه ڏني ۽ ننڍپڻ ۾ ئي جواني جا ولولا ۽ بهادري جا جوهر ڏيکاري روانو ٿي ويو، ڪنهن جيڪڏهن جواني ۾ ڪيو ته هن ننڍپڻ ۾ ڪري ڏيکاريو.

اها ڪا گهٽ حيرت جي ڳالهه ناهي جو جنهن وقت هو سنڌ جي ميدانن ۾ پنهنجو گهوڙو ڊوڙائي رهيو هو ان وقت سندس عمر فقط پندرهن سال هئي. هندستان ۾ اچڻ کان اڳ محمد بن قاسم فارس جي ڌرتي تي هو ۽ اتي جو گورنر هو. حجاج ڪنهن ضرورت سان کيس ري ڏانهن روانگي جو حڪم ڏنو هو ته اوچتو سنڌ جي مهم پيش آئي. هو ري جي سفر لاءِ سامان ٻڌي رهيو هو ته حجاج جو حڪم پهتو ته سنڌ تي حملي لاءِ تيار ٿي وڃ، جنهن جي ڏسندي ئي هڪدم کيس پنهنجو رخ اولهه کان اوڀر طرف ڪرڻو پيو. هتي پونئين دور جا ڪجهه يورپي مورخ بيان ڪن ٿا ته بديل جي شهادت کان پوءِ هڪ عرب سردار عمر بن عبدالله درخواست ڪئي ته سنڌ ولايت جو واڳون منهنجي هٿن ۾ ڏنيون وڃن، پر حجاج انڪار ڪيو. ۽ چيو مون کي نجومين کان معلوم ٿيو آهي ته هن سرزمين جي فتح فقط محمد بن قاسم جي ئي نصيب ۾ آهي. جيڪڏهن ٿورو به عقل کان ڪم ورتو وڃي ته صاف معلوم ٿي سگهي ٿو ته هي واقعو بالڪل غلط آهي. اسلام جو اهو شروعاتي دور هو جنهن پوري دنيا ۾ نهايت وڏي آواز سان پڪاريو هو ته ”ڪذاب المنجون ورب الکعبته“ جيڪو آواز اڄ تائين دنيا ۾ گونجي رهيو آهي. ان وقت تائين جي سڀني خليفن ۽ اشراف جي چال چلت ۾ کڻي هر طرح جو بداخلاقيون ثابت ٿي وڃن پر اهو ممڪن ناهي ته اهڙو ڪمزور عقيدو طاهر ٿئي. حجاج کي کڻي ڪيترو به برو چئجي پر اهو نٿو چئي سگهجي ته هو نجومين جو مڃيندڙ هو. حجاج محمد بن قاسم کي سنڌ جي مهم تي مقرر ڪري لکيو ته تون اڃان شيراز مان خيما نه اکيڙجانءِ آئون هتان جنگ جو سامان ۽ فوج رواني ڪريان ٿو. اها تو وٽ پهچي وڃي ته پوءِ پورب طرف روانگي ڪجان. محمد بن قاسم کي ان حڪم مطابق ڇهه مهينا شيراز ۾ رهڻو پيو. انهيءَ عرصي ۾ حجاج ڇهه هزار شاهي جوانن جي فوج تيار ڪئي. ابوالاسود جهم بن ظهر جعفي کي ان تي سردار مقرر ڪيو. ۽ وڏي ٺٺ ٺانگر ۽ دٻدٻي سان هي لشڪر بصري جي ديوارن مان نڪري شيراز ڏانهن روانو ٿيو، ان فوج سان گڏ هن مختلف قسم جو جنگي سامان ئي نه روانو ڪيو پر اهي سڀئي شيون وڏي اهتمام سان هٿ ڪري موڪليون جن جي هڪ وڏي ڏورانهين سفر ۾ ضرورت پوي ٿي. انهي خاص معاملي ۾ هن ايستائين دانائي کان ڪم ورتو جو سوئي ڌاڳو به محمد بن قاسم کي موڪلي ڏنائين.

جڏهن اهو سامان شيردل ۽ نوجوان سردار وٽ پهچي ويو ته هن فارس مان خيما اکيڙي مڪران جي واٽ ورتي. روانگي وقت هن ڪيتروئي جنگي سامان خاص ڪري اهي زبردست منجنيقون جيڪي خشڪي جي رستي کان ڪنهن طرح روانيون نه ٿي ٿي سگهيون هڪ وڏي بحري جهاز تي چاڙهي سنڌ جي ساحل طرف روانيون ڪيون، تان جو ديٻل ۾ اسلامي لشڪر کي ملي وڃن. اهو جهاز روانو ڪري ٿورا ڏينهن مڪران ۾ رهيو. پوءِ سنڌ جي واٽ ورتائين، انهي ڳالهه جو اندازو ڪرڻ جي لاءِ محمد بن قاسم سان گڏ ڪيتري فوج هئي اسان کي ڏسڻ گهرجي ته هو جهنڊي هيٺ جڏهن سنڌ جي حدن ۾ داخل ٿيو آهي ته ساڻ اهي ڇهه هزار شامي جوان هئا جنهن کي حجاج هن وٽ موڪليو هو. ان کان سواءِ اها فوج پڻ هئي جيڪا سندن پهرين ٽولي ۾ هئي ۽ الوالاسود جهم جي ماتحتي ۾ آئي. جيڪا حجاج جي حڪم سان محمد بن قاسم جي لشڪر سان اچي ملي هئي. مڪران مان اتي جو والي محمد بن هروان به ٿوري گهڻي فوج ۽ جنگ جو سامان وٺي اچي گڏ ٿيو. محمد بن قاسم سان گڏ ان کان سواءِ ڇهه هزار جنگي اٺ، ٽي هزار بار کڻندڙ اٺ ۽ پنج منجنيقون هيون، جن مان هرهڪ کي هلائڻ جي لاءِ پنج سؤ ماڻهن جي ضرورت هئي، بس اها فوج هئي جنهن سنڌ جي شروعاتي مهم سر ڪئي.

ان کان پوءِ جڏهن محمد بن قاسم سنڌ ۾ پنهنجي رعب جو ڌاڪو ويهاريو ته سندس جهنڊي هيٺ مقامي هندو فوج به نظر گڏي ٿي. پر انهن فوجن کي رڳو جلوسي سمجهڻ گهرجي، ان لاءِ ته اهي ديبل جي لڙائي  جيڪا سنڌ جي سرزمين تي سڀ کان پهرين ۽ سڀ کان وڌيڪ زبردست مهم هئي. عرب سپاهين پنهنجي تلوارن جو ڪمال ڏيکاري کين پنهنجو حڪم مڃيندڙ بنايو هو. محمد بن قاسم ذڪر ڪيل فوج مان ڪجهه مسلمانن کي سنڌ جي فتح ڪيل شهرن ۾ آباد ڪندو ويو. جڏهن ته رڳو هڪ ديبل شهر ۾ هن چار هزار مسلمان آباد ڪيا. مگر فتحن جو سلسلو جيئن وڌندو رهيو. گڏوگڏ هندو سپاهي به سندس فوج ۾ شامل ٿيندا رهيا، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو جڏهن هو ملتان کان اڳتي وڌيو ته ان وقت هن سان گڏ پنجاهه هزار کان گهٽ ماڻهو نه هئا، حجاج جنگي ضرورتن جي لحاظ کان ٽيهه هزار دينار به محمد بن قاسم حوالي ڪيا هئا ته ضرورت وقت ڪم اچن. دراصل حجاج کي ان لڙائي ڏانهن ڪجهه ته پنهنجي ضد ۽ گذريل ناڪامين جي ڪاوڙ کان ۽ ڪجهه عزيز محمد بن قاسم جي ڪري خاص توجهه هئي. ان کي ننڍين ننڍين ضرورتن جو خيال رهندو هو. جڏهن ته ان خيال سان ته محمد بن قاسم کي سرڪي جي ضرورت هوندي، ان ڪيترا پاها سرڪي ۾ ٻوڙي سڪائي محمد بن قاسم ڏانهن روانا ڪيا ته سرڪو کائڻ لاءِ دل چاهي ته هنن کي پاڻي ۾ پسائي نپوڙي وٺجو. ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته محمد بن قاسم ان تي عمل پڻ ڪيو. محمد بن قاسم مڪران مان روانو ٿيندي قنزپور شهر تي حملو ڪيو ۽ ڪيترن مهينن جي مقابلي کان پوءِ هي شهر فتح ٿيو. تڏهن ننڍي عمر جي فوج جي سردار وڌي شهر ارمابيل کي فتح ڪيو. فتح کان پوءِ ڪيترائي مهينا ارمابيل ۾ خيما کوڙي ويٺو ته جانباز سپاهي ساهي پٽين ته عربي جوان تازا ٿي ان ميدان ۾ لهن جنهن کي سنڌو درياءَ سيراب ڪري ٿو. محمد بن قاسم هتي هو جو حجاج جي فرمان مطابق محمد بن هروان بن ذراع مڪران جو والي هن سان اچي مليو جنهن کي محمد بن قاسم پاڻ سان گڏ ورتو ۽ اڳتي وڌڻ جو ارادو ڪيو ته محمد بن هروان ارمابيل جي ڀرپاسي ئي پساهه پورا ڪيا. ۽ هزارين حسرتن سان گڏ هن کي محمد بن قاسم قنبل جي مٽيءَ حوالي ڪيو، هن جي تدفين مان فارغ ٿي محمد بن قاسم پنهنجي فوج طليعه جي سردار جهم بن ظهر جعفي کي اڳتي وڌڻ جو حڪم ڏنو، نوجوان هيرو ارمابيل مان خيما پٽيا ته برابر هلندو رهيو، ايستائين جو ديبل جي ديوارن هيٺ پهچي ساهه پٽيائين، دبيل انهي دؤر جو مشهور ۽ معروف شهر ۽ اولهه هند جو عام ٺڪاڻو هو ۽ ان جي عظيم الشان مندر جي وڏي عزت مڃي ويندي هئي، پر پري کان ماڻهو اچي هن جي اڳيان ڪنڌ جهڪائيندا هئا هن بت خاني يعني مندر جي چوٽي زمين کان 40 گز مٿي جنهن جي چوٽيءَ تي هڪ سرخ جهنڊو ڦڙڪي رهيو هيو ۽ هي جهنڊو اهري حڪمت سان ٺاهيل هو جو جڏهن هوا لڳندي هئي ته چارئي طرف ڦرندو هو، ان مندر ۾ 700 سئو پڄاري يعني بت خاني جا خدمت گار هئا جيڪي هر وقت ديوتائن جي خدمت ۾ حاضر رهندا هئا ۽ عبادت جي رسمن ۾ هندن جي رهبري ڪندا هئا.

عربي مؤرخ ان بت خاني جي تصوير پنهنجي لفظن ۾ هن نموني ڏيکارين ٿا ته هي بت خانو هڪ ڊگهي گنبذ وانگر آهي جنهن هيٺان گهر ٺهيل آهي، هن گهر ۾ هڪ يا ڪيترائي بت رکيل آهن ۽ جيڪو بت انهن سڀني ۾ وڏو آهي ان جي نالي سان هي عمارت مشهور آهي. معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ انهن ڏينهن ۾ گهڻا ماڻهو ٻڌ مذهب جا هئا ۽ هي بت خانو به انهن جو هو، جنهن ۾ ٻڌ جي مورتي رکيل هوندي هئي خاص طرح عرب تاريخدانن جي ان قول مان ان خيال جي پوري تصديق ٿي وڃي ٿي، ته هي ماڻهو جنهن مورت جي پوڄا ڪن ٿا ان کي ”ٻڌ“ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. مطلب ته سنڌ جي هن عظيم الشان شهر ديبل جي شهر پناهه جي پاسي ۾ لهي محمد بن قاسم گهيري جي تياري شروع ڪئي. محمد بن قاسم جنهن ڏينهن ديبل جي سامهون خيما کوڙيا، اهو جمعي جو ڏينهن هو ۽ خوشنصيبيءَ سان انهيءَ ڏينهن اهو جهاز به بندرگاهه ديبل ۾ داخل ٿيو جيڪو اسلامي مجاهدن جي لاءِ گهڻي ڪجهه مدد ۽ طاقت جو سامان کڻي آيو هو ۽ جنهن ۾ اهي عاليشان منجنيقون به هيون جيڪي وڏن وڏن قلعن جون ديوارون ڊاهڻ جي لاءِ هيون. محمد بن قاسم ديبل ۾ لهي سنت نبوي ﷺ مطابق پنهنجي سامهون خندق کوٽائي جيڪا شهر جي چوڌاري تائين کوٽجندي هلي وئي هئي. ان جي ڪناري ڪناري مجاهدن پنهنجا خيما کوڙيا، چئني طرفن بيرڪون لڳائي، سڀني عربي جوانن پنهنجي پنهنجي جهنڊي هيٺ وڃي قرار ورتو.

منجنيقون هر طرف لڳايون ويون، خاص طور اها زبردست ۽ عظيم الشان منجيق لڳي جنهن جو نالو عروس هو ۽ جنهن کي 500 ماڻهو هلائيندا هئا، لڙائي شروع ٿي وئي ۽ منجيقون شهر جي ديوارن ۾ ڏار وجهڻ لڳيون. لڙائي ٿيندي رهي، هار ۽ جيت جو فيصلو اڃان پري نظر آيو ٿي ۽ مسلمانن جو جوش جهاد وڌندو رهيو. ڪيترائي مهينا گذري ويا ۽ منجنيقون لڳاتار پٿراءُ ڪنديون رهيون. تڏهن به فتح جي ڪا به اميد پيدا نه ٿي، جيتوڻيڪ ان زماني ۾ تمام وڏيون وڏيون مهمون اسلامي خلافت کي پيش هيون جيڪي هندستان جي مهم کان ڪنهن به طرح گهٽ نه هيون، هڪ طرف صفا اولهه ۾ يعني اسپين ۾ طارق فتح ۽ ڪاميابيءَ جا جهڊا اڏائيندو ويو، ٻئي طرف ترڪستان ۽ اولهه چين جي حدن ۾ قتيبه جن هڪ هلچل پيدا ڪري ڇڏي ۽ سندس هيبت سان خاقان چين ڏن ادا ڪرڻ تي آماده ٿي ويو ۽ ٽين طرف محمد بن قاسم هو جيڪو سنڌ جي عظيم الشان راڄ کي فتح ڪري رهيو هو. پر حجاج کي ان آخري معاملي يعني محمد بن قاسم جي مهم ۾ اهڙي خاص دلچسپي هئي جو هر وقت انهيءَ سوچ ۾ رهندو هو ۽ هتي جي حالتن جو فڪرمند رهندو هو. ديبل جي گهيري دؤران حجاج ۽ محمد بن قاسم وچ ۾ لکپڙهه جاري هئي جيتوڻيڪ ديبل  ۽ بصري ۾ هزارين ڪوهن جو فاصلو هو پر پوءِ به ستين ڏينهن خط بصري کان ديبل ۽ ديبل کان بصري پهچي ويندو هو. حجاج کي ان لڙائيءَ سان ايترو تعلق هو، جو محمد بن قاسم جي خطن جي بنياد تي جنگ جي ميدان جو نقشو هن جي ذهن ۾ هو، ان تي غور ڪندو رهندو هو ۽ اتان ئي ويٺي ويٺي جنگي معاملن متعلق رايو ڏيندو هو، لڙائي جڏهن ڊيگهه اختيار ڪئي ته حجاج انهيءَ خيالي نقشي کي سامهون رکي سوچڻ لڳو ته شهر وارن کي مجبور ڪيئن بڻائجي؟ نيٺ وڏي سوچ کان پوءِ هن پنهنجي ننڍي عمر جي سؤٽ کي لکيو ته عروس منجنيق کي اوڀر طرف وٺي وڃي لڳايو. هڪ پايو گهٽ ڪري موجوده حالت ۾ ان جو رخ هيٺ ڪريو ۽ نشاني باز کي حڪم ڏيو ته بت خاني جو مستطيل گنبذ جنهن جو اوحوال اوهان اسان کي لکي چڪا آهيو ان تي نشان ٺاهي پٿراءُ ڪريو، ان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته حجاج دين ۽ دنيا ۾ کڻي ڪيترو به گهٽ سمجهيو وڃي پر حقيقت ۾ هو ڪيڏو وڏو مدبر ۽ منتظم ملڪ جو والي هو ۽ هڪ رتبي ۽ لياقت جو جرنيل هو.

حجاج اها تدبير رڳو ان خيال سان ٻڌائي هئي ته جيڪڏهن بت خانو ڊهي پيو ته شهر وارا مذهبي بي حرمتيءَ سبب جوش ۾ اچي ٻاهر نڪري پوندا ۽ عربي سپاهين جي لاءِ ڪوشش جو دروازو کلي ويندو، پر انهيءَ تدبير مسلمانن کي هڪ ٻيو فائدو پهچايو، اهو هيءُ ته ديبل وارن جو عقيدو هو ته جيستائين هي مندر نه ڊاهيو ويندو ايستائين شهر فتح نه ٿيندو جنهن جو نتيجو هيءُ نڪتو جو مندر جي ڊهڻ کان پوءِ شهر وارا حجاج جي اميد مطابق رڳو نڪري ئي نه پيا پر ان جي اميد کان وڌ هي ٿيو جو هو مايوسيءَ سان وڙهيا ۽ جيستائين جنگ جو ميدان گرم رهيو انهن جو هر سپاهي شڪست جي انتظار ۾ هو، مطلب ته بتخاني تي پٿر وسايا ويا جنهن جي صدمي سان ان جي چوٽي ٽٽي ڪري پئي ۽ سڄي عمارت ڊهڻ جهڙي ٿي وئي شهر وارن جڏهن اها حالت ڏٺي ته ڏاڍو بدحواس ٿيا ۽ وڏي جوش ۾ نڪري حملو ڪيائون. محمد بن قاسم ته ان ڳالهه جي انتظار ۾ هو هن به يڪدم عرب جي جوانن کي حملي جو حڪم ڏنو عرب تجربيڪار سپاهين نهايت ئي ڦڙتيءَ سان وڙهيا ۽ دشمن کي ماري ماري ايستائين شست ڏنائون جو سنڌي ڀڄي وڃي ور شهر ۾ پناهه ورتائون. محمد بن قاسم ننڍي عمر باوجود اهڙو هوشيار ۽ دلير فوجي اڳواڻ هو جو هن ان وقت جو رنگ ڏسي شهر تي هلان ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو. شهر جي ڀتين ٻاهر سنڌين کي شڪست ڏني. مسلمانن ۾ ان وقت اهڙو جوش ۽ جذبو هو جو ڪڏهن اتفاق سان ئي پيدا ٿيندو آهي. محمد بن قاسم انهيءَ جوش کي انهن جي اکين مان سمجهي ويو هو ۽ ان ڪري هن يڪدم هلان  جو حڪم ڏنو. مسلمانن اهو حڪم ملندي ئي شهر جي ديوارون طرفن ڏاڪڻيون وٺي کڻي ڀڳا ۽ هر طرف کان مٿي چڙهڻ لڳا. هندن پنهنجي وس پڄندي کين روڪيو پر عرب سپاهين ۾ ان وقت اهڙو جوش هو جو ڪا مزاحمت انهن کي روڪي نه سگهي.

سڀ کان اڳ جنهن شخص شهر جي ديوار تي چڙهي اسلامي جهنڊي کي ڦڙڪايو اهو مراد قبيلي جو هڪ شخص ڪوفي جو رهاڪو هو انهيءَ جهنڊي جي جهولڻ سان گڏ هر مسلمان سپاهي جي دل حرڪت ۾ اچي ويئي ۽ سڀني چڙهائي ڪئي. هر پاسي کان ماڻهو ديوارن تي چڙهي شهر ۾ لهي پيا وڙهي ڦاٽڪ به کولي ورتائون ۽ سڄو عربي لشڪر شهر ۾ داخل ٿيو. شهر وارا جيڪي هاڻي ڦاٽڪ ٻاهران شڪست کائي آيا هئا اڃان هٿيار به نه کوليائون ته معلوم ٿين ته هاڻي انهن جا گهر به کين پناهه نٿا ڏئي سگهن. سڀ جا سڀ گهر ڇڏي ڀڄڻ لڳا. سپاهين هٿيار ڦٽا ڪري اڇلائي لڪائڻ شروع ڪئي ۽ باقي سڀني عورتن ۽ مردن فاتح جي تلوار اڳيان ڪنڌ جهڪايو. مطلب ته ڪيترن ئي مهينن کان پوءِ رجب 93هه جي شروعات ۾ عربن شهر کي دليري جا جوهري ڏيکاري فتح ڪيو. محمد بن قاسم جي حڪم سان ٽن ڏينهن تائين وچ شهر ۾ جنگ جاري رهي. راجا ڏاهر طرفان جيڪو سردار شهر جي حڪومت تي مقرر هيو ان کي فرار کانسواءِ ٻي ڪا به تدبير نه سڌي، هن ۾ ته ايتري به همٿ باقي نه رهي جو بدنصيب راجا کي وڃي منهن ڏيکاري. غيرت جي جوش ۾ منهن لڪائي ڪنهن ٻئي طرف نڪري ويو. بتخاني جا خدمتگار جيتوڻيڪ مسلماننجي عقيدي ۾ مشرڪ هئا ۽ اهل ڪتاب ۾ شمار نه ٿي ٿي سگهيا. انهيءَ سبب گهڻو ڪري قتل ٿيا جڏهن ته اهو ڪم محمد بن قاسم جي پاليسي جي خلاف هو پر ڪجهه سنڌ جا شهر فتح ڪرڻ کان پوءِ هن عقل سان سبب پيش ڪري دار الخلافت مان اهو حڪم حاصل ڪيو ته هتي جي ڪافرن سان به اهو ئي ورتاءُ ڪيو وڃي جيڪو اهل ڪتاب سان ڪيو ويندو آهي. مطلب ته ٽن ڏينهن کان پوءِ جڏهن امن امان قائم ٿيو تڏهن محمد بن قاسم هتي اسلام جو ٻوٽو لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي. مسلمانن کي آباد ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو. هڪ جامع مسجد تعمير ڪرائي ۽ چار هزار مسلمان آباد ڪيا. ديبل جي مهم پوري ڪري محمد بن قاسم اڳتي وڌڻ جو ارادو ڪيو. منجنيقون اکيڙائي جهازن تي چڙهايون ۽ حڪم ڏنو ته سنڌو درياءَ جي منڍ کان ٿيندي نميرو شهر طرف روانا ڪيا وڃن. ائين ٻيڙيون جڏهن سندس حڪم سان سنڌ رستي دريآءَ جو وهڪرو ڪٽينديون سنڌ جي بلندي طرف روانيون ٿيون ته هو پاڻ به سيسم جي رستي ٿيندو نيرون شهر طرف روانو ٿيو. نيرون ديبل کان 25 ڪوهه جي پنڌ تي، ڇهن ڏينهن تائين هو سفر ڪندو رهيو ۽ ستين ڏينهن نيرون جي ويجهو هڪ ترائي ۾ جيڪا ملهار جي نالي سان مشهور آهي لهي خيما کوڙيائين.

جيتوڻيڪ هي هنڌ سنڌو درياءَ کان پنڌ تي آهي پر برساتن جي ڏينهن ۾ سنڌوءَ جو پاڻي هن زمين تائين ڦهلجي ايندو هو. محمد بن قاسم جن ڏينهن ۾ هتي رهيو هو تڏهن گرمين جي موسم هئي پر مينهن نه هيو. ۽ درياءَ ايتري پنڌ تي هو جو پاڻي آڻڻ ڏاڍو ڏکيو هو. چيو وڃي ٿو ته ان ڏکيائي ايستائين تنگ ڪيو جو محمد بن قاسم سڄي فوج سان گڏ مينهن نماز پڙهي. جنهن جي برڪت سان مينهن وٺو ۽ سڄي لشڪر جي پيئڻ لاءِ ڀرپاسي جون سڀئي ڍنڍون ۽ تلاءَ ٽمٽار ٿي ڇلڪڻ لڳا. جيئن ته نيرون وارا پهريائين مسلمانن جي اطاعت ڪري چڪا هئا اسان چئي آيا آهيون ته انهي وقت جڏهن ته مسلمان سوار سنڌ ڌرتيءَ جي حدن ۾ داخل ٿي رهيا هئا ته انهن پنهنجا ايلچي موڪلي خود حجاج کان حفاظت جو پروانو حاصل ڪيو هو. محمد بن قاسم جڏهن انهن جي شهر ٻاهران خيما کوڙيا ته هن پنهنجي طرفان نيرون وارن وٽ قاصد موڪليو. نيرون وارا جيتوڻيڪ اطاعت قبول ڪري چڪا هئا. تڏهن به کين ضرورت ٿي ته محمد بن قاسم جي استقبال ۾ سرگرمي ڏيکارين جڏهن ته انهن جو سماني يعني (ٻڌ مذهب جو پابند) فرمانروا جيڪو ڏاهر طرفان مقرر هو. فوراً محمد بن قاسم جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ گهڻو ڪجهه سوکڙيون پاکڙيون ننڍي عمر جي سپه سالار جي خدمت ۾ پيش ڪري اطاعت ۽ وفاداري جو اظهار ڪرڻ لڳو. نيرون وارن نه رڳو انهن سوکڙين پاکڙين سان ئي اطاعت جو ثبوت ڏنو پر اسلامي لشڪر جي لاءِ انهن رسد جو ڪافي انتظام ڪيو جنهن ڪري مسلمانن کي اڳتي وڌڻ جي جرئت ٿي. محمد بن قاسم نيرون ۾ ٻڌ جي مندر جي هنڌ مسجد تعمير ڪرائي ان ۾ هڪ امام مقرر ڪيو ۽ حڪم ڏنو ته اسلامي شريعت مطابق پنج ئي وقت نماز ادا ڪئي وڃي. پنهنجي فتحن جي تيز ۽ بناروڪ رفتار ۽ هيستائين پهچي محمد بن قاسم حجاج کي گذريل فتحن سان گڏ نيرون وارن جو احوال لکيو ۽ اڳتي وڌڻ جي اجازت طلب ڪئي.

حجاج پنهنجي جوان همٿ ۽ ننڍي عمر جي نياڻي جي حوصلن کي روڪڻ نامناسب سمجهيو پر جواب ۾ هڪ اهڙو فرمان لکيو جنهن محمد بن قاسم جي ٻالڪپڻ تي بلڪل چهٻڪ جو ڪم ڏنو. انهيءَ فرمان جو ذڪر مختصر طور گذري چڪو آهي ته جن ڏينهن ۾ محمد بن قاسم سنڌ تي حملو ڪيو هو ۽ هندستان جي شهرن ڏانهن وڌي رهيو هو انهيءَ زماني ۾ قتبه بن مسلم خراسان جو والي ترڪسان ۽ منگوليا جي ميدانن ۾ تلوار جا جوهر ڏيکاري رهيو هو. محمد بن قاسم جي مٿي ذڪر ڪيل درخواست تي حجاج انهن ٻنهي سپه سالارن کي لکيو ته ”توهان ٻنهي جي رفتار چين تي وڃي ختم ٿيندي، ٻئي الله جو ٻاجهارو نالو وٺي اڳتي وڌندا رهو جيڪو پهرين ملڪ چين ۾ داخل ٿيندو ان کي پنهنجي سڀني فتح ڪيل شهرن ۽ پڻ پنهنجي رقيب تي حڪومت ۽ بالادستي ڏني ويندي.“ ان مقابلي ٻنهي سپه سالارن ۾ هڪ بجلي جهڙي بيچيني پيدا ڪري ڇڏي. هوڏانهن قتيبه پنهنجي گهوڙي کي اڙي هنئي ۽ هوڏانهن محمد قاسم هندستان جي زرخيز ۽ شاداب ميدانن طرف وڌيو.

محمد قاسم جي همت سان گڏ قسمت به ڪجهه اهڙو ساٿ ڏنو جو جنهن شهر طرف رخ ڪندو هو ان کي فتح ڪرڻ کانسواءِ نه ڇڏيندو هو. ويندي ويندي هو هڪ درياءَ جي ڪناري پهتو، جنهن سنڌو درياءَ کان اڳ هن جو رستو روڪيو ڪنهن کي هن جي روڪڻ جي جرئت نه ٿي ۽ هو درياءَ مان لهي آيو. هيڏانهن لٿو ته سڄي هندستان ۾ شور مچي ويو ۽ ڪمزور حاڪم حاضر ٿي اطاعت جا ڪنڌ جهڪائڻ لڳا. جيتوڻيڪ جيئن ئي هو لٿو سريبدس جو پنڊت فوراً سندس اڳيان حاضر ٿيو ۽ اطاعت جواظهار ڪري پنهنجي شهر وارن تي معمولي ڏن مقرر ڪرايو. اسلامي لشڪر جڏهن نيرون کان اڳتي وڌيو ته اتان جو آڻ مڃيندڙ والي جيڪو سهاني مذهب سان تعلق رکندو هو. محمد بن قاسم جي رهبري جي لاءِ سانس گڏ ٿيو. محمد بن قاسم جي رهبريءَ ۾ سيوستان جي واٽ ورتي. برابر هلندو رهيو ته رستي ۾ بهرح نالي هڪ هنڌ تان گذر ٿيو، جيڪو نيرون کان ٽيهن ڪوهن جي مفاصلي تي هو. هتي به هڪ ٻڌ مذهب جو امير جيڪو شهر جي رعيت ۾ ڏاڍو اثر وارو هو ۽ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو، پر شهر ۽ سيوستان قلعي جي حڪومت بجهرا نالي هڪ شهزادي جي هٿ ۾ هئي جيڪو راجا ڏاهر جو ڀائٽيو ۽ ان جي ڀاءُ چندر جو پٽ هو. بهرح ۾ گهڻي آبادي ٻڌن جي هئي جڏهن مسلمان فوج انهن جي شهر لڳ پڙاءُ وڌو تڏهن سڀ هڪ مجلس ۾ گڏ ٿيا ۽ غور ڪرڻ لڳا ته هن موقعي تي اسان کي ڪهڙي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي؟ نيٺ اتفاق سان سڀني هڪ درخواست لکي بجهرا ڏانهن رواني ڪئي جنهن ۾ لکيو ته ”اسان ناسڪ مذهب جا پوڄاري آهيون، اسان جو مذهب صلح ۽ امن وارو آهي وڙهڻ ۽ رتوڇان ڪرڻ اسان جي مذهب ۾ ناجائز آهي سڀئي اهي ڪم جنهن ۾ رت وهايو وڃي اسان اسانجي جي عقيدي ۾ ناجائز آهي، ان کانسواءِ اوهان هڪ مٿاهين ۽ زبردست هنڌ ۾ محفوظ آهيو ۽ اسان دشمن جي حملي برداشت ڪرڻ لاءِ کلي ميدان ۾ اوهان جي رعيت وانگر لٽي مري وڃڻ جي لاءِ آهيون. اسان کي معلوم ٿيو آهي ته محمد بن قاسم جي هٿ ۾ حجاج جو اهڙو فرمان آهي ته جيڪو به پناهه گهري ان کي فوراً پناهه ڏيو تنهن ڪري اسان کي يقين آهي ته جيڪڏهن اسان محمد بن قاسم جي اڳيان اطاعت جو ڪنڌ جهڪائي هن سان واعدو وچن ڪنداسين ته هو اسان جي انهيءَ ڪارروائي جو مناسب ڌيان ڏيئي خيال ڪندو ان لاءِ ته عرب جا ماڻهو ديانتدار آهن ۽ پنهنجي عهد نامن جي پوري پاسداري ڪندا آهن.“

انهيءَ درخواست ڏانهن بجري بلڪل ڌيان نه ڏنو ۽ انهن جي درخواست ٻڌڻ کان انڪار ڪيو. محمد بن قاسم اهو دريافت ڪرڻ لاءِ ته سڀئي شهر وارا متفق آهن يا انهن ۾ پاڻ ۾ اختلاف آهي جاسوس روانا ڪيا. جن اچي خبر ڏني ته سڀ ماڻهو اطاعت جو ارادو رکن ٿا، پر ڪجهه هٿياربند ماڻهو شهر کان ٻاهر قلعي ۾ آهن ۽ وڙهڻ مرڻ لاءِ تيار آهن. اهو ٻڌي محمد بن قاسم اڳتي وڌيو ۽ سيوستان جي انهيءَ ڦاٽڪ اڳيان خيما کوڙيا، جيڪو ريگستاني صحرا طرف واقع هو. هوشيار سپه سالار انهيءَ هنڌ فقط ان خيال سان پنهنجو ٺڪاڻو ڪيو جو هي نهايت ئي محفوظ جڳهه هئي ۽ هتي ڪنهن کي اسلامي لشڪر تي حملي ڪرڻ جو ڪڏهن به موقعو نٿي ملي سگهيو، ان لاءِ ته مينهن وسڻ سان لهرون شروع ٿي ويون هيون. پاڻي گهڻو چڙهي آيو هو ۽ انهيءَ مقرر ٿيل هيٺاهين هنڌ  جي اتر طرف سنڌو درياءَ جو وهڪرو ڏاڍي زور شور سان وهي رهيو هو. سيوستان جي سامهون خيما کوڙي محمد بن قاسم حڪم ڏنو ته منجنيقون جوڙي اڀيون ڪيون وڃن ۽ لڙائي شروع ٿي. جڏهن مسلمانن سنگباري شروع ڪئي ته ٻڌ ڏاڍو ڊنا جيڪي مسلمانن جي احوال کان واقف هئا ۽ جن جي دل ۾ شهر جي بچڻ جي ڪا به اميد نه هئي. انهن پنهنجي سردار کي لڙائي کان منع ڪئي ۽ چيو ”مسلمانن جي فوج اوهان جي مغلوب ڪرڻ سا مغلوب نه ٿيندي ۽ اسان ماڻهو ڪڏهن به انهن جي مقابلي جي جرئت نٿا ڪري سگهون. ان جو نتيجو ان کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه هوندو ته اسان جون زندگيون به خطري ۾ پئجي وڃن. مناسب ائين آهي ته ان لڙائي ۾ اسان ڪنهن جي ڌر ظاهر نه ٿيون.“

پر سردار پنهنجي ملڪي ماڻهن جي راءِ تي بلڪل عمل نه ڪيو ۽ لڙائي لڳي وئي، جڏهن ٻوڌين اهو رنگ ڏٺو ته کين ٻي ڪا ڳالهه نه سجهي ۽ محمد بن قاسم ڏانهن پيغام موڪليائون ته ”سڄي رعيت هاري – واپاري ۽ سوداگر ۽ ننڍين ذاتين جا ماڻهو حمايتي نه آهن، بجبري وٽ ڪا به فوج نه اهي، جنهنکي گڏ وٺي هو اوهان جي لڙائي جي لاءِ نڪري يا اوهان سان مهاڏو اٽڪائي.“ انهيءَ پيغام پهچندي مسلمانن ۾ تمام گهڻي جرئت ۽ دليري پيدا ٿي ۽ عرب سپاهي، ڏينهن بدران رات جو به جنگ جي ميدان ۾ ڦڙتيءَ سان وڙهڻ لڳا. ان لڙائيءَ کي هڪ هفتو گذريو هوندو ته انهن سپاهين به وڙهڻ کان هٿ جهلي وڌو جن جي آسري تي بجهرو مقابلي جي لاءِ تيار ٿيو هو. هاڻي بجهري کي يقين ٿيو ته عنقريب قلعي تي دشمنن جو قبضو ٿيڻ وارو آهي تنهن ڪري کيس پنهنجي جان بچائڻ جي فڪر ٿي ۽ رات جي انڌيري ۾ جڏهن هن دنيا تي اونداهيءَ جو پردو پيل هو، هو اترئين ڦاٽڪ کان نڪري درياءُ پار ٿيو ۽ فرار ٿيڻ جي واٽ ورتائين. قلعي کان نڪري هو برابر ڀڄندي هليو ويو ايستائين جو ٻڌيا جي حدن ۾ پهچي ساهه پٽيائين. ٻڌيا جو علائقو انهن ڏينهن ۾ هڪ سماني شخص جي هٿ ۾ هو جنهن جونالو ڪاڪا هو ۽ ڪوتل جو پٽ هو. ٻڌيا جي حڪومت جو مضبوط ٺڪاڻو سيسم شهر هو، جيڪو کمڀ درياءَ جي ڪناري واقع هو. هن کي بجهري جي اچڻ جي خبر پهتي ته آسپاس جي ماڻهن کي گڏ وٺي هن جي لاءِ نڪتو. سڀني کيس ڏاڍي عزت ۽ مان سان شهر ۾ آندو ۽ قلعي اندر لاٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org