سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب: 9

صفحو :12

 

باب نائون

محمد بن قاسم سنڌو درياءَ جي هن پار

هاڻي عرب فوجون درياءَ جي ڪناري کان هلي بيٽ شهر پهتيون ۽ هي فوجون ايتري قدر سينگاريل هيون جو سڀني گهوڙن جي پٺيءَ تي هنا رکيل هئا ۽ سپاهين جي دل ۾ بهادري جو جوش ڀريل هو. محمد بن قاسم هتي پهچي ڪري هر پاسي مناسب هنڌن تي فوجون مقرر ڪيون ۽ حڪم ڏنو ته اسلامي لشڪر گاهه جي آس پاس خندق کوٽي وڃي، ڇو جو انهن خندقن جي دائري اندر رسد وغيره سڀ جنگي سامان حفاظت سان رکيو وڃي ۽ مسلمان سولائيءَ سان ان جي نگهباني ڪري سگهن. انهيءَ هنڌ کي محمد بن قاسم پنهنجو ٺڪاڻو ٺاهيو. ضرورت پٽاندر هتي فوج ڇڏي اڳتي جو ارادو ڪيو. عرب سپهه سالار هتان کان ڪوچ ڪري راوڙ شهر طرف هليو. رستي ۾ هڪ هنڌ پهتو جنهن کي چتوڙ چوندا هئا. راور ۽ چتور وچ ۾ هڪ ڍنڍ هئي جنهن جي ڪناري راجا ڏاهر روڪ رنڊڪ جي لاءِ هڪ چونڊيل فوج مقرر ڪري رکي هئي. جڏهن ايستائين محمد بن قاسم جي وڌي اچڻ جي خبر راجا ڏاهر کي پهتي ته هن وري روڪڻ جي ڪوشش شروع ڪئي. محمد بن قاسم هتي پار ٿي پنهنجي ڪاميابي جي خوشخبري جو حجاج کي لکيو. ۽ مقابلي جي پوري تيار ڪندو رهيو. محمد بن قاسم تياري ڪري ئي رهيو هو جو ڏاهر جو پٽ جئه سنگهه پنهنجي پيءُ جي حڪم سان هڪ زبردست لشڪر وٺي مقابلي لاءِ اچي پهتو.

راوڙ ۽ چتور وچ ۾ جيڪا ڍنڍ هئي انهيءَ جي ڪناري ٻنهي فوجن ۾ مقابلو ٿيو، اها ڍنڍ ڪچهري نالي مشهور هئي، محمد بن قاسم انهيءَ لڙائي م پاڻ ڪونه ويو، پر هن پنهنجي فوج ۽ پنهنجي قوم جي هڪ جوان مرد عرب سردار عبدالله بن علي ثقفي کي ٿوري ٽولي سان روانو ڪيو. ڍنڍ ڪناري عبدالله پنهنجي عربي جوانن جي صف بندي ڪئي. ۽ جئه سنگهه جي فوج تي اهڙي بهادري ۽ دليري سان حملو ڪيو جو سنڌي فوج جا پير اکڙي ويا. سنڌين جي ان شڪست جو وڌيڪ سبب اهو ٿيو ته عين جنگي معرڪي ۾ جڏهن ته عرب سپاهي هر پاسي کان ويجها ٿيا پئي جو وطني فوج جي سردار شهزادي جئه سنگهه جي هٿ مان گهوڙي جي واڳ ڇڏائجي ويئي. گهوڙو لڙائي جي شدت ۾ ڪجهه اهڙو بتال ٿيو جو ٽهي ڀڳو. جئه سنگهه ان حالت ۾ هن جي پٺي تي ٽڪي نه سگهيو ۽ زور سان زمين تي ڦهڪو ڪيائين. فوج پنهنجي سردار جو ههڙو حال ڏٺو ته پڪ سمجهيائون ته جئه سنگهه جنگ ۾ مارجي ويو. انهيءَ خيال عام طور تي اهري مايوسي پيدا ڪئي جو هر طرف ماڻهن ڀڄڻ شروع ڪيو. عربن فوراً وڌي جئه سنگهه کي ماري وڌو. جيڪو زمين تي ڪري پيو. (1)عبدالله اها نمايان فتح حاصل ڪري واپس روانو ٿيو ۽ ڪامياب ۽ بامراد وڃي محمد بن قاسم کي فتح جي خوشخبري ٻڌائي.

انهيءَ شڪست ڏاهر جي سردارن ۾ طرح طرح جي مايوسي وارا خيال پيدا ڪيا. ۽ هن جا وڏا وڏا ڀروسي وارا درٻاري، مسلمانن جي اطاعت لاءِ آماده ٿيا. جڏهن ته راسل جنهن سنڌو درياءَ مان لهڻ وقت سڀ کان اڳ محمد بن قاسم سان مهاڏو اٽڪايو هو، راءِ ڏاهر کان ٽٽي محمد بن قاسم جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ گذريل غلطين تي پڇتائڻ جو اظهار ڪرڻ لڳو. محمد بن قاسم ساڻس سٺي سلوڪ سان پيش آيو ۽ پنهنجي درٻار ۾ سندس وڏي عزت ڪئي. سوکڙين پاکڙين سان نوازيائين. راسل عربي سردار طرفان جڏهن اهڙي قدرداني ڏٺي ته دل  ڏاڍو خوش ٿيو ۽ سچائي سان وفاداري ۽ ديانت داري جو واعدو ڪري چوڻ لڳو. ”تقدير سان ڪوبه مقابلو ڪري نٿو سگهي. وڏي رتبي واري امير هاڻي مون کي پنهنجي احسانن جو ٿورائتو ڪري ڇڏيو آهي. جو واعدو ٿو ڪريان ته آئندي اسلامي حڪومت جي خدمت نهايت سچائي سان ڪندس ۽ مون کان ڪوبه ڪم امير جي مرضي خلاف نه ٿيندو“ محمد بن قاسم هن جي انهيءَ واعدي وچن تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو، پر جڏهن ته بيٽ جي حڪومت هو اڳ ئي موڪي کي ڏئي چڪو هو تنهن ڪري اهو علائقو راسل جي قبضي مان ڇڏائي هن کي ڏيئي ڇڏيو. پر اهو ڪم جيتوڻيڪ نيڪ نيتي سان واعدي پاڙڻ خاطر ڪيو ويو هو. راسل کي ذرو به ڏکيو نه لڳو. پر هو موڪلي سان گڏجي محمد بن قاسم جي خدمت ڪرڻ لاءِ آماده ٿي ويو. انهن ڏينهن ۾ مقامي آفيسرن محمد بن قاسم کي اڳتي وڌڻ جي راءِ ڏني. هن انهن جي راءِ مطابق يڪدم ڪوچ ڪيو ۽ اڳتي وڌي نراني نالي هڪ ڳوٺ ۾ ترسيا، راجا ڏاهر ان وقت ڪاجي جاٽ  ۽ نراني ۽ ڪاجي جاٽ وچ ۾ هاڻي رڳو اها ڍنڍ هئي جنهن جي ڪناري ڏاهر جو پٽ جئه سنگهه مارجي ويو هو. هي تمام وڏي ڍنڍ هئي ۽ پار ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو معلوم ٿيو پئي.

راسل وڌي محمد بن قاسم جي خدمت ۾ عرض ڪيو ”خدا انصاف پرور ۽ ديندار سردار جي عمر ۾ برڪت ڪري، هن ڍنڍ مان پار ٿيڻ جي سخت ضرورت آهي. اگر حڪم هجي ته آئون ان جو بندوبست ڪريان.“ محمد بن قاسم به چڪر لڳائي پار ٿيڻ جون ڏکايون ڏٺيون. مگر کيس اجازت ڏئي ڇڏي. راسل اشارو ملندي ئي هڪ ٻيڙي ڪٿان هٿ ڪئي جنهن تي فقط ٽي ماڻهو سوار ٿي سگهن. ٽن سپاهين کي انهيءَ ٻيڙي ۾ سوار ڪري هن پار ڪيو ۽ کين تنبيهه ڪئي ته ماٺ بيٺا رهن، ڇو جو ڏاهر جي لشڪر ۾ انهن جي پار ٿيڻ جي خبر پئجي نه سگهي. انهن ماڻهن کي پار ڪري ٻيڙي واپس آندي ۽ ٽي همراهه ٻيا پار ڪيا. اهڙي طرح ٽي ٽي ڪري هن گهڻو لشڪر پار ڪرايو ۽ هڪ اهڙي هنڌ تي فوج کي رکيو جتي انهيءَ ڍنڍ هڪ ننڍي خليج جي شڪل ٺاهي ورتي.

راسل سڄو لشڪر آساني سان پار ڪري محمد بن قاسم کي چيو هاڻي مناسب آهي ته اوهان هڪ منزل وڌيڪ سفر ڪيو. اتي اوهان جيپور نالي ڳوٺ ۾ پهچندا جيڪو لشڪر ٺاهڻ لاءِ ڏاڍو بهتر آهي ۽ دوها واندي جي ڪناري واقع آهي. اهو هنڌ اوهان جي ۽ ڏاهر جي لشڪر گاهه جي بلڪل وچ ۾ آهي. جيڪڏهن اوهان اتي پهچي ان ڳوٺ تي قبضو ڪري ورتو ته توهان کي ڏاڍو بهتر موقعو ملندو جو ڏاهر جي فوج تي ان جي اڳيان ۽ پڻ پٺ کان حملو ڪري سگهو. ۽ ڏاڍي ڪاميابي سان انهن جي ٺڪاڻڻ تي قبضو ڪري وٺندا. محمد بن قاسم اها راءِ مڃي ۽ يڪدم دوهاوا درياءَ جي ڪناري جيپور ۾ وڃي خيما کوڙيا. جڏهن مسلمان سردار جيپور تي قبضو ڪري چڪو، تڏهن راءِ ڏاهر کي خبر پهتي ته محمد بن قاسم ايستائين وڌي آيو آهي ۽ اسلامي لشڪر بلڪل سر تي اچي پهتو آهي. اهو حال جڏهن هن جي وزير سيساڪر ٻڌو تڏهن بي اختيار چئي ڏنائين ”افسوس هاڻي ڪجهه به نٿو ٿي سگهي، هن ڳوٺ جو نالو جيپور آهي يعني فتح جو شهر جيڪا فوج اتي پهچي وئي اها بي شڪ ڪامياب ۽ فتح مند ٿيندي“ پنهنجي وزير واتان اهي الفاظ ٻڌي ڏاهر ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ غضب ناڪ ٿي چوڻ لڳو.

”جيپور ۾ محمد بن قاسم آيو جتي هن جون هڏيون ڪرنديون“ تڏهن ڏاهر جي دل تي به لڳاتار عربي فتحن جو اهڙو رعب ويهي ويو هو جو لشڪر گاهه کليل ميدان مان ڪڍي راوڙ جي قلعي ۾ وٺي ويو. سڄي لشڪر ۽ سڀ سامان کي راوڙ قلعي ۾ آندو ته چڱي طرح سان حفاظت ڪري سگهجي.

محمد بن قاسم اهو حال ڏسي اڳتي وڌيو ۽ 92هه ۾ رمضان المبارڪ جي پهرين تاريخ تي راوڙ شهر جو گهيرو ڪيو. لڙائي جو سامان گڏ ٿيڻ لڳو ۽ چئني پاسن کان منجنيقون لڳي ويون. راءِ ڏاهر گهٽ طاقت ۽ دل هاريل گهيري وارن وانگر نه ڪيو ته شهر جا ڦاٽڪ بند ڪري ويهي رهي. پر شهر کان نڪري مقابلو ڪيائين ۽ عربن کي تمام گهٽ آرام سان ويهڻ ڏنائين. اهو گهيرو لڳاتار ڏهن ڏينهن تائين قائم رهيو ۽ انهن ڏينهن ۾ ست جهڙپون ٿيون مگر ڪاميابي شروع کان ئي انجام جي خبر ڏيئي رهي هئي. ان لاءِ ته ذڪر ڪيل ستن ئي جهڙپن ۾ مسلمان فتحمند ٿيا. ڪجهه معتبر مؤرخ ڏاهر جي لڙائي جو احوال هن طرح بيان ڪن ٿا ته ڏاهر کي جڏهن خبر پئي ته محمد بن قاسم ويجهو اچي پهتو آهي ته هن پنهنجو لشڪر ترتيب ڏنو ۽ تياري ڪرڻ لڳو جو پاڻ ئي وڌي مقابلو ڪرڻ لڳو. هڪ وڏي ٺٺ ۽ دٻدٻي سان هن پنهنجي فوج کي هڪ اميراڻي جلوس جي رونق سان شهر جي ڦاٽڪن مان ڪڍيو. جبل جيڏن هاٿين جي زبردست ۽ هيبتناڪ قطار اڳيان اڳيان هئي. جيڪي هڪ طوفان آڻڻ واري چمڪ دمڪ وانگر جهومندا هليا ٿي. ۽ جن جي پٺي تي جانباز ڌرتي ڌڻين جي آبدار هٿيارن جي چمڪاٽ چمڪي رهي هئي. هاٿين جي پٺ ۾ ڏهه هزار هٿياربند ۽ زرهون پاتل سوارن جو جهڳٽو هو. سوارن کان پوءِ ٽيهه هزار پيادل تخت جا جانثار هئا. جيڪي ٻارن ٻچن کان موڪلائي وطن ۽ ڌرتيءَ لاءِ  پنهنجون جانيون قربان  ڪرڻ ۽ راجا جي جهنڊي هيٺ وڍجي مرڻ لاءِ نڪتا هئا. جن جي وچ ۾ راجا جو زبردست سڀ کان وڏو سفيد هاٿي هو. ان جي پٺ سينگاريل ۽ گلن سان جهنجهيل هئي ۽ انهيءَ وچ ۾ خود راءِ جلوه افروز هو ۽ هيڏانهن هوڏانهن ٻه حور جهڙيون ۽ ٻه پريءَ جهڙيون ٻانهيون هيون. انهن مان هڪ جي هٿ ۾ شراب جو پيالو هو ۽ ٻي خاصدان کڻي بيٺي هئي ۽ برابر پان ڏيئي رهي هئي. راجا جي هاٿيءَ کي وڏا وڏا زبردست ٺاڪر ۽ تجربي ڪار آفيسر گهيري بيٺا هئا. جن بي مثال بهادري سان مقابلو ڪيو ۽ پنهنجي ويجهو رت جي ندي وهائي ڇڏي. راءِ ڏاهر ان جلوس ۾ وڏي ٺاٺ سان مسلمانن جي مقابلي لاءِ نڪتو. افسوس جو ڏيکارڻ ۽ پنهنجي سپاهين جي دل وڌائڻ لاءِ هن ائين ڪيو ۽ اهڙي شان سان هليو جو جنهن ڌرتيءَ جي خير خواهه جي اک پهتي ٿي ان جي زبان مان بي اختيار فتح ۽ ڪاميابي جا دعا جا چار اکر نڪتا ٿي. پر ان کي ڇا ڪري جو قسمت ڦٽل هئي ۽ جن سڌن سادن ۽ بي تڪلف جوانن جي مقابلي لاءِ هليو هو، انهن جي دل تي ان ٺٺ ۽ دنيوي شان شوڪت جو ڪوبه اثر نه پيو. هو ڇا ڄاڻي ها ته حريف جا هٿ تمام جلد ان خوشيءَ جي جلوس کي اهو انڌوناڪ جلوس ڪري ڇڏيندا جيڪو شاهي جنازن سان ٿيندو آهي.

هلندي هلندي اهو جلوس ايترو پري تائين وڌي ويو جو اسلامي لشڪر گاهه اتان کان فقط اڌ ڪوهه تي هو. ان وقت راجا پنهنجو لشڪر روڪيو ۽ خيما کوڙيا. هاڻي لڙائي جو وقت ويجهو هو ۽ گويا ڌام ڌوم ته هئي پر اميد ۽ ڊپ جو پردو هن جي اڳيان هو، جنهن مان طرح طرح جا خيال هن کي نظر اچي رهيا هئا. ڪڏهن آسرو ٿيندو ۽ ڪڏهن مايوسي ڊيڄاريندي هئي. انهيءَ پريشاني ۽ ڇڪتاڻ جي حالت ۾ هن پنهنجي خاص نجومي پنڊت کي گهرايو ۽ چيو ”آئون لڙائي تي وڃان ٿو ٻڌاءِ زهره ستارو ڪهڙي برج ۾ آهي. ۽ خوب غور ڪري حساب لڳاءِ تي لڙائي جو انجام ڪهڙو ٿيندو؟ پنڊت ڳچ تائين حساب ڪيو ۽ نيٺ ادب سان وراڻيائين ”حساب سان ته عربن جي فتح نظر اچي ٿي، ان ڪري جو زهرهه هنن جي پٺ ۽ اوهان جي سامهون آهي“ انهيءَ منحوس پيشنگوئي راجا کي ڏاڍو پريشان ڪيو ۽ ڪاوڙ ۽ مايوسي جي حالت ۾ هو سوچي رهيو هو ته پنڊت اڳتي وڌي چيو ”مهاراج فڪر نه ڪر ان جي تدبير به آئون ڪري سگهان ٿو. حڪم ڪيو ته زهره جي هڪ مورتي سون جي ٺاهي ۽ ان کي مهاراج پنهنجي گهوڙي جي پٺ ۾ ٻڌي ميدان ۾ وڃي ان طرح زهره اوهان جي پٺ ۾ هوندو ۽ اوهان جي ئي فتح ٿيندي.“

پنڊت جي انهيءَ بيان سان راجا جون اميدون زندهه ٿيون، زهره جي صورت ان جي گهوڙي جي پٺ ۾ ٻڌي ويئي ۽ هو مقابلي لاءِ نڪتو، دراصل علم نجوم جي حساب انهن سڀني ماڻهن کي نقصان رسايو جيڪي ان جا مڃيندڙ هئا. هندستان جا راجا سدائين ان جا مڃيندڙ معلوم ٿين ٿا. انهن جا حساب کڻي صحيح هجن يا غلط پر جيڪڏهن حالتون موافق نه هجن ته ان سان جيڪو مايوسي وارو اثر دل تي پوندو آهي ۽ جيڪا نااميدي پيدا ٿيندي آهي ان جا نتيجا يقيني طور تي منفي نڪرندا آهن. يعقوبي جو بيان آهي ته راءِ ڏاهر هتي پهچندي ڳچ دير ترسي پيو. ڪيترن ئي مهينن تائين ٻئي لشڪر آمهون سامهون ڏسندا رهيا. ايتري عرصي ۾ دوکي ۾ رکي اهڙي وقت جڏهن ته عرب سپاهي بلڪل بي خبر هئا ڏاهر هڪدم حملي جو حڪم ڏنو ۽ سنڌي جانباز مسلمانن جي خيمن تي وڃي ڪڙڪيا، پوءِ به مسلمانن صبر ۽ بهادري کان ڪم ورتو ۽ مقامي لشڪر کي شڪست ڏيئي جنگ جو فيصلو پنهنجي حق ۾ ڪيو. مطلب ته ڏاهر پنهنجي لشڪر سان گڏ مقابلي لاءِ نڪتو، مسلمان پوري دليري ۽ بهادري سان راجا ڏاهر جي فوجن کي روڪيو. هڪ وڏي زبردست ۽ خونريز لرائي لڳي. شام ٿي ويئي ۽ تقدير ڪنهن جي حق ۾ فيصلو نه ڪري سگهي. ٻي ڏينهن وري ٻنهي طرفن جا جوان مرد اڳتي وڌيا، ڏاڍي دليري سان وڙهيا سپاهه گيري جا جوهر ڏيکاريا ۽ سج جي لهڻ وقت واپس آيا. ائين ئي لڳاتار چئن ڏينهن تائين صبح کان شام تائين ٻنهي لشڪرن ڏاڍي جوش خروش سان مقابلو ڪيو ۽ شام هر ڀيري بنان نتيجي جي کين الڳ ڪيو. نيٺ پنجين ڏينهن جي جو قيامت آڻيندڙ سج اڀريو، اڄ ٻئي فوجون اهو فيصلو ڪري ميدان ۾ آيون ته جيتري قدر ٿي سگهندو اڄ ئي لڙائي جي پڄاڻي ڪنداسين. محمد بن قاسم پنهنجي لشڪر جون قطارون ترتيب ڏنيون انهن اڳيان بيهي وڏي آواز سان هڪ پرجوش خطبو پڙهيو ۽ هر سپاهي جي دل ۾ هڪ جوانمردي جو جوش پيدا ڪيو. هرهڪ جا وار اڀا ٿي ويا ۽ هرڪو مرڻ مارڻ لاءِ تيار هو. راجا ڏاهر جو لشڪر به جانبازي ۽ قسمت آزمائڻ جي ارادي سان ميدان ۾ آيو ۽ لشڪرن لڙائي شروع ٿيڻ کان اڳ پنهنجي مخالفن کي خوف ۽ ڊپ جي نظرن سان ڏٺو. هر دل ۾ ڊپ هو ته ڏسجي شام جو ڇاٿو ٿئي. ۽ قسمت ڪنهن جو پاسو وٺي ٿي، حملي ۾ عربن طرفان اڳ ٿي جن پنهنجا ڊگها نيزا گهمائي دشمن ڏانهن وڌيا. جنگ جو ميدان گرم ٿيو ۽ جنگ جي باهه آهستي آهستي وڌيڪ ڀڙڪندي رهي.

محمد بن قاسم جي طرف کان شجاع حبشي راجا ڏاهر جي لشڪر تي اهڙا لڳاتار حملا ڪيا جو سنڌين کي اڪثر منتشر ڪيو، پر ائين ئي دليريءَ سان حملا ڪندي ڪندي هو جنگ جي ميدان ۽ دشمن جي گهيري ۾ وڪوڙجي شهيد ٿيو. شجاع جي مارجڻ مسلمانن کي ڏاڍو ڏک رسايو. خاص ڪري محمد بن قاسم جي دل کي وڏو صدمو رسيو ان ڪري جو هي شخص عرب فوج جو هڪ وڏو دلير سپاهي هو ۽ سڀني ماڻهن ۾ هر دلعزيز هو.

اهي ماڻهو ته هٽي ويا پر هاٿين جون قطارون فولادي ديوار وانگر رستو جهلي بيٺل هيون. انهن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جانباز حملي آورن جي وس کان ٻاهر هو. پر ان جي اها نهايت ڪامياب تدبير ڪئي ويئي جو اسلامي لشڪر جي آتش بازن جيڪي پچڪارين ذريعي گاسليٽ وسائي باهه لڳائيندا هئا هاٿين تي باهه وسائڻ شروع ڪئي. هاٿي انهي مصيبت کي ڪنهن به حالت ۾ برداشت نه ڪري سگهيا ۽ ڏاڍي بدحواسي سان خود پنهنجن فوجن کي لتاڙيندا ڀڳا.

هي اهو وقت هو جو ڪجهه مسلمان حملي آور گروهن راجا جي خيمي تائين وڌي ان جي حرم جي ڪجهه زائفائن کي پڪڙي ورتو، انهن زائفائن بي وسي ۽ مايوسي سان روئڻ ۽ دانهون ڪرڻ شروع ڪيون. راجا ڏاهر سمجهيو ته هي ان جي لشڪر وارن ۽ ديسي سپاهين جو هل آهي. ان وڏي آواز سان پڪاري چيو”هيڏانهن اچو آئون هتي آهيان“ راجا جو اهو آواز انهن عورتن جي ڪنن تائين پهتو ۽ انهن بي اختيار شور ڪري چيو ”مهاراج اسان اوهان جي محل جون زائفائون آهيون ۽ عربن هٿان گرفتار آهيون.“ اهو ٻڌي راجا کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، غيرت هن جي دل ۾ جوش کاڌو ۽ وڏي سڏ سان چيائين ”آئون ته زندهه موجود آهيان منهنجي زندگي ۾ ڪنهن جي مجال آهي جو اوهان کي قيد ڪري“ ايترو چئي هن پنهنجو هاٿي محمد بن قاسم ڏانهن هڪليو ۽ ارادو ڪيو ته خود جانبازي سان مقابلو ڪري انهن عورتن کي مخالفن جي چنبي مان ڇڏائي. راجا کي وڌندو ڏسي ٻيا سپاهي به عرب فوج ڏانهن وڌيا. محمد بن قاسم جڏهن ڏٺو ته راجا جو هاٿي سڀ کان اڳ ۾ آهي ته هن پنهنجي آتش باز سپاهين کي چيو ته هاڻي وقت آهي توهان پنهنجو حق ادا ڪريو ۽ پنهنجو ڪمال ڏيکاريو. ايترو اشارو ڪافي هو هڪ قداور شخص فوراً ان حڪم کي پورو ڪيو. هن اهڙي چالاڪي سان گاسليٽ ڀري هڪ پچڪاري هنئي جو راجا جنهن عماري تي ويٺو هو ان ۾ باهه لڳي ويئي ۽ شعلا ڀڙڪڻ لڳا. ڏاهر گهٻرائي فيلبان کي هاٿي ڦيرڻ جو حڪم ڏنو. پر هاٿي هاڻي فيلبان ڇا خود پنهنجي وس ۾ نه هو. ان جي پٺ تي عماري ٻري رهي هئي ۽ ڪجهه گاسليٽ ان تي به پئجي ويو، جنهن ڪري هو بيتاب ۽ سخت اڃايل هو. ٽهي ڀڳو ۽ پاڻي ۾ وڃي ڪريو. فيلبان ڏاهر ۽ اهي عورتون سڀ پريشان حال ۾ هئا. راجا فيلبان کي حڪم ڏنو ته هاٿي کي پاڻي مان ٻاهر ڪڍ، اهو برهمڻ سورمو جنهن پنهنجي جان راجا ڏاهر جي زندگي سان گڏ وابسته ڪري ڇڏي هئي. راجا جي اها خطرناڪ حالت ڏٺي ته پاڻي ۾ ٽپي پيو انهن سڀني جي ڪوشش سان هاٿي ڪناري تائين آندو ويو. پر باهه جي تپش سان اهڙو بي حال هو جو ڪنهن طرح به ٻاهر نه نڪتو. وڌيڪ سختي ڪيائون ت اتي ئي گپ ۾ ويهي رهيو. مسلمان هاٿي جي اها حالت ڏسي هيڏانهن رخ ڪيو. انهن کي ايندو ڏسندي ئي اهو برهمڻ جيڪو راجا سان گڏ جان ڏيڻ لاءِ تيار هو ڀڄي ويو، پر مسلمان گپ ۾ نه لٿا، انهن ڪناري تان ئي تير هاٿي تي وسايا، هڪ ته راجا کي لڳو ۽ هو ڦٽجي پيو. مسلمانن جي اها چڙهت ڏسي فيلبان وري هاٿي کي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي هاٿي کي هاڻي ٿوري ساهي به ملي چڪي هئي . فيلبان جي اشاري تي ٻاهر نڪتو ۽ ڪناري تي ٿورو بيهي اڳتي وڌيو. پر انهيءَ پاڻمرادو هلڻ سان ڪجهه ديسي سپاهي هن جي پيرن هيٺ اچي ڪچرجي مري ويا. ان تي به هاٿي جنگ جي ميدان بدران قلعي ڏانهن رخ رکيو.

راجا پاڻي مان نڪري لڙائي جو اهو رنگ ڏٺو ته ٻنهي پاسن کان سپاهي وڙهندي ٿڪجي پيا آهن ۽ قتل جو بازار گرم آهي. ان جا وفادار سپاهي ۽ خود ان جا ڪيترائي مٽ مائٽ وڍجي ويا ۽ وڍجي رهيا آهن، اهو نظارو ڏسي ڪري هن جي دل ۾ غيرت پيدا ٿي، حميت جي رڳ جوش ۾ آئي. جيتوڻيڪ زخمي هو پر دليري ۽ شجاعت جي بي خودي ۾ هاٿيءَ تان لهي پيو. تلوار ڪشي ۽ دشمن تي پيرين پيادو حملي آور ٿيو. هاڻي جنگ جو معرڪو ڏاڍي شدت سان هو. بارود زندگين جو خاتمو ڪري رهيو هو ۽ عمرن جا سلسلا ٽٽي رهيا هئا. مقابلي جي هجوم ۾ راجا جي تلوار چمڪي رهي هئي. راجا ڏاهر انتها درجي جي بهادري ڏيکاري ۽ ٻڌائي ڇڏيو ته هو رڳو عيش پرست تاج ڌڻي نه پر هڪ سورمو سپاهي به آهي. پر ان کي ڇا ڪري جو تقدير اونڌي هئي. افسوس پرهه ڦٽيءَ مهل پنڊت جنتري کولي ڏاهر جو نصيب ڏسي رهيو هو ۽ اها خبر نه هئي ته اڄ ئي سانجهيءَ تاڻي ڏاهر جي قسمت ۽ زندگي جو تارو به ٻڏي ويندو.”ڪذب المجنون برب الکعبته“ وڙهندي وڙهندي راجا ڏاهر جو هڪ عرب شخص سان مقابلو ٿيو. عربيءَ تلوار جو هڪ اهڙو ڀرپور وار ڪيو جو تلوار کيس گردن کان ٻه اڌ ڪري ڇڏيو ۽ راجا ڏاهر زمين تي ڪرندي ئي پنهنجي پياري جان سان گڏ سنڌ جي هندو راج جو خاتمو ڪيو. ان وقت ديسي ۽ عربي فوجن ۾ هڪ نهايت ئي سخت لڙائي لڳي. مسلمان سنڌي فوج جي آخري حملي کي وڏي جرات سان روڪيو ۽ ايستائين ماري هٽايو جو سنڌي راوڙ قلعي ڏانهن ڀڄڻ لڳا. راجا جي وفادار برهمڻ جڏهن ڏٺو ته عماري خالي آهي ته گهٻرائي ڊوڙيا پر ٿوري ئي دير کان پوءِ انهن کي راجا جو لاش نظر آيو. اها مصلحت ڏٺائون ته ان خبر کي مشهور ڪريون ۽ نه اهو سوچيائون ته راجا جو لاش مسلمانن جي هٿ اچي ويندو ان جي لاش کي ڏاڍي ماٺ ميٺ سان کڻي ويا ۽ پاڻي اندر لڪائي ڇڏيائون ۽ پاڻ ڀڄي ويا. اڃا تائين مسلمانن کي اها خبر نه هئي ته راجا ڏاهر مارجي ويو آهي. پر ڪجهه لشڪر وارا ڀڄي رهيا هئا ته قيس نالي هڪ بهادر عرب سردار تلوار کڻي انهن تي ڪڙڪي پيو انهن ماڻهن مرڻ جي ڊپ کان چيو ”اسان جو قتل بيڪار آهي، ڏاهر مارجي چڪو آهي، هاڻي اسان ۽ سڄو ملڪ اوهان جي رعيت آهيون.“

قيس اهو ٻڌي انهن ماڻهن جي قتل کان هٿ جهليو ۽ کين زندهه گرفتار ڪيو. اتفاقاً ايتري ۾ ڪجهه عربن انهن ٻانهين کي پڪڙي آندو جيڪي راجا جي ڀرپاسي هاٿي تي ويٺيون هيون. ۽ انهن کي آڻي محمد بن قاسم جي اڳيان بيهاريائون. عرب سپه سالار انهن کان راجا جو احوال پڇيو انهن جواب ڏنو ته اسان هن کي هاٿي تان لهندي پيرين پيادو حملو ڪندي ڏٺو هو پوءِ اسان کي خبر ناهي ته هو ڪيڏانهن ويو. محمد بن قاسم هاڻي جنگ جي ميدان ڏانهن ڌيان ڏنو. ڏٺائين ته سنڌي فوج ڀڄي رهي آهي. ۽ مسلمان قتل ۽ تباهي ۾ مصروف آهن. هن جي دل ۾ کٽڪو پيدا ٿيو ته ڪٿي ائين نه ٿئي جو راجا ڏاهر زندهه هجي ۽ انهن سڀني کي لٽڻ ۾ مشغول ڏسي اوچتو اچي ڪڙڪي. تنهن ڪري چئني پاسن کان اعلان ڪرايائين ته ”ڏاهر جو قتل اڃان شڪي حالت ۾ آهي. خوف آهي ته اوهان قتل ۽ غارت ۾ ڦاٿل رهو ۽ هو هڪدم حملو ڪري اوهان جو ڪم پورو ڪري.“ پڙهو ڏيندڙ جو آواز جڏهن قيس ٻڌو ته هو انهن برهمڻن کي وٺي محمد بن قاسم جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. ۽ عرض ڪيو ”اوهان مطمئن رهو ڏاهر مارجي ويو.“ ايترو چئي هن سڄي سرگزشت ظاهر ڪئي ۽ برهمڻن واتان جيڪي ڪجهه معلوم هئس چئي ٻڌايو. ۽ خود انهن برهمڻن کي پيش ڪيو ته اوهان پاڻ ئي هنن کان پڇو ايترو ٻڌندي ئي مسلمانن زور سان تڪبير جا نعرا بلندا ڪيا جنهن جو پڙاڏو چئني طرفن کان ريگستاننن ۽ جبلن ۾ گونجندو رهيو.

عرب سپهه سالار انهن برهمڻن کي وٺي پاڻ ئي گپ جي ڪناري ان هنڌ تي ويو جتي برهمڻن ٻڌايو هو ته ڏاهر جو لاش پوريل آهي. لاش ڪڍيو ويو ۽ ضرورت خاطر سسي وڍي ويئي، افسوس اهو نهايت ئي انڌوناڪ ۽ قيامت جهڙو وقت هو جڏهن اهو سر انهن ٻنهي ٻانهين اڳيان پيش ڪري پڇيو ويو ته”ٻڌايو هي راجا ڏاهر جي سسي آهي يا ڪنهن ٻي جي” بدنصيب ڇوڪرين ان جي شڪل ڏسندي ئي رت جي ڳوڙهن سان دانهون ڪيون ۽ چيو”ها راجا جو ئي سر آهي.“

ڏاهر عين سج لٿي وقت مارجي ويو، خميس جو ڏينهن هو  رمضان شريف جي 93 هه جي 10 تاريخ (مطابق جون 716ع) هئي. مسلمانن ۾ هي نهايت مبارڪ ڏينهن هو. انهيءَ فتح سڀني ماڻهن ۾ اهڙي خوشي پيدا ڪئي جو گهڻا ته جيتوڻيڪ سڄي ڏينهن جا ٿڪل ٽٽل هئا ۽ ڪيئي راتيون ننڊ نه ڪئي هئائون ۽ ڪيترن آخرت جي ثواب لاءِ سڄي رات الله جي عبادت ۾ جاڳي ڪاٽي ۽ صبح ٿيو. تمام گهڻي ڇنڊ ڇاڻ مان صحيح معلوم نه ٿي سگهيو ته راجا ڏاهر ڪنهن جي هٿان مارجي ويو آ. پر مدائتي جي روايت موجب اهو نمايان ڪارنامو بني ڪلاب قبيلي جي هڪ بهادر يادگار جي هٿان ٿيو. بلڪه انهيءَ پنهنجي ڪار گذاري تي هنن شڪرن ذريعي فخر جو اظهار ڪيو آهي.

الخيل تشهد يوم داهر دالقنا و محمد بن القاسم بن محمد اني فرحت الجمع غير معرد حتيٰ علوت عظيم نمبهند فترڪند تحت الحجاج مجدلا- مقفر الخذين غير موسد.

(گهوڙا، نيزا ۽ محمد بن قاسم بن محمد سڀ گواهه آهن جو ڏاهر جي معرڪي جي ڏينهن ۾ سڀني کي خوش ڪري ڇڏيو. آئون برابر وڙهندو رهيس ۽ جنگ ٽاڻي منهن نه موڙيم. ايستائين جو هندي تلوار دشمنن جي بادشاهه تي اڀي ڪئي. بس کيس ماري مات ڪرايو. ان نموني جا هن جا ڳل مٽي جي رنگ ۾ رڱجي ويا نه وهاڻو هو ۽ نه تڪيو.)

منصور بن ابي حاتم جيڪو انهيءَ دور جي ڪجهه ڏينهن پوءِ جو شخص آهي. چوي ٿو ته ڏاهر ۽ ان جي قاتل جون تصويرون گجرات جي ڀڙ وچ شهر ۾ ٺهيل آهن ۽ قندابيل ۾ بديل بن طهفه جي تصوير موجود آهي. جيڪو محمد بن قاسم کان اڳ مڪران ۽ سنڌ جي دنگن تي مارجي ويو.

جڏهن راجا ڏاهر مارجي ويو ته راجا جي مٽن مائٽن ۽ تعلق وارن تي سخت مصيبت نازل ٿي. راجا جو پٽ جئه سنگهه ۽ ان جي خاص راڻي ٻائي (جيڪا دراصل سندس ڀيڻ هئي ۽ جنهن کي هن زبردستي سڄي دنيا جي لعنت ملامت کڻي پنهنجي راڻي بڻايو هو.) ٻنهي راجا جي باقي بچيل ۽ مغرور فوج سان گڏ وڃي راوڙ شهر ۾ پناهه ورتي. مري ويل راجا جي مٽن مائٽن ۽ ملڪ جي اميرن ۽ عهديدارن جن جي دل ۾ اڃان تائين پنهنجي بدقسمت بادشاهه جي نمڪ جو خيال هو سڀني وڃي جئه سنگهه ۽ راڻي ٻائي وٽ پناهه ورتي ۽ آماده ٿيا ته کڻي ڇا به ٿئي جيستائين سسيءَ ۾ ساهه آهي راوڙ شهر جي پناهه ۾ ويهي دشمن جو مقابلو ڪنداسين. ان تجويز تي سڀني اتفاق ڪيو ۽ جئه سنگهه فوج جي ترتيب ۽ انتظام ۾ لڳي ويو.


(1)  جئه سگنهه جو مارجي وڃڻ يقيناً غلط آهي، ان لاءِ ته راءِ ڏاهر کان پوءِ هن برهمڻ آباد جي قلعي ۾ مسلمانن سان خوب مقابلو ڪيو. ها جيڪڏهن صحيح به هجي ته ڏاهر جو ٻيو ڪو پٽ ماريو هوندو. اهڙيون غلطيون چچ نامي ۾ اڪثر ٿيون آهن، جنهن جو سبب فقط اهو آهي ته عرب هندي نالن کان بلڪل ناواقف هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org