باب
نائون
قرامطين جو باقي احوال
هاڻي
قرامطين جو وڏو زور هو. هڪ پاسي ارض حجاز تي انهن
ماڻهن جو هٿ وس پڳو ٿي ۽ مار ڌاڙ جو اثر پئجي رهيو
هو ۽ ٻي پاسي عراق وارا سندس نالي کان ڌڙڪي رهيا
هئا. ڪوفو ۽ بصرو ڪيترائي ڀيرا لٽجي چڪا هئا ۽ وري
به لٽجڻ جو کٽڪو لڳو پيو هو. خاص ڪري دارالخلافت
بغداد ۾ ماڻهن کي سک جي ننڊ نٿي آئي، 315 هه ۾
بصري ۾ اهو ٻڌڻ ۾ آيو ته قرامطي ڪوفي تي چڙهائي
ڪرڻ وارا آهن، ڇو ته سندس گروهه هتان ئي ويو آهي.
المقتدر يوسف بن ابي الساج کي جيڪو ان دور جي
زبردست بهادرن مان هو ۽ واسطه شهر جو رهاڪو هو،
حڪم ڏنائين ته هڪدم وڃي ڪوفي جي رکوالي ڪري ۽
قرامطين کي انهن جي خود سري تي ٺيڪ ٺاڪ سزا ڏي ۽
ان جي لشڪر جي لاءِ ڪوفي ۾ ڳچ سارو اناج ۽ سيڌو
سامان رسد طور فراهم ڪري ڏنو.
ابن
ابي اسلاج واسطه مان روانو ٿيو پر سندس پهچن کان
هڪ ڏينهن اڳ ئي ابو طاهر قرمطي پهچي ڪوفي تي قبضو
ڪيو ۽ جيڪي ڪجهه رسد فراهم ڪئي هئي، پنهنجي هٿ ۾
ڪيائين ٻي ڏينهن ابن ابي الساج پهتو ته قرامطين
واٽ ۾ ئي روڪي ڇڏيو ۽ ڪوفي ۾ داخل ٿيڻ کان
جهليائون. ابن ابي الساج ابو طاهر کي نياپو ڪريو
ته ياته امير المومنين مقتدر جي اطاعت ڪر نه ته
لڙائي لاءِ تيار ٿي وڃ ۽ پوئين آچر جي ڏينهن جنگ
جو ميدان گرم ٿيندو“ ورندي ۾ ابو طاهر چوائي
موڪليو ته ”اطاعت ته اسان خدا کان سواءِ ڪنهن جي
ڪندا ئي نه آهيون باقي رهي لڙائي اها پوئين نه
سڀاڻي ڇنڇر تي ئي ٿيندي.“ ٻي ڏينهن ابن ابي الساج
جا ساٿي قرامطين کي گاريون ڏيڻ لڳا ۽ خود ابن ابي
الساج ڏٺو ته قرامطين جو گروهه ٿورو آهي ته پهرئين
ئي پنهنجي سوڀ جو يقين ڪري ورتو. ان جي واتان هي
گفتا نڪتا ته ”ٿوري دير ۾ اهي ڪتا منهنجي هٿ ۾
هوندا“ ۽ لڙائي کان اڳ ئي فتح جي خوشخبري بغداد
لکي موڪلي.۽ گڏ ئي شاهي فوج ۾ گهنڊ گهڙيال وڄڻ لڳا
۽ سوڀ جا نعرا بلند ٿيا. ابو طاهر اهو هل ٻڌي
پنهنجي ڪهد دوست کان پڇيو ”هي ڇا آهي“ هن جواب ڏنو
”بزدلي جو جوش آهي ٻيو ڪجهه ناهي“ چيائين ”ها صحيح
ٿا چئو“ ٻي ڏينهن لڙائي شروع ٿي ۽ صبح کان شام
تائين برابري سان جنگ جو ميدان گرم رهيو. قرامطين
جو جوش جذبو غضب جو هو، پڇاڙي جو ابو طاهر ڏٺو ته
ڪنهن به نموني لڙائي جو نبيرو ٿئي ئي ڪونه ٿو ته
پنهنجي ڪجهه بهادرن کي وٺي اهڙي زور سان حملو
ڪيائين جو هڪ ئي جهڙپ ۾ خلافت جي لشڪر کي ڏاري
ڇڏيائين ۽ جيڪو اڳيان آيو کيس وڍي ڇيڏائين. ان
حملي جو مقابلو ڪرڻ ڏکيو هو. ابن ابي الساج ۽ سندس
ڪيترائي ساٿي قرامطين هٿان گرفتار ٿيا. سانجهي
ٽاڻي ابو طاهر انهن قيدين کي وٺي پنهنجي خيمي ۾
ويو ۽ پنهنجي هڪ طبيب کي مقرر ڪيئاين ته ابن ابي
الساج جي ڦٽن جي ملم پٽي ڪري.
ان
شڪست جي خبر بغداد ۾ پهتي ته ماڻهن جا حواس خطا ٿي
ويا، ان کان پوءِ هار کاڌل ماڻهو خطا ۽ پريشان مٿي
۽ پيرن اگهاڙا بغداد ۾ داخل ٿيا ۽ شهر وارن انهن
جي حالت ڏٺي ته ارادو ڪيائون ته گهر ڇڏي حلوان يا
همدان هليا وڃن، پر کين دلداري ڏيئي مونس پنهنجي
فوج وٺي هليو ته ڪوفي ۾ قرامطين جو مقابلو ڪري، پر
اڃان بغداد جي ڦاٽڪ تي هو ته خبر آئي ته قرامطي
ڪوفي مان روانا ٿي عين التمر ڏانهن هليا ويا آهن.
اهو ٻڌي مونس بغداد مان پنج سؤ سميرين (يهودي) کي
روانو ڪيو ته قرامطين کي فرات پار ٿيڻ نه ڏجو ۽ هڪ
جٿو انبار موڪليو ته ان کي قرامطين جي هٿ چراند
کان بچائي ۽ ان هنڌ به قرامطين کي پار ٿيڻ نه ڏي.
قرامطين هاڻي انبار شهر جو ارادو ڪيو انبار وارن
ٻڌندي ئي پل ٽوڙي ڇڏيائون قرامطين فرات جي
اولهائين ڪناري پهچي خيما کوڙيا ۽ ابو طاهر پنهنجي
ماڻهن کي حديثه شهر اماڻيو جن تان ٻيڙيون جهلي
آنديون. انبار وارن کي خبر به نه پئي ۽ انهن ٻيڙين
تي ويهي ٽي سؤ قرامطي فرات درياءَ جي هن ڀر لهي
خلافت جي لشر سامهون قطارون ٺاهڻ لڳا، ان لڙائي ۾
خلافت جي فوج کي شڪست آئي. ڪيترائي ماڻهو ماريا
ويا ۽ انبار تي قرامطين جو قبضو ٿي ويو جيڪي
سوڀارا ٿي فرات تي پل ٻڌي ورتي. پل جي تياري کان
پوءِ ابو طاهر پنهنجي لشڪر کي ان پار ئي رهڻ ڏنو ۽
اڪيلو هن پار وڃي پنهنجي انهن ساٿين سان مليو جيڪي
انبار تي قابض هئا. بغداد ۾ جڏهن اها خبر پهتي ته
ابو طاهر فرات جو ڀرپار ڪري آيو آهي ته وڌيڪ کٽڪو
ٿيو ۽ ڪوشش ڪئي ويئي ته هڪ زبردست لشڪر موڪلي انهن
جي لوڌ روڪي وڃي، جڏهن ته نصر حاجي هڪ بهادر لشڪر
وٺي آيو ۽ مونس جي فوج سان ملي ويو. ۽ خلافت جي
لشڪر جو تعداد چاليهه هزار کان مٿي هو ۽ هٿياربند
ٻانها انهن ماڻهن کان سواءِ هئا جيڪي تن ڏينهن ۾
حڪومت جي اسٽينڊنگ آرمي سمجهيا ويا ٿي. ۽ ان
کانسواءِ ٻي خلق به هئي جيڪا فقط ڦرلٽ جي شوق ۾
آيا هئا. پر اهو ٻڌي حيرت ٿيندي ته انهن جي مقابلي
۾ قرامطين جي لشڪر جي ڪل تعداد پندرهن سؤ جوان
هئا، جنهن مان ست سؤ سوار هئا، باقي پيدل ڪجهه
رواين ستاويهه سؤ به ٻڌايو آهي، پر ٻنهي مان کڻي
جيڪا به هجي پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته چاليهه هزار جي
ڀيٽ ۾ اهي ڪک پن هئا، پر فرق اهو هو ته خلافت جي
لشڪر ۾ کڻي ڪهڙا به ناهي گرامي آفيسر ۽ بهادر دلير
جوان هجن پر سڀ لاڏ ڪوڏ جا پليل ۽ سک پسند هئا ۽
قرامطي جفاڪش ۽ زماني جا لاها چاڙها ۽ سختي سهڻ جا
عادي هئا.
مقتدر جڏهن قرامطين جي لشڪر جي اهو تعداد ٻڌو ته
حيران ٿي چيو”خدا ڦٽڪار ڪري انهن ستاويهه سؤ ماڻهن
تي جو انهن اسي هزار جي لشڪر کي هيڻو ڪري ڇڏيو
آهي“ انهي هي ان وقت چيو آهي جڏهن خلافت جي لشڪر
جو تعداد اسي هزار کان وڌيڪ ٿي ويو هو. بهرحال
مونس ۽ نصر حاجب پنهنجي جٿن کي وٺي زيارا نديءَ جي
ڪناري پهتا جيڪا بغداد کان ٻه ڪوهه تي هئي، ان
نديءَ جي هن پار ترسي پيا ۽ ان جي پل ٽوڙي ڇڏي ته
قرامطي جڏهن ايستائين پهچي وڃن ته ندي وچ ۾ رڪاوٽ
ٿئي. انهن جي روانگي جي خبر ٻڌي ابو طاهر به هتي
اچي پهتو ۽ زيارا ندي جي هن پاسي لٿو. قرامطين جي
فوج ۾ هڪ شيدي هو اهو ندي جو حال ڏسڻ لاءِ اچي
رهيو هو ۽ هتان کان ان تي تير وسي رهيا هئا، پر هن
ڪابه پرواهه نه ڪئي، نديءَ جي مٿاهين ڪناري تي
چڙهي هن ڏٺو ته پل ٽوڙي وئي آهي، تڏهن ان جي خبر
ڏيڻ لاءِ واپس ويو، پر پيرن کان چوٽي تائين تيرن
جي کپي وڃڻ ڪري سندس بدن چور چور ٿي ويو هو.
بغداد جي لشڪر ۾ جيئن ئي خبر رسي ته قرامطين جو
لشڪر اچي ويو ۽ ان شيدي جي ماڻهن حالت ڏٺي ته
ڪيترائي ڄڻا اهڙا دهلجي ويا جو بنا وڙهڻ جي ڀڄي
ويا ۽ هڪ وڏي خلق بغداد واپس هلي ويئي، ابو الهجار
بن حمدان جيڪو خلافت جي جٿي جو هڪ ناليوارو آفيسر
هو پنهنجي فوج جي اها حالت ڏٺي ته مونس کي چيائين
”اوهان ڇا سمجهو ٿا؟“ خدا جو قسم جيڪڏهن قرامطي
ندي پار ڪري آيا ته هي سڀ ڀڄي ويندا ۽ هو وڌي
بغداد تي قبضو ڪندا“ پر مونس ان جو ڪوبه جواب نه
ڏنو. قرامطين جڏهن ڏٺو ته ندي پار نه ٿيندي ۽ ان
جي پل ٽٽي وئي آهي ته انبار واپس ويا ۽ مونس
پنهنجي دوست بليق کي ڇهه هزار سپاهين سان گڏ فرات
جي اولهائين ڪناري موڪليو ته قرامطين جي لشڪر گاهه
تي حملو ڪري لٽيو. ۽ ابن ابي الساج کي جيڪو انهن
وٽ قيد آهي ڇڏائي اچو. اهو لشڪر ٺڪاڻي تي پهتو ۽
بليق قرامطين تي حملو ڪيو. ابو طاهر ان وقت فرات
جي هن پار انبار ۾ هو. اها حالت ڏسندي ئي هن هڪ
شڪاري کي هڪ هزار اشرفيون انعام ڏنيون ۽ ان جي
ٻيڙي تي اڪيلو پار ٿيو، ان جي صورت ڏسندي ئي
قرامطين جا حوصلا وڌي ويا ۽ سڀني ڏاڍي دليري سان
وڙهڻ شروع ڪيو، جنگ هلندي ابن ابي الساج جنهن خيمي
۾ قيد هو ان مان ٻاهر نڪتو سندس لشڪر بليق جي
جهنڊي هيٺ وڙهي رهيو هو. انهن پري کان ان جي شڪل
ڏٺي ته سڏي چيائين ”اوهان کي اسان آزدي جي خوشخبري
ڏيون ٿا“ پر ان جي اميد جي خلاف خلافت جي فوج کي
بري شڪست ملي. بليق جڏهن ڏٺو ته سڄي فوج جا پير
اکڙي ويا آهن ته پاڻ به ڀڳو. ابو طاهر، ابن ابو
الساج کي خوشي خوشيءَ سان خيمي مان ٻاهر نڪرندي ۽
پنهنجي همراهن کان خوشخبري جا نعرا ٻڌندي ڏسي ورتو
هو. ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ سڀ کان پوءِ هن جيڪو پهريون ڪم
ڪيو هي هو ته ابن ابي الساج ۽ سڄي خلافت جي لشڪر
کي سامهون گهرائي قتل ڪرايو.
انهن
ڏينهن ۾ بغداد جي حالت به عجيب ٿي رهي هئي، ڦرلٽ ۽
مارڻ وارا به سنبري پيا هئا ته ماڻهن جي هراس مان
فائدو وٺن، جن جي آفت هٽائڻ لاءِ فوجي پهرو رهندو
هو ۽ فوج چڪر لڳائيندي رهندي هئي. سمهڻي کان پوءِ
جيڪو پنهنجي گهر کان ٻاهر ڏٺو ويو ان کي قتل ڪيو
ويندو هو. ماڻهو پنهنجو مال ملڪيت ٻيڙين تي لڏي
واسطه ۽ حلوان کڻي ويندا هئا. مطلب هڪ قيامت برپا
هئي. هاڻي قرامطي هيت شهر ڏانهن وڌيا، مقتدر سعيد
بن حمدان ۽ هارون بن غريب کي ٿوري جٿي سان اوڏانهن
پهرين ئي موڪلي ڇڏيو هو. قرامطين ۽ شاهي لشڪر جو
مقابلو ٿيو ۽ قرامطين شهر پناهه تي چڙهائي ڪري
ڇڏي، پر هتي سندن ڪيترائي ماڻهو وڍجي ويا ۽ شهر
تي زور نه هليو تڏهن لاچار واپس هليا ويا. قرامطين
جي ان ناڪاميءَ جي خبر جڏهن بغداد ۾ پهتي تڏهن
ماڻهن کي ٿوري تسلي ٿي. اهي سڀئي احوال 315 هه ۾
ٿي گذريا. 316هه ۾ ابو طاهر قرمطي انبار ڇڏي فرات
دريا رستي سفر ڪري واليه جي هنڌ پهتو ۽ جڏهن مونس
ٻڌو ته اتي ڪجهه به پلئي نه پيو ته اتي جي ڪيترن
ماڻهن کي قتل ڪري اڳتي وڌيا ۽ 8 محرم جو رحبه شهر
۾ پهتا. رحبه وارا وڙهيا ۽ مهاڏو اٽڪايائون، پر
مقابلي جهلو نه ڪري سگهيا ۽ قرامطين وسندي ۾ گهڙي
عام قتل ڪيو. ان جون خبرون آيون ته روڪ لاءِ وري
مونس رقه شهر روانو ڪيو ويو. هو صفر مهيني ۾ روانو
ٿيو ۽ موصل کان ٿيندو رقه پهتو، ابو طاهر رحبه کان
پنهنجو لشڪر روانو ڪيو، جنهن الجزيزه علائقي جي
بدوين جو قتل ۽ ڦرلٽ شروع ڪئي. ۽ کين اهوڙو لٽيو
ماريو جو هر پاسي سندن ڌاڪ ويهي ويئي. ۽ بدوين
لاچار ٿي اهو واعدو ڪيو ته اسان في ڀاتي هڪ دنيار
جي حساب سان اوهان کي جزيو ڏينداسون، جيڪو اوهان
کي هجر ۾ ملندو رهندو. هاڻي ابو طاهر رحبه مان
روانو ٿي رقه ۾ آيو ۽ سندس ماڻهن رقه جي ٻاهرين
آبادي ۾ ٽيهه ماڻهو قتل ڪيا. پر رقه وارن نڪري
ٻاهرين آبادي جي مدد ڪئي ۽ لڳاتار تي ڏينهن جنگ
هلندي رهي جنهن ۾ ڪيترائي قرامطي مارجي ويا. ۽ نيٺ
کين ربيع الثاني جي پڇاڙي ۾ هتان واپس وڃڻو پيو.
ان
کان پوءِ قرامطين پنهنجو هڪ لشڪر راس عين توثا
ڏانهن روانو ڪيو. اتي وارن کانئس سام گهري جنهن
سام جهلي قرامطي سنجار هليا ويا ۽ اتي جي ڪوهستان
۾ جيڪا آبادي ملي ان کي لٽي ورتائون ۽ سنجار تي
حملو ڪيائون. سنجار وارن به انهن کان سام گهري ۽
مٿن به رحم ڪيو ويو. مونس موصل ۾ هو ته کيس پتو
پيو ته قرامطي رقه تي حملي آور آهن، هو جلدي روانو
ٿي سفر ڪندو رقه پهتو ته خبر پيس ته رقه وارن سر
تان سوس پلي کين واپس ٿيڻ تي لاچار ڪيو. هاڻي
قرامطي هر پاسي لٽ مار ڪري واپس وڃي رهيا هئا،
واپسي ۾ هيت شهر تي حملو ڪيو. پر هيت وارن پنهنجي
شهر پناهه اهڙي مضبوط جوڙائي هئي جو قرامطين جو
ڪوبه وسن نه هليو. مقابلو ڪري ناڪام ڪوفي واپس
ويا. بغداد ۾ ان جي خبر آئي ته نصر ابن حاجبه
وغيره ڪوفي جي حفاظت لاءِ روانو ڪيو ويو. قرامطين
جي سوارن ڪوفي بدران قصر بن هبيره تي حملو ڪيو ۽
اتي جي ڪيترن ماڻهن کي قتل ڪيو. نصر بن حاجب واٽ ۾
ئي هو ته کيس ڏاڍو سخت تپ آيو پر ان جي پرواهه نه
ڪيائين ۽ اڳتي وڌيو، پر جڏهن ابو طاهر قرمطي جي
لشڪر ويجهو پهتو ته سندس حالت اها هئي جو بستري تي
هو ۽ هنڌان چري نه ٿي سگهيو. لاچار هن احمد بن
ڪيغلغ کي پنهنجو جانشين مقرر ڪيو. ان کان پوءِ ابن
حاجب جي زبان بند ٿي ويئي. ماڻهن حالت ابتر ڏٺي ته
بغداد اوپس وٺي ويا ۽ واٽ ۾ ئي سندس ڏينهن پورا
ٿيا، پر هاڻي قرامطين به ڪو حملو نه ڪيو. پنهنجي
صحرائي واٽ وٺي واپس هليا ويا. ۽ جيڪو لشڪر ابن
حاجب سان گڏ ان جي مقابلي لاءِ ويو هو واپس آيو،
جن ڏينهن ۾ قرامطي انبار ۾ لٿل هئا ۽ بغداد ۾
ماڻهن کي سندن هراس ڪارڻ ننڊ نه ايندي هئي. انهن
ڏينهن جي ڳالهه آهي ته هڪ ڏينهن خلافت جي مدار
المهام وزيراعظم علي بن عيسيٰ کي هڪ همراهه اچي
چيو ”منهنجي پاڙي ۾ هڪ شيرازي شخص رهي ٿو جيڪو
قرامطي آهي، اهو هتان جون خبرون لکي لکي ابو طاهر
کي آگاهه ڪندو رهي ٿو.“
ابو
عيسيٰ ان همراهه کي جهلائي گهرايو ۽ کانئس پڇيائين
ته هن اعتراف ڪيو ته ”ها آءٌ قرامطي آهيان مون
جيستائين ڇنڊ ڇاڻ نه ڪئي ته ابو طاهر حق تي آهي،
ايستائين سندس ساٿ نه ڏنو ۽ ان جو به مون کي يقين
ٿي ويو ته توهان ۽ توهان جو خليفو ٻئي ڪافر آهيو،
جنهن شيءِ جي وٺڻ جو توهان کي حق ناهي ان کي وٺو
ٿا. ۽ ضروري آهي ته خدا جي زمين تي ڪو اهڙو ماڻهو
هجي جيڪو حجت الله هجي ۽ اسان امام مهدي به محمد
بن فلاڻو بن فلاڻو بن محمد بن اسماعيل بن جفر صادق
آهن، جيڪو اولهه جي سرزمين ڏانهن آهن ۽ اسان ماڻهو
اثنا عشري شيعن وانگر نه آهيون جو پنهنجي جهالت
سان چئون ته اسان جو هڪ امام آهي جنهن جو هو
انتظار ڪري رهيا آهن، ڪو چوي ٿو ته مون ان امام کي
ڏٺو، ڪو چوي ٿو ته مون سندس ڳالهه ٻول ٻڌي آهي ۽
پوءِ پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي ڪوڙو ڀائيندا آهن، اسان جو
امام عالم آشڪار موجود آهي.. اهو بيان ٻڌي وزير
علي بن عيسيٰ چيو ”توهان ته اسان جي شهر ۽ لشڪر ۾
رهي چڪا آهيو، ٻڌاءِ هتي جي ماڻهن ۾ ڪير ڪير
تنهنجا هم عقيدي وارا آهن.“
ان
جي جواب ۾ هن چيو :” ان عقل تي تون وزارت ڪرين ٿو؟
مون مان اميد ڪرين ٿو ته مؤمنن جي هڪ جماعت کي
ڪافرن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيان، انهن کي پڪڙي قتل ڪن
اهو ممڪن ئي ناهي؟“ تڏهن وزير کيس ڏاچي پڃ ڏياري ۽
سندس کاڌو پيتو روڪي ڇڏيو انهيءَ عذاب ۾ هن
گرفتاري جي ٽين ڏينهن ساهه ڏنو، هاڻي ابو طاهر
قطمي ته هليو ويو پر ان انهن ذڪر ڪيل حملن ۾ اهڙو
زور شور ظاهر ڪيو ۽ پنهنجي اهڙي طاقت ظاهر ڪئي جو
عراق جي ڌرتي تي جيترا قرمطي هئا خلافت جي ڊپ مان
پنهنجي عقيدن کي لڪائيندا هئا، ظاهر ٿي پيا ۽
پنهنجي مذهب کي وڏي واڪ ظاهر ڪرڻ لڳا. جڏهن ته
واسطه جي ڀرپاسي ڏهه هزار قرمطي پيدا ٿي پيا، جنهن
حريث بن مسعود نالي هڪ شخص کي پنهنجو سردار ٺاهيو.
اهڙيءَ طرح عين التمرءِ ان جي آس پاس هڪ ٻيو ٽولو
ظاهر ٿيو جنهن عيسيٰ بن مونس نالي هڪ همراهه کي
پنهنجو پٽيل مقرر ڪيو ۽ سڀ مهدي اسماعيلي جي پيروي
ڏانهن ماڻهن کي سڏيندا هئا، جنهن آفريڪا پاسي ٿورن
ئي ڏينهن ۾ ظهور ڪيو هو ۽ مصر جي فاطمي خلافت جي
بنياد وڌي هئي، جيتوڻيڪ اڃان مصر تي سندن قبضو نه
ٿيو. عيسيٰ بن موسيٰ پنهنجي ٽولي سميت ڪوفي تي
چڙهائي ڪئي، شهر کان ٻاهر وڃي لٿو سرڪاري حڪومت
هٽائي ۽ ڏن وصول ڪيو. اهڙي طرح حريث بن مسعود ان
علائقي جو رخ ڪيو جيڪو موفق جي جاگير ۾ هو، اتي هن
هڪ محل جوڙايو جنهن جو نالو دارلبحره رکيو ۽
ڀرپاسي تي قابض ٿي ويو، پر قابض ٿيڻ باوجود به
انهن جي حالت اها هئي جو چئني پاسن وڃي ڦرون ڪندا
ماڻهو ماريندا ۽ رعيت کي جهلي غلام ۽ ٻانهيون
بڻائيندا هئا، واسطه ۾ ته ان هنگامي جو نتيجو اهو
نڪتو جو بني نفيس جيڪي اتي هلندي پڄندي وارا هئا
مقابلي لاءِ تيار ٿي پيا ۽ عيسيٰ بن موسيٰ کي شڪست
ڏيئي ڀڄايو، هاڻي خليفي مقتدر حريث بن مسعود جي
مقابلي لاءِ هارو بن غريب کي ۽ عيسيٰ بن موسيٰ جي
مقابلي لاءِ صافي بصري کي روانو ڪيو. ٻنهي شاهي
لشڪر هٿان بري هار کاڌي، ڪيترائي مارجي ويا،
ڪيترائي گرفتار ٿيا ۽ باقي رهيلن ڀڄي جان بچائي،
انهن لڙاين ۾ قرامطين جا جهنڊا به کسيا ويا جيڪي
عباسي خلافت جي ڪارن جهنڊن جي ڀيٽ ۾ سفيد هئا ۽
انهن تي هي آيت لکيل هئي.” وتريد ان نمن علي الذين
استضفعوا في الارض ونحعلهم ائمته ونجعلهم
الوارثين“ اسان گهرون ٿا ته جن ماڻهن کي ماڻهن
دنيا ۾ هيڻو ڪيو آهي انهن تي احسان ڪريون کين امام
بنايون ۽ کين ئي وارث مقرر ڪيون“ اهي جهنڊا لاهي
بغداد آندا ويا ۽ سواد علائقي ۾ قرامطين جي طاقت
ٽٽي ويئي.
قرامطين ڦرلٽ جو جيڪو ٻارڻ ٻاريو هو اهو ته رهيو
پنهنجي جاءِ تي پر وڏي خرابي اها هئي ته ابو طاهر
گهريو ٿي ته اسلامي دنيا جيڪا ديني مرڪزيت مڪي
شريف کي آهي اها هجر شهر کي حاصل ٿئي ۽ جيڪا عزت
ڪعبت الله کي آهي اها سندس جوڙايل گهر دارالهجر کي
حاصل ٿئي. ۽ ان لاءِ هن حجر اسود کي ڪعبي مان کڻي
پنهنجي دارالهجرت ۾ رکيو، پر ان مذهب تي مٿاهون
ٿيڻ سولو نه هو جيڪو سڄي دنيا ۾ خلوص ۽ پاڪبازي
سان پکيڙيو ويو هو، هن گهريو ٿي ته حاجين سڳورن جا
قافلا ڪعبي بدران سندس شهر هجر ڏانهن روانا ٿين،
پر ڪنهن به رخ نه ڪيو، حجر اسود جي نه هئڻ باوجود
حاجين جا قافلا مڪي ويندا رهيا. ڪجهه ڏينهن ته
معاهدي ۽ عبيدالله مهدي جي لکڻ سبب خاموش رهيو پر
نيٺ صبر نه ٿي سگهيو ۽ 323 هه جي آخر ۾ عراق مان
وڃڻ وارن حاجين تي وڃي پهتو ۽ ذوالقعد جي ٻارهن
تاريخ هئي ۽ حاجين جو قافلو قادسيه شهر تائين پهتو
هو جو ابو طاهر اچي پهتو، خلافت پاران جيڪي ماڻهو
قافلي سان گڏ هئا اهي وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويا ۽
حاجين به جان بچائڻ لاءِ سندن ساٿ ڏنو ۽ پڇاڙي جو
ڏٺائون ته قرامطين کي منهن ڏيڻ مشڪل آهي ۽ ڀڄي
قادسيه ۾ پناهه ورتائون.
اها
حالت ڏسي ڪوفي ۾ جيڪي فاطمي ۽ علوي آباد هئا انهن
جي هڪ ڌر ابو طاهر وٽ ويئي. ۽ کين چيائون ته حاجين
کي نه چئو، ابو طاهر سندن سفارش مڃي ورتي، حاجين
جي قتل کان هٿ جهليو پر گڏ اهو شرط به لڳايو ته
اهي ماڻهو واپس بغداد هليا وڃن اسان کين مڪي وڃڻ
نه ڏينداسين، لاچار ويچارا واپس آيا ۽ ان سال حج
ڪرڻ نصيب نه ٿيو.
حاجين جي واپسي کان پوءِ ابو طاهر ڪجهه ڏينهن ڪوفي
۾ رهي پيو ۽ پوءِ پنهنجي شهر واپس وريو. هاڻي ابو
طاهر جو زور شور ڍلو ٿي ويو هو. ٻن سالن جي خاموشي
کان پوءِ هڪڙي وقت ئي انهن ۾ پاڻ ۾ ڏڦيڙو پيدا ٿيو
۽ سندن حالت ابتر ٿي ويئي. اختلاف جي بنياد هن طرح
پئي جو ابن سنبر نالي انهن ۾ هڪ شخص هو جيڪو ابو
سعيد قرمطي جي خاص رازدار ماڻهن مان هو، قرامطين
مان ئي ان ابن سنبر جو هڪ دشمن پيدا ٿيو، جنهن جو
نالو ابو حفص شريڪ هو، ان جو فتنو ختم ڪرڻ جي لاءِ
ابن سنبر هڪ اصفهاني نسل قرامطي کي چيو آءٌ توکي
قرامطين جو سردار ڪندس پر شرط هي آهي ته تون
منهنجي دشمن ابو حفص کي قتل ڪري ڏي، اصفهاني اهو
شرط قبول ڪيو ۽ اندر اندر سانڊي رکيائين، ان ڳالهه
ٻولهه کان پوءِ ابن سنبر ابو طاهر جي سڀئي راز ان
اصفهاني همراهه سان کولي ڇڏيا ۽ جنهن امام ڏانهن
هي ماڻهو سڏيندا هئا انهيءَ جون نشانيون ۽ ڏس پتا
جيڪي قرامطين ۾ سمجهيا ويا ٿي اهي به ٻڌائي
ڇڏيائين. انهي اصفهاني ان راز کان واقف ٿيڻ کان
پوءِ ڇا ڪيائين جو پاڻ ابو طاهر جي اڳيان وڃي اهي
نشانيون پڌريون ڪيون،ابو طاهر ڏسندي ئي چيو ”هيءَ
ئي همراهه اسان جو امام آهي.“ ۽ ان کان پوءِ سڀئي
قرامطي ان اصفهاني جا پيروڪار ۽ مڃيندڙ ٿي پيا ۽
مٿس ايمان آندائون.
هاڻي
سندس اها هلندي پڄندي هئي جو جيڪڏهن ڪنهن کي حڪم
ڏيندو ته پنهنجي سڳي ڀاءُ کي قتل ڪري وجهه ته هو
بنا دير جي قتل ڪري وجهندو، ان کان ٿورا ڏينهن
پوءِ ابو طاهر کي خفيه نموني پتو پيو ته هن
اصفهاني همراهه جي مرضي آهي ته کيس قتل ڪري حڪومت
۽ رياست ۾ اڪيلو پاڻ رهجي وڃي ۽ ڪو ٻيو ماڻهو ساڻس
شريڪ نه هجي، تنهن ڪري هاڻي ابو طاهر چوڻ شروع ڪيو
ته ”مون امام جي سڃاڻپ ۾ ڀل ڪئي، هي اصفهاني
همراهه امام ناهي ۽ عنقريب آءٌ سندس حالت وائکي
ڪندس.“ اصفهاني جو معمول هو ته جڏهن به ڪنهن ماڻهو
سان کيس نفرت ٿيندي هئي ته چوندو هو هي مريض آهي.“
۽ ان جو مطلب هي هوندو هو ته سندس دينداري ۾ شڪ
آهي ۽ مريض پڌرو ڪري ان کي قتل ڪري وجهندو هو،
هاڻي ابو طاهر جي سازش سان اهو ٿيو جو ماڻهن هڪ
همراهه جو نالو وٺي اصفهاني کي چيو ” هي همراهه
مريض آهي.“ پر جنهن همراهه جو نالو ورتائون ان جي
بدران سندس ماءُ کي هڪ لوئي ۾ ويڙهي سامهون ليٽائي
ڇڏيو، اصفهاني معمول مطابق چيو ”هي مريض ٺيڪ نه
ٿيندو کيس قتل ڪري وجهو“ اهو حڪم ٻڌندي ئي ماڻهن
چيو ”اوهان ڪوڙا آهيو، هي اهو همراهه ئي ڪونهي هي
ته سندس ماءُ آهي“ ۽ اهڙي نموني کانئس بدظن ٿي
هڪدم سڀني کيس قتل ڪري وڌو.
ان
همراهه کان اڳ پنهنجي امامت جي دور ۾ ڪيترائي
قرامطي قتل ڪرايا هئا، پر پڇاڙي ۾ سندس حياتي پوري
ڪئي ويئي، هي هڪ اهڙو فتنو هو جنهن ڪارڻ قرامطين
کي ڪيترن ڏينهن تائين ڪنهن شهر تي حملو ڪرڻ ۽ ڦرلٽ
ڪرڻ جو موقعو نه مليو. ڇاڪاڻ ته خود پنهنجي مصيبت
۾ ڦاٿا پيا هئا، قرامطين ۾ اهي اهڙا اندروني جهڳڙا
پيدا ٿي ويا هئا جو وري ابو طاهر کي ڪنهن شهر تي
حملو ڪرڻ نصيب نه ٿيو. ايستائين جو 332 هه ۾ رمضان
جي مهيني ۾ هو ماتا جي بيماري وڪوڙجي مري ويو ۽
پنهنجي ٽن ڀائرن کي يادگار ڇڏي ويو، انهن ٽن مان
ٻه يعني ابو القاسم سعيد بن حسن جيڪو وڏو هو ۽ ابو
العباس فضل بن حسن ته صلاحڪار ۽ ابو طاهر جي طبيعت
۽ خيالن مطابق هو پر ٽيون ڀاءُ انهن ٻنهي کان
نرالو هو ۽ شراب نوشي ۽ ناچ گاني ۾ رڌل رهندو هو.
ابو
طاهر قرمطي جي مرڻ کان ست سال پوءِ سنبر بن حسين
قرمطي 10 ذوالحج جو خاص قرباني واري ڏينهن يعني
عيدالاضحيٰ جي ڏينهن 339 هه ۾ هجر اسود کي کڻي مڪي
شريف ۾ آيو ۽ جتي هو پهرين لڳل هو وري لڳايو ويو.
عبيدالله مهدي جنهن کي پهرين ابو طاهر پنهنجو امام
مڃيو هو ان مڪي ۾ ظلم ۽ زبردستي ڪرڻ ۽ حرم جي بي
حرمتي تي لعنت ڦٽڪار ڪئي هئي لکيو هو حجر اسود کي
ڪعبي ۾ واپس ڪريو نه ته آئون اوهان کان لاتعلق
آهيان پر قرامطين سندسن لکي جي پرواهه نه ڪئي، وري
عبيدالله مهدي کان پوءِ جڏهن منصور بن القائم بن
المهدي اسماعيلين جي امامت جو وارث ٿيو ته ابو
طاهر جي ڀاءُ ابو القاسم کي لکيو ته جيڪڏهن تون
حجر اسود کي مڪي ۾ واپس لڳائي ته آءٌ توکي پنجاهه
هزار دينار ڏيندس، پر قرامطين منظور نه ڪيو.
اهڙي
طرح عباسي خلافت جي امير الامراءَ ترڪي جي حڪم سان
پنجاهه هزار دنيا ڏيڻ جو واعدو ڪيو پر قرامطين اڻ
ٻڌي ڪئي ۽ هاڻي پاڻ ئي اچي پهچائي ويا ۽ چيو ”
اسان خدا جي مرضي سان ان کي کڻي ويا هئاسين ۽ سندس
ئي رضا سان ان کي واپس وٺي آياسين“ خلاصو هي ته
ٻٽيهن سالن تائين حجر اسود ڪعبي کان ڌار اوڀر عرب
جي هجر شهر ۾ رهيو، دراصل انهن ماڻهن گهريو ٿي ته
ڪعبي جي مرڪزيت کي ميساري پنهنجي هجر شهر کي خلق
جو مرڪز بنائين، پر جڏهن ان ۾ ڪنهن طرح ڪاميابي نه
ٿي ۽ پنهنجي طاقت هيٺاهين ڏسڻ ۾ آئي ته لاچار آڻي
پهچائي ويا، ڳچ عرصو خاموش رهڻ کان پوءِ 354 هه ۾
وري قرامطين ۾ چر پر پيدا ٿي ۽ سندن هڪ ننڍي جٿي
عمران ملڪ تي حملو ڪيو، اتي جي جبلن ۾ تعصبي ماڻهن
جي گهڻائي آهي، سڀ ماڻهو گڏجي اهڙي نموني قرامطين
تي ڪڙڪي پيا جو ڪيترن کي ماري وڌائون ۽ جيڪي جيئرا
بچيا اهي ناڪام ۽ نامراد پنهنجي گهرن ۾ واپس آيا،
شام به قرامطين جي اڃان پوري پاڙهه نه پٽائي هئي،
جيتوڻيڪ جن قرامطين کي سيف الدوله بن حمدان پناهه
ڏني هئي انهن مان مروان نالي هڪ قرمطي سيف الدوله
پاران شام پاسي حڪومت ڪندو هو ان 354 ۾ ضابطو پائي
سرڪشي ڪري حمص شهر تي قبضو ڪيائين ۽ ڪجهه ٻيا هنڌ
به پنهنجي هٿ هيٺ ڪيائين، سيف الدوله جي درٻارن
فرعويه جو هڪ غلام جنهن جو نالو بدر هو ان جي
مقابلي لاءِ آيو ۽ ڪيتريون جهڙپون ٿيون، جڏهن ته
هڪ جهڙپ ۾ بدر هڪ زهر ڀريل تير مروان کي هنيو ۽
مروان جي لشڪر بدر کي گرفتار ڪري اڳيان بيهاريو،
مروان کيس قتل ڪري وڌو ۽ ٿورن ڏينهن کان پوءِ پاڻ
به ان تير جي اثر سان مري ويو. 358 هه ۾ قرامطين
پنهنجا ايلچي بني نمير وغيره عرب جي قبيلن ۾
موڪليا ۽ خواش ڪيائون ته اسان جي پيروي ڪريو، جڏهن
انهن قبيلن سندن اطاعت قبول ڪئي ۽ سونهن ساک
کنيائون ته اسان اوهان جا سدائين پيروڪار ۽
فرمانبردار رهنداسون، ابو تغلب حمدان هجر جي
قرامطين ڏانهن انهي سال ڪيتريون ئي سوکڙيون
پاکڙيون موڪليون جيڪي پنجاهه هزار درهم جي ماليت
جون هيون. ابو طاهر کان پوءِ ان وقت تائين سندس
ڀاءُ ئي قرامطين جي اڳواڻي ۽ سرداري ڪري رهيو هو،
ان سال ابو طاهر جي پٽ شاپور هٿ پير هنيا ۽ پنهنجي
چاچن کي چيائين ته حڪومت ۽ فوج جي سرداري منهنجي
هٿ ۾ ڏيو ڇو ته بابي مون کي ئي ولي عهد مقرر ڪيو
هو، پر چاچن ان درخواست تي اهو عمل ڪيائون جو کيس
گرفتار ڪري ڪنهن کي اک هنيائون ته قيد گهر ۾ ئي
پورو ڪري ڇڏ، وچ رمضان ۾ قيد مان سندس مڙهه نڪتو ۽
ان سان گڏ ستم اهو ته سڀني سيڻن کي حڪم ٿيو ته
خبردار ڪير لڙڪ نه لاڙي، مرڻ کان هڪ هفتو پوءِ مٽن
مائٽن کي روئڻ پٽڻ ۽ معمولي ريتون رسمون ادا ڪرڻ
جي اجازت ڏني ويئي، قرامطين جو زور ته هاڻي ٽٽي
ويو هو پر هنن شروع کان ئي ڪجهه اهڙي ڌاڪ ويهاري
ڇڏي هئي جو ماڻهن کي ڪنهن نه ڪنهن ريت سندن چيو
مڃڻو پوندو هو، انهن جي مقابلي ۾ هاڻي مصر جي
اسماعيلين ۽ بني فاطمه جي خلافت جو زور وڌي رهيو
هو، اتي المعز الدين الله خلافت جي گادي تي ويٺل
هو ۽ شام جي سڀني شهرن ۾ سندس خطبو هلندڙ هو. ها
مڪي معظم ۾ اڃان تائين بغداد جي خليفي المطيع الله
عباسي جو خطبو پڙهيو ويندو هو پر 359 هه ۾ اها
نئين بدعت ٿي جو المطيع جي خطبي سان گڏ مڪي ۾ هجر
جي قرامطين جو خطبو به پڙهيو ويو ۽ مديني ۾ المعز
الدين الله علوي جو خطبو پڙهيو ويو، مڪي شريف ۾
خطبو پڙهڻ مان ظاهر ٿئي ٿو ته قرامطين ۾ وري طاقت
اچي ويئي هئي، جڏهن ته ٻئي ئي سال 360 هه ۾
قرامطين جو زبردست لشڪر شام ملڪ ۾ ظاهر ٿيو. ۽
ننڍي پيماني تي وري قرامطين جي انهي پراڻي هيبت جي
تصوير ماڻهن جي اکين اڳيان ڦري ويئي.
شام
جي سرزمين تن ڏينهن ۾ عباسي خليفن جي اثر مان نڪري
اولهه جي بني فاطمه خليفن جي قبضي ۾ اچي ويئي هئي،
جڏهن ته ٻه چار سال اڳ العمزالدين الله علوي پاران
جعفر بن فلاح نالي هڪ زبردست آفيسر فوج سان گڏ شام
تي حملو ڪري رمله وغيره مختلف شهرن تي قابض ٿي ويو
هو، اها ڳالهه قرامطين کي نه وڻي، جيتوڻيڪ انهن
خليفن کي ڪيترائي ڀيرا امام بنايو هو پر جڏهن
ڏٺائون ته هو ملڪ تي قبضو ڪري وڃن ٿا تڏهن سندن
دشمن ٿي ويا ۽ لڙائي تي آماده ٿي ويا، خاص ڪري ان
سبب جو ان ملڪ سان کين ساليانو ٽي لک دينار ڏن
ملندو هو، مطلب حسين بن احمد بن بهرام قرامطي جيڪو
انهن ڏينهن ۾ قرامطين تي حڪومت ڪندو هو عزادوله
بختيار کي جيڪو عباسي درٻار جي سياست م گهڻو اثر
رسوخ رکندو هو کي لکيو ته اسان شام مان بني فاطمه
جو اثر ختم ڪرڻ لاءِ وڃون ٿا، اوهان هٿيارن
پنهوارن سان اسان جي مدد ڪريو، بختيار سوچيو ته هي
موقعو هٿان وڃڻ نه گهري جلد ئي قرامطين جي درخواست
قبول ڪيائين ۽ جڏهن قرامطين جو جٿو ڪوفي ۾ پهتو ته
جنگ جو گهربل سامان پهچايو ويو، اهڙي طرح چڱي
نموني قرامطي هٿياربند ٿي شام ڏانهن روانا ٿيا،
جعفر بن فلاح کي پتو پيو ته هن گهٽتائي سان چيو
”هو مون کي ڇا ڪندا“ ان کان پوءِ هو سک سان غافل
ويٺو هو جو اوچتو قرامطي جي فوجي جٿي پهچي دمشق جي
ٻاهران جعفر کي گهيرو ڪري پڪڙي وڌو. جهلندي ئي کيس
قتل ڪيائون ۽ سندس ڌن دولت ۽ ساز سامان کي پنهنجي
هٿ هيٺ ڪري دمشق وارن کي پناهه ڏني.
دمشق
تي قبضو ڪري قرامطي رملي ڏانهن وڌيا، رملا ۾ جيڪو
علوي سردار موجود هو قرامطين جي اچڻ جو ٻڌندي ئي
يا فا قلعي ۾ وڃي پناهه ورتائين، قرامطين ويندي ئي
رمله تي قبضو ڪيو ڪجهه فوج يافا جي گهيري ۾ ڇڏي
جوش جذبي سان مصر ڏانهن هلڻ لڳا.
مصري
بني فاطمه جي نئين حڪومت کان پاسيرا هئا قرامطين
جي پهچندي ئي عربن ۽ لشڪر وارن جو هڪ تمام وڏو انگ
ساڻس گڏ ٿي ويو. ۽ اخشيدو ڪافور جا پيروڪار جيڪي
پنهنجي حڪومت کان مايوس ٿي چڪا هئا، سڀ قرامطين جي
جهنڊي هيٺ جمع ٿي ويا، اهي ماڻهو ڪين شمس جي هنڌ
گڏ ٿيا، هتان کان علوين جو سپهه سالار جوهر پنهنجي
فوج وٺي آيو ۽ جنگ جو ميدان گرم ٿيڻ لڳو، ڪيتريون
جهڙپون ٿيون، هر ڀيري قرامطين جي سوڀ ٿي ۽ آخر
قرامطين ڏاڍي سختي سان جوهر ۽ سندس فوج جو گهيرو
ڪيو پر گهيري وارن ڏينهن ۾ هڪ دفعي جوهر نڪري
قرامطين جي ساڄي پاسي واري جٿي تي اهڙي زور سان
حملو ڪيو جو مصري عرب وغيره جيڪي ان پاسي هئا شڪست
کائي ڀڳا، تڏهن جوهر قرامطين جي وچ ۾ فوج تي ڪڙڪي
پيو ۽ کيس هارائي خيما ڦري ورتا.
ان
شڪست قرامطين جي چيلهه چٻي ڪري وڌي ۽ اهي مصر مان
واپس اچي رملي ۾ خيما هنيائون، هتي پهچي هنن يافا
جي گهيري تي سختي ڪئي ۽ سندن رسد بلڪل بند ڪري
ڇڏي، جوهر يافا ۾ گهيريلن جي مدد جي لاءِ پندرهن
جهازن تي سوار ڪرائي ڪيترائي فوجي ۽ اناج روانو
ڪيو، ان ڪري جو سمنڊ رستي يافا بندرگاهه کي مدد
پهچائي وڃي، پر قرامطين وٽ ڪجهه جهاز هئا انهن
پنهنجا جهاز انهن جي جهازن سان مقابلي لاءِ روانا
ڪيا، جنهن رستي ۾ ئي جوهر جي جهازن کي گهيري ورتو
۽ سواءِ ٻن جهازن جي ٻين کي پڪڙي وڌائون، هي ٻه
جهاز سندن هٿان ته بچيا پر واپس نه وريا، ڇو ته
اهي رومي جهازن جي پڪڙ ۾ اچي ويا پر اسان کي ان
کان پوءِ پتو نٿو پوي ته يافا جي انهي گهيري جو
ڪهڙو حشر ٿيو، گهڻو گمان آهي ته قرامطين کي واپس
اچڻو پيو هوندو، پر ان ٻه سال پوءِ المعزالدين
الله اولهه جي پاسي کان سفر ڪري خاص مصر کي پنهنجو
دارالخلافه قرار ڏنو.
ان
وقت تائين انهن خليفن جو حڪومتي مرڪز مغرب اقصيٰ
يعني آفريڪي پرڳڻا هئا ۽ انهن جا فوجي آفيسر شام ۽
مصر ۾ سندن ڌاڪو ويهاري ويٺا هئا، هاڻي خود المعز
هتي اچي سڪونت اختيار ڪئي ته فاطمي خلافت جو وڌيڪ
زور وڌيو پر قرامطي سندن جتي ۾ پير پائي نه سگهيا.
جڏهن ته المعز جي اچڻ کان ٻه سال ئي پوءِ يعني 363
هه ۾ حسين بن احمد بن بهرام هڪ زبردست لشڪر وٺي
احساءَ شهر مان روانو ٿيو ۽ وڌندو رهيو، ايستائين
جو خاص مصر پهچي خود المعز کي گهيرو ڪيو، المعز
قرامطين جي لشڪر جي اچڻ جو ٻڌو ته حسين بن احمد
قرامطي کي هڪ خط اماڻيو جنهن ۾ پنهنجون ۽ پنهنجي
خاندان جون فضيلتون بيان ڪيون ۽ لکيو ته ”اسان جي
۽ اوهان جي دعوت هڪ آهي. ۽ توهان ماڻهو ته اسان جي
ابن ڏاڏن جا داعي رهيا آهيو، پوءِ ان لڙائي مان
ڪهڙو فائدو.“ ان سان گڏ کيس ڪجهه نصيحت ۽ هدايت
ڪئي هئائين ۽ ان ارادي کان روڪيو هئائين ان جي
جواب ۾ حسين بن احمد جو جيڪو خط آيو ان جا اکر هي
هئا.” اوهان جو خط آيو جنهن وڌائي ڳالهيون ته
گهڻيون ٺاهيل آهن، پر مطلب جون ڳالهيون تمام گهٽ
آهن، اسان پاڻ ئي اچي ان جو جواب ڏينداسين
والسلام.“
هاڻي
قرامطين جو لشر مصر پهچي ان پراڻي هنڌ يعني عين
شمس ۾ لٿو، قرامطين جي ٽولن آس پاس وڃي ڦرلٽ شروع
ڪئي ۽ خود المعز جي لشڪر سان اٽڪي پيا، اڳي وانگر
وري بدوين ۽ مصر جي مختلف عرب رهاڪن جا جٿا اچي
قرامطين سان گڏ شريڪ ٿيڻ لڳا، خاص ڪري عربن جي
ججهي جماعت اچي قرامطين سان ملي ويئي جنهن ۾ شام
جو عرب امير حسابن جراح طائي به هو. المعز جڏهن
ڏٺو ته منهنجي خلاف زمين ٽامون ٿيل آهي ته ڏاڍو
هراسجي ويو، سندس دل ۾ انهن ماڻهن جي ايتري قدر
هيبت ويهي ويئي جو مقابلي ۾ اچڻ جي همٿ نه ساري
سگهيو، نيٺ پنهنجي وزيرن ۽ اميرن سان صلاح ڪيائين
ته هاڻي آءٌ ڇا ڪريان. ڪا ڳالهه نٿي سمجهه ۾ اچي،
چڱن صلاح ڏني ته انهن سان وڙهي پورو ڪونه پئبو، ان
آفت جي پري ڪرڻ جي اٽڪل هي آهي ته سازشون ڪري انهن
۾ ڦوٽ وڌي وڃي ۽ اهو جادو ابن جراح تي چڱو اثر
ڪندو، اها اٽڪل المعز کي ڏاڍي پسند آئي ۽ هن ابي
جراح کي لکيو ته ”تنهنجو ۽ انهن قرامطين جو ڪهڙو
جوڙ؟ جيڪڏهن تون منهنجو ساٿ ڏين ته آءٌ توکي هڪ لک
دينار ڏيندس“ ابن جراح لالچ ۾ اچي ويو ۽ قسم
کاڌائين ته واعدو ڪيل رقم جڏهن پهچي ويندي ته آءٌ
هار کائي ڀڄي ويندس. هاڻي ان جي ڏيڻ لاءِ دينار گڏ
ڪيا ويا، جب المعز جي اڳيان آيو ته چيائين هي ته
ڳچ رقم آهي، پوءِ اهو ڪيائون جو پتل جا ڪيترائي
دينار ٺاهي انهن تي سون جو پاڻي ڏنائون، اهڙا کوٽا
دينار هيٺ رکيائون ۽ ٿورا سچا نج سون جا دينار مٿي
رکيائون ۽ اهڙي ڍنگ سان رقم ابن جراح وٽ موڪلي
ويئي، ابن جراح ڏسندي ئي خوشيءَ مان نه پيو ماچي
چوائي موڪليائين ته اوهان پنهنجي لشڪر سان فلاڻي
تاريخ نڪري حملو ڪريو آءٌ ۽ منهنجو لشڪر فلاڻي
پاسي هونداسين ۽ اسان هڪدم شڪست کائي ڀڄنداسون.“
معز ائينءَ ئي ڪيو ۽ ان جي حملي سان ئي ابن جراح
ڀڳو، حسين قرمطي ان جي ڀڄڻ کي حيرت سان ڏسڻ لڳو،
پر بهادري جي جوش سان ذرو پرواهه نه ڪيائين، ميدان
۾ پير کپائي ڇڏيائين ۽ پنهنجي بهادرن کي وڌيڪ
للڪاري وڙهائڻ لڳو. پر شامي عربن جي ڀڄڻ سان المعز
جي فوج جي حوصلو ايتري قدر وڌي ويو هو جو انهن
قرامطين تي حملي تي حملو شروع ڪيو، هڪ جهڙپ بنا
نتيجي هوندي ٻي زور شور سان ڪندا هئا، نيٺ قرامطين
جا پير اکڙي ويا ۽ هو هار کائي ڀڳا ۽ پويان لڳڻ
وارن کين مارڻ ۽ جهلڻ شروع ڪيو.
قرامطين جي لشڪر گاهه ۾ جيترا ماڻهو مليا اهي سڀ
گرفتار ڪيا ويا، جنهن جو انگ 1500 هو، گرفتاري کان
پو سڀني جا ڪنڌ ڀڳا ويا، ان کان پوءِ المعز پنهنجي
سالار ابو محمد بن ابراهيم بن جعفر کي ڏهه هزار جي
لشڪر سان قرامطين پويان روانو ڪيو ۽ حڪم ڏنائين ته
جتي ملن بنا دير جي قتل ڪر. پر هو ميدان ڇڏي ڀڳا
ته ڪٿي نه ترسيا سڌا پنهنجي شهر احياءَ ۾ واپس آيا
۽ چيائون ته ان جو بدلو پوءِ ورتو ويندو، پوءِ
جڏهن المعز کي معلوم ٿيو ته حسين قرمطي شام جي
سرزمين تان به ڀڄي ويو ته پنهنجي هڪ ٻي سپاهي ظالم
بن موهوب عقيلي کي دمشق جو والي بڻائي روانو ڪيو.
دمشق
۾ ان وقت تائين قرامطين جي حڪومت هئي ۽ ابو
الهجهاز ۽ ان جو پٽ جيڪو حسين قرمطي جي ماڻهن مان
هو دمشق تي قبضو ڪري ويٺا هئا ۽ انهن سان گڏ
ڪيترائي قرامطي موجود هئا، ظالم پهچندي ئي انهن کي
گرفتار ڪيو انهن جو سڀ مال ملڪيت لٽيو، پر ان
ڳالهه جو کٽڪو لڳل هو ته حسين قرامطي اچي ويندو ته
ڇا ٿيندو ايتري ۾ سپهه سالار ابو محمود بن ابراهيم
اچي ويو جنهن خبر ڏني ته قرامطي ڄي احساءَ پهچي
ويا ۽ اهڙي شڪست کاڌي اٿن جو ڳچ عرصو هن پاسي
نگاهه به نه ڪندا. اها خوشخبري ٻڌي ظالم سک سان
حڪومت ڪرڻ لڳو ۽ جيترا قرامطي گرفتار ڪيا هئائين
سڀ مصر ۽ المعز کي موڪلي ڏنائين، انهن ۾ هڪ مشهور
قرمطي نابلس به هو جنهن جو قول هو ته ”جيڪڏهن مون
وٽ ڏهه تير هجن ته انهن مان نو اسماعيلين تي
اڇلائيندس ۽ هڪ رومي تي.“ المعز ان کي چيو ”واقعي
اهو تنهنجو قول آهي“ ان چيو ”بي شڪ“ المعز مڇرجي
سندس کل لهرائي، پوءِ ان ۾ بوهه ڀرايو ۽ اهو بوهه
ڀريل پتو ڦاسي چاڙهيو ويو.
قرامطين جي فتني کان پوءِ ظالم دمشق جي حڪومت اهڙي
بري نموني شروع ڪئي شام وارن تي اهڙا ظلم ڪيائون
جو هر پاسي ناراضگي پکڙجي ويئي، ان دور م ربيع
الثاني 365 هه ۾ مصر ۾ امامت جو ڇٽ بدلجي ويو،
المعز الدين لاڏاڻو ڪيو ۽ العزيز باالله امامت ۽
خلافت جي واڳ پنهنجي هٿ ۾ ورتي، اتفاق سان انهي
زماني ۾ عراق پاسي هلندي پڄندي وارو معزز ۽ بهادر
ترڪ جنهن جو نالو الفتگين هو اتان جي صاحب اثر
حڪمران بختيار کان هار کائي پنهنجي ڪجهه ساٿين سان
شام ڌرتي تي اچي حمص شهر ۾ رهي پيو، ظالم روڪڻ جي
ڪوشش ڪيائينس ته هن پرواهه نه ڪئي ۽ وڌي خاص دمشق
تي قبضو ڪري ورتو، ظالم ٻيهر کيس هيسائڻ چاهيو پر
اڃان به زور نه هليو تڏهن اسماعيلي خلافت پاران
سپهه سالار اعظم جوهر سندس مقابلي لاءِ آيو ۽ دمشق
جو گهيرو ڪيو. الفتگين وٽ ڀرپاسي جا سڀئي عرب جمع
ٿي ويا هئا. انهن چيو ”اولهه وارن اسان کي ڏاڍو
پريشان ڪري رکيو آهي. اسان اوهان جو ساٿ ڏيڻ لاءِ
تيار آهيون، اوهان کان جيئن پڄي مقابلو ڪري ملڪ کي
انهن جي ظلم ۽ زيادتين کان بچايو ۽ جيڪڏهن ضرورت
هجي ته پنهنجو قاصد احساءَ اماڻي حسين بن احمد
قرمطي کي پنهنجي قرامطين سميت مدد لاءِ گهرايو هو،
جلد ئي ڦڙتي سان اوهان جي مدد ڪندا.
الفتگين ان مشوري تي عمل ڪري قرامطين سان لاڳاپو
جوڙيو ۽ حسين بن احمد قرمطي زبردست لشڪر سان سندن
مدد لاءِ اچي پهتو، علوين جو سپهه سالار جوهر
قرامطين جي اچڻ جو ٻڌي ڏاڍو ڊنو ته ائين نه ٿئي جو
آءٌ ٻنهي پاسن کان ٻن زبردست دشمنن ۾ وڪوڙجي وڃان،
هڪدم گهيرو ڇڏي واپس ويو ۽ رمله شهر ۾ ترسيو ۽
پنهنجي سامان ۽ رسد وغيره کي عسقلان جي قلعي ۾
پهچايو، ڇاڪاڻ ته هو سڀ کان مضبوط هنڌ هو، هاڻي
حسين بن احمد قرامطي ۽ الفتگين پنجاهه هزار بهادرن
جي طاقت سان جوهر جي مقابلي جي لاءِ اڳتي وڌيا، ان
معرڪي ۾ خاص ڳالهه اها هئي ته جهڙو شريف النفس
بهادر علوين جي فوج جو سردار جوهر هو اهڙو ئي سچو
۽ بااصول ۽ نيڪ نفس بهادر الفتگين سندس مقابلي
لاءِ هو ۽ شام وارن جو اهو لشڪر رمله شهر جي وسندي
کان ٽي ڪوهه پري طواحين ندي جي ڪناري لٿو. جنهن جو
پاڻي پيتو ويندو هو. قرامطي الفتگين ان جي گهاٽ تي
قابض ٿي ويا ته جوهر کي ڏاڍي ڏکيائي کي منهن ڏيڻو
پيو. ٿورن ڏينهن تائين ته هنن ننڍن ننڍن تلائن مان
ڪم هلايو پر جڏهن ڏٺائون ته پاڻي جو ڏڪار ٿيندو
پيو وڃي ته رمله مان هٽي عسقلان ۾ وڃي رهيا. ان جي
پويان قرامطي ۽ الفتگين وڃي پهتا، جوهر کان پنهنجي
فوج جي گهٽتائي سبب ان سواءِ ٻيو ڪجهه نه پهتو جو
وڃي عسقلان ۾ وڃي قلعي بند ٿي ويٺو، شما وارن ۽
قرامطين چئني پاسن کان گهيرو ڪيو، ان گهيري ڊيگهه
ڪئي ۽ گهيريلن وٽ کاڌي لاءِ باقي ڪجهه نه بچيو،
ايستائين جو ماڻهو مردار کائڻ لڳا ۽ پنج پئسا ماني
جي قيمت هڪ اشرفي وڃي ٿي، ان تي خرابي اها ٿي جو
سردين جا ڏينهن هئا ان ڪري دريا رستي مصر کان رسد
آڻڻ جو انتظام نه ٿي سگهيو، جوهر ارادو ڪيو ته اڳي
وانگر هاڻي به دشمنن ۾ ڦوٽ وجهي ڪاميابي حاصل ڪري
۽ الفتگين سان لک پڙهه شروع ڪئي ته توهان قرامطين
جو ساٿ ڏيو ٿا اسان جي امير المومنين جي اطاعت
ڪندا ته ايتري دولت اوهان کي پيش ڪئي ويندي. پر
الفتگين ابن الجراح نه هو ان هر خط جو ذڪر حسين بن
احمد قرامطي سان بيان ڪيو ۽ حسين بن احمد سدائين
اهو چيو ته جيڪڏهن هي ماڻهو تنهنجي هٿ مان نڪري
ويا ته ڏاڍو برو سلوڪ ڪندا. سندن واعدن جو ڀروسو
نه ڪرڻ گهرجي ان لک پڙهه جو ڪو نتيجو نه نڪتو ۽
جوهر ۽ سندس ساٿين کي موت سوا ٻي ڪا واٽ نه سڌي.
تڏهن جوهر الفتگين کي لکيو ”ٺيڪ تون نٿو مڃين ته
فلاڻي هنڌ اچي مون سان مل“ ان کي الفتگين منظور
ڪيو. مقرر هنڌ تي ويو ۽ ٻئي سردم گهوڙن تي سوار هڪ
ٻي سان مليا ۽ جوهر چيو، اسان اوهان ٻئي مسلمان
آهيون ۽ هن فتني خون جي بازار گرم رکي آهي جنهن جو
پڇاڻو اسان جي مٿي آهي. مون صلح ۽ اتفاق جي ڪوشش ۾
ڪا گهٽتائي نه ڪئي ۽ اوهان سان هر طرح واعدا ڪيا
پر اوهان ڪنهن ڳالهه کي نٿا منظور ڪريو، هاڻي آءٌ
وري چوان ٿو ته ٿورو غور ڪريو شايد اوهان جي دل ۾
ايتري صلاحيت اچي وڃي. الفتگين جواب ڏنو ”آءٌ خدا
جو قسم راضي آهيان ۽ اوهان جي واعدي وچن تي ڀروسو
رکان ٿو ۽ اهو به مڃان ٿو ته اوهان جي راءِ صحيح
آهي، پر ان کي ڇا ڪريان جو قرمطي نٿو راضي ٿئي
جنهن کي اوهان سان پڄڻ لاءِ گهرائڻو پيو ۽ ان سان
آءٌ بي وفائي ڪرڻ نٿو گهران.“
جوهر
چيو ”اها صورتحال آهي ته آءٌ به اوهان جي امانت
داري تي ڀروسو ڪري پنهنجو سچو احوال بيان ڪريان
ٿو. اصل هي آهي ته اسان تي دنيا تنگ ٿي ويئي آهي،
سڀ سپاهي بک مري رهيا آهن ۽ ڪنهن ۾ ايتري وڙهڻ جي
سگهه ناهي، اوهان مون تي ۽ منهنجي مسلمان ساٿين تي
ايترو احسان ڪريو جو اسان سڀ پنهنجون حياتيون
بچائي هتان هليا وڃون. ۽ پنهنجي ڌڻي جي درٻار ۾
پهچي اوهان جا ٿورائتا ٿيون ۽ اوهان جو اهو ٿورو
قيامت تائين رهي.، اهو احوال ٻڌي الفتگين جي دل
نرم ٿي ويئي. هر جوهر جي درخواست قبول ڪئي ۽ قسم
کنيو ته ”اوهان سان واعدو نه ٽوڙيندس.“
ان
کان پوءِ جوهر کان روانو ٿي سڌو حسين بن احمد
قرمطي وٽ آيو ۽ ان سان سڄي صورتحال ۽ پنهنجي واعدي
جو احوال بيان ڪيو. حسين بن احمد چيو ”تو وڏي غلطي
ڪئي جوهر بهادر به آهي صاحب راءِ به آهي ۽ مڪار به
آهي. هتان ويندي ئي اهڙو زبردست لشڪر وٺي ايندو
جنهن جي مقابلي جي اسان ۾ سگهه نه هوندي، بهتر اهو
آهي ته اوهان پنهنجي واعدي تان ڦري وڃو.” الفتگين
چيو. اهو نٿو ٿي سگهي خدا جو قسم آءٌ ان سان
دغابازي نه ڪندس“ ۽ ان سان گڏ جوهر ۽ ان جي فوج کي
واپس وڃڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي. جوهر واپس وڃي العزيز
باالهه جي خدمت ۾ سڀئي احوال بيان ڪيا ۽ چيو
”جيڪڏهن اوهان ان جي مقابلي لاءِ هلڻ گهرو ٿا ته
جلدي ڪريو نه ته هو مصر ملڪ جي حدن ۾ داخل ٿي
ويندا.“ العزيز باالله هڪدم لشڪر گڏ ڪري مقابلي
لاءِ هليو ۽ جوهر ان جي پهرئين جٿي جو اڳواڻ هو.
ان جي روانگي جي خبر ٻڌي الفتگين ۽ قرامطي وري
رمله ۾ واپس آيا ۽ ارادو ڪيائون ته اتي ئي جنگ جو
ميدان ملهائينداسين. نيٺ العزيز اچي پهتو محرم 367
هه ۾ ٻنهي لشڪرن هڪٻئي سامهون قطارون ٺاهيون ۽
لڙائي شروع ٿي. پهرين ئي جهڙپ ۾ الفتگين جي بهادري
ڏسي العزيز باالله حيران ٿي ويو ۽ لڙائي هلندي کيس
پيغام ڏنو ته ”جيڪڏهن تون هلي اچين ته توکي صوبن
جو والي ۽ پنهنجي لشڪر جو اڳواڻ بڻايان.“ اهو
پيغام ٻڌندي ئي الفتگين ٻنهي لشڪرن جي قطارن وچان
گهوڙي تان لهي زمين چمي ۽ پيغام آڻيندڙ کي چيو
”امير المومنين جي خدمت ۾ عرض ڪجان ته جيڪڏهن اهو
پيغام پهرين اچي ها ته آئون هڪدم پيروي ڪريان ها
پر هن وقت مناسب ناهي“ ۽ اهو چئي مصر جي فوج تي
حملو ڪري ماڻهن کي شڪست ڏنائين ۽ گهڻن کي قتل
ڪيائين. العزيز اهو ڏسي اهڙو جوش ۾ آيو جو فوج جي
وچ مان نڪري پنهنجي جٿي ۾ ويو ۽ قرامطين تي حملي
جو حڪم ڏنائين.
انهيءَ سپاهي للڪار سان مصرين اهڙو زبردست حملو
ڪيو جو قرامطين هار کاڌي ۽ گڏ ئي الفتگين جي ساٿين
جا پير اکڙي ويا ۽ سڀني فرار جي واٽ ورتي. هاڻي
مغربي جوانن ڀڄندڙن کي بنا روڪ قتل ڪرڻ شروع ڪيو ۽
تقريباً ويهه هزار ماڻهو مارجي ويا.
فتح
کان پوءِ العزيز بالله وڃي خيمي ۾ رهيو. ماڻهو
ڀڄندڙ دشمنن کي جهلي سندس اڳيان آندو ٿي ۽ هو ان
شخص کي جيڪو ڪنهن کي جيئرو پڪڙي آندو کيس خلعت سان
نوازيو. ۽ گڏ ئي اهو اعلان ڪيائين ته جيڪو الفتگين
کي جيئرو جهلي ايندو ان کي هڪ لک دينار انعام
ملندو. هيڏانهن الفتگين تي ان هار کان پوءِ اها
گذري جو اُڃ مري رهيو هو جو مفرج بن و غفل طائي
سان ملاقات ٿي. جڏهن ته ان سان پراڻي دوستي هئي.
الفتگين پاڻي گهريو مفرج پاڻي پياريو ۽ تسلي ڏيئي
پنهنجي گهر وٺي ويو. اتي کيس عزت سان ويهاري لڪ ڇپ
۾ العزيز بالله وٽ ويو ۽ چيائين الفتگين گرفتار ٿي
ويو. العزيز هڪدم هڪ لک دينار سندس حوالي ڪيا ۽
ڪجهه ماڻهو گڏي ڏنا ته الفتگين کي وٺي اچن.
الفتگين پنهنجي گرفتاري جو ٻڌائين ته زندگي کان
مايوس ٿي ويو ۽ يقين ٿي ويس ته العزيز بالله وت
پهچندي ئي قتل ڪيو ويندو. پر زور زبردستي اچي ويو
۽ جڏهن وڃي العزيز بالله جي سلوڪ کي ڏٺائين ته
حيران ٿي ويو. ڇو ته ڏاڍو عزت احترام سان هٿو هٿ
ورتو ويو، سندس لاءِ خيما کوڙيا ويا ۽ سڀئي نوڪر
جيڪي ساڻس گڏ هئا اهي ڏنا ويا ۽ اهڙا اهڙا تحفا ۽
سوکڙيون ڏنيون ويون جو دنگ رهجي ويو. پوءِ العزيز
بالله کيس مصر وٺي ويو پنهنجي خاص عهديدارن ۾
شامل ڪيائين. حسين بن احمد قرمطي جو ڍال اهو ٿيو
جو هار کائي ڀڄندو طبريه تائين پهتو جو العزيز
بالله جو قاصد ملي جنهن پيغام ڏنو ته ”امير
المومنين گهرائي ٿو جيڪڏهن اوهان هلندا ته اوهان
کي الفتگين کان وڌيڪ عزت ۽ احترام سان رکندا“ پر
هن نه مڃيو ۽ پنهنجي شهر واپس هليو ويو، قاصد جي
اچڻ سان مايوس ٿي العزيز ويهه هزار دينار هن ڏانهن
موڪليا ۽ چوائي موڪليو ته اها رقم توهان کي هر سال
ملندي رهندي.
ان وقت کان قرامطين کي بنا مهاڏي اٽڪائڻ جي ويهه
هزار دينار هر سال گهر ويٺي ملڻ لڳا. مصر ۾ العزيز
الفتگين کي خاص پنهنجي محل ۾ جڳهه ڏني ۽ سندس عزت
وڌائي. جنهن ڪري الفتگين جي حالت اها ٿي جو سلطنت
جو وزير يعقوب بن ڪلس جو ادب به ڇڏي ڏنائين. وزير
اهو رنگ ڏسي ساڻس ويري ٿي ويو ۽ الفتگين جي نوڪر
سان سازش ڪري کيس زهر ڏياريائين. العزيز کي سندس
مرڻ جو ڏاڍو ڏک رسيو ۽ جڏهن معلوم ٿيس ته اهو ڪم
وزير جو آهي تڏهن مڇرجي ان کي قيد ڪيائين ۽ ان کان
پنج لک درهم جرمانو وصول ڪيو پر سلطنت ۾ ڪو قابل
ماڻهو نظر نه آيو ۽ سلطنت جو ڪاروهنوار ڦٽندو ڏسي
چاليهه ڏينهن کان مٿي قيد رکي ان جو قصور معاف
ڪيائين ۽ آزادي سن گڏ وري کيس وزارت جو قلمدان به
سونپيائين. |