حصو
ٻيو
باب
پهريون
محمد
بن قاسم کانپوءِ سنڌ جي حالت
محمد بن قاسم جي پڄاڻيءَ سان گڏ ئي عام فارسي مؤرخ
سنڌ ۾ عربن جي زماني جي احوال کي به ختم ڪري ڇڏين
ٿا. پر هر مؤرخ جو هي خيال آهي ته ابن قاسم کان
پوءِ محمود غزنوي تائين سنڌ جي تاريخ راز جي پردي
۾ ڍڪيل آهي ۽ بيشڪ آهي به. ڇو ته جيڪڏهن نه هئي
تڏهن به فارسي مؤرخن جي ڄاڻ ڏاڍي محدود هئي، ان کي
منجهائي ۽ قياس جي خلاف بيان ڪري اصلي واقعن تي
بلڪل پردو وجهي ڇڏيو. جيئن ته اهو فارسي ليکڪن جو
زمانو هو. فقط چچ نامي جو مترجم سنڌ جو سڀ کان
پهريون مؤرخ آهي جنهن هڪ عربي ڪتاب جو ترجمو ڪري
ملڪ ۾ پکيڙي ڇڏيو، پر هن محمد بن قاسم جي زندگي
سان گڏ پنهنجي تاريخ به پوري ڪري ڇڏي آهي. جيڪڏهن
ان ۾ ڪجهه ٻيا احوال به لکيل هجن ها ته گهڻو ڪري
فارسي مؤرخن ۽ ان کان پوءِ انگريزي مصنفن ۾ اهڙو
اختلاف نه پيدا ٿي ها ۽ سنڌ جي تاريخ ايئن ڇڪتاڻ ۾
نه پوي ها، پر ڏاڍي حيرت جي ڳالهه هي آهي ته سڀني
فارسي مؤرخن سنڌ جا واقعا فقط فارسي تاريخن ۾
ڳوليا. ڪنهن کي اها توفيق نه ٿي ته عربي علم جي
خزاني تائين هٿ وڌائن، ان پاسي ٿورو به ڌيان ٿئي
ها ته سڄي ڳنڍ کلي پوي ها ۽ پوءِ وارا ائين
اهنجاين ۾ مبتلا نه ٿين ها. غزنوي خاندان جي پڄاڻي
تي هندستان جي فارسي تاريخن جي لکڻ جو سلسلو پيو.
انهن لکندڙن جو مرڪز خاص دهلي هو ۽ سندن سامهون
جيڪي واقعا موجود هئا اهي ايتري قدر دلچسپ هئا جو
انهن سنڌ جي گذريل تاريخ جو پتو لڳائڻ طرف بلڪل
ڌيان نه ڏنو. پوءِ جي ماڻهن کي جڏهن معلوم ٿيو ته
سنڌ ۾ محمد بن قاسم هڪ نامور عرب سپهه سالار وڏا
وڏا ڪارناما نمايان ڏيکاري چڪو آهي ته کين سنڌ جو
احوال معلوم ڪرڻ جو شوق ٿيو. عربي ڪتاب سندن اکين
کان اوجهل هئا ۽ ڪو فارسي معلومات جو ذريعو موجود
نه هو. لاچار ٻڌل سڌل افسانا جيڪي کين خود سنڌين
جي واتان معلوم ٿيا پنهنجي ڪتابن ۾ نقل ڪري ڇڏيا.
اسان جي هند جي فارسي مورخن رڳو دڦ تي اها ڳالهه
تسليم ڪري ورتي ته محمد بن قاسم کان پوءِ عربن جي
حڪومت ڪمزور ٿي ويئي. ان سان گڏ هڪ هي ڳالهه کين
ڇنڊڇاڻ طور تي معلوم ٿي ويئي ته غزنوي خاندان جي
زماني ۾ سنڌ ڏيهه تي سومرا نالي هڪ قوم جو ڏاڍو
وڌيڪ اثر هو. غزنوي حڪومت جي سج لهڻ سان گڏ ئي ان
قوم آزادي جو پروانو حاصل ڪري ورتو ۽ سنڌ کي بنا
مهاڏي اٽڪائڻ جي پنهنجي قبضي هيٺ ڪيو. فقط اهي ٻه
ڳالهيون آهن جيڪي فارسي مؤرخن جي معلومات جو
سرچشمو آهن، پر انهن ٻن ڳالهين تي سڀني مؤرخن
پنهنجي راين تي جيڪي پلٽا هنيا آهن انهن ڪارڻن سنڌ
جي تاريخ ايتري قدر پريشان ۽ برباد ٿي آهي جو
جيستائين اها آزادي فارسي مؤرخن کي لانجهو نه ڪري
ايستائين اصلي حالتن جو پتو نه ملندو. انهن ذڪر
ڪيل مصنفن غضب هي ڪيو ته 95 هه کان (جڏهن محمد بن
قاسم ملتان فتح ڪيو هو) 396 هه تائين (جڏهن سلطان
محمود غزنوي ملتان تي قبضو ڪيو هو) پورين ٻن صدين
جا احوال اهڙا برباد ڪيا جو جيڪڏهن انهن جي ڪتابن
جو ڀروسو ڪيو وڃي ته ڪوبه پتو نه پوندو، ذڪر ڪيل
ٻه سؤ سالن تائين سنڌ جي حالت ڇا هئي؟ سومرن بابت
اهو به ثابت نه ڪيو ويو ته هو ڪير هئا ۽ ڪهڙو مذهب
رکندا هئا ۽ نه ان بابت اطمينان ٿئي ٿو ته هو ڪنهن
وقت ۽ ڇو سنڌ ڌرتي تي نمودار ٿيا. مسٽر ايليٽ
پنهنجي بي مثال تاريخ ۾ فارسي مؤرخن جي اختلاف کي
بهتر وضاحت سان ڏيکاريو آهي، مير معصوم چوي ٿو
443هه 1051ع يعني عبدالرشيد بن سلطان مسعود کي سنڌ
جو حڪمران مقرر ڪيو، سومرن ۾ ڇويهه بادشاهه گذريا
۽ انهن ۾ پنج سؤ سال حڪومت رهي پر مير معصوم کي ان
جو اعتبار ناهي، جنهن جو اعتراف خود پنهنجي لفظن
مان ٿئي ٿو. تاريخ طاهري جو مصنف لکي ٿو ته سومرا
700ع کان 843 هجري تائين يعني ڪل 143 سال بادشاهه
رهيا. هندو مذهب رکندا هئا ۽ محمد طور سندن گاديءَ
جو هنڌ هو. بيگلار نامو لکي ٿو ته مسلمانن جي سوڀ
کان پوءِ تميم قبيلي جا ماڻهو حڪومت ڪرڻ لڳا. ان
کان ٿورا ڏينهن پوءِ سومرا بادشاهه ٿيا ۽ پنج سؤ
سالن تائين حڪومت جون واڳون سندن هٿ ۾ رهيون.
مهاتم پور جو هنڌ سندن بادشاهت جو ٺڪاڻو هو. منتخب
التواريخ وارو مصنف تفصيل ٻڌائي ٿو ته سلطان
عبدالرشيد جي هيڻائي جي ڏينهن ۾ 445 هه ۾ سومرن
ٺري شهر جي ڀر ۾ گڏ ٿي سومرو نالي هڪ همراهه کي
پنهنجو چڱو مڙس ڪيو. انهيءَ پهرين سومري چڱي مڙس
سعد نالي هڪ زميندار جي ڌيءَ سان ونهيان ڪيو. جنهن
جي پيٽان سندس جانشين ڀونگر پيدا ٿيو. ان کانپوءِ
سومرن حاڪمن جي پوري پيڙهي بيان ڪئي آهي. تحفته
الڪرام جو مصنف لکي ٿو ته سومرا قوم عرب جي سامرين
مان نڪتل آهي. ٻي صدي هجري ۾ تميم قبيلي جي انصاري
ماڻهن عباسي حڪومت طرفان جڏهن سنڌ جا والي مقرر ٿي
آيا ته انهن سان گڏ هي ماڻهو به آيا هئا انهن جو
پورو زمانو تقريباً ساڍا پنج سؤ سال ٻڌايو وڃي ٿو.
پهرين ته ڏنڀرو ۽ جاگيردارن جي حيثيت رکندا هئا،
پر غزنوين کان پوءِ انهن پوري آزادي حاصل ڪري
ورتي. اهو ئي مصنف ٻي هنڌ لکي ٿو ته سومرا ساره جا
عرب هئا. هتي اچڻ جو سبب هي ٿيو ته هتي جي ديسي
والي دلوراءِ پنهنجي ننڍي ڀاءُ ڇٽي امراڻي تي
زيادتي ڪئي، ڇٽي امراڻي خلافت جي درٻار ۾ دانهن
ڏني ته سامره کان عرب ان جي مدد لاءِ روانا ڪيا
ويا. انهن ۾ سيد علي موسوي به هو جنهن دلوراءِ جي
ڌيءَ سان شادي ڪئي ۽ ان جي اولاد اڄ تائين باقي
آهي، جڏهن غازي ملڪ سنڌ سان فوج وٺي دهلي تي حملو
ڪيو ۽ خسرو خان کان پوءِ عياث الدين تغلق شاهه جي
لقب سان دهلي جي تخت تي ويٺو ته سومرن موقعو ڏسي
سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ ٺري شهر وٽ گڏ ٿي سومرو نالو هڪ
همراهه کي پنهنجو حڪمران ٺاهيو. جنهن امن امان سان
سلطنت قائم ڪئي ۽ سعد نالي هڪ زميندار جي ڌي
پنهنجي حرم ۾ داخل ڪئي، ان عورت جي پيٽان ڀونگر
نالي ڇوڪرو پيدا ٿيو جيڪو مرڻ کان پوءِ تخت ۽ تاج
جو وارث ٿيو. ”تاريخ فرشته“ ۾ لکيل آهي ته ”محمد
بن قاسم کان پوءِ اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي پاڻ کي
تميم انصاري جي اولاد مان سمجهندا هئا سنڌ ملڪ تي
بادشاهي ڪرڻ لڳا.“ انهن کان پوءِ اتي جي زميندارن
مان سومرن حڪومت شروع ڪئي جن کي پنهنجي مال ۽ دولت
۽ پنهنجي گروهن جي گهڻائي تي ناز هو. هڪ صدي تائين
سندن زمانو رهيو. ان کان پوءِ سمن هتي جي حڪومت
پنهنجي هٿ ۾ ورتي، هي به هن ملڪ جا زميندار هئا ۽
انهن جا حاڪم ڄام جي لقب سان مشهور هئا. انهن جي
عهد ۾، غزنوي، غوري ۽ دهلي جا ٻيا بادشاهه ڪڏهن
ڪڏهن فوج چاڙهي ايندا هئا ۽ سنڌ جي ڪجهه شهرن تي
قبضو ڪري وٺندا هئا. نيٺ سلطان ناصر الدين قباچه
سنڌ جو بادشاهه ٿيو جنهن هتي مڙسيءَ سان پنهنجي
حڪومت قائم ڪئي ۽ پنهنجي نالي خطبو ۽ سڪو جاري
ڪيو. هاڻي اسان انگريز ليکڪن جون وضاحتون نقل
ڪريون ٿا جن سنڌ جي ان زماني جي تاريخ تي بحث ڪيو
آهي، مسٽر پاٽنچر جو بيان آهي ته سنڌ ۾ غزنوي
بادشاهن جي طرفان والي مقرر ڪري روانا ڪيا ويندا
هئا. سلطان مسعود جي زماني ۾ سومرا نالي هڪ قوم
پڌري ٿي جنهن هٿيار هٿ ۾ کڻي ۽ سلطان جي عاملن ۽
طرفدارن کي ڪڍي ٻاهر روانو ڪيو. پر ان قوم جي
سردار سگهر هڪدم غزني درٻار ۾ هٿ جوڙ ڪئي ۽ جيڪا
رقم اڳ ۾ غزني خزاني ۾ هتي جي آمدني مان داخل
ٿيندي هئي. اهڙي نموني داخل ڪرڻ جو واعدو ڪري
غزنوي تخت جي ماتحت رهي پاڻ سنڌ جو والي ٿي ويهي
رهيو. ان کان پوءِ ڏيڍ سؤ سالن تائين ڏن وقت تي
ادا ٿيندو رهيو. ايستائين جو غورين جي هٿان غزنوي
حڪومت جو خاتمو ٿيو. ڊاڪٽر برڊ ڪيترن فارسي مؤرخن
جي ڀروسي تي لکي ٿو”سومرا پهرين پهرين محمود غزنوي
جي عهد ۾ پڌرا ٿيا دراصل مسلمان هئا ۽ پيغمبر ﷺ جي
چاچي ابو جهل جي اولاد مان هئا. يارهين صدي عيسوي
جي شروعات ۾ انهن مان هڪ همراهه طاقتور ٿيو. سمان
قوم جي هڪ ڇوڪري پنهنجي نڪاح ۾ رکي. جنهن مان
ڀونگر نالي هڪ ڇوڪرو پيدا ٿيو. خود ان همراهه جو
نالو هالو هو، هي شخص ڇٽي جو پٽ هو ۽ ڇٽو عمر
سومري جي نسل مان هو. عمر سومرو ئي پهريون شخص آهي
جيڪو ان قوم جي تاريخ ۾ نظر اچي ٿو. ڊاڪٽر برڊ وٽ
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سومرا عربي الاصل هئا ۽ ابو
جهل جي اولاد مان هئا هو اڳتي وڌيڪ لکي ٿو ته انهن
جو قومي لقب سامره شهر مان نڪتو آهي جيڪو عراق ۾
دجلي درياءَ جي ڪناري تي آهي ۽ معلوم ٿئي ٿو ته هي
تميم انصاري قبيلي مان نڪتا آهن ۽ تميم ۽ قريش جا
ٻيا قبيلا به ان ۾ شامل آهن. مسعودي جي ڏينهن ۾
ڪيترائي عربي سردار حضرت حمزي ۽ حضرت علي مرتضيٰ
جي نسل مان هئا. منصوره جي والي جي رعيت ۾ موجود
هئا، تنهن ڪري انهن وڏن مان اسان کي سنڌ جي سيدن ۽
سمورا خاندان جو پتو لڳائڻ گهرجي. پر مسٽر انفسٽن
”تاريخ فرشته“ تي ڀروسو ڪري ۽ وڌيڪ ماڻهن جي
تاويلن مان ڪم وٺي پنهنجي تاريخ ۾ لکي ٿو ته
مسلمانن جي ترقي هندستان ۾ محمد بن قاسم سان گڏ ٿي
جڏهن هو مري ويو ته اها ترقي به لڏي ويئي. جيڪي
ملڪ هن فتح ڪيا هئا 714 عيسوي مطابق 96 هه ۾ تميم
نالي ان جو قائم مقام جي حوالي ڪيو ويو ۽ بني اميه
خاندان جي تباهي تائين يعني ڇٽيهه سال ان جي قبضي
۾ رهيا. تميم خاندان کان پوءِ سميرا قوم جي
راجپوتن بغاوت ڪئي جنهن جو تفصيلي حال معلوم ناهي
۽ مسلمانن کي سنڌ مان ڪڍيو ۽ جيڪي ملڪ مسلمانن فتح
ڪيا هئا پوءِ هندن جي قبضي ۽ اختيار ۾ آيا ۽
تقريباً پنج سؤ سال انهن جي قبضي ۾ رهيا“ دراصل هي
اهڙا اختلاف آهن جو جيڪڏهن ان مان ڪنهن صحيح نتيجي
ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته ڪڏهن به ڪاميابي جي اميد
ناهي. پر ڪيتري وڏي حيرت جي ڳالهه آهي جو سڀ کان
وڌ الزام مسٽر انفسٽن جي ذمي آهي جنهن ان جو بلڪل
لحاظ نه ڪيو ته سنڌ ۾ عربن جي حڪومت محمد بن قاسم
کان پوءِ به ڳچ عرصي تائين رهي آهي. جيڪڏهن سومرا
قوم جي حڪومت انهيءَ زماني کان تسليم ڪئي وڃي ٿي
ته اهي سڀئي احوال جيڪي ڀروسي جوڳن ذريعن سان ۽
ڏاڍو قديم مورخن جي ڪتابن ۾ صاف صاف لکيل آهن،
انهن جي ڪيئن ترديد ڪري سگهجي ٿي. انهيءَ سبب مسٽر
ايليٽ کي به انفسٽن جي ان بيان تي حيرت ٿيندي. ڇو
ته هو لکي ٿو ”راس (مسٽر انفسٽسن) جي بيان مطابق
عباسي خليفن جي سڀني والين جو ملتان ۽ منصوره جي
آزاد ۽ خود سر حڪمرانن جو ۽ قرامطه جو سڄو زمانو
عفلت جي نذر ٿي ويو. اتي وڏي ۽ عظيم الشان غفلت ۽
ايتري وڏي مورخ کان ڏسي اهو چوڻو پوي ٿو ته جن
واقعن سان اسان کي واسطو پيو آهي اهي ڪيتري قدر
اونداهي ۾ پيل آهن” پر سچ ته هي آهي ته رڳو واقعن
جي منجهيل هئڻ تي انفسٽن لاچار نٿو رکي سگهجي.
جيڪڏهن سومرن جي اصليت يا انصاف جي شروعاتي مذهب
جي باري ۾ انهن کان ڪا وڏي غلطي ٿي وڃي ته چئي
سگهجي ٿو ته واقعا ئي اهڙا منجهيل هئا پر ان جو
ڪهڙو جواب آهي ته انهن عرب جي حڪومت جي زماني ۽ ٻن
صدين جي پوري تاريخ کي لڪائي ڇڏيو، جنهن نسبت ڪڏهن
به نٿو چئي سگهجي ته واندهي ۾ هئي. مسٽر انفسٽن
ڪنهن عربي تاريخ کي ڏسي ها ته ان زماني جا گهڻا
ڪجهه احوال معلوم ٿي سگهن ٿا. محمد بن قاسم کان
پوءِ جا احوال ته اسان اڳتي هلي بيان ڪنداسين پر
لڳندي هٿ اسان مسٽر انفسٽن جي مروت سان هي مناسب
معلوم ٿئي ٿو ته پهرين سومرن بابت ڳچ بحث ڪري
وٺون، ان معاملي ۾ ٻه ڳالهيون بلڪل مشڪوڪ ۽ بنا
ڇنڊڇاڻ جي حالت ۾ آهن. هڪ هي ته اهي ماڻهو دراصل
ڪٿي جا رهاڪو هئا ۽ ڪهڙو مذهب رکندا هئا. ۽ ٻيو ته
سندن حڪومت ڪنهن وقت شروع ٿي، اهي ٻئي ڳالهيون
ايتري قدر مشڪوڪ آهن ۽ منجهن اختلاف آهي جو حقيقت
۾ ڪوبه صحيح ۽ اطمينان جوڳو فيصلو نٿو ڪري سگهجي.
پهرين معاملي بابت جيتوڻيڪ گهڻن مؤرخن جي راءِ
سندن خلاف آهي پر مٿاڇري نظر سان اهو ويچار آهي ته
اصل ۾ هي ماڻهو هندو هئا ۽ آڳاٽو سنڌ ۾ رهندڙ هئا.
سندن نالن جو ويچار ڪجي ته ڪجهه هندن جهڙا آهن.
جڏهن ته اهو دليل سندن لاءِ ڪافي آهي، پر سنڌ
ڌرتيءَ تي عرب ۽ هندو ايترو گڏجي ويا هئا جو نو
مسلم قومون مسلمان ٿيڻ باوجود پنهنجي خاندانن ۾
اهي پراڻا هندڪا نالا مروج رکنديون هيون ۽ عرب
مسلمان ڪڏهن به مزاحمت نه ڪندا هئا. پر اندازي مان
ائين معلوم ٿئي ٿو ته گهڻو عرصو گذرڻ بعد خود عربي
الاصل مسلمانن ۾ به ديسي نالن جو رواج ٿي ويو هو.
هي هڪ اهڙو مسئلو آهي جيڪو سومرن جي اصلي مذهب ۾
وري شڪ شبهو وجهي ٿو. تڏهن به اهو چئي سگهجي ٿو ته
سنڌ جي ٻين نو مسلم قومن ۾ ۽ عربي الاصل مسلمانن ۾
هندڪي نالن جو رواج اهڙي طرح ٿيو جو شروعات ۾ سڀني
جا نالا مسلمانن جهڙا هئا ۽ زماني جي رفتار سان گڏ
آهستي آهستي هندڪا نالا پيدا ٿيندا رهيا ۽ پڇاڙي ۾
ديسي نالن جو رواج وڌيڪ پئجي ويو، پر ان جي خلاف
سومرن ۾ اسان کي اهو نظر اچي ٿو ته انهن ۾ شروع ۾
هندڪا نالا مروج هئا ۽ پڇاڙيءَ ۾ آهستي آهستي
اسلامي نالا پيدا ٿيا. ان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو
ته اهي ماڻهو اصل ۾ هندو هئا. نالن کي ڇڏي سندن
اخلاق ۽ عادتن مان هندو مذهب جي ڇٽ اچي ٿي. اولهه
جو مشهور سياح ابن بطوطه جڏهن 734هه ۾ ڪابل جي
جبلن مان لهي سنڌ جي شهر جنهاڻ ۾ پهتو ته اتي جي
احوال ۾ لکي ٿو ”هتي هڪ قوم رهندي آهي جيڪا سامره
جي نالي سان مشهور آهي انهن ماڻهن جا وڏا ان آڳاٽي
جڳ ۾ هتي رهندا هئا. جڏهن ته حجاج جي دور حڪومت ۾
هي ملڪ فتح ڪيو ويو هو. هي سامري ماڻهو ڪنهن سان
گڏ کاڌو نه کائيندا آهن ۽ جڏهن پاڻ کائڻ لڳندا آهن
ته ان ٽاڻي اهو به پسندا نه ڪندا ته ڪو کين
کائيندو ڏسي، سواءِ پنهنجي مٽن جي ٻي ڪنهن قوم مان
ونهيان نه ڪندا هئا. منهنجي ڏينهن ۾ ونار نالي هڪ
همراهه انهن تي حڪمران هو“ انهن جي عادتن ۽ لڇڻن
مان اهو به خيال پيدا ٿئي ٿو ته هي ماڻهو دراصل
هندو هئا. مسٽر ايليٽ وڏي کوجنا بعد هڪ ٻيو مضبوط
دليل ڏنو آهي جيڪو سومرن جي هندو الاصل هئڻ جي
دعويٰ کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿو. هو لکي ٿو ته اسلام
جي فاتحن جو اصلي مذهب اختيار ڪرڻ کان اڳ سومرن
قرامطين جو مذهب اختيار ڪيو هو. (ان مذهب جو احوال
اسين آئندي بيان ڪنداسين) ان نئين مذهب جا داعي ۽
سڏيندڙ سنڌ ڌرتيءَ تي پکڙيل هئا جن جي رڳو خراسان
۽ عرب ئي قرامطين سان نه شام ۽ مصر جي قرامطين سان
به لک پڙهه رهندي هئي ۽ برابر نياپا سنهيا جاري
رهندا هئا ۽ قرامطين مان به دروز فرقي جي پيشوائن
جو هتي سان پورو تعلق هو، جڏهن ته مقطنه بهاءُ
الدين جيڪو حمزي جو خاص مريد هو ۽ دروزي تحريرن جو
لکندڙ آهي ان جو هڪ خط انهن ماڻهن جي مقدس ڪتاب
الدروز ۾ موجود آهي. اهو خط 423 هه 1032ع ۾ لکيو
ويو آهي ۽ ان جو عنوان هي آهي .” بجانب عام موحدين
ملتان و هندستان م خاصته بنام شيخ ابن سومره راجه
بل“ ان خط ۾ ابن سومري جو اصل هندو نالو ٻڌايل آهي
۽ ان کي راجه بل ”راجا بل اصلي وارث بوٿرو ۽ هودل
هلا“ لکيل آهي، راجه بل کان پوءِ ان جي خاندان جا
ٻين به گهڻن ماڻهن نالي لکيل آهي جن مان ڪجهه عربي
۽ باقي ديسي نالا آهن ۽ انهن جي آئين ۽ مذهب جي
واکاڻ ٿيل آهي. ڪتاب الدروز جي ان خط ۾ راجا جي
پيءُ جو نالو سومر لکيل آهي. مسٽر ايليٽ جي راءِ ۾
هيءَ ئي اهو سومرو آهي جنهن کي سڀني مؤرخن سومرا
خاندان جو باني ٻڌايو آهي ۽ نالن ۾ جيڪا هندي ۽
عربي ملاوت آهي ان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ان
خط ۾ سومرا قوم مخاطب ڪئي ويئي آهي. ان لاءِ ته
عهد ۾ نالن جي اهڙي نمايان ملاوت فقط سومرن ۾ ئي
نظر اچي ٿي ۽ اهو پتو پوي ٿو ته ان قوم جا ڪجهه
ماڻهو قرامطي مذهب اختيار ڪري چڪا هئا. ان لاءِ ته
انهن ماڻهن جو مذهب ۽ آئين جي به تعريف ڪئي ويئي
آهي. اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته موجوده حڪمران پاڻ به
قرامطي مذهب جو پوئلڳ هو ۽ سندس پيءُ جنهن جو هي
وارث ٿيو يعني خود سومرو اهو به قرمطي هو. شيخ ابن
سومر جيڪو خاص مخاطب بڻايو ويو آهي ان جو زمانو به
ان خط مان معلوم ٿئي ٿو. ڇو ته ان ۾ سلطان محمود
غزنوي جو ذڪر آهي، قطع نظر ان جي هي به ظاهر آهي
ته هي خط 423هه جو لکيو ويو ۽ سلطان محمود جو
زمانو 422 هه کان شروع ٿي چڪو هو تنهن ڪري اسان کي
خيال ڪرڻ گهرجي ته ابن سومره جو پيءُ سلطان محمود
غزنوي جي زماني ۾ ملتان تي حڪومت ڪري رهيو هو.
ايترو معلوم ٿيڻ کان پوءِ صاف معلوم ٿي وڃي ٿو ته
اهو ئي سومرو اهو شخص آهي جنهن جو ٻيو اسلامي نالو
ابو الفتح داؤد هو جنهن تي سلطان محمود غزنوي
401هه ۾ حملو ڪيو هو ۽ اهو الزام مٿس لڳايو ويو ته
ملاحده مذهب يعني قرامطين جو پوئلڳ آهي. انهن
واقعن جي ترتيب ڏيڻ سان قريب قريب گهڻيون مشڪلاتون
بظاهر حل ٿي وڃن ٿيون. اهي ڳالهيون معلوم ٿي وڃن
ٿيون ته سومرن جي حڪومت محمود جي حملي کان پهرين
شروع ٿي چڪي هئي. انهن مسلمانن عام مذهب نه پر
قرامطي مذهب اختيار ڪيو هو پر اڃان تائين نه اها
دقت هٽي ٿي ته انهن ڪهڙي وقت ۽ انهن جي خاندان ۾
سڀ کان اڳ ڪنهن قرامطي مذهب اختيار ڪيو هو ۽ نه
اهو چئي سگهجي ٿو ته ان خاندان ۾ سڀ کان اڳ ڪهڙو
شخص تخت تي ويٺو. تاريخ فرشته ۾ صاف لکيل آهي ته
امير ناصر الدين سبڪتگين محمود جي پيءُ جي ڏينهن ۾
ملتان جو والي شيخ حميد لوڌي هو جنهن امير سبڪتگين
جي هر طرح اطاعت ڪئي ان کان پوءِ سندس پٽ شيخ نصير
ٿيو جنهن جو پٽ شيخ ابوالفتح دؤر محمود جي زماني ۾
هو ۽ جنهن بابت مسٽر ايليٽ ڪتاب الدروز جي تحرير
مان يقين ڪيو ته هيءُ ئي اهو سومرو آهي جنهن کي ان
خاندان جو باني چوڻ گهرجي. فرشتي جي ان بيان مان
صاف ظاهر ٿئي ٿو ته قرامطي مذهب کڻي داؤد پنهنجي
ذات سان اختيار ڪيو هجي پر مذهب اسلام ان جي پيءُ
۽ دائود ٻنهي جو مذهب هو ۽ ڪتاب الدروز جي خط ۾
داؤد جو پٽ جيڪو ابن سومره راجه بل جي لقب سان ياد
ڪيو ويو آهي اهو به اندازي جي خلاف تصور نٿو ڪري
سگهجي ڇو ته جهڙي طرح سومرا قوم جي ٻين ماڻهن ۾
باوجود مسلمان هئڻ جي پڇاڙي تائين هندڪا نالا مروج
رهيا اهڙي طرح ممڪن آهي ته داؤد جو عربي کان سواءِ
هڪ هندي نالو به هو ۽ سندس پٽ جو نالو راجه بل به
رکيو ويو. اها ڳالهه ڇنڊ ڇاڻ سان ثابت ٿي ته سومرا
خاندان سبڪتگين جي ڏينهن ۾ مسلمان هو ۽ ان وقت
ملتان جي حڪومت به ان جي هٿ ۾ هئي، سبڪتگين 367هه
۾ تخت نشين ٿيو هو تنهن ڪري اسان کي مڃڻ کپي ته ان
سال کان اڳ سومرا مسلمان ٿي چڪا هئا ۽ سندن حڪومت
به هئي. هاڻي اسان عربي جاگرافي لکندڙ ۽ سياحن جي
بيان ڏانهن ڌيان ڏينداسين. جن جي لکڻين مان اهو
معلوم ٿي سگهي ٿو ته سنڌ ۾ عربي خاندان حڪمران هو،
هو آخر کان آخر تائين اتي حڪمران نظر آيا ۽ پڻ اهو
احوال به معلوم ٿي سگهي ٿو ته قرامطي مذهب وڌيڪ
عام سنڌ ۾ ڪڏهن ٿيو ۽ بيشڪ اهي بيان سڀني مؤرخن جي
لکڻين کان وڌ ڀروسي جوڳا آهن. ڇو ته انهن ماڻهن
پاڻ مسافريون ڪري پنهنجي اکين ڏٺا واقعا بيان ڪيا
آهن ۽ زماني جي تصوير خود پنهنجي اک سان ڏسي اسان
کي ڏيکاري. سڀ کان اڳ علامه مسعودي سفر ڪندي 330
هه ۾ سنڌ ۾ آيو. هو لکي ٿو ”امير ملتان اسامه بن
لوي بن غالب جي بڻ مان آهي ۽ هتي جو تخت هڪ عرصي
کان وارثيءَ طور انهيءَ خاندان ۾ هلندو اچي“ ان
کان پوءِ امام ابو اسحاق اصطخري سنڌ ۾ لٿو جنهن جو
سفر 340هه ۾ پورو ٿي ويو هو. هو لکي ٿو ”(ملتان) ۾
قريشي النسل بادشاهه آهي ۽ بغداد جي خليفي جو خطبو
پڙهندو آهي“ ان کان ٿورا ڏينهن پوءِ مشهور عربي
جاگرافي لکندڙ ابن حوقل هن ڌرتيءَ تي پهتو جنهن جو
سفر 358هه ۾ پورو ٿيو. هو بيان ڪري ٿو ”امير قريشي
النسل آهي ۽ اسامه بن لوي جي اولاد مان آهي ۽ هتي
(ملتان ۾) بغداد جي خليفي جو خطبو پڙهيو ويندو
آهي“ ان زماني تائين صاف معلوم ٿئي ٿو ته ملتان جا
بادشاهه عربي نسل هئا. ۽ سندن مذهب ۾ ڪنهن قسم جو
ڦيرڦار نه هو. قرامطين جو اڃان تائين ڪوبه اثر نه
پيو هو. انهن ٽنهي سياحن کان پوءِ علامه بشاري
مقدسي سنڌ ۾ آيو جنهن 375هه ۾ پنهنجو سفرنامون
پورو ڪيو. هو لکي ٿو ”ملتان ۾ بني فاطمه جي خليفن
جو خطبو پڙهجي ٿو. سڀني معاملن جو نبيرو به مصر جي
خليفن جي اجازت سان ٿيندو آهي. هتان کان برابر
سوکڙيون پاکڙيون مصري خلافت جي درٻار ۾ وينديون
رهنديون آهن. |