تميم
سنڌ جو حڪمران ٿيڻ کان اڳ ئي سنڌ ۾ موجود هو ۽
انهن لائق بهادرن مان جيڪي حجاج جي ڏينهن ۾ محمد
بن قاسم سان گڏ سنڌ موڪليا ويا هئا ۽ جڏهن ته کين
سنڌ جو ڳچ عرصو رهڻ جو اتفاق ٿيو هو، تنهن ڪري
اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ان جي خاندان ۽ ان جي نسل
جا ماڻهو سنڌ ۾ عربن جي آخري ڏينهن تائين سنڌ ۾
رهيا. انهن کي هندستان جي حڪومت ۾ جيڪا ناڪامي ٿي
ان جو گهڻو ڪارڻ هيءَ ئي معلوم ٿئي ٿو ته ان جي
ڏينهن ۾ ڪنهن خاص سبب سان مسلمان قبيلن جو پاڻ ۾
جهڳڙو ٿي ويو هو اهي عرب جيڪي انهن شهرن ۾ رهي پيا
هئا سڀ ان جي مخالفت تي آماده ٿي ويا. گهڻو ڪري هن
ضعيف جماعت جو ساٿ ڏنو ڇو ته جن ماڻهن انهن جي
دشمني تي چيلهه ٻڌي هئي ڪنهن طرح ان جي دٻائڻ سان
نه دٻجي سگهيا ۽ جڏهن هن تشدد کان ڪم وٺڻ گهريو ته
لڙائي ۽ رتو ڇاڻ تي تيار نظر آيا ۽ سندن طاقت
ايتري گهڻي هئي جو خود تميم کي ان کان دٻڻو پيو ۽
سوين ڳالهين مان هڪ هيءَ آهي ته هو ماڻهو نه
هندستان جا هندو هئا ۽ نه ايران جا ايراني هئا پر
عرب هئا جن ۾ عيش ۽ دولت اڃان گهڻو ڦيرو نمايان نه
ڪيو هو ۽ جن جي دليري ۽ جن جي پرجوش حوصلن اڳيان
ڪنهن رحم دل ۽ ڪمزور هٿ حاڪم جي تمام گهٽ هلندي
هئي. مطلب ته انهن عربي نسل جي فتني خورن جي ڊپ
کان سواءِ ان جي جو جان بچائڻ جي لاءِ عراق ڏانهن
ڀڄڻ جي تميم کي ٻي ڪا تدبير نه ٺهي. ان خيال سان
هو هندستان ڇڏي روانو ٿيو. پر سنڌو درياءُ پار ڪيو
ئي هئائين جو قسمت پير جهلي ورتا ۽ ماءُ الجواميش
جي ڪناري موت ڪم پورو ڪري ڇڏيو. ان جي دور ۾ اهو
ئي نه ٿيو جو هن ناڪامي ۽ ڦڪائيءَ سبب سنڌ جي شهرن
کي ڇڏي فرار جي واٽ ورتائين. پر ان زماني جا فتنا
۽ فساد ڏسي ٻين نامور مسلمانن به هند جي ڌرتيءَ کي
نفرت سان ڇڏيو ۽ سنڌ مان نڪري ويا. سڀئي اهي هند
جا علائقا جيڪي عربن جا ٺڪاڻا ٿي ويا هئا اهي خالي
ٿيڻ لڳا. ۽ اهو ئي نظارو وري ٻيهر نظر اچڻ لڳو
جيڪو محمد بن قاسم جي گرفتاري جي وقت نظر آيو ٿي.
ان دور کان پوءِ جيتوڻيڪ فتح ڪيل شهرن کي پنهنجي
قبضي ۾ رکڻ جي سدائين ڪوشش رهي. پر مسلمانن کي اهي
اعليٰ ڪاميابيون ۽ فتح مندي ڪڏهن نصيب نه ٿي. جيڪا
محمد بن قاسم ۽ جنيد جي ڏينهن ۾ حاصل ٿي چڪي هئي.
ها بس ايترو ئي رهيو جو حڪومت جو سلسلو بزير قائم
رکيو. جڏهن تميم بزدليءَ سان سنڌ جي حڪومت ڇڏي ڀڄڻ
جو ارادو ڪيو ۽ ان سرزمين ۾ موت جو شڪار ٿيو. تڏهن
خالد هشام جي درٻار ۾ حڪم بن عوانه ڪلبي جي پارت
ڪئي ۽ هو سنڌ جو حڪمران مقرر ٿي آيو. حڪم جڏهن ته
پاڻ سپاهي واري طبيعت جو ماڻهو نه هيو ۽ انهيءَ
سبب خراسان جي حڪومت جي وقت تمام وڏو الزام کڻي
هٽايو ويو هو، تنهن ڪري احتياط سان هو هندستان جي
گذريل ۽ سدائين ياد رهڻ واري فاتح محمد بن قاسم جي
پٽ عمرو کي پاڻ سان گڏ وٺيو آيو جيڪو سپاهه گيري
جو مشتاق ۽ بهادري ۽ حوصلي مندي ۾ پنهنجي پيءُ جو
سچو وارث هو. سڀئي اختيار ان جي هٿ ۾ ڏنا ۽ سندس
راءِ سان حڪومت ڪرڻ جو ارادو ڪيو. پر جيستائين حڪم
هندوستان جي سرحد ۾ پهچي هتي جي حالت ڏاڍي خراب ٿي
ويئي هئي. سڄو ڪاروهنوار درهم برهم ٿي ويو هو. رڳو
قصبي وارا مستقل مزاجي سان دين اسلام تي قائم رهيا
باقي سڄي سنڌ جي شهرن جا نوان مسلمان مرتد ٿي چڪا
هئا. حڪم هندستان جي دنگن ۾ داخل ٿي ڏٺو ته ڪو هنڌ
به اهڙو نظر نه آيو جيڪو مسلمانن جو ٺڪاڻو قرار
ڏجي ۽ جنهن جي مضبوطي جو ايتري قدر يقين هجي جو
مسلمان اتي اچي پناهه وٺي سگهن. اهو نقصان ڏسي حڪم
پنهنجي حڪومت ۾ جيڪو پهريون ڪم ڪيو اهو هي هو ته
اٽڪ درياءَ جي منڍ جي اوڀر طرف هڪ شهر آباد ڪيو
جنهن جو نالو محفوظ رکيو. ان شهر کي حڪم مسلمانن
جو من وماويٰ قرار ڏنو ۽ خوب آباد ڪيو. جنهن وقت
ان نئين ٺهندڙ شهر جي نالي جي تجويز پيش ٿي ته شام
جي رهاڪو ڪلب قبيلي جي پوڙهن کي گڏ ڪري پڇيو ته
ڪهڙو نالو رکيو وڃي. ملڪي محبت جي جوش ۾ سڀني شام
جي شهرن جا نالا ڳڻڻ شروع ڪيا. ڪنهن چيو ”دمشق“
نالو رکو، ڪنهن چيو ”حمص“ بهتر رهندو ۽ پيارو نالو
آهي. هڪ عقلمند پوڙهي چيو ”تدمر“ کان سٺو ڪو نالو
ئي ڪونهي(تدمر به شام جي هڪ شهر کي چوندا آهن پر
عربي ۾ ان جي معنيٰ تباهه ۽ برباد ٿيڻ آهي.) اهو
جملو ٻڌندي حڪم دانهن ڪري چيو ”ومرالله عليڪ يا
احمق“ اي احمق خدا توکي تباهه ڪري) پوءِ انهن مان
مون کي ڪوبه نالو پسند ڪونهي. آءُ ان شهر جو نالو
”محفوظ“ رکندس. حڪم آخري زماني تائين هتي ئي رهيو
محمد بن قاسم جو پٽ عمرو جيڪو ان سفر ۾ ساڻس گڏ هو
حڪم ان جو اهڙو قدر ڪندو هو جو سڀئي معاملا ۽ ڪار
وهنوار سندس هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيا ها. محفوظه شهر جي
پيڙهه رکڻ کان پوءِ هن ڪجهه فوج عمرو بن محمد بن
قاسم کي ڏيئي ۽ کيس جهاد جي مطلب سان محفوظ مان
روانو ڪيو. عمرو ڪيتريون فتحون حاصل ڪري جڏهن واپس
آيو ته هن خوشيءَ جي جوش ۾ انهن سوڀن جي يادگار
قائم رکڻ جي لاءِ سنڌو درياءَ جي منڍ جي مغربي
ڪناري تي هڪ ٻيو شهر آباد ڪيو ۽ ان کي ”منصوره“
جي نالي سان چونڊيو. هيءَ ئي منصوره آهي جيڪو آخر
۾ سنڌ جي سڀني شهرن جو دالامارت ٿيو ۽ جتي عباسي
حڪومت ۾ سنڌ جا حاڪم وڃي لهندا هئا. اهي سڀئ شهر
جن تي دشمن قبضو ڪري چڪا هئا. انهن کي حڪم جي
ڏينهن ۾ عمرو بن محمد بن قاسم ٻيهر فتح ڪيو. حڪم
حڪومت کان سنڌ وارا ڏاڍا خوش رهيا. اسلام جي غلبي
سان گڏ هر هنڌ امن امان قائم ٿي ويو. خالد قسري
اڪثر تعجب ڪندو هو ته مون سخي جوان مرد تميم کي
سنڌ جو والي مقرر ڪيو ته هر طرف کان ناراضگي جا
آواز بلند ٿيڻ لڳا ۽ ان کان پوءِ سڀ کان ٻيڻو بخيل
شخص حڪم کي مقرر ڪيو ته ان سان سڀ ماڻهو راضي ٿي
ويا ۽ جتان ڏسن تحسين ۽ مرحبا جا آواز بلند هئا.
حڪم جي ڏينهن کان بني اميه جي آخري دور تائين جا
احوال باوجود وڏي کوجنا جي مسٽر ايليٽ کي به معلوم
نه ٿي سگهيا، ان جو سبب هي آهي ته پهرين ته تاريخ
يعقوبي سندس هٿ ۾ نه هئي ۽ ٻيو هي ته هن سنڌ بابت
ته تفصيلي احوال ڳولڻ وقت ابن اثير ۽ ابن خلدون جا
پنا اٿلائڻ جي وڌيڪ محنت گوارا نه ڪئي. جنهن جو
نتيجو آهي ته ان موقعي تي هن بلاذري جي هي عبارت
نقل ڪئي ته حڪم کان پوءِ خلافت طرفان برابر والي
مقرر ٿي ايندا رهندا هئا ۽ عباسي خاندان جي حڪومت
قائم ٿيڻ تي کيس منصور بن جمهور سنڌ جو حڪمران نظر
آيو ته هن لاعلمي سان سمجهيو ته هي شخص بنو اميه
جو مقرر ڪيل سنڌ جو والي هو. حالانڪه هن زبردستي
پنهنجي ذاتي ڪوشش سان سنڌ تي قبضو حاصل ڪري ورتو
هو. جيئن ته اسين اڳتي بيان ڪنداسون، مطلب ته سنڌ
جي حڪومت حڪم جي هٿ ۾ هئي جو خالد قسري هن جو حامي
۽ ڀرجهلو هو. 121 هه ۾ عراق جي حڪومت تان هٽايو
ويو ۽ ان جي جڳهه هي معزز عهدو يوسف بن عمرو ثقفي
جي هٿ ۾ ڏنو ويو. جيڪو ان کان اڳ خراسان جو والي
هو. يوسف خراسان جو والي ٿيندي ئي سڀني انهن ملڪن
جي والين سان جيڪي خالد قسري جا مقرر ڪيل هئا،
ڏاڍي بدسلوڪي سان پيش آيو. ان جي ان طرز عمل جي
خبر جڏهن حڪم کي پهتي ته دل ۾ چيو يا ته اهڙي فتح
ئي حاصل ڪرڻ گهرجي جنهن سان يوسف مون کان خوش هجي
۽ يا شهادت نصيب ٿئي جو انهن سڀني فڪرن ۾ مصيبن
مان ڇوٽڪارو ملي وڃي. اهو چئي دشمنن جي لشڪر ۾
ڪاهي پيو. هندو فوج سان برابر وڙهندو رهيو،
ايستايئن جو شهيد ٿيو. هاڻي هي اهو زمانو هو جو
مسلمانن جو سياسي اثر اوڀر جي سڀني ٻين شهرن وانگر
سنڌ تي به پئجي چڪو هو. هتان کان گهڻا ماڻهو وڃي
دمشق ۽ عراق ۾ رهيا هئا ۽ خلافت جي لشڪر ۾ به ڀرتي
ٿيڻ لڳا هئا. جڏهن ته 122 هه ۾ جناب امام حسين
عليه السلام جون پوٽو زيد بن علي بن حسين شهيد ٿيو
ته جيڪا فوج ان جي مقابلي لاءِ رواني ڪئي ويئي ۽
جنهن ان کي گهيريو هو ان ۾ ئي سؤ قيقاني جوان به
هئا. قيقان سنڌ جي علائقي ۾ هو ۽ ان کان سواءِ زيد
شهيد جو اهو غلام به سنڌ جو ئي هو جنهن پاڻ جن جي
قبر جو ڏس دشمنن کي ڏيئي ڇڏيو. جنهن جي سازش سان
سندس لاش قبر مان ڪڍيو ويو، سسي ڪپي ويئي ۽ ڌڙ
ٽنگيو ويو. خالد جي عليحدگي جي غالباً ٻئي سال 122
هه حڪم شهادت جو پيالو پيتو. ان جي مارجي وڃڻ وقت
سنڌ ۾ ٻن ماڻهن جي هٿ ۾ ايتري طاقت هئي جو انهن
مان هرهڪ حڪومت جي اعليٰ لياقت ئي نه رکندو هو پر
پنهنجي پراڻين ڪار گذارين سبب پاڻ سنڌ حڪومت جي
دعويٰ ڪري سگهيا ٿي. هڪ ته عمرو بن محمد بن قاسم
ثقفي جنهن کي مرحوم حڪم اڀاريو هو ۽ تاريخ جي دنيا
۾ چمڪايو هو ۽ جيڪو ان جي سوارن جي فوج تي سپهه
سلاري ڪندو هو ۽ ٻيو يزيد بن اعرار. انهن ٻنهي ۾
جهڳڙو ٿيو ۽ قريب هو جو فساد ٿئي ان ڳالهه جي
آگاهي جڏهن يوسف بن عمرو ثقفي عراق جي والي کي ٿي
ته ان اهو واقعو هشام جي درٻار ۾ لکيو ۽ خلافت جي
بارگاهه مان اجازت گهري ته ڪنهن کي مقرر ڪيو وڃي.
هشام چيو عمرو بن محمد بن قاسم جيڪڏهن پختي دماغ ۽
موٽندڙ وهي کي پهچي ويو هجي ته ان کي مقرر ڪيو.
يوسف به جيئن ته ان قبيلي جو شخص ۽ ثقفي نسل هو
تنهن ڪري هن جواب پنهنجي مرضي مطابق ملندي عمرو بن
محمد کي مقرر ڪيو. عمرو سنڌ حڪومت پنهنجي هٿ ۾
وٺندي ئي پنهنجي حريف ابن اعرار کي گرفتار ڪيو. ان
زماني ۾ دشمنن جو هجوم ٿيو ۽ انهن اچي خاص منصوره
شهر جو گهيرو ڪيو. عمرو وٽ فوج گهٽ هئي. ان پنهنجي
مجبوري جو حال يوسف کي لکيو، يوسف هڪدم چار هزار
فوج رواني ڪئي. ان فوج جي پهچندي ئي دشمن ڀاڄ کاڌي
۽ عمرو بن محمد موقعو ملندي ئي پنهنجي طاقت ڏاڍي
مضبوط ڪئي ۽ جڏهن کيس پنهنجي طاقت تي ڀروسو ٿي ويو
ته فوج وٺي دشمن جي مقابلي لاءِ وڌيوان جي فوج تي
معن بن زائده شيباني سردار هو. عمرو هڪدم رات جو
دشمن راجا جي فوج تي ڇاپو هنيو جنهن ۾ دشمن جي
گهڻي ئي فوج قتل ٿي. اوچتو عين لڙائي هلندي دشمن
راجا مقابلي لاءِ نڪتو مسلمانن ته کين نه سڃاتو پر
ديسين جو رات جي اونداهي ۾ سندس شڪل ڏٺي ته ڏاڍو
زور سان دانهن ڪيائون ”راءِ راءِ“ ايترو ٻڌندي ئي
مسلمان هڪ ٿي تيار ٿي ويا. راجا ڀڳو ۽ سندس ساٿين
به ڀڄڻ جي ڪئي ۽ ان بدحواسي جا ڊنل وري پوئتي ڦري
به نه ڏٺائون. ان کان پوءِ سڀني شهرن ۾ عمرو بن
محمد بن قاسم جي ڌاڪ ويهي رهي. ان سان گڏ فوج ۾
يزيد بن مهلب جو پٽ مروان به هو. عمرو جنهن زماني
۾ ان مهم تي ويل هو ان پنهنجي ساٿين سان گڏ عمرو
جي ملڪيت ۽ سواري جي جانورن وغيره کي لٽي ورتو.
جڏهن اها خبر عمرو کي پهتي ته پنهنجي جانباز سردار
محمد بن زائده کي واڳ وري ڏني. مگر مروان کي ماڻهو
ڪٿان کان پڪڙي آيا ۽ نيٺ هو عمرو جي هٿان قتل ٿيو.
هاڻي هشام بن عبدالملڪ الله جي سڏ کي لبيڪ چئي قبر
جو گوشو اختيار ڪيو. ۽ ان جي هنڌ وليد بن يزيد بن
عبدالملڪ خلافت جي تخت تي قدم رکيو. وليد عمرو بن
محمد بن قاسم جي خلاف ۽ ان جي پراڻن رقيبن عدار جو
طرفدار هو، تنهن ڪري هن تخت تي ويهندي ئي محمد بن
قاسم جي پٽ کي هٽائي يزيد بن اعرار کي سنڌ جو والي
مقرر ڪيو. پر جڏهن ته عمرو بن محمد بي خطا ۽ بي
قصور هٽايو ويو هو پر ان کان انڪار نٿو ڪري سگهجي
ته يزيد سنڌ ۾ ڏاڍي سٺي حڪومت ڪئي. ان جي ڪار
گذارين ثابت ڪيو ته وليد کڻي ناانصافي کان ڪم ورتو
پر جيڪي ڪجهه ڪيائين نازيبا ۽ بي ڪارڻ نه هو. يزيد
بن اعرار پنهنجي ڏينهن ۾ ڀرپاسي جي راجائن تي
ارڙهن حملا ڪيا اسلامي حڪومت کي گهڻو ڪجهه مضبوط ۽
رعبدار بڻايو ۽ پڇاڙي تائين رعيت ۾ هر دلعزيز ۽
نيڪ نام رهيو. ان عربن جي پاڻ ۾ فسادن کي به ان
درجي دٻائي ختم ڪيو جو ڪنهن قومي جهڳڙي جي شڪايت
سندس ڏينهن ۾ نه ٻڌي ويئي. هاڻي عربي معاشرت ۽
عربي زبان جي سڌ ملڪ ۾ ايتري قدر ترقي ٿي ويئي هئي
جو هتان جي مٽي مان عربي شاعر به ڦٽي نڪتا جيڪي
عربي نسل هوندي به سندن خاندان کي هن ملڪ ۾ رهندي
ايترو زمانو گذري چڪو هو جو ”سنڌي“ سڏائيندا هئا.
جڏهن ته ابو عطا سنڌي جو ڪلام ان مقبوليت جي درجي
کي پهتو جو عرب ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويو ۽
ايتري قدر مشهور ٿيو جو ابن اثير ڪيترن ئي هنڌن تي
نقل ڪيو آهي. پر انهن سڀني ڳالهين جي باوجود هي
زمانو خلافت جي لاءِ نهايت ئي نازڪ هو. بني اميه
جي دور کي پورو ٿيڻ لاءِ فقط ڇهه ئي سال باقي رهيا
هئا. قطع نظر ان جي جو بني هاشم جي جوانمردن همٿ
سان مخالفت ۽ بغاوت جو سلسلو سدائين جاري رکيو.
هاڻي خاص ڪري بني عباس جا داعي پکڙجي ويا ۽ ابو
مسلم جي خوفناڪ ڪوشش جي گونج خراسان م ٻڌجڻ لڳي.
جيڪا ڳالهه سڀ کان وڌيڪ دهشت ناڪ نتيجن جي خبر
ڏيندڙ هئي اها هي هئي ته خود بنو اميه خاندان ۾
ڏڦيڙو پيدا ٿيو ۽ اهڙو ڏڦيڙو جو سڄي شاهي خاندان ۾
ڦوٽ پئي ويئي ۽ اها طاقت جيڪا سلطنت جي باغين کي
دٻائڻ لاءِ هئي پاڻ م رتوڇاڻ سبب ٽٽڻ لڳي. آخر 126
هه ۾ خليفو وليد بن يزيد باعين جي نرغي ۾ پئي
پنهنجي محل ۾ گهيرجي مارجي ويو. جنهن مرڻ وقت
نهايت حسرت سان هي جملو زبان مان ڪڍيو ته ”يوماَ
ڪيوم عثمان“ يعني اڄ به اهڙو ئي ڏينهن آهي، جڏهن
حضرت عثمان رضه تي مظلومي جون مصيبتون آنديون
هيون. جن ماڻهن وليد کي گهر ۾ گهڙي ماريو انهن ۾
هڪ سنڌي شخص به هو. جيڪو اسلامي فوج ۾ هڪ موثر
حيثيت رکندو هو. وليد کان پوءِ يزيد بن وليد بن
عبدالملڪ المقلب بن يزيد ناقص خليفو ٿيو، يزيد کي
تخت تي ويهندي ئي دارالخلافت جي آس پاس ۾ اهڙيون
دقتون ۽ اهڙا جهڳڙا نظر آيا جو هو هندستان ڏانهن
بلڪل ڌيان ڏئي نه سگهيو. انهن ڏينهن ۾ جتي بنو
اميه جي حڪومت جي بدقسمتيءَ سان ٻيا جهڳڙا فساد
پيدا ٿيا اتي ڪيترائي اهڙا ماڻهو نڪري پيا جيڪي
انهن جا پاڻ ۾ اختلافن جو فائدو وٺڻ جا تمنائي هئا
۽ جن کي پنهنجي منافع جي لحاظ سان پڇاڙي تائين اها
ڪوشش رهي ته سندن جهڳڙن کي اڃان وڌيڪ وڌائين تان
جو پنهنجا مقصد پورا ڪرڻ جو وڌيڪ موقعو ملي. انهن
ماڻهن مان هڪ شخص منصوره بن جمهوريه هو. هي عجيب و
غريب چالاڪي ۽ هوشياري وارو ماڻهو هو. هي شخص
مشهوري جي ڏاڪي تي هڪدم ظاهر ٿيو. ان زماني ۾ جيڪي
فساد پيدا ٿيا انهن کي اڀاري اڀاري هن اهڙي ناموري
حاصل ڪئي ۽ ترقي جي درجي تي پهچي ويو جو سندس
احوال تعجب کان خالي نه آهي ۽ مزو اهو ته هر جهڳڙي
۾ شريڪ ٿيڻ کان پوءِ ان جي ڀوڳڻ ۽ برن نتيجن کان
پنهنجو پاڻ کي اهڙي خوبصورتي سان بچائي وٺندو هو
جو ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا. ڪيترن ڀڄي گمنامي جي
پردي ۾ پلو بچايو. پر هي پڇاڙي تائين دنيا جي
نگاهن ۾ سامهون رهيو ۽ نامور رهيو. ان جي زندگي جي
احوال تي آخر تائين غور ڪجي ته اهو به پتو نه
پوندو ته هي ڪنهن جو طرفدار هو ۽ ڪنهن جو مخالف
هو. جيترا گروهه تن ڏينهن ۾ خلافت جا دعويدار هئا
جڏهن ته انهن مان گهڻن جو هن ساٿ ڏنو،. پر آخر
تائين ان جي سوانح عمري ڏسو ته صاف معلوم ٿيوندو
ته دل سان هي ڪنهن جو طرفدار نه هو. جن ماڻهن
خليفي وليد کي خلافت جي محل ۾ گهڙي ماريو انهن ۾
هڪ هي به هو، جڏهن وليد جي خون جي بدلي جو آواز
بلند ٿيو ۽ بنو اميه جو هڪ وڏو گروهه مظلوم خليفي
جي قاتلن کان وير وٺڻ لاءِ اٿي بيٺو ته منصور جي
سڄي اسلامي دنيا کي پنهنجو موافق بنائڻ لاءِ مشهور
ڪيو ته مون وليد کي فقط شريعت جي مخالفت سبب
ماريو. هو علي الاعلان اسلامي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪندو
هو تنهن ڪري منهنجو فرض هو ته خلافت جي تخت کي ان
کان خالي ڪرايان ۽ جڏهن يزيد بن وليد تخت نشين ٿيو
ته منصور هن وٽ پهتو ۽ دعويٰ ڪئي ته فقط اوهان جي
خير خواهي جي لاءِ مون اهڙي جرات ڪئي. يزيد خود
وليد جو مخالف هو ۽ انهن ماڻهن جو طرفدار هو جنهن
وليد کي قتل ڪيو. منصوره جي ان بيان تي ڏاڍو خوش
ٿيو. منصور اهڙي طرح وقت جي خليفي کي خوش ڪري
خراسان جي حڪومت حاصل ڪئي ۽ پنهنجي ڀاءُ منظور کي
پنهنجي پاران ”ري“ جو والي مقرر ڪيو. پر جڏهن هن
جي چالاڪين جو راز کليو ته يزيد ٽن ئي مهينن کان
پوءِ منصور کي هٽائي ڇڏيو. منصور ابن جمهور پنهنجي
هٽجڻ کان پوءِ ڪجهه ڏينهن هيڏانهن هوڏانهن ڦرڻ ۽
ماڻهن ۾ فساد جو ٻج ڇٽڻ ۾ گذاريا ۽ نيٺ عبدالله بن
معاويه بنو اميه خاندان جو هڪ شهزادو يزيد جي
مخالفت تي راضي ٿيو ته منصور جلد ئي وٽس پهچي کيس
ڪاميابي جو ايستائين يقين ڏياريو جو هو وڏي واڪ
خلافت جو دعويدار ٿيو ۽ جڏهن اهي سڀ فرقا ان تي
پوري طرح هلي ويا تڏهن ان جي هٿ تي بيعت ڪئي ۽ ان
کي وٺي يزيد جي مقابلي لاءِ نڪتو.لڙائي ۾ قسمت
عبدالله بن معاويه سان بيوفائي ڪئي، شڪست ملي ۽ سڀ
وٺي ڀڳا. عبدالله بن معاويه کي شڪست ڏيارڻ کان
پوءِ منصور ان امام جنهن جي هٿ تي بيعت ڪئي هئي کي
ڏکين ڏينهن ۾ ڇڏي فرار جي واٽ ورتائين ۽ ٻي ڀڃ گهڙ
۾ لڳو. اتفاق سان انهيءَ دور ۾ هڪ ٻيو اموي شهزادو
تيار ٿيو جنهن جو نالو عباس بن هشام هو. منصور ته
اهڙا ماڻهو ڳولهي رهيو هو، وڃي عباس جي هٿ تي بيعت
ڪيائين ۽ خلافت جي مقابلي لاءِ نئون جٿو تيار ڪري
نڪتو هاڻي به برابر شڪستن تي شڪستون کاڌائين ۽
جڏهن ڏٺائين ته هاڻي ڪا اٽڪل نٿي ٺهي ته عباس کي
اڪيلو بي يار ڇڏي تازن باغين جي ڳولا ۾ نڪتو. ڪجهه
ڏينهن ته ائين هتي هتي بغاوت جي باهه ڀڙڪائيندو
ڦريو ايستائين جو يزيد کي دنيا روانو ڪيو ۽
ابراهيم بن وليد تخت نشين ٿيو. 126 هه بنو اميه
حڪومت جي لاءِ اهڙو منحوس سال هو جو نيٺ خلافت جي
عهد ۾ جيڪي عام ڦير ڦار ٿيا اهي هڪ پاسي. فقط ان
سال ۾ ٻن خليفن کان زماني خلافت جي ڪرسي خالي
ڪرائي ۽ ٻه خليفا تخت نشين ٿيا. وليد ان سال جي
شروعات ۾ مارجي ويو ۽ يزيد تخت نشين ٿيو. ان جي
ڇهه ئي مهينن کان پوءِ يزيد پڻ فاني دنيا کي
الوداع چيو ۽ سندس ڀاءُ ابراهيم بن وليد خليفو
ٿيو. پر نڀاڳ اڃان باقي هو جو ٻي سال ايندي ئي ان
کان به بدتر رنگ ڏيکاريو. ابراهيم سان قسمت يزيد
کان به وڌيڪ بيوفائي ڪئي. خليفو ٿيڻ کان چارئي
مهينا پوءِ سواءِ ان جي جو سندس هٿان ڪو ڪم عمل ۾
اچي، هو خلافت جي تخت تان لاٿو ويو ۽ مروان بن
محمد خليفو ٿيو. جيڪو بنو اميه حڪومت جو آخري
خليفو هو ۽ جنهن جي قسمت ۾ هو ته اموي نسل جي
تباهي ۽ بربادي ۽ عظيم الشان خاندان جون زائفون ۽
ٻارن جي مارجڻ جو تماشو ڏسي پاڻ به مارجي وڃي.
جنهن زماني ۾ خلافت جلد جلد پلٽا کائي رهي هئي ۽
بنو اميه حڪومت پنهنجي پڇاڙي وارن ڏينهن ۾ موت جون
آخري هچڪيون وٺي رهي هئي ان وقت منصور بن جمهور
پنهنجي انهيءَ پراڻن ڌنڌن ۾ مشغول هو ۽ عباسي
سلطنت جوڙڻ ۾ جلدي ڪري رهيو هو، جنهن جي هٿان خود
سندس زندگي پوري ٿيڻ واري هئي. اتفاق سان مروان جي
ڏينهن ۾ سيبان نالي هڪ جوشيلو باغي پيدا ٿيو. جنهن
جي طاقت ٽوڙڻ ۾ خود خليفي کي وڏيون دقتون پيش
آيون. منصور جيڪو اهڙي موقعي جي تاڙ ۾ رهندو هو.
هڪدم شيبان جو پاسو ورتائين. پر اهڙي هوشياري سان
جو پري کان مدد ڪندو رهيو. خلافت جي لشڪر جڏهن
شيبان کي پهرين شڪست ڏني تڏهن منصور ڀڄي ان جبل تي
قبضو ڪيو جيڪو عراق ۽ ايران جي وچ ۾ واقع آهي. وري
ان کان پوءِ هن لڙائي ۾ شيبان جو ڪڏهن ساٿ نه ڏنو.
ها اتان جبل تي ويٺي ويٺي ان جي مدد لاءِ فوج ۽
جنگ جو سامان روانو ڪندو رهيو. نيٺ شيبان جي قسمت
ساٿ نه ڏنو جنهن کان پوءِ هن کي بغاوت تان هٿ کڻي
ڀڄڻو پيو. شيبان عراق جو علائقو ڇڏي سيستان جي واٽ
ورتي ۽ رڻن ۾ رلي رلي اتي سيستان ۾ مٽيءَ جو پنوڙ
ٿيو. هاڻي خلافت جي باغين ۽ سلطنت جي مخالفن جي
طاقت ظاهري طور بلڪل ٽٽي ويئي. سڀئي اهي ماڻهو جن
جي ڪرت فساد کانسواءِ ٻي نه هئي، پنهنجو وطن ۽
علائقو عراق ڇڏي ڀڄڻ لڳا. منصور بن جمهور اڃان به
هڪ اهڙي محفوظ ٺڪاڻي تي هو جو هن ڪنهن پاسي جو
ارادو نه ڪيو ۽ اهڙي طرح جبلن جي چرن ۾ ويٺو رهيو.
پر ٻيا سڀ ماڻهو انهن ملڪن کي ڇڏي پري پري جي شهرن
۾ هليا ويا. جڏهن ته 128 هه ۾ اموي شهزادي عباس بن
هشام جيڪو منصور جي وادين تي مقابلو ڪري شڪست کائي
چڪو هو. ان به مرڻ جي ڊپ کان لاچار وطن جا وڻ
ڇڏيائين. پنهنجي سڄي اهل و عيال کي جهازن تي سوار
ڪرايو ۽ سنڌ ڌرتي جي واٽ ورتي ۽ هندوستان ۾ اچي سک
جو ساهه کنيائين. عباس سان بني عباس جي پهرين
خليفي سفاح سان گهڻا ڪجهه تعلق ۽ واسطا هئا جڏهن
132 هه ۾ هن ٻڌو ته سفاح جي مٿي تي خلافت جو تاج
رکيو ويو ته ان جي دوستي جي خيال ۾ ايتري قدر مگن
ٿيو جو پنهنجو اهو پيدائشي جرم به ڀلجي ويو ته بنو
اميه جي نسل مان آهي. مطلب ته خدا ڄاڻي ڪهڙا خيالي
پلاءُ پچائيندو عراق آيو. سفاح سندس گهڻي عزت آبرو
ڪئي ۽ گهڻي تعظيم ۽ تڪريم سان پنهنجي محل ۾ لاٿو ،
هي اهو زمانو آهي جو بنو اميه جي لاءِ قتل عام جو
حڪم جاري هو ۽ ان بدنصيب نسل جا سڀئي ماڻهو مرد
عورتون، پوڙها ٻار بنا ڪنهن پڇا ڳاڇا ۽ فرق جي
تلوار جو کاڄ ٿيا پئي. اهڙي وقت ۾ خاص اموي شخص جي
خلافت جي محلات ۾ ترسائڻ ۽ شاهي مهمان ٿيڻ حيرت
کان خالي نه هو. پر نيٺ پڌرو ٿيو ته اها حيرت
هندائتي هئي. ان لاءِ ته عباس جي صورت سفاح جي
غلام سديف جيڪا ڏٺي ته هي شعر پڙهي سفاح کي جهڙوڪر
ڀليل ڳالهه ياد ڏياري.
لايغرڪ ماتري من رجال ان تحت الضلوع داءَ وبا.
فضع
السيف وارفع السواط حتي لاتريٰ فوق ظهرها امويا.
(ماڻهن ۾ جيڪو ظاهري ربط ضبط تون ڏسين ٿو اها توکي
فريب نه ڏي ان لاءِ ته پاسراٽيءَ کان هيٺ مرض مهلڪ
هوندو آهي. تنهن ڪري تلوار کان ڪم وٺ ۽ چهبڪ بلند
ڪر، ايستائين جو روءِ زمين تي ڪوبه اموي نظر نه
اچي)
اهو
اشارو ڪافي هو سفاح جي مزاج ۾ هڪدم برهمي پيدا ٿي
۽ جيئن تيئن ڪري اهو مصيبن جو ماريل شاهي مهمان
جهلي قتل ڪيو ويو. اتفاق سان 129 هه ۾ عبدالله بن
معاويه فارس تي قبضو ڪري وري بي تڪي دعويٰ ڪري
خلافت ۾ بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو. منصور بن جمهور
کي هي سڀ کان بهتر موقعو هٿ آيو. جبل مان لهي وري
عبدالله بن معاويه جو ساٿي ٿي ويو پر جڏهن مروان
جي موڪليل شاهي فوج سان مقابلو ٿيو ته قسمت وري
دغا ڪئي. شڪست ٿي ۽ جنهن کان جيڏانهن ڀڳو اوڏانهن
جي واٽ ورتائين. هاڻي منصور جي دل ۾ ايتري قدر خوف
پيدا ٿيو جو عراق جي ويجهو رهڻ ۾ کيس گهڻائي خطرا
نظر آيا ٿي. تنهن ڪري هن به اوڀر جي ڌرتي ڏانهن رخ
ڪيو ۽ سرڪي سرڪي رستي سنڌ جي واٽ ورتي. خلافت جي
پاران معن بن زائده ان جي پويان روانو ڪيو ويو پر
معن سندس دز به نه ڏٺي ۽ هن هندستان ۾ پهچي دم
پٽيو. منصور بن جمهور جي هندستان اچڻ جو هي سبب
ٿيو ته جڏهن هن عراق ۾ پنهنجو پاڻ کي بي سهارو ۽
مجبور ڏٺو ته دنيا ۾ چئني پاسن نظر ڊوڙائي ته
ڪيڏانهن رخ ڪريان، سنڌ جو والي يزيد بن اعرار سندس
مٽن مان هو. هن ارادو ڪيو ته ان وٽ وڃي ڇو ته اهڙي
بيڪسي جي حالت ۾ سواءِ پنهنجي سيڻن جي ٻي ڪنهن مان
ڪا اميد نٿي ٿي سگهي. جڏهن ته هو سرزمين سنڌ مان
داخل ٿي سنڌو درياءَ جي ڪناري رهي پيو ۽ يزيد بن
اعرار کي پنهنجي اچڻ جو اطلاع ڏنائين. يزيد منصور
جي فتني خوري ۽ فسادن کان واقف هو. هن دل ۾ ان جي
اچڻ کي نهايت ناپسند ڪيو ۽ چٽو چوائي موڪليو ته بس
اتيئي رهو ۽ هيڏانهن اچڻ جو ارادو ئي نه ڪجانءِ.
اهو جواب ٻڌندي ئي منصور کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. هن
جواب ۾ يزيد اعرار کي چوائي موڪليو ته ”آءُ ته ان
ڌيان ۾ هئس ته تو وٽ اچي سک جو ساهه کڻندس پر هاڻي
دعا آهي ته خدا تنهنجي ٿوري ۽ تنهنجي مٽي مائٽي
کان بچائي ۽ ان بي همتي جو حال توکي آئندي معلوم
ٿيندو.“ اهو جواب موڪلي ۽ ڌمڪي ڏيئي، منصور سدوسان
شهر ۾ ترسي پيو، اتي ٿورا ڏينهن رهي هن ٻيڙيون
جوڙايون. هتان هتان کان هڻي ڌڻي ڪجهه فوج گڏ ڪري
ورتي. پوءِ ٻيڙين کي اٺن تي کڻائي انهن کي مهراڻ
درياءَ ۾ وڌو ۽ ابن اعرار جي مقابلي لاءِ روانو
ٿيو. ان جي انهيءَ ڪارروايئ سان اندازو ڪري سگهجي
ٿو ته منصور بن جمهور ڪيتري قدر چالاڪ، هوشيار ۽
مدبر شخص هو. ابن اعراد جيتوڻيڪ هندوستان ۾ وڏيون
وڏيون ڪارروايون ڪري چڪو هو ۽ هندن کي ڪيتريون ئي
شڪستون ۽ نقصان ڏيئي ڪيترائي دفعا ڪاميابي ۽ سوڀ
جا جهنڊا جهولائي چڪو هو. پر منصور جنهن چالاڪي ۽
جنهن دليري جي ميدان جو مرد هو ان سان ابن اعرار
کي ڪابه نسبت نٿي ڏيئي سگهجي. ان لاءِ ته ابن
اعرار جون ناموريون فقط هندن جي مقابلي تي محدود
هيون ۽ منصور اهو شخص هو جنهن عمر جو ڳچ عرصو عراق
۽ عرب جي ميدانن ۾ زور آزمائي ڪندي گذاري ڇڏي هئي.
جيتوڻيڪ شڪست کاڌائين پر خلافت جي ۽ عربن جي
مقابلي ۾ بهادريءَ جا جوهر ڏيکاري چڪو هو، جنهن
کان وڌيڪ بهادر قوم ان وقت دنيا جي تخت تي نه هئي.
مطلب ته جڏهن ابن اعرار کي معلوم ٿيو ته منصور
سندس مقابلي لاءِ اچي ٿو تڏهن منصوره مان نڪري
قطارون ٺاهي بيٺو، پر منصور کان جيڪا اميد هئي
اهڙي بهادريءَ سان مقابلو ڪيو جو ابن اعرار کي
شڪست آئي. ڀڄي وڃي منصوره جي چار ديواري ۾ پناهه
ورتائين. هاڻي منصور وڌي منصوره شهر جو گهيرو ڪيو.
نيٺ ابن اعرار تنگ اچي امان گهري. منصور ڏاڍو باهه
ٿيل هو خاص ڪري ابن اعرار طرفان امان گهرڻ جو حال
ٻڌي ڏاڍو ڪاوڙيو. ڇو ته هي انهيءَ شيءِ جي گهرج
هئي جنهن جي گهرج پهرين منصور ابن اعرار کان ڪئي
هئي ۽ جواب ٺپ ملندي ندامت ملي هئي. غرض ان
درخواست جي نهايت ڪاوڙ مان منصور چوائي موڪليو ”تو
جهڙي ماڻهو لاءِ پناهه ناهي، منهنجي حڪم سان نڪري
اچ. جيڪو مناسب سمجهيو ويندو ڪيو ويندو“ ابن اعرار
لاچار فقط ان اميد تي ته منصور شايد معاف ڪري شهر
جو ڦاٽڪ کولي ڇڏيو ۽ هٿ ٻڌي منصور سامهون بيهي
معذرت خواهه ٿيو پر منصور ايتري قدر غضبناڪ هو جو
بلڪل ترس نه کاڌائين ۽ مظلوم ابن اعرار کي بيهاري
جيئرو هڪ ٿنڀي ۾ چونڊرائي ڇڏيو. ان کان پوءِ منصور
سنڌ جي حڪومت پنهنجي هٿ ۾ ورتي. خود منصوره ۾ رهي
پيو ۽ پنهنجي ڀاءُ منظور کي جو ان سان گڏ آيو هو
قندابيل ۽ ديبل تي حڪمران ڪري روانو ڪيو. هاڻي
انهن ڏينهن ۾ بنو اميه جي سلطنت اندرين جهڳڙن ۾
ايتري قدر ڦاٿل هئي جو سنڌ ڏانهن بلڪل ڌيان نه
ڏيئي سگهي. مطلب ته معلوم ٿيو ته منصور هن ملڪ تي
قبضو ڪيو ۽ خلافت جي مقرر ڪيل عاملن تي هن وڏو ظلم
ڪيو. پر اتي ان جي بدلي ۾ ڪابه ڪارروائي نه ڪئي
ويئي ۽ منصور نهايت اطمينان ۽ واندڪائيءَ سان سنڌ
ملڪ کي پنهنجو تابعدار بڻايو. منصور گهڻو ڪري 130
هه جي قريب هڪ سال اڳ يا پوءِ سنڌ ۾ داخل ٿيو پر
ان جو احوال بلڪل معلوم نٿي سگهيو ته هن ڪهڙي
حڪومت ڪئي. فتح مندي ۽ جهاد جي اعتبار کان ڪيئن
رهيو. هندن ۽ هتي جي مسلمانن سان هن ڪهڙو سلوڪ
ڪيو، پر سمجهي ائين ٿو ته وڙهڻ جهڳڙڻ کانسواءِ
رهيو نه هوندو ان لاءِ ته شروع کان پڇاڙي تائين
سندس حياتي سدائين وڙهڻ ۽ رتو ڇاڻ ۾ گذري هئي.
پڇاڙي ۾ به هن عباسي حڪومت سامهون مرندي دم تائين
ڪنڌ نه جهڪايو. هاڻي اهو زمانو هو جو خلافت جي
انقلاب ۽ بني هاشم ۽ بني اميه جي پاڻ ۾ دشمنين سڄي
اسلامي دنيا ۾ لهر آڻي ڇڏي. ڪيترن ئي فسادن ۽ بي
انتها خونريزين کان پوءِ زماني هڪ دفعو سک ورتو ۽
قسمت بنو عباس جي سر تي خلافت شهنشاهيت جو تاج
رکيو. پهريون حڪمران خاندان ليڪي کان لنگهيل ظلمن
۽ اسلام جي دامن تي سدائين جي لاءِ ٽڪو لڳائڻ
وارين زيادتين سان گڏ تباهه برباد پر غائب ڪيو ويو
۽ نون فرمانروائن کي جڏهن اندرين معاملن مان
واندڪائي ملي تڏهن ٻين ملڪن ۽ پري پري جي رياستن
ڏانهن ڌيان ڏنو. |