سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: چار درويش

امام بخش خادم

صفحو :9

      

نيمروز جي ملڪ جي شهزاديءَ جو قصو

        ٻارهن مهينا رات ڏينهن مسافري ڪندي، آخر نيمروز شهر ۾ اچي پهتس. ڇا ڏسان جو اُتي جا رهاڪو امير ۽ غريب سڀني کي سياه پوشاڪ پيئي آهي. جهڙو حال ٻڌو هوم اهڙو ڏٺم. ڪيترن ڏينهن کان پوءِ چنڊ رات آئي. سڀيئي ماڻهو شهر جا، ننڍا وڏا، ٻر ٻڍا،  امير اُمراءَ، فقير گدا، عورتون مرد، هڪڙي ميدان ۾ اَچي گڏ ٿيا. شهر ڏانهن کڻي نگاه ڪريان ته  ڪڪڙون ڪون لڳي پيئي آهي. مان حيران پريشان حالت ۾، اُنهن ماڻهن سان گڏ فقيراڻي ويس ۾ وڃي بيٺس ته ڏسجي ته ڪهڙو اسرار ٿو پيدا ٿئي. ايتري ۾ هڪڙو جوان پهلوان ڏاند تي سوار ٿيل،  واهيات بڪ ڪندو، جهنگ مان نڪتو. مان ايترا ڏاکڙا سهي، اُن جي احوال جاچڻ لاءِ آيو هوس. اُن کي ايترو مست ۽ بيهوش ڏسي وسو ٿي ويس. هو هميشھ جي دستور موجب جو ڪجهه ڪندو هو، ڪري هليو ويو، ۽ خلق  شهر ڏي موٽڻ لڳي. اُن وقت مون کي هوش آيو. افسوس ۽ ارمان وٺي ويم ته مون ڇا ڪيو؟ وري سڄو ڏينهن مهينو ترسڻو پيو. لاچار موٽي آيس. اِهو مهينو هڪ هڪ ڏينهن ڪري ڳڻي گذاريم. نيٺ چنڊ رات ٿي ۽ اها منهنجي شب برات ٿي. صبح جو ساڳئي دستور موجب، سڀيئي ماڻهو بادشاهه سميت وڃي ميدان ۾ گڏ ٿيا. مون دل ۾ پڪو ارادو ڪيو ته جيڪي به ٿئي. مان هن دفعي ڪيئن به ڪري، اُن جي پٺيان ضرور پوندس ۽ هي عجيب احوال معلوم ڪندس. اوچتو اهو جوان سائي ڏاند تي سوار ٿي اچي پهتو.  لهي، پلٿي ماري ويٺو. هڪ هٿ ۾ اُگهاڙي ترار هيس، ٻئي هٿ ۾ ڏاند جي واڳ ۽ هڪ سونو مُرتبان. هن اُهو سونو مرتبان پنهنجي هڪ ٻانهي کي ڏنو، جو سڀني کي ڏيکارڻ لڳو، جنهن کي ڏسي هر ڪوئي روئڻ لڳو.  پوءِ، ان جوان اُهو مرتبان ڀڃي وڌو ۽ انهيءَ غلام کي اهڙي تررار هنيائين، جو هن جي سسي ڌڙ کان ڌار ٿي وڃي پري پيئي. پاڻ وري ڏاند تي سوار ٿي موٽيو. مان به اُن جي پٺيان وک کڻي اُٿي هليس ته شهر جي ماڻهن اچي منهنجو هٿ جهليو. چيائون ته ”هي ڇا ٿو ڪرين؟ ڇو ڄاڻي ٻجهي موت جي منهن ۾ ٿو وڃين؟ جيڪڏهن حياتيءَ مان ڪڪ ۽ بيزار ٿيو  آهين، ته مرڻ جا رستا ٻيا به گهڻا اٿيئي. ”پاڻ ڇڏائڻ لاءِ مون گهڻائي حيلا ڪيا، پر انهن کان ڇڏائي نه سگهيس. ٻه ٽي ماڻهو چنبڙي پيا ۽ شهر ڏي گهلي وٺي ويا. دل کي ڏاڍي پريشاني ٿي. آخر اهو مهينو به گذريو. سڀني کان اڳ ۾ اُتي، جيڪو خاص رستو انهيءَ جوان جي اچڻ جو هو، اُن تي لڪي ويهي رهيس. ايتري ۾ اهو جوان ڏاند تي چڙهي موٽيو. مان به پٺيان لڳو مانس. هن جوان ڏسي ورتو ته ڪو اچي ٿو. هڪدم واڳ موڙي مون تي ڪاهه آيو. واڪو ڪري ترار سان مارن تي هو، ته مان نوڙي ڏاڍي ادب سان سلام ڪري، ٻانهون ٻڌي بيهي رهيس. اُتي ان جوان ڳالهايو ته ”اي فقير منهنجي پوئتان  نه اَچ!“ سوني ڪٽاري، جڙا ءِ دار مُٺ سان سارو سامان توشه دان سميت، چيلهه مان ڇوڙي مون ڏانهن اُڇلايائين ۽ چيائين ته ”هن وقت مون وٽ ٻيو ڪجهه به نه آهي، جو توکي ڏيان، اهو تون بادشاهه وٽ کڻي وڃ، جيڪي به  ان کان گهرندين، سو ملندءِ. ”سندس هيبت ۽ حشمت، مون تي ايتري   ته غالب ٿي ويئي، جو چُري به  ڪين سگهيس. ائين چئي، هُو سخي مرد نعرو هڻندو هليو ويو. مون سوچيو ته هاڻي هتي بيهي رهڻ نه ٿو جڳائي، تنهن ڪري اڳتي وڌيس. ايتري ۾ هُو به موٽيو ۽ ڏند پيهين پڪيءَ طرح مون کي مارڻ لاءِ آيو. مون به مٿو نوڙائي ڏنس ۽ قسم وڌومانس ته اي

- مان نوڙي، ادب سان سلام ڪري ٻانهون ٻڌي بيهي رهيس.

رستم ثاني، اِهڙو ڪو ڌڪ ترار جو هڻ، جو ٻه اَڌ ٿي پوان، جيئن هڪ رڳ به نه رهي. جيئن هن مصيبت، حيرانيءَ ۽ پريشانيءَ کان  ڇٽي پوان. مون توکي پنهنجو خون بخشيو.“ تڏهن هُن چيو ته ”اي شيطان جي صورت، ڇو ناحق پنهنجو خون منهنجي گردن تي ٿو وجهين ۽ مون کي گهنگهار ٿو ڪرين. وڃ، پنهنجي واٽ وٺ، شايد سر کان تتو آهين!“ تڏهن به مون سندس چوڻ ڪين ورتو ۽ اڳتي هليس، پوءِ هُن ڄاڻي واڻي کڻي نٽايو. مان به پٺيان پيئي ويو مانس. ويندي ويندي، ٻه ڪوهه برابر پنڌ ڪري، جهنگ کان ٻاهر ٿياسون. هڪڙو ڪمرو ڏسڻ ۾ آيو. هُو جوان دروازي تي وڃي بيٺو ۽ اهڙو خوفناڪ آواز ڪيائين، جو دروازو پاڻهي کلي پيو ۽ پاڻ اندر هليو ويو. مان  ٻاهر بيهي رهيس. سوچڻ لڳس ته هاڻي مان ڇا ڪريان. ايتري ۾ هڪڙو غلام اندران نڪري آيو ۽ چيائين ته ”اندر هَل. اڄ تنهنجي حياتيءَ جو ماڻُ اچي ڀريو آهي. تو کي ڪهڙيءَ ڪمبختيءَ کنيو، جو هيڏانهن آئين!“ مان بنا ڪنهن جواب ڏيڻ جي، بي ڊپو اندر هليو ويس. غلام باغ جي اندر اِهڙيءَ جاءِ تي وٺي ويو، جتي هو ويٺو هو. مون هن کي ڏسي سلام ڪيو ۽ هن ويهڻ جو اِشارو ڏنو. مان به ادب سان پلٿي ماري ويهي رهيس. هُو جوان بخمن جي گاديءَ تي ويٺو هو ۽ سونا هٿيار اڳيانئس رکيا هئا. ياقوت ۽ زمرد سان ڀريل هڪ دٻلو  به سندس اڳيان موجود هو. جڏهن اُٿڻ جو وقت آيس، تڏهن جيڪي به غلام حاضر هئا، سي وڃي ڪوٺين ۾ لڪا. مان به ڊپ کان ڀڄي، وڃي هڪ ڪوٺيءَ ۾ لڪس. هُو جوان اُٿي سڀيئي ڪنڊون گهمي، باغ جو پاسو وٺي هليو ويو، ۽ وڃي پنهنجي  سواريءَ واري ڏاند کي مارڻ لڳو. اُن جي دانهن ۽ رنڀن جا آواز مون کي ٻڌڻ ۾ آيا، جنهن کان ساهه سُڪي ويو. نيٺ ڏڪندي، دروازو کولي، هڪ وڻ جي  پاڙ ۾ وڃي بيٺس ۽ سارو تماشو ڏسڻ لڳس. پوءِ اُنهيءَ جوان اُن لٺ کي جنهن سان ڏاند کي ماريو هئائين، هيٺ رکي، هٿ ڦيرائي، ڏاند جو منهن چميو ۽ داڻو ۽ گاهه کارايائينس. مان جهٽ پٽ اُتان ڀڄي وڃي ڪوٺيءَ ۾لڪس. پوءِ سڀيئي غلام ٻاهر نڪري آيا. لوٽو ڪٽورو کڻي آيا. هُن جوان وضو ڪري، شڪراني جي سجدا بجا آندا. پوءِ جڏهن  عبادت ڪري واندو ٿيو، تڏهن چيائين ته ”اُهو فقير ڪٿي آهي؟“ مان اَدب سان اَچي ويهي رهيس. چڱو طعام آيو، هُن به کاڌو ۽ مون کي به ڏنائين پوءِ دسترخوان ويڙهيائين ۽ هٿ ڌوئي غلامن کي رخصت ڏنائين ۽ وڃي آرام ڪريو. جڏهن ڪا به پَهر نه رَهي، تڏهن مون سان ڳالهائڻ لڳو. پڇيائين ته ”اي دوست، تو کي ڪهڙي مصيبت پيئي آهي، جو تون موت موت ڪندو ٿو وتين؟، مان سڄو ئي بيان شروع کان آخر تائين جيڪي به هو، سو ڪري ٻڌايومانس ۽ چيومانس ته ”مان وڏي اُميد رکي آيو آهيان ته مون کي ضرور  مراد وارو ڪندين.“ اِها ڳالهه ٻڌي هُن ٿڌو ساهه ڀريو ۽ چوڻ لڳو ته ”اي خدا، تو کان سواءِ عشق جي درد جو ڪو به واقف نه آهي. بيدرد کي درد وارن جي ڪهڙِ خبر؟ لڳيءَ وارن کي ڪَلَ آهي، جن کي هڪ سوز هوندو.“ اُن بعد درد مان اهڙِ دانهن ڪيائين، جو ساريءَ جاءِ ۾ زلزلو اَچي ويو. اُتي مون کي پڪ ٿي ته هيءُ به ڪنهن جي عشق جو آزاريل آهي ۽ برهه جو بيمار آهي. تڏهن زاري ڪري چيومانس ته ”مون توکي پنهنجو سارو حال سُڻايو آهي. هاڻي مهرباني ڪري پنهنجي سرگذشت ٻڌائينم. پنهنجي پڄنديءَ آهر اول تنهنجي لاءِ ڪوشش ڪندس ۽ پاڻ پتوڙيندس.“ نيٺ هن عاشق صادق، مون کي پنهنجو حال محرم ڄاڻي، پنهنجي حقيقت هيئن بيان ڪرڻ شروع ڪئي ته ”دوست، مان به برهه جو بيمار، عاشق زار درد جو گرفتار، حال جو خراب ۽ خوار، هن نيمروز ولايت جو شهزادو آهيان. منهنجي پيءُ يعني هن ملڪ جي بادشاهه منهنجي ڄمڻ وقت سڀيئي نجومي، پنڊت،  برهمڻ، رملي ۽ علم جفر جي ڄاڻڻ وارا گڏ ڪيا ۽ حڪم ڏنائين ته ”شهزادي جي طالع جو ستارو ٻڌايو، چڱيءَ طرح جاچي جنم پَتري ٺاهيو. جيڪو به ٿيڻو آهي، سڀ احوال، پَل، گهڙي، پهر، ڏينهن هفتي، مهيني ۽ سال جو سڻايو، “ بادشاهه جي حڪم سان، سڀني گڏجي، پنهنجي علم ۽ فن جي زور سان هڪڙو نقشو تيار ڪري بادشاهه وٽ آندو. کيس ٻڌايائون ته ”خدا جي فضل سان شهزادو اِهڙي چڱي وقت، سعد ساعت ۽ موچاريءَ مهل ۾ ڄائو آهي، جو سڪندر جهڙو بهادر ۽ نوشيروان جهڙو عادل بادشاهه ٿيندو، جيڪي به علم ۽ هنر آهن، تن ۾  ڀڙ ۽ هوشيار ٿيندو. سخاوت ۽ طاقت ۾ اِهڙو مشهور ٿيندو، جو حاتم ۽ رستم جو نالو دنيا وارن کان وسري ويندو. پر پهريان چوڏهن ورهيه سج ۽ چنڊ کان کيس لڪائي رکڻ گهرجي. جيڪڏهن سج ۽ چنڊ ڏسندو، ته سودائي ۽ ديوانو ٿي پوندو. ڏاڍا ناحق خون ڪندو ۽ شهر مان نڪري وڃي، جهنگ وسائيندو. اُن ڪري جيترو ٿي سگهي، کيس سج چنڊ کان لڪايو وڃي، بلڪه رات ڏينهن ڪنهن اهڙي ڪمري ۾ بند هجي، جو آسمان ڏانهن به نظر نه پويس. جيڪڏهن اهي ڏينهن خير ۽ عافيت سان گذري ويس، ته پوءِ وڏي ڌاڪي سان بادشاهي هلائيندو.“ نجومي وغيره ته انعام وٺي موڪلائي ويا، مگر بادشاهه، هيءَ ڳالهه ٻڌي، هن باغ ۾ هڪ عاليشان محلات تيار ڪرايو ۽ زير زمين هڪ بُهرو بڻايو، مٿانس هڪڙو لوهه جو گنبز جوڙايائين، جيئن اُن مان اُسَ خواه چانڊوڪي اندر نه اَچي سگهي. پوءِ کير پياريندڙ ٻانهيون، دايون ۽ نوڪر چاڪر حفاظت ۽ خدمت لاءِ مقرر ڪيائين، جي منهنجي پرورش ڪرڻ لڳا. جڏهن سمجهه جهڙو ٿيس ته داناءَ اُستاد منهنجي سيکارڻ لاءِ مقرر ڪيائين ته جيئن سڀ ڪنهن قسم جي علم ۽ هنر جي تعليم ڏيئي، مون کي چڱيءَ ريت هوشيار ڪن. بادشاهه به هر وقت منهنجي خبر چار رکڻ لاءِ پيو ايندو هو. مان به ان جاءِ کي سڄو جهان جون نعمتون ٿي سمجهيو. جيڪي گهرندو هوس، سو ملندو هو. ڏهن ورهين تائين سڀ علم، هنر، فن ۽ ڪسب حاصل ڪري ڪامل ٿيس. هڪ ڏينهن اُن گنبد جي روشندان مان هڪ گل اَچي اوچتو ظاهر ٿيو، جو ڏسندي ڏسندي ويو  ٿي وڌندو. مون اِرادو ڪيو ته وڃي وٺانس، پر جيئن جيئن هٿ وڌائيندو رهيس. تيئن تيئن ويو ٿي مٿي چڙهندو. مان حيران ٿي بيهي رهيس، ته کلڻ جو آواز منهنجي ڪَن تي پيو، مون اُن کي ڏسڻ لاءِ ڪنڌ مٿي کنيو ته ڏٺم ته هڪ سهڻو چنڊ جهڙو مُنهن ظاهر ٿيو. اُن کي ڏسندي منهنجو هوش ۽ حواس  ويندو رهيو. پر پاڻ کي سنڀالي ورتم. وري نظر ڪيم ته هڪ سونو تخت پرين جي ڪلهي تي رکيل نظر آيو، جنهن جي مٿان هڪ نازنين، جنهن کي موتين جو ڇَٽ مٿي تي هو ۽ سونهري پوشاڪ جواهرن سان جڙاءَ واري جسم تي هئي، ويٺل ڏٺيم. سندس هٿ ۾، ياقوت جو پيالو هو، جنهن مان شراب ٿي پيتائين. هوءَ آهستي آهستي تخت تان هيٺ لٿي، ۽ برج ۾ وارد ٿي. پوءِ اُن پريءَ مون کي سڏ ڪري پنهنجي ڀر ۾ ويهاريو ۽ پيار ۽ محبت جون

- ڏٺم ته هڪ چنڊ جهڙو ظاهر ٿيو.

ڳالهيون ڪرڻ لڳي. مُنهن مُنهن سان ملائي هڪڙو شراب جو پيالو مون کي به پياريائين، چوڻ لڳي ته ”انسان بيوفا ٿيندو آهي، پر ڇا ڪريان، جو تو سان دل لڳي ويئي آهي. “ ڪا گهڙي محبت سان مٺيون ڳالهيون ڪيائين. مان مست ٿي ويس ۽ اهڙي خوشي حاصل ٿي، جو حياتيءَ جو حقيقي لذت اُنهيءَ مهل حاصل ٿيم. مطلب ته اهڙي خوشي نڪي ڪنهن ڏٺي هوندي، نڪي ڪنهن ٻڌي هوندي. مان اُن جو صحيح بيان ڪري ئي نٿو سگهان، پوءِ انهيءَ مزي ۾ ٻيئي تخت تي ويهي رهياسون. اوچتو تخت جي ڪنڊ تي هڪڙو پٿر اچي ڪريو. چار ئي پريزاديون مٿان لهي اچي اُن نازنين کي ڪجهه ڪن ۾ چوڻ لڳيون، جنهن جي ٻڌندي ئي منهن زرد ٿي ويس ۽ مون کي چيائين ته ”اي سڄڻ، منهنجي دل گهري پيئي ته ڪا گهڙي تو ساڻ ويهي مجلس ڪريان ۽ دل کي وندرايان ۽ ڏيهاڙي تو وٽ ايندي رهان ۽ تو کي پاڻ سان وٺي وڃان، پر آسمان ٻن دوستن جو گڏ ويهڻ نه سهندو آهي، سدائين سڪ وارن جي پوئتان هوندو آهي. چڱو هاڻي خدا حافظ !“ اها ڳالهه ٻڌي مان بيحال ٿي پيس. ڄڻ هٿن مان ڪا  چيز نڪري ويئي. مون چيس ته ”اي دلبر، وري ڪڏهن ملاقات ٿيندي؟ توهان مون سان وڏو ظلم ڪيو. جيڪڏهن جلد ايندينءَ ته مون کي جيئرو ڏسندينءَ، نه ته الائجي ڪهڙو حال ٿيندم. ڪجهه نالو ۽ نشان مون کي ٻڌاءِ ته مان اُن پتي تي توکي ڳولي لهان ۽ تو وٽ اچي پهچان، اِها ڳالهه ٻڌي، چيائين ته ”رب سائين تو کي وڏي حياتي ڏي، تنهنجي عمر شل دراز ٿئي، جيڪڏهن حياتي آهي ته وري به ملاقات ٿيندي. مان جنن جي بادشاهه جي ڌيءَ آهيان ۽ ڪوه قاف ۾ رهندي آهيان، ائين چئي، تخت کڻايائين، ۽ جيئن اهو لٿو هو تيئن مٿي چڙهيو. جيستائين سامهون هئاسين، هڪ ٻئي کي پئي ڏٺوسين. هن جي وڃڻ کان پوءِ غم دل کي وٺي ويو، عقل ۽ هوش اصلي ڇڏيا ويا. سارو جهان اوندهه نظر آيو، ڪا به خبر ڪا نه رهي. حيران ۽ پريشان زار زار ٿي رُنس. ڪپڙا ڦاڙي ڦٽا ڪيم، ۽ ديوانن وانگر بڪواس ڪرڻ لڳس. جڏهن اِها خبر دائيءَ کي پيئي، تڏهن منهنجو حال اچي ڏٺائين ۽ ڊڄندي، ڪنبندي، بادشاهه وٽ ويئي، ۽ عرض ڪيائينس ته ”بادشاهه سلامت، اوچتو شهزادي سان الائجي ڪهڙو حال ٿيو آهي، جو کاڌو پيتو سڀ ڇڏي ڏنو اٿس ۽ آرام ڪونهيس“ هي ٻڌندي ئي بادشاهه سڀيئي امير، وزير، سردار، طبيب، نجومي، عابد، زاهد ۽ درويش پاڻ سان وٺي، اُنهيءَ باغ ۾ آيو. منهنجي بيقراري ۽ آه زاري ڏسي، بلڪل پريشان ٿي ويو. روئي ڀاڪر پائي اَچي مليو ۽ علاج ڪرڻ لاءِ سڀ کي حڪم ڏنائين. حڪيمن حڪمت جو زور هلايو، نجومين ستارن جي ڦير گهير ۽ گرهن جو حساب لڳايو. سوين صدقا ۽ خيراتون ڏنيون ويون، مطلب ته هر ڪوئي پنهنجي پنهنجي علم جو بيان ڪرڻ لڳو، پر جيڪي هو، سو منهنجي ساهه سان. ڪنهن جي به ڪوشش ۽ تدبير منهنجي تقدير کي بدلائي نه سگهي. ڪنهن جو به سعيو ڪارگر ۽ ڪمائتو نه ٿيو. ڏيهاڙي مستي وڌندي ويئي. رات ڏينهن روئڻ کان سواءِ ٻي ڪار نه هئي. نه وري ڪنهن جي گفتگو ئي ٿي وڻي. اهڙيءَ طرح ٽي ورهيه برابر گذري ويا. نيٺ چوٿين سال هڪ سوداگر سفر ڪندو اچي نڪتو. هر ملڪ جا تحفا ۽ سوکڙيون، عجب عجب سوغاتون بادشاهه جي  حضور ۾ کڻي آيو. بادشاهه مٿس گهڻي مهرباني فرمائي، سندس حال احوال ورتو ۽ هيڏانهن هوڏانهن  جون خبرون پڇيون،  نيٺ بادشاهه کانئس پڇيو ته ”اي سوداگر، تو به گهڻائي ملڪ ڏٺا آهن، ڪٿي ڪوقابل ۽ ڪامل حڪيم تنهنجي نظر کان گذريو؟ جيڪڏهن ڪو ڏٺو اٿيئي ته اُن جي بابت ٻڌاءِ“. سوگر نوڙي ادب سان عرض ڪيو ته ”جهان پناه! هن غلام گهڻيئي ملڪ ڏٺا آهن ۽ سير سفر ڪيو اٿس. هندستان جي ملڪ جي هڪ ٻيٽ ۾، هڪ پهاڙ تي هڪ گوسائين جَٽاڌاريءَ هڪ مهاديو جو وڏو مندر، سنگت جي رهڻ جي جاءِ  ۽ بهار سان ڀريل باغ بڻايو آهي، جنهن ۾ هُو رهي ٿو. سندس قاعدو آهي ته ورهيه کان پوءِ شِو رات جي ڏينهن پنهنجي آستان کان ٻاهر نڪري، درياءَ ۾ ترندو ۽ خوشي ڪندو آهي. اشنان کان پوءِ، جڏهن   پنهنجي آسڻ ويندو آهي، تڏهن بيمار ۽ دردمند وڃي سندس دروازي تي  پهچندا آهن. هُو مهنت جنهن جي زماني جو افلاطون چوڻ گهرجي، نبض، ڏسندو، نسخو ڏيندو ۽ هليو ويندو آهي. خدا ان جي هٿ ۾ ايڏي ته شفا ڏني آهي، جو دوا پيئندي ئي اثر ٿي ويندو آهي ۽ اُهو مرض بلڪل هليو ويندو آهي، اها حالت مان  پنهنجي اکين سان ڏٺي آهي، ۽ خدا جي قدرت جو مشاهدو ڪندو رهيو آهيان ته اهڙا به انسان پيدا ڪيا اٿس، جن جي ڏسڻ سان سندس يڪتائيءَ جي ثابتي ٿي ملي. جيڪڏهن حڪم ٿئي، ته شهزادي کي ان ڏانهن وٺي وڃجي ۽ کيس ڏيکارجي ته جلد شفا حاصل ٿيندي. ظاهر ۾ به هيءَ ڳالهه فائدي واري آهي، جو جدا جدا ملڪ  جي آب و هوا سندس طبيعت ۾ فرحت آڻيندي، بادشاهه کي سندس صلاح پسند آئي ۽ خوش ٿي فرمايائين ته تنهنجي صلاح عمدي آهي. مَن هن جو هٿ سدورو ٿئي ۽ منهنجي فرزند کي شفا حاصل ٿي وڃي!“ هڪ هوشيار ۽ قابل ۽ آزمودگار امير کي مون سان همراهه ڪيائين، ۽ گهڻو ئي ضروري سامان ڏيئي رخصت ڪيائين.

منزلون ڪندي ڪندي. نيٺ اُنهيءَ هنڌ وڃي پهتاسون. نئين آب و هوا ۽ جدا جدا ملڪن کي ڏسڻ وائسڻ سان البت طبيعت کي آرام آيو، پر اندر ۾ صبر ۽ آرام ڪو نه هو. ڪنهن به وقت نازنين جو نينهن دل تان ڪين وسريو.  جيڪڏهن ڪو  آواز نڪرندو هو، ته هيءُ:

        نه ڄاڻان ڪنهن پريرو سان لڳي اک، خوشي ڏيئي بڻي برباد  دل آ.

        ٻن ٽن مهينن ۾ ڪيئي هزار مريض اُتي اچي گڏ ٿيا. سڀني ائين ٿي چيو ته جڏهن گوسائين ٻاهر نڪرندو ته سڀ کي شفا حاصل ٿيندي. صبح جو اُهو جوڳي سج وانگر، چمڪندو ٻاهر آيو. درياءَ تي وڃي غسل ڪيائين، پارون  تَري موٽي آيو. سڄي بدن تي ڀڀوت لڳايائين، سفيد بدن  رک ۾ ملايائين. مٿي ٿي سُندر جو ٽِڪو ڏنائين. لنگوٽي ٻڌي، انگوڇو ڪلهي تي رکي، وارن کي ويڙهيائين، چَهري مان اِئين ٿي معلوم ٿيو ته ساري دنيا جو وٽس ڪو به قدر ڪو نه آهي. آخر اُٿيو ۽ هر هڪ بيمار کي سندو نسخا ڏيندو مون وٽ آيو. جڏهن مون کي ڏٺائين، ته وڏي خيال ۾ پئجي ويو ۽ چيائين ته ”مون سان هليو اَچ.“ مان ساڻس ويس، جڏهن  سڀني بيمارين کان فارغ ٿيو ته مون کي اندر وٺي ويو ۽ حڪم ڏنائين ته ”تون هتي رهندو ڪر؟، ۽ پاڻ پنهنجي حجري ۾ ويو.جڏهن چاليهه ڏينهن گذريا، تڏهن مون وٽ آيو، ۽ مون کي خوش ڏسي، کلي چيائين ته ”هن باغ جو سير ۽ تماشو ڪندو ڪر ۽ جيڪو ميوو پسند اچيئي سو کائيندو ڪر.“ اِئين چيئي، هُو هليو ويو مان سندس چوڻ موجب ڪندو رهيس. جنهن ڪري ڏيهاڙي بدن ۾ قوت ۽ دل کي فرحت معلوم ٿيڻ لڳي، پر عشق تي ڪو به اثر نه پيو. اُن پريءَ جي صورت نگاهن ۾ ڦرندي رهي. هڪڙي ڏينهن جاري ۾ هڪ ڪتاب رکيل ڏٺم. جان کڻي ڏسان ته منجهس سڄيءَ دنيا جو علم لکيو پيو آهي، ڄڻ ته سمنڊ کي ڪوزي ۾ بند ڪيو اَٿن. مان اُن ڪتاب جو مطالعو ڪندو هوس. علم حڪمت ۽ حاضرات جي گهڻي واقفيت ٿي ويئي. اِت سال به اَچي گذريو. وري اُهو خوشيءَ جو ڏينهن آيو. جوڳي پنهنجي آسڻ کان ٻاهر نڪتو، مون کيس سلام ڪيو. هن قلمدان مون کيڏيئي چيو ته ”مون سان گڏ هل.“ جڏهن دروازي کان ٻاهر نڪتو ته سڀيئي ماڻهو کيس دعائون ڏيڻ لڳا. منهنجا اَمير ۽ سوداگر، مون کي اُن سان گڏ ڏسي، گوسائين جي پير تي ڪري پيا ۽ سندس شڪر گذاري ڪرڻ لڳا  ته ”اوهان جي توجهه سان شهزادي ۾ وڏي تبديلي آئي آهي. ”هُو پنهنجي عادت موجب درياه جي گهاٽ تائين ويو ۽ دستور موجب اشنان ۽ پوڄا ڪيائين. موٽندي، بيمارن کي ڏسندو، اڳتي وڌندو ٿي ويو. اتفاقاً سوالين جي ٽولي ۾ هڪ ڳڀرو، صورت ۽ شڪل وارو کيس نظر آيو، جو ڪمزوريءَ کان بيهي نه ٿي سگهيو. مون کي چيائين ته ”هن کي به وٺيو اَ.“ جڏهن سڀني جو دوا درمل ڪري، خلوت خاني  ۾ موٽيو ، تڏهن اُن جوان جي ٿوري کوپري لاهي، گهريائين ٿي ته ٽنڊڻ کي، جو سندس ميڄاڻي تي ويٺو هو، زنبوريءَ سان پٽي ٻاهر ڪڍي، ته مون چيومانس ته ”جيڪڏهن چمٽي کي گرم ڪري، هن جي مٿان رکندا، ته هُو پنهنجو پاڻ ٻاهر هليو ايندو.  ٻيءَ حالت ۾ هو ميڄالي کي نه ڇڏيندو، ۽ ممڪن آهي ته مريض جي حياتيءَ کي نقصان پهچي.“ هي ٻڌي، منهنجي طرف ڏٺائين ۽ چپ چاپ اُٿي، باغ جي ڪنڊ ۾، هڪ وڻ جي ڏار ۾، وارن جي هڪ چوٽيءَ کي ڳچيءَ ۾ وجهي، ٻيءَ سان لڙڪي پيو، مان جڏهن وٽس پهتس ته هُو مري چڪو هو. مون کي  هيءَ حيرت جهڙي حقيقت ڏسي عجب لڳو ۽ افسوس ڪيم. لاچار دل ۾ آيم ته هن کي لاهي پوري ڇڏيان. جڏهن وڻ تان لاٿو مانس ته  ٻه ڪنجيون سندس وارن مان ڪري پيون. مون اهي کڻي ورتيون. پوءِ جوڳي ءَ کي دفن ڪري، ڇڏيم. اهي ڪنجيون کڻي قلفن کي لاهڻ لڳس. ٻن ڪوٺين جا قلف اُنهن ڪنجين جا سان لهي پيا، ۽ ڏٺم ته ڪوٺيون ڇت تائين هيرن جواهرن سان ڀريل هيون. هڪ صندوق سونن پَٽن لڳل، بخمل جي پوش سان نظر آئي،  جيئن اُن کي کوليم ته منجهس هڪ ڪتاب ڏٺم، جنهن ۾ اسم اعظم سان گڏ، جنن، پرين ۽ ديون کي حاضر ڪرڻ ۽ سج کي هٿ ڪرڻ جي ترڪيب لکيل هئي. اهڙِيءَ نعمت جي حاصل ٿيڻ سان بيحد خوشي ٿيس ۽ اُن تي عمل ڪرڻ لڳس. باغ جو دروازو کولي ڇڏيم. اميرن ۽ نوڪرن کي ڏنم ته ”ٻيڙيون گهرائي وٺو، ۽ جو ڪجهه موتي، جواهر، رپيا، مهرون ۽ ڪتاب آهن، سي سڀ کڻائي هلو.“ پاڻ به جهاز تي سوا ٿي، وطن روانو ٿيس. جڏهن ملڪ جي نزديڪ پهتاسون، ته بادشاهه سلامت کي خبر پيئي. هو لشڪر وٺي پيشوائيءَ لاءِ آيو ۽ وڏي پاٻوهه مان بيقرارٿي دل سان لڳايائين. مون قدمبوسي ڪري، عرض ڪيو ته ”هن غلام کي اڳئين  باغ ۾ رهڻ جي اجازت ڏني وڃي. ”فرمايائين ته ”اي فرزند، اهو باغ نحس آهي. مون اُن کي منحوس سمجهي، سندس مرمت ڪرائڻ ئي بند ڪري ڇڏي آهي. هاڻي ويران ۽ غيرآباد پيو آهي. هتي ڪيترائي محلات موجود آهن. اُنهن مان تون ڪا جاءِ پسند ڪري، اُتي وڃي رَههُ ۽ آسودو گذار. چڱو ائين آهي ته منهنجي روبرو گذار.بادشاهي باغ کي جيئن چوين تيئن مان سينگارڻ جو بندوبست ڪريان. مگر مان ضد تي بيهي رهيس، ۽ اڳيون باغ تيار ڪرائي، اُن ۾ وڃي رهيس. پوءِ فراغت سان جنن کي تابع ڪرڻ لاءِ چلو ڪڍيم. گوشت، مڇي ۽  ٻيا لذيذ طعام کائن ڇڏي ڏنم. جڏهن چاليهه ڏينهن پورا ٿيا، تڏهن اڌ رات جو اِهڙو طوفان شروع ٿيو، جو انڌوڪار ٿي ويو، وڏيون وڏيون ماڙيون ڪري وڃي پَٽ پيون. وڏا وڏا وڻ پاڙؤن پٽجي اَچي زمين تي ڪريا. انهيءَ وچ ۾ پريزادن جو لشڪر ڏسڻ  ۾ آيو ۽ هڪڙو تخت آسمان کان هيٺ لٿو، تنهن تي هڪڙو ديو وڏيءَ حشمت ۽ شوڪت سان ويٺل نظر آيو. سوني پوشاڪ پهريل هيس ۽ مٿي تي موتين جو ڇَٽ رکيل هوس. مون ڏسندي ئي کيس ادب سان سلام ڪيو. هُن مون کي سلام جو جواب ڏنو، چيائين ته ”اي دوست، تو ڇو اسان کي ناحق تڪليف ڏني آهي، تنهنجو ڪهڙو مطلب آهي؟“ مون عرض ڪيس ته ”جي مسڪين ڪيترن ڏينهن کان، اوهان جي نياڻيءَ تي  عاشق آهي. اُن لاءِ خراب خوار ۽ حيران پريشان آهيان. هاڻي پنهنجي حياتيءَ کان تنگ ٿيو آهيان. ساه جو سانگو لاٿو اٿ. تڏهن ئي هي ڪم ڪيو اٿم. هاڻي اوهان ۾ اُميد رکان ٿو ته مون عاجز تي مهرباني فرمائي، اُن جو ديدار ڏيئي، حياتي کي، آرام ۽  قرار بخشيو، ته وڏي مهرباني سمجهندس ۽ اوهان کي به ثواب ٿيندو.“ منهنجي عرض ٻڌي چيائين ته ”آدمي مٽيءَ جي پيدائش آهي ۽ اسان باهه جي خلقتِ آهيون. اِنهن ٻنهي جي پاڻ ۾ محبت ڪيئن ٺهي سگهندي!“ تڏهن مون قسم کڻي چيس ته ”مان رڳو سندس ديدار جو مشتاق آهيان ۽ ٻيو مطلب منهنجو ڪجهه به نه آهي.“ تڏهن بادشاهه فرمايو ته ”انسان پنهنجي قول تي پورو نه رهندو آهي، غرض جي وقت سڀيئي ڳالهيون ڪندا. آهن، پر ياد نه رکندا آهن. هيءَ ڳالهه مان تنهنجي چڱائيءَ ۽ ڀلائيءَ لاءِ چئي آهي. جيڪڏهن ڪنهن به وقت تو اِرادو ڦيرايو، ته هوءَ ۽ تون هلاڪ ٿي ويندا.“ مون وري به قسم ۽ سنهن کاڌو، ته جنهن ڳالهه  کان خرابي ٿئي. سو ڪم هر  گز نه ڪندس. مگر هميشھ خبردار رهندس. اِهي ڳالهيون پئي ٿيون ته اوچتو اُها ساڳي پري سهڻي سينگاريل اَچي حاضر ٿي ۽  بادشاهه جو تخت کڄي ويو. تڏهن مون اُن محبوب کي ساهه وانگر کڻي  ڀاڪر پاتو. خوش ٿي، اُنهيءَ باغ ۾  سير تماشو ڪرڻ لڳاسون. هڪ  ٻئي کي ڏسي خوش پئي ٿياسون، پر خوف ۽ خطري کان ٻيءَ ڪنهن به ڳالهه يا حرڪت جي ويجهو ڪين ٿي ويس. رڳو حسن جي باغ جو گُل ٿي سنگهيم. هن نازنين منهنجي اقرار نڀائڻ. قول پاڙڻ تي گهڻو عجب پئي کاڌو. بلڪه آفرين پئي پڙهي. هڪڙي ڏينهن چيائين ته ”اي دوست، تون پنهنجي انجام تي پورو ٿو  رهين. مگر  منهنجي نصيحت بلڪل دل تي رکج ته اهو ڪتاب سانڍي رکج، نه ته ڪنهن ڏينهن تو کي غافل ڏسي، جن اهِو ڪتاب چورائي ويندا.“ مون چيس، ”اي سڄڻ، مان ڪتاب کي پنهنجي ساه برابر رکندو آهيان.“ اوچتو هڪڙي ڏينهن شيطان اَچي سر تي سوار ٿيو، سو دل جي سڪ لاٿيم. اُتي هڪڙو آواز ٿيو ته ”اِهو ڪتاب مون کي ڏي، اسم اعظم جي بي ادبي نه ڪر!“ مون کي اُن بيهوشيءَ جي حالت ۾ ڪجهه به خيال نه رهيو. هوش ۽ عقل  ڇڏائي ويو. ڪتاب بغل مان ڪڍي بنا ڪنهن سوچ  جي کڻيي ڏنم. هوءَ نازنين منهنجي هيءَ حرڪت ۽ بيوقوفي ڏسي چوڻ لڳي ته ”اي نادان، نيٺ، ڀلجي پئين. ڏاڍي خطا ڪري وڌيئه، ۽ منهنجي نصيحت ڀلجي وئين.“ اِئين چئي، هوءَ بيهوش ٿي ويئي. مون سيرانديءَ کان هڪ ڪارو ديو بيٺل ڏٺو. جو ڪتاب کنيو بيٺو هو. ارادو ڪيم ته کيس ماري، ڪتاب کسي وٺان. ايتري ۾ سندس هٿان ٻيو ديو ڪتاب کسي وٺي اُٿي ڀڳو. مون کي اسم اعظم ۽ ٻيا منتر جي  ياد هئا سي پڙهڻ شروع ڪيم، اُتي جو جن بيٺو هو. سو ڏاند بڻجي  پيو. ڏاڍو افسوس ۽ ارمان ٿيم، جو هوءَ سهڻي وري هوش ۾ نه آئي. ڪيترائي حيلا ڪيم پر ڪجهه ڪين ٿيو. مٿس اُها ئي غشي۽ بيهوشي غالب رهي. مان دلگير ۽ غمناڪ رهجي ويس. سڀ عيش تلخ ٿي ويو. اُن ڏينهن کان آدمين کان ٽهندو ۽ ڀڄندو آهيان. هن باغ جي ڪنڊ ۾ پيو آهيان، دل جي وندر واسطي هي مرتبان زمرد جو ٺاهيندو آهيان، اُتي مرتبان ڀڃي، غلام کي ماري ڇڏيندو آهيان، انهيءَ لاءِ سڀ ماڻهو منهنجو حال ڏسن ۽ افسوس کائين. من اهڙو ڪو نيڪ مرد يا خدا جو ٻانهو پيدا ٿئي، جو مون تي ڪهل آڻي،  دعا ڪري،ته مان پنهنجي مطلب کي پهچان. اي دوست، مون مست ۽ سودائيءَ جو احُال اهو آهي، جو تو کي ٻڌايم.“

        مان هي ٻڌي روئڻ لڳس، ۽ چيومانس ته ”اي شهزادا تون بيشڪ محبت جي آفت ۽ برهه جي بلا ۾ گرفتار آهين، پر مان به قسم ٿو کڻان ته پنهنجي مطلب کي ڇڏي تنهنجي مراد واسطي جهنگ جبل وڃي ٿو ڳوليان، جيڪي مون کان  پڄي سگهندو، ان ۾ ڪوتاهي نه ڪندس.“ اهو انجام ڪري، مان اُن جوان وٽان موڪلائي اٿي هيلس، پنج ورهيه مان سودائن وانگر رلندو رهيس، پر ڪٿان به پتو نه پيو. آخر لاچار ٿي، آسرو ۽ اميد لاهي، هڪڙي جبل تي چڙهي ويس. ارادو ڪيم ته پاڻ کي هتان هيٺ ڪيرايان ۽ مري وڃان. هنن مشڪلاتن ۽ ڪشالن کان ڇٽان، ته اوچتو هڪڙو گهوڙيسوار، منهن تي نقاب پيل، اَچي پيدا ٿيو. هڪل ڪيائين ته ”متان پنهنجو سر وڃائين! ٿورن ڏينهن ۾ تون پنهنجي مطلب کي پڄندين!“

        هاڻي، اي فقيرو، روشن، ضميرو، اوهان جي زيارت نصيب ٿي آهي، شايد اڳتي هلي منهنجي مشڪل به  حل ٿي وڃي.

        جڏهن ٻئي فقير پنهنجي سير ۽ سفر جي حقيقت  ٻڌائي پوري ڪئي، تڏهن رات اَچي پوري ٿي. آسمان تي جهلملائيندڙ تارا مات ٿيا. صبح  صادق جي روشني ظاهر ٿيڻ لڳي. بادشاهه آزاد بخت ماٺ ميٺ ۾ لڪندو، پنهنجي محلات ڏانهن روانو ٿيو. ڌڻي پاڪ جي عبادت کان پوءِ، وهنجي سهنجي شاهي پوشڪ پهري، دربار ۾ اَچي تخت تي ويٺو. حڪم ڏنائين ته وزير ۽ امير، گڏجي وڃي انهن چئن فقيرن کي عزت سان وٺي اَچن، جي قبرستان ۾ موجود هئا. حڪم موجب اَمير ۽ وزير  روانا ٿيا ۽ فقيرن کي عرض ڪيائون ته ”اي فقير صاحبو، اوهان کي هن ملڪ جي بادشاهه ياد فرمايو آهي. مهرباني ڪري، اسان سان گڏجي هلو.“ هي ٻڌي، چارئي فقير هڪ ٻئي ڏانهن نهارڻ لڳا ۽ چيائون ته ”بابا،اسان پنهنجي دل جا بادشاهه آهيون. اسان جو دنيا جي بادشاهن سان ڪهڙو مطلب؟“ تڏهن وزير عرض ڪين ته ”اي سائين لوڪو، اوهان ڪو به فڪر نه ڪريو،  خطري جي ڪا به ڳالهه نه آهي. اوهان  جي هلڻ سان اسان جي به عزت ٿيندي.“ تڏهن چئن ئي فقيرن کي ياد آيوته حضرت علي مشڪلڪشا جو به اهو ئي فرمان هو. هُو اُٿيا ۽ خوشيءَ مان ساڻن گڏجي هليا. جڏهن قلعي کان گذري، شاهي درٻار ۾ بادشاهه جي سامهون ٿيا، تڏهن چئن ئي ملنگن دعا ڪئي. بادشاهه به کين آڌرڀاءُ ڪري ويهڻ جو حڪم ڏنو. کانئن پڇيائين ته ”اوهان ڪٿان ٿا اَچو ۽ ڪيڏانهن  ويندئو؟ اوهان جو آستان ۽ اوتارو ڪٿي آهي؟“ فقيرن چيو ته ”بادشاهه جي عمر ۽ دولت زياده ٿئي، اسان سيلاني فقير آهيون. ڪيتري مدت  کان هن حالت ۾ سير ڪندا ٿا وتون، جتي سج لٿو اُتي گهر بڻيو. جيڪي به هن دنيا  بي بقا ۾ ڏٺو سون، تنهن جو بيان ڇا ڪريون، ڇو ته حضور کي اُن جي ٻڌڻ کان ڪا خوشي حاصل نه ٿيندي.

        تڏهن بادشاهه مرڪيچين ته ”اوهان رات جتي ديرو ڪيو ويٺا هئا ۽ پنهنجو  قصو هڪٻئي کي پئي ٻڌايوَ، اُتي مان به حاضر هوس،۽ ٻن درويشن جي ڪهاڻي ٻڌي اٿم. بادشاهه جي هيءَ حقيقت ٻڌي، هُو درويش ڪنبڻ لڳا. سندن حواس جاءِ تي نه رهيا، جو ڪجهه ڳالهائي سگهن. بادشاهه  هيءَ حالت ڏسي کين فرمايو ته ”هن جهان ۾ ڪو به اهڙو ماڻهو نه هوندو، جنهن تي ڪا نه ڪا عجيب واردات نه گذري هجي.جيتوڻيڪ مان بادشاهه آهيان،پر مون به اهڙو تماشو ڏٺو آهي. پهريائين مان ئي اُن جو بيان ٿو ڪريان. توهان آرام سان اُن کي ٻڌو.“

        هي ٻڌي درويش چيو ته ”بادشاهه سلامت! اسان فقيرن تي اوهان جون وڏيون مهربانيون آهن. هاڻي ارشاد ٿئي.“ اُن بعد آزاد بخت پنهنجي حقيقت کي شروع ڪيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org