سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: چار درويش

امام بخش خادم

صفحو :6

قصو ملڪ شام جي شهزاديءَ جو

       ڇا ڏسان ته قلعي جي ڀت جي مٿان ڪا شيءِ وڏي ساري هيٺ ٿي اچي. پهريائين ته خوف ٿيم، پر جتائي جان کڻي نهاريان ته هيءَ ڪا صندوق آهي، تڏهن ڀانيم ته ڪا ڌڻيءَ جي مون  سان مهرباني ٿي  آهي،  جو هيءُ خزانو ٿو مليم. جڏهن صندوق هيٺ آئي، تڏهن هوريان هوريان پيتيءَ وٽ ويس. جان کولي ڏسان، ته منجهس هڪ زال  سُتي پيئي آهي. سندس چهرو چنڊ وانگر ٿي چمڪيو. اُن جي ڏسندي دل ۾ داغ پئجي ٿي ويا. مگر افسوس جو هن حور کي ڪنهن ڌڪ هڻي ڦٽي وڌو هو. رت ٿي وهيس. اَڃان چتائي ڏٺم، ته نظر آيم ته اڃا ڪجهه ساهه اٿس. جان ويجهو ويس ته سندس چپ چرندا ڏٺم، ڪن ڏيئي ٻڌم ته نهايت جهيڻي آواز ۾ ٿي چيائين ته ”اي بيوفا! مون تو سان هيڏي مهرباني ڪئي، اُن جو عيوض اهو ٿو ڏينم! چڱو، هينئر اِهڙن سورن کان اِهڙو ڪو ٻيو ڌڪ هڻينم، جو منهنجو خاتمو ٿي وڃي. پوءِ اسان ٻنهي جو انصاف، اُن منصف حقيقيءَ جي اڳيان قيامت جي ڏينهن ٿيندو!“ ائين چئي، خاموش ٿي ويئي. مان  هنن لفظن کي ٻڌي، حيرت ۾ پئجي ويس. دل ۾ سوچيم ته  ڪنهن قلب جي شقيءَ هن نازڪ بدن کي زخمي ڪيو آهي! خبر نه ٿي پوي ته ڪهڙِي سبب هُن هِن موهيندڙ صورت واريءَ عورت کي ٿي مارڻ گهريو، جا اُن بدڪار جي محبت جو اَڃا دم ڀري رهي آهي. منهنجو همدرديءَ ڀريل ڀُڻڪو سندس ڪن ٿي پيو. ڪپڙي کي پري ڪري مون کي ڏٺائين. جنهن وقت منهنجي نگاهه مٿس پيئي، ته منهنجو هوش

گڻائتي اديءَ امام ضامن جو روپيو منهنجي ڏوري ۾ ٻڌو. . .

ڇڏائي ويو. پاڻ جهلي، سرت ۾ اچي کيس چيم ته ”سچ چئو ته تون ڪير آهين؟ ۽ هيءَ ڇا حالت آهي! جيڪڏهن ٻڌائيندينءَ ته دل کي تسلي ٿيندي.“ هيءُ ٻڌي، جيتوڻيڪ ڳالهائڻ جي طاقت نه هيس، آهستي  چيائين ته ”شڪر آهي! منهنجي حالت زخمن کان لاچار آهي. ڇا ڳالهايان؟ گهڙيءَ پلڪ جي مهمان آهيان. جڏهن منهنجو ساهه نڪري، ته خدا جي واسطي جوانمردي ڪري، مون کي هن صندوق سميت، زمين جي ڪنهن گوشي ۾ پوري ڇڏج، تان جو دنيا جي چڱي ۽ بُري جي زبان کان ڇوٽڪارو لهي سگهان ۽ تو کي به ثواب ٿئي.“ اِئين چئي چپ ٿي ويئي. رات جي سبب ڪجهه ٿي نه ٿي سگهيو. اُها صندوق گهڻيءَ تڪليف سان سوري، پنهنجي سامان وٽ آنديم ۽ گهڙيون ڳڻڻ لڳس، ته ڪڏهن ٿي رات پوري ٿئي ۽ صبح ٿئي ته پنهنجي طاقت آهر سندس وڃي علاج ڪريان، اُها باقي رات به پهاڙ ٿي پيئي. دل گهٻرائڻ لڳي. خدا خدا ڪندي، پَرهه ڦُٽي، ڪُڪڙن جون ٻانگون شروع ٿيون، ماڻهن جا آواز اچڻ لڳا. مان فجر جي نماز پڙهي. صندوق کي گهوڙي جي مٿان ٻَڌم، جيئن دروازو کليو، مان شهر ۾ داخل ٿيس. شهر ۾ مسواڙي جاءِ جي ڳولا ۾ ڦرندو رهيس. ڳوليندي ڳوليندي، هڪ خوشنما مڪان حاصل ڪيم، پهريائين هيءُ ڪم ڪيم، جو اُن سهڻيءَ کي ڪپهه ۾ سمهاري، گوشائتو ڪيم، هڪ معتبر ماڻهو وٽس ڇڏي، ڪنهن جراح حڪيم جي ڳولا شروع ڪيم، پڇائيندي پڇائيندي، هڪڙي شخص ڏس ڏنو ته ”هن شهر ۾ هڪڙو جراح حڪيم آهي، اُن جي هٿ ۾ خدا تعاليٰ ڪا اهڙي شفا ڏني آهي، جو جيڪو وٽس وڃي، اُن کي صحت حاصل ٿيو وڃي. اُن حڪيم صاحب جي جاءِ فلاڻي محلي ۾ آهي ۽ سندس نالو عيسيٰ حجم آهي.“ مون جڏهن هيءَ خوشيءَ جي جهڙي ڳالهه ٻڌي، تڏهن اُمالڪ اوڏانهن روانو ٿيس. ڏسائيندي، وڃي، اُن محلي کي لڌم، عيسيٰ جراح جي مڪان ۾، جڏهن اندر گهڙيس تڏهن ڏٺم ته هڪڙي صندليءَ تي هڪڙو پير مرد چڙهيو ويٺو آهي ۽ سندس چوڌاري ڪيترائي ماڻهو مڙيا ويٺا آهن. هن مسڪين به ويندي، خوشامد ڪري، گهڻي نياز سان سندس سلام ڪيو، چيومانس ته ”اوهان جو ناموس  تعريف ٻڌي، ڳولهيندي اوهان وٽ پهتو آهيان. حقيقت هيءَ آهي ته مان پنهنجي ملڪ مان سوداگيريءَ جي واسطي هن شهر ڏي اُٿي هليس، مون کي پنهنجي گهر واريءَ سان بيحد محبت هئي، تنهن ڪري اُن کي به پاڻ سان گڏ کنيم. نيٺ جڏهن هن شهر کي اَچي ويجهو پهتس، تڏهن ڳچ رات گذري چڪي هئي، ڪوٽ جي چوڪيدارن دروازي کي نه کوليو. تڏهن لاچار ٻاهر هڪ وڻ هيٺيان قيام ڪيوسين. اَڌيءَ رات جو، بيرحم ڦورو آيا، جن سامان لٽيو، منهنجي نيڪ بخت بيبيءَ کي به زيورن جي طمع ۾ ڦٽيو. اُن بيگاهه وقت ۾ مون کان ٻيو ڪجهه ٿي نه سگهيو، جيئن تيئن ڪري رات جون گهڙيون، ويرانيءَ ۾ ڪٽي، دروازي کلندي ئي شهر ۾ آيس. جاءِ ڪرايي تي وٺي بيبيءَ کي جائيتو ڪري، سندس علاج جي لاءِ ٻاهر نڪتس، اوهان جو ناموس ٻڌي، اوهان ڏي ڊوڙي آيس ۽ خدمت ۾ حاضر ٿيو آهيان. خدا تعاليٰ اوهان کي حڪمت عطا فرمائي آهي، مهرباني ڪري قدم رنج فرمائي اُن مرڻينگ کي هلي ڏسو ته سندس بچڻ جي ڪا اُميد به آهي يا نه؟ جي اوهان جي احسان سان سندس علاج جو ڪو بندوبست ٿي پوي، ته مان حتي المقدور اوهان جي خدمت ڪندس ۽ ساري عمر هيءُ احسان نه وساريندس.“

عيسيٰ جراح به ڏاڍو نرم دل ماڻهو هو. کيس منهنجي اُفتاده حال تي ڪهل آئي، لائق ڪري مون سان همراهه ٿيو ۽ اَچي اُن بيبيءَ کي ڏٺائين. ڏسي تسلي ڏنائين ۽ چيائي ته ”خدا خير ڪندو. هيءَ ڦَٽ خدا گهريو ته چاليهن ڏينهن جي اندر مڙي ويندا ۽ مٿي پاڻي پوندو. ”مطلب ته اوڏيءَ وير نم جا پن گهرائي، تن جي پاڻيءَ سان سڀني وَڍَن کي  ڌوئي صاف ڪيائين، پوءِ پنهنجي کيسي مان هڪ مرهم جي دٻلي ڪڍيائين ۽ زخمن تي اُهو مرهم رکيائين، ڪم کان فارغ ٿي، موڪلائڻ وقت چيائين ته ”مان هينئر وڃان ٿو، اڳتي هر روز ٻه دفعا پيو ايندس. فقط اِها خبرداري ڪج ته ڪنهن ريت ڦٽن کي ڪو وڌيڪ ايذاءُ نه اَچي. ڪبوتر جو شوربو کيس کارائيندو رَههُ، پاڻيءَ جي بدران گلاب جي پاڻيءَ ۾ بيدمشڪ جو عرق پياريندو رهه، جيئن سندس دل جي طاقت بحال رهي.“ جيتري قدر ٿي سگهيو، عيسيٰ جراح جي خدمت ڪيم، اُن کان پوءِ هُو موڪلائي ويو. جراح جي وڃڻ کان پوءِ، اُن پريءَ جي پرگهور ۾ چست ٿيس. هُن جو پريشانيءَ وارو حال ڏسي، منهنجو ته سُک ئي ڦٽي ويو. رات ڏينهن دعائون ٿي گهرندو رهيس ته ”اي ڌڻي، هن کي جلد ئي شفاياب ڪر! ٿورن ڏينهن کان پوءِ اُهو سوداگر، جنهن کي مون تجارت جو سامان سپرد ڪيو هو، اچي نڪتو، تنهن کان  وڃي، پنهنجو سامان سنڀالي ورتم، دل ۾ چيم ته هاڻي هن  سامان جي وڪڻن جي ڪريان يا هن پريءَ جي چاڪري ڪريان! نيٺ، جيئن تيئن اُهو سامان نفعي ۽ نقصان جي سوچڻ کان سواءِ  وڪڻي، پيسا وٺي آيس. اُها سڄي موڙِ سندس دوا دارونءَ تي خرچ ڪندو رهيس. عيسيٰ جراح هميشھ ايندو رهيو. مان به کيس ڏيئي وٺي، خرچ ڪندو رهيس، نيٺ ڪن ڏينهن کان پوءِ، هوءَ پري چڱي ڀلي ٿي، ۽ مٿي تي پاڻي وڌائين. هن خوشيءَ ۾ عيسيٰ جراح کي ڪيتريون ئي اشرفيون ۽ هڪ عمدي سروپا ڏنيم ۽ گهڻو ئي سندس احسان مڃيم. ۽ فقيرن ۽ مسڪينن کي پيسا ۽ ڪپڙا ڏنم. ايتري ته خوشي ٿيم جو ڪپڙن ۾ نه ٿي ماپيس، ڄڻ هڪ دهقانيءَ کي هفت اقليم جي بادشاهي ملي ويئي هئي! هوءَ سونهن واري جيئن مون کي چئي رهي هئي، تيئن ٿي ڪيم. هن به جڏهن مون کي پنهنجي خدمت ۾ چست ڏٺو، تڏهن نهايت لاڏ مان حڪومت هلائڻ لڳي. منهنجي لاءِ سردار بڻجي ويٺي. نيٺ هڪ ڏينهن چيئين ته ”منهنجو هڪ نڪتو ٻڌي ڇڏ!“ چيومانس، ”حاضر، جيئن ارشاد ٿئي. مان ڪڏهن به تعميل ۾ دير نه وجهندس.“ چيائين ته ”جڏهن به آءُ تو کي ڪو ڪم چوان، ته اُن کان انڪار نه ڪج، نه وري اُن جي لاءِ ڪو سبب يا تفصيل پڇج. جيڪڏهن تون اِئين نه ڪري سگهين ته پوءِ محبت جو مزو نه رهندو، اَڻبڻت ٿيندي، ۽ شايد هلاڪت ۾ اچين.“ تڏهن مون هٿ ٻڌي عرض ڪيو مانس ته ”غلام کي اِها طاقت نه آهي، جو اوهان جي مرضيءَ کان سواءِ ڪو قدم کڻي، خدا نه ڪندو جو مان اوهان سان بي النفاتي يا بي ادبي ڪندس.“ هميشھ جي دستور موجب اُن پريءَ جي خدمت ۾ حاضر هوندو هوس، ڪڏهن به ڪو اُن جي رضا کان سواءِ ڪن نه ڪيم، ڄاتم ٿي ته هن کي به ڪجهه منهنجي ڊڪڻ ڊوڙڻ جو قدر پيو آهي.

       مطلب ته سندس خدمت ڪندي، جيڪو به منهنجو سرمايو هو، سو ڪجهه دوائن ۽ علاج ۾، ۽ ڪجهه خوراڪ ۽ پوشاڪ تي خرچيم، تان جو اَچي صفا هٿن تي بيٺس، ڌاريو ملڪ، نه ڪو ڄاڻي نه سڃاڻي. نه ڪنهن ۾ اُڌاري جو اُميد. ڪجي ته ڇا ڪجي! آخر هتي اَچي بيٺاسون، جو ڏهاڙيءَ جي کاڌي لاءِ پريشاني، صبح جو کاڌو ملي ته شام لاءِ حيراني. اَچي فڪرن ورايو، هڪ ويلو  گذريو ته ٻئي جي ڳڻتي. فقير جي ڪاوڙ پاڻ تي ڏاڍو اَچي موڙهس. هڪ ڏينهن اُن پريءَ مون کي ڪوماڻيل ڏٺو. تنهن منهنجي فڪر کي سمجهي ورتو. سڏي دلداري ڏنائين ۽ چيائين ته ”هيڏي اچ!“ مان سڏ تي وڃي اڳيان حاضر ٿيس. تڏهن چوڻ لڳي ته ”تو جي مون سان مهربانيون ڪيون آهن، تن جو عروض ته توکي ڏيئي نه ٿي سگهان، ۽ جي پير تو مون سان ڀريا آهن، سي مرندي به نه وسرندا. هاڻي جيڪڏهن تو کي خرچ جي تنگيءَ اچي ورايو آهي، ته دلجاءِ ڪر، مايوس نه ٿيءُ، خدا ڪندو ته سڀڪي ٿي پوندو. هاڻي جلدي ڪر، مون کي قلم ڪاغذ ڏي، ته مان تو کي چٺي لکي ڏيان. اُميد آهي ته اُن چٺيءَ تي توکي پئسا ملي ويندا.“ سندس هي ڏڍ ۽ تسليءَ جهڙا لفظ ٻڌي، مون کي پڪ ٿي ته هيءَ ڪا شهزادي آهي. سندس چئي موجب، مس قلم ۽ ڪاغذ کڻي کيس ڏنم. هُن رقعو لکي مون کي هٿ ۾ ڏنو ۽ چيائين ته ”قلعي جي پاسي ۾ هڪ وڏو محلات آهي. اُن جي ڀرسان هڪ

هُن چٺي لکي، مون کي هٿ ۾ ڏني . . . . . .

گهٽي آهي. اُن مان لنگهي ٻاهر  ايندين ته هڪ وڏي حويلي نظر ايندي. اُن حويليءَ جي در تي بهار نالي حبشيءَ کي ڳولي هٿ ڪجاءِ ۽ هيءُ خط اُن کي ڏج. ”فقير، اُنجي حڪم موجب، ڏنل ڏس ۽ نشاني تي، منزل مقصود تائين وڃي پهتو، دربان جي زباني، خط جي حقيقت چوائي موڪليم،ٻڌندي ئي هڪ حبشي جوان شڪل جو، ٺاهوڪو، وڏي ٺاهه ٺوهه سان ٻاهر نڪري آيو. اگرچه رنگ جو سانورو هو، پر منهن ۾ نمڪ ڀريل هوس. منهنجي هٿ مان خط وٺي پڙهيائين، نه ڪجهه پڇيائين نه ڳالهايائين، ساڳين قدمن تي موٽِ اندر ويو. ٿوريءَ دير ۾ موٽي آيو ۽ غلامن جي مٿي تي ذربفت جون ڳوٿريون، مهر لڳل. کڻائي آيو. کين چيائين ته ”هن جوان سان ساڻ وڃي، کيس اهي ڳوٿريون سندس جاءِ تي پهچائي ڏيو.“ مون به کيس سلام ڪري، کانئس موڪلايو. گهر پهچي، دروازي تي غلامن کي رخصت ڏنيم. اُهي ڳوٿريون کڻي اَمانت طرح اچي پَريءَ آڏو رکيم،هُن ڏسي.  چيو ته ”هي يارهن ڳوٿريون اشرفين جون آهن. وڃي خرچ ڪر، اڳتي خدا رزاق آهي. ”فقير هنن همياڻين مان خرچ ڪرڻ لڳو ۽ خرچ جي طرف کان دل جمعي ٿي، مگر دل ضرور کٽڪو رهيو ته الاهي هيءَ عجيب حالت آهي، جو سواءِ پڇڻ جي، هڪ اڻڃاڻ ماڻهو ايڏو مال هڪ اجنبيءَ کي هڪ ڪاغذ جي پرزي تي ڪڍي ڏيئي! جيئن ته اُن پَريءَ سوال جو اب جي منع ڪري ڇڏي هئي، اُن ڪري طاقت ٿي نه سگهي، جو اُن کان ڪجهه پڇي سگهان. اَٺن ڏينهن کان پوءِ، اُن صورت جي کاڻ مون کي چيو ته ”الله تعاليٰ آدميءَ کي انسانيت جو جامو عطا ڪيو آهي، جو نه ڦاٽي سگهي ٿو نه ميرو ٿي سگهي ٿو. اگرچه پراڻن ڪپڙن سان اُن جي انسانيت ۾ ڪو به فرق نه ٿو پوي، پر ظاهر ۽ خلق الله جي نگاهن ۾ سندس عزت ۽ توقير نه ٿي رهي. ٻه همياڻيون اشرفين جو کڻي، شهر جي چونڪ جي چوواٽي وٽ يوسف سوداگر جي دڪان تي وڃ، جواهرن مان ڪي قيمتي موتي، ۽ زرق برق پوشاڪون خريد ڪري اَچ.“

       فقير پڇائيندي، اُن سوداگر جي دڪان تي وڃي پهتو، ڏٺم ته هڪ نوجوان خوبصورت، زعفراني پوشاڪ پهريون، گديءَ تي ويٺو  آهي، اُن جوان جي هيءَ حالت هئي، جو اُن جي ڏسڻ لاءِ ماڻهو سندس دڪان کان بازار تائين بيٺل هئا. مان وڏي شوق مان، نزديڪ وڃي ساڻس سلام ڪري ويٺس. جا چيز گهربل هئي، طلب ڪيم، منهنجي گفتگو جو لهجو اُتانجي  شهرين جهڙو نه ڏسي، اُن جوان وڏيءَ محبت سان چيو ته ”جو ڪجهه  اوهان کي گهرجي، سو موجود آهي، پر هيءُ ٻڌايو ته اوهان ڪهڙي ملڪ کان آيا آهيو ۽ هن اَجنبي شهر ۾ رهڻ جو ڪهڙو سبب آهي؟ جيڪڏهن پنهنجي احوال کان واقف ڪريو ته مهرباني.“ جيئن ته مون کي پنهنجو صحيح احوال ظاهر ڪرڻو نه هو. ڳالهه ٺاهي، جواهر ۽ پوشاڪ وٺي، کانئس رخصت گهريم. اُن جوان جوهريءَ مون کي چيو ته ”سائين مهرباني ڪري فرصت ۾ مون وٽ ايندا ڪريو. اهڙيءَ ريت جلدي اُٿي وڃڻ زيبائتو ته نه آهي.“ هن هي لفظ مون کي اهڙيءَ طرح چيا، جو دل کي وڻيم، ۽ بي مروت ٿي، اُٿي وڃڻ مناسب نه ڄاتم. مان سندس خاطر وري ويهي رهيس ۽ چيومانس ته ”اوهان جو فرمان اکين تي. ”هيءُ ٻڌي خوش ٿيو، چوڻ لڳو ته ”اڄوڪو ڏينهن جي منهنجي گهر هلو ته وڏي مهرباني سمجهندس. شايد ٻه چار گهڙيون اوهان جي صحبت ۾ گذرن ۽ گڏجي کائي پي دل وندرايون.“ جيئن ته تون اُن پريءَ کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيو هو، سندس تنهائيءَ کي ياد ڪري، عذر ڪندو رهيس، پر هن جوان ڪنهن به ريت نه مڃيو. آخر شين کي گهر پهچائي، موٽي اچڻ جو وعدي تي موڪلايم. دڪان تان اُٿي گهر آيس  ۽  اُن پريءَ جي آڏو سڀ سامان رکيم. هُن جواهريءَ جي حقيقت پڇي. مون کيس سڄو احوال دعوت جو ڪري ٻڌايو. چيائين ته ”آدميءَ کي پنهنجو قول ۽ اقرار پاڙڻ کپي. مون کي خدا جي نگهبانيءَ ۾ ڇڏي، پنهنجي واعدي کي وفا ڪر. دعوت قبول ڪرڻ پيغمبري سنت آهي.“ تڏهن مون چيو مانس ته ”توهان کي اَڪيلو ڇڏڻ، ڪنهن به ريت مناسب نه آهي، پر اوهان جي راءِ جيڪڏهن اِها آهي ته لاچار وڃان ٿو.“ اِئين چئي اُن جوهريءَ جي دڪان تي ويس. ڏٺم ته هُو منهنجي اِنتظار ۾، موڙي تي ويٺو آهي ۽ منهنجو انتظار ڪري رهيو آهي. ڏسندي چيائين ته ”اچو سائين، چڱي راهه ڏيکاري اَٿوَ!“ هُن اُٿي منهنجي هٿ کي ورتو ۽ هليو هلندي هلندي هڪ باغ وٽ وڃي پهتاسون. اُتي ته ڄڻ بهار لڳو پيو هو. حوض ۽ نهرين ۾ ڦوهارن جو پاڻي اُڇلجي رهيو هو. ميويدار وڻن ۾ طرحين طرحين ميوا ٿي ظر آيا ۽ وڻ اُن بار کان عجيب نموني ۾ لُڏي رهيا هئا. رنگ برنگ پکي اُنهن تي ويٺل هئا ۽ عجيب مٺيون لاتيون ڪري رهيا هئا. اندر جاءِ ۾ گلم،  غاليچا ۽ ڪرسيون پيل هيون. اسين وڃي نهر جي ڪناري تي ڪرسيون وڇائي ويٺاسون. ايتري ۾ هُو جوهري اندر ويو ۽ وڃي لباس مٽائي آيو. مون چيس ته ”چڱو وڳو ڍڪي آيو آهين!؟ چيائين ته ”چڱو آهي، جو اوهين به وڃي پوشاڪ مٽائي اَچو!“ مان به سندس چئي موجب اُٿي ڪپڙا مٽائي اَچي ويٺس. جوهريءَ ڏاڍي قريني سان منهنجي دعوت جو سامان ڪيو. جو ڪجهه اِنسانيت کي عيش عشرت لاءِ کپي، سو هڪيو حاضر ڪيائين. اسان پاڻ ۾ کل ۽ خوشيءَ جون ڳالهيون پئي ڪيون. ايتري ۾ ساقي شراب جي دور لاءِ شيشي ۽ پيالي سان اَچي حاضر ٿيو. ڪباب ڪوفتا به وقت سر اَچي موجود ٿيا. هڪ ٻئي پٺيان شراب جو دور پئي آيو. اَڃان ٽي چار پيالا مس پيتاسون، ته چار خوبصورت ڇوڪرا، زلف کوليون، مجلس ۾ ڳائڻ وڄائڻ لڳا ۽ اهڙو ته رنگ رچيائون، جو جيڪڏهن تانسين هجي ها، ته کانئس پنهنجي تان وسري وڃي ها. هن مزي ۾ اوچتو جوهريءَ جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا ۽ ٻه چار لڙڪ سندس اکين مان نڪري پيا. مون کي چوڻ لڳو ته ”جيئن ته هينئر اسان جي پيريت پختي آهي، اُن ڪري دل جو ڳجهه دوستن کان لڪائڻ نه گهرجي. هڪ ڳالهه بي تڪلف دوستيءَ جي آڌار تي چوان ٿو: جيڪڏهن حڪم هجي ته پنهنجي محبوبه کي گهرائي هن مجلس ۾ پنهنجي دل جي تسلي ڪريان، ڇو ته اُن جي جدائيءَ ۾ ڪا به ورونهن  نه ٿي وڻي.“ هيءَ حقيقت ايڏي ته شوق سان چيائين، جو سواءِ ڏسڻ جي هن فقير جي دل  به مشتاق ٿي. چيومانس، ”مون کي تنهنجي خوشي درڪار آهي. اُن ۾ دير ڇا جي؟ سچ آهي  دوست کان سواءِ ڪا به شيءِ مٺي نه  لڳندي آهي.“ هُن جوان پردي جي طرف اشارو  ڪيو، اُتان هڪ عورت بدشڪل، ڏائڻ جهڙي، جنهن کي ڏسي انسان بي موت مري وڃي، اَچي جوهريءَ جي پاسي ۾ ويٺي. مان ته هن کي ڏسندي ڊڄي ويس. دل ۾ چيم، هن پريزاد جوان جي اِها ئي محبوب آهي، جنهن جي ايڏي تعريف ڪري، شوق ٿي ظاهر ڪيائين! مان لاحول پڙهي چپ ٿي ويس. اهڙيءَ ريت ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون شراب ۽ راڳ جي مجلس قائم رهي، چوٿين رات ننڊ ۽ نشي جي غلبي کان بي اختيار سمهي رهيس، جڏهن صبح ٿيو. اُن جوان جاڳايو. ڪيئي پيالا خمار جي لاهڻ لاءِ پياري، پنهنجي محبوب کي چيائين ته ”هاڻي زياده تڪليف مهمان کي ڏيڻ چڱي نه آهي!“ اسين هڪ ٻئي کي هٿ ڏيئي اُٿياسون. اُهي ڪپڙا جي مون ڍڪيا هئا، سي لاهي پنهنجا پهريم. اُٿي پنهنجي جاءِ ڏي هليس، ۽ اچي اُن پريءَ جي روبرو حاضر ٿيس، پر هن کان اڳ ڪڏهن به اِئين نه ٿيو هو. جو مان اُن پياريءَ کي ڪا رات اَڪيلو ڇڏي ويو هجان. هي جي سمورا ٽي ڏينهن ۽ چار راتيون غير حاضر رهيو هوس، تنهن جو ڏاڍو شرم ٿيم ۽ گهڻيءَ عاجزيءَ سان اُن پريءَ کان معافي گهريم، چيومانس ته ”مون کي اڃا به جوهريءَ نه ٿي ڇڏيو، زوريءَ مَس هليو آيس.“ هيءَ جا زماني جي وڏي کيڏار هئي، سا مُرڪي چوڻ لڳي ته ”هن ۾ ڪهڙي حرڪت آهي، جو هڪڙو دوست ٻئي دوست وٽ وڃي ٻه ٽي ڏينهن ترسي پوي. اهو قصور ڪونهي. آءُ تو کي معاف ٿي ڪريان، پر قاعدو آهي ته جڏهن ڪو  ماڻهو ٻئي  جي گهر ويندو آهي، ته ضرور پنهنجي گهر واريءَ جي مرضيءَ موجب گهر موٽي ايندو آهي. قرب ۽ پيار انهيءَ ريت وڌندو آهي. هاڻي  اِها مفت دعوت کائي، ماٺ ڪري ويهندين ڇا؟ يا اُن جي عيوض ڏيندين! ٺَهي اِئين ٿو ته تون به هينئر وڃي، اُن جوهريءَ کي دعوت ڏيئي اَچ. اِهو فڪر نه ڪر ته دعوت جو سامان موجود نه آهي. اُن جو بندوبست مان پاڻيهي ڪنديس. خدا ڪندو ته دعوت جي مجلس چڱي ٺهي پوندي.“ مان سندس مرضيءَ موجب،  جوهريءَ ڏي لنگهي ويس،  چيومانس ته ”دوست، مان تنهنجي حڪم موجب اچي حاضر ٿيو هوس. تون به هينئر منهنجي دعوت قبول ڪر.“ هُن پهريائين ته ڪيترائي عذر ڏنا ۽ سبب ڏيکاريا، پر مان به چنبڙي پيومانس. آخر دعوت قبول ڪيائين ۽ مان پرٻاهرو کيس پنهنجي گهر ڏانهن وٺي هليس، واٽ تي دعوت جي سامان لاءِ پئي سوچيم ته الائجي پورو بندوبست ٿي سگهيو آهي يا نه؟ انهيءَ فڪر ۾ اچي جاءِ کي ويجهو ٿيس، ڇا ڏسان ته در تي وڏي ڌوم ڌام لڳي ويئي آهي. عجيب طرح  جي صفائي  ٿيل آهي، ۽ چوڌاري پاڻيءَ جي ڇڻڪار آهي، نوڪر چاڪر سڀ حاضر  بيٺا آهن. مان ڏسندي حيران ٿي ويس، گهر ۾ پير پائيندي ڏٺم ته مار! جاءِ ۾ هر هنڌ فرش فروش  وڇايل  آهي ۽ ٽيڪ واريون ڪرسيون قريني سان رکيون آهن، اُنهن کان سواءِ هر هنڌ گلدستا ۽ گلابدانيون موجود آهن. طاقن ۽ ڇڄهرين تي نهايت نفيس ۽ نزاڪت ڀريو شيشي جو سامان موجود آهي. رنگ برنگ پيالين جي بهار لڳي پيئ آهي. هنن شين کان سواءِ بتيون، هنڊيون ۽ شمعدان، رنگين شيشن سان، هر جاءِ تي تيار رکيا آهن. سڄو دالان ڪافوري شمعن سان معمور آهي. اُنهن جي مٿان وري چٽسالي قنديل رکيل آهن. گويا ڏياريءَ جو مزو اچي رهيو هو. هڪ جهاڙ ۾ لعلون موجود هيون، ۽ سڄي دالان ۾ سونن شمعدانن ۾ ڪافوري شمعون ٻري رهيون هيون. سڀ ماڻهو پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ رُڌل ٿي نظر آيا. بورچيخاني کان ديڳين کڙڪن جا آواز اچي رهيا هئا. پاڻيءَ جي جاءِ تي دلا، مٽيون ۽ صراحيون قريني سان رکيون هيون، برف جي مٿان پاڻيءَ سان ڀريل آبخورا موجود هئا. هڪ هڪ آبخوري ۾ بلوري گلاس جي مٿان سهڻا سرپوش پيل هئا. مطلب ته شاهاڻو اسباب ٿي نظر آيو. راڳيندڙ، سازن وارا، قوال ۽ ڳائڻيون به موجود هيون. فقير اُن جوان کي وٺي وڃي مسند تي ويهاريو. دل ۾ حيران هيس ته خدا يا هن ٿوري وقت ۾ هيڏي تياري ڪهڙيءَ ريت ٿي ويئي! هر طرف ڳوليندو رهيس، پر هوءَ پري ڪٿي به نظر نه آئي. آخر ڳوليندي ڳوليندي وڃي  بورچيخاني ۾ نڪتس، ڏٺم  ته اُها نازنين موجود هئي- ٻانهون قميص جون ڪجيل هيس، سادو لباس، مٿي تي هڪ رومال ٻڌل هيس، کاڌي جي شين جي ٺاهه ٺوهه ۾ مشغول  هئي. اُن سادي لباس ۾ به هوءَ نهايت ڀلي ٿي نظر آئي؛-

نه آ محتاج زيور جو، خدا جنهن کي ٿو خوبي ڏي،

ڏسو ڳهڻن بنا آ چنڊ ڪيڏو خوشنما سهڻو!

       اُن محنت کان سندس گلاب جهڙو بدن پگهر پگهر ٿي ويو هو. وٽس ويس ۽ سندس حسن انتظام ۽ شعور جي تعريف ڪيم، هيءَ خوشامد ٻڌي، سندس منهن ۾ گهنج پئجي ويو. چوڻ لڳي ته ”انسان کان اهڙا ڪم ٿيندا آهن، جن جي فرشتن کي مجال ٿي نه سگهندي آهي. آخر مون ڇا ڪيو آهي، جو ايترو حيران ٿي ويو آهين! اِهي ڳالهيون مون کي نه وڻنديون آهن، مونکي ٻڌاءِ ته هيءُ ڪهڙو ماڻهپو آهي، جو مهمان کي ڇڏي، هيڏي هوڏي گهمندو ٿو وتين! هُو پنهنجي دل ۾ ڇا چوندو هوندو؟ جلد وڃي سندس مجلس ۾ ويهه ۽ سندس خاطرداري ڪر. سندس محبوبه کي به گهرائي ساڻس گڏ ويهار.“ فقير هيءُ ٻڌي اُن جوان ڏي موٽي ويو. محفل گرم ٿي. ايتري ۾ ٻه غلام، صاحب جمال، صراحي ۽ جڙاَءَ دار جام هٿ ۾ کنيو اَچي حاضر ٿيا. شراب پيارڻ لڳا. مون اُن مهمان کي  چيو ته ”مان هر طرح اوهان جي مخلص ۽ خادم آهيان. چڱو آهي ته جنهن صاحب جال تي اوهان جي دل مائل آهي، اُن کي به گهرائي مجلس ۾ شريڪ ڪجي.“ هي ٻڌي هُو نهايت خوش ٿيو ۽ چيائين ته ”واهه جو منهنجي دل جي ڳالهه ڪئي اٿيئي!“ مان هڪ خواجي کي اُن جي وٺي اچڻ لاءِ موڪليو. اَڌَ رات جو هُوءَ ڏائڻ جهڙي، اوچتو آفت وانگر اچي پهتي. فقير لاچار مهمان جي خاطر اُٿي، سندس آڌرڀاءُ ڪري، ان جوان جي ڀرسان کيس ويهاريو. جوان اُن کي ڏسندي اهڙو ته خوش ٿيو، جو ڪپڙن ۾ نه ٿي ماپيو. هُوءَ ڏائڻ به اُن پريزاد جي ڳچيءَ سان اَچي چنبڙي. ڄڻ ته  چوڏهينءَ رات جي چنڊ کي گرهڻ لڳي ويو. جيترا به مجلس۾ ماڻهو موجود هئا. اُهي ڏندين آڱرين پئجي ويا. ڄڻ ته بلا اُن جوان کي وڪوڙجي ويئي هئي. هڪ شخص پاسي مان چيو ته ”يارو، عشق ۽ عقل ۾ ضد آهي. جو عقل ۾ اَچي نه  سگهندو آهي، اُن کي عشق ڪري ڏيکاريندو آهي. ليليٰ کي مجنون جي اکين سان ڏسو.“ سڀني چيو ته ”تون سچ ٿو چوين“.

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org