قصو خواجي سگ
پرست جو
خواجو هن طرح بيان ڪرڻ لڳو ته ”قبلا عالم،
مان هنن جو سڳو ڀاءُ آهيان. هي جيڪو غلام جي کٻي
هٿ کان بيٺو آهي، سو وڏو ڀاءُ اٿم. هي جيڪو سڄي هٿ
کان بيٺو آهي، سو وچون. مان هنن ٻنهي کان ننڍو
آهيان. اسان جو پيءُ ايران ۾ وڏو مشهور سوداگر هو.
جڏهن مان چوڏهن ورهين جو ٿيس ته بابي سائين وفات
ڪئي، جڏهن سندس ڪفن دفن کان فارغ ٿياسون ۽ چاليهو
به گذريو، تڏهن هڪڙي ڏينهن هنن ڀائرن مون کي چيو
ته ”هاڻي ابي جو مال، ورهايون، پوءِ جنهن کي جيڪي
وڻي سو وڃي ڪري. ”تڏهن مون چين ته ”اي ادا، هيءَ
ڪهڙي ٿا ڳالهه ڪريو! مان اوهان جو غلام آهيان،
جيڪڏهن والد محترم مري ويو آهي ته توهان ٻيئي
منهنجي لاءِ اَبي جي بجاءِ آهيو. ماني ٽڪر ڏيندا
رهو ۽ سُڌ سماءُ لهندا رهو، جيئن حياتي خير سان
گذري. مان اوهان جي خذمت ۾ رهڻ پسند ڪندس. منهنجو
ميراث ۽ حصي سان ڪهڙو ڪم، توهان جي پس خورده مان
پيو پيٽ پاليندس. مان اَڃا ننڍو آهيان، لکي پڙهي
به پورو ڪين ڄاڻان.مون کان ڇا ٿي سگهندو؟ توهان
منهنجي پرورش ڪندا رهو، جنهن جي مون کي وڏي ضرورت
آهي.“
”پر جيئن ته سياڻا چئي ويا آهن ته سڀ ڪجهه
ٿيءُ، پر ننڍو ڀاءُ نه ٿيءُ، منهنجي ڳالهه ٻڌي
ورندي ڏنائون ته ”تنهنجي شايد اِها مرضي آهي، ته
اسان کي پاڻ جهڙو محتاج ۽ خراب ڪرين!“ هي ٻڌي مان
هڪ ڪنڊ ۾ وڃي روئڻ لڳس. پر وري دل کي سمجهايم ته
وڏا ڀائر آهن، نيٺ منهنجي چڱائي سوچي هوندائون،
اِهو خيال ڪندي سمهي رهيس. صبح جو اُٿي ڇا ڏسان ته
قاضيءَ جو نوڪر بيٺو آهي. هُو مون کي عدالت ۾ وٺي
ويو. اُتي ڏٺم ته هي ٻيئي ڀائر ويٺا آهن. قاضيءَ
مون کان پڇيو ته ”ڪهڙي سبب پنهنجي پيءُ جو ورثو نه
ٿو وٺين؟، مون جيڪي گهر ۾ چيو هو. سو هتي به
قاضيءَ کي چئي ٻڌايم، ڀائرن هي ٻڌي چيو ته جيڪڏهن
ائين آهي ته هت ٻه لفظ دستبرداريءَ لاءِ لکي ڏي.
مون سمجهيو ته ڀائر هي سڀ ڪجهه منهنجي چڱائيءَ
لاءِ پيا ڪن، جيئن مان پنهنجي ملڪيت کي بيسود
تباهه نه ڪري ڇڏيان. اُن ڪري سندن خواهش موجب،
پنهنجي دستبرداري لکي ڏنيم. قاضي صاحب اُن تي مهر
هنئي، ۽ هُو اُها لکيت وٺي، خوش خوش گهر ڏانهن
موٽيا. ٻئي ڏينهن مون کي چيائون ته ”ادا، هيءَ
جاءِ جنهن ۾ تون رهين ٿو، سا اسان کي درڪار آهي،
تون اُن کي خالي ڪري، پنهنجي لاءِ ڪنهن ٻيءَ جاءِ
کي وڃي ڳولهه.“ اِتي مون سمجهيو ته هي پيءُ جي
ڪکن ۾ به پنهنجي رهڻ تي راضي نه آهن. لاچار ڇڏي
وڃڻ جو ارادو ڪيم، اي جهان پناهه! جڏهن منهنجو
والد جيئرو هو ۽ جڏهن به مسافريءَ تان موٽي ايندو
هو، ته سڀ ڪنهن لاءِ ولايت جون سوکڙيون ۽ سوغاتون
منهنجي لاءِ آڻيندو هو ۽ مون سان بيحد محبت رکندو
هو، ڇو ته مان سندس ننڍو پٽ هوس. مان اُهي وڪڻي،
ٿوڙي گهڻي موڙي گڏ ڪري ورتي. والد کان مليل
ترڪستان جي هڪ ٻانهي ۽ گهوڙو وڪڻي هڪ جاءِ خريد
ڪيم ۽ اُن ۾ وڃي رهيس. هيءُ ڪتو به مون سان گڏجي،
اُن نئين گهر ۾ آيو. هڪ دڪان وٺي ڪپڙي جي تجارت
شروع ڪري ڏنيم، ۽ پنهنجي قسمت تي راضي ٿي رهيس.
جيتوڻيڪ ڀائرن بلڪل بي مروتي ڪئي هئي، پر خدا
مهربان ۽ ٻاجهارو آهي. ٽن ورهين تائين منهنجو
دڪان ڪاميابيءَ سان هلندو رهيو ۽ ڀروسي وارو ٿيس.
ايتريقدر جو سرڪاري سامان به منهنجي دڪان تان ٿي
ويو. اِتي جيڪي سو چڱو نفعو ٿيم، ڌڻيءَ جي فضل سان
وقت آسودو پئي گذاريم، ۽ هميشھ خدا جا شڪرانا پئي
ڪيم.اوچتو ئي، هڪ ڀيري جيئن جمعي جو ڏينهن گهر ۾
ويٺو هوس، ته منهنجو هڪ ٻانهو جو ضروري سودي لاءِ
بازار ۾ ويل هو، سو ڏسان ته روئندو پيو اَچي. مون
چيومانس ته ”ڇا ٿيو اٿيئي؟، هن پريشانيءَ ۾ چيو
ته ”سائين، اوهان کي ڪهڙي خبر؟“ اوهان ته مزي ۾
ويٺا آهيو، پر قيامت ۾ ڪهڙو جواب ڏيندا!“ مون
چيومانس ته ”اڙي شيدي، تو کي شايد کٽيءَ کنيو آهي،
”چيائين ته ”سائين، مون کي ته عجب ٿو لڳي ته اوهان
جي ڀائرن کي هڪ يهودي بازار جي چؤنڪ ۾ چوکنڀو ٻڌي
پيو چهبڪن سان ماري، ۽ اوهان بيفڪر ويٺا مزا ڪريو!
يهوديءَ چيو ٿي ته مون کي هزار روپيا ڏيو نه ته
اوهان کي ماري ڇڏيندس.“ هُو اوهان جا ڀائر آهن، ۽
آخر ماڻهو ڇا چوندا! مان ٻانهي جي زبان مان هيءُ
ڳالهه ٻڌي، اُگهاڙي پيرين بازار ڏي ڊوڙيس، ۽
ٻانهن کي چوندو ويس ته ”هزار رپيا ساڻ کنيو اَچو!“
وڃي ڏٺم ته جيئن غلام چيو هو، اُهو ئي حال هو.
چهبڪ جو ڦهڪو پئي پيو. ويندي ئي، ماڻهن کي چيم ته
”صبر ڪريو!“ اِئين چئي، يهوديءَ وٽ ويس. چيومانس
ته ”اڄ جمعي جو ڏينهن آهي، خدا جو خوف ڪر، ڇو ٿو
هنن ويچارن کي مارين؟“ اُن جواب ڏنو ته ”جيڪڏهن تو
کي رحم ٿو اَچي، ته کڻي هنن جي پاران تون ئي قرض
چُڪائي ڏي. مون چيومانس ته ”جيڪڏهن اِئين آهي ته
اهڙو دستاويز ڏيکار، يهوديءَ چيو ته ”مان دستاويز
عدالت ۾ داخل ڪري آيو آهيان.“ ايتري ۾ غلام رپين
جون ٿيلهيون به کڻي اَچي پهتا. مون يهوديءَ کي
هزار رپيا ڳڻي ڏنا ۽ ٻنهي ڀائرن کي ڇڏائي آيس. اُن
وقت سندن حالت ڪهڙي هئي، خدا شل ڪنهن جي نه
ڏيکاري. بت اگهاڙو، اُڃ ۽ بک ۾ پئي مئا. مون
اُنهن کي گهر پهچي وهنجارايو ۽ نوان ڪپڙا ڍڪائي،
ماني کارائي. مان هيءَ ڳالهه سندن روبرو ڪري رهيو
آهيان، کين ايترو به نه چيم ته اَبي جو مال، جو
وارثت ۾ اوهان کي مليو هو، سو ڪيڏانهن ويو. سندن
ڦڪائيءَ کي لڪائڻ لاءِ، مون اِها ڳالهه ئي نه
چوري، ڳچ ڏينهن کان پوءِ کين چيم ته ”هاڻي اوهان
کي ڪنهن مسافريءَ تي وڃڻ گهرجي.“ هي ٻڌي، هنن کڻي
ماٺ ڪئي. مون سمجهيو ته هو راضي آهن. اُن سندن
ارادي موجب، سفر جو بندوبست ڪري. هڪڙو قافلو
بخارا ڏانهن ٿي ويو، اُن سان گڏ کين اُماڻيم، ۽
ويهن هزارن جو سودو پاڻ ڏنو مان. هڪ سال کان پوءِ،
اهو قافلو موٽي آيو، پر اُن سان گڏ پنهنجي ڀائرن
کي نه ڏٺم، آخر گهڻيءَ پڇا بعد، هڪ دوست کان معلوم
ٿيو ته جڏهن اهي ٻيئي بخارا ۾ پهتا، تڏهن اُنهن
مان هڪڙي پنهنجي سموري موڙي جوئا ۾ کپائي ڇڏي، ۽
هاڻي هُن قمار خاني جي ٻهاري سهاري ڪري پيو وقت
گذاريو، جڏهن جوئاري ايندا آهن ته سندن ٽهل ٽڪور
ڪندو آهي، کٽندڙ جوئاري اُن جي عيوض ۾ بس ڪجهه
ڏيندا آهن ۽ اُن رستي پنهنجو پيٽ پاليندو آهي.
ٻيو، هڪڙي فالودي وڪڻندڙ جي پٽ تي عاشق ٿي پيو ۽
وٽس جيڪو به زر ۽ مال هو، سو اُن جي پٺيان لٽائي
ڇڏيائين. مون جڏهن هي حال اُن شخص کان ٻڌو، تڏهن
حيرت لڳيم ۽ ايتري ته ڳڻتي ٿيم، جو سڄي رات ننڊ نه
آيم. صبح جو اُٿندي ئي، سفر جو اسباب تيار ڪري،
بخارا ڏنهن روانو ٿيس. مليل نشانن تي وڃي، ڀائرن
کي ڳولي لڌم، اُتان کين وٺي سراءِ آيس. کين
وهنجاري نئين پوشاڪ ڍڪايم، خيال ڪيم ته هنن کي ڪو
به طعنو نه ڏيندس. خوف ٿيم ته متان هُو لڄي ۽
شرمندا ٿي وڃ، تنهن ڪري اُها ڳالهه آئي ويئي ڪري
وساري ڇڏيم. مون اُتان وري نئون سودو سامان خريد
ڪيو ۽ چيومان ته چڱو ائين آهي ته اوهان گڏجي، مون
سان پنهنجي وطن هلو. اهڙيءَ ريت کين وٺي، جڏهن
نيشاپور کي ويجهو آياسون ۽ جڏهن شهر باقي وڃي هڪ
منزل رهيو، تڏهن مان کين هڪ ڳوٺ ۾ ڇڏي آيس ته هُو
پنهنجي روءِ سوءِ وطن پهچي وڃن. ماڻهن کي ائين
معلوم نه ٿئي ته کين مان وٺي آيو هوس.ٻن ڏينهن کان
پوءِ مشهور ڪيم ته منهنجا ڀائر سفر کان موٽي آيا
آهن ۽ سڀاڻي سندن استقبال لاءِ ويندس. صبح جو جيئن
اُٿي گهريم ٿي ته اُنهن ڏانهن وڃان، ته ان ڳوٺ جو
هڪ شخص ٻاهر نڪري آيو ۽ رڙيون ڪرڻ لڳو. اُن جو
آواز ٻڌي ٻاهر نڪتس، پڇيومانس ته ”ڇا ٿيو اَٿيئي؟“
چيائين ته ”تنهنجي ڀائرن جي ڪري، منهنجو گهر لٽجي
ويو. رات جو ڦورو آيا، جن سندن مال ته کنيو، پر
منهنجي گهر کي به ٻهاري ويا.“ مون افسوس ڪيو ۽ کين
وڃي، پاڻ سان وٺي آيس. جڏهن ماڻهن سندن اچڻ جو
ٻڌو، تڏهن سندن ملاقات لاءِ آيا، پر هي شرم کان
ٻاهر ئي نه نڪتا. آخر ٽي مهينا انهيءَ ريت گذريا،
تڏهن دل ۾ ويچار ڪيم ته هيئن ڪيترا ڏينهن ماٺ ڪيو
ويٺا کائيندا، چڱو ائين آهي ته کين پاڻ سان گڏ
مسافريءَ تي وٺي وڃان. جڏهن اها ڳالهه ساڻن ڪيم،
ته هنن اڳي وانگر کڻي چپ ڪئي. سوداگريءَ جو ڳچ
سامان ۽ اسباب تيار ڪرائي ، کين ساڻ وٺي هليس،
جنهن جو محصول ڏيئي، مال ٻيڙيءَ تي چاڙهيم ته
سامان کڻن ۽ چاڙهڻ جي شور تي هي ڪتو جاڳيو، پر
ٻيڙي ڪناري کان دور نڪري ويئي، هئي، سو ڏاڍو حيران
ٿيو ۽ پريشانيءَ ۾ نهارڻ لڳو. آخر ٽپو ڏيئي پاڻيءَ
۾ گهڙي پيو ۽ ترڻ لڳو. مون هي ڏسي، هڪڙي خلاصيءَ
کي ڪتي کي وٺي اَچڻ لاءِ لاٿو. خلاصي ڪتي کي پڪڙي
وٺي آيو ۽ ٻيڙيءَ ۾ اَچي چاڙهيائينس. هڪ مهينو خير
سان درياهه ۾ گذريو.پر مهيني کان پوءِ، منهنجو هڪ
ڀاءُ منهنجي هڪ ٻانهيءَ تي عاشق ٿي پيو، هڪڙي
ڏينهن هن وڃي وڏي ڀاءُ کي چيو ته ”ڏاڍي شرم جي
ڳالهه آهي، جو اسان ننڍي ڀاءُ جا احسانمند
رهون.هاڻي ڪا اهڙي صلاح ڪجي، جنهن سان احسان ٿورن
کان بچي پئون.“ تڏهن وڏي ڀاءُ جواب ڏنس ته ”ڳالهه
ته واهه جي ڪئي اٿيئي! اسان کي ڪنهن به ريت هن
کان پاڻ کي آزاد ڪرڻ گهرجي. ”نيٺ هنن گڏجي صلاح
ڪئي ته مون کي ماري وجهن ۽ پوءِ منهنجي سمور مال
۽ ملڪيت جا مالڪ بڻجي پون. پوءِ هڪڙي ڏينهن جيئن
مان ننڊ پيو هوس ۽ ٻانهيءَ ويٺي مٿي کي مالش ڪئي،
اهو وچون ڀاءُ تڪڙو تڪڙو مون وٽ آيو ۽ مون کي ننڊ
مان جاڳايائين. مان ٽپ ڏيئي اُٿي کڙوٿيس. اُن وقت
مون سان هي ڪتو به گڏ هو. ڇا ڏسان ته وڏو ڀاءُ
ٻيڙيءَ جي مُهري وٽ سمنڊ ڏي ڪنڌ ڪيو ويٺو آهي ۽
سمنڊ جو ويٺو تماشو ڪري ۽ مون کي پيو ڏسي. مون
ويجهو وڃي چيومانس ته ”ٻيو ته خير آهي!“چيائين ته
”اَچي ڏس ته ڪيئن نه هتان جا ٽوٻير، ٽٻيون هڻي پيا
موتي ڪڍن!“مون کي ته ڪجهه به نظر نه آيو، پر مون
وڏي ڀاءُ جي ڳالهه کي ڪوڙو نه سمجهي، جهڙو ئي
ويجهو ٿي، نوڙي سمنڊ ڏانهن نهاريو، تهڙوئي وچين
ڀاءُ زور سان ڌڪو ڏنو، ۽ مان بي وس وڃي سمنڊ
۾ڪريس. تڏهن ٻيئي مڪر ڪري روئڻ لڳا ۽ خلاصين کي
رڙيون ڪري چوڻ لڳا ته ”جلدي اَچو ۽ اسان جي ڀاءُ
کي ڪڍو، جو درياهه ۾ ڪري پيو آهي!“ايتري ۾ ٻيڙي
وڌي ويئي ۽ پاڻيءَ جي وير مون کي پَري ڌڪي ويئي،
پئي غوطا کاڌم. ڇولين ۾ لڙهندي ترندي آخر ٿڪجي
پيس، ڌڻيءَ کي ياد ڪرڻ لڳس. ڪا به پناهه نظر نه ٿي
آئي. سمجهه ته اجهوڪي اِجهو ٻڏس.اوچتو ڪنهن شيءِ
تي وڃي هٿ لڳو. اکيون پٽي ڏٺم ته منهنجو ڪتو آهي،
جو شايد منهنجي ڪرڻ کان پوءِ پاڻيءَ ۾ ٽپي پيو هو.
مون لاءِ هيءُ ڪتو وسيلو بڻجي پيو. ڌڻيءَ پاڪ هن
کي منهنجي حياتيءَ جو وسيلو بڻايو. ڪتو ۽ مان هڪ
ٻئي جي مدد سان ترندي، وڃي ڪنهن ڪنڌيءَ تي لڳاسون،
ٻاهر نڪرڻ جي ڪا به طاقت نه رهي هئي. پر ڏاڍن
ڪشالن سان جيئن تيئن پاڻ کي سڪيءَ تي پهچايم. سارو
ڏينهن ۽ رات بيهوش پيو هوس. ٻئي ڏينهن ڪتي جو آواز
ڪن تي پيو. هوش ۾ آيس، ڌڻيءَ جا شڪرانا ڪيم.
هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳس. پري پري هڪ شهر جي
آبادي ڏسڻ ۾ آئي. هلڻ جي طاقت نه هئي، پر ٻٽي
وکون ڀري، ساهي کڻندي، مس مس ڪوهه پنڌ ڪيم. رات
جبل تي گذاريم. صبح سان شهر ۾ پهتس. شهر جي بازار
۾ ڪيترائي نانواين ۽ حلاين جا دڪان موجود هئا، بک
به گهڻو هلاڪ ڪيو هوم. پر نه پائي هئي نه پيسو،
خريد ڇا ڪريان! پنڻ کان عار ٿي آيم. دل کي تسلي
ڏنيم. نيٺ بي طاقت ٿي ڪري پيس. اوچتو ڏٺم ته ٻه
ايراني، عمدي پوشاڪ پهريل هٿ هٿ ۾ ڏيو. سامان
کڻايو ٿي آيا. پنهنجا ملڪي ماڻهو ڏسي ڏاڍو خوش
ٿيس. خيال ڪيم ته هنن کي پنهنجو درد ٻڌائيندس ته
ضرور کين مون تي ترس ايندو. جڏهن اُهي ويجهو آيا
ته سڃاتم ته اُهي منهنجا ڀائر آهن. ويتر خوشي ٿيم.
مون رڙهي وڃي سندن هٿ چميا. مون کي ڏسندي ئي هو
رڙيون ڪرڻ لڳا. وچين ڀاءُ ته اِهڙي چماٽ هنيم، جو
ڏڪي ڏڪي ڪري پيس. وڏي ڀاءُ جي پيرن کي چنبڙيس، ته
مَن مدد ڪري، پر هن اُلٽو لتون ۽ مڪون هڻن شروع
ڪري ڏنيون. هنن کي مون تي اصل رحم نه آيو. هي حال
ڏسي ماڻهو اچي مڙهيا ۽ مون کي ڇڏائڻ لاءِ چنبڙيا ۽
پڇڻ لڳا ته ”هن اوهان جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جو
اوهان کيس اهڙي بيدرديءَ سان ماري رهيا آهيو؟“
چيائون ته ”هيءُ حرامزادو اسان جي ڀاءُ جو نوڪر
آهي، جنهن کي درياهه ۾ ڌڪو ڏيئي، سندس مال ۽ اسباب
کڻي ويو آهي. اسان سندس ڳولا ۾ هئاسون. اڄ هتي
مليو اٿئون!“ مون کان پڇڻ لڳا ته ”اي ظالم، تو
ڪيڏو نه خراب ڪم ڪيو آهي. تو اسان جي بيگناهه ڀاءُ
جو خون ڪيو آهي. هن جون تو سان ڪيتريون نه ڀلايون
هيون! ايتري قدر جو هن تو کي پنهنجي ملڪيت جو
مختيار بڻايو. واهه جو هن کي بدلو ڏنو اٿيئي!“پوءِ
مڪر ڪري روئڻ لڳا.اهڙيءَ ريت مون کي وري لتون ۽
مڪون هڻن لڳا. اُن وقت شهر جو ڪوٽوال اچي اُتي
لانگهائو ٿيو ۽ کين منع ڪيائين ته هن کي ڇو ٿا
ماريو، ۽ منهنجو هٿ وٺي قاضيءَ وٽ وٺي ويو. هي
ٻيئي به پوئياين آيا ۽ شهر جي حاڪم سان به اها
ڳالهه ڪيائون رشوت ڏيئي پنهنجو انصاف گهريائون ۽
ناحقي خون جو الزام رکي مقدمو داخل ڪيائون.حاڪم
مون کان جواب طلب ڪيو، پر منهنجي حالت بک ۽ پياس
جي سبب هيڻي ۽ ضعيف ٿي ويئي هئي، ويتر مارڪٽ ته
اهڙو لاچار ڪري ڇڏيو هو، جو ڳالهائي به نٿي سگهيس.
ڪنڌ هيٺ ڪيو بيٺو هوس۽ ڪابه ورندي نه ٿي اُڪلي
حاڪم کي پڪ ٿي هيءُ برابر خوني آهي. بادشاهه
سلامت! مون هنن کي پئسا ڏيئي يهوديءَ جي هٿ کان
ڇڏايو هو، پر هنن منهنجي دولت سان مون کي ڦاسيءَ
تي پئي چاڙهيو. آخر حاڪم فتويٰ ڏني ته ”هن کي وٺي
وڃي ڦاسيءَ تي چاڙهيو!“ سپاهي مون کي جهلي ڦاسيءَ
وٽ وٺي ويا. جڏهن ڦاسيءَ کي ڏٺم ته ساهه تان هٿ
کڻي ڇڏي.اُتي هن ڪتي کان سواءِ ٻيو ڪو به مون تي
روئڻ وارو ڪو نه هو. ڪتي جي هيءَ حالت هئي، جو هڪ
هڪ ماڻهوءَ جا پير ٿي چميائين. ويچاري کي ڪنهن پٿر
ٿي هنيا، ڪنهن لڪڻ، پر هيءُ اُتان هڪ قدم به نه ٿي
چريو. مون قبلي جي طرف منهن ڪري رب العالمين کي
سوال پئي ڪيو ته ”هن وقت تنهنجي پاڪ ذات کان سواءِ
ٻيو ڪو به منهنجو مددگار آهي، جو ويجهو اچي ۽ مون
بيگناهه کي ڇڏائي، هاڻي تون بچائيندين ته بچندس.“
ائين چوندي، سجدي ۾ ڪري پيس. ڌڻي پاڪ جي اهڙي حڪمت
ٿي، جو انهيءَ شهر جي بادشاهه جي پيٽ ۾ اچي سور
پيو. امير ۽ وزير اچي گڏ ٿيا. حڪيمن علاج شروع ڪري
ڏنو، پر کيس ڪو به فائدو نه ٿيو. آخر ڪن درويشن
کيس صلح ڏني ته سڀ کان چڱي دوا اِها آهي، جو غريبن
۽ مسڪينن کي ڪجهه خيرات ڪريو ۽ قيدين کي آزاد
ڪريو، ڇو ته دعا ۾ جلد اثر ٿيندو آهي.اُتان
بادشاهه جا خيرخواهه هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙيا، هڪڙو
اُنهيءَ ميدان ۾ اچي نڪتو، ۽ گوڙ ڏسي سمجهيائين ته
شايد ڪنهن کي ڦاسي ٿا ڏين، اِئين سمجهي سوريءَ جي
طرف گهوڙو ڊوڙائي اچي پهتو، ترار سان نوڙيون ڇني
وڌائين۽ حاڪم ۽ سپاهين کي بلڪل سخت ڳالهائي منع
ڪيائين ته ”ههڙي نازڪ وقت ۾، جڏهن بادشاهه جي هيءَ
حالت آهي، اوهان خدا جي خلقت کي ماريو ٿا؟“ اِئين
چئي، مون کي ڇڏائي ڇڏيائين. تڏهن ٻئي ڀائر وري
حاڪم وٽ ويا ۽ منهنجي مارائڻ لاءِ چيائونس، حاڪم
ته رشوت کاڌي هئي، تنهن ڪري جيڪي هنن ٿي چيس، سو
ٿي ڪيائين. هن چين ته ”توهان دلجاءِ ڪريو، هاڻي
مان هن کي اِهڙي قيد ۾ قابو ٿو رکان، جو پاڻيه ئي
بک اُڃ جي وگهي مري ويندو، ۽ ڪنهن کي به خبر ڪا
نه پوندي.“ پوءِ مون کي گرفتار ڪري وري نظربند
رکيائين.اُن شهر جي ٻاهر ڪوهه پنڌ تي هڪڙو جبل هو،
جنهن ۾ حضرت سليمان جي وقت ۾، ديون هڪڙو کوهه
ٺاهيو هو، جنهن کي ”زندان سليماني“ سڏيندا هئا،
جنهن تي بادشاهه ڪاوڙبو هو، تنهن کي اُتي قيد
رکندا هئا، جتي هو آخر مري ويندو هو. نيٺ رات جو
هي ٻيئي ڀائر ۽ حاڪم جو نوڪر مون کي اُن جبل تي
وٺي ويا، ۽ اُنهيءَ غار ۾ وجهي، دلجاءِ ڪري موٽيا.
بادشاهه سلامت! هيءُ ڪتو به مون سان هليو آيو.
جڏهن مون کي کوهه ۾ اُڇلايائون، تڏهن هيءُ ڪتو
کوهه تي ويهي رهيو. مان اندر اوندهه ۾ بيهوش پيو
هوس. جڏهن هوش ۾ آيس. تڏهن پاڻ کي مئل سمجهيم ۽
اُنهيءَ جاءِ کي قبر سمجهيم. اِت ٻن ماڻهن جي
ڳالهائڻ جوآواز منهنجي ڪن تي پيو، جي پاڻ ۾
ڳالهائي رهيا هئا. مون سمجهيو ته منڪر نڪير ملائڪ
آهن، جي مون کان سوال جواب ڪرڻ لاءِ آيا آهن.
نوڙيءَ جو سُرڪاٽ به ٻڌم، جا ڄڻڪ ڪنهن لڙڪائي هئي.
حيران ٿي هيڏانهن هوڏانهن هٿ هنيم، ته هٿن کي ڪنڊا
لڳا. گهڙيءَ کان پوءِ وات جو چٻڪو ٻڌم، ڄڻ ته ڪو
کائي رهيو هو.تڏهن مون پڇيو ته ”رب جا ٻانهؤ،
اوهان ڪير آهيو؟ خدا جي نالي مون کي ٻڌايو!“ تڏهن
اُهي کليا ۽ چيائون ته ”هي بنديخانو حضرت سليمان
جو آهي، ۽ اسان قيدي آهيون.“ مون پڇين ته مان
جيئرو آهيان؟“ هُو وري ٽهڪ ڏيئي کليا، ۽ چيائون ته
”اڃان ته جيئرو آهين، پر نيٺ مرندين.“ مون چين ته
”اوهان ڇا ٿا کائو؟ جيڪي اَٿو، اُن مان مون کي به
ڪجهه ته ڏيو!“ پر مون کي ڪجهه به نه ڏنائون، کائي
پي سمهي رهيا. مان بک ۽ اُڃ کان زار زار پيئي رُنس
۽ رب کي پيئي ياد ڪيم. اي بادشاهه سلامت، ست ڏينهن
برابر، سمنڊ ۾ ۽ ايترائي ڏينهن ڀائرن جي بي
مروتيءَ ڪري، هڪ ڪڻو به اَنَ جو وات ۾ نه پيو هوم.
خوراڪ جي بجاءِ مار پئي مليم، بلڪ اهڙي بنديخاني ۾
وڃي پيس، جتان ڇٽڻ جي اُميد ئي ڪا نه هئي. نيٺ
اَچي سڪرات لڳيم، حالت اهڙي اَچي ٿيم، جو بعضي دم
پيو کڻان بعضي بيهوش ٿي پيو وڃان. ڪڏهن ڪڏهن اڌ
رات جو هڪ شخص ايندو هو، ۽ رومال ۾ مانيون ٻڌل ۽
پاڻيءَ جو لوٽو نوڙيءَ ۾ هيٺ لڙڪائي، سڏ ڪندو هو،
پوءِ اُهي ٻيئي ماڻهو، جي مون سان قيد هئا، سي
اُٿي وٺندا هئا ۽ کائيندا پيئندا هئا، منهنجي ڪتي
اِهو روزانو ڪم ڏسي عقل هلايو ته جيئن هي شخص ماني
پاڻي کوهه ۾ لڙڪائي ٿو، تيئن هُو به ڪجهه ڪري،
جيئن غذا ملڻ سان منهنجي حياتي بچي. اِهو خيال
ڪري، ڪتو شهر ۾ ويو. نانوائيءَ جي دڪان تي ڪيترا
نان تيار ٿيل هئا، ٽپو ڏيئي هڪڙو کڻي ورتائين ۽
وٺي ڀڳو. ماڻهو پٺيان ڪاهي پيس، پر هُن نان نه
ڇڏيو.شهر جا ڪتا به پويان لڳس، پر هُو وڙهندو،
اَچي کوهه جي مٿان پهتو ۽ نان اُڇلائي ڏنائين. نان
کي پنهنجي اڳيان پيل ڏسي ۽ ڪتي جي ڀونڪ ٻڌي، مون
اِهو نان کڻي ورتو. ڪتو نان ڦٽو ڪري پاڻيءَ جي
ڳولا ۾ ويو، هڪ ڳوٺ ۾ هڪ ٻڍڙيءَ جو گهر هو، جتي
دلا ۽ مٽ پاڻيءَ جا ڀريل رکيا هئا. ٻڍڙيءَ چَرخو
پئي ڪَتيو. ڪتو ڪوزي جي ويجهو ويو ۽ لوٽي کي
کنيائين، ته ٻڍڙيءَ هڪل ڏنيس، لوٽو سندس وات مان
ڪري وڃي مَٽ جي مٿان پيو، جنهن ڪري مَٽ ڀڃي پيو ۽
پاڻي وهي هليو، ۽ ايتري تڪليف ۽ مشقت کان پوءِ،
اُن ٻڍڙيءَ کي غار جي منهن وٽ وٺي آيو، اُن ڏول
کي نوڙيءَ ٻڌل اُن کوهه جي منهن کان هيٺ لٽڪايو،
مون اُهو ڏول جهلي ماني کائي، پاڻيءَ جا ٻه ٽي
ڍڪپي، پيٽ جي ڪتي کي راضي ڪيم.پوءِ الله تعاليٰ جو
شڪر بجا آڻي، هڪ ڪنڊ ۾ ويهي رهيس، ۽ خدا جي قيدرت
تي پئي سوچيم ته اڳتي الائجي ڇا ٿيڻ وارو آهي،
ويچارو بي زبان جانور انهيءَ رستي ماني به آڻيندو
هو ۽ اُن ٻڍڙيءَ جي رستي پاڻي به پهچائيندو هو.
نانواين جڏهن ڏٺو ته اُن ڪتي کي جتان جهٽ لڳي ٿو،
اُتان نان کنيو ٿو وڃي، تڏهن کين ترس پيو ۽
سمجهيائون ته ضرور هن ۾ ڪو راز آهي. سو جڏهن
اُنهيءَ کي ڏسندا هئا، تڏهن پاڻمرادو کيس مانيون
اُڇلائي ڏيندا هئا، جيڪڏهن هوءَ ٻڍڙي زال وقت سَر
پاڻي نه پهچائيندي هئي، ته ڪتو سندس گهر وڃي مَت ۽
دلا ڀڃي ڇڏيندو هو. اُن ڪري هوءَ لاچار روزانو
پاڻي پهچائي ڏيندي هئي. اهڙيءَ ريت مون کي روز
ماني ۽ پاڻي ملندو هو. ڪُتو انهيءَ قيد خاني جي
منهن تي، دربان وانگر ٿي رهيو. اهڙيءَ ريت مون کي
ڇهه مهينا گذري ويا. بادشاهه سلامت، اوهان خيال
ڪري ڏسو ته ماڻهو اهڙيءَ اونداهيءَ ۾ رات ڏينهن
ڪهڙيءَ ريت گذاريندو هوندو! هن جهان جي هوا، جڏهن
اُن کي لڳندي ئي ڪين هوندي، ته اُن جو ڪهڙو حال
هوندو! فقط کَل ۽ هڏا باقي بت ۾ وڃي رهيا هئا.
حياتي منهنجي لاءِ زهر بڻجي ويئي هئي ۽ دل ۾
ڌڻيءَ کي اهو ئي سوال پيو ڪندو هوس ته ”اي منهنجا
ڌڻيءَ، اهڙي جيئڻ کان، منهنجا ڏينهن کٽائين ته
چڱو، اهڙن عذابن کان ته بچي پوان! جيئرو آهيان پر
مُئن جهڙو.“ هڪڙيءَ رات جو هُو ٻيئي قيدي، جي مون
سان گڏ رهندا هئا، سي ننڊ ۾ سُتا پيا هئا، پر مون
کي پنهنجي سورن جي يادگيري پيئي، اُن ڪري ننڊ نه
ٿي آيم ۽ پئي رنم. رب جي درگاهه ۾ توبهه ۽ گيسي
ڪرڻ لڳس. اِئين ڪندي، پوئين رات جو ڇا ٿو ڏسان ته
هڪڙي رسي، ڌڻيءَ جي مهربانيءَ سان، اُن کوهه جي
منهن کان لڙڪندي هيٺ پئي اچي. ماڻهوءَ جو آواز
مٿان ٻڌم، جنهن چيو ته ”اي نڀاڳا، هن نوڙيءَ کي
پنهنجي هٿ ۾ مضبوط جهل، ۽ اُن جي مدد سان مٿي چڙهي
اَچ!“ مون دل ۾ سمجهيو ته ڀائرن کي وري به رحم پيو
آهي ۽ پاڻمرادو مون کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ آيا آهن. اُن
وقت ڏاڍي خوشيءَ مان نوڙي چيلهه سان ٻڌيم ۽ مٿئين
ماڻهوءَ مون کي ٻاهر ڪڍي ورتو، ٻاهر نڪتس ته
ٻاهران ويٺل ڪتي به پُٺ ورتيم، پر جنهن مون کي
ٻاهر ڪڍيو هو، تنهن کي اوڏيءَ مهل، اونداهيءَ رات
هئڻ سبب، سڃاڻي ڪين سگهيس، ته ڪير آهي؟ ٻاهر ڪڍندي
ئي مون کي چيائين ته ”سگهو هلي اچ، ڇو ته هتي بيهڻ
جو موقعو نه آهي.، مون کي ته سَگهه ذري جيتري به
نه هئي، آخر جيئن تيئن ڌڪا کائي، ٿورو ٽڪر پنڌ جو
اڳتي ٿيس، ته ڇا ڏسان ته ٻه گهوڙا سنجيا، ٺڪيا
بيٺا آهن، جن مان هڪڙي تي انهيءَ شخص پاڻ لانگ
ورائي ۽ ٻئي تي مون کي سوار ڪيائين. اڳتي وڌياسون،
ڪَهندي ڪَهندي، هڪ درياهه جي ڪناري تي صبح ٿي ويو
سون، اُن شهر کان اٽڪل ڏهه ٻارهن ڪوهه پري نڪري
آيا هئاسون. مون ڏٺو ته هُو جوان مون ڏانهن ڪاوڙ
جي نگاهن سان نهاري رهيو آهي، ايتري قدر جو پنهنجي
هٿن کي چڪ پائي رهيو آهي ۽ ڏند ڪرٽي رهيو آهي. جو
ايتري ۾ ترار اُگهاڙي ڪري مون کي مارڻ لاءِ آيو.
اڃان هن مون کي ڌڪ هڻن جو ارادو ڪيو، ته مون پاڻ
کي گهوڙي تان هيٺ ڪيرائي ڇڏيو. چيومانس ته ”اي
سائين مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيوآهي، جو تون
بيگناهه کي ٿو مارين! اي مهربان، تو پنهنجي احسان
سان مون کي هن بنديخاني مان آزاد ڪيو آهي، ۽ وري
مارينم ٿو! اِها تنهنجي ڀلائي ته نه چئبي!“ تڏهن
هُو چوڻ لڳو ته ”مون کي ٻڌاءِ ته تون ڪير آهين؟“
چيومانس ته ”مان هڪ غريب بي وسيلو آهيان ۽ بيگناهه
قيد ڪيو ويو هوس، پر توهان مون کي موت کان بچايو
آهي.“ اهڙيءَ ريت ڪيتريون ئي منٿون ڪيم. نيٺ خدا
سندس دل ۾ رحم وڌو ۽ مون کي مارڻ جو خيال لاهي،
ترار کڻي مياڻ ۾ وڌائين. چوڻ لڳو ته ”هاڻي جيڪا رب
جي رضا، تنهنجو نصيب چڱو هو، جو منهنجي هٿان موت
کان ڇٽين. هاڻي سگهو ٿي گهوڙي تي چڙهه، هتي ترسڻ
جي جاءِ ڪا نه آهي.“ آخر گهوڙي تي سوار ٿياسون، پر
هُو نهايت فڪرمند ٿي نظر آيو. نيٺ ٻپهريءَ وقت،
هڪڙي ٻيٽ ۾ وڃي پهتاسون، اُتي هُو به لٿو ۽ مون کي
به لهڻ لاءِ چيائين. پڇيائين ته ”اي ڪمبخت، هاڻي
خبر چار ڏينم ته تون ڪير آهين؟“ مون هن کي پنهنجو
نالو ۽ وطن جو نشان ڏنو ۽ جو ڪجهه ٿي گذريو هو سڀ
بيان ڪري ٻڌايو مانس. منهنجو احوال ٻڌي، هُو بيوس
ٿي زار زار روئڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ته ”اي نوجوان،
هاڻي منهنجي حقيقت کي ٻُڌا!“ |