قصو زيرباد جي
راڻيءَ جو
”مان زيرباد ملڪ جي بادشاهه جي ڌيءُ
آهيان، ۽ اِهي ٻه ماڻهو، جي تو سان گڏ انهيءَ
بنديخاني ۾ باندي ٿيل هئا، اُنهن مان هڪڙو جوان
ڏاڍو مورچارو آهي، جنهن جو نالو بهره مند آهي.
اُهو منهنجي ناناڻن مان هڪ وڏي سردار جو فرزند
آهي. هڪڙي ڏينهن منهنجي پيءُ حڪم ڪيو ته جيڪي به
هن شهر ۾ بهادر مڙس، پهلوان ڪشتي باز ۽ تيرانداز
آهن، سي سڀ هت اچي پنهنجي پهلوانيءَ جا ڪرتب
ڏيکارين، تان جو خبر پوي ته منجهانئن ڪير وڌيڪ
بهادر ۽ چالاڪ آهي.اُن مهل جا محلات جي ڪٽهڙي ۾
ويٺي هيس. دايون ۽ ساهيڙيون سڀ اڳيان ويٺيون هيم.
مون به تماشو پئي ڏٺو ته هڪ جوان، جو سڀني پهلوانن
۾ شهزور ٿي ڏٺو ۽ جنهن گهوڙي وانگر ٽپ ۽ هرڻ وانگر
ڇال پئي ڏنا، نظر آيو. سندس همت ۽ صورت ڏسي، روح
۾ ريجهي پيس. خير ٻه چار ڏينهن ته مون کڻي ماٺ
ڪئي، پر نيٺ دائيءَ سان دل جو حال اوريم، ۽ کيس
گهڻو ئي انعام ڏنم. هوءَ ڪنهن نه ڪنهن نموني سان
کيس لڪائي، مون وٽ وٺي آئي. هو به اُن وقت کان
وٺي مون کي پيار ڪرڻ لڳو. ڳچ ڏينهن اهڙيءَ ريت
نينهن هلندو رهيو. هڪڙي ڏينهن انهيءَ شخص کي
چوڪيدارن هٿيار ٻڌل محلات ڏانهن ايندو ڏسي، پڪڙي
ورتو، ۽ بادشاهه کي حقيقت ٻڌايائون.. بادشاهه
ٻڌندي ئي سندس مارائڻ جو حڪم ڏنو. حڪم کي رد
ڪرايو، پر بادشاهه حڪم ڏنو ته کيس زندان سليماني“
۾ قيد ڪيو وڃي. هُو ٻيو ماڻهو جو ساڻس گڏ بند ۾
موجود هو، سندس نوڪر آهي، جو پڻ سانس اُن رات گڏ
هو، اُن کي به ساڳي سزا ڏني ويئي پوءِ ٻنهي کي
نيئي اِنهيءَ قيدخاني ۾ قيد ڪيو ويو. اِنهيءَ
بنديخاني ۾ کين ڀريا ٽي سال گذري چُڪا آهن. مگر
اِهو ڪنهن به دريافت نه ڪيو ته هُو جوان بادشاهه
جي گهر ڇو ٿي ويو ۽ سندس مقصد ڇا هيو. خدا کڻي
منهنجي پت رکي. اُن شڪراني ۾، مون پنهنجي مٿان
ضروري ٺهرايو هو ته اُنهن کي وقت سر اَنُ ۽ جَلُ
پهچائيندي رهان. اُن ڪري اَٺين ڏينهن وٽن ايندي
هوس ۽ اَٺن ڏينهن جو قوت کين پهچائي ويندي هوس.
”ڪالهه رات سُپني ۾ ڏٺم ته ڪو ماڻهو چوي
ٿو ته جلدي اُٿيءُ، گهوڙا تيار ڪر، ڪَمند ۽ ڪجهه
ندي پاڻ سان کڻ، اُن غار تي وڃ ۽ اُن ويچاري کي
منجهانئس ٻاهر ڪَڍ. هي ٻُڌي مان جاڳي پيس، مرداڻو
ويس ڍڪيم، هڪ صندوقڙي جواهرن ۽ اشرفين سان ڀريم،
هي گهوڙا ۽ ڪپڙا ساڻ کڻي، اُتي پهتيس، تنهنجو نصيب
هو، جو تو اهڙي قيد کان ڇوٽڪارو لڌو. منهنجي هن
سموري ڪم کان ڪو به واقف نه آهي، شايد هو ڪو ديوتا
هو. جو تنهنجي آزاديءَ لاءِ مون کي موڪلي رهيو هو.
خير، جو ڪجهه منهنجي ڀاڳ ۾ هو. سو ٿي گذريو.،
”هيءَ ڳالهه پوري ڪري، پُوري، ڪَچوري ۽
گوشت انگوڇي مان کوليائين، پهريائين مصري ڪڍي، هڪ
ڪَٽوري ۾ ڳاريائين ۽ منجهس بيد مشڪ عرق وجهي، مون
کي پيئڻ لاءِ ڏنائين. مان سندس هٿ مان ڪٽورو وٺي
اُهو شربت پي ويس، اُن بعد ناشتو ڪيوسون. ويرم
رکي، هن مون کي گوڏ ٻڌڻ لاءِ ڏني ۽ درياهه ڏي وٺي
ويئي، قئنچيءَ سان منهنجي مٿي سان وار ڪتريائين ۽
نُنهن ورتائين. پوءِ وهنجاري سهنجاري، نئون وڳو
ڍڪڻ لاءِ ڏنائين، ڄڻ مون کي نئين سر آدمي
بڻايائين. ٻه رڪعتون نفل شڪراني جو قبلي ڏانهن
منهن ڪري پڙهڻ بيٺس. هوءَ نازنين منهنجي هن حرڪت
کي چتائي ڏسڻ لڳي.“
”جڏهن نماز کان فارغ ٿيس، تڏهن پڇڻ لڳي ته
”هيءُ تون ڇا ڪري رهيو هئين؟، چيومانس ته ”جنهن
خالق هن سڄيءَ خلقت کي پيدا ڪيو آهي ۽ تو جهڙيءَ
محبوبه کان منهنجي خدمت ڪرائي اٿس ۽ تو کي ايڏو
مهربان بڻايو اٿس، جو تو مون کي قيدخاني کان
ڇوٽڪارو ڏياريو آهي، ان جي ذات لاشريڪ جي عبادت ٿي
ڪيم، ۽ بندگي بجا آڻي، ان جو ادنيٰ شڪر ٿي
ڪيم.“هيءُ ڳالهه ٻڌي، چوڻ لڳي ته ”تون شايد مسلمان
آهين؟“ مون چيومانس ته ”بيشڪ.“ چوڻ لڳي ته ”منهنجي
دل تنهنجي ڳالهين کان بيحد خوش ٿي آهي، مون کي به
ڪلمو پڙهاءِ“ مون دل ۾ چيو ته خدا جو شڪر آهي، جو
هي اسان جي دين ۾ شريڪ ٿي رهي آهي. مطلب ته مون
کيس ڪلمو پڙهايو، پوءِ اُتان گهوڙن تي سوار ٿي
اڳتي وڌياسون. رات جو جتي به لٿاسون پئي، ته هُن
دين ۽ ايمان جو ذڪر پئي ڪيو. اهڙيءَ ريت ٻن مهينن
تائين رات ڏينهن پنڌ ڪندا رهياسون.“
”آخر هڪ ولايت ۾ پهتاسون، جا زيرباد ۽
سرانديپ جي وچ ۾ هئي. هڪ وڏو شهر نظر آيو، جو
آباديءَ ۾ استنبول کان به وڏو ٿي نظر آيو. سندس آب
و هوا نهايت وڻندڙ ۽ مواقف هئي. اُن شهر جو
بادشاهه نوشيروان کان زياده عادل ۽ رعيت پرور هو.
هي سڀ ڏسي دل گهڻي خوش ٿي. هڪ حويلي خريد ڪري،
اُن ۾ رهڻ لڳاسون، جڏهن سفر جي تڪليفن ۽ ٿڪ کان
ڇوٽڪارو لڌوسون، ته ضروري ساز و سامان مهيا ڪري،
مون اُن شهزاديءَ سان شريعت جي موافق نڪاح ڪيو. ٽن
سالن ۾ اُتان جي ننڍي وڏي سان واقفيت ٿي ويم ۽
سڀني وٽ اعتبار پيدا ڪيم، واپار شروع ڪري ڏنم ۽
آهستي آهستي سڀني واپارين کي گوءِ کڻي ويس. هڪ
ڏينهن وزيراعظم جي خذمت ۾ سلام لاءِ ٿي ويس، ته هڪ
ميدان ۾ ماڻهو جو وڏو ڳاهٽ ڏٺم. پڇيم ته ”ڇو ايڏو
گوڙ آهي؟“ معلوم ٿيو ته هڪڙا ٻه شخص زنا ۽ چوري
ڪندي پڪڙيا آهن، انهن کي سنگسار ڪيو ٿو وڃي. مون
کي هي ٻڌندي يڪدم ياد آيو ته ڪنهن ڏينهن مون کي به
ته اِنهن وانگر ڦاهيءَ تي ٿي چاڙهيائون، جتان
منهنجي خداکڻي جان بچائي هئي. الائجي ڪير هوندا؟
پڪي خبر نه آهي ته هو ڏوهي به آهن يا نه؟ ما
اوڏيءَ مهل يڪدم ماڻهن کي پاسي ڪري اندر گهڙي ويس.
ڏسان ته مار! هيءُ ته منهنجا ٻيئي ڀائر آهن. ڌڻي
صاحب شال پناهه ۾ رکي! اِهڙو حال اٿن، جو سندن
لڱن تي پورو ڪپڙو به ڪو نه آهي. اُگهاڙا بيٺا
آهن. سندن صورت ڏسندي ئي رت ۾ جوش پيدا ٿيو ۽ دل
جي. اُن اُڪير ۽ ڇڪ سبب اوڏيءَ مهل هڪ ٿيلهي
اشرفين جي سپاهين کي ڏنيم ۽ چيومان ته ٿورو وقت
سزا ۾ صبر ڪريو. پوءِ اُتان گهوڙي کي سَرپٽ
ڊوڙائيندو حاڪم جي گهر ويس. هڪ بي بها اَمل ماڻڪ
اُن جي سامهون رکيم ۽ انهن جي معافيءَ لاءِ عرض
ڪيم، حاڪم چيو ته ”هڪ شخص هنن جي مٿان فريادي آهي،
هنن جو گناهه ثابت ٿي چُڪو آهي، بادشاهه فيصلو
ڪري چڪوآهي، اُن ڪري مان لاچار آهيان.،
”آخر گهڻيءَ منٿ ۽ زاريءَ کان پوءِ، حاڪم
فرياديءَ کي پاڻ وٽ گهرائي، کيس پنج هزار رپين جي
عيوضي تي راضي ڪيو. مون پيسا ڳڻي ڏنا ۽ انهن جي
جان آزاد ڪرايم، جهان پناهه! انهن کان پڇو ته مان
سچ ڳالهائي رهيو آهيان يا ڪوڙ!“ ”اُن وقت سندس ٻن
ڀائرن شرم کان ڪنڌ کڻي هيٺ ڪي“. خير، کين ڇڏائي
گهر وٺي آيس. چڱيءَ ريت کين وهنجارائي سهنجارائي،
ڪپڙا ڍڪائي ڌار جاءِ رهڻ لاءِ ڏنيم. هن ڀيري
پنهنجي زال کي سندن روبرو نه ڪيم، پر مان سدائين
سندن حاضريءَ ۾ رهندو هوس، ۽ ساڻن گڏ کائيندو هوس،
اِنهيءَ حال ۾ ٽي ورهيه سندن خذمت ڪيم، هن سڄي
عرصي ۾ هنن کان ڪا به بڇڙي حرڪت ڏسڻ ۾ نه آئي، جا
ڏک جو سبب بڻجي، جيڪڏهن مان ڪاڏي ٻاهر ٿي ويس،
ته هي گهر ۾ ٿي رهيا.
”هڪ ڏينهن اوچتو ئي، منهنجي نيڪ بخت زال
وهنجڻ لاءِ ٿي ويئي، جڏهن دالان ۾ گهڙي، تڏهن ڪو
به مرد ماڻهو اُتي نه ڏسي، بررقعو منهن تان
لاٿائين. شايد وچون ڀاءُ جاڳيو ٿي. ڏسندي ئي مٿس
عاشق ٿي پيو، ۽ وڏي ڀاءُ سان سموري ڳالهه ڪيائين.
ٻنهي ڀائرن گڏجي منهنجي مارڻ جي صلاح ڪئي. مان
انهيءَ ڳالهه کان بلڪل بيخبر هوس. ڌڻيءَ جا لک شڪر
پئي بجا آدم، جو هن ڀيري کانئن ڪا حرڪت نه ٿي هئي.
هڪڙي ڏينهن، ماني کائڻ کان پوءِ، منهنجو وڏو ڀاءُ
روئڻ لڳو ۽ وطن جي ساراه ۽ ايران جون خوبيون بيان
ڪرڻ لڳو. ٻئي ڀاءُ به کيس سُر وٺايو. چيومان ته
”جيڪڏهن
اوهان کي سڪ لڳي آهي، ته ڏاڍو چڱو. مان به اوهان
جي خواهش رکان ٿو. انشاءُ الله تعاليٰ جلد گڏجي
روانا ٿينداسون.“اُن کان پوءِ، پنهنجي بيبيءَ سان
هنن ڀائرن جي اُداس ٿيڻ جو احوال ڪيم ۽ کيس پنهنجي
مرضي ڏيکاريم. هن سياڻيءَ چيوته ”جيڪا تنهنجي
مرضي، مگر هنن جي دل ۾ دغا ٿي نظر اچي. هي تنهنجي
ساهه جا دشمن آهن. ڄڻ ته نانگ بغل۾ پاليا اٿيئي.
تون وري هنن تي ڀروسو ٿو ڪرين. توکي جيڪي وڻي سو
ڪر، مگر هنن کان پاڻ کي سنڀالج.“
ٿورن ڏينهن ۾ سفر جي تياري ٿي، تنبو ميدان
۾ کوڙياسين. وڏو قافلو تيار ٿيو ۽ منهنجي سرداريءَ
تي ٻيئي راضي ٿيا. چڱي گهڙي ڏسي روانا ٿياسون، پر
هنن کان پاڻ کي هميشھ هوشيار ٿي رکيم. ان هوندي به
سڀ ڪنهن ڳالهه ۾ سندن دلداري ٿي ڪيم. هڪڙي ڏينهن
وچين ڀاءُ چيو ته ”هن منزل کان ٽن ميلن جي پنڌ تي،
هڪڙو مٺي پاڻيءَ جو تلاءُ آهي ۽ سندس ڪناري تي، ڳچ
ميدان ۾ گلاب ۽ ٻيا ڪيترا گُل قدرتي طرح پيدا ٿيل
بيٺا آهن. اُها عجائب جاءِ سير ڪرڻ جهڙي آهي. اُتي
هلي آرام وٺي اَچجي، جيئن سفر جو سمورو ٿڪ لهي
وڃي.“ مون چيومان ته ”جيڪڏهن اوهان جي خواهش آهي
ته سڀاڻي سير لاءِ اتي هلي منزل ڪنداسون.“ هننن
چيو ته ”ڏاڍو چڱو.“ مان پنهنجي غير حاضريءَ جي خبر
سڄي قافلي کي ڏيئي ڇڏي. نوڪر کي سواريءَ ۽ کاڌي جي
بندوبت لاءِ چئي ڇڏيم. ٻئي ڏينهن صبح جو، ٻنهي
ڀائرن ڪپڙا ڍڪي، هٿيار پهري، يادگيري ڏياري ته
جلدي هلي سير ڪجي. مان وهٽ گهرايا، پر هنن چيو ته
”پيادي هلڻ ۾ جا گهمڻ جي لذت آهي، سا سواريءَ ۾
ڪٿان ايندي! نوڪرن کي حڪم ڏنو ته گهوڙا موٽائي
وڃن. نوڪر طعام کڻي گڏجي هليا. واٽ تي تير ڪمان
سان نشان چٽٽيندا هلياسون. جڏهن قافلي کان گهڻو
پري نڪري وياسون، تڏهن هنن هڪ نوڪر کي ڄاڻي ٻججهي
ڪنهن ڪم لاءِ موڪلي ڏنو. اهڙيءَ ريت ٻئي نوڪر کي
وري اُن جي سڏڻ لاءِ موڪلي ڏنائون. ڪمبختي اچي
ورتم، جو ڪا به خبر نه ٿي پيم. جيئن ٿي چيائون
تيئن ٿي ڪيم. مون کي ڳالهين ۾ خوش ڪندا ۽
ريجهائيندا ٿي ويا. هيءُ ڪتو به گڏ ٿي هليو. جڏهن
گهڻو پنڌ ڪري وياسون، ته نه باغ ئي نظر آيو نه
تلاءُ. هڪ برپٽ ۽ جهنگ نظر آيو. اتي مون کي پيشاب
لڳو. جيئن ئي مان ويٺس،ته پويان ترار جو چمڪو ڏٺو.
وچئين ڀاءُ مون کي ترار هنئي، جنهن ڪري منهنجو مٿو
ٻه ٽڪر ٿي پيو، جيستائين ڪجهه چوان ئي چوان ته
”ظالم مون بيگناهه کي ڇو ٿو مارين!“ تيستائين وڏي
ڀاءُ ڪلهن ڌاري ترار وهائي ڪڍي. مان زخمي ٿي پٽ تي
ڪنڌ لاڙي ڪري پيس، پوءِ هنن بيرحمن ويهي مون کي
وڍيو ۽ رتورت ڪيو. هي ڪتو منهنجو هي حال ڏسي مٿن
ڀونڪيو. اُن کي به زخمي ڪري وڌائون. پوءِ پنهنجي
هٿن سان پنهنجي جسمن تي گهاو وڌائون. مٿي ۽ پيرين
اگهاڙا رڙيون ڪندا قافلي ۾ وڃي گهڙيا. اُتي وڃي
ٻڌايائون ته ”چورن ميدان ۾ اسان جي ڀاءُ کي شهيد
ڪري ڇڏيو ۽ اسان به لڙائيءَ ۾ ڦٽجي پيا آهيون.
هاڻي جلدي ڪوچ ڪيو، نه ته ڦورو اِجهوڪي اِجهو مٿان
اچي ڪڙڪيا، ۽ سڀني کي ڦُري ناس ڪندا.“ قافلي وارن
جڏهن ڦورن جو نالو ٻڌو ته حيران پريشان ٿي ويا، ۽
انهيءَ دلگيريءَ ۾ اُتان ڪوچ ڪيائون، منهنجي زال
هنن جون اڳيون خوبيون ۽ دغائون ٻڌي چڪي هئي، سو
هيءَ واردات اُنهن ڪوڙن کان ٻڌي، هڪدم خنجر هڻي
پاڻ کي پورو ڪري ڇڏيائين.“
اي فقير صاحبو، اُن خواجه سگ پرست، جڏهن
پنهنجي حقيقت ۽ مصيبت جي ڳالهه هيستائين پهچائي ته
ٻڌندي مون کان بي اختيار ڳوڙها وهي ويا. اِهو ڏسي
سوداگر چوڻ لڳو ته ”اي قبله عالم، بي ادبي معاف
ٿئي ته جيڪر ساروئي پنهنجو بت کولي اوهان کي
ڏيکاريان.“ تنهن هوندي به، پنهنجي سچائيءَ لاءِ
گوڏن تائين بت کي اگهاڙو ڪري ڏيکاريائين، ته
ڏٺوسون ته سندس مٿي ۾ وڏي کڏ هئي، ايڏي جو جيڪر
وڏو قنڌاري ڏاڙهون منجهس پئجي وڃي.حاضر مجلس وارن،
اميرن، وزيرن ۽ سردارن، پنهنجون اکيون کڻي پوريون.
ڪنهن کي به طاقت انهيءَ زخم ڏسڻ جي نه هئي. پوءِ
خواجو چوڻ لڳو ته ”اي بادشاهه سلامت، جڏهن اهي
ڀائر مون کي ماري هليا ويا، ته هڪ طرف مان ۽ ٻئي
پاسي اهو ڪتو، رت ۾ ٻڏا پيا هئاسين، نڪو هوش، نڪا
سگهه هئي. خبر نه آهي ته دم ڪٿي اٽڪيل هو، سو پئي
جِيُس، جنهن هنڌ مان پيل هوس، اِها سرانديپ ملڪ جي
حد هئي ۽ شهر ڪو اُتان گهڻو پري نه هو. |