سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: چار درويش

امام بخش خادم

صفحو :10

      

بادشاهه آزاد بخت جو قصو

        بادشاهه چوڻ لڳو ته جڏهن منهنجي والد وفات ڪئي ۽ مان گاديءَ تي ويٺس، اُهو منهنجي جوانيءَ جو وقت هو. ساري روم ولايت منهنجي تابع هئي. سڀيئي امير ۽ وزير منهنجي خوشنوديءَ کي پنهنجي خوشنودي سمجهي رهيا هئا. اوچتو ئي هڪڙِ سال هڪ سوداگر بدخشان جي ملڪ کان آيو، جنهن پاڻ سان گهڻو ئي سوداگريءَ جو سامان آندو هو. مون اُن کي پاڻ وٽ گهرايو. هو هر ملڪ جا عجائب، تحفا ۽ سوکڙيون پاڻ سان کڻي آيو. بيشڪ سندس سڀيئي شيون عجيب ۽ بي بها هيون. هڪڙي دٻليءَ ۾ هڪڙو لعل پيلهو، جو نهايت سهڻو، آبدر ۽ وزن ۾ ڳرو هو. مون ايڏيءَ بادشاهيءَ هوندي به، اهڙو موتي اکين سسان نه ڏٺو هو، نه وري ٻڌو هو. مون کي اُهو بيحد پسند آيو، ۽ سوداگر کي  گهڻو انعام اڪرام، بخشش ۽ سروپا ڏنيم. اُن سان گڏ  لکي ڏنوو مانس ته هن کان اسان جي ساري بادشاهيءَ ۾ ۾حصول ڪو به نه وٺي، ۽ جتي به منزل ڪري، اُتي سندس آرام جو خيال رکيو وڃي ۽ بورائي جو دستو ساڻس گڏ رهي. اِهو سوداگر ڪجهه وقت منهنجي درٻار ۾ ايندو رهيو، هو بادشاهي ادبن کان بلڪل واقف هو. سندس گفتگو ڏاڍي مٺي ۽ سٺي هوندي هئي. مان به اهو لعل ڏيهاڙي گهرائي ڏسندو هوس. هڪڙي ڏينهن عام ڪچهريءَ ۾ ويٺو هوس، ۽ ٻين ملڪنجي بادشاهن جا وڪيل به حاضر هئا، انهيءَ وقت مون هميشھ جي دستور موجب اُهو لعل گهرائي ورتو. مان هٿ ۾ کڻي ان جي تعريف ڪرڻ لڳس. فرنگ جي حڪومت جو ايلچي ويٺو هو، تنهن کي ڏنم ته ڏس ته ڪهڙو نه عجيب آهي. هن ڏسي، کلي ڏنو، ۽ زماني سازيءَ سان اُن جي صفت به ڪيائين. اهڙيءَ ريت سڀني ورتو، ۽ گڏجي هڪ زبان ٿي چيائون ته ”بيشڪ هي لعل بي بها آهي. هي حضور جي اقبال سان ئي هٿ آيو آهي. اهڙو ڪنهن ٻئي بادشاهه وٽ ڳوليو ملي!“ اُنهيءَ وقت منهنجي والد جو وزير، جو نهايت داناءُ ۽ ساڳئي مرتبي  تي هو، اُتي موجود هو. آداب بجا آڻي عرض ڪرڻلڳو ته ”اي جهان پناه! هڪ عرض ڪرڻو اٿ، جي جان جي اَمان ملي ته عرض ڪريان.“ مون چيومانس ته ”چئي ڏي!“ هو وڻ لڳو  ته ”تون بادشاهه آهين  بادشاهن کي هي نازيبا آهي، جو هڪڙي پٿر جي ايتري تعريف ڪن. پٿر نيٺ به پٿر آهي. اگرچڇه رنگ، صورت تور ۽ هيءُ لاثاني ۽ بينظير آهي. هن وقت سڀني ملڪن جا وڪيل موجود آهن، جڏهن پنهنجي ملڪ جي موٽي ويندا، تڏهن هيءَ ڳالهه ضرور ڪندا ته هي عجيب بادشاهه آهي، جنهن کي هڪڙو پٿر هٿ آيو آهي، تنهن کي اهڙي سوکڙِي سمجهيو اٿس، جو ڏيهاڙي درٻار ۾ گهرائي ڏسندو آهي، پاڻ ببه تعريف ڪندو آهي ۽ ٻين کان به اُن جي تعريف ڪرائيندو آهي. قبلا، نيشاپور ۾ هڪ سوداگر آهي، تنهن وٽ ٻارنهن لعلن جا داڻا  هن کان به ٻيڻا وزن  ۾ ۽ آبدار، هڪڙي پٽي ۾ سڀي، هڪ ڪتي جي ڳچيءَ ۾ وڌا آهن.“ هن جي ڳالهه ٻڌندي ئي، مون کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. حڪم ڏنم ته ”جلد هن جي سسي ڌڙ کان جدا ڪئي وڃي.“ جلادن يڪدم انُن جو هٿ ورتو ۽ مارڻ لاءِ وٺي ويس. اُن وقت  فرنگ جو وڪيل اُٿي بيٺو ۽ هٿ ٻڌي  بيهي رهيو. پڇيومانس ته ”تنهنجو ڪهڙو مطلب آهي؟“ هُن عرض ڪيو ته ”هن وزير جي گناه کان اسان به واقف ٿيون؟“ چيومانس ته ڪوڙ ڳالهائڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو گناه ٿي سگهي ٿو؟ خصوصاًبادشاهه جي اڳيان هن ڪوڙ ڳالهايو آهي؟“ تڏهن هن چيو ته ”سندس ڪوڙ ڪٿي ثابت ٿيو آهي؟، هُن جيڪا ڳالهه ڪئي آهي، سا شايد سچي هجي. بيگناهه جو خون  هارڻ ڪڏهن به درست ۽ جائز ٿي نٿو سگهي.“ ون چيس ته هيءَ ڳالهه ڪڏهن به عقل ۾ نه ٿي اَچي ته سوداگر ماڻهو، جو پنهنجي نفعي واسطي ملڪ  ملڪ ۽ شهر شهر ڀٽڪندو هجي ۽ پيسو پيسو ڪري ميڙيندو  هجي، سو ٻارنهن داڻا اَملهه ماڻڪن جا ڪتي جي ڳچيءَ ۾ وجهي ڇڏيندو!“ تڏهن چيائين ته ”خدا جي قدرتن ۾ ڪهڙو عجب آهي، متان اِئين هجي به کڻي. اهڙا تحفا اڪثر سوداگرن ۽ فقيرن جي هٿ  ايندا آهن، ڇو ته ٻيئي ٽوليون ملڪ ملڪ، ديس ديس گهمنديون رهنديون آهن، جتان جيڪي هٿ لڳندو اٿن، سو کڻي ايندا آهن. هاڻي صلاح هيءَ آهي ته جيڪڏهن وزير اهڙو ڏوهه ڪيو آهي ته سندس قيد ڪرڻ جو حڪم ڏيو، ڇو ته وزير بادشاهن جا عقل ٿيندا آهن ۽ هيءَ ڳالهه بادشاهن جي شان کان گهٽ آهي. جو اڃا ڪوڙ ثابت ئي نه ٿيو آهي ته بادشاهه مارائڻ جو حڪم ڏئي، ۽ سڄيءَ ڄمار جي نوڪري ۽ خدمت سڀ وساري ڇڏجي. بادشاهه سلامت، اڳين بادشاهن قيد خانن انهيءَ لاءِ ٺهرايا هئا ته بادشاهه يا امير ڪنهن تي ڪاوڙجن ته اُن کي قيد ۾ وجهن. ڪن ڏينهن جي  جاچ کان پوءِ ڪاوڙ به لَهي ويندي آهي، اُن جو گناهه يا بيگناهي به ظاهر ٿي پوندي آهي، ۽ بادشاهه بيگناهه جي خون کان آاد رهندا آهن.“ هن جي هيءَ گفتگو ٻڌي مون وزير کي قيد ۾ رکيو ۽ حڪم ڪيو ته ”جيڪڏهن هڪڙي سال اندر سندس ڳالهه سچي ٿي ته اهڙا لعل ڪتي جي ڳچيءَ ۾ پيل آهن، ته هن کي ڇڏيندس. نه ته ڏاڍي ايذاءَ سان کيس مارائي ڇڏيندس.“ اِهو حڪم ٻڌي اُن وڪيل منهنجي تخت کي چمي ڏني ۽ آداب بجا آڻي پنهنجي جاءِ ورتائين.

        اِها خبر وزير جي گهر پهتي. ڏاڍو افسوس ۽ ماتم ڪيائين. وزير کي هڪڙي ڌيءُ هئي، جا چوڏهن پندرهن ورهين جي عمر جي هئي. ساڻس سندس بيحد محبت هئي. اُن جي لاءِ جدا هڪ محلات جوڙايو هئائين، جنهن کي عجيب نقش ۽ نگار هئا. اوچتو ئي جنهن ڏينهن سندس پيءُ قيد ۾ پيو. اُن ڏينهن هُن پاڻ جيڏين ساهيڙين کي گڏ ڪري، راند ۾ گُڏي ۽ گڏيءَ جي شادي ڪري، دف ۽ دهل ٿي وڄايا ۽ طرحين طرحين طعام تيار ٿي ڪرايا.ماڻس روئندي، وار کولي، پيرين اُگهاڙي ڌيءُ جي محلات ۾ ويئي ۽ ٻيئي چنبا سندس منهن تي هڻي، چيائين ته ”افسوس خدا تنهنجي بدران ڪو انڌو پٽ ڏئي ها ته به چڱو هو، جو هن وقت پيءُ جي مدد ڪري سگهي ها. تو ۾ ته اُها به اُميد نه رهي.“ تڏهن ڌيڻس چيس ته ”انڌو پٽ ڇا ڪري سگهي ها. هاڻي جو ڪجهه پٽ ڪري سگهن ٿا، اُهو مان به ڪنديس.“ ماڻس چيس ته ڌوڙ تنهنجي منهن ۾: پڻهين جو هيءُ حال ٿيو آهي، جو بادشاهه جي روبرو ڪا اِهڙي ڳالهه ڪئي اٿس، جنهن ڪري قيد ۾ پيو آهي.“ ڇوڪريءَ پڇيو ته ”اُها ڪهڙي ڳالهه هئي، ڪجهه مان به ته ٻڌان.“ تڏهن ماڻس چيس ته ”شايد تنهنجي پيءُ بادشاهه جي روبرو چيو آهي ته نيشاپور ۾ ڪو سوداگر ٿو رهي، اُن ٻارهن داڻا بي بها جواهرن جا پَٽي ۾ سبي ڪتي جي ڳچيءَ ۾ وڌا آهن. اُن ڳالهه تي بادشاهه کي اعتبار نه آيو آهي ۽ کيس ڪوڙو سمجهي قيد ڪيو اٿس. اڄ جيڪڏهن ڪو پٽ هجي ها، ته اِها ڳالهه دريافت ڪري، ڪٿان سُڌ لهي اچي ها ۽ پيءُ جو بار لاهي ها، ۽ بادشاهه جي سامهون حقيقت ثابت ڪري، سندس بند خلاص ڪري ها.“ وزير زاديءَ چيس ته ”اي ماءُ تقدير سان وڙهبو ڪين آهي. گهرجي ته رب  جي رضا تي صبر ڪجي ۽ ڌڻي پاڪ جي فضل ۽ رحم ۾ اميدوار رهجي. رب رحيم ۽ ڪريم آهي، ڪنهن جي مشڪل اَٽڪي نه رهندي آهي. اوکيءَ ۾ هُو ئي مدد ڪندو آهي. روئڻ پٽڻ ۽ ڳڻتي ڪرڻ چڱو نه آهي. متان دشمن بادشاهه کي اُبتيون سبتيون ڳالهيون ٻڌائين، جنهن ڪري هو وڌيڪ ڏمرجي وڃي، تنهن ڪري گهرجي ته بادشاهه جي حق ۾ هر دم دعا ڪريون، ڇو ته اسان نمڪخوار آهيون. جيڪڏهن اسان جو آقا هاڻي ڪاوڙيو آهي، ته اُميد آهي ته جلد مهربان به ٿيندو.“ هن ڇوڪريءَ اهڙيءَ دانائيءَ ۽ عقل سان ماءُ کي سمجهايو، جو اُن کي صبر ۽ سانت اچي ويئي ۽ هوءَ  پنهنجي محلات ڏانهن موٽي ويئي. جڏهن رات ٿي، ته نينگريءَ ڏاڏي کي گهرايو. سندس پيرين پئي، منٿ ڪيائين، ۽ روئڻ لڳي. چيائينس ته ”منهنجو اِرادو آهي ته نيشاپور وڃان، جيئن ماءُ جو طعنو مون تي نه رهي ۽ منهنجو پيءُ به آزاد ٿئي، تون مهرباني ڪري منهنجو رفيق ٿيءُ،جيئن ٿي سگهي ته مان اُن سوداگر کي پاڻ سان وٺي اچڻ ۾ ڪامياب ٿيان.“ هن پهريائين انڪار ڪيس پر پوءِ هُو ساڻس گڏجي هلڻ لاءِ تيار ٿيو.

        پوءِ وزير جي ڌيءُ مرداني پوشاڪ ڍڪي، گهر جي ڀاتين کي خبر ڏيڻ کان سواءِ، روانو ٿي  پيئي، جڏهن صبح ٿيو، ته وزير جي گهر اَچي هُل پيو ته وزير زادي گم ٿي ويئي آهي. بدناميءَ جو خوف کان ماءُ، ڌيءُ جي گم ٿيڻ جي حقيقت ئي لڪائي ڇڏي، پنهنجي وڃڻ کان دور ٿي، وزير زاديءَ پاڻ کي سوداگر زادو سڏايو، ۽ اهڙيءَ ريت منزلون ڪندي،سڄو ئي قافلو وٺي  نيشاپور پهتو ۽ خير ۽ عافيت سان سڀيئي وڃي هڪ سراءِ ۾ لٿا، جتي پنهنجو سامان لاٿائون. رات رهي، صبح جو حمام خاني ۾ ويا،وهنجي سهنجي رومي ويس ڍڪي، شهر ۾ گهمڻ نڪتا. جڏهن سير ڪندي بازار جي  چوسول ۾ پهتا، تڏهن چوواٽي تي بيهي، هيڏي هوڏي نهارڻ لڳا. سندس نگاه هڪ جوهريءَ جي دڪان تي پيئي، جنهن وٽ وڏو ڍير موتين جو لڳو پيو هو. نوڪر چاڪر چڱي پوشاڪ ڍڪيل دست بسته ٿي ڏٺا. مسند تي سندن آقا نظر ٿي آيو، جنهن جي عمر پنجاه ورهين کان مٿي ٿي ڏٺي. کيس سفيد ڪيمخواب جي پوشاڪ پهريل هئي ۽ سندس ڪيترائي نوڪر سندس چوڌاري قريني سان ويٺل  ٿي ڏٺا. وزير زادي، جا هاڻي سوداگر زادو هو. دڪان ۽ جوهريءَ جي تجمل ۽ جوڙجڪ کي ڏسي، حيران ٿي ويئي. دل ۾ خيال گذريس ته خدا نه ڀُلائي، ته جنهن سوداگر جو ذڪر سندس والد بزرگوار دربار۾ ڪيو هو، سو اِهو هجي. اهو خيال ڪري وڌي اڳڀرو ٿي. غور سان نهاريائين، ته دڪان ۾ ٻه لوهي پڃرا لٽڪيل ڏٺائين، جن ۾ ٻه ماڻهو بند ٿيل هئا، جي نهايت ضعيف ۽ ڪمزور ٿي ڏٺا، ڄڻ ته رڳو ڪنڊا ۽ کل وڃي بچيا هئا. هُو اونڌي ڪنڌ ويٺل هئا. ٻه شيدي هيبتناڪ شڪل ۽ هٿيارن پنوهارن سان ٻنهي طرفن کان بيٺل هئا. سوداگر زادو حقيقت کي ڏسي، وڌيڪ حيران ٿي ويو ۽ لاحول پڙهڻ لڳو. جيئن ئي سندس ٻئي طرف نظر پيئي، تيئن هن ڏٺو ته هڪ مخملي قالين جي مٿان هڪ عاج جي صندليءَ تي اطلس جي هڪ گاديءَ پيل آهي، جنهن جي مٿان هڪ ڪتو آرام سان ويٺو آهي. اُن کي هڪ پَتو موتين جواهرن سن جڙيل، ڳچيءَ ۾ پيل هو، جنهن ۾ هڪ سونهري زنجير هئي، ٻه خوبصورت  ٻانها سندس سامهون هَڪيا حاضر هئا. هڪ غلام سونهري ڦڻي سندس وارن ۾ ڦيري رهيو هو، ۽ هڪ صاف  رومال سان ڪُتي جو منهن پئي ٿي اگهيو.سوداگر زادي کي هاڻي يقين ٿيو ته ضرور انهيءَ ئي ڪتي جي ڳچيءَ ۾ اُهي  ٻارنهن لعل بي بها هوندا، جن ئي سندس پيءُ کي مصبت جي منهن۾ ڏنو هو. خيال ڪرڻ لڳي ته حقيقت جي خبر ڪهڙيءَ ريت  رکي، ۽ ڪيئن هي ڪتو لعلن سميت بادشاهه وٽ پهچائي. شهر جا ماڻهو ان رستي تان لنگهيا ٿي، سي اُن سوداگرزادي جي سونهن ڏسي حيران پئي ٿيا. اوچتو اُن خواجي جي نظر به وڃي سوداگر زادي تي پيئي، تنهن پنهنجي هڪ نوڪر کي اِشارو ڪيو ته اُن نينگر کي مون وٽ وٺي اَچ. غلام اَچي سوداگر زادي کي خواجي جو پيغام ڏنو ته ”مهرباني ڪري اسان جي مالڪ وٽ هلو. کيس اوهان جي ملاقات جو بيحد اشتياق آهي.“ اِها ڳالهه ٻڌي، سوداگر زادي کي بيحد خوشي ٿي، هن ڌڻيءَ کان ته اهو ئي پئي گهريو. سوداگر زادو غلام سان همراهه ٿي، خواجي وٽ وڃي پهتو. خواجي کي نظر کڻن سان هن نينگر جي نينهن جي ناوڪ لڳي ويئي. تعظيم لاءِ اُمالڪ اُٿي بيٺو. وسو ۽ وائڙو ٿي ويو. سوداگر زادي سمجهي ورتو ته هُو سندس محبت جي ڄار م ڦاسي پيو آهي. دستور موجب هڪ ٻئي سان ڀاڪر پائي مليا، خواجي سوداگر زادي جي پيشانيءَ کي عزت جي باعث چمي ڏيئي پاڻ سان گڏ ويهاريو. گهڻي کيڪار ۽ ڀليڪار ڪيائين ۽ وڏيءَ سڪ ۽ حب مان سندس احوال پڇيائين ته ”ڪٿان آيا آهيو ۽ ڪيڏانهن ويندا؟“ سوداگرزادي چيو ته  ”هن نيازمند جو وطن روم ولايت آهي.اَبي ڏاڏي کان استبول شهر ۾ رهندا ٿا اچون، منهنجو والد  سوداگر آهي. هاڻي پيريءَ ۽ ضعيفيءَ جي سبب سفر ڪرڻجي لائق نه رهيو آهي، اُن ڪري مون کي موڪل ڏني اٿس ته سوداگريءَ جي پيشي جو واقف ٿيان، مان اڄ تائين  منهنجي گهر کان پير ٻاهر نه رکيو آهي، هيءَ منهنجي پهرين مسافري آهي. سمنڊ جو سفر سخت سمجهي، خشڪيءَ جون منزلون ڪيون اٿم، هن ولايت ۾ اوهان جي خوش  افعالن ۽ نيڪ عادتن جي شهرت آهي، تنهن ڪري هن شهر جي ۾ خاص اوهان سان ملاقات ڪرڻ آيو آهيان. الله تعاليٰ جا شڪرانا آهن، جو اوهان سان ملاقات ٿي اٿم. اسان کي اڄ هتان ڪوچ ڪرڻو آهي.“ اِها ڳالهه ٻڌي، خواجو ملول ٿي ويو. چيائين ته ”اي فرزند، اهڙي ڳالهه نه ڪر، مهرباني ڪري ڪي ڏينهن ته اسان وٽ رهه. مون کي ٻڌاءِ ته اوهان جو سامان ڪٿي آهي؟“ سوداگر زادي چيو ته ”مسافرن جي جاءِ مهمان سراءِ آهي. مان سڀني نوڪرن ۽ سامان کي اُتي ڇڏي آيو آهيان.“ خواجي چيو ته ”مسافر خاني ۾ رهڻ مناسب نه آهي، منهنجو شهر ۾ چڱو  مان شان آهي، ۽ ڌڻيءَ سڀ ڪجهه ڏنو آهي. مان اوهان کي  عاليشان جاءِ ڏيان ٿو، جتي آرام سان رهو. ڌڻيءَ جي فضل سان  مان اوهان جو اسباب گهڻي نفعي سان فروخت ڪندس. اوهان به تڪليف کان ڇٽندؤ ۽ مون تي به رهڻ سان احسان ڪندؤ.“ سوداگر زادي گهڻائي عذر ڪيا، پر خواجي قبول نه ڪيا. پنهنجي گماشت کي حڪم ڪيائين ته ”بيل گاڏيون موڪلي سڀ سامان کڻائي مقرر ٿيل جاءِ ۾ رکو.“ سوداگر زادي پنهنجو ماڻهو گماشتي سان همراهه ڪري ڏنو، ۽ پاڻ شام تائين خواجي جي صحبت ۾ رهيو. جڏهن دڪان بند ڪرڻ جو وقت ٿيو، سامان بند ڪري خواجهو گهر ڏانهن هليو. سندس هڪ نوڪر ڪتي کي بغل ۾ کنيو ۽ ٻئي سندس صندلي ۽ غاليچو کينو. شيدي پهريدار، اُنهن پڃرن کي مزورن جي مٿي تي رکائي، پاڻ هٿيار ٻڌي ساڻن روانا ٿيا. خواجي سوداگر زادي جو هٿ هٿ ۾ ورتو، ۽ ڳالهيون ڪندي ڪندي پنهنجي حويليءَ ۾ آندو. سوداگر زادي ڏٺو ته هڪ عاليشان محلات آهي، جنهن جي هر ڪمري ۾ غاليچا ۽ فرش وڇايل آهن، هر ڪمري ۾ فرحت ۽ آرام جو سامان موجود ڏٺائين. ايتري ۾ ڪُتي جي صندلي به آئي. جواهر فروش ۽ سوداگرزادو ٻيئي گڏجي ويٺا، ۽ شراب جو دور شروع ٿيو. ايتري ۾ دسترخوان وڇائجي ويو، جنهن تي دنيا جون نعمتون موجود ٿي ويون، پهريائين هڪ ڍاڪئون ۾ کاڄ وجهي، ڪتي لاءِ کڻي آيا. ڪيمخواب جي دسترخوان تي اُهو ڍاڪئون رکي ڪُتي کي ڏنو ويو.  ڪُتو صندليءَ کان هيٺ لهي يو ۽ اُن کي جيڪي وڻيو سو کاڌائين ۽ وري وڃي پنهنجي صندليءَ تي ويٺو. ٻانهن سندس منهن ۽ چنبن کي ريشمي رومال سان دستور موجب اُگهي صاف ڪيو. اُن کان پوءِ، انهن ئي ٻانهن خواجي کان ڪنجيون وٺي، پڃرا کوليا، ۽ ڪتي جي اوڀر اُنهن ماڻهن جي سامهون پيش ڪئي. جڏهن هي سڄو ڪم ٿي رهيو، تڏهن خواجو سوداگر زادي کي وٺي دسترخوان تي آيو. مگر سوداگر زادي کي خواجي جي حرڪت بيحد ناپسند لڳي ۽ غيرت جي سبب کائڻ کان انڪار ڪيائين. خواجي کيس بيحد منٿ زاري ڪئي، پر سوداگر زادو انڪار ڪندو رهيو. اُن وقت خواجي مجبور ٿي کانئس ان جو سبب پڇيو.سوداگر زادي ورندي  ڏني ته ”اوهان جي روش منهنجي ناپسنديءَ جو سبب بڻي آهي. انسان اشرف المخلوقات آهي ۽ ڪتو غليظ ۽ پليد آهي. انسانيت جي درجي کي ڪيرائي، ڪتي جي ايڏي عزت ڪرڻ آدميت کان گهڻو دور آهي. هڪ غليظ ۽ ناپاڪ شيءِ جي اوڀر خدا جي ٻانهن کي کارائڻ ڪهڙي دين ۾ درست آهي! اِها ئي سزا هنن لاءِ بس آهي، جو تنهنجي قيد ۾ آهين.ٻيءَ صورت ۾، تون ۽ هُو هڪجهڙا آهيو.“ خواجي چيو ته ”سوداگرزادا، مان سڀ ڪجهه سمجهان ٿو ۽ ڄاڻان ٿو ته اِن روش جي ڪري بدنام به ٿيو آهيان. شهر جا ماڻهو مون کي نفرت کان ”خواجو سَگ پرست“ ٿا سڏين. مگر ڪافرن ۽ شرڪ ڪندڙن تي خدا جي لعنت آهي. مان مومن ديندار آهيان، پنهنجي خلقيندڙ جي راهه تي قائم آهيان.“

        هيءُ ٻڌي سوداگر زادي چيس ته ”جيڪڏهن تون ايڏو متقي ۽ پرهيزگار آهين، ته پوءِ ڇو اهڙي حرڪت ڪري پاڻ کي بدنام ڪيو اَٿيئي.“

        خواجي جواب ڏنو ته ”سوداگر زادا، منهنجو نالو برابر بدنام ٿي چُڪو آهي، مان اُن اسرار کي، جو هن حرڪت جي پويان  آهي، لڪائڻ لاءِ هڪ خاص طرح ڍل حڪومت کي ڀريندو آهيان- ڇو ته هي ڳالهيون اچرج ۽ عجب جهڙيون آهن، جيڪو به ڏسندو ۽ ٻڌندوآهي، اُن کي سخت رنج ۽ ڏک پهچندو آهي: تنهن ڪري مون کي معاف ڪر. نه مون کي طاقت ٻڌائن جي آهي، نه وري تو ۾ سگهه ٻڌڻ جي ئي رهندي، تنهن ڪري هن دلخراش داستان جي شروع ۽ آخر کي ئي ڇڏي ڏي.“

        سوداگرزادي ڏٺو ته سندس گفتگو کان خواجي کي رنج پهچي رهيو آهي، اُن ڪري  خيال ڪيائين ته منهنجو پنهنجي ڪم سان ڪم آهي، ڪهڙو ضرور آهي، جو مان سندس ذاتي حقيقتن ۾ وڃي اٽڪان. هُو خاموش ٿي ويو ۽ خواجي سان دسترخوان تي شريڪ ٿي ويو. ٻه مهينا برابر سوداگر زادي اُتي اهڙيءَ دانائيءَ ۽ پاڪائيءَ ۾ گذاريا، جو ڪنهن کي سندس اصليت جي خبر پئجي نه سگهي، ڏينهون ڏينهن خواجي جي محبت ساڻس وڌندي ويئي.  ايتري قدرجو هڪ گهڙي به اُن کان جدا رهي نه ٿي سگهيو. هڪ ڏينهن جيئن پاڻ ۾ روح رهاڻ ڪري رهيا هئا، تيئن سوداگرزادي روئڻ شروع ڪري ڏنو. هو وڃي سڏڪن ۾ پيو. خواجي سندس هيءَ حالت ڏسي، کيس دلداري ڏني ۽ رومال سان سندس ڳوڙها اُگهي، کانئس سندس روئڻ جو سبب پڇيائين.

        سوداگر زادي کيس ورندي ڏني ته ”اي سائين ڇا عرض ڪريان! جيڪر مان اوهان جي محبت ۾ رهي، اوهان جي مجلس ۽ ميٺاج جو ساءُ نه وٺان ها. يا اوهان پنهنجي مهربانيءَ جي نگاه مون تي نه  ڪريو ها. هاڻي ٻن مشڪلاتن جي اندر اَچي ويو آهيان. هڪ ته اوهان کان جدا ٿيڻ تي دل نه ٿي گهري، ٻيو ته هتي رهڻ جو سانگو ۽ اتفاق نه ٿو بڻجي، تنهن ڪري لاچار وڃڻو ضروري ٿيو، پر اوهان جي فراق کي براشت ڪرڻ به مون کان دور آهي. اوهان جي فراق کان حياتيءَ جي اميد گهٽ ٿو  ڀانيان.“ اِها ڳالهه ٻڌي خواجو به روئڻ ۾ ڇٽڪيو، تان جو سڏڪن ۾ پئجي ويو، چيائين ته ”اَي فرزند، اهڙو جلد ۽ سگهو هن پنهنجي ٻڍڙي خدمتگار کي دلگير ۽ اُدا س ڪري ٿو وڃين؟ وڃڻ جو اِرادو ڦٽو ڪر، جيستائين مان جيئرو آهيان، تيستائين ته هتي رهه، تنهنجي وڇوڙِ کان هڪ دم به جيئرو رهي نه سگهندس. ملڪ جي هوا چڱي  ۽ موافق آهي، تنهن ڪري صلاح هيءَ آهي ته ڪو معتبر ماڻهو موڪلي، پنهنجي ماءُ پيءُ کي، سموري مال اسباب سميت، هتي گهرائي وَٺ. سواريءَ لاءِ جو به بندوبست گهربل هجي، مان اُهو حاضر ڪري ڏيندس. جڏهن تنهنجا والدين هٿ پهچي وڃن ته  پوءِ آرام ۽ آزاديءَ سان ويهي واپار ڪج. مان هن ڄمار تائين زماني جون گهڻيون گرميون ۽ سرديون سٺيون آهن ۽  رنج ۽ غم جون گهڙيون ڏٺيون آهن، هاڻي ٻڍو ٿيو آهيان ۽ ڪو به اولاد نه اٿم، جو آئيءَ ويل ڪم اَچي. مان تو کي اولاد کان سرس ٿو سمجهان، تو کي پنهنجي ڪاروبار جو مختيار ۽ پنهنجي ميڙي چونڊيءَ جو وارث ٿو مقرر ڪريان، جيستائين جيئرو آهيان، دال روٽي ڏجينم، منهنجي ڪفن ۽ دفن کان پوءِ هر  چيز تنهنجي آهي.“ سوداگر زادي چيس ته ”بيشڪ اوهان منهنجي غمخواريءَ ۽ خاطرداريءَ ۾ ڪا به گهٽتائي نه ڪئي آهي، ايتري قدر جو والدين به ياد نه اٿم، مگر منهنجي والد مون کي هڪ سال جي اجازت ڏني هئي، ميعاد اَچي ڀريو آهي، جيڪڏهن وقت سر پهچي نه سگهيس ته ٻڍڙو پيءُ روئي روئي شايد هن جهان مان گذري وڃي. جڏهن ته ماءُ پيءُ جو حڪم مڃڻ خدا جي رضامنديءَ ۾ داخل آهي، اُن کان ڪنڌ ڪڍائڻ، بد دعا ۾ شامل ٿيڻ ڪا صلاح ڀري ڳالهه نه آهي. اِئين نه ٿئي جو، ٻنهي جهانن ۾ مون کي روسياهي حاصل ٿئي. اُن ڪري مون کي خوشيءَ سان اجازت ڏيو ته پنهنجي وطن موٽي وڃان. اوهان جي احسان ۽ مروت کي هميشھ ياد رکندس. سوداگر زادي جڏهن اهڙيون اهڙيون مٺيون ڳالهيون جوهر فروش کي ٻڌايون، تڏهن سندس شوق کي وڌيڪ مهميز لڳي. آخر کيس چيائين ته ”جيڪڏهن تون هتي رهڻ نه ٿو چاهين، ته مون کي به پاڻ سان وٺي هل. مان تو کي ساهه برابر سمجهان ٿو، اِئين چئي، پنهنجي نوڪرن کي حڪم ڏنائين ته سفر جو اسباب تيار ڪيو وڃي، ۽ پاڻ به تيارين ۾ مشغول ٿي ويو. جڏهن خواجي جي سفر جي ڳالهه مشهور ٿي، تڏهن ٻين سوداگرن به ساڻس گڏ هلڻ جي تياري ڪئي. خواجه سگ پرست سڄيءَ دولت کي سميٽيو، بيشمار نوڪر، چاڪر، اَن ڳڻيا تحفا ۽ سوکڙيو، هٿيار پنوهارن سان پهريل حبشي، رومي ۽ ترڪي ٻانها، عربي گهوڙن تي سوار، تيار ڪيا ويا، هڪ اُٺ جي پاکڙي تي، جنهن کي مخملي گادين سان سينگاريو ويو هو، ڪتي کي ويهاريو ويو، ٻئي اُٺ تي ٻنهي قيدين جا پڃرا کڻائي، هي قافلو روانو ٿيو، جتي جتي هن قافلي منزل ٿي ڪئي، اُتان جا سڀيئي سوداگر اَچي ٿي وٽس حاضر ٿيا. آخر خير ۽ سلامتيءَ سان هي قافلو اَچي استبول جي نزديڪ پهتو. شهر جي ٻاهران پَڙاءُ لڳو. اِتي سوداگر زادي خواجي کي عرض ڪيو ته ”قبلا، جي اجازت هجي، ته مان پنهنجي پيءُ ماءُ وٽان ٿي اَچان، ۽ اوهان جي رهڻ لاءِ شهر ۾ ڪو علحدو انتظام ڪريان.“ خواجي کيس جواب ڏنو ته ”مان، هتي فقط تنهنجي خاطر آيو آهيان، ڀلي وڃ پر جلدي موٽي اَچج، جاءِ اهڙي ڏسج، جا تنهنجي گهر کان دور نه هجي.“

        جڏهن سوداگر زادو پنهنجي گهر آيو، تڏهن گهر جا ڀاتي حيران ٿي ويا ته هي اجنبي نينگر ڪير آهي، جو گهر ۾ گهڙي آيو آهي. سوداگر زادو يعني وزيرزادي، ايندي ئي وڃي پنهنجي ماءُ جي پيرن تي ڪِري ۽ روئي چيائينس ته ”مان تنهنجي ڄائي آهيان.“ هيءَ ٻڌندي ئي سندس ماءُ کيس گهٽ وڌ ڳالهائڻ شروع ڪيو. چوڻ لڳيس ته ”اي پليد، تو پنهنجو منهن ته ڪارو ڪيو، پر پنهنجي خاندان تي اُهو ٽِڪو لاتو، جو  ڪڏهن به ڌوپي نه ٿو سگهي. مان ته توکي ماري، روئي پٽي ويٺي هيس، مان هاڻي به تو کان بيزار آهيان.“ هي ٻڌي،  وزيرزاديءَ مٿي تان پڳڙي اڇلائي ڇڏي، ۽ ماءُ کي چيائين ته ”اي ماءُ، مان ڪنهن بُري خيال يا بڇڙي اِرادي سان نه ويئي هيس، مگر تنهنجي حڪم موجب، پيءُ کي قيد مان ڇڏائڻ لاءِ هيءَ حيلو ڪيو هيم، خدا جو شڪر آهي، جو مون پنهنجي مطلب کي وڃي پورو ڪيو آهي. مان اُن سوداگر کي اُن ڪتي سميت، جنهن جي ڳچيءَ ۾ لعلن جا ٻارهن داڻا موجود آهن، وٺي آئي آهيان- ۽ انهيءَ ئي سوداگر جي ڳالهه ته منهنجي پيءُ بادشاهه سان ڪئي هئي! مون ڪا خيانت ڪا نه ڪئي آهي، ۽ محض سفر جي ڪري ئي هي لباس پهريو اٿم. اُميد آهي ته  سڀاڻي قبله گاهه کي بنديخاني مان آزاد ڪري وٺنديس.“ جڏهن سندس ماءُ سمجهيو ته سندس ڌيءَ مردن جهڙو ڪم ڪيو آهي، تڏهن خوش ٿي کيس ڳلي لاٿائين ۽ کيس رخصت ڏنائين. هن وري سوداگر زادي جو ويس پهريو ۽ خواجي وٽ آئي، خواجو کيس ڏسي بيحد خوش ٿيو. درياه جي ڪناري تي هڪ باغ ۾ تنبو هنيا ويا، ۽ اُتي منزل ڪري، خواجو رهي پيو.

        ٽپهريءَ جي وقت، خواجو ۽ سوداگرزادو، تنبوءَ کان نڪري ڪرسين تي ٻاهر  تماشي ۽ سير ڪرڻ لاءِ ٿي ويٺا. اوچتو هڪ شاهي جاسوس اُتان اَچي  لانگهائو ٿيو. ماڻهن جي فوج ۽ اجنبي اسباب کي ڏسي، عجب ۾ پئجي ويو، ۽ دل ۾ چيائين ته شايد ڪنهن بادشاهه جو ايلچي آهي.سو بيهي تماشو ڏسڻ لڳو. خواجي جي هڪ ملازم جي نظر وڃي اُتس پيئي، جنهن کانئس پڇيو ته ”تون ڪير آهين؟، هن کيس ٻڌايو ته ”آئون شاهي چوبدار آهيان.، خادم خواجي کي وڃي سڄي حقيقت ٻڌائي. خواجي نوڪر کي چيو ته ”کيس وڃي ٻڌاءِ ته اسان مسافر پرديسي سوداگر آهيون، جيڪڏهن مرضي هجيئي ته اسان جي محفل ۾ اچي شريڪ ٿي، ۽ هڪ پيالو شربت جو نوشجان ڪري وڃ.“ شاهي جاسوس جڏهن سوداگر جو نالو ٻڌو، ته هيڪاري حيرت ۾ پئجي ويو، ۽ خوش ٿي خواجي جي محفل ۾ آيو. ايندي ئي هو خواجي جي شان شوڪت ٺاهه ٺوهه کي ڏسي حيران ٿي ويو. خواجي ۽ سوداگر زادي کي سلام ڪرڻ بعد ڪرسيءَ تي ويهي رهيو، جيئن ئي سندس نظر ڪتي جي مرتبي ۽ مان تي پيئي ته سندس هوش  ڇڏي ويو. وري جو ماڻهن کي پڃري ۾ قيد ڏٺائين، ته آقي باقي پريشان ٿي ويو. خواجي سندس چڱو آڌرڀاءُ ڪيو، مگر هُو سمورو وقت خواجي جي  ابتڙ هلت تي سوچيندو رهيو. نيٺ خواجي کان موڪلائي هُو پنهنجي گهر آيو.

        رات هن بيحد اضطراب ۾ گذاري، صبح ٿيندي ئي دربار ۾  حاضر ٿيو، ۽ مون کي سڄيءَ حقيقت کان آگاهه ڪيائين. هن حقيقت کي ٻڌڻ سان مون کي بيحد ڪاوڙ آئي، مون حڪم ڏنو ته ”اهو سوداگر مارائڻ جي لائق آهي، اُن ڪري جلاد جلد وڃي اُن جي سر ڪپي، اچن!“ قدرت خدا جي، جو اُهو ساڳيو ايلچي،  فرنگ جو ويٺل سفير، دربار ۾ وجود هو، تنهن کلي ڏنو. مان هي ڏسي هيڪاري تپي ويس، چيومانس ته ”اي بي ادب، شاهي دربار ۾ اهڙيءَ ريت کلڻ بيحد گستاخي آهي. هن بي وقتي کلڻ کان ته روئڻ بهتر هو. ”سفير عرض ڪيو ته ”قبلا، گستاخي معاف ٿئي، ڪي ڳالهيون دل تي تري آيون، جنهن ڪري بيوقت کلڻ جو گناهه ڪيو اٿم، پهريائين ته اڳئين وزير جيڪو ڪجهه چيو هو، سو سچ هو، ۽ هاڻي هو قيد مان آزاد ٿيندو، ٻيو، هاڻي وري حضور هُن بيگناهه سوداگر کي مارائڻ جو حڪم ڏنو آهي، جو پڻ انصاف کان پري آهي، تحقيقات کان سواءِ ڪنهن جو خون هارڻ ڪڏهن به صلاح ڀري ڳالهه نه آهي. خبر نه آهي ته سوداگر جي اندر ۾ ڪهڙو راز آهي! منهنجو عرض آهي ته پهريائين سوداگر کي دربار ۾ گهرايو وڃي ۽ اُن کان حقيقت پڇي وڃي، پوءِ جيڪڏهن هُو گنهگار آهي، ته اُن کي سزا ڏيڻ واجب ۽ لاچار آهي.“ مون اُن وقت سوداگر کي ڪتي سميت حاضر ڪرڻ جو حڪم ڏنو، خواجو اُن سوداگر زادي سميت ستت اچي حاضر ٿيو. سوداگر زادي جي خداداد حسن کي ڏسي، اسان سڀ حيران ۽ هڪا ٻڪا رهجي وياسون. سندس هٿ ۾ هڪ جواهرن سان ڀريل ٿالهي هئي، جنهن جي تاب ۽ تجليءَ ساري جاءِ روشن ڪري ڇڏي هئي. گهڻي آداب ۽ نياز کان پوءِ، هن اها ٿالهي منهنجي تخت جي اڳيان رکي. خواجي به اِهڙيءَ ريت زمين چمي دعائون ڏنيون. ايڏي ته فصاحت ۽ بلاغت سان پئي ڳالهايائين، جو ڄڻ ته بلبل ٿي  زمزمه سرائي ڪئي. مون کي سندس گفتگو بيحد پسند آئي، پر ڪاوڙ جي سببان چيو مانس ته ”اي شيطان جي صورت انسان، تو هيءَ ڪهڙي بيجا هلت ورتي آهي ۽ پنهنجي ڪاڻ موت کي سٽيوآهي؟ ٻڌاءِ ته تون ڪهڙي دين ۽ مذهب جو آهين، جو هيءَ حالت پاڻ وٽ روا رکي اٿيئي؟ جيڪڏهن ڪافر به آهين، ته ڪفر جو هيءَ ڪهڙو اصول آهي؟ ڪهڙي نالي سان هي بُرا ڪم ڪندو ٿو وتين؟“ هُن عرض ڪيو ته “ حضور جو سر سلامت هجي، هي غلام مسلمان آهي ۽ دين جي پنجن  ئي رڪنن تي قائم، پر جيڪڏهن مون ۾ ڪو عيب آهي ته اِهو انهيءَ عيب جي ڪري خلق ۾ بدنام آهيان.شايد غصي جو سبب منهنجي اِها ڪم بختي آهي، جنهن جو ظاهر ڪرڻ ناگوار آهي. خدا جي خلق .سگ پرست“ سڏي ٿي ۽ انهيءَ نالي سان جهان ۾ خوار آهيان.،

        اِهو جواب ٻڌي، وڌيڪ ڪاوڙ مان چيومانس ته ”مون کي ڳالهين ۽ بهانن ۾ ٿو ريجهائين، مگر هرگز ڪين مڃيندس. جيستائين تون پنهنجي گمراهه ٿيڻ جو سچو سبب نه ٻڌائين، جيستائين مون کي يقين نه ايندو، تيستائين تو کي نه ڇڏيندس، بلڪه مارائيندس، جيئن ٻين کي به عبرت ٿئي ته وري ٻيو ڪو به دين ۾ اهڙو رخنو نه وجهي.“

        هي ٻڌي خواجي ورندي ڏني ته ”اي بادشاهه مون نڀاڳي جي مارائڻ جو اِرادو ڦٽو ڪر، ۽ هي جيڪو مال بيشمار آهي، سو وٺ، مون کي ۽ منهنجي پٽ کي پنهنجي صدقي ڀلي ملڪ نيڪالي ڏي: مان فقط تو کان جيئدان گهري رهيو آهيان.“

        اِتي مون مرڪي چيس ته ”اي نادان، مون کي مال ۽ دولت جي طمع ٿو ڏين، لالچ ٿو  آڇين، پر سچ چوڻ ڌاران تنهنجو ڪو به ڇوٽڪارو نه آهي.

        هن حڪم ٻڌڻ شرط خواجي جي اکين مان آب اُڇلجي آيو، ۽ نينگر ڏانهن ڏسي ٿڌو ساهه کنيائين، کيس چوڻ لڳو ته ”مان بادشاهه جي اڳيان ڏوهي ۽ گنهگار ٿي مارجي ويندس، پر تنهنجي پارت ڪنهن کي ڪريان ۽ توکي ڪنهن جي حوالي ۾ ڏيان.“  تڏهن مان ڏمرجي  کيس چيو ته ”اي مڪار، گهڻائي عذر ۽ بهانا ڪيا اٿيئي، هاڻي ٻيو ڪجهه ڪين ٻڌندس، جيڪي چوڻو اٿيئي، سو جلدي ٻڌاءِ، نه ته پنهنجي سِر تان آهو کڻ.“

        اُن وقت خواجو اڳڀرو آيو ۽ تخت جي پائي کي چمي چيائين ته ”اي بادشاه سلامت، جيڪڏهن منهنجي مارائڻ جو حڪم نه فرمايو  ها ته هوند ٻيون سڀيئي سختيون ۽ صدما سهي، هر گز پنهنجوراز نه ٻڌايان ها، پر ساهه پيارو   اٿم، ڄاڻي واڻي کوهه ۾ ڪرڻ ڪا دانشمندي نه آهي، جيڪڏهن حضور جي رضا اِها آهي، ته ضعيف جي حقيقت ٻڌو! پهريائين حڪم فرمايو ته اِهي پڃرا، جن ۾ ماڻهو بند آهن، دربار ۾ گهرايا وڃن، منهنجي حقيقت جي بابت اُنهن کان پڇيو  وڃي، جيڪڏهن تر جو به تفاوت هجي ته هي  بدنصيب سر ۽ اوهان جي تلوار.“

مون کي سندس ڳالهه پسند آئي ۽ اهي پڃرا گهرائي، پنهنجي سامهون رکايم.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org