سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: چار درويش

امام بخش خادم

صفحو :13

      

قصو سرانديپ جي شهزاديءَ جو.

          ”اُن شهر ۾ هڪ وڏو بت خانو هو. اُتي جي بادشاهه کي هڪڙي تمام خوبصورت ڌيءَ هئي، جا هڪ جيڏين سان سير ۽ شڪار ڪندي ٿي رهي، جتي مان پيو هوس، اُن هنڌ کان ٿورو دور  هڪڙو وڏو باغيچو هو، جنهن ۾ انهيءَ ڏينهن خدا جي قدرت سان اُها مهربان شهزادي، پنهنجي پيءُ سان راجا کان موڪل وٺي، سير ڪرڻ ۾ دل وندرائڻ لاءِ آئي هئي. ساڻس ڪيتريون دايون، ٻانهيون ۽ سهيليون گڏ هيون.اُهي سڀ، جتي مان زخمي پيو هوس، اُتي اچي وارد ٿيون، منهنجي ڪنجهڻ کي ٻڌي، دايون ڊوڙي آيون. منهنجي هيءُ حال ڏسي، راڻيءَ کي خبر ڏنائون ته هڪ نوجوان مڙس ۽ هڪ ڪتو، رتورت ٿيا، ڦٽيا پيا آهن. راڻيءَ ٻڌنديئي اچي منهنجي سيرانديءَ  کان بيٺي. مون کي اُن حالت ۾ ڏسي، ڏاڍي ارمان ۽ افسوس سان چيائين ته ”ڏسو ته ساهه اٿس يا نه!“ ٻن چئن داين ڏسي کيس عرض ڪيو ته ”نبض اڃا ته هلي ٿي!“ راڻيءَ حڪم ڪيو ته ”يڪدم هن کي باغ ۾ کڻي هلو!“

          “اُتي پهچي، سرڪاري جراح کي گهرائي، منهنجي ۽ منهنجي ڪتي جي علاج لاءِ بيحد تاڪيد ڪيائين. چيائينس ته ”هنن جو يڪدم ڪو اُپاءُ ڪر، جنهن لاءِ تو کي وڏو انعام ۽ بخشش ڏني ويندي.“ اُن قابل جراح منهنجي ساري بدن تان رت ۽ مٽي اُگهي صاف ڪيو، شراب سان ڦٽن کي ڌوئي، زخمن کي سبي، مرهم ۽ پٽي ڪئي، پوءِ پاڻيءَ جي بجاءِ گلاب جو شربت ۽ بيدمشڪ جو عرق پياريندو رهيو. راڻي صاحبه منهنجي سيرانديءَ کان گهڻو ڪري ويٺي رهندي هئي، بلڪه ڪنهن ڪنهن وقت، پنهنجي هٿن سان کارائيندي پياريندي  به هيم. ڪن ڏينهن کان پوءِ ٿورو هوش آيم، ته راڻيءَ جي واتئون هيءَ لفظ ٻڌم ته ”شل خانو خراب ٿئي اُن ظالم جو، جنهن هن ويچاري سان هيڏو ظلم ڪيو آهي. هُو وڏي بت کان به نه ڊنو آهي!“ ڏهن ڏينهن کان پوءِ، عرق جو شربت ۽ معجون جي قوت سان، مون اک کولي. ڏٺم ته اندر جو آکاڙو موجود آهي. پاڻ کي عجيب مهربان ۽ سهڻن ماڻهن، جي وچ ۾ ڏٺم، ۽ ڌڻيءَ جا شڪرانا ڪيم، سيرانديءَ کان راڻيءَ کي  بيٺل ڏٺم  مون ٿڌو ساهه کنيو، چاهيم ٿي ته پاسو ورايان، پر طاقت نه ڀاني، هيءُ حالت ڏسي، بادشاهزادي مهربانيءَ سان پچڻ لڳي ته ”اي عجمي، دلجاءِ ڪر، ۽ ڪو به  ڏک نه ڪر، جيڪڏهن ڪنهن ظالم تنهنجو هي حال ڪيو آهي ته وڏي بت وري مون کي تنهنجي حال تي مهربان ڪيو آهي.“ قسم آهي خدا جو، جو وحده لاشريڪ آهي، مان سندس سهڻي صورت ڏسي بيهوش ٿي ويس. راڻيءَ سهي ڪري ورتو ۽ گلابپاشي کڻي پنهنجي هٿن سان مون تي گلاب جو پاڻي ڇڻڪاريائين. ويهن ڏينهن جي عرصي ۾ زخم ڀَرجي آيا ۽ انگور ڪڍيائون. راڻي هميشھ رات جو، جڏهن ٻيا سمهي پوندا هئا، مون وٽ ايندي هئي، ۽ مون کي کارائي پيئارائي ويندي هئي. آخر چاليهن ڏينهن کان پوءِ، مٿي پاڻي وجهي، آزاد ٿيس. شهزادي ڏاڍي خوش ٿي، ۽ جراح کي دل گهريو انعام ڏيئي رخصت ڏنائين، شهزادي مون وٽ ڏيهاڙي ايندي هئي ۽ ڳالهيون ٻوليون ڪندي هئي. مان به قصا ڪهاڻيون پيو ٻڌائيندو هومانس. هڪڙي ڏينهن مون کان منهنجو احوال پڇيائين. ۽  فرمايائين ته ”تون ڪير آهين؟ هن ملڪ ۾ ڪيئن آئين، ۽ هيءَ حالت تو سان ڪيئن ٿي؟“ مون جڏهن کيس سموري ڳالهه ڪري ٻڌائي، ته سندس اکين مان آب وهي پيو ۽ چيائين ته ”دلجاءِ ڪر. مان تو کي ساهه برابر رکنديس ۽ تنهنجي سنڀال ڪنديس، ايتريقدر جو اڳيان ڏک ۽ درد سڀ تو کان وسري ويندا.“ مون چيومانس ته ”خدا اوهان کي سلامت رکي، جو اوهان مون کي نئين حياتي بخشي آهي. مان هر طرح اوهان جو غلام آهيان، پر اوهان به خدا ڪارڻ مون تي مهربانيءَ جي نظر ڪنديون رهجو.“ مطلب ته راڻيءَ ۽ مون ڪيتريون راتيون انهيءَ ريت وندر ۾ گذاريون. دستور موجب راڻي جڏهن مون وٽ موڪلائي ويندي هئي، تڏهن مان اُٿي هڪ ڪنڊ ۾ ويهي نماز پڙهندو هوس، هڪڙي ڏينهن راڻي پنهنجي والد ڏانهن ڪنهن ڪم لاءِ هلي ويئي. جيئن ته ڪافي دير ٿي ويئي هئي، مان اُٿي  نماز  ۾ مشغول ٿي ويس. اوچتو ئي اوچتو راڻي پنهنجي دائيءَ سان هٿ هٿ ۾ ڏيئي مون وٽ آئي. مون کي پنهنجي جاءِ تي نه ويٺل ڏسي پريشان ٿي ويئي، جاءِ جون ڪنڊون ڪوڇا ڳولڻ لڳي. ڳوليندي ڳوليندي، اُتي آئي، جتي مان پنهنجو فرض ادا  ڪيو. راڻي اڳي ڪنهن کي به ائين ڪندي نه ڏٺو هو، نه ڪي وري ٻڌو هو، سو ماٺ ڪري بيهي نهارڻ لڳي. جڏهن مون نماز پوري ڪئي، هٿ دعا لاءِ کنيم ۽ سجدي ۾ ويس ته بي اختيار ٽهڪ ڏيئي کليائين ۽ چيائين ته شايد، ”هي ماڻهو سودائي ٿي پيو آهي. ڪهڙيون نه عجيب حرڪتون ڪري رهيوآهي!“

          مان کلڻ جو آواز ٻڌي ڊنس. ايتري ۾ راڻي اڳتي وڌي  پڇڻ لڳي ته ”عجمي، تون هيءُ ڇا ڪري رهيو هئين؟“ مان ڪو به جواب نه ڏيئي سگهيس. اُن وقت دائيء چوڻ لڳي ته ”مان قربان ٿيان، مان سمجهان ٿي ته هي ماڻهو مسلمان آهي ۽ بتن کي نه مڃيندڙ آهي. اَڻ ڏٺي خدا جي پوڄا ڪندڙ آهي!“ راڻي هيءُ ٻڌندي ئي هٿ هٿ تي هنيو ۽ سخت ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويئي. چوڻ لڳي ته ”مون کي ته اڳ ۾ ڪا خبر ئي نه هئي ته هيءُ ڪو ترڪ آهي ۽ اسان جي بتن کي نه مڃيندڙ آهي. تڏهن ئي ته اسان جي  بتن جي ڏنل عذاب ۾ ورتل هو. مون هن جي ناحق پرورش ڪئي ۽ پنهنجي گهر ۾ رکيو.“ هوءَ ته ائين چئي ويندي رهي، پر مان  اِهي لفظ ٻڌي بدحواس ٿي ويس. ۽ خيال ڪرڻ لڳس ته الائجي منهنجي مٿان ڪهڙو ويل وهندو. سڄي رات ننڊ نه آئي ۽ صبح تائين بي اختيار روئندو رهيس ۽ ڳوڙهن سان اکيون ڌوئيندو رهيس.

          ٽي ڏينهن ۽  راتيون اِنهيءَ خوف ۽ خطري ۾ گذري ويم، روئندو رهيس ۽ هڪ پلڪ لاءِ اک نه لڳي، ٽين رات راڻي شراب جي نشي ۾ مست ٿي، دائيءَ سان گڏجي منهنجي جاءِ تي آئي. ڪاوڙيل ۽ تيرڪمان هٿ ۾ کنيو، ٻاهر باغ جي پاسي ۾ اَچي بيٺي. دائيءَ کان شراب جو پيالو  گهريائين. اُن کي پي، ۽ گهڙي ترسي، چيائين ته ”هُو عجمي، جو اسان جي وڏي بت جي قهر  ۾ گرفتار آهي، مئو يا اڃا جيئرو آهي؟“ دائيءَ چيس ته ”صدقي وڃان، اَڃان ڪجهه ساهه باقي اٿس.“ چوڻ لڳي ته ”هو هاڻي اسان جي نظر کان ڪري پيو آهي، پر چوينس ته  ٻاهر اچي.“ دائيءَ مون کي سڏ ڪيو، ۽ مان ڊوڙي ٻاهر آيس. ڏٺم ته راڻيءَ جو چهرو غصي کان تپي لعل ٿي ويو آهي. ڏسندي منهنجو ساهه ئي سڪي ويو، نوڙت سان سلام ڪيم ۽ هٿ ٻڌي ادب سان بيهي رهيس. مون ڏانهن ڪاوڙ جي نگاهه سان ڏسندي چيائين ته ”جيڪڏهن هن ڌرم جي دشمن کي هن تير سان ماريان، ته ڇا وڏو بت منهنجي گناهه کي معاف ڪندو؟مون کان هي وڏو  گناهه ٿيو آهي، جو مون هن کي پنهنجي گهر ۾ رکيو ۽ سندس خاطر داري ڪئي.“

          ”دائيءَ چيس ته ”شهزادي، تنهنجو ته ڪو به گناهه نه آهي؟ اوهان ڄاڻي واڻي هن کي دشمن سمجهي پاڻ وٽ ته نه رکيو هو. اوهان کي هن تي ترس آيو. اوهان کي نيڪيءَ جو بدلو نيڪي ملندي، ۽ هيءُ پنهنجي بديءَ جو بهرو وڏي بت کان وٺي رهيو آهي.“ هي ٻڌي، چيائين ته ”ويهي رهه!“ مان ويهي رهيس. راڻيءَ وري هڪ ٻيو به شراب جو پيالو پيتو، ۽ دائيءَ کي چيائين ته ”هن ڪمبخت کي به هڪ پيالو ڏي ته مرڻ  ۾ سولائي ٿئيس.“ دائيءَ مون کي شراب جو پيالو ڀري ڏنو، ۽ مان به وٺي سمورو پي ويس ۽ کيس سلام ڪيم. پر راڻيءَ مون ڏانهن نهاريو ئي ڪين. اُن هوندي به هوءَ ڪڏهن ڪڏهن نظر هيٺ هوندي به ڏسڻ لڳي. جڏهن مون کي به چڱيءَ ريت نشي جو خمار چڙهي ويو، تڏهن شعر پڙهڻ شروع ڪيم. اُنهن مان هڪ هيءُ هو ته:

پائي ڪانُ ڪمان ۾، ميان مار مَ مون، مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي توکي لڳي!

          هي ٻڌي مش ڪي ۽ دائيءَ کي ڏسي چيائين ته ”ڇا توکي ننڊ ته نه ٿي اَچي؟“  دائيءَ، راڻيءَ جي خيال کي پرکي چيو ته ”هائو  سائڻ، مون کي ننڊ جا جهوٽا ٿا اچن.“ هوءَ ته موڪلائي وڃي دوزخ ۾ پهتي. ٿوريءَ ويرم رکي شهزاديءَ مون کان شراب جو پيالو گهريو. مان هڪدم تيار ڪري با ادب سندس اڳيان اچي رکيو، جو وٺي، پي ويئي. ان وقت مان سندس قدمن تي ڪري پيس. راڻيءَ مون کي پنهنجي هٿن سان پنهنجي پيرن کان پري ڪيو ۽ چوڻ لڳي ته ”اي بيوقوف اسان جي وڏي بت ۾ ڪهڙو عَيب آهي، جو اَڻ ڏٺي خدا جي عبادت ٿو ڪرين.“ مون عرض ڪيس ته”مهرباني ڪري ٿورو نياءُ ڪر، بندگي جي لائق اُهو خدا آهي، جنهن هي سارو جهان ۽ اوهان جهڙيون سهڻيون زالون پيدا ڪيون آهن، جن تي هزارين ماڻهو موهت آهن. بت ته پٿر مان تيار ٿيل آهن. اي، راڻي، ٺاهيندڙ ۽ ٺهيل جي وچ ۾ ضرور فرق هئڻ کپي. اسان انهيءَ پروردگار کي مڃون ٿا، جنهن اسان کي خلقيو آهي، هن جي لاءِ دوزخ ۽ اسان جي واسطي بهشت بڻايو آهي، جيڪڏهن بادشاهزادي اُن تي ايمان آڻي ته وڏو مزو ماڻي. حق ۽ باطل ۾ فرق ڪريو ۽ پنهنجي اعتقاد کي غلط سمجهو.“

          نيٺ اهڙيون نصيحتون ٻڌي اُن سنگدل جي دل  نرم ٿي. خدا جي فضل سان سندس دل ميڻ وانگر ڪئنري ٿي ۽ روئڻ لڳي. چيائين ته ”سچ ٿو چوين ۽ مون کي پنهنجو دين سيکار.، مون ڪلمو پڙهايس ۽ صدق دل سان هن پڙهيو. اڳين گناهن کان توبهه ڪيائين، پوءِ چوڻ لڳي ته ”مون ته تنهنجو دين قبول ڪيو پر ماءُ پيءُ جو ڪهڙو علاج ڪريان.، مون چيس ته، ”تنهنجو ڇا وڃي، جيڪو، جو ڪجهه ڪندو سو پائيندو. چيائين ته ”مون کي سوٽ سان مڱايو اٿن ۽ هو بت پرست آهي. سڀاڻي خدانخواسته مون سان شادي ڪري ته مان اُن ڪافر سان ڪهڙيءَ ريت گڏ رهي سگهان ٿي.“ مون چيس ته ”تنهنجي ڳالهه برابر آهي، جيئن تنهنجي مرضي هجي اَئين ڪر.“ چيائين ته ”مان هتي نه رهنديس. ڪڏهن نه ڪڏهن نڪري وينديس.“ مون پڇيس ته ”تون ڪيئن نڪري سگهندينءَ ۽ ڪيڏي ويندينءَ؟“ جواب ڏنائين ته ”اول تون مون وٽان وڃ ۽ وڃي مسلمانن جي مهمان سراءِ ۾ رهه. جيئن سڀئي ماڻهو ٻڌن ته تو ۾ گمان نه ٿين. تون اُتي جهازن جي پڇا ۾ رهه. جو جهاز ايران ڏانهن وڃي اُن بابت اچي مون کي خبر ڪر. مان ڏهاڙي تو ڏانهن دائي موڪليندي رهنديس. جڏهن تنهنجو نياپو پهچندو، تڏهن نڪري اينديس ۽ جهاز ۾ سوار ٿي هلنديس ۽ بي دينن کان ڇوٽڪارو لهنديس.“ مون چيس ته ”دائيءَ کي ڇا ڪندين؟“ جواب ڏنائين ته ”اُن جو علاج سولو آهي. زهر جو هڪ پيالو اُن لاءِ ڪافي آهي.“ اُها صلاح پڪي ٿي ۽ مان ڏينهن جو ڪاروان سراءِ ۾ هڪ حجرو مسواڙ تي وٺي رهي پيس. هن جدائيءَ ۾ فقط وصال جي تقاضا ۾ پئي تڳيس. ٻن مهينن کان پوءِ، جڏهن روم، شام۽ اصفحان جا سوداگر اَچي گڏ ٿيا ۽ پاڻيءَ جي رستي هلڻ جو ارادو ڪيائون ته پنهنجو سامان جهاز تي چاڙهڻ لڳا. جيئن ته سراءِ ۾ ساڻن گڏ رهندي واقفيت ٿي ويئي، سو مون کي چوڻ لڳا ته ”ميان تون به اسان سان گڏجي هل. هن ڪفرستان ۾ ڪيستائين رهندين؟“ مان چيومان ته ”مون وٽ ڇا آهي، جو پنهنجي وطن ڏانهن وڃان.“ اهو ئي ته هڪ ٻانهي، هڪ ڪتو ۽ هڪ صندوق، ٻيو ڇا اٿم. جيڪڏهن ٿوري جاءِ ڏيو ۽ اُن جو مول مقرر ڪيو ته مان به اَچي سوار ٿيان.“

          ”سوداگر هڪ ڪوٺي مون کي ڏني ۽ مان اُن جو ڀاڙو ڏيئي ڇڏيو. هتان پَڪ ڪري، بهاني سان دائيءَ جي گهر ويس، چيومانس ته ”امڙ مان پنهنجي وطن وڃي رهيو آهيان ۽ تو کان موڪلائڻ آيو آهيان،  تنهنجي مهربانيءَ سان جيڪڏهن راڻيءَ سان آخري ملاقات ڪري وڃان ته ڪا وڏي ڳالهه ڪين ٿيندي.“ دائيءَ قبول ڪيو. چيومانس ته ”رات جو ايندس ۽ فلاڻي جاءِ تي اَچي ترسندس.“ چيائين ته ”چڱو“. مان سراءِ ۾ آيس، صندوق بسترو کڻي جهاز تي آيس ۽ ملاح کي سپرد ڪري چيم ته ”فجر سان پنهنجي ٻانهيءَ کي وٺي ايندس.“ ملاح چيو ته ”جلد اَچج، صبح سان ئي اسان لنگر کڻنداسون.“ رات جو مان اُن هنڌ، جتي دائيءَ سان ملڻ جو انجام ڪيو هو، اُتي وڃي بيٺس.  اَڌ رات مهل محلات جو دروازو کليو. شهزادي ميرا ڪپڙا ڍڪي، پيتي جواهرن جي کڻي ٻاهر نڪتي ۽ مون سان گڏجي هلي. پرهه ڦٽيءَ جو اَچي جهاز ۾ چڙهياسون. هي وفادار ڪُتو به ساڻ هو. سج اُڀرندي جهاز جو لنگر کنيائون. ايتري ۾ اوچتو ئي اوچتو. بندر کان توب جي ٺڪاءُ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو.سڀ حيران ۽ فڪرمند ٿي ويا.جهاز کي کڻي بيهاريائون ۽ پاڻ ۾ سس ڦس ڪرڻ لڳا ۽ شايد شاهه بندر ڪا دغا ڪندو. آخر توب جي ڇوڙڻ جو ڪو ته سبب هوندو.

          اتفاقاً سڀني سوداگرن وٽ خوبصورت ٻانهيون هيون.شاهه بندر جي خوف کان ته متان اُهي کسي نه وٺي، سڀني ٻانهين کي هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي صندوق ۾ بند ڪري ڇڏيو. ايتري ۾ شاهه بندر، هڪ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي اسان جي جهاز ۾ آيو ۽ چوڻ لڳو ته ”جيڪي به ٻانهيون اوهان وٽ هجن، سي سڀيئي مون کي ڏيو.“ شايد اُن جي اَچڻ جو اِهو سبب هو ته بادشاهه کي دائيءَ جي مرڻ ۽ راڻيءَ جي غائب ٿيڻ جي خبر پئجي چُڪي هئي. غيرت کان هن اُن جو نالو ته نه ورتو مگر شاهه بندر کي حڪم ڪيائين ته ”مان ٻڌو آهي ته عجمي سوداگرن وٽ چڱيون ٻانهيون آهن. سو مان شهزادي جي لاءِ وٺڻ گهران ٿو. تون جهاز کي روڪي، جيتريون به ٻانهيون ان ۾ هجن، حضور ۾ حاضر ڪر، اُنهن کي ڏسي جا پسند ايندي،اُن جي قيمت ڏني ويندي. ٻيءَ  حالت ۾ سڀ موٽايون وينديون.

          بادشاهه جي حڪم سان ئي شاهه بندر جهاز تي آيو هو، منهنجي ويجهو هڪ ٻيو به شخص هو، جنهن وٽ پڻ هڪ خوبصورت ٻانهي صندوق ۾ بند هئي. شاه بندر اُن صندوق تي اَچي ويٺو ۽ ٻانهين کي ڪڍائڻ لڳو. مان خدا جو شڪر ڪيو ته ڪنهن به شاهزاديءَ جي گم ٿيڻ جو ڪو به ذڪر نه ڪيو آهي. مطلب ته جيتريون به ٻانهيون کيس هٿ آيون، ٻيڙي تي موڪليڏنائون. خود شاه بندر جنهن صندوق تي چڙهي ويٺو هو،اُن جي مالڪ کان به کلندي کلندي پڇيائين ته ”تو وٽ به ته ٻانهي هئي“ هن بيوقوف جواب ڏنيس ته ”تنهنجي قدمن جو قسم آهي، جو مان ته اهڙو ڪم ئي نه ڪيو آهي. ”شاهه بندر جي ٻڌي سندس صندوق کي کوليو. اهڙيءَ ريت منهنجي صندوق کولائي ويئي ۽ راڻيءَ کي به پاڻ سان وٺي ويو.ڏاڍي مايوسي ٿي. چوڻ لڳس ته راڻيءَ جي جان ته مفت ۾ ويئي، پر مون سان به الائجي ڇا ٿيندو.

          ”هن ڳڻتيءَ ۾ ٻي هر ڳالهه وسري ويم، سڄو ڏينهن ۽ رات خدا کان دعا گهرندو رهيس.جڏهن صبح ٿيو ته سڀيئي ٻانهيون موٽي آيون، سوداگر خوش ٿيا، مگر راڻي انهن ۾ نه هئي.  مون پڇيو ته ”منهنجي ٻانهي نه آئي؟“ چيائون ته ”اُن بابت اسان کي ڪا به خبر نه آهي. شايد بادشاهه کي پسند آئي هوندي،“ سڀيئي سوداگر مون کي تسلي دلاسو ڏيڻ لڳا ته ”جيڪي ٿيو سو ٿيو. ان جو ڏک نه ڪر. اسان سڀ اُن جي قيمت تو کي  ڀري ٿا ڏيون.“ منهنجا ته حواس ئي ڇڏائجي ويا. مو چيو ته ”هاڻي مان عجم وڃڻ لاءِ تيار نه آهيان.“ سرڪاري ٻيڙي وارن کي چيم ته مون کي به پاڻ سان وٺي هلو ۽ ڪناري تي لاهي ڇڏيو. هُو راضي ٿيا.  مان جهاز تان لهي ٻيڙيءَ ۾ اَچي ويٺس. هي ڪتو به مون سان گڏ هليو آيو.

          ”جڏهن بندر تي پهتس، تڏهن جواهرن جي پيتي جا راڻيءَ آندي هئي، اُن کي پاڻ وٽ رکيم، باقي ٻيو سڀ سامان شاهه بندر جي نوڪرن کي ڏنيم. مان جاسوسيءَ کي لڳي ويس ته من ڪٿان راڻيءَ جي سُڌ پئجي وڃي. پر ڪو به پتو ۽ نشان نه مليو. هڪ رات ڪنهن ريت بادشاهه جي محلات ۾ به ويس، مگر ڪا به خبر نه ملي. اهڙيءَ ريت ڀَريو مهينو گهٽين جي خاڪ ڇاڻيندو رهيس. اُن جي غم ۾ موت کي ويجهو وڃي پهتس.چرين وانگر هيڏانهن هوڏانهن ڦرڻ لڳس. آخر دل ۾ خيال آيم ته شايد شاهه بندرجي گهر ۾ منهنجي شاهزادي هجي.جيڪڏهن اُتي نه آهي ته پوءِ ڪٿي به نه هوندي. اُن ڪري شاهه بندر جي حويلي جي چوڌاري ڦرندو رهيس ته ڪٿان اندر وڃڻ جي واٽ ملي.

          آخر هڪ گَهٽُ نظر آيم، جنهن مان مشڪل سان ماڻهو گذري ٿي سگهيو. سندس منهن تي لوهه جي ڄاري لڳل هئي. آخر سر تان آسرو پلي، ڪپڙا لاهي، اُها لوهي ڄاري وڍي، دريءَ مان لنگهي، غسلخاني جي رستي اندر داخل ٿيس. پاسا ۽ ڪنڊون وٺندو هليس. اوچتو ڪن تي آواز آيم، ڄڻ ته ڪو،ويٺو ڌڻيءَ جي درگاهه ۾ دعا گهري. اڃا اڳڀرو ٿيس ته ڇا ڏسان ته سچ پچ راڻي آهي، جنهن لاءِ مان پيئي رُليس، پر ويٺي زار زار روئي۽ ڌڻيءَ جي در پيئي عرض ڪري. مان ڏسندو ئي وڃي اُن سان گڏيس. اُتي اسان ٻئي بيهوش ٿي وياسون. جڏهن وري هوش  ۾ آياسون تڏهن مون اکيون کولي راڻيءَ کان سڄي حقيقت پڇي. چوڻ لڳي ته ”جڏهن شاهه بندر سڀني  ٻانهين کي ڪناري تي وٺي آيو، مان خدا کان دعا گهرندي رهيس ته منهنجو ڳجهه ظاهر نه ٿئي. مون کي ڪو به نه سڃاڻي، جيئن تنهنجي جان آفت کان بچي وڃي. هو اهڙو ستار آهي جو مون کي ڪنهن به نه سڃاتو شايد شاهه بندر هر هڪ کي خريداري جي نظر سان ڏسندو رهيو. جڏهن منهنجو وارو آيو ته مون کي پسند ڪري، چپ چاپ پنهنجي گهر موڪلي ڏنائين ۽ ٻين کي حضور ۾ پيش ڪيائين. جڏهن منهنجي پيءُ مون کي اُنهن ۾ نه ڏٺو ته سڀني کي موٽائي موڪليائين. هيءُ سڀ کيل منهنجي لاءِ رٿيو ويو هو. هاڻي هيئن هُلايو ويو آهي ته شهزادي سخت بيمار آهي، جيڪڏهن مان ظاهر نه ٿيس ته ڪنهن ڏينهن منهنجي موت کي مشهور ڪيو ويندو، ائين ڪرڻ سان مٿس ڪا به بدنامي نه ايندي. پر هاڻي مان شاهه بندر جي عذاب ۾ مبتلا آهيان، جو هن جي نيت ۾ فتور ٿو نظر اَچي. سدائين مون کي چوي ٿو ته ”مون سان کل ڳالهاءِ.“ جيئن ته مون سان بيحد محبت اٿس، اُن ڪري منهنجي راضپي کي ڏسندو ٿو رَهي. جنهن ڪري چپ ٿيو وڃي. پر آخر هيءَ ڳالهه ڪيستائين هلندي. ان ڪري مان دل ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته جڏهن به هن بدنيتيءَ جو اِرادو ڪيو ته مان پاڻ کي ماري  وجهنديس. مون تنهنجي ملڻ لاءِ ٻي صلاح سوچي آهي. ڇو ته اُن کان سواءِ ٻي ڪا به آجڪائيءَ جي صورت نظر نه اٿي اَچي.

          ”مون عرض ڪيس ته ”فرمايو ته آخر اُها ڪهڙي رت آهي. چوڻ لڳي ته  ”جيڪڏهن تون ڪوشش ۽ محنت ڪندين ته ڪم ٿي سگهي ٿو.“ چيومانس ته ”مان فرمانبردار آهيان. جيڪڏهن حڪم ڪيو ته ٻرندڙ باهه ۾ ٽپي پوان. جيڪڏهن ڏاڪڻ هٿ اچي ته آسمان جا تارا لاهي اَچان، جو به اوهان فرمائيندا، سو پورو ڪندس.“ شهزادي چيو ته ”تون وڏي بتخاني ۾ وڃ. اُتي ماڻهن جي جتين لاهڻ واريءَ جاءِ تي ڪارو کٿو پيو آهي، سو مٿان وجهي ويهي رهه. هيءُ ملڪ جي رسم آهي ته جو ماڻهو مفلس ۽ محتاج هوندو آهي، اُهو جي هي کٿو ويڙهي ويهندو آهي. هتان جا ماڻهو جڏهن بتخاني ۾ ويندا آهن ته  پنهنجي طاقت آهر، اُن کي ڪجهه نه ڪجهه ڏيندا آهن. جڏهن ٻن چئن ڏينهن ۾ چڱو مال گڏ ٿي ويندو آهي ته پنڊت کيس پوشاڪ پهرائي اهو مال ڏيئي ڇڏيندو آهي. هُو شاهوڪار بڻجي ويندو آهي. ڪنهن کي به خبر نه پئجي سگهندي آهي ته هُو ڪير هو؟ تون به وڃي اهو اوني کٿو  ڍڪي ويهه. ڪنهن سان به نه ڳالهائج. ٽن ڏينهن بعد اُتي جا برهمڻ توکي پوشاڪ ۽ مال ڏين ۽ اُٿڻ لاءِ چون، پر تون ڪڏهن به پنهنجي جاءِ نه ڇڏج. پوءِ توکي ڏاڍيون منٿون ميڙون ڪندا.تون کين چئج ته مون کي پيسن جي ڪا به  گهرج نه آهي. نڪي بکيو آهي نڪي ڏکيو، مون سان ظلم ٿيو آهي، اُن جو داد وٺڻ آيو آهيان. جيڪڏهن برهمڻن جي ماتا، منهنجو داد ڪري ته واهه نه ته، وڏو بت منهنجو پاڻيهي انصاف ڪندو، جيستائين برهمڻن جي ماتا تو وٽ نه اچي، تو کي کڻي هزار سمجهائين، تون راضي نه ٿج. آخر لاچار ٿي، هوءَ تو وٽ ايندي. هوءَ پوڙهي آهي، سندس عمر ٻه سؤ چاليهه ورهيه آهي. سندس ڄڻيل چٽيهه پٽ هن بتخاني جا سردار آهن ۽ سندس وڏي بت وٽ وڏو مان آهي. اُن ڪري سندس حڪم هر جاءِ تي ٿو هلي.هن ملڪ جا  ننڍا وڏا، سندس  آگيا کي سعادت سمجهن ٿا.هوءَ جو ڪجهه چوندي آهي، اُن کي اکيون ٻوٽي مڃيندا آهن.ان جي دامن کي جهلي چئجانءِ ته ”اي مائي، جيڪڏهن مان مظلوم مسافر جو انصاف نه ڪندينءَ ته مان وڏي بت جي خذمت ۾ وڃي دانهون ۽ آهون ڪندس. آخر هو رحم کائي، تو کي منهنجي ضرور سفارش ڪندو.“

          ”اُن کان پوءِ، جڏهن برهمڻن جي ماتا،ا تو کان احوال پڇي ته چئجانس ته ”مان عجم جو رهڻ وارو  آهيان. توهان جي عدالت  ۽ وڏي بت جي ساراهه ٻڌي هتي آيو هوس. ڳچ وقت هن ملڪ ۾ سک ۽ سانت ۾ گذاريم، منهنجي گهر واري به مون سان گڏ آئي هئي، خبر نه آهي ته شاهه بندر اُن کي ڪيئن ڏسي ورتو ۽ مون کان  زبردستي کسي هليو ويو. مون  سان هي ظلم ٿيو آهي ۽ هن ظلم جي سبب مان پنهنجو کاڌو پيتو به ڇڏي ڏنو آهي. هاڻي بيوس ٿي هت آيو آهيان. ڏسان ته تون منهنجو ڪهڙو انصاف ٿي ڪرين؟“

          ”جڏهن راڻي مون کي اِهو سڀ ڪجهه سيکاري پڪو ڪيو، تڏهن کانئس موڪلائي ساڳيءَ دريءَ کان ٻاهر نڪري آيس ۽ لوهه واري ڄاري ساڳيءَ جاءِ تياٽڪائي ڇڏيم. غم ۽ درد  دور ڪري سرهائيءَ سان موٽيس. ٻئي ڏينهن اُن بتخاني ۾ ڪارو کٿو ڍڪي ويٺس. ٽن ڏينهن ۾ مون وٽ خيراتي پيسا، رپيا، اشرفيون ۽ ڪپڙن جا ڍير لڳي ويا. برهمڻ مون وٽ عمدا ويس ۽ وڳا کڻي آيا، پر مون قبول نه ڪيا ۽ وڏي بت جو نالو وٺي فرياد  شروع ڪيم، چيومان ته مان پنڻ ڪو نه آيو آهيان، بلڪه انصاف لاءِ برهمڻن جي ماتا ۽ وڏي بت وٽ آيو آهيان. هُو هي جواب ٻڌي. ڊوڙي اُن برهمڻيءَ ڏي ويا ۽ کيس منهنجو احوال  بيان  ڪيائون. اُن کان پوءِ هڪ ساڌو آيو ۽ مون کي چيائين ته ”هل جو تو کي، ماتا گهرايو آهي.“ مان اُهو ئي کٿو مٿي کان وٺي پيرن تائين ويڙهي، اوڏانهن ويس. ڇا ڏسان ته هڪ جڙاءُ ٿيل تخت، جنهن تي لعل، الماس ۽ موتي ٽڪيل هئا، تنهن تي وڏو بت رکيل آهي ۽ ان جي ڀرسان هڪ سوني ڪرسي رکيل آهي، جنهن تي هڪ پوڙهي ڪارا ڪپڙا پهريو  ٽيڪ ڏنيون ويٺي آهي ۽ ٻه ڇوڪرا ڏهن ٻارهن ورهين جي عمر جا، هڪ کٻي ۽ ٻيو  سڄي کان وڏي شان ۽ شوڪت سان ويٺا آهن. مون کي اڳڀرو اچڻ لاءِ چيائون. مان ادب سان اڳتي وڌيس ۽  سندس مسند جي پائي کي چمي ڏنم ۽ سندس دامن کي ورتم. هن  مون کان احوال پڇيو ۽ مان اهڙيءَ ريت، جيئن راڻي سيکاريو هو. سڀ بيان ڪيم.

          ”هي ٻڌي چيائين ته“ ڇا مسلمان پنهنجي زالن کي پردي ۾ رکندا آهن؟“ مون چيومانس ته ”هائو، تنهنجي ٻچڙن جو خير ٿئي، اسان وٽ اهو رواج نهايت پراڻو آهي.“ چيائين ته ”تنهنجو مذهب نهايت عمدو آهي. مان هاڻي جو هاڻي حڪم ٿي ڪريان ته شاهه بندر تنهنجي زال سميت هت اچي حاضر ٿئي ۽  اُن نامرد کي اهڙي سزا ملندي جو وري ٻيهر ڪو اهڙو ڪم نه ڪندو. جيئن سڀني جا ڪن کڙا ٿين ۽ دڄن.“ پنهنجن ماڻهن کان پڇڻ لڳي ته ”اهو شاهه بندر ڪير آهي؟ هن کي ايڏي مجال ٿي آهي. جو پرائي شرم ۾ هٿ ٿو وجهي.“  ماڻهن چيس ته ”هو فلاڻو شخص آهي.“هيءُ ٻڌي پوءِ انهن ٻن ڇوڪرن کي چيائين ته ”جلدي هن سان بادشاهه وٽ وڃو ۽ چئوس ته ماتا چوي ٿي ته وڏي بت جو هيءُ حڪم آهي ته شاهه بندر ماڻهن سان ظلم ٿو ڪري، هن غريب جي زال کسي ورتي اٿس. هُن وڏو گناهه ڪيو آهي، جلدي ان گمراهه جي مال ملڪيت کي نيلام  ڪري، هن مسلمان کي ڏيو، جو اسان کي نهايت پيارو آهي. جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته اڄ رات تنهنجي ستياناس ٿي ويندي ۽ اسان جي غضب هيٺ ايندين.“ هُو ٻيئي ڇوڪرا اُٿي ڪچهريءَ کان ٻاهر نڪتا ۽ سوار ٿيا.سڀ ساڌو سنک وڄائيندا ۽ آرٿي ڳائيندا، ساڻن گڏ هليا.

          ”مطلب ته اُتان جا ننڍا وڏا، جتي اُنهن ڇوڪرن جا پير ٿي پيا، اُتان جي مٽي کڻي تبرڪ وانگر تي سانڍيائون ۽ اکين سان ٿي لاٿائون. اِهڙيءَ ريت هو بادشاهي قلعي تائين ويا. جڏهن بادشاهه کي خبر پيئي ته اُگهاڙي پيرين پيشوائيءَ لاءِ آيو ۽ وڏي مان مهت سان کين وٺي، آڻي تخت تي ويهاريائين ۽ پڇيائين ته ”اڄ تشريف وٺي اَچڻ جو ڪهڙو سبب  بڻيو آهي؟“ ٻنهي برهمڻ زادن ماءُ جي طرفان، جو ڪجهه ٻڌي آيا هئا، چيائون ۽ وڏي بت جي ناراضپي کان کيس ڊيڄاريائون.

          ”بادشاهه ٻڌندي ئي فرمايو ته ”حاضر!“ پنهنجي نوڪر کي حڪم ڏنائين ته ”هاڻي  شاهه بندر کي اُن عورت سميت حاضر ڪيو وڃي ته مان اُن جي گناهه کي معلوم ڪري، سزاڏيان.“ هي ٻڌندي مان گهٻرائجي ويس. دل ۾ چيم ته ”هيءَ ڳالهه چڱي نه ٿي. جيڪڏهن شاهه بندر سان  راڻي گڏجي آئي ته سڄو ڦاٽ ڦاٽي پوندو.“ ڊچي، خدا جي طرف رجوع ٿيس. منهنجي منهن جو پنو ئي ڦٽي ويو. سائو زرد ٿي ويس ۽ اَچي ڏڪڻيءَ ورتم. اُنهن نينگرن منهنجو هي حال ڏسي ورتو. سمجهيائون ته هي حڪم منهنجي مرضيءَ جي خلاف آهي، تنهن تي بادشاهه تي ڪاوڙجي اُٿي کڙا ٿيا. چيائونس ته ”اي خود مطلبي، تون مستيءَ ۾ آهين ڇا؟ تو اسان جي وچن کي ڪوڙو سمجهين، هن کي گهرائي جاچ ٿو ڪرين؟“ ايتري چوڻ سان بادشاهه جو ساهه ئي سُڪي ويو. ڄڻ ته مري ويو. هٿ ٻڌي ادب سان بيهي رهيو. مٿي کان وٺي پيرن تائين ڏڪي ويو. پيرين پئي، پرچائڻ لڳن. پر ٻيئي ڄڻا ڪين ويٺا ۽ بيٺا ئي رهيا. جيڪي امير وزير حاضر هئا، سي سڀ گڏجي شاهه بندر جي گلا ڪرڻ لڳا ته ”هُو بيشڪ حرامدزادو پاپي آهي. هُو اهڙيون حرڪتون ڪندو آهي، جن جو دربار ۾ ذڪر ڪرڻ مناسب نه آهي. جو ڪجهه ماتا چوائي موڪليو آهي، سو سڀ سچ آهي. “ بادشاهه سڀني جي زبان مان هڪ ڳالهه  ٻڌي نهايت ڦڪو ٿيو. يڪدم سروپاءِ مون کي ڏيئي، حڪم نامو پنهنجي هٿ سان لکي، اُن تي مهر هڻي، منهنجي حوالي ڪيائين، ۽ هڪ خط برهمڻن جي ماءُ ڏانهن به لکيائين. جواهرن ۽ اشرفين جا ٿالهه نينگرن جي روبرو نذرانو رکيائين. مان بيحد خوشيءَ ۾ بتخاني ۾ آيس.

          ”بادشاهه جو خط لکيو. اُن جو مضمون هي هو ته ”بندگيءَ ۽ عاجزيءَ بعد عرض ته حضور جي حڪم موجب هن مسلمان کي شاهه بندر جي جاءِ تي رکيوسون ۽ سروپاءِ ڏنيسين. هاڻي هيءُ جي مارڻ ۽ ڇڏڻ لاءِ وس وارو آهي. هُن جو سمورو مال ۽ املاڪ هن ترڪ کي بخشيم. جيئن وڻيس تيئن ڪري. مون کان جو گناهه ٿيو آهي، اُن لاءِ معافي ملي.“برهمڻن جي ماتا خوش ٿي فرمايو ته ”نوبتخاني ۾ نوبت وڄايو!“ پوءِ پنج سو هٿيارن سان سوار مون کي مليا، جن کي حڪم مليو ته ”شاهه بندر کي قيد ڪري هن جي حوالي ڪريو، پوءِ جيئن کيس وڻي تيئن ڪري. خبردار! ڪو به هن جي گهر نه گهڙي. هُن جو سمورو مال متاع هن جي حوالي ڪيو وڃي. جڏهن خوشيءَ سان اوهان کي موڪل ڏيئي ته سندس رسيد وٺي اچجو.“

          ”جڏهن شاهه بندر کي هيءَ خبر پيئي، تڏهن  هُو ڏاڍو ڊنو. برهمڻن جو لشڪر ۽ مان به مٿانئس وڃي ڪڙڪياسين. ڪاوڙ ته مون کي ڏاڍي هئي سو پهچنديئي اهڙي ترار هنئيمانس، جو سندس سر وڃي پري پيو. سندس گماشتن ۽ خزانچيءَ کي پڪڙائي، سڀ   دفتر ڦاڙائي ڇڏيم. پوءِ گهر ۾ گهڙي ويس. شهزاديءَ سان مليس ۽ گهڻيءَ سڪ مان ڳلي لڳي رنس. ڌڻيءَ جو شڪرانو بجا آندوسون. پوءِ ٻاهر گاديءَ تي ويهي نوڪرن کي سروپائون ڏنيم. غلامن کي بخششون ڏنيم. اُهي سوار،جي مون سان مدد لاءِ آيا هئا، تن کي انعام اڪرام ڏيئي روانو ڪيم. قيمتي جواهر، ريشمي ٿانوَ، ٻيا ولايتن جا تحفا ۽ روڪڙ بادشاهه جي لاءِ نذرانو موڪليم. هر هڪ امير، سردار ۽ ڪوٽوال جي خوشامد بجا آنديم. ٻين برهمڻن ۽ فقيرن کي گهڻي خيرات ڏنيم. هڪ هفتي بعد بتخاني ۾ ويس ۽ ماتا جي سامهون سوين ٿان، ريشم جا ڪپڙا، ڪيمخواب جا ٿان، جواهرن سان گڏ، ارداس رکيم. ٿورن ڏينهن کان پوءِ بادشاهه جي دربار ۾ وڃي حاضر ٿيس ۽ پنهنجي مرتبي آهر نذرانو ڏنم، جيڪي ظلمجهڙا ڪم شاهه بندر ڪيا هئا، سي بند ڪرڻ لاءِ کيس عرض ڪيم، جنهن ڪري دربار جا ماڻهو مون تي بيحد خوش ٿيا. موڪلائڻ وقت بادشاهه مون کي سروپاءِ،جاگير ۽ گهوڙو عنايت ڪيو. مطلب ته مان نهايت سکيو ۽ آسودو ٿيس. پوءِ شهزاديءَ سان نڪاح وجهي گهر آباد ڪيم. منهنجي عدل ۽ انصاف ۽ چڱيءَ هلت کان سوداگر راضي ۽ خوش ٿي رهيا. مهيني ۾ هڪ ڀيرو بتخاني ۾ ۽ هڪ دفعو بادشاهه جي ڪچهريءَ ۾ ويندو هوس. بادشاه ڏيهاڙي منهنجي عزت زياده ڪندو ويو. نيٺ پنهنجي خاص ماڻهن ۾ داخل ڪيائين ۽ منهنجي صلاح ڌاران ڪو به ڪم نه ٿي ڪيائين. هاڻي بي فڪر ٿي گذارڻ لڳس. مگر خدا ڄاڻي ٿو ته اڪثر مون کي اُنهن ٻن ڀائرن جي ڳڻتي پيئي کائيندي هئي ته هُو ڪٿي آهن ۽ الائجي ڪهڙي حال ۾ آهن. اهڙيءَ ريت ٻه سال گذري ويا. هڪ ڏينهن اوچتو زيرباد جي ملڪ جي سوداگرن جو هڪ قافلو اُن بندر ۾ آيو. هنن جو ارادو هو ته پاڻيءَ جي رستي عجم ڏانهن وڃن. هتي هي قاعدو هو ته جو قافلو  ايندو هو. اُن جو سردار، سوکڙيون ۽ تحفا هر هڪ ملڪ جا منهنجي لاءِ نذراني جي لاءِ آڻيندو هو. مان وري ٻئي ڏينهن اُنهن جي مڪان تي ويندو هوس، جتي اُنهن کان مال جو محصول وٺي، کين  رواني ٿيڻ جو پروانو  ڏيندو هوس. اهڙيءَ ريت زيرباد جا سوداگر به منهنجي ملڻ لاءِ آيا ۽ قيمتي نذرانا پاڻ سان کڻي آيا. ٻئي ڏينهن مان اُنهن جي تنبوءَ ۾ ويس، ڇا ڏسان ته ٻه ماڻهو ڦاٽل ۽ پراڻن ڪپڙن ۾ منهنجي سامهون سامان جون ٻه ڳٺريون کڻي آيا، جڏهن مون اُهو سامان ڏٺو، ته هُو وري اُنهن کي موٽائي ويا ۽ وري ٻيو سامان کڻي آيا، نهايت ڏکيو پورهيو ٿي ڪيائون.

          ”جڏهن مون اُنهن کي چتائي ڏٺو، ته هُو ٻيئي منهنجا ڀائر نڪتا! اُن وقت منهنجي غيرت ۽ حميت نه گهريو ته مان انهن کي هيئن مزدوري ڪندو ڏسان. جڏهن پنهنجي گهر موٽڻ لڳس، ته ماڻهن کي چيم ته ”هنن ٻن ماڻهن کي به وٺندا اچجو.“ هُو هنن کي پاڻ سان وٺي آيا. مون کين وري به نئين پوشاڪ پهرائي، پاڻ وٽ رکيو. پر هنن احسان فراموش انسانن وري منهنجي مارڻ جو منصوبو رٿيو. هڪ ڏينهن اڌ رات جي وقت، سڀني کي غافل ڏسي، چورن وانگر منهنجي سيرانديءَ وٽ اَچي پهتا. مون اڳ ۾ ئي پنهنجي دروازي تي چوڪيدارن کي مقرر ڪري ڇڏيو هو، هي وفادار ڪُتو منهنجي پلنگ جي هيٺان سمهيل هو. جيئن ئي هنن تلوارون مياڻ کان ٻاهر ڪڍيون، ڪتي ڀُونڪي مٿن حملو ڪيو. اُن  آواز تي سڀ جاڳي پيا. چوڪيدارن هن کي پڪڙي ورتو، معلوم ٿيو ته هي پاڻ آهن! سڀ کين ڦٽ لعنت ڪري رهيا هئا ته  ”ايتري مهربانيءَ کان پوءِ، به هن حرڪت جو ڪهڙو سبب هو؟“

          ”بادشاهه سلامت، هي حال ڏسي مان ڊنس. پهاڪو آهي ته ”جو آزمائي کي آزمائي سو نيٺ خطا کائي.“ خيال ڪيم ته جي هنن کي بندر کان پري بنديخاني ۾ رکندس. ته ڪير هنن جي سار سنڀال لهندو! بک ۽ اُڃ ۾ مري ويندا. يا وري آجا ٿي ڪو خُلم ٻاريندا. تنهن ڪري پڃرا ٺهرائي، کين اُنهن ۾ بند رکيو اٿم، ته منهنجي نظر هيٺ رهن. هن ڪتي جي عزت آبرو سندس نمڪ حلال ۽ وفادريءَ جي سببان آهي. بيوفا  ۽ کوٽي انسان کان وفادر ۽ احسان مند حيوان به ڀلو آهي. اي بادشاهه سلامت، منهنجي حقيقت ۽ سرگذشت اها ئي آهي، جا حضور ۾ عرض رکي اٿم. هاڻي سائين جن جي اختيار آهي ته مارايو  خواهه بخشيو. جيڪو به سائين جن جو حڪم ٿئي، مان حاضر آهيان.“

          اي فقيرو! مان اها ڳالهه ٻڌي، اُن ايماندار شخص کي آفرين ڪئي ۽ چيومانس ته ”تنهنجي شرافت ۾ ڪو به شڪ نه آهي، بيشڪ هي حرامزادا بي حياءُ آهن. سچ آهي ته ڪُتي جي پڇ کي ٻارهن ورهيه نڙ ۾ وڌو ويو، پر جڏهن ڪڍيائون ته اُهو ئي ڏنگي جو ڏنگو.، اُن کان پوءِ مان خواجي سگ پرست کان اُنهن لعلن جي هٿ اَچڻ جي حقيقت پڇي، جي ڪتي جي ڳچيءَ جي پٽي ۾ پيل هئا. هُن جواهريءَ عرض ڪيو ته ”حضور جي عمر دراز هجي، انهيءَ شهر جي بندر تي، جا مون کي جاءِ مليل هئي، هڪ ڏينهن ان جي مان ڪوٺي تي چڙهي ويس، جو گهڻو بلند هو. درياهه ۽ ميدان جي سير ۽ تماشي ۾ ويهي رهيس. چوڌاري ٿي ڏٺم، اوچتو جهنگ جي طرف کان، جتي ڪو رستو ئي ڪو نه هو، ٻن ماڻهن کي ايندو  ڏٺم. دوربين  کڻي نهاريم ته عجيب قسم جا انسان ٿي نظر آيا. چوبدارن کي اُنهن جي وٺي اچڻ لاءِ ڊوڙايم.

          ”جڏهن هو مون وٽ آيا، ته ڏٺم ته اُنهن مان هڪ مرد آهي ۽ ٻي عورت. مون هڪدم عورت کي ته پنهنجي حويليءَ ۾ موڪليو، ۽ مڙس کي پاڻ وٽ ويهاريم، جو ويهن ٻاويهين ورهين جو نظر ٿي آيو ۽ ڳڀرو ٿي ڏٺو. اُس جي گرميءَ ڪري، اُن جي شڪل اهڙي ته ٿي ويئي هئي، ڄڻ ته ڪاريءَ مس جو ٽڪر آهي. ننهن تمام وڌي جانورن جهڙا ٿي ويا هئس. هن سان گڏ سندن هڪڙو نينگر چئن ورهين جو به هو، جو تنجڻن ۾ ٻڌل، ڳچيءَ ۾  پٺئين پاسي پئي لڙڪيس. مون هن جو اهڙو حال ڏسي، کانئس پڇيو ته ”اي نوجوان خبر ڏي ته تون ڪير آهين؟ ۽ ڪٿان ٿو اچين؟ ۽ تو پنهنجو حال هيئن ڇو بڻايو آهي؟“ هيءُ ٻڌي هو ويچارو روئڻ لڳو. ڪمر مان پٽو  ڇوڙي، منهنجي اڳيان رکي، چيائين ته ”خدا لڳ مون کي ڪي کاراءِ، جو بکايل آهيان ۽ سواءِ گاهه ۽ پنن  جو ٻيو ڪي به کاڌي لاءِ نه مليو اٿم. اُن ڪري مون کي رتيءَ جيتري به سگهه  ڪا نه آهي، جو ڪجهه ڳالهائي سگهان.“مون اوڏيءَ مهل شربت حلوو ۽ ماني کيس گهرائي ڏنو، جي کائڻ پيئڻ لڳو. انهيءَ وچ ۾ هڪڙو نوڪر سندس زال وٽان ڪيتريون ئي ڳوٿريون کڻي مون وٽ آيو. اُهي ۽ اُن جوان وارو پٽو سڀ کولي ڏٺم ته ڇا ڏسان ته اُنهن ۾ هر طرح جا عجيب عجيب جواهر آهن! اهڙا عجيب جواهر، جو اُنهن مان هڪڙو هڪڙو چڱيءَ بادشاهت جي ڍل جو مَٽ ٿي سگهي. وري اُتي تور ۽ رنگ ۾ هڪٻئي کان ڪثر ٿي نظر آيا. اُنهن جي تجليءَ کان سڄي جاءِ رنگين ۽ روشن ٿي ويئي. جڏهن هو کائي پي خوش ٿيو ۽ ساهه کڻن جهڙو ٿيو، تڏهن پڇيومانس ته ”هاڻي پنهنجي خبر ٻڌاءِ. هيءَ به حقيقت ڏي ته هي پهڻ جا ٽڪرا اصل تو کي ڪٿان هٿ آيا؟“ جواب ڏنائين ته ”منهنجي پيدائش جو ملڪ آذربائيجان آهي. ننڍي هوندي ئي مان پيءُ کان ڌار ٿيس. ڪيترا ڏک ڏاکڙا ڏٺا اٿم، ڪيترا ڀيرا موت جي چنبي مان بچيو آهيان ۽ ڪيترو وقت جيئري قبر ۾ داخل ٿيو آهيان. ” تڏهن  مون چيومانس ته پنهنجو سڄو احوال تفصيل  سان ٻڌاءِ، ته ڪجهه معلوم ٿئي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org