سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: چار درويش

امام بخش خادم

صفحو :14

      

قصو آذربائيجان ملڪ جي سوداگر زادي جو

        ”تننهن تي چوڻ لڳو ته ”منهنجو پيءُ سوداگريءَ جو ڌنڌو ڪندو هو، هميشھ هندستان، روم چين، خطان ۽ فرنگ جو سفر ڪندو  رهندو هو. جڏهن مان ڏهن ورهين جو ٿيس ته منهنجو پيءُ هندستان ڏانهن ويو. مون کي به پاڻ سان وٺي وڃڻ گهريائين. منهنجي والده، ماسي، مامي ۽ پڦيءَ کيس گهڻو ئي چيو ته هي ٻار اڃا سفر جي لائق نه آهي. پر منهنجي والد نه مڃيو ۽ چيائين ته ”مان پوڙهو آهيان. جيڪڏهن هُن منهنجي سامهون تربيت نه ورتي، ته مان اهو ارمان قبر ۾ کڻي ويندس. مڙس جو ٻار آهي، جيڪڏهن هاڻي نه سکيو ته ڪڏهن سکندو؟ جيئن ته چيو اٿن ته ”پڪي گَهڙي ڪُنا ڪين پوندا آهن.“ اِئين چئي، خواهه مخواهه مون کي پاڻ سان وٺي ويو. مسافريون ڪندي ڪندي اسان سک سلامتيءَ سان وڃي هندستان پهتاسين. اُتي مال وڪڻي ۽ ڪجهه خريد ڪري، زير باد جي ملڪ ڏي وياسون. هيءُ سفر به آرام سان گذريو. اُتي سودو سامان وڪڻي، ڳوٺ موٽڻ جو خيال ڪري، ڌڻيءَ جي آسري جهاز ۾ سوار ٿياسون. مهينو ساندهه خير سان سمنڊ ۾ سفر ڪيوسون، هڪ ڏينهن اوچتو ئي اوچتو سخت طوفان ڇُٽڪيو. مينهن چوي ته اڄ نه وَسان ته ڪڏهن وسان. اُن اوندهه اَنڌوڪار ۾ هٿ هٿ کي ڏسي نه ٿي سگهيو. آسمان ۽ سمنڊ ڄڻ ته ٻيئي هڪ ٿي ويا. جهاز جون واڳون ۽ نوڙيون ڇڄي پيون. سڙهه ۽ سُکان ته الائجي ڪاڏي ويا. کوهو ڀڄي پرزا پرزا ٿي پيو. سڀ ميربحر ۽ مسافر مٿو پٽڻ لڳا.سڀ کي اچي پنهنجي سر جي لڳي. اهڙيءَ ريت ڏهه ڏينهن جهاز کي جيڏانهن ٿي وڻيو، تيڏانهن ٿي ڦريو. يارهين ڏينهن جهاز وڃي هڪ جبل سان لڳو ۽ ٽڪر ٽڪر ٿي پيو. تختو نه تختي کي مليو. خبر نه پئي ته پيءُ، نوڪر، چاڪر۽ سامان ڪاڏي ويو.

        ”مان پاڻ کي هڪ تختي تي ڏٺو. ٽي ڏينهن اُتي به سخت ڇولين ۽ لهرين ۾ پئي هيٺ مٿي ٿيس. چوٿين ڏينهن تختو اچي ڪناري لڳو. پر مون کي پاڻيءَ  ايڏو ته ساڻو ڪري ڇڏيو هو، جو عضوو چوري نه ٿي سگهيس. بدن ۾ طاقت ڪا نه هيم. ساهه جهڙي پياري شيءِ ٻي ڪا نه آهي. لاچار ڌڪا ڌوما کائي، سُري پُري، تختي تان لهي، ريڙهيون ڏيندو، ڪناري تي آيس. پري کان پوک ڏسڻ ۾ آيم. اُتي ڪيترائي ماڻهو گڏ ٿيل ڏٺم. پر اُهي سڀ رنگ جا ڪارا ۽ اُگهاڙا هئا. هُو مون وٽ آيا، مون سان ڪجهه ڳالهايائون، پر مان اُنهن جي ٻولي سمجهي نه سگهيس. اُن ٻنيءَ ۾ چڻا پوکيل هئا، جن کي هنن باهه تي سيڪي ٿي کاڌو. اُنهن جا گهر به پريان ٿي ڏٺا. شايد اُهي اُتي ٿي رهيا ۽ خوراڪ به اِها ئي هئي. اُنهن  مون کي به کائڻ لاءِ اشارو ڪيو. مان به هڪ چڻن جي مُٺ پٽي، سيڪي ۽ ڦڪڻ لڳس. اُن کان پوءِ  پاڻي پي، وڃي ڪنڊ ۾ ويٺس. جتي ننڊ وٺي ويم.

        ”ٿوريءَ دير کان پوءِ، جڏهن جاڳيس، ته انهن مان هڪ مون وٽ آيو ۽ رستو ڏيکارڻ لڳو. مان مُٺ چڻن جي ٻي به پٽي، ۽ اُن رستي ڏانهن هليس. هڪ تونگ ميدان نظر آيم، ڄڻ ته قيامت جي ميدان جو نمونو هو. چڻن کي ڦڪيندو هليو ٿي ويس. چئن ڏينهن جي پنڌ کان پوءِ هڪ قلعو نظر آيم. جڏهن اُن  جي نزديڪ ويس، ته هڪ اوچو ڪوٽ ڏٺم، جو سڄو پٿر جو ٺهيل هو.ايڏو ته  ڊگهو هو، جو اُن جي هر هڪ ڀت ٻه ٻه ڪوهه ڊگهي هئي. سندس دروازو به پٿر مان ٽڪي ٺاهيل هو، جنهن کي قفل لڳل هو. اُتي نه ماڻهوءَ جو نشان هو، نڪي ڪا بستي ٿي نظر آئي.  جڏهن اُتان اڳڀرو  هليس، ته هڪ وڏو دڙو ڏٺم، جنهن جي مٽي ڪاري سُرمي جهڙي هئي، جڏهن ان دڙي کان اُڪري پار ٿيس ته هڪ وڏو شهر نظر آيو، جنهن جي چوڌاري شهر پناهه ۽ جا بجا برج ٿي  نظر آيا. شهر جي هڪڙي پاسي کان درياهه ٿي وهيو. مان اُن جو ڪنارو ڏيئي هليس، ته اَچي دروازي تي بيٺس. ڌڻيءَ جي آسري اندر گهڙي پيس. اُتي ڇا ڏسان ته هڪڙو ماڻهو فرنگين جهڙي پوشاڪ پهريون، ڪرسيءَ تي  چڙهيو ويٺو آهي، تنهن جيئن مون کي پرديسي ۽ مسافر ڏٺو  الله جو نالو وٺندي ڏٺو، ته سڏ ڪري ورتائين، مون وٽس وڃي سلام ڪيو، هن نهايت مهربانيءَ سان جواب ڏنو. جلد ئي ميز تي ماني، مکڻ، ڪڪڙ جو ڪباب ۽ شراب رکي چيائين ته ”پيٽ ڀري کاءُ.“ مون تي جو ڪجهه گذريو هو، کيس ٻڌايم. پوءِ چيائين ته ”هتي ڪيئن آيو آهين؟، مون کيس تنگ ٿي چيو ته ”شايد تون ديوانو ٿو معلوم ٿين. مان ڪيتري وقت کان پوءِ شهر جي صورت ڏٺي آهي. خدا مون کي مس مس هيستائين پهچايو آهي، تون چوين ٿو ته ڪيئن آيو آهين؟“ هي ٻڌي، چوڻ لڳو ته ”هاڻي آرام ڪر، سڀاڻي جو چوڻو هوندو، توکي چوندس.“

        ” صبح جو اُٿيس ته چيائين ته ”ڪوٺيءَ مان ڪوڏر، ڇاڻي ۽ ڳوٿري کڻي اچ.“ مون دل ۾ سوچيو ته شايد ماني ٽڪر کارائي، اُن جو عيوض ٿو وٺي. لاچار اُهي سڀيئي کڻي، سندس اڳيان رکيم. مون کي چيائين ته ”هُن دڙي تي وڃي، هٿ کن زميَن کوٽ. جيڪي نڪري ان کي ڇاڻيءَ ۾ صاف ڪري، هن ڳوٿريءَ ۾ کڻي اچ“ مان سندس چوڻ موجب اوڏانهن ويس. ڏٺم ته سڀيئي عجيب قسم جا رنگا رنگي جواهر آهن، جن جي شعاع کان منهنجيون اکيون بند ٿي ويون. اهڙيءَ ريت ساري ڳوٿري ڀري، وٽس موٽي ويس. پوءِ چيائين ته ”جيڪي به هن ۾ وڌو اٿيئي، سو کڻي هتان جلد نڪري وڃ.“ مون چيس ته ”اي سائين، توهان بيشڪ وڏي ڀلائي ڪئي آهي، جو هي پٿر ٿا ڏيوم. پر هي منهنجي ڪهڙي ڪم جا آهن؟ مون کي بک لڳندي ته هنن کي چٻاڙي ته ڪو نه سگهندس. نه وري انهن سان پيٽ ئي ڀري سگهندس.“ تڏهن هو شخص کلي،چوڻ لڳو ته ”مون کي تنهنجي حال تي بيحد افسوس  ٿو ٿئي.تون شايد عجمي آهين، اُن ڪري تو کي روڪيان ٿو، نه ته ايترو به نه ڪريان ها، هاڻي اڳتي پاڻ ڄاڻ. جيڪڏهن تنهنجي مرضي آهي ته هن شهر ۾ رهين ته هيءَ منڊي منهنجي کنيو وڃ. جڏهن وچ بازار ۾ پهچندين ته توکي اُتي هڪ سفيد ريش ماڻهو ويٺل نظر ايندو. انهيءَ جي شڪل صورت مون وانگر آهي. هُو منهنجو وڏو ڀاءُ ٿئي. اُن کي هيءَ نشاني ڏج ته هو تنهنجي خبر گيري ڪندو. جيڪي هُو چويئي سو ڪم ڪج، نه ته ٻيءَ صورت ۾ مفت مارجي ويندين. ڇو ته منهنجو حڪم رڳو هيستائين آهي، مونکي شهر سان ڪو به واسطو نه آهي.“ مون هن کان منڊي ورتي، ۽ سلام ڪري کانئس موڪلايم. اندر شهر ۾ گهڙيس. ڏاڍو عمدو شهر ڏٺم. گهٽيون ۽ بازار صاف، زالون ۽ مرد بي حجاب خريداريءَ ۾ مشغول هئا. سڀ خوش لباس ٿي ڏٺا. مان سير ڪندو، گهمندو ڦرندو، جڏهن چوواٽيءَ تي جي چونڪ تي پهتس، ڏٺم ته ڄڻ ميلو لڳو پيو هو. ايتري ته پيهه لڳي پيئي هئي، جو جيڪڏهن ٿالهي ڦٽي ڪئي وڃي ته زمين تي نه ڪري. وڃڻ جي واٽ نه ٿي ملي. جڏهن ڪجهه اُهو گوڙ ڍرو ٿيو، تڏهن ڏاڍي ڏکيائيءَ سان  ٻاهر نڪري اڳڀرو ٿيس. مس مس اُن ماڻهوءَ کي ڏٺم. هو هڪ صندليءَ تي ويٺو هو ۽ هڪ جواهرن سان جَڙيل حقو سندس اڳيان رکيو هو. مون  وڃي کيس سلام ڪيو ۽ اُها منڊي ڏني مانس.هن ڏمرجي نظر سان ڏاڍو گهوري ڏٺو ۽ اُمالڪ چيائين ته ”تون هتي ڇو آيو آهين؟ پاڻ کي ناحق ڦاهيءَ ۾ ٿو وجهين! منهنجي بيوقوف ڀاءُ به توکي نه جهليو؟“

        ”مون چيومانس ته  ”هن ته مون کي روڪيو هو، پر مون نه مڃيو.“ پوءِ مان پنهنجي سڄي ڪهاڻي منڍ کان وٺي پڇاڙيءَ تائين کيس ڪري ٻڌائي. پوءِ هو شص اُٿيو ۽ مون کي پنهنجي گهر ڏانهن وٺي هليو.سندس مڪان بادشاهي ڏسڻ ۾ ٿي آيو. گهڻا ئي نوڪر، چاڪر، ٻانها ۽ ٻيلي هئس. جڏهن اندر هلي ويٺوته مون کي چوڻ لڳو  ته ”اي پٽ، تو هيءُ ڪم خراب ڪيو آهي، جو پاڻهي اَچي قبر جي ڪريو آهين. ڪو به ماڻهو بدبختيءَ ۽ نڀاڳ کان هن جادوگر شهر ۾ آيو آهي ته ڏاڍو هلاڪ ٿيو آهي.“ مون چيومانس، ته ”سائين قسمت کڻي هتي آندو اٿم، توهان مهرباني ڪري، هن شهر جي رسم ۽ رواج کان واقف ڪري ڇڏيوم ته مان به ڄاڻان ته اوهان جي ڀاءُ ڇو ٿي مون کي منع ڪئي.“ تڏهن هن نيڪ شخص چيو ته ”هن شهر جو بادشاهه ۽ سڀ امير شيطاني راهه تي بيٺل آهن. سندن مذهب ۽ هلت چلت نهايت عجيب قسم جي آهي. هتي هڪڙو وڏو بت آهي، جنهن جي پيٽ ۾ شيطان ويهي، نالو، ذات ۽ مذهب هر ڪنهن ماڻهوءَ جو ٻڌائيندو آهي. جڏهن ڪو مسافر شهر ۾ ايندو آهي ته بادشاهه کي اُن جي خبر پوندي آهي. هُو اُن کي مندر ۾ وٺي ويندو آهي ۽ کانئس بت کي سجدو ڪرائيندو آهي. جيڪڏهن هُن بت کي سجدو ڪيو ته واهه، نه ته کيس درياهه ۾ ڦٽو  ڪيو ويندو آهي. هُو جيڪڏهن اُتان نڪري ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته سندس شرمگاهه وڌي ويندي آهي ۽ اُن جي بار کان هُو گهمي نه سگهندو آهي. اِهڙي قسم جو طلسم هن شهر ۾ بڻايو ويو آهي. مون کي تنهنجي حالت تي رحم ٿو اَچي، تنهنجي خاطر ڪا صلاح ڪريان ٿو، جيئن ڪجهه ڏينهن ته جيئرو  رهين ۽ هن  عذاب کان ڇٽين“

        ”مون پڇيس ته ”اُها ڪهڙي تجويز آهي؟“ چيائين ته ”وزير جي ڌيءَُ تو کي پرڻائي ايندس.“ چيومانس ته  ”وزير مون جهڙي سڃي ۽ غريب کي پنهنجي ڌيءُ ڪيئن ڏيندو؟ پر جي ڏئي به ته مون کي پنهنجو دين مٽائڻو پوندو، جو مون کان ڪڏهن به نه ٿيندو.“  تڏهن چيائين ته ”هن شهر جي اصل کان رسم آهي ته جيڪو هن بت کي سجدو ڪندو آهي، پوءِ توڙي جو فقير هجي، بادشاهه جي ڌيءَُ گهري ته به کيس ملي. هو اُن کي ڪڏهن به نه ڏکوئين. منهنجو به بادشاهه وٽ مان آهي ۽ مون کي ڏاڍو پيارو گهرندو آهي. اُن ڪري سڀيئي اَمير ۽ اَڪابر مون کي تعظيم ڏيندا آهن. هُو  هفتي ۾ ٻه ڏينهن پاڻ ۾ گڏ ٿيندا آهن، ۽ بتخاني ۾ وينداآهن. مان به ساڻن گڏ هوندو آهيان. اُن موقعي تي مان تو کي اُتي وٺي هلندس.“ ائين چئي، مون کي کارائي پياري سمهاريائين. ٻئي ڏينهن سوير صبح جو مون کي پاڻ ساڻ وٺي، بتخاني ڏي هليو. اُتي وڃي ڏٺم ته ماڻهو عام جام اچن ٿا ۽ پوڄا ڪيو وڃن ٿا.

        ”بادشاهه ۽ اَمير بت جي سامهون، پنڊتن وٽ مٿي اُگهاڙا، گوڏا ڀڃيو ويٺا هئا. ڪنواريون ڇوڪريون ۽  ڇوڪرا، حورن ۽ غلمانن جهڙا، چئن طرفن کان صفون ٻڌي، بيٺا هئا. تڏهن هو شخص مون کي چوڻ لڳو ته ”هاڻي جيئن مان تو کي چوان تيئن ڪر.“ مون قبول ڪري  چيو ته ”جيئن فرمايو.“ هن چيو ته ”پهريائين بادشاه جي هٿن ۽ پيرن کي چمي ڏي ۽ پوءِ وڃي وزير جي دامن کي وٺ.“ مون اِئين ئي ڪيو. بادشاهه پڇيو ته ”هيءُ ڪير آهي، ۽ ڇا چوڻو اٿس؟“ هن شخص جواب ڏنس ته ”هيءُ  منهنجي لاڳاپي ۾  قريبي عزيز آهي. بادشاهه جي قدمبوسيءَ لاءِ پري کان آيو آهي، انهيءَ اُميد سان ته وزير کيس پنهنجي غلاميءَ ۾ وٺي.“ بادشاهه چيو ته ”هي اسان جو ڌرم قبول ڪندو؟“ منهنجي هائو ڪرڻ تي، بتخاني جا نغارا وڄڻ لڳا ۽ قيمتي سروپاءِ مون کي پهرائي ويئي. پوءِ هڪ ڪاري رسي منهنجي ڳچيءَ ۾ وجهي، مون کي بت جي سنگهاسن اڳيان گهليندا وٺي ويا ۽ مون کي سجدو ڪرايائون.

        ”بت کان آواز آيو ته ”اي خواجه زاده، چڱو ٿيو جو تون اسان جي بندگيءَ ۾ آئين، هاڻي اسان جي مهربانيءَ جو اميدوار رهه.“ هي ٻڌي، سڀني سجدوڪيو. جڏهن شام ٿي ته بادشاه ۽ وزير سوار ٿي، وزير جي محلات ۾ پهتا. اُتان جي رسم ۽ رواج موجب وزير پنهنجي ڌيءُ منهنجي حوالي ڪئي. گهڻو ئي ڏاج ۽ ڏيب ڏنائين. اُن کان سواءِ هُو ڏاڍو خوش هو،جو وڏي بت جي حڪم جي پيروي ڪئي هئائين. هڪ گهر به رهڻ لاءِ مليم. اُن نازنين کي جڏهن مون ڏٺو، ته سا کيات پري پيئي معلوم ٿي، کيس شڪل ۽ شباهت ۾ هر طرح درست ڏٺم. صبح سان غسل ڪري، بادشاه جي حضور ۾ حاضر ٿيس. بادشاهه داماديءَ جي سروپاءِ ڏني ۽ حڪم ڪيائين ته ”سدائين دربار ۾ رهندو ڪر.“ ٿورن ڏينهن کان پوءِ بادشاهه جي خاص ماڻهن ۾ ڳڻجڻ لڳس.

        ”بادشاهه منهنجي صحبت کان نهايت خوش هو. اڪثر سروپاءِ  ۽ انعام ڏيندو ٿي رهيو. دنيا جي لحاظ کان مان بيحد شاهوڪار هوس. منهنجي زال وٽ نقد، جنس ۽ جواهر ايترا هئا، جن جو ڳاڻيٽو ٿي نه ٿي سگهيو. ٻن سالن تائين  زندگي نهايت عيش ۽ آرام سان گذري،. اتفاقاً وزير زاديءَ کي  پيٽ ٿيو. آخر ڏينهن پورا ٿيا ۽ پيرين لڳي.دائي ويم تي آئي. پر افسوس جو کيس مُئو پٽ ڄائو. اُن جو اهڙو ته ڪو زهر چڙهي ويس، جو هوءَ پاڻ به مري ويئي. مان سندس غم ۾ چريو ٿي  پيس. اُن جي مٿي کان ويهي روئڻ ۽ پٽڻ لڳس. منهنجي روئڻ جي آواز کي ٻڌي چئن ئي طرفن کان زالون اچڻ لڳيون، جيڪا آئي ٿي، تنهن مون کي ٻه   بُجا منهن ۾ وهائي ٿي ڪڍيا،۽ پوءِ روئڻ پٽڻ ٿي لڳي. زالون ايتريون ته اچي گڏ ٿيون هيون، جو اُنهن کي ڏسي، منهنجو دم ٿي گُهٽيو. ايتري ۾ ڪنهن اچي منهنجي ڪپڙي کي پوئتان ڇڪيو. مون ڏٺو ته اُهو ئي عجمي هو، جنهن منهنجي شادي ڪرائي هئي. چوڻ لڳو ته ”احمق، تون ڇا جي لاءِ ٿو روئين؟“ مون چيومانس ته ”ظالم، تون ٿو چوين ته مان ڇو ٿو روئان؟“ هُو شخص مشڪي چوڻ لڳو ته ”هاڻي تون پنهنجي موت لاءِ روءُ. مون پهريائين توکي چيو هو ته هن شهر ۾ تو کي موت گهلي آيو آهي ۽ ائين ئي ٿيو. هاڻي مرڻ کان  سواءِ ٻيو تنهنجو ڪو به ڇوٽڪارو نظر نه ٿو اچي.“ آخر ماڻهو مون کي گهلي بتخاني ۾ وٺي ويا. ڏٺم ته بادشاهه، امير ۽ سڄي پرجا حاضر آهي. وزير زاديءَ جو سڄو مال متاع ۽ اسباب موجود آهي. جا شيءِ جنهن کي وڻي ٿي، اُن   کنيو ٿي ۽ ان جي قيمت رکندو ٿي ويو. مطلب ته سڄو مال متاع نقديءَ جي صورت ۾ گڏ ٿي ويو، جن روپين مان وري جواهر خريد ڪيا ويا، جن کي هڪ صندوق ۾ رکيو ويو. ٻيءَ صندوق کي مانين، ڪباب ۽ سڪل ۽ آلي ميوي سان ڀريو ويو. منهنجي زال جو لاش وري هڪ ٻئيءَ پيتيءَ ۾ بند ڪيو ويو. اهڙيءَ ريت سڀيئي پيتيون هڪ اُٺ جي مٿان رکي، مون کي به سوار ڪيائون. سڀ ٻانڀڻ ۽ ٻاوا، ڀڄن ڳائيندا ۽ سنک وڄائيندا، اڳيان هلڻ لڳا،جن جي پويان هڪ خلقت هئي، جا مون کي مبارڪون ڏيندي ٿي آئي. اهڙيءَ ريت ،اُنهيءَ ئي دروازي کان ٻاهر نڪتس، جنهن مان پهرئين ڏينهن اندر داخل ٿيو هوس. جيئن ئي اُن نگهبان عجميءَ جي مون تي نظر پيئي ته مون کي چوڻ لڳو ته ”اي ڪمبخت، تو منهنجي چوڻ کي نه ٻڌو ۽ هن شهر ۾ وڃي مفت جان وڃايئي، منهنجو ڪو به ڏوهه نه آهي، ڇو ته مون تو کي چڱيءَ ريت منع ڪئي هئي.“ هن ته ائين چيو، پر مان وائڙو ٿي ويو هوس. نه وري ورنديءَ جي طاقت هيم. سو چيم ٿي ته هاڻي الائجي ڇا ڪندا؟، آخر وٺي اُن قلعي وٽ آيا، جنهن جو دروازو پهرئين ڏينهن ايندي بند ٿيل ڏٺو  هوم، پوءِ ڪيترن ماڻهن گڏجي اُن قلف کي کوليو ۽ سڀيئي صندوقون اندر نيائون. ايتري ۾ هڪڙو پير مرد مون کي سمجهائڻ آيو ته ”ماڻهو هڪڙي ڏينهن دنيا ۾ پيدا ٿيندو آهي  ۽ هڪڙي ڏينهن مرندو آهي. اها دنيا جي کيڏ آهي. هوءَ  تنهنجي گهر واري، چاليهن ڏينهن جو کاڌو مال ملڪيت  موجود اَٿئي. هاڻي اِنهن سان گڏ ڪوٽ ۾ وڃي گذار. مون کي سخت ڪاوڙ آئي  ته اُتان جي رهاڪن جي اهڙي رسم تي لعنت وجهان، ته اُن عجمي مرد، منهنجي بدليل پيشانيءَ کي ڏسي، چيو ته ”خبردار، پاڻ سنڀال! نه ته اِنهيءَ کان به وڌيڪ بڇڙو ٿيندين.خير، جو تنهنجي قسمت ۾ هو. سو ٿيو. هاڻي خدا جي مهربانيءَ ۾ اُميدوار رهه، شايد اُهو تو کي هتان جيئرو ٻاهر ڪڍي.“

        آخر سڀ مون کي اُتي اڪيلو ڇڏي، اُن ڪوٽ کان ٻاهر نڪري ويا ۽ موٽائي ُهو قلف دروازي کي ڏيئي ڇڏيائون. پنهنجي اڪيلائي ڏسي، مون روئيڏنو. جڏهن روئي دل هلڪي ڪيم، تڏهن زال جي لاشي وٽ ويس،چيومانس ته ”اي ڪم  نصيب جيڪڏهن تون نه ڄمين ها ته مان تو سان پرڻجا ئي نه ها ۽ نڪي ههڙن جنجلن ۾ پوان ها!“ آخر ماٺ ڪيم. جڏهن ڏينهن مٿي ٿيو ۽ اُس تَتي، تڏهن مُردن مان اهڙي ته بدبوءِ اُٿي،جو ڄڻ ته ڪا پار مان ميڄالي نڪرڻ جي ٿي ڪئي. انهيءَ بدبوءِ کان اچي نيٺ اهڙو ته ماندو ٿيس، جو سمجهيم ٿي ته اِجهو ٿو مران. جا ڏي به نظر ٿي ويئي، تاڏي مُردن جا ڍير ۽ جواهرن جون پيتيون ٿي نظر آيون، جي پئي ٿي اُس ۾ سڙيون. مان جو اُٿيس، سو سڀيئي پيتيون کڻي هڪٻئي مٿان ڍير ڪيم. اُس جي بچاءُ لاءِ ڄڻ ڀت جوڙيم. ڏينهن تَتي جو اُن جي ڇانوَ ۾ ويهندو هوس. پوءِ پاڻيءَ جي تلاش ڪيم.ڇا ڏسان ته هڪڙو ننڍڙو حوض اُن قلعي جي ڀت جي ڀرسان موجود آهي، جنهن جو منهن دلي وانگر آهي. مون ڪيترا ڏينهن مليل کاڌي ۽ پاڻيءَ تي گذران ڪيو. نيٺ اُهو سڀ کاڌو ختم ٿي ويو، تڏهن اچي غم ورايو. ڌڻيءَ جي درگاهه ۾  دانهن ڪيم ته ”اي منهنجا ڌڻي، تون سدائين مهربان آهين!“ اوچتو هڪڙي ڏينهن دروازو کُليو ۽ مون وانگر هڪ مرد کي لاش سان آندائون.  هُو هڪ پوڙهو مڙس هو. مان اُن مهل لڪي ويهي رهيس. پوءِ جڏهن هن کي سندس زال جي مئل مڙهه سوڌو ڇڏي ويا، تڏهن مان هڪ تختو هٿ ۾ کڻي، اُن پوڙهي وٽ آيس. هُو ويچارو پنهنجي ئي جهوريءَ ۾ گوڏن ۾ ڪنڌ وجهيو ويٺو هو. لڪي پٺيان ڪنڌ وارو اهڙو ته تختو هيومانس جو ميڄالو ٺڪاءُ ڏيئي ٻاهر نڪري پيس.هُو ڪِري پيو ۽ مري ويو. سندس کاڄ واري صندوقڙي کڻي مان کائڻ ويٺس. اِهو قاعدو ڪري ڇڏيم ته جيڪو مردي ساڻ جيئرو ايندو هو، تنهن کي ماري، سندس طعام آڻي، مزي سان کائيندو هوس،۽ اهڙيءَ ريت پيو تڳندو هوس.

        ”هڪ ڀيري هڪ لاش سان هڪ جوان زال آئي. ڏاڍي سهڻي ٿي ڏٺي. اُن تي مون کي رحم آيو. هوءَ حسين عورت مون کي ڏسڻ سان بيهوش ٿي ويئي. مان هن جو کاڌو ته کڻي آيس، پر اُن کان سواءِ مون کان کائڻ نه ٿي اُڄهيو. جڏهن اوچتو بک  ٿي ورايم، تڏهن کاڄ کنيو سندس روبرو ٿي ويس ۽ کيس کائڻ لاءِ ٿي چيم. ٻن ٽن ويلن کان پوءِ هن زال ڏٺو ته هي شخص منهنجو مَٺ گهرو نه آهي، پر همدرد آهي، تڏهن هوريان هوريان اُن جي دل مان ڊپ لهي ويو. هڪڙي ڏينهن چيومانس ته  ”ٻڌاءِ ته تون ڪير آهين؟“چيائين ته ”مان هن ملڪ جي بادشاه جي ڌيءُ آهيان ۽ پنهنجي سوٽ سان پرڻي هيس. پر شاديءَ واري ڏينهن ئي، منهنجي مڙس کي اَچي پيٽ جي سور جو مرض پيدا ٿيو، جنهن ڪري گهڙي کن ۾ ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويو، پوءِ هتي جي رسم موجب مون کي به گهلي سندس چکيا سان گڏ، هتي آڻي اوڙاهه ۾ وڌو اٿائون.“ اِتي هُن مون کان حال احوال پڇيو. مون به پنهنجو سڄو حال احوال ذري پرزي هن کي ڪري ٻڌايو. پڇاڙيءَ ۾ چيومانس ته ”خدا کڻي تو کي هن  قيدخاني ۾ مون لاءِ موڪليوآهي. تڏهن هوءَ کلي ماٺ ڪري ويئي. اهڙيءَ ريت اسان جي محبت وڌندي رهي. مون هن کي پنهنجي مذهب جي تعليم ڏني، ۽ پاڻ ۾ محبت ڪئيسون. آخر هن کي حمل ٿيو ۽ ڏينهن پُني ٻار ڄائس. اهڙيءَ ريت اسان کي اُتي پورا ٽي ورهيه گذري ويا. پوءِ جڏهن ڇوڪري کي ٿڃ ڇڏائيسون، تڏهن مون اُن عورت کي چيو ته ”ٻيلي هاڻي هتي ڪيترا ڏينهن پوريا پيا هونداسون؟ نڪرڻ جي ڪا  ته واهه ئي نظر نه ٿي اَچي! ”تڏهن هن چيو ته ”هن بنديخاني مان ڌڻيءَ ڪڍي ته نڪرنداسون، ٻي ته تجويز ڪا نه آهي. شايد اِتي ئي مري وينداسون.“ سندس هن جواب ٻڌڻ تي، مون کي اُن جي لاءِ وڌيڪ محبت پيدا ٿي  ۽ مان روئي ويٺس. روئندي روئندي ننڊ وٺي ويم. خواب ۾ ڏٺم ته هڪ شخص ٿي چيو ته ”جيڪڏهن حوض واريءَ موريءَ مان نڪري سگهين ته نڪري وڃ،ٻيءَ ڪنهن به ريت نڪري نه سگهندين.“ مان ڏاڍي خوشيءَ مان جاڳي پيس. زال کي چيم ته ”اُنهن پراڻين صندوقن مان ويهي ڪليون ڪڍ.“ پوءِ مان اُهي ميخون کڻي، پهڻن جي ٽڪرن سان پيو موريءَ کي ٽڪيندو هوس. نيٺ هڪ سال تائين اُهو سوراخ ايڏو وڏو ٿي  پيو، جو منجهانئس ماڻهو آسانيءَ سان ٻاهر نڪري سگهي. پوءِ مُردن جي پيتين مان جواهر گڏ ڪري، سندن ڪفن جي ڪپڙن ۾ ٻڌي، اُنهيءَ ڏرڙ مان ٻاهر آياسون. اوڏيءَ مهل ڌڻيءَ پاڪ جا شڪرانا بجا آنداسون، پُٽ کي ڪلهي تي چاڙهي پنڌ پياسون. اِن کي مهينو برابر گذريو. خوف کان شاهي رستو ڇڏي، جهنگ ۽ برپٽ منجهان ٿا ٻا کائيندا، پئي وياسون. جڏهن بک ٿي لڳي، تڏهن وڻن جا پن پئي کاڌاسون، تنهن ڪري ڪا به طاقت نه رهي آهي.ايتري قدر جو گهڙي اڳ ڳالهائي به نه ٿي سگهياسون. منهنجي جيڪا حقيقت هئي، سا سڀ اوهان کي ٻڌائي اَٿم.“

        ”اي بادشاهه سلامت مون کي سندن  حال تي ڏاڍو ترس آيو. کين وهنجاري سهنجاري، نوان ڪپڙا ڍڪارايم. پوءِ ان کي کڻي پنهنجو نائب مقرر ڪيم.“

        ”هيڏانهن مون کي اُن شهزادءَ مان ڪيترائي ٻار پيدا ٿيا، پر بچيو ڪو به نه ٿي. خير هڪڙو ٻار پنجن ورهين جو ٿي مري ويو. اُن ڏک ۾ راڻي به مري ويئي. پوءِ مون کي به اَچي جهوريءَ ورتو. اُن راڻيءَ کان سواءِ مون کي اُهو ملڪ ڄڻ ته کائڻ ٿي لڳو. اُداس ٿي پيس. آخر عجم هلڻ جو ارادو ڪيم. آخر بادشاهه کي عرض ڪري، شاهه بندر جو عهدو آذربائيجان جي اُن سوداگر زادي کي ڏياريم.انهيءَ وچ ۾ بادشاهه به مري ويو، ۽ مان هي وفادار ڪتو ساڻ وٺي، سڀ مال ۽ اسباب پنهنجو کڻائي، خير سان اچي پنهنجي وطن نيشاپور ۾ پهتس، پوءِ ڏٺم ته هنن ڀائرن جا مون سان آخر تائين برائي پئي ڪئي آهي، تنهن ڪري بهتر آهي ته راز جي ڪنهن کي به خبر نه پوي، تنهن ڪري پنهنجو نالو رکايم ”خواجه سگ پرست“. اِنهيءَ بدناميءَ ۾ اڃا تائين ايران جي سرڪار ۾ ٻيڻو محصول ڀريندو آهيان. اوچتو هي سوداگرزادو اوهان جي شهر جو اُتي آيو، جنهن جي وسيلي اچي اوهان جي قدمبوسي ڪئي اٿم.“

        تنهن تي مون چيس ته ”تڏهن هي تنهنجو پٽ ڪين ٿئي؟“ جواهر فروش جواب ڏنو ته ”جيئندا قبلا! هي منهنجو وارث آهي.“ هي ٻڌي، سوداگر زادي کان مون پڇيو ته ”تون ڪهڙي سوداگر جو پٽ آهين، ۽ تنهنجا مائٽ ڪٿي آهن؟“ تڏهن هن تخت جو پايو چميو ۽ جان جي امان گهريائين ۽ چيئين ته ”مان ٻانهي، سرڪار جي وزيرجي ڌيءُ آهيان. منهنجو پيءُ سائين جن جي عتاب هيٺ اچي، انهيءَ خواجي جي ڪُتي جي لعلن جي ڪري قيد ۾ پيو آهي. سائينءَ جن جو حڪم هو ته اِها ڳالهه جيڪڏهن ٻارهن مهينن ۾ سچي نه نڪتي، ته اُن کي قتل ڪيو ويندو. هي ٻڌندي ئي مان ويس بدلائي، وڃي نيشاپور نڪتيس. پوءِ ڌڻيءَ جي مهربانيءَ سان خواجي ۽ ڪُتي کي لعلن سميت حضور ۾ حاضر ڪيو اٿم، جنهن جو اوهان سڄو احوال روبرو ٻڌو. هاڻي حضور ۾ عرض آهي ته منهنجي پوڙهي پيءُ کي آزاد ڪيو وڃي.“

        وزير زاديءَ جو اِهو بيان ٻڌي، سڀيئي حيران ٿي ويا. خواجو ٿڌا شوڪارا ڀرڻ لڳو ۽ بيوس ٿي ڪري پيو. گلاب ڇڻڪارڻ سان مس مس هوش ۾ آيو. چيائين ته ”افسوس جو منهنجو پنڌ ۽ ڪشالا اجايا ويا.  مان هيءُ پنڌ اِنهيءَ اميد تي ڪري آيو هوس ته هن سوداگرزادي کي پنهنجي گود جو پٽ ڪندس ۽ منهنجي مئي  کان پوءِ هيءُ ئي منهنجو وارث ٿيندو، ائين البت منهنجو نالو ياد رهندو ۽ هن کي هر ڪو خواجي جو پٽ سڏيندو. بُري قسمت منهنجي، جو  اِهي سڀ خيال خام نڪتا. هن وزيرزاديءَ مون پوڙهي کي مڪر ڪري رولي ۾ وڌو. شايد ماڻهو ائين چوندا ته خواجو هڪ عورت جي پٺيان اٿي هليو هو. خواري به ٿي، گهر تڙ کان به ويس ۽ من جي مراد به حاصل نه ٿي.“

        مون خواجي جون درد ڀريون دانهون ٻڌي، چيو ته ”اي خواجا، تون دلجاءِ ڪر.“ پوءِ ويجهو گهرائي، آهستي چيومانس ته ”جيڪڏهن هيءَ عورت آهي ته فڪر نه ڪر. ڪوشش ڪري،اُن سان تنهنجي شادي ڪرائيندس. خدا جي مهربانيءَ سان تو کي اُن مان اولاد ٿي پوندو. جو تنهنجو وارث ٿيندو.“ هيءَ ڳالهه ٻڌي خواجي سانت ڪئي.  پوءِ مون حڪم ڪيو ته ”وزيرزاديءَ کي سندس محلات ۾ وٺي وڃو، ۽ وزير کي قيد خاني مان ڪڍي، وهنجاري ۽ خلعت ڍڪائي، مون وٽ جلدي وٺي اچو.“ جنهن وقت وزير آيو، اُن وقت مان تخت تان لهي اڳڀرو ٿي،سندس استقبال ڪيو ۽ پنهنجو بزرگ سمجهي، کيس ڳلي لاتو، نئين سر کيس وزارت جو قلمدان سپرد ڪيم، خواجي کي به جاگير ۽ منصب ڏنم، ۽ نيڪ ساعت ڏسي. وزيرزاديءَ سان سندس  نڪاح ڪيم،.

        ڪيترن سالن ۾ خواجي کي ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءُ ڄايا، جن مان سندس وڏو پٽ ملڪ التجار آهي ۽ ننڍو پٽ اسان جي سرڪار ۾ عهديدار آهي. اي درويشو! مان هيءَ حقيقت انهيءَ لاءِ اوهان جي سامهون ڪئي، جو ڪلهه رات ٻن فقيرن جي سرگذشت ٻڌي چڪو آهيان، هاڻي ٻه باقي رهيا آهن، اُهي هن جاءِ کي پنهنجو گهر سمجهي، بنا ڪنهن وسواس جي پنهنجي حقيقت مون کي ٻڌائين، ۽ اوهان ڪجهه وقت مون وٽ رهي پئو.

        فقيرن بادشاهه جي اهڙيِ خاطرداري ڏسي، چيو ته ”جيڪڏهن اوهان جي اسان پينارن سان محبت آهي، ته هي ٻه به هاڻي پنهنجي ماجرا بيانڪن ٿا.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org