چوٿين درويش جو سير
چوٿين فقير روئندي پنهنجي درد جي حقيقت هيئن
ٻڌائي:
اي صاحو، ٻڌو هيءَ سڀ درد جي حقيقت،
ڪاٿي جو ڪاٿي روليو هن عشق جي مصيبت،
ڏاڍا ڏٺم ڪشالا، هئا موت مار مطلق،
آيس ٿي هت سوالي، ٿيندي مون تي به شفقت.
-هيءُ فقير، جو هن حالت ۾ گرفتار آهي، چين
جي ولايت جي بادشاهه جو پٽ آهي. ڏاڍي لاڏ ڪوڏ سان
پليس ۽ پنهنجي مرضيءَ سان پئي هليس. زماني جي
چڱائيءَ ۽ برائيءَ جي ڪا به خبر نه هئي. اِئين پئي
ڄاتم ته مان سدائين اِنهيءَ ريت بي غم ۽ بيفڪر
گذاريندس. اوچتو اِنهيءَ خوشيءَ ۾ اهڙو حادثو پيش
اچي ويو، جو سڄي خوشي غم ۾ بدلجي ويئي. قبله عالم،
جو هن يتيم جو والد هو، وفات ڪري ويو. سڪرات جي
وقت هُن پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي، جو منهنجو چاچو ٿئي،
گهرائي ورتو ۽ چيائينس ته ”مان سڀ مال املاڪ،
سامان اسباب ۽ بادشاهي تخت بخت هتي ڇڏي، سکڻا هٿ
وٺي ٿو وڃان، پر هڪڙي وصيت تو کي ڪريان ٿو، سان
بجا آڻج، ۽ منهنجو هيءُ ڪم فرض ڄاڻج ته جيستائين
منهنجو شهزادو، جو بادشاهيءَ ۽ گاديءَ جو مالڪ
آهي، جوان ٿئي ۽ پنهنجو ملڪ سنڀالي ۽ ڌيان سان
هلي، تيستائين تون هن جو نائب ٿي، لشڪر ۽ رعيت کي
چڱيءَ ريت سنڀالج، هو جڏهن بالغ ٿئي، تڏهن کيس
نصيحت ڪري بادشاهي سندس حوالي ڪج، ۽ روشن اختر، جا
تنهنجي ڌيءَ آهي، سا کيس پرڻائي ڏجائين. ائين ڪرڻ
سان هيءَ بادشاهي اسان جي خاندان ۾ قائم رهندي
ايندي، ۽ ڪو به ڌاريون اُن تي حملو ڪري نه
سگهندو.“ ائين چئي، والد دم ڏنو. پوءِ چاچو تخت تي
ويٺو ۽ ملڪ جو سڄو بندوبست پنهنجي هٿ ۾ ورتائين.
مون کي حڪم ڏنائين ته ”محلات جي اندر رهندو ڪر،
جيستائين جوان ٿين، تيستائين ٻاهر نه اَچج.“ هي
فقير چوڏهن ورهين تائين راڻين، شهزادين ۽ ٻانهين
جي جهولين ۽ مجلسن ۾ پليو ۽ خوب رانديون ڪيائين.
چاچي جي ڌيءُ سان شادي ٿيڻ جي خبر ٻڌي ڏاڍو خوش
ٿيس، ۽ انهيءَ اُميد تي سڀ سور وسري ويندا هئا، ۽
دل ۾ ائين چوندو هوس ته ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن
بادشاهي به ملندي ۽ شادي به ٿيندي. جيئن ته دنيا
اميدن تي ٻڌل آهي ۽ سارو جهان اُميدن تي هلي ٿو.
مان اهڙيءَ ريت آئندهه جي آسري تي پئي هليس.
هڪڙي شيدي، مبارڪ نالي، جو والد جي وقت ۾
خاص خدمتگار ۽ خوش گفتار هو، تنهن جي مون ڏانهن
سچي نيت هئي ۽ مون کي گهڻو گهرندو هو، جيئن ته
عقلمند ۽ نمڪ حلال هو، مان به گهڻو ڪري وٽس ويندو
هوس. هُو مون کي ساماڻيل جوان ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو
هو ۽ چوندو هو ته ”ڌڻيءَ تعاليٰ جا هزار شڪرانا
آهن،جو اي شهزادا، تون هاڻي جوان ٿيو آهين، ۽
جيڪڏهن تنهنجي چاچي کي رب دل ۾ چڱي وڌي، ته هُو
تنهنجي پيءُ جي وصيت پاڙيندو، شاهي تخت ۽ پنهنجي
ڌيءُ توکي ڏيندو.“ اِئين هڪڙي ڏينهن چيائين ته ”هل
ته توکي تنهنجي چاچي وٽ وٺي هلان، من تو کي لائق
ڏسي ڪا مهرباني ڪري.“ پوءِ مان هن سان گڏجي چاچي
وٽ ويس اچي مون کي ڏسنديئي گهڻي دلجاءِ ڏني ۽
چيائين ته ”فڪر ڪرڻ لاءِ ڪو به سبب نه آهي. هاڻي
تنهنجي شادي جلد ٿيندي.“ ائين چئي اُن وقت نجومين
کي گهرائي ورتائين، ۽ نموني سان پڇيائين ته ”هن
سال ۾ منهنجي ڀائٽئي لاءِ ڪهڙو مهينو ڪهڙو ڏينهن
ڪهڙي گهڙي مبارڪ آهي، ته اُن موقعي تي سندس شادي
ڪئي وڃي.“ بادشاهه جو رمز ڀريو اشارو اُنهن سمجهي
چيو ته ”هيءُ سال شهزادي لاءِ نحس آهي. هن ۾ ڪو به
مهينو ۽ ڪو به ڏينهن سدورو نه ٿو اچي. ٻيو سال
سڳورو نظر اچي ٿو ۽ اُن ۾ ئي شهزادي جي شادي ٿيڻ
گهرجي.“ اُن وقت منهنجي چاچي، مبارڪ ڏانهن ڏسي،
چيو ته ”هاڻي شهزادي کي محلات ۾ اندر وٺي وڃ. اسان
کي ٻارهن مهينن لاءِ ترسڻ کپي، جو اُن ۾ سندس ئي
فائدو آهي. اُن بعد کيس شادي ڪرائي، سڄي امانت
سپرد ڪئي ويندي.“ مبارڪ کيس سلام ڪري اُٿيو، ۽ مون
کي محل ۾ وٺي آيو. ٻن ٽن مهينن کان پوءِ، مبارڪ
مون کي محل ۾ مليو، ۽ ڏسندي ئي سندس اکين مان پاڻي
وهي ويو. سندس اهو حال ڏسي، پڇيومانس ته ”ٻيو ته
خير آهي؟“ تڏهن ويچارو، جو مون کي سچيءَ دل سان
ڀائيندو هو. افسوس ۾ ڀرجي چوڻ لڳو ته ”اي شهزادا،
ڌڻي شال توکي وڏي حياتي ڏئي، مان تو کي ڪهڙي ڳالهه
ٻڌايان! اُن ڏينهن جو مان توکي اُن تنهنجي بيرحم
چاچي وٽ وٺي هليس، ڏاڍي غلطي ڪيم، اِنهيءَ کان ته
توکي وٽس وٺي نه هلان ها ته چڱو هو.“ تڏهن مون
چيومانس ته ”مون کي اُتي وٺي هلڻ ۾، تو کي ڪو
نقصان پهتو آهي ڇا؟“ چيائين ته ”شهزادا ٻيا سڀيئي
نوڪر چاڪر، امير ۽ وزير، تنهنجي پيءُ جا نمڪ حلال
۽ خير خواهه آهن. هُو تو کي ڏسي باغ بهار ٿي ويا ۽
ڌڻيءَ جا شڪرانا ڪرڻ لڳا ته اسان جو شهزادو هاڻي
وڏو ٿيو آهي ۽ بادشاهي هلائڻ جي لائق آهي، خدا ڪري
ته اُهو ڏينهن جلد اچي ته هُو تخت تي ويهي ۽ اسان
جو قدر سڃاڻي. اِها خبر تنهنجي بي ايمان چاچي کي
پهتي آهي، ۽ ٻڌي، سڙي ۽ کامي ويو آهي، ۽ مون کي
خلاصو سڏائي چيو اٿس ته ”اڙي مبارڪ، هاڻي ڪا اهڙي
اٽڪل ڪر، جو اهو شهزادو مري پوي ۽ مان ڳڻتيءَ ۽
فڪر کان ڇٽي پوان ۽ يڪدل ٿي بادشاهي ڪريان.“ اهو
حال ڏسي، نهايت افسوس ٿيو ته تنهنجو چاچو تنهنجو
جاني دشمن ٿي پيو آهي!“ مون جڏهن اها ناخيري جي
خبر ٻڌي، ته مرڻ کان اڳ مري ويس، ۽ ساهه جي ڊپ کان
سندس پيرن تي ڪري پيس، چيومانسته ”مون بادشاهيءَ
جي پچر ڦٽي ڪئي، ڌڻيءَ جي نالي ڪو منهنجو بچاءُ
ڪر، مان ناحق مارجي نه وڃان.“ تڏهن مبارڪ منهنجو
مٿو مٿي کڻي،پنهنجي سيني سان لاتو، ۽ جواب ڏنائين
ته ”تون ڪو به فڪر نه ڪر، مون کي هڪ تجويز دل ۾
آهي، جي حياتي آهي ته ڳڻتي نه آهي. ڌڻيءَ جي
مهربانيءَ سان تنهنجو واربه ونگو نه ٿيندو ۽
پنهنجي مطلب کي پهچندين.“ اهڙا دلاسا ڏيئي، هو مون
کي اُن جاءِ تي وٺي ويو، جتي مرحوم بادشاهه پنهنجي
حياتيءَ ۾ رات جو سمهندو هو، اُتي تخت ۽ غاليچا
رکيل هئا، جو پري ڪري رکياسون. پوءِ هُو زمين
کوٽڻ ويٺو. ٿوريءَ دير کان پوءِ هڪ دري ڏسڻ ۾ آئي،
جا هڪ قفل سان بند هئي.هُن مون کي سڏ ڪيو، اُتي
مون کي شڪ پيو ته هيءُ شايد دغا ڪري، مون کي مارڻ
لاءِ وٺي آيو آهي. مان ڏڪندي ڏڪندي، ڌڻيءَ کي ياد
ڪندي، پاڻ کي سنڀاليندي ويس، جان دريءَ مان ليئو
پائي ڏٺم، ته منجهس چار ڪوٺيون نظر آيم، هڪڙي
ڪوٺيءَ ۾ وڏا تنبو ڪيمخواب جا سونن زنجيرن جي
طنابن سان رکيل هئا. اُنهن جي ڀرسان سونا مٽ ۽
سونيون سرون رکيل هيون، جن تي هڪ هڪ باندر جڙاءُ
دار چڙهيو ويٺو هو. مون اُهي ڳڻيا ته اوڻيتاليهه
هئا، چاليهون مٽ ڏٺم ته سارو ئي سونين مهرن سان
ڀريو پيو آهي، پر اُن تي نڪو ڍڪ رکيل هو ۽ نڪو
مٿانئس باندر ئي ويٺل هو. اُن جي ڀرسان هڪ حوض
جواهرن سان به ڀريل ڏٺم.
مون اِهو سڀ ڪجهه ڏسي، مبارڪ کان پڇيو ته
”هيءَ ڪنهن جي جاءِ آهي؟ مون کي ته طلسم پيو معلوم
ٿئي!“ مبارڪ چيو ته ”شهزادا، هي باندر، جي ڏسين
ٿو، سي تنهنجي پيءُ شال، بهشت ۾ جاءِ هجيس، ملڪ
صادق جنن جي بادشاهه کان حاصل ڪيا هئا، جنهن سان
دوستي هئي. هُو سال بسال سوکڙيون پاکڙيون، عطر ۽
ٻيون اهڙيون ناياب شيون وٺي ويندو هو ۽ مهينو کن
اوهان جي والد وٽ اَچي رهندو هو، ۽ پوءِ جڏهن هو
موڪلائيندو هو، ته اُن وقت هڪ باندر زمرد جو اوهان
جي والد کي ڏيئي ويندو هو، جنهن کي بادشاهه کڻي
تهخاني ۾ رکندو هو، اِنهيءَ حال جي مون کان سواءِ
ٻئي ڪنهن کي سڌ نه هئي. هڪ ڀيري مون بادشاهه کي
عرض ڪيو ته ”جهان پناه، جنن جو بادشاهه اوهان کان
هر سال لکن روپي جو مال ڍويو وڃي ۽ پاڻ وري صرف هڪ
نقلي باندر ٿو آڻي ڏئي، سو اِنهيءَ مان ڇا ٿيندو؟“
تڏهن منهنجي ڳالهه تي مرڪيو ۽ چيائين ته ”خبردار!
هيءَ ڳالهه دل۾ رکج ۽ متان ڪنهن کي ٻڌائين. هن هڪ
هڪ باندر جي حڪم ۾ هزارين ديو ٻڌل آهن، پر سو تڏهن
جڏهن اسان وٽ چاليهه باندر گڏ ٿين: جي اُنهن کان
گهٽ هوندا، ته اُهي سڀ بيڪار آهن ۽ ڪنهن به ڪم ۾
نه اچي سگهندا. اُڻيتاليهه باندر موجود آهن، باقي
هڪ باندر جي گهرج آهي.“ پر افسوس، اُن وقت بادشاهه
مري ويو ۽ جنن جو اچڻ بند ٿي ويو، تنهن ڪري باقي
هڪ جي نه هئڻ سبب ڪو به فائدو ڪو نه ٿيو. اي
شهزادا، تنهنجي هيءُ نماڻي حالت ڏسي، مون کي اُها
ڳالهه ياد آئي آهي. خيال اٿم ته ڪنهن وسيلي سان
توکي ملڪ صادق وٽ وٺي هلان ۽ تنهنجي چاچي جي
بيوفائيءَ جي اُن سان ڳالهه ڪريان، اُميد آهي ته
من هو تنهنجي پيءُ جي يارانيءَ جا ڏينهن ياد ڪري،
باقي هڪڙو باندر جو کٽل آهي، سو تو کي ڏيئي، ته
پوءِ چاليهه ئي سجايا ٿي پوندا، ۽ اُنهن جي مدد
سان تنهنجو ملڪ به توکي موٽي ملندو. پوءِ پنهنجي
ملڪ تي مزي سان ويٺو حڪومت هلائج. ٻي وڏي ڳالهه
هيءَ آهي ته هتان نڪري وڃڻ جي سبب، تنهنجو سِر به
سلامت رهندو. جي تون هتي هوندي، ته ڪنهن نه ڪنهن
وقت، ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان تنهنجو بدنيت چاچو تو
کي جيئرو ڪو نه ڇڏيندو. هتي مون کانسواءِ تنهنجو
ٻيو ڪو به هڏ ڏوکي ڪو نه آهي.“
مون هيءَ حقيقت ٻڌي، چيومانس ته ”اي نيڪ
انسان، هاڻي تون منهنجي ساهه جو مختيار آهين،جيڪي
چڱو وڻيئي سو ڪر، ۽ جنهن ۾ منهنجي نيڪي هجي، اُن
موجب پيروي ڪر.“ پوءِ دلاسو ۽ دلبري ڏيئي، عطر،
ڌوپ ۽ ٻيون خُوشبودار شيون خريد ڪري، ٻئي ڏينهن هو
منهنجي ظالم چاچي ڏانهن ويو ۽ چيئينس ته ”اي
بادشاهه سلامت، شهزادي جي مارڻ جي هڪ رٿ رٿي اٿم،
جيڪڏهن حڪم ڪيو ته عرض رکان.“ هن احمق خوش ٿي چيس
ته ”ٻڌاءِ ته ڪهڙي رٿ رٿي اٿيئي؟“ تڏهن مبارڪ چيس
ته ”شهزادي کي ڪنهن ڪاري جهنگ ۾ وڃي مارجي، اهڙيءَ
ريت جو اُن جي ڪنهن کي به خبر نه پوي.“ اِها حقيقت
ٻڌي، چيائين ته ”واه جي صلاح ڪئي اٿيئي! مان ڏسان
ته جيئن هو صحيح سالم نه رهي، ڇو ته مون کي هن کان
وڏو ڊپ ٿو رهي، جيڪڏهن تون مون کي هن ڳڻتيءَ کان
ڇڏائيندي، ته اُن جي عيوض گهڻو ئي انعام ۽ اڪرام
پائيندين. هاڻي جيڏانهن به وڻيئي، اوڏانهن وڃي گم
ڪرينس، ۽ مون کي اچي اُن جي خوشخبري ٻڌاءِ.“
مبارڪ، بادشاهه جي طرفان پَڪ ڪري، دلجاءِ سان اِهي
سوکڙيون کڻي اڌ راتجو اُٿي شهر مان هليو. هڪ مهينو
ساندهه پنڌ ڪيوسون، هڪ رات جو مبارڪ چيو ته ”ڌڻيءَ
جا شڪرانا، جو هاڻي پنهنجي مطلب واريءَ منزل ڏانهن
آيا آهيون.“ مون چيس ته ”سو ڪيئن؟“ چيائين ته
”شهزادا، تون شايد جنن جو لشڪر نه ٿو ڏسين!“ پوءِ،
مبارڪ هڪ سُرميداني ڪڍي، سليماني سُرمي جي هڪ
سرائي ڀري، منهنجي اکين ۾ پاتي، ته مون کي جنن جو
لشڪر ۽ گهوڙا وغيره ڏسڻ ۾ آيا. سڀيئي خوش پوشاڪ
ٿي ڏٺم. هنن مبارڪ کي سڃاڻي، ڀليڪار ۽ خوش کيڪار
ڪئي ۽ کانئس خوش خير عافيت پڇيائون. اڳتي هلي
بادشاهي سراءِ ۾ آياسون. گهڙندي ئي حيران ٿي ويس.
عجب قسم جي جهلڪيدار روشني لڳل هئي ۽ طرحين طرحين
قسم جون ڪرسيون وڇايل هيون،امير، عالم، درويش،
نواب، ڪوٽوال ۽ منشي حاضر هئا، چوڌاري هٿيار پهريل
فوجي لشڪر بيٺل هو.وچ ۾ هڪ عاليشانسونهري تخت
ياقوت ۽ زمرد سان جڙيل وڇايل هو، جنهن تي جنن جو
بادشاه ملڪ صادق قيمتي موتين ۽ هيرن سان سينگاريل
ڇٽ پهريون، وڏي شان ۽ شوڪت سان ويٺو هو.مون کيس
سلام ڪيو. مونکي ويهڻ جو حڪم ڏنائين.ايتري ۾ طعام
اچي حاضر ٿيو ۽ سڀني جي اڳيان دسترخوان وڇائجي
ويو. جڏهن سڀيئي کائي فارغ ٿياسون، تڏهن مبارڪ کان
حال احوال پڇيائين ۽ منهنجي خبر ورتائين. مبارڪ
عرض ڪيس ته ”قبله، هاڻ هن جي پيءُ جي جاءِ تي،
سندس چاچو بادشاهي ڪري رهيو آهي، جو هن جو جاني
دشمن بڻجي ويو آهي،تنهن ڪري ئي مون هن کي اوهان جي
خدمت ۾ آندو آهي ته بادشاهي هن جو حق آهي، پر پشت
پناهيءَ کان سواءِ ڪجهه به ٿي نه ٿو سگهي. جي حضور
دستگيري فرمائي، سندس پيءُ جي حق کي ياد آڻي،
چاليهون باندر عنايت فرمائيندا، ته چاليهه پورا ٿي
ويندا، ۽ پوءِ هيءُ پنهنجي حق کي پهچي،اوهان جي
جان ۽ مال کي دعائون ڏيندو رهندو. اوهان جي پناهه
کان سواءِ هن جي ٻي ڪا به واهه ڪا نه رهي آهي.“
بادشاه صادق سڄي ڳالهه ٻڌي چيو ته ”ٻيشڪ
هنجي پيءُ جي دوستيءَ جا حق اسان تي آهن ۽ هيءُ
ويچارو پنهنجي بادشاهيءَ کان ريٽجي، مسڪين حالت ۾
مدد وٺڻ لاءِ هت آيو آهي ۽ اسان جي پناهه ۾ اچي
لڪو آهي. اسان کان حتي المقدور ساڻس مهرباني
ٿيندي، ۽ ڳالهه وساري ڪو نه ڇڏينداسون، پر هڪڙو ڪم
اسان جو آهي، سو جيڪڏهن برابر هن کان ٿي سگهيو ۽
منجهس، خيانت ڪا نه ڪيائين، ته مان ساڻس بادشاهي
اقرار ٿو ڪريان ۽ مان ساڻس سندس والد کان به وڌيڪ
دوستي رکندس ۽ جيڪي گهرندو سو کيس ڏيندس. هيءُ
سندس آزمائش آهي.“ تڏهن مون هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته
”هن غلام کان طاقت ۽ وسعت آهر، جيڪا به سرڪار جي
خذمت پڄندي، سا اکين سان پوري ڪندس، بلڪه پنهنجي
لاءِ ٻنهي جهانن جي اُن ۾ چڱائي سمجهندس.“ تڏهن
بادشاهه صادق مون ڏانهن ڏسي، فرمايو ته ”تون اڃا
نينگر ۽ جوان آهين، تنهن لاءِ توکي وري به تاڪيد
ٿو ڪريان ته ڪا به خيانت نه ڪج، نه ته سخت آفت ۾
ايندين.“ مون چيومانس ته ”اوهان ڪو به خيال نه
ڪريو، ڌڻي سڀ آسان ڪندو. مان گهڻي ڪوشش ڪندس ۽
امانت با سلامت آڻيندس.
هي ٻڌي، ملڪ صادق مون کي ويجهو سڏيو ۽ هڪ
ڪاغذ ڪڍي ڏيکاريو ۽ چيائين ته ”هي شخص،جتان لڀيئي
اُتان مون کي آڻي ڏي، جڏهن اهو ماڻهو لهين، ته
منهنجي طرفان سندس دل تي چڱو اثر ويهارج، جيڪڏهن
هيءُ خذمت تو کان برابر پڳي، ته جيڪا اُميد رکين
ٿو، تنهن کان وڌيڪ فائدو ڏسندين.“ مان اُها تصوير
ڏسي غش کائڻ لڳس. هوش ۽ عقل ڇڏائجي ويو. پر ڊپ ۽
خوف کان پاڻ کي سنڀالي ورتم. چيم ته ”حاضر سائين،
مان هاڻي موڪلايان ٿو. جيڪڏهن ڌڻيءَ منهنجي چڱائي
گهري هوندي، ته حضور جي حڪم موجب تعميل ڪري، اچي
حاضر ٿيندس.“ ائين چئي، مبارڪ کي ساڻ وٺي، جهنگ
منهن ڏيئي هلياسون. ڳوٺ ڳوٺ، شهر شهر، ديس ديس پئي
رُلياسون، پرڪٿان به ڪو نشان نه مليو. ست ورهيه
برابر اهڙيءَ ريت حيراني ۽ پريشانيءَ سهندي هڪ نگر
۾ پهتاسون، جتي وڏيون وڏيون عمارتون نظر آيون ۽
شهر سڄو آباد ٿي ڏٺو. اُتان جي هر شخص اسم اعظم ٿي
پڙهيو ۽ هر ڪو خدا جي عبادت ۾ مشغول ٿي نظر آيو.
اُتي هڪڙو انڌو عجمي فقير پنندو ڏٺم، پر
ڪنهن به کيس خيرات نه ٿي ڏني، مون کي هيءُ ڏسي عجب
لڳو ۽ رحم به آيو. مون کيسي مان هڪ اشرفي ڪڍي، اُن
جي هٿ تي رکي. هُن اُها وٺي، مون کي چيو ته ”اي
سخي، خد تنهنجي چڱائي ڪندو. تون شايد مسافر ٿو
ڏسجين. هن شهر جو رهندڙ نه آهين؟“ مون چيومانس ته
”هائو ست ورهيه پنهنجي گهر کان نڪتي ٿيا اَٿم،
جنهن ڪم جي لاءِ نڪتو آهيان، ان جو ڪو نشان نه ٿو
ملي. اڄ گهمندي هن شهر ۾ اچي نڪتو آهيان.“ هُو
پوڙهو دعائون ڏيندو هليو ويو. مان به اُن جي پويان
لڳس. شهر جي ٻاهران هڪ عاليشان مڪان نظر آيو. هُو
ان ۾ اندر گهڙي ويو. مان به ويس.ڏٺم ته عمارت
هنڌان هنڌان ڊٺي پيئي آهي، پر ڏاڍيءَ ڪاريگريءَ
سان ٺهيل هئي. دل ۾ خيال ڪيم ته هيءُ محلات
بادشاهن جي رهڻ جي لائق آهي، جنهن وقت نئون نئون
ٺهيو هوندو ته ڏاڍو دلچسپ هوندو، پر هاڻ ته ڦٽل ۽
ويران پيو آهي! پر خبر نه آهي ته ڇو ويران پيو
آهي، ۽ هيءُ نڌو انهيءَ محلات ۾ ڇو ٿو رهي! هُو لٺ
ٺوڪيندو، آواز ڪندو ٿي ويو، ته اندران آواز آيس ۽
ڪنهن پڇيس ته ”بابا، خير ته آهي، جو اڄ سوير موٽي
آيو آهين؟“ ٻڍي ورندي ڏنيس ته ”ڌيءُ ڌڻيءَ اڄ هڪ
مسافر کي پنهنجي حال تي مهربان ڪيو آهي، جنهن مون
کي هڪ اشرفي ڏني آهي. ڪيترن ڏينهن کان سٺو طعام
پيٽ ڀري نه کاڌو اٿئون. سو گوشت، گيهه، مصالحو،
اَٽو، لوڻ ۽ تيل خريد ڪري آيو آهيان، ۽ جيڪو لٽو
تو لاءِ گهربل آهي، سو به وٺي آيو آهيان. هاڻي
اُٿي اُن کي سبي، بت تي ڍڪ. کاڌو رڌي پچائي تيار
ڪر، ته اُن سخيءَ کي دعائون ڪريون. جيتوڻيڪ سندس
دل جي مراد جي خبر نه آهي پر ڌڻي ته ڄاڻي ٿو، سو
اسان مظلومن جي دعا ضرور قبول فرمائيندو.“
مون، جو هن جو اهڙو حال بکن ۽ ڏکن ڪاٽڻ جو
ٻڌو، ته دل ۾ آيم ته ويهارو کن مهرون ٻيون به هن
معذور کي ڌڻيءَ جي واٽ ۾ ڏيان. جيئن ئي آواز جي
طرف ڌيان ڏنم ته هڪ زال ڏٺيم، جا هُوبهو اُن تصوير
جهڙي هئي. تصوير ڪڍي ڀيٽيم، وار جو به تفاوت نه
ڏٺم . مون کي بي اختيار دانهن نڪري ويئي ۽ بيهوش
ٿي ويس. مبارڪ مون کي ڀاڪر پائي هنج ۾ کڻي ويٺو ۽
پکو هڻن لڳو. مس مس هوش ۾ آيس، پر ورائي ورائي
اوڏانهين ٿي ڏٺم. مبارڪ مون کان پڇڻ لڳو ته ”تو کي
ڇا ٿي ويو؟“ مون اڃا جواب نه ڏنو هو، ته هن
لاڏليءَ چيو ته ”اڙي ميان، خدا کان ڊڄ، ڌارين
اشرافن ماڻهن جي گهر ڏي جهاتيون نه پاءِ، انسان کي
حيا ۽ شرم هئڻ گهرجي!“ اهڙي حيا ۽ لياقت سان هن
ڳالهايو، جو مان هن جي مٺي ڳالهائڻ تي وڌيڪ موهت
ٿي پيس. مبارڪ مون کي گهڻيون ئي دلداريون ڏنيون،
پر دل کسجي ويئي هئي. مون لاچار ٿي هڪل ڪئي ته
”اي خدا جا ٻانهو، هن گهر جا رهندڙو، مان غريب
مسافر آهيان، جيڪڏهن مون کي پاڻ ڏي سڏيو ۽ رهڻ
لاءِ جاءِ ڏيو ته اوهان جا گهڻا احسان ڀانئيندس.“
تڏهن انڌي فقير مون کي پاڻ ڏي سڏ ڪيو ۽ منهنجو
آواز سڃاڻي ڀاڪر ۾ ورتائين، ۽ جتي هوءَ نازنين
ويٺي هئي، اُتي وٺي ويم.هوءَ مون کي ڏسي ڪنڊ ۾
لِڪي ويئي. اُن وقت هن پوڙهي مون کان پڇيو ته
”ڪهڙي خيال کان تون گهر ٻار ڇڏي نڪتوآهين ۽ ڪنهن
جي ڳولا ۾ آهين؟“ مون ملڪ صادق جو نالو ڇڏي چيو ته
”مان بيڪس چين ۽ ماچين جو شهزادو آهيان ۽ منهنجي
پيءُ اُڃا اُتان جو بادشاهه آهي. هڪ سوداگر کي
لکين روپيا ڏيئي، هيءَ تصوير خريد ڪئي هيم. اُن جي
ڏسڻ سان سڀ هوش ۽ آرام ويندو رهيو. فقيراڻو ويس
ڪري، سڄو جهان ڳوليم. هاڻي هتي منهنجو مطلب پورو
ٿيو آهي. اڳتي اوهان جو اختيار آهي.“
هيءُ ٻڌي، اُن انڌي فقير ٿڌو ساهه کڻي، هڪ
دانهن ڪئي ۽ چوڻ لڳو ته ”اي سائين، منهنجي ڌيءَ
ڏاڍي آفت ۾ ورتل آهي، ۽ ڪنهن آدمزاد جي جاءِ نه
آهي، جو ساڻس شادي ڪري سگهي.“ تڏهن مون چيومانس ته
”مهرباني ڪري ٻڌايو ته اِها ڳالهه ڪيئن آهي؟“
تڏهن،هن پنهنجو احوال هيئن شروع ڪيو ته ”اي
شهزادا، مان هن شهر جو رئيس ۽ معتبر آهيان. منهنجا
وڏا نالي وارا ڀاڳ وارا هئا، اُنهن جي سک جي ڪهڙي
ڳالهه ڪريان؟ خداوند تعاليٰ مون کي هيءَ ڌيءُ ڏني،
جڏهن ساماڻي تڏهن سونهن ۽ ساڃاهه جي ملڪان ملڪ هاڪ
پئجي ويئي. اسان جي ملڪ ۾ ائين هُلجي ويو ته فلاڻي
رئيس جي ڌيءُ اهڙي آهي، جنهن جي اڳيان حورون ۽
پريون به ويڳاڻيون وتن، ڄڻ ته جواهرن ۾ هيري جي
ڪڻي آهي. اِها واکاڻ هن شهر جي شهزادي به ٻڌي، سو
اڻ ڏٺي مٿس موهت ٿي پيو. ايتريقدر جو کاڌو پيتو سڀ
زهر ٿي ويس. اها خبر وڃي بادشاهه جي ڪن تائين
پهتي، بادشاه مون کي هڪ رات جو گهرايو ۽ سڱ ڏيڻ جو
ذڪر چوريائين. مون کي ڳالهين ۾ آڻي، راضي ڪيائين،
مون به سمجهيو ٿي ته جڏهن نينگري گهر ۾ پيدا ٿي
آهي ته ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن سندس شادي ضرور ٿيندي.
انهيءَ ڪري شهزادي سان سندس شادي چڱي ٿيندي ۽
بادشاهه به ٿورائتو ٿيندو. مان نسبت قبول ڪري گهر
موٽيس. اُن ڏينهن کان ڌريون شاديءَ جي تياريءَ ۾
لڳي وياسون. هڪ ڏينهن چڱي ساعت ڏسي، قاضي، مفتي،
عالم، فاضل ۽ اڪابر گڏ ٿيا. نڪاح پڙهيو ويو ۽ مَهر
مقرر ٿيو. ڪنوار کي وڏي ڌوم ڌام سان وٺي ويا. جڏهن
رسم ۽ رواجن کان فارغ ٿيا ۽ گهوٽ ۽ ڪنوار پاڻ ۾
اڪيلا ٿيا، تڏهن اوچتو انهيءَ ڪوٺيءَ ۾ روڄ راڙو
مچي ويو. ٻاهريان ماڻهو ٻڌي حيرت ۾ پئجي ويا. جڏهن
ڪوٺيءَ جو دروازو کولي اندر وڃڻ جو ارادو ڪيائون
ته دروازو اندران بند ٿي ويو ۽ در چائنٺ مان نڪري
وڃي پري پيو. ڏٺائون ته گهوٽ جي سسي وڍي پيئي آهي،
۽ ڪنوار جي وات مان گجي پيئي وهي ۽ هوءَ بيهوش
مٽيءَ ۽ رت ۾ پيئي ليٽي. اِها آفت ڏسي، سڀ وائڙا
ٿي ويا.ڇا مان ڇا ٿي ويو؟ خوشيءَ مان غم پيدا ٿي
پيو. بادشاهه کي جڏهن خبر پيئي، ته پٽيندو ڪٽيندو
آيو. سلطنت جا وڏا وڏا امير اچي گڏ ٿيا، پر ڪنهن
جو به عقل ڪم نه پيو ڪري،. هن غم جي حالت ۾
بادشاهه آخر حڪم ڏنو ته ”هن بدبخت ڪنوار جو به سر
ڪاٽيو وڃي!“بادشاهه جي زبان مان جيئن ئي اهي لفظ
نڪتا، تيئن وري اڳي جهڙو لُڙ ۽ شور مچي ويو.
بادشاهه ڊنو ۽ پنهنجي محل ڏي ڀڄي ويو. هيءَ ڳالهه
سڄي جهان ۾ مشهور ٿي ويئي، جنهن ٻڌو ٿي، تنهن
ڏندين آڱريون ٿي وڌيون، شهزادي جي موت جي سبب،
بادشاهه امير ۽ خود شهر جا ماڻهو منهنجا جاني دشمن
بڻجي ويا.
جڏهن شهزادي جي ماتم کان فارغ ٿيا، ۽
چاليهو ٿي چُڪو، تڏهن بادشاهه پنهنجي مشيرن کان
پڇيو ته ”هاڻي ڇا ڪرڻ کپي؟“ سڀني گڏجي چيو ته ”ٻيو
ته ڪجهه به ٿي نٿو سگهي، پر ظاهر ۾ دل جي تسليءَ ۽
صبر لاءِ هُن نينگر کي پيءُ سميت مارائي ڇڏجي، ۽
سندن گهر ٻار ضبط ڪري ڇڏجي.“ جڏهن منهنجي هيءَ سزا
مقرر ٿي، ته شهر جي ڪوٽوال کي اهو حڪم مليو. هُن
چئن ئي طرفن کان منهنجي حويليءَ کي اَچي وڪوڙيو.
بگل وڳو. هنن گهريو ته اندر گهڙي، بادشاه جي حڪم
کي پرو ڪن، ته ايتري ۾ آسمان مان سرون ۽ پٿر وسڻ
لڳا، فوج هيءُ ڏسي، پنهنجي منهن اُٿي ڀڳي. اُن وقت
هڪڙي خوفائتي هڪل بادشاهه جي ڪن ٿي پئي ته ”ڇو ٿو
کٽيءَ کي سڏ ڪرين، هن لاڏليءَ سان ڪا به کونئس نه
ڪر، نه ته پٽ وانگر سزا پائيندين ۽ سر وڃائيندين.“
اِهو هيبت جهڙو آواز ٻڌندي، دهشت کان بادشاهه کي
اَچي تپ چڙهيو ۽ حڪم ڪيائين ته ”هنن کي پنهنجي حال
تي ڇڏي ڏيو. هنن شهرجي ماڻهن ۾ اچي ڦڙ ڦوٽ پيئي،
تنهن ڪري هاڻ اسم اعظم پڙهندا ٿا وتن ۽ ڌڻيءَ جي
عبادت ڪندا ٿا رهن ته شل خير سان رکي وٺي، تنهن
ڏينهن کان اِها حالت هلندي ٿي اچي، پر ڪو به اسرار
معلوم ڪري نه ٿو سگهي، هڪ ڀيري نينگر کان پڇيو هوم
ته ”اوڏيءَ مهل تو ڇا ڏٺو؟“ ته هن ٻڌايو ته ”جنهن
مهل منهنجو مڙس مون وٽ آيو، ته اُن وقت ڇت ڦاٽي
پيئي، اُتان هڪ جڙاءُ دار تخت اچي لٿو. اُن تي هڪ
سهڻو جوان بادشاهي پوشاڪ پهريل ويٺو هو، هو مون
ڏانهن وڌي آيو ۽ چيائين ته ”اي پياري، هاڻي مون
کان بچي ڪيڏانهن ويندينءَ؟“ سندس صورت ماڻهن جهڙي
هئي، پر پير ٻڪرين وانگر هئس. مون کي ته اچي
ڏڪڻيءَ ورتو. مان بيهوش ٿي ويس. پوءِ مون کي ڪا به
خبر نه پيئي ته اڳتي ڇا ٿي گذريو.“ اُن واقعي کان
پوءِ اسان هن ڦٽل محلات ۾ رهون ٿا. اي جوان
بادشاهه جي ڊپ کان دوست، يار، مٽ مائٽ اسان کان
وڇڙي ويا. هاڻي مان بي وسيلو ٿي پنڻ ڪاڻ نڪرندو
آهيان، پر ڪنهن به دڪان تي بيهڻ نه ڇڏيندا آهن.هن
نندوري ڇوريءَ جي بت تي پوري اڳڙي به ڪا نه آهي،
جو پوريءَ طرح پنهنجي بت کي ڍڪي سگهي. کاڌي لاءِ
به ڪجهه نه اٿئون، جو پوريءَ ريت کائي پيٽ ڀري
سگهون. ڌڻيءَ کي سوال ڪندو رهان ٿو ته اهڙن سورن
کان مري وڃان يا ڌرتي ڦاٽي پوي ته منجهس هيءُ
بدبخت گهڙي وڃي. شايد ڌڻيءَ تو کي اسان لاءِ
موڪليو آهي. تو رحم کائي، اسان کي اشرفي ڏني، تنهن
مان سوادي کاڄ رڌي کاڌو سون ۽ ڌيءُ خاطر ڪپڙا وٺي
آيس. ڌڻيءَ جي درگاهه ۾ شڪرانو ڪيم، ۽ اوهان کي
دعائون ٿا ڏيون. هن منهنجي ڌيءُ جي پٺيان هيءُ جنن
پرين جو خوف نه هجي ها ته مان هوند تو جهڙي چڱي
مرد کي ٻانهي ڪري ڏيان ها ۽ اِهو پنهنجو بخت ڄاڻان
ها.“
مون ايتري ڳالهه ٻڌي کيس گهڻيون ئي
عاجزيون ڪيون ته ”جيئن وڻيئي تيئن مون کي اُٿي
پنهنجو غلام ڪر ۽ اِهو سڱ ڏي، پوءِ کٽن ڀاڳ، جيڪي
لکيو هوندو، سوئي ڀوڳيندس.“پر هُو پوڙهو مڙس راضي
نه ٿيو. جڏهن سچ لَٿو، تڏهن هن کان موڪلائي مسافر
خاني ۾ آيس. تڏهن مبارڪ چيو ته ”شهزادا، مبارڪ
هجيئي،چڱو ٿيو، جو ڌڻيءَ اسان کي هتي آندو ۽ اسان
جي محنت ۽ ڏک ساب پيا.“ مو چيس ته ”هن انڌي بي
ايمان جي ڪيتري خوشامد ڪيم، پر ڪين مڙيو. مون سان
ته اهڙي حالت ٿي ويئي آهي ، جو رات جو ننڊ ئي نه
ٿي اَچي. الائجي ڪڏهن صبح ٿيندو، جو وري وڃي اُن
جو منهن ڏسندس.“ ڪڏهن ڪڏهن اهڙا پور پوندا هئا، جو
چوندو هوس ته ملڪ صادق کان اڳيئي مان ملڪ صادق ٿي
لڳندو سانس، مبارڪ کي ٺاهي پرچائي، پهريائين مان
مزا وٺندس. وري ڪڏهن خوف به وٺندو هوم ته متان جنن
جي هٿان منهنجو به حال هُن شهزادي جهڙو ٿئي. سچي
رات اِهي خيال ڪندي ڪندي منهنجي ننڊ ئي حرام ٿي
ويئي. جڏهن ڏينهن ٿيو، تڏهن مان اُٿي بازار ڏانهن
هليس. عمدا عمدا ڪپڙا خريد ڪيم، ميوا ۽ ڦل وٺي،
کڻي آڻي اُن انڌي کي ڏنم، ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين
ته ”هر شخص کي پنهنجي ساهه کان مٿي ٻي ڪا به شيءِ
پياري نه آهي، پر جيڪڏهن منهنجو ساهه به تو کي ڪم
اچي ته پٺتي ڪو نه پوندس. هوند پنهنجي ڌيءُ به تو
کي ڏيان، پر خوف اٿم ته تون ناحق مارجي ويندين.“
مون جواب ڏنومانس ته ”مون اِنهيءَ اُميد ۾ ورهين
جا ورهيه ڏک ۽ ڏولاوا ڏٺا آهن. ٿاٻا کاڌا اٿم. مون
کي ڌڻيءَ کڻي پنهنجي مطلب تي پڄايو آهي. جو سندس
شاديءَ تي راضي ٿياآهيون. پر شايد مٿينءَ زبان سان
منهنجي دل ٿا وٺو. اڳ پوءِ ٿا جاچيو ۽ آزمايو.
مهرباني ڪري انصاف ڪريو ته محبت جي بيمار کي
جدائيءَ ۾ ڳارڻ ڪيتري قدر مناسب آهي. جيڪو ٿيڻو
هجي سو ٿئي. مون پنهنجي سِر تان آسرو لاٿو آهي.
محبوب سان ملڻ ۾ پنهنجي حياتي ٿو ڄاڻان. مون کي
پنهنجي موت ۽ حياتيءَ جي ڪا به پرواهه نه آهي.
جيڪڏهن نااُميد ٿيندس ته بنا موت مري ويندس ۽
قيمت ۾ تنهنجو دامن ڇڪيندس.“
ايتري منٿ ۽ زاري ڪيم، تڏهن به برابر
مهينو گذري ويو، ۽ اڄ سڀان جي دلاسي تي پئي رهيس.
اُها سڀ مدت مان اُنهيءَ اَنڌي وٽ ايندو ويندو هوس
۽ سندس خذمت ڪندو هوس، هڪ ڏينهن پوڙهو اَچي بيمار
ٿيو. مان بيماريءَ جي ڏينهن ۾ وٽس حاضر رهيس.
هميشھ قاروره کڻي حڪيم وٽ ويندو هوس، هُو جو نسخو
لکي ڏيندو هو، اُن کي سندس ترڪيب موجب بڻائي هن کي
پياريندو هوس ۽ غذا پنهنجي هٿن سان پچائي کيس
کارائيندو هوس. هڪ ڏينهن مهربان ٿي چوڻ لڳو ته ”اي
نوجوان، تون وڏو ضدي آهين. مون تو کي ڪيتريون
مشڪلاتون ۽ آفتون ٻڌايون ۽ گهڻون ئي جهليم ته اُن
ڳالهه تان ٽري وڃ، ڇو ته جيڪڏهن جان آهي ته جهان
آهي، پر تون ڄاڻي واڻي پاڻ کي موت جي منهن ۾ ٿو
اڇلائين. هاڻي منهنجو ڪو وس نه آهي، جيڪا تنهنجي
مرضي، چڱو، اڄ مان پنهنجي ڌيءُ سان تنهنجو ذڪر
ڪندس. ڏسان ته هوءَ ڇا ٿي چوي.“
اي الله جا فقيرو! مان هيءَ خوشخبري ٻڌي
ڪپڙن ۾ نه ٿي ماپيس. سلام ڪري، موڪلائي، پنهنجي
جاءِ تي آيس. مبارڪ سان سچي رات اهو ئي ذڪر ٿيندو
رهيو. ڇا جي ننڊ، ڇا جي بک؟ پرهه ڦٽيءَ جو سوير
اُٿي وڃي وٽس حاضر ٿيس ۽ سلام ڪري ويهي رهيس. مون
کي چوڻ لڳو ته ”مون پنهنجي نياڻي توکي ڏني. الله
ڪم صاب وجهي. مان اوهان ٻنهي کي خدا جي حفظ ۽
اَمان ۾ ڏيان ٿو، جيستائين منهنجي حياتي آهي،
اوهان ٻيئي منهنجي اڳيان هجو. پر جڏهن منهنجون
اکيون بند ٿين، تڏهن اوهان کي اختيار آهي ته
جيڏانهن وڻيوَ، تيڏانهن وڃجو.“
چند ڏينهن کان پوءِ هُو نيڪ مرد مري ويو.
روئي پٽي، کيس دفن ڪري آياسون. ٽن ڏينهن کان پوءِ
اُن نازنين مهجبين کي مبارڪ ڏوليءَ ۾ چاڙهي قافلي
سراءِ ۾ وٺي آيو. مون کي چيائين ته ”هيءَ امانت
ملڪ صادق جي آهي، خبردار، هن ۾ ڪا به خيانت نه ڪج،
نه ته هيءَ سڄي محنت مشقت برباد ٿي ويندي.“ مون
چيومانس ته ”چاچا، هتي ملڪ صادق ڪٿي آهي؟ جيستائين
گهر هلون، تيستائين مون کي آرام نه ايندو. صبر
ڪيئن ڪريان، جيڪو ٿيڻو هوندو سو ٿيندو،هاڻي ته عيش
ڪرڻ ڏي.“ هيءُ ٻڌي، مبارڪ تنگ ٿي مون کي جهڻڪيو ۽
چوڻ لڳو ته ”ٻاراڻيون ڳالهيون ڇڏ. هاڻي جو هاڻي
الائجي ڇا ٿي ويندو. ملڪ صادق کي پري سمجهيو
اٿيئي، جو اُن جو حڪم نٿو مڃين؟ هن هلندي وقت به
سڀ هيٺ مٿاهيون سمجهايون هيون. جيڪڏهن اُن جي چوڻ
تي هلندين ۽ هن کي وٽس صحيح سلامت وٺي ويندين، ته
هُو به بادشاهه آهي، شايد تو کي ئي ڏيئي ڇڏي. اُها
ڪهڙي نه چڱي ڳالهه ٿيندي! ان ريت محبت به رهجي
ايندي ۽ دل جو مطلب به پورو ٿيندو.“
مبارڪ جي دڙڪن ۽ سمجهائڻ سان ويچارو ٿي
ماٺ ۾ رهجي ويس. مبارڪ پوءِ به اُٺ خريد ڪيا ۽
ڪجاون تي سوار ٿي هلياسون. هلندي هلندي، هڪڙي
ڏينهن ميدان ۾ هُل ۽ گوڙ جو آواز آيو. تڏهن مبارڪ
چيو ته ”شڪرانا سچي صاحب جا جو اسان جي محنت صاب
پيئي. اِجهو جنن جو لشڪر اچي سهڙيو آهي.“ مبارڪ
اُنهن کي کيڪاريو ۽ کانئن پڇيو ته ڪيڏانهن وڃي
رهيا آهيو؟“ هنن چيو ته ”ملڪ صادق اسان کي اوهان
جي استقبال لاءِ اڳواٽ موڪليو آهي. هاڻي اوهان جا
فرمانبردار آهيون. جي چاهيو ته اک ڇنڀ ۾ اوهان کي
بادشاهه وٽ پهچايون.“ مبارڪ چين ته ”ڪيتريءَ محنت
کان پوءِ خدا اسان کي بادشاهه جي حضور ۾ سرخرو ڪيو
آهي. هاڻي تڪڙ جي ڪا به ضرورت نه آهي. جيڪڏهن
خدانخواسته ڪو خلل ٿي پيو، ته اسان جي محنت اَڪارت
ويندي ۽ جهان پناهه جي غصي جا شڪار ٿينداسون.“
اُنهن سڀني گڏجي چيو ته ”تون مختيار آهين، جيئن
تنهنجي مرضي هجي ائين ڪر.“ هاڻي هر طرح جو آرام هو
۽ رات ڏينهن پنڌ ڪيوسين.
جڏهن ويجهو پهتاسون، تڏهن هڪ ڏينهن مبارڪ
کي ننڊ ۾ ڏسي، مان هن نازنين جي پيرن تي ڪري پيس،
۽ پنهنجي بي آراميءَ ۽ بادشاهه صادق جي خوف کان
لاچاريءَ جي سڀ ڳالهه ڪري ٻڌائيمانس، ۽ ڏاڍي
عاجزيءَ مان چيومانس ته ”جنهن ڏينهن کان تنهنجي
صورت ڏٺي اٿم، تنهن ڏينهن کان وٺي کاڌو پيتو ۽ ننڊ
حرام آهي. هاڻي به جيڪڏهن گڏ آهيون ته بيگانن
وانگر.“ تڏهن اُن نازنين چيو ته ”منهنجي دل تو
ڏانهن مائل آهي. مان ڄاڻان ٿي ته تو منهنجي لاءِ
ڪيڏيون تڪليفون ۽ ڪشالا ڪاٽيا آهن ۽ ڪيڏيءَ مشقت
سان مون کي ڳولي هٿ ڪيو آهي. خدا کي ياد ڪر. مون
کي وساري نه ڇڏجانءِ. ڏس ته غيب جي پردي مان ڇا ٿو
ظاهر ٿئي.“ اِئين ئي. اوڇنگاريون ڏيئي روئڻ لڳي ۽
هڏڪين ۾ پئجي ويئي، مان به اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيس، روئڻ
جي گوڙ ۽ شور تي، مبارڪ به جاڳي پيو، اسان ٻنهي
مشتاقن کي روئندو ڏسي، پاڻ به روئڻ لڳو. منهنجو
غمگين حال ڏسي، چوڻ لڳو ته ”دلجاءِ ڪر، مون وٽ
اهڙو تيل آهي، جو جڏهن هيءَ گلبدن پنهنجي جسم کي
لائيندي ته اُن جي بوءِ کان ملڪ صادق جي دل کانئس
کٽي ٿي پوندي، ممڪن آهي ته پوءِ تو کي ئي بخشي
ڇڏي.“ ان کان پوءِ هن مون کي گهڻي دلداري ڏني.
ايتري ۾ جنن جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا. ڏٺم ته ڪيتريون ئي
ٻانهيون ملڪ صادق وٽان آيون آهن، جن ٻه سروپائون
اسان لاءِ آنديون. ساڻن هڪ موتين جي ڏولي به هئي.
مبارڪ اُن نازنين کي اُهو تيل لاتو ۽ پوشاڪ
پهرائي، سينگار ڪرائي، کيس ملڪ صدق ڏانهن وٺي
هليو. بادشاهه مون کي ڏسي، هزار آفرين ڪئي ۽ ڏاڍي
خوشي ڏيکاري، پنهنجي سرفرازي ڪئي، وڏيءَ عزت سان
پاڻ وٽ ويهاري، چوڻ لڳو ته ”مان تو سان ايڏي ته
مهرباني ڪندس، جو اڄ تائين ڪنهن به ڪنهن سان اهڙي
نه ڪئي هوندي. بادشاهي ته تنهنجي پيءُ جي موجود
آهي، پر تون مون کي هاڻي پٽ جي جاءِ تي آهين.“ هي
محبت جون ڳالهيون ڪري رهيو هو، جو هوءَ نازنين
سندس سامهون آئي. اُن تيل جي بوءِ کان سندس دماغ
پريشان ٿي ويو، حال کان بيحال بڻجي پيو. اُن بوءِ
کي سهي نه سگهيو، اُٿي ٻاهر هليو ويو ۽ اسان ٻنهي
کي گهرايائين، مبارڪ جي طرف منهن ڪري چيائين ته
”واه جو انجام پاڙيو اَٿَو! چڱا امانتدار آهيو!
مون اوهان کي بار بار ڪيترو تاڪيد ڪيو ته خيانت
ڪندوءُ ته خوار خراب ٿيندؤ. هاڻي هيءَ گندي بوءِ
ڇا جي آهي؟ ڏسو ته اوهان جو ڪهڙو حال ٿو ڪريان!“
پوءِ ته اَچي ڪاوڙ ۾ ڀريو، تپي ڳاڙهو ٿي
ويو. مبارڪ هيءَ ڏسي خوف کان چيو ته ”بادشاه
سلامت! جڏهن حضور جي حڪم سان هن ڪم تي مقرر
ٿياسون، تڏهن غلام پنهنجي علامت کي ڪاٽي، دٻليءَ ۾
بند ڪري، مهر هڻائي، سر ڪاري خزاني ۾ سپرد ڪري ڇڏي
هئي، ۽ مرحم سليماني لڳائي هتان روانو ٿيو هوس.
”مبارڪ جو جواب ٻڌي اکيون ڪڍي، مون کي گهوري
چيائين ته ”هيءُ تنهنجو ئي ڪم آهي. غصي ۾ اچي، ڇا
مان ڇا بڪڻ لڳو. سندس بدن جي چرپر مان سمجهيم ته
هاڻ ضرور مون کي اُڦٽ ماري وجهندو. اِئين سمجهي
سِر جو سانگو لاهي، يڪدم ترار مبارڪ جي مياڻ مان
ڪڍي، سندس پيٽ ۾وهائي ڏنيم، ترار جي ڌڪ سان هو
نوڙيو ۽ لڏيو. مون حيران ٿي سمجهيو ته هُو يقيناً
مري ويو، پر منهنجي دل ۾ خيال ڪيم ته ڌڪ ڪو ايڏو
ته سخت نه لڳو اٿس. آخر ڇا ٿيو! مون بيٺي ڏٺو.
ايتري ۾ هُو زمين تي ليٽ پيٽي، کينهوڻ جي صورت ۾
ٿي، آسمان ڏي اُڏاڻو. ايترو ته مٿي ٿي ويو، جو
اکين کان غائب ٿي ويو، هڪ گهڙيءَ کان پوءِ کنوڻ
وانگر ڪڙڪندو، ڪاوڙ ۾ وڦلندو، هيٺ آيو. مون کي
اهڙي ته لَت هنيائين، جو مان اونڌو ٿي ڪري پيس ۽
دل ٻڏي ويئي. بيهوش ٿي ويس. ڪيتريءَ دير کان پوءِ
هوش ۾ آيس. اکيون کولي ڏٺم ته هڪ اهڙي جهنگ ۾ پيو
آهيان، جتي ٻٻرن، ڪانڊيرن ۽ ٻيرن جي وڻن کان سواءِ
ٻيو ڪجهه نه آهي. گهڙي کن ته عقل ئي ڪم نه ڪيو ته
ڇا ڪريان ۽ ڪاڏي وڃان! نااُميدي ۾ ٿڌو ساهه ڀري،
هڪ طرف جو رستو کڻي ورتم، جيڪڏهن ڪٿي ڪو ماڻهو نظر
ٿي آيو ته کانئس ملڪ صادق جو نالو پڇيم. هنن مون
کي چريو سمجهي، پئي چيو ته ”اسان کي اهڙو ڪو به
نالو نه ٻڌو آهي.“
آخر رُلي ڏاڍو تنگ ٿيس، هڪ ڏينهن پهاڙ تي
چڙهي، وڃي اِرادو ڪيم ته پاڻ کي اُتان ڪيرائي
ماري ڇڏيان، جيئن ئي مرڻ جو پَڪو اِرادوڪيم۽ پاڻ
کي ڪيرائڻ لاءِ سنبريس، ته اُهو ئي سوار، صاحب
ذوالفقار، برقع پوش اچي ظاهر ٿيو، فرمايائين ته
”ڇو ٿو ناحق جان وڃائين! ڏک ڏاکڙا مردن تي ايندا
آهن، تنهنجا ڏکيا ڏينهن گذريا ۽ سکيا وريا آهن.
تون هتان روم ولايت ڏي وڃ. اُتي توکي توجهڙا ٽي
فقير ٻيا به ملندا، تن سان ملاقات ڪجي، اُتي جي
بادشاهه سان به ملج ته توهان چئن ئي ۽ بادشاهه جو
مطلب هڪ ئي هنڌ پورو ٿيندو، ۽ توهان سڀني جو ڏک
درد دفع ٿي ويندو.“
دوستو! هن فقير درويش جو اِهو حال آهي، جو
خذمت ۾ عرض گذاريم. مان جناب مشڪلڪشا، شير خدا، جي
بشارت سان اوهان مرشدن جي حضور ۾ پهتو آهيان،
بادشاه سلامت جي ملاقات به حاصل ٿي. هاڻي ڌڻيءَ
پاڪ اسان سڀني سان پنهنجو لطف ۽ فضل ڪري،ته دلجاءِ
۽ خاطر تسلي ٿئي.
خاتمو
هي ڳالهيون چئن درويشن ۽ آزاد بخت
بادشاهه جي وچ۾ ٿي رهيون هيون، ته ايتري ۾ هڪ محل
جو خادم، بادشاهه جي محلات کان ڊوڙندو آيو ۽
بادشاهه کي مبارڪ ڏنائين ۽ عرض ڪيائين ته ”هن وقت
اوهان جي حرم ۾ شهزادو ڄائو آهي، هُو ايڏو ته
سهڻو آهي، جو چنڊ ۽ سج به اُن جي سامهون شرمندا
آهن.“ بادشاه اچرج ۾ اچي، چوڻ لڳو ته ”ظاهري طرح
ته اُميدواري ڪنهن به بيگم کي ڪا نه هئي، ءِ هيءَ
ڪهڙي برج مان پيدا ٿيو!“ خادم عرض ڪيو ته ”اي قبله
عالم، ماهرو راڻي، جنهن تي سائينءَ جن جي گهڻي وقت
کان ڪاوڙ هئي، ۽ مظلومن وانگر هوءَ هڪ ڪنڊ ۾
پاسيري هئي ۽ حضور جي خوف کان ڪو به اُن وٽ ايندو
ويندو نه هو، تنهن تي رب پاڪ جو رحم ٿيو آهي.“
هيءُ ٻڌي، بادشاهه کي گهڻي خوشي ۽ سرهائي ٿي.
ڌڻيءَ جا لک لک شڪرانا ڪيائين، فقيرن به دعا ڪيس
ته ”بابا، شل تنهنجو گهر وسندو رهندو ۽ هيءُ
تنهنجو پٽ سدورو ٿيندو!“ بادشاهه فقيرن ڏانهن
نهاري چيو ته ”هيءُ سڀ اوهان جي قدمن جي برڪت آهي،
نه ته مون کي ته اُن جو وهم ۽ گمان به نه هو.
اجازت ڏيو ته وڃي اُن کي ڏسان.“ درويشن چيس ته
”بسم الله، اوهان وڃو!“
بادشاهه فقيرن کان موڪلائي محلات ۾ آيو،
شهزادي کي هنج ۾ کنيائين. لک لک شڪرانا رب جا
ڪيائين. اندر ٺري پيس، ۽ کڻي سيني سان لاتائينس.
پوءِ اُن کي کڻي اچي فقيرن جي پيرن ۾ وڌائين.
درويشن به دعائون ڪيس ۽ جهاڙ ڦيڻا پڙهي مٿانئس دم
ڪيائون. بادشاهه جشن جي تياري ڪئي. دهل، نغارا ۽
نوبتون وڄڻ لڳيون. خزاني جو منهن کلي ويو. سخيءَ
جي مهربانيءَ سان محتاج لکپتي بڻجي ويا ۽ غريب غني
ٿي پيا. وزيرن اميرن ۽ سردارن کي چوڻيون جاگيرون ۽
منصب مليا. جيترو به لشڪر هو، اُنهن مان هر هڪ
سپاهيءَ کي پنجن ورهين جي پگهار جيترو انعام حاصل
ٿيو. فقيرن ۽ عالمن کي وڏا وڏا انعام مليا. مفلسن
جون جهوليون ۽ فقيرن جا ڪشتا اشرفين ۽ رپين سان
ڀريا ويا، ٽن ورهين جي ڍل ڪڙمين کي معاف ڪئي
ويئي. کين حڪم مليو ته هو جو ڪجهه به پوکين، اُن
جي پيدائش جا ٻيئي حصا پنهنجي گهر کڻي وڃن.
سڄي شهر ۾ گهر گهر، راڳ ۽ ناچ جون محفلون
ٿي هليون. خوشيءَ کان هر ادنيٰ ۽ اعليٰ ڪپڙن ۾ نه
ٿي ماپيو. شهزادي جو نالو فقيرن صلاح سان ”بختيار“
رکيو ويو. اهڙيءَ عام خوشيءَ ۾ ، جڏهن چوڌاري هر
ڪو پنهنجي رنگ ۾ مست هو، محلات کان روئڻ پٽڻ جو
آواز آيو. ٻانهيون ڪنيزون، غلام ۽ خواجه سراءِ
روئندا، منهن پٽيندا آيا. بادشاهه کي چيائون ته
”جنهن وقت شهزادي کي وهنجاري سهنجاري دائيءَ جي
هنج ۾ ڏنو ويو، اُن وقت هڪ ڪڪر جو ٽڪرو آيو ۽
دائيءَ کي وڪوڙي ويو! ٿوريءَ دير کان پوءِ ڏٺائون
ته هوءَ بيهوش پيئي آهي ۽ شهزادو غائب ٿي ويو آهي.
هيءَ الائجي ڪهڙي قيامت ٿي گذري آهي!“ بادشاهه
هيءُ حيرت جهڙو واقعو ٻڌي حيران ٿي ويو. سڄوشهر
ٿرٿلي ۾ پئجي ويو. ڪيڏانهن ويئي خوشي ۽ ڪاڏي ويو
جشن! سڀني کان کاڌا پيتا وسري ويا. ساري شهر ۾
ننڍو وڏو هن واقعي تي افسو ڪرڻ لڳو. پنهنجي حياتي
۽ جيئڻ به وسري وين.
جڏهن ٽيون ڏينهن گذريو، تڏهن ساڳيو ڪڪر
ظاهر ٿيو. هڪڙو هندورو سونو جڙاءُ دار پاڻ سان گڏ
آندائين. هندورو اتي رکي، پاڻ وري غائب ٿي ويو.
ماڻهن اُن ۾ شهزادي کي آڱوٺو چوسيندو ڏٺو. بادشاهه
بيگم جلديءَ ۾ اُن کي کڻي پنهنجي سيني سان
لاتو.ڏٺائين ته آبدار موتين سان پوتل ڳچيءَ ۾
اٿس. هٿ ۾ هيري جي منڊي ۽ ڳچيءَ ۾ نو لکو هار پيو
هوس. انهيءَ کان سواءِ رانديڪا سونا روپا، جنهجڻ
نيلم ۽ پکراج جا گهڻيئي پيل هئا. سڀيئي خوشيءَ مان
سندس صدقي ٿيڻ لڳيون. دعائون ڪرڻ لڳيون ته شال وڏو
پَريو ٿئي.
بادشاهه هڪ وڏو محل جوڙايو، جنهن کي قيمتي
سامان سان سينگاري، منجهس درويشن کي رهايو. جڏهن
بادشاهي ڪم ڪارن کان فارغ ٿيدو هو تڏهن وٽن ويهندو
هو ۽ سندس پوري سنڀال لهندو هو. هاڻي هر نئين چنڊ
تي اُهو ڪڪر ايندو هو ۽ شهزادي کي کڻي ويندو هو، ۽
ٻن ڏينهن کان پوءِ، هر ملڪ جي سوکڙي پاکاڙين سان
وري کيس اُن جاءِ تي ڇڏي ويندو هو. اُن سوکڙيون
اِهڙيون قيمتي هونديون هيون، جو ڏسندڙ حيران ٿي
ويندا هئا. اِهڙيءَ ريت شهزادي خير سان ستين ورهيه
۾ پير رکيو هڪڙي ڀيري شهزادي جي ڄمڻ جي موقعي تي،
بادشاهه آزاد بخت فقيرن کي چيو ته ”اي فقير صاحبو،
اوهان خدا وارا ۽ الله لوڪ آهيو، ڪجهه ته ٻڌايو ته
شهزادي کي ڪير ٿو کڻي وڃي. مون کي ته ڪا به خبر
نه ٿي پوي. رات ڏينهن اِها ئي ڳڻتي ۽ جهوري اَٿم.
ڏسون ته هن جي پڇاڙي ڪهڙي ٿي ٿئي.“ فقيرن چيس ته
”اوهان هڪ محبت ڀريو خط لکي، شهزادي جي پينگهي ۾
رکو ته اوهان جي مهرباني ڏسي، اسان جي دل به اوهان
جي ملاقات لاءِ مشتاق آهي. جيڪڏهن دوستيءَ جي ريت
سان پنهنجي احوال جي خبر ڏيو ، ته دلجاءِ ٿيندي،
حيراني ۽ پريشاني دور ٿي ويندي.“
بادشاهه فقيرن جي صلاح موجب سونهري ڪاغذ
تي، مٿئين مضمون کي چڱيءَ عبارت ۾ لکي، پينگهي ۾
رکيو. شهزادو دستور موجب غائب ٿي ويو، جڏهن شام جو
آزاد بخت بادشاهه اچي درويش وٽ ويٺو ۽ ساڻن
ڳالهيون ٻوليون ٿي ڪيائين، ته اوچتو هڪ ڪاغذ
ويڙهيل سيڙهيل بادشاهه جي ڀر سان اچي پيو. اُن کي
کولي پڙهيائين ته منجهس لکيل هو ته ”اوهان جي ملڻ
جي اسان کي به گهڻي آرزو آهي. سواريءَ لاءِ تخت
موڪلجي ٿو. جيڪڏهن هاڻي ئي پنهنجو منهن ڏيکاريو،
ته چڱو ٿيندو. ملاقات ٿي ويندي. عيش جو سڀ سامان
تيار آهي، فقط اوهان جي پهچڻ جي دير آهي.“ بادشاهه
آزاد بخت جيئن ئي درويشن کي ساڻ وٺي تخت تي ويٺو.
اُهو تخت حضرت سليمان جي تخت وانگر اُڏاڻو. اک ڇنڀ
۾ اِهڙي مڪان ۾ وڃي لٿو، جا عمارت نهايت عاليشان
ٿي ڏٺي. اُتي سڀ بادشاهي اسباب موجود هئا، پر
معلوم نه پئي ٿيو ته ڪو اُتي موجود به آهي يا نه؟
ايتري ۾ ڪنهن هڪ هڪ سرائي سليمان سُرمي جي هنن
پنجنئي جي اکين ۾ گهمائي. ٻه ٻه ڦڙا جي سندن اکين
مان ڪري پيا. هاڻي هنن پرين جو آکاڙو ڏٺو، جي سندن
استقبال لاءِ هٿن ۾ گلابپاشيون کنيو بيٺيون هيون،
جن کي رنگ برنگ پوشاڪون پيل هيون، بادشاهه آزاد
بخت اڳڀرو هليو، ته ڏٺائين ته هزارين پريون ٻنهي
پاسن کان قطارون ٻڌيو ادب سان بيٺيون آهن. هڪ هڪ
ٿلهي تي هڪڙو سونو، سائي زمرد جي جڙاءَ سان تخت
رکيل آهي، اُن تي بادشاهه شهپال، بادشاه شاهرخ جو
پٽ، ٽيڪ ڏيو، وڏي شان ۽ شوڪت ۽ حشمت سان ويٺو آهي.
ڪيترا پريزاد سندس روبرو شهزادي بختيار سان ويٺا
رانديون کيڏن.سندن ٻنهي پاسن کان ڪرسيون ۽
صنديلون قريني سان رکيل آهن، جن تي سهڻا پريزاد،
امير، وزير ۽ سردار ويٺا آهن. ملڪ شهپال بادشاهه
کي ڏسنديئي اُٿي بيٺو. تخت تان لهي ساڻس بغلگير
ٿيو ۽ هٿ هٿ ۾ ڏيئي، کيس وٺي اچي پاڻ سان گڏ تخت
تي ويهاريائين. وڏيءَ محبت، پيار ۽ قرب مان کيس
کلي کيڪارڻ لڳو. سارو ڏينهن اهڙيءَ ريت کل خوشيءَ
کائڻ پيئڻ ۽ دعوت ۾ سندن گذريو. اُن کان پوءِ راڳ
۽ ناچ جي محفل ٿيڻ لڳي. ٻئي ڏينهن جڏهن بادشاهه
وري گڏ ٿيا، شهپال بادشاهه کان فقيرن کي ساڻ وٺي
اچڻ جو ڪارڻ پڇيو.
بادشاهه چئن ئي مسڪين فقيرن جي سموري
حقيقت جا ٻڌي هئائين، سا کيس ڪري ٻڌائي، ۽ سفارش
ڪيائين ۽ مدد گهريائين، کيس عرض ڪيائين ته ”هنن
وڏي محنت ۽ مصيبت سٺي آهي. جيڪڏهن اوهان جي توجهه
سان هي پنهنجي مقصد کي پهچندا، ته عظيم ثواب آهي،
۽ مان به سڄي عمر شڪر گذار رهندس. مون کي اُميد
آهي ته اوهان جي نظر سان هنن جو ٻيڙو پار ٿيندو.“
ملڪ شهپال هيءُ ٻڌي چيو ته ”اکين سان مان اوهان جي
حڪم ۾ ڪڏهن به پوئتي نه پوندس.“ ائين چئي تيز
نگاهن سان ديون ۽ پرين جي طرف ڏٺائين. وڏن وڏن جنن
ڏي، جي جتي به سردار هئا، اُنهن ڏي خط لکيائين ته
”هن فرمان جي ڏسندي ئي، پاڻ کي حضور پرنور ۾ حاضر
ڪن. جيڪڏهن اَچڻ ۾ دير ڪئي ته پنهنجي سزا لوڙيندو.
پاڻ سان گڏ هٿ آيل آدمزاد مرد خوا عورت کي به وٺيو
اچن. جيڪڏهن اُنهن ڪنهن کي لڪائي رکيو ۽ پوءِ ظاهر
ٿيو ته اُنهن جي زال ۽ ٻارن کي گهاڻي ۾ پيڙايو
ويندو ۽ اُن جو ڪو به نشان نه رهندو.“
هي فرمان کڻي، ديو چئن ئي طرفين مقرر ٿيا.
هتي ٻنهي بادشاهن جي وچ ۾، محبت جي مجلس شروع ٿي.
ملڪ شهپال درويشن ڏي منهن ڪري چيو ته ”مون کي وڏي
سڪ هئي، ته مون وٽ اولاد پيدا ٿئي. دل ۾ مون انجام
ڪيو هو ته جيڪڏهن خدا پٽ ڏنو يا ڌيءُ ته اُن جي
شادي انسانذات جي ڪنهن به بادشاهه جي ٻار سان، جو
ان وقت پيدا ٿيو هوندو. ڪندس. هن نيت ڪرڻ کان
پوءِ، معلوم ٿيو ته بادشاهه بيگم حامله آهي. آخر
ڏينهن، گهڙيون ۽ مهينا ڳڻندي، نياڻي پيدا ٿي. وعدي
موجب مون تلاش ڪرڻ لاءِ جنن کي حڪم ڏنو ته بادشاهه
يا شهنشاهه وٽ پٽ پيدا ٿيو هجي ته، اُن کي مون وٽ
حفاظت سان پهچايو. منهنجو حڪم ٻڌي هُو چو طرف
پکڙجي پيا، ۽ ٿوريءَ دير کان پوءِ شهزادو مون وٽ
آندائون.
مون خدا جو شڪر ڪيو. پنهنجي هنج ۾ کيس
ورتم، پنهنجي ڌيءُ کان وڌيڪ سندس محبت دل ۾ پيدا
ٿي. دل نه ٿي گهريو ته هڪ گهڙي اُن کي پنهنجي نظر
کان جدا ڪريان، پر هن ڪري کيس موٽائي موڪليندو
آهيان ته جيڪڏهن سندس ماءُ پيءُ کيس نه ڏسندا، ته
سندن ڇا حالت ٿيندي! اُن ڪري مهيني ۾ کيس هڪ ڀيرو
گهرائيندو آهيان ۽ ٿورا ڏينهن پاڻ وٽ رهائي، وري
موٽائي موڪليندو آهيان، جيئن ته هاڻي تنهنجي ۽
اسان جي ملاقات ٿي آهي ۽ موت هر وقت سِر تي بيٺو
آهي ۽ باقي حياتيءَ جي ڪا خبر نه آهي، تنهن ڪري
چاهيان ٿو ته پنهنجي جيئري اُنهن جي شادي ڪريان ۽
هيءَ خوشي پنهنجي اکين سان ڏسي وڃان.“ بادشاهه
آزاد بخت، ملڪ شهپال کان دوستيءَ جون ڳالهيون ٻڌي،
ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ چيائين ته ”پهريائين اسان کي
شهزادي جي کڄي وڃڻ ڪري ۽ وري موٽي اچڻ کان پوءِ
طرحين طرحين خيال ۽ سوين شڪ دل ۾ پيدا ٿيندا ٿي
رهيا، پر هاڻي اوهان جي گفتگو کي ٻڌي تسلي ٿي
آهي. اي صاحب، هيءُ هاڻي اوهان جو پٽ آهي، اوهان
جي اختيار آهي، جيئن به ڪريو.“ مطلب ته ٻنهي
بادشاهن جي صحبت کير کنڊ وانگر رهي ۽ خوب عيش ۽
شادمانا ڪندا رهيا.
پنجن ڏهن ڏينهن جي عرصي ۾، گلستان ارم، ڪوهه قاف
۽ ٻيٽن جا وڏا وڏا بادشاهه حڪم موجب اچي حاضر
ٿيا، پهريائين ملڪ صادق کي فرمايائون ته ”تو وٽ جو
آدمزاد آهي. اُن کي حاضر ڪر؟“ هن ڪيتري غصي ۾ غم
کان پوءِ لاچار اُن گلعذار کي حاضر ڪيو، پوءِ
عمان ولايت جي بادشاهه کان شهزاديءَ جي طلب
ڪيائين، جنهن لاءِ نيمروز جو شهزادو ڏاند تي سوار
ٿي. سوداين وانگر ٿي ڦريو. هُن به گهڻي عذر کان
پوءِ، اُن کي آڻي حاضر ڪيو. جڏهن بادشاهه، فرنگ جي
شهزاديءَ ۽ بهزاد خان جي لاءِ پڇا ڪئي، ته سڀيئي
جن ۽ ديو ماٺ ۾ اچي ويا ۽ حضرت سليمان جو قسم
کاڌائون، آخر قلزم درياهه جي بادشاهه کان پڇڻ جو
وارو آيو، تڏهن هُو ڪنڌ هيٺ ڪري چپ ٿي ويو. ملڪ
شهپال اُن جي دل ورتي. کيس قسم ڏنو، انعام جو
اميدوار ڪيو ۽ ٿورو ڌڙڪو به ڏنو. تڏهن هُن هٿ جوڙي
عرض ڪيو ته ”بادشاهه سلامت حقيقت هيءَ آهي ته جڏهن
بادشاهه پنهنجي پٽ جي استقبال لاءِ درياهه تي آيو
۽ شهزادي تڪڙ ۾ پنهنجو گهوڙو درياهه ۾ وڌو، اتفاق
سان مان اُن ڏينهن سير ۽ شڪار لاءِ نڪتو هوس،
اُتان گذريس. سوارين کي بيٺل ڏسي، تماشو ڏسڻ لڳس.
ايتري ۾ شهزاديءَ کي گهوڙي درياهه ۾ ڇڪي ويئي.
منهنجي نگاهه جو اُن تي پيئي ته بي اختيار ٿي ويس.
پريزادن کي حڪم ڪيم ته شهزاديءَ کي گهوڙي سميت کڻي
اَچو. اُن جي پوئتان بهزاد خان به گهوڙو ڦٽو ڪيو.
جڏهن هُو غوطا کائڻ لڳو ته سندس بهادري ۽ مردانگي
مون کي پسند آئي. اُن کي به پاڻ وٽ آڻايم. اُنهن
کي وٺي سواري ڦيرايم. اُهي ٻيئي مون وٽ صحيح سلامت
موجود آهن.“ اِهو احوال بيان ڪري ٻنهي کي گهرائي
ورتائين.
سلطان شام جي شهزاديءَ جي گهڻي ڳولا ڪئي،
نرميءَ ۽ گرميءَ سان پڇيئين، پر ڪنهن به حامي نه
ڀري، نه وري ڪو نالو ۽ نيشان ئي ڏسيو. هيءُ ڏسي
ملڪ شهپال فرمايو ته ”ڪو بادشاهه يا سردار غير
حاضر آهن يا سڀيئي اچي حاضر ٿيا آهن.؟“ جنن عرض
ڪيو ته ”جهان پناهه! سڀ حضوريءَ ۾ حاضر آهن، پر هڪ
مسلسل جادو، جنهن ڪوهه قاف جي حصي ۾ هڪ قلعو جادو
جي زور تي بڻايو آهي، اُهو پنهجي غرور سبب حاضر نه
ٿيو آهي. نه فقط هن جو جادوءَ سان ڀريل مڪان آهي
پر پاڻ به وڏو شيطان آهي.“
هي ٻڌي ملڪ شهپال کي ڪاوڙ آئي. هڪ فوج
جنن، ديون ۽ پريزادن جي مقرر ڪري، اُنهن کي حڪم
ڏنائين ته ”جيڪڏهن سچائيءَ سان شهزاديءَ کي وٺي
حاضر ٿئي، ته خير، نه ته ان کي زير ۽ زبر ڪري، ٻڌي
مون وٽ وٺي اَچو. اُن جي قلعي ۽ ملڪ کي نيست ۽
نابود ڪري، مٿانئس هَر ڏيئي ڇڏيو ته جيئن ٻين کي
عبرت حاصل ٿئي.“ حڪم ملندي ئي وڏي فوج رواني ٿي ۽
ايڏي جوش ۽ خروش واري باغيءَ کي هڪ اڌ ڏينهن ۾
پڪڙي آيا ۽ کيس هٿ ٻڌل اچي حاضر ڪيائون. ملڪ
شهپال گهڻي تنبيهه ڪري پڇيس، پر هُن مغرور سڀ
ڪنهن طرح انڪار ڪيو ۽ کل بُههَ سان ڀريو. اُن کان
پوءِ پريزادن جو لشڪر مقرر ڪيائين ته ”شهزاديءَ کي
ڪوهه قاف مان ڳولي ڦولهي آڻي ڏيو.“ اُن مقرر ٿيل
لشڪر شهزاديءَ کي گهڻي تڪليف کان پوءِ هٿ ڪري حضور
۾ آڻي حاضر ڪيو. هنن سڀني باندين ۽ چئن ئي فقيرن
ملڪ شهپال جو حڪم ۽ انصاف ڏسي، کيس خوش ٿي دعائون
ڪيون. بادشاهه آزاد بخت به خوش ٿيو. اُن کان پوءِ
ملڪ شهپال حڪم ڏنو ته ”مردن کي ديوان خاص ۾ ۽
عورتن کي محلات ۾ داخل ڪيو. شهر کي سينگارڻ جو حڪم
ڪريو ۽ شاديءَ جو سانباهو ڪريو.“
هڪ ڏينهن موچاري گهڙي ۽ مبارڪ مَهُورت
ڏسي، شهزادي بختيار جو نڪاح پنهنجي ڌيءُ روشن سان
وڌائين. اُن کان پوءِ يمن جي سوداگر زادي جي شام
جي شهزاديءَ سان ۽ ايران جي شهزادي جي شادي بصري
جي شهزاديءَ سان ڪيائين ۽ عجم جي بادشاهزادي جو
نڪاح فرنگ جي شهزاديءَ سان ڪيائين، نيمروز جي
بادشاهه جي ڌيءُ بهزاد خان کي ڏنائين. نيمروز جي
شهزاديءَ کي يمن جي شهزادي جي حوالي ڪيائين ۽
پوڙهي عجميءَ جي ڌيءُ (جا ملڪ صادق جي قبضي ۾ هئي)
چين جي شهزادي جي نڪاح ۾ ڏنائين. اهڙيءَ ريت هر ڪو
نامراد ملڪ شهپال جي مهربانيءَ سان پنهنجي مقصد ۽
مراد کي پهتو. اُن کان پوءِ چاليهه ڏينهن جشن
ٿيندو رهيو، ۽ هر ڪو عيش ۽ عشرت ۾ رات ڏينهن
مشغول رهيو.
آخر ملڪ شهپال هر هڪ بادشاهزادي کي
سوکڙيون، سوغاتون ۽ مال ۽ اسباب ڏيئي پنهنجي
پنهنجي وطن موڪلي ڏنو. هي سڀ گهڻي خوشيءَ ۽ دلجاءِ
سان روانا ٿي ويا ۽ خير سان وڃي پنهنجي پنهنجي ملڪ
پهتا ۽ بادشاهت ڪرڻ لڳا. باقي بهزاد خان ۽ يمن جو
سوداگر زادو پنهنجي مرضيءَ سان بادشاهه آزاد بخت
خان وٽ رهي پيا. يمن جي سوداگر زادي کي شاهي
خزانچي ۽ بهزاد خان کي سڄيءَ فوج جي سپھ سالاريءَ
جو عهدو مليو، جيستائين جيئرا رهيا، عيش ڪندا
رهيا.
الٰهي، جهڙيءَ ريت هنن چئن درويشن ۽ پنجين
آزاد بخت بادشاهه جون دلي مرادون پوريون ٿيون،
اِهڙيءَ ريت هر هڪ نامراد جو دلي مقصد پنهنجي ڪرم
۽ فضل سان پورو ڪر! طفيل پنجتن پاڪ، ٻارهن امامن ۽
چوڏهن معصومن (عليهم الصلواة والسلام) جي. آمين يا
اِلٰھ العالمين.
پورو ٿيو |