مير اَمن جو مقدمو
سبحان الله! ڪيڏو نه ڪاريگر آهي، جنهن مُٺ
مٽيءَ مان، ڪهڙيون ڪهڙيون نه صورتون ۽ مورتون پيدا
ڪيون آهن! باوجود گوري ۽ ڪاري جي، سڀ کي ساڳيو نڪ،
ڪَن، هٿ پير مليا آهن، جدا جدا شڪليون، جي پنهجي
سڄ ڌَڄ ۽ قد بت جي سبب هڪ ٻئي کان جدا جدا آهن.
ڪروڙين مخلوق ۾، جنهن کي به چاهيو، سڃاڻي وٺو.
آسمان سندس وحدت جي درياءَ جو هڪ ڦوٽو ۽ زمين
پاڻيءَ جو پتاشو آهي. پر هيءُ به عجيب تماشو آهي،
ته سمنڊ هزارين لهريون هڻي ٿو، پر ان جو وار به
ونگو ڪري نه ٿو سگهي، جنهن کي ايتري قدرت ۽ طاقت
هجي، اُن جي حمد ۽ ثنا ۾ انسان جي زبان گونگي
آهي.چوي ته ڇا چوي! بهتر ائين آهي ته جنهن ڳالهه
تي دم نه هڻي سگهي، اُن ۾ خاموش ٿي رهي:
عرش کان تا فرش جنهن جو هر جڳهه فرمان آهه،
حمد اُن جي ٿو لکين، اُن جو ڪٿي امڪان آهه؟
آ پيغمبر هئين چيو، ”اُن کي سڃاتو مون ڪٿي!“
جو ڪري دعويٰ پيو اُن جي، وڏو نادان آهه.
رات ڏينهن ۽ چنڊ سج ٿا اُن جي صنعت کي ڏسن،
هيءُ هر هڪ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي حيران آهه.
جنهن جو ثاني ۽ مقابل ٿيو نه ٿيندو ڪو ڪڏهن،
اهڙي يڪتا کي خدائي سڀ طرح شايان آهه.
ايتري آهي خبر، هُو خالق و رزاق آهه،
هر طرح مون تي اُنهيءَ جو لطف ۽ احسان آهه.
درود اُن جي دوست تي، جنهن جي خاطر زمين ۽
آسمان کي پيدا ڪيائين، جنهن کي رسالت جو درجو
ڏنائين:
جسم پاڪ مصطفيٰ الله جو هڪ نور آهه،
اُن ڪري پاڇو سندن قد جو نه هو مشهور آهه.
ايتري طاقت ڪٿي جو نعمت مان اُن جي لکان،
پر سخن گوين جي هيءَ ئي دائما دستور آهه.
سندس آل تي صلواة ۽ سلام، جي آهن ٻارهن امام،
حمد حق ۽ نعت احمد جو هتي ڪر اختتام،
هاڻ ڪر آغاز اُن کي، آهه جو منظور عام،
يا الاهي واسطي پنهنجي نبيءَ جي آل جي،
منهنجي ڪر هيءُ گفتگو مقبول طبع خاص و عام.
مطلب هن تاليف جو هيءُ آهي ته سن هڪ هزار
ٻه سؤ پندرهن هجري (1215 هه)، اَرڙهن سئو هڪ سال
عيسوي 1801ع مطابق هڪ هزار ٻه سئو ست مطابق 1207
هجريءَ ۾ سن فصليءَ ۾، اشرف الاشراف مارڪئس ولزلي،
گورنر جنرل لارڊ ماننگٽن صاحب جي زماني ۾ (جنهنجي
تعريف ۾ عقل حيران ۽ فهم سرگردان آهي، جيتري وصف
سردارن ۾ هئڻ گهرجي، اُن جي ذات ۾ جمع آهي، مطلب
ته قسمت جي خوبي هن ملڪ جي هئي، جو اهڙو حاڪم
تشريف وٺي آيو، جنهن جي قدم جي فيض کان جهان آرام
ورتو، مجال نه آهي ڪنهن کي جو ڪوئي ڪنهن تي
زبردستي ڪري سگهي. شينهن ۽ ٻڪري هڪ هنڌ پاڻي پي
رهيا آهن، سڀ غريب ۽ غربا دعائون ڪندا رهن ٿا ۽
خوش خوش جيئندا رهن ٿا). ملڪ ۾ علم جو چرچو ٿيو،
عزت وارن صاحبن کي شوق پيدا ٿيو ته اُردو جي زبان
کان واقف ٿي، هندستانين سان گفتگو ڪن ۽ ملڪي ڪم
کي چڱيءَ ريت پورو ڪن. اُن ڪري هن سال ڪيترائي
ڪتاب تاليف ٿيا آهن.
اُهي صاحب، جي هندستان جي زبان جي ڄاڻن ۽
ڳالهائڻ وارا آهن، اُنهن جي خدمت ۾ عرض ٿو ڪريان
ته ”چهار درويش“ جو هيءَ قصو شروع ۾ امير خسرو
دهلوي پنهنجي پير حضرت نظام الدين اوليا زري زر
بخش جي خدمت ۾، جڏهن هُو بيمار هو، ٻڌائيندو هو.
الله تعاليٰ کيس ٿورن ڏينهن ۾ شفا ڏني، تڏهن پاڻ
غسل صحت جي ڏينهن، هيءَ دعا گهريائين ته جو به هن
قصي کي ٻڌندو، اُهو خدا جي فضل سان تندرست رهندو.
هيءُ قصو اهڙيءَ ريت فارسي زبان ۾ رواج هيٺ آيو.
هاڻي، خداوند نعمت، مروت جي صاحب، شريفن
جي قدردان، جان گلڪرايسٽ صاحب، مهربانيءَ سان
فرمايو ته هن قصي کي نيٺ هندستاني گفتگوءَ ۾ ترجمو
ڪر، جنهن کي هندو مسلمان، مرد عورت، ننڍا خواه وڏا
چڱيءَ ريت سمجهي سگهن. اُن حضور جي حڪم موجب مان
به هيءُ اهڙي ئي محاوري ۾ لکڻ شروع ڪيو، جيئن ڪوئي
ڳالهائي رهيو آهي.
پهريائين پنهنجو احوال هي عاصي گنهگار،
مير اَمن دهليءَ وارو، بيان ڪري ٿو، منهنجا وڏا
همايون بادشاهه جي زماني کان وٺي، هر هڪ بادشاهه
جي رڪاب ۾ پشت به پشت جانفشاني ڪندا رهيا. اُهي به
پرورش جي خيال کان سندن سار سنڀال لهندا رهيا،
جاگير، منصب ۽ ٻين رعايتُن سان کين مالا مال ڪندا
رهيا ۽ کين خانه زاد مورثي ۽ منصب دار قديمي
پنهنجي زبان سان فرمائيندا رهيا. جيئن جو هي لقب
پوءِ بادشاهي دفتر ۾ داخل ٿيو. تان جو هن گهر تي
اها نوبت پهتي، جا ظاهر آهي. سورجمل جاٽ جاگير کي
ضبط ڪيو ۽ احمد شاهه درانيءَ گهر ٻار تاراج ڪيو.
اِهڙي تباهي ڏسي شهر کان (جو منهنجو وطن آهي ۽ جتي
منهنجي اور پوريل آهي) جلاوطن ٿيس ۽ اِئين خوشيءَ
۽ سک جو جهاز تباهه ٿيو. مان بيوسيءَ جي سمنڊ ۾
ٽٻيون کائڻ لڳس. ٻڏندڙ کي ڪک جو آسرو به گهڻو
ٿيندو آهي. ڪيترا ورهيه عظيم آباد ۾ دم پٽيم. آخر
اُتان به پير پٽيا. وقت موافقت نه ڪئي. عيال ۽
ٻارن کي ڇڏي، اَڪيلو ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي، اشرف
البلاد ڪلڪتي ۾ آب داڻي جو زور سبب پهتس. ڪجهه وقت
بيڪار گذريو. اتفاقاً نواب دلاور جنگ پنهنجي ننڍي
ڀاءُ مير محمد ڪاظم خان جي اُستاديءَ لاءِ مقرر
ڪيو. قريباً ٻه سال اُتي رهڻو پيو. پر اُتي به
نباه ٿي نه سگهيو. تڏهن منشي بهادر عليءَ جي وسيلي
سان حضور ”جان گلڪرايسٽ“ صاحب تائين رسائي ٿي. بخت
جي ياوريءَ سان اُن جو انمرد جي دامن تائين پهتس.
گهريم ٿي ته چڱا ڏينهن اچن. هاڻي، ٻيو نه، ته به
هيءَ غنيمت آهي ته ٽڪر کائي آرام سان ننڊ ڪريان
ٿو. گهر ۾ ڏهه ماڻهو ننڍا وڏا پلجي، اُن قدردان کي
دعائون ڏيندا رهن ٿا. خدا قبول ڪري!
اُردو زبان جي حقيقت مون بزرگن کان هيئن
ٻڌي آهي ته دهلي شهر، هندن وٽ ”چئن جڳن“ کان مشهور
آهي. اُنهن جا راجا ۽ پرجا قديم وقت کان اتي رهندا
هئا ۽ پنهنجي ڀاشا ڳالهائيندا هئا. هزار ورهيه
کان، مسلمانن جي حڪومت شروع ٿي. سلطان محمود غزنوي
آيو.وري غوري ۽ لوڌي بادشاهه ٿيا. هن آمد و رفت جي
ڪري، زبانن ڪجهه هندن ۽ مسلمانن جي آميزش ورتي.
آخر تيمور (جنهن جي خاندان ۾ هاڻي به نالي طور
بادشاهي آهي) هندستان کي ورتو. اُن جي اَچڻ ۽ رهڻ
سبب، لشڪر جو شهر جي بازار ۾ اَچڻ شروع ٿيو. اُن
ڪري شهر جي بازار اُردو سڏجڻ لڳي.وري همايون
بادشاهه پٺاڻن کان حيران ٿي، ولايت ويو. آخر اُتان
اَچي، هن حاڪم پٺاڻن جي پونين کي گوشمالي ڪئي،
جيئن ڪو مفسد باقي نه رهي، جو فتنو ۽ فساد پيدا
ڪري.
جڏهن اڪبر بادشاهه تخت تي ويٺو. تڏهن چئني
طرفن جي ملڪن کان سڀ قومون، قدرداني ۽ فيض رساني
اُن خاندان لاثانيءَ جي ٻڌي، حضور ۾ اچي گڏ ٿيون.
مگر سڀ جي ڳالهه ٻولهه ۽ ٻولي جدا جدا هئي. گڏ هئڻ
جي سبب، ڏيڻ وٺڻ، سودي سلف ۽ سوال جواب ڪرڻ جي
لاءِ هڪ زبان ”اُردو“ مقرر ٿي. جڏهن حضرت شاهجهان
صاحب قران قلعو مبارڪ، جامع مسجد ۽ شهر پناه تعمير
ڪرايا ۽ تخت طائوس ۾ جواهر جڙايا ۽ بادل جي سايي
وانگر تنبو ڪاٺين تي بيهاري ڇڪايا، ۽ نواب علي
مردان هن کي شهر ۾ آندو، تڏهن بادشاهه خوش ٿي جشن
ملهايو ۽ شهر کي پنهنجو دارالخلافت بڻايو، تڏهن
کان هي شهر شاهجهان آباد مشهور ٿيو ۽ اُتان جي
بازار کي ”اردوي معليٰ“ نالو مليو.
اَمير تيمور جي عهد کان، محمد شاهه جي بادشاهت،
بلڪه احمد شاهه ۽ عالمگير ثانيءَ جي وقت تائين،
پيڙهي به پيڙهيءَ سلطنت يڪسان هلندي آئي. اُردو
زبان صاف ٿيندي ٿيندي، اِهڙي ته صاف ٿي، جو ڪنهن
شهر جي ٻولي اُن سان ٽڪر نه ٿي کائي. پر اُن لاءِ
به ڪنهن قدردان مصنف جي ضرورت آهي. سو هاڻي مدت
کان بعد خدا تعاليٰ جان گلڪرايسٽ جهڙو دانا ۽
نڪته رس پيدا ڪيو آهي، جنهن پنهنجي گيان ۽ اُگت
سان تلاش ۽ محنت سان قاعدن جا ڪتاب تصنيف ڪيا. اُن
ڪري هندستان جي زبان جو ملڪن ۾ رواج پيو ۽ نئين سر
رونق زياده ٿي. نه ته پنهنجي دستار، گفتار ۽
رفتار کي ڪو به بڇڙو نه ڄاڻندو آهي. جيڪڏهن هڪ
ڳوٺاڻي کان پڇيو ويندو ته شهر واري تي نالو رکندو
۽ پاڻ کان بهتر سمجهندو- خير: ”عاقلان خود مي
دانند“.
جڏهن احد شاهه اَبدالي ڪابل کان آيو ۽ شهر
کي ڦُرايائين، تڏهن شاهه عالم پورب جي طرف هو. ڪو
به ملڪ جو مالڪ ۽ وارث نه هو. شهر نڌڻڪو ٿي پيو.
بادشاهت جي اقبال سان شهر جي رونق هئي، اوچتو
تباهي آئي. اُتان جا رئيس، ”مان ڪٿي ۽ تون ڪٿي“
وانگر جيڏانهن به منهن آين، اوڏانهن نڪري پيا.
جنهن ملڪ ۾ پهتا، اُتان جي ماڻهن سان سنگت ڪندي.
ڳالهه ٻولهه ۾ فرق آين. ڪي ته اهڙا به هئا جو پنج
ڏهه ورهيه ڪنهن سانگي سان دهليءَ ويا ۽ اُتي رهي
پيا، اُهي ڪٿي ٿي صحيح ڳالهائي سگهيا. ضرور ڪٿي نه
ڪٿي غلطي ڪري ويهندا. مگر اُهو شخص، جو سڀ آفتون
سهي، دهليءَ کي چنبڙي پيو، جنهن جون پنج ڏهه
پيڙهيون انهيءَ شهر ۾ گذريون ۽ جنهن اميرن جي
دربار، ميلا، عرس ۽ سير تماشا مدت کان شهر جا ڏٺا،
جنهن نڪرڻ کان پوءِ به پنهنجي زبان جو لحاظ رکيو.
اُن جو ڳالهائڻ البت ٺيڪ ٿي سگهي ٿو. هيءُ عاجز به
هر هڪ شهر جو سير ڪندو ۽ تماشو ڏسندو. هيستائين
پهتو آهي.
سنڌي ترجمي تي نظر
”چار درويش“ جي ترجمي جي عبارت نهايت سادي
۽ دلڪش آهي. تصنع ۽ بناوت کان بلڪل دور آهي.
”فسانه عجائب“ جو ترجمو ڪندي، اُن جي مترجم مقفيٰ
عبارت جو بهترين قسم پيش ڪيو آهي، جنهن جي تقليد
ٻين قصه گو صاحبن به ڪئي آهي. مگر ائين ڪندي
اُنهن صاحبن عبارت کي دلڪش بڻائڻ بدران گهڻي قدر
منجهائي ڇڏيو آهي. منهنجي سامهون :گل بڪاولي“ جي
قصي جو ترجمو موجود آهي، جنهن جي مترجم جو نالو
واحد بخش شڪارپوري، تخلص ”مشتاق“، هو، هو سکر ضلعي
۾ ماستر هو غالباً سال 1916ع ۾ وفات ڪري ويو.
مرحوم هن ڪتاب کي
اردوءَ
تان ترجمو ڪيو هو. اگرچه هن ڪتاب جي عبارت مقفيٰ
آهي، پر”گل خندان“ جهڙي رواني ۽ شستگي منجهس موجود
نه آهي. هڪ هنڌ لکي ٿو ته:
”ميزبان چيو ته مون حضرت سليمان جو سنهن کنيو آهي،
جن هن کي مطلب ملائيندو ته جان جو ٿورو لائيندو نه
ته جان اَجل ۾ گوائيندو. ديو قبول ڪيو اِهو قول،
ٻڌو هن سان پڪو ٻول، ته جمال نالي آهي منهنجي
اَدي، تنهنجي هٿان هيءَ حاج لهندي، ڇاڪاڻ ته ديو
آهن ارڙهن هزار، خاص چوڪيدار، تن جي آهي اُها
سردار.
هن عبارت مان تصنع پيو ڏسجي ۽ منجهس ڪا به
رواني معلوم نه ٿي ٿئي هن تصنع جي عبارت کان
جيڪڏهن قصي کي روز مرهه جي زبان ۾ لکيو وڃي ها، ته
اُن ۾ زياده دلڪشي ۽ رواني پيدا ٿئي ها. اڄ نثر
جو مقفيٰ يا مرجز قسم مفقود آهي ۽ اُن کي متروڪ
سمجهيو وڃي ٿو. ”خادم“ مرحوم روزمره جي نثر کي
پنهنجي سامهون رکيو آهي، جنهن ڪري ترجمي ۾ دلڪشي ۽
لطافت پيدا ٿي پيئي آهي. ترجمي ۾ هيءَ خاص طرح
ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته اهو عام فهم ۽ آسان هجي.
تصنع کان هي ترجمو بلڪل آزاد آهي. جنهن جا مثال
اسان کي جا بجا نظر اچن ٿا. بادشاهه آزاد بخت
قبرستان ۾ پهچي ٿو: اُن جو ذڪر مترجم هن فصيح
عبارت ۾ ٿو ڪري:
بادشاهه خيال ڪيو ته ڀلا هيءُ ڪهڙو ڏيئو آهي، جو
اِهڙي ڏاڍي واءَ ۾ به نه ٿو وسامي. شايد ڪو طلسم
آهي، جو ڦٽڪيءَ ۽ گندرف کي ملائي، ڏيئي کي ڇڙڪيو
ويو آهي، جو ڪهڙي به هوا لڳي ته ڏيئو نه وسامي.
يا ڪنهن وليءَ جو ڏيئو آهي، جو روشن آهي. جو ڪجهه
ٿئي سو ٿئي، هلي ڏسڻ گهرجي. شايد هن شمع جو نور
کان منهنجي گهر جو چراغ به روشن ٿئي ۽ دل جي مراد
به ملي.“
ترجمي کي پڙهندي ائين محسوس ٿو ٿئي ته هي
ترجمو نه آهي، پر مترجم جي طبعزاد جي تصنيف آهي.
مثال لاءِ:
”منهنجا خوشامدي دوست، منهنجي دولت کي لٽڻ ۽ ڦرڻ ۾
مشغول ٿي ويا. چيو اٿن ته کاڌي کوهه به کٽيو وڃن،
جنهن ۾ راهه پيئي، سا رهندي ڪيترو! ٿورن سالن ۾
سڄو ترڪو لٽجي ويو. اُن وقت اک کلي، جڏهن پاڻي سر
کان گذري چڪو هو.“
اهڙيءَ ريت، اصطلاح، ورجيسون ۽ پهاڪا، قصي
جي عبارت کي مٿي کنيو بيٺا آهن، جنهن ڪري قصي جي
دلڪشي ۾ اضافو ٿي پيو آهي. هيءُ ترجمو اڄ کان، ستر
ورهيه اڳ ڪيو ويو هو، جڏهن سنڌي زبان، جديد
دلڪشيءَ سان هوريان هوريان سينگارجي رهي هئي. اُن
زماني ۾، ايڏو دلڪش ترجمو ڏيکاري ٿو ته مترجم سنڌي
زبان ۾ نشيب و فراز تي پورو پورو اختيار حاصل هو.
ڪٿي ڪٿي هو اردوءَ جي عبارت ترجمي کان علحده به ٿي
وڃي ٿو، اِهو اِنهيءَ لاءِ آهي ته هُو ڪوشش ڪري
قصي کي عام فهم بڻائڻ گهري ٿو، ته جيئن زبان جو
گهٽ لياقت رکندڙ به اُن مان استفادو حاصل ڪري
سگهي، ۽ هيءَ ڪوشش هڪ باڪمال نثر نگار جي
ڪاميابيءَ جي نشاني آهي.
ترجمي جي سڀني خصوصيتن کي هڪ هڪ ڪري بيان
ڪرڻ کان چڱو ائين ٿيندو ته ترجمي جي دلڪشي ۽
شگفتگيءَ جو وڌيڪ فيصلو پڙهندڙن جي ذوق سليم تي به
ڇڏيان. مترجم جي محنت سامهون آهي. ۽ اُن جو ثمر
هيءُ آهي ته اسان سندس اَدبي ڪاوشن کي زنده رکون.
لطف الله بدوي
تمهيد مترجم
”باغ بهار“ يعني قصو ”چار درويش“ اصل
فارسي زبان ۾ لکيل هو، جنهن جو ترجمو مير اُمن
اُردوءَ ۾ ڪيو هو. اسان به ناظرين جي لاءِ سنڌيءَ
۾ ترجمو پيش ٿا ڪريون. جو اُميد ته قبول پوندو.
1
الله توهار، شروع ڪريان ٿو قصي کي:
راحم تون ڪو رحم ڪر، والي ڪر واهار!
صدقو محمد مصطفيٰ، مرسل مير منٺار،
فتح ڏي فتاح تون، ڪر سوڀارو ستار،
ڏات ڏئين ڏاتار، دين و دنيا جي دائما.
2
دين دنيا جي دائما، بخشين شل رحمت،
عاسي امام بخش، ڪر آگا عنايت،
شوق، محبت، ذوق ۽ عشق عبادت،
فرزند ڏئين فتاح تون، جنهن جي آرزو البت،
سگهو سستي دفع ڪر، ڏي توفيق ۽ طاقت،
وقت نزع جي نعمت، ڪج نصيب نور نبيءَ جو.
. . .
|