ٻئي درويش جو سير
جڏهن ٻئي فقير جو وارو آيو، تڏهن گوڏو ڀڃي ويٺو ۽
چوڻ لڳو:
”اي يارو هن فقير جي به ماجرا ٻڌو،
مان ابتدا کان چوان ٿو تا اِنتها ٻڌو،
جنهن جو علاج ڪجهه نه، حڪيمن جي وس ۾ آهه،
اهڙو اسان جي درد هي لا دوا ٻڌو.“
”اي گودڙِي پؤشو! هي عاجز فارس جي ملڪ جي
بادشاهه جو پٽ آهي، جتي هر فن جا ماڻهو پيدا ٿين
ٿا. مثل مشهور آهي ته ”اصفهان، نصف جهان“ صفت
اقليم ۾ هن ولايت جي مٽ، ٻي ولايت ڪا نه آهي،
ڇاڪاڻ ته اتي ستارو به آفتاب آهي ۽ هو گويا ستن
تارن مان سج آهين. آب و هوا اُتان جي وڻندڙ، ماڻهو
روشن طبع ۽ سليقي وارا آهن. منهنجي قبله گاهه،
ننڍپڻ کان ئي، قاعدي ۽ سلطنت جي فن جي ترتيب لاءِ
وڏا وڏا داناءَ ۽ هر هڪ علم جا اُستاد، منهنجي
لاءِ چونڊي مقرر ڪيا، جن کان هر ڪنهن قسم جي تعليم
وٺي، خدا جي فضل سان چوڏهن ورهين جي عمر ۾ هر علم
۾ ڪامل ٿيس. گفتگو معقول، نشست برخاست وڻندڙ ۽ جو
ڪجهه بادشاهن لاءِ لائق ۽ درڪار آهي، سو سڀ حاصل
ڪيم ۽ اهو ئي شوق ٿي رهيم ته قابلن جي صحبت ۾ هر
هڪ ملڪ جا قصا ۽ احوال ۽ بادشاهن سان لاڳو ڳالهيون
ٻڌان. هڪ ڏينهن هڪ درٻاريءَ، جو وڏو تاريخدان ۽
جهانديدو هو، ذڪر ڪيو ته اگرچه آدمي جي زندگيءَ
تي ڪو به ڀروسو نه آهي، مگر ڪي ڳالهيون اهڙيون
آهن، جو اُنهن جي ڪري اُن جو نالو قيامت تائين
ماڻهن جي زبان تي رهي ٿو، چيومانس ته، اهڙي حقيقت
جيڪڏهن تو وٽ ڪا هجي ته بيان ڪر، جيئن مان اُن تي
عمل ڪريان، تڏهن اُن شخص حاتم طائيءَ جي حقيقت
هيٺينءَ ريت ٻڌائڻ شروع ڪئي.
حاتم طائيءَ جو قصو
”حاتم طائيءَ جي زماني ۾ نوفل نالي هڪ
بادشاهه عرب تي حڪومت ڪندو هو. هو حاتم جو نالو
ٻڌي پيو سڙندو هو. هڪ ڀيري وڏي ڇل وٺي.. حاتم تي
چڙهي آيو. حاتم ته خدا ترس ۽ نيڪ هو. هن سمجهيو ته
جيڪڏهن مان جنگ ڪندس ته ٻنهي پاسي خدا جا بندا
مارجي ويندا ۽ وڏي خونريزي ٿيندي ۽ گناهه منهنجي
نالي لکيو ويندو، اهو خيال ڪري، اڪيلو ٻاهر نڪتو ۽
جبل جي هڪ غار ۾ لڪي ويو، جڏهن حاتم جي گم ٿيڻ جي
خبر نوفل کي پهتي، تڏهن هن حاتم جي ملڪ تي قبضو
ڪري ورتو ۽ منادي ڪرايائين ته جو به حاتم کي ڳولي
آڻيندو. اُن کي شاهي خزاني مان پنج سؤ اشرفيون
انعام ملندو. اهو ٻڌي ڪيترائي حاتم جي تلاش ۾ نڪري
پيا. هڪ ڏينهن هو پوڙهو، سندس زال ۽ ٽي ٻار ڪاٺين
جا گڏ ڪرڻ لاءِ اُن غار وٽ آيا، جنهن ۾ حاتم لڪل
هو. ڪاٺيون ڪندي، پوڙهيءَ عورت مڙس کي چيو ته،
”جيڪڏهن اسان جي خوش نصيبي هجي ته جيڪر حاتم کي
اسين ڪٿي ڏسي وٺون. پڪڙي نوفل وٽ پهچايون ته اسان
کي پنج سؤ اشرفيون ملي وڃن. ڪيڏو نه آرام سان
گذاريون ۽ هن روز روز جي ڪاٺين ڪرڻ کان به ڇٽي
پئون!“ پوڙهو چوڻ لڳس ته، ”ڪهڙي اَجائي بڪواس لاتي
اٿيئي، دعا گهر ته شل خدا اسان جي ٻانهن ۾ برڪت
ڏئي!“ عورت ٿڌو ساهه ڀري، پنهنجي ڪم ۾ مشغول ٿي
ويئي.
حاتم هنن ٻنهي جي سربرستي ڳالهه پئي ٻڌي،
دل ۾ سوچيائين ته هي ڳالهه مردانگيءَ کان پري آهي،
جو آءُ پاڻ کي لڪايان ۽ هيءُ ويچارا پنهنجي مقصد
کي نه پهچن.
درد دل جي واسطي پيدا ٿيو انسان آهه،
نه ته عبادت واسطي، ڪجهه گهٽ فرشتا ڪين هئا.
مطلب ته حاتم جي جوانمرديءَ کان اها ڳالهه
پري هئي، جو خاموشيءَ سان هيءَ گفتگو ويهي ٻڌي،
هُو غار کان ٻاهر نڪري آيو ۽ پوڙهي عورت کي چيائين
ته ”مان حاتم آهيان، مون کي نوفل وٽ وٺي هلو ۽ ان
کان پنج سؤ اشرفيون حاصل ڪريو.“ پوڙهي کيس چيو ته،
”ائين برابر آهي ته تنهنجي ڪري اسان جو ڀلو ٿيندو،
مگر نوفل وٽ وٺي وڃن کان پوءِ، جيڪڏهن هُو توکي
ماري وجهي ته اسان کي ڇا حاصل ٿيندو؟ اسان جي نيت
توکي ماري وجهڻ جي اصل نه آهي.“ حاتم مٿن زور آڻڻ
لڳو ته هُو کيس، نوفل وٽ وٺي وڃن. هيءُ اَڃا هن
ردبدل ۾ هئا ته مٿان ٻيا ماڻهو اَچي پهتا ۽ حاتم
کي قيد ڪري نوفل ڏي وٺي هليا. هي حال ڏسي پوڙهو
به سندس پوئتان ڳوڙها ڳاڙيندو هليو. هي
”مان حاتم آهيان. مون کي نوفل وٽ وٺي هلو ۽ ان کان
پنج سؤ اشرفيون حاصل ڪريو!“
ماڻهو جڏهن نوفل جي سامهون پهتا، تڏهن وڏا اُڀ
ڦاڙڻ لڳا. اهڙيءَ ريت اشرفين جي لالچ ۾ هر هڪ کي
لاقون هڻن لڳو. مگر هُو پوڙهو ماٺ ميٺ ۾، هڪ ڪنڊ
۾، حاتم جي حال تي بيٺي رنو. جڏهن هُو سڀيئي
ڳالهائي بيٺا تڏهن حاتم چيو ته ”اي بادشاهه،
جيڪڏهن سچ پڇين ته هُو پوڙهو ئي مون کي وٺي آيو
آهي ۽ هو ئي اوهان جي انصاف جو مستحق آهي.، نوفل
اُن پوڙهي کي پاڻ وٽ سڏيو ۽ اُن کان سربستي ڳالهه
ٻڌي. نوفل حاتم جي هيءَ سخا ٻڌي حيران ٿي ويو. هُن
ڪوڙن کي سزا ڏني ۽ پوڙهي کي پنج سو اشرفيون انعام
طور ڏنيون ۽ حاتم کي سچو سخي سمجهي وڏي عزت ڏني ۽
کيس سندس ملڪ موٽائي ڏنائين ۽ اُن بعد هُو پنهنجي
ملڪ ڏانهن موٽي يو.“
جڏهن مون هي حال حاتم جو ٻڌو، تڏهن مون کي
غيرت آئي ۽ خيال ڪيم ته حاتم ته هڪ ملڪ جو رئيس هو
پر مان ته بادشاهه آهيان، جيڪڏهن مان هن نعمت کان
محروم رهيس ته وڏو افسوس آهي. سچ ۽ جهان ۾ سخاوت ۽
عدل کان مٿي ٻيو ڪو ڪم نه آهي، مرڻ کان پوءِ اُن
جو بدلو ضرور حاصل ٿئي ٿو، جيڪڏهن ڪو هڪ داڻو پوکي
ٿو ته اُن کي ڪيڏو نه ڍير اَن جو ملي ٿو! اها
ڳالهه دل ۾ ويهاري، مير عمارت کي گهرائي حڪم ڏنم
ته هڪ مڪان عاليشان، جنهن کي چاليهه دروازا بلند
۽ ڪشادا هجن، شهر جي ٻاهر جلد بڻايو وڃي. ٿوري وقت
۾ مڪان دلپسند بڻجي پيو. ان مڪان جي هر دروازي
کان محتاج ۽ فقير ٿي آيا، جن کي هر روز، هر وقت،
صبح کان شام تائين رپيا اشرفيون ڏيندو ٿي رهيس،
جنهن به اچي جنهن به شيءِ جي طلب ٿي ڪئي، اُن کي
اُها ٿي پهچايم، اهڙيءَ ريت حاجتمند پنهنجون
حاجتون پوريون ڪندا ٿي رهيا.
هڪ ڏينهن جو ذڪر آهي ته هڪ فقير اُن سراءِ
جي دروازي کان آيو ۽ اَچي سوال ڪيائين. مان اُن کي
هڪ اشرفي ڏني. هو ڦري وري ٻئي دروازي کان آيو ۽
اَچي ٻه اشرفيون گهريائين، مون اگرچه کيس سڃاتو پر
ٽاري ڇڏيم ۽ ٻه اشرفيون ڏئي ڇڏيومانس، اهڙيءَ ريت
هو هر هڪ دروازي کان اچي هڪ وڌيڪ اشرفيءَ جي گهر
ڪندو رهيو. مان به ڄاڻي ٻجهي اڻڄاڻ ٿي، کيس
اشرفيون ڏيندو رهيس. آخر هن چاليهين دروازي کان
داخل ٿي، چاليهن اشرفين جي طلب ڪئي، جي مون ان کي
ڏئي ڇڏيون. ايترو گهڻو وٺي به، هُو درويش وري
پهرئين دروازي کان گهڙي آيو ۽ سوال ڪيائين، مون کي
اها ڳالهه نه وڻي، چيو مانس ته ”اي لالچي، تون
عجيب قسم جو فقير آهين، تو کي ”فقر“ جي ٽن اکرن جي
ڪا به خبر نه آهي.“ فقير جواب ڏنو ته ”داتا، اوهان
ئي کڻي ٻڌايو.“ چيو مانس ته ”ف“ مان مطلب آهي
”فاقو“، ”ق“ مان مطلب آهي ”قناعت“ ۽ ”ر“ مان مطلب
آهي ”رياضت“. جنهن فقير ۾ اهي ڳالهيون نه آهن،
اُهو فقير ئي نه آهي. تو کي گهڻو ڪجهه مليو آهي،
وڃي اُن کي کاءُ ۽ کپاءِ، جڏهن وري ضرورت پويئي ته
موٽي اَچ ۽ جو ڪجهه گهر جيئي، سو کڻي وڃ. هيءَ
خيرات احتياج پوري ڪرڻ لاءِ آهي، نه مال جي گڏ ڪرڻ
لاءِ. اي حريص فقير! چاليهين دروازن کان اَچي، هڪ
هڪ جو حساب ته ڪر ته ڪيتريون مهرون ٿيون! اَڃا
حرص ۽ لوڀ ڪري وري به پهرئين دروازي کان اچڻ ڪيو
اَٿيئي. ايترو مال گڏ ڪري ڇا ڪندين؟ فقير کي گهرجي
ته هڪ ڏينهن جو فڪر ڪري، وري سڀاڻي جي روزي ڏيڻ
وارو مالڪ موجود آهي، پاڻهي ڏيندو. هاڻي حياءُ ۽
لڄ ڪر، صبر ۽ قناعت ڏانهن ڌيان ڌر.“ اَها ڳالهه
ٻڌي فقير ڏاڍو خفي ٿيو، منهن ۾ گهنڊ وجهي، جيڪي
مون کان ورتو هئائين، سو ڌرتيءَ تي اُڇلائي
ڇڏيائين ۽ چوڻ لڳو ته ”بس، بابا! بس، گهڻو نه
ڪاوڙج، پنهنجي رقم وٺي قابو ڪر، واهه جي سخاوت ٿو
ڪرين، سخي ٿيڻ ڏاڍو مشڪل آهي ۽ سخاوت جو بار بلڪل
اوکو آهي. اُهو جهنگ ئي پري آهي، جتي ڪاٺيون هجن،
پهريائين سخي ٽن اکرن تي عمل ڪري، پوءِ سخي سڏائي.
”اهو ٻڌي مان گهٻرائجي ويس ۽ چيو مانس ته ”اي فقير
بادشاهه! مون کي انهن حرفن جي معنيٰ سمجهايو ته
خبر پويم. ”تڏهن چيائين ته ”س“ مان مراد سچائي“،
”خ” مان مراد آهي ”خدا جو خوف ڪرڻ ۽ خفگي نه ڪرڻ“
، ”ي“ جو مطلب آهي ”يقين رکڻ ۽ موت جي يادگيري
ڪرڻ“. جيستائين اِهي عادتون پيدا نه ٿيون آهن،
تيستائين سخي سڏائڻ ئي غلط آهي. سخيءَ جو مرتبو ۽
درجو رب تعاليٰ وٽ اعليٰ ۽ افضل آهي. هن فقير
گهڻائي ملڪ ۽ شهر ڏٺا آهن، پر بصري جي شهزاديءَ
جهڙو نه ڪي سخي ڏٺم نه ٻڌم. سخاوت جي سرداري حق
تعاليٰ اُن کي ئي ڏني آهي. سڀڪو سندس سخا جي
سرداري پيو ڪري. ”اِها ڳالهه ٻڌي مان عرض ڪيس ته
”منهنجي خدا معاف ڪري، جيڪي گهرجيئي سو وٺي وڃ.“
پر ڪجهه به قبول نه ڪيائين.چوندو ويو ته ”هاڻي
جيڪڏهن ساري بادشاهي ڏينم ته به نه وٺان. مون کي
ڪا به پرواهه ڪا ه آهي، مان رڳو آزمائش ڪرڻ آيو
هوس.“ ائين چئي ويندو رهيو. بصري جي شهزاديءَ جي
ساراهه ٻڌي، دل ۾ اشتياق پيدا ٿيو ته ڪنهن ريت وڃي
بصري جي راڻيءَ کي ڏسان. ڪجهه وقت کان پوءِ
بادشاهه وفات ڪئي ۽ مان تخت تي ويٺس. سلطنت ملي،
پر اُهو خيال نه ويو. وزيرن ۽ اَميرن سان جي سلطنت
جا ٿنڀا هئا، صلاح ۽ مشورو ڪيم ته بصري جي سفر جو
ارادو اٿم. اوهان حڪومت جي ڪاروبار هلائڻ ۾ هوشيار
۽ خبردار رهجو، جيڪڏهن حياتي هوندي ته سفر پورو
ڪري، منزل مقصود کي ماڻي موٽي ايندس. پر منهنجي
وڃن تي ڪو به راضي نه ٿيو، تنهن ڪري ڏاڍو دلگير ۽
اُداس ٿي پيس. لاچار هڪڙي ڏينهن وزيراعظم کي
سڏائي، پنهنجو قائم مقام ڪري، ماٺ ميٺ ۾ فقيري
لباس ڍڪي بصري ڏانهن روانو ٿيس.
بصري جي راڻيءَ
جو قصو
ڪيترن ڏينهن جي سفر کان پوءِ، هڪ ڏينهن اُن
ملڪ جي حد ۾ پهتس. رات مٿان اچي پيئي. اُن حد جي
اندر شهزاديءَ جا نوڪر مون کي گهڻي تعظيم ۽ عزت
سان هڪ عمديءَ جاءِ ۾ وٺي ويا، جتي طرحين طرحين
طعام آڻي حاضر ڪيائون، رات اُتي گذاري، ٻئي ڏينهن
پنڌ ڪندي، بصري شهر ۾ وڃي داخل ٿيس، اُتي هڪڙو
خواجه سرا، سهڻي صورت وارو، عمدي پوشاڪ پهريل،
جنهن جي شڪل مان دانائي ۽ ڏاهپ پئي بکي، مون وٽ
آيو ۽ وڏي عزت ۽ نياز سان چيائين ته ”مان تنهنجو
غلام آهيان، ته جيڪو به پرديسي مسافر، پوءِ اهو
کڻي غريب يا تونگر ڇو نه هجي، ملي وڃي. اُن کي
پنهنجي اوطاق ۾ رهائيندو آهيان ۽ سڀ ڪنهن قسم جي
خذمت ڪندو آهيان. ڇو ته هتي اُن مڪان کان
سواءِ، ٻي جاءِ ڪا نه آهي، جنهن ۾ وڃي ڪو رهي
سگهي. اوهان مهرباني ڪري اوڏانهن هلو ۽ مون تي
احسان ڪريو.“ مون پڇيس ته ”اي صاحب اوهان جو نالو
ڇا آهي؟“ چيائين ته ”غلام جو نالو ”بيدار بخت“
آهي. سندس لحاظ، مروت ۽ لياقت ڏسي، مان ساڻس اُٿي
هليس. اُتي وڃي ڇا ڏسان ته عاليشان جاءِ، شاهاڻي
نموني سان ٺهيل آهي. هڪ دالان ۾ وٺي مون کي
ويهاريائين. گرم پاڻي گهرائي هٿ ۽ پير ڌوئاريائين
۽ دسترخوان وڇائي، مون اڪيلي جي سامهون طعام سان
ڀريل خوانچن جا خوانچا آڻي رکيائين، چار ڍاڪون، ۾
يخني، پلاءُ، ٻئي ۾ قورمو، ٽئين ۾ سادو پلاءُ ۽
چوٿين ۾ ڪوڪو پلاءُ، هڪ قاب ۾ زردو هو ۽ ڪيترن
قسمن جا ٻوڙ: ڀڳل، نرگسي، بادامي ۽ روغن جوش،
ڪيترن قسمن جون مانيون: باقر خاني، اُڦراٽا، نان
نعمت ۽ خميره ڪباب ۽ ڪوفتن جا ٽڪرا، ڪڪڙ پَڪل، دم
پخت، حليم، سنبوسا، کيرڻي، ملائي، حلوه، سيئون،
اَچار،ڏهيءَ جون ڪلفيون، وغيره. هنن نعمتن کي ڏسي
منهنجو روح ئي ڀرجي ويو. هڪ هڪ لقمون هر هڪ طعام
مان کڻندي پيٽ ئي ڀرجي ويو. مان کاڌي تان هٿ کڻي
ورتو. اُن شخص زور ڀريو ته ”ميان تو کاڌو ڇا؟ سڄو
ئي اِئين رکيو آهي؟“ چيومان ته ”کائڻ ۾ شرم ڇا جو؟
خدا تنهنجو خانو آباد رکي، جو وڻيم سو کاڌم.، مگر
اُن کاڌي جي ڪهڙي تعريف ڪريان، جا اوڳرائي آئي ٿي
سان معطر! اڄ به چپ چٽيندو رهان ٿو. جڏهن دسترخوان
کنيو ويو، تڏهن ڪاشاني بخمل جو فرش وڇائي منهنجا
هٿ ڌُئاريا ويا. پوءِ جڙاءَ ٿيل پاندان ۾، سون جي
ورقن ۾ ويڙهيل سوپاري، لونگ ۽ الائچي پيل هئا.
پاڻي ٿي گهريم ته برف ۾ پيل صراحيءَ مان ٿي مليم.
جڏهن شام ٿي ته فانوس ۾ ڪافوري شمعون رکيون ويون،
هُو عزيز ڳالهيون ڪندو رهيو، جڏهن رات ٿي ته هڪ
ڇپر کٽ تي آرام لاءِ چيو. مون کيس چيو ته ”اي صاحب
اسان فقيرن جي لاءِ تڏو ۽ تنئوري بس آهي. خدا هي
شيون دنيادارن لاءِ بڻايون آهن.“ هو چوڻ لڳو ته،
”هي اسباب درويشن جو آهي ۽ منهنجو مال نه آهي.“
اُن جي زور ڪرڻ تي مان اُن بستري تي وڃي ليٽيس،
جنهن جي چوڌري گُل پيل هئا، ٻنهي طرفن کان گلن سان
ڀريل گلدان رکيل هئا، جنهن طرف پاسو ٿي بدلايم،
گلن جي خوشبوءِ کان معطر ٿي ٿي ويو. صبح ٿيو ته
عاليشان ناشتو اچي حاضر ٿيو. اهڙيءَ ريت ٽي راتون
۽ ٽي ڏينهن گذريا. چوٿين ڏينهن مون کانئس اجازت
گهري، چوڻ لڳو ته ”شايد هن گنهگار کان خذمت
گذاريءَ ۾ ڪو قصور ٿيو آهي، جنهن جي ڪري ايترو جلد
وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويا آهيو؟“ چيومانس ته ”خدا جي
واسطي ائين نه چئو. مهمانيءَ جي لاءِ ٽي ڏينهن شرط
آهي.اُن کي پورو ڪيو اَٿم. زياده رهڻ چڱو نه آهي.
اُن کان سواءِ فقير سير جي لاءِ نڪتو آهي، جيڪڏهن
هڪ ئي جاءِ تي رهي ويندس ته منهنجو اصل مطلب پورو
ٿي نه سگهندو. توهان جون خوبيون ايتريون ته آهن جو
اوهان کان جدا ٿيڻ تي دل نٿي چئي، پر مجبوريءَ سبب
اجازت وٺي رهيو آهيان.“ اهو ٻڌي هن چيو ته ”ٿوري
دير ترسو ته بادشاهزاديءَ کي اُن جو اطلاع ڪريان.
باقي هن هنڌ بستري ۽ سون جي ٿانون بابت جيئن حڪم
ڪيو وڃي، تيئن اُڻ جي پيروي ڪئي وڃي. هي سڀ مال
تنهنجو آهي. جيڏانهن به کڻي وڃو، اوهان جي مرضيءَ
تي ڇڏيل آهي. “ چيومانس ته ” لاحول پڙهه“ مان فقير
نه ٿيس ڀَٽُ ٿيس! جيڪڏهن اهڙو حرص دل ۾ پيدا ٿيو
ته فقيري ڇا جي؟“ اُن عزيز چيو ته ”هي احوال
جيڪڏهن ملڪھ ٻڌي ته خدا ڄاڻي هُوءَ مون کي ملازمت
کان برخواست ڪري، اَلائجي ڪهڙي سزا ڏئي! جيڪڏهن
تون اهڙو بي پرواهه آهين ته هي سڀ سامان هڪ ڪوٺيءَ
۾ رکي، امانت طور بند ڪري، مهر هڻي ڇڏ.پوءِ تو کي
جيئن وڻي تيئن ڪر.“ مون قبول نه ٿي ڪيو، پر لاچار
مڃڻو پيو، آخر اها صلاح بيٺي، ته سڀ سامان بند
ڪري، ڪلف هڻي، ڇڏجي، مان موڪلائڻ لاءِ تيار ٿيس ته
ايتري ۾ ٻيو هڪ خواجه سرا مٿي تي پيچدار ٽوپي، ڪمر
۾ ڪمربند هڪ جڙاءِ دار سوني عصا سان وڏي شان شوڪت
مان پنهنجي قريب آيو ۽ ايڏيءَ مهرباني ۽ محبت سان
گفتگو ڪرڻ لڳو، جنهن جو بيان ٿي نٿو سگهي، چوڻ لڳو
ته، ”اي ميان جيڪڏهن هن غريب جي اڱڻ ۾ پير ڀرين ته
مان وڏي بنده نوازي سمجهندس. متان شهزادي ٻڌي ته
هتي ڪو مسافر آيو هو، جنهن جي ڀري خذمت نه ٿي.
شايد اُن سبب هوءَ ناراض ٿي وڃي ۽ منهنجي حياتي
هلي وڃي. ”مگر مون سندس چوڻ کان نٽايو. هيءَ حالت
ڏسي هُو منٿون ڪرڻ لڳو ۽ ريهي ريبي پنهنجي حويليءَ
۾ وٺي آيو. جتي پهرين ميزبان ونگر ٽي ڏينهن ٽي
راتيون خذمت ۾ مشغول رهيو. جي ٿانوَ ٿپا سونا ۽
روپيا هئا، اُن جي لاءِ چوڻ لڳو ته ”هي سڀ توهان
جا آهن. ”هي ڳالهيون ٻڌي مان حيران ٿي ويس خيال
ڪيم ته ڪنهن نه ڪنهن ريت هتان موڪلائي ڀڃي وڃان.
هو منهنجي رخ مان منهنجي پريشانيءَ کي ڏسي سمجهي
ويو، چوڻ لڳو ته ”خدا جا بندا، تنهنجي جيڪا آرزو
يا مطلب هجي ته مون کي چئي ڏي، جيئن مان اُن کي
راڻيءَ جي حضور ۾ پهچايان.“ مان چيومانس ته، ”هن
فقيريءَ جي لباس ۾ تو کان ڇا گهران، تون بنا گهرڻ
جي مون کي ڏيئي رهيو آهين. مون کي فقط راڻيءَ جي
حضور ۾ پهچائڻ جي مهرباني ڪر، جيڪڏهن تون ائين ڪري
سگهين ته ڄڻ سڄي دنيا جي دولت مون کي حاصل ٿي
ويئي“ . هُن جواب ڏنو ته ”اکين سان، ان ڳالهه ۾ ڪا
به دير نه پوندي.“ مون هي ٻڌي هڪ خط لکيو.
پهريائين رب سائينءَ جا شڪرانا بجا آندم، پوءِ هي
احوال لکيم ته ”هي بندو ڪيترن ڏينهن کان هن شهر ۾
آيو آهي ۽ حضور جي طرف کان سڀ ڪنهن قسم جي خذمت
ٿئي ٿي، جهڙي نيڪ نامي، ناموس اوهان جي ٻڌي هيم،
تنهن کان ڪيترا دفعا وڌيڪ اچي ڏٺم. هاڻي اَمير ۽
وزير سرڪار جا چون ٿا ته جيڪا آرزو تنهنجي دل جي
هجي، اُها بيان ڪر، تنهن ڪري بيحجاب ٿي پنهنجي دل
جي آرزو عرض ٿو ڪريان، ته مان دنيا جو مطالبو نه
آهيان، پنهنجي ملڪ جو مان به بادشاهه آهيان،
هيستائين اچڻ محنتون ۽ تڪليفون ڪرڻ رڳو اوهان جي
ديد جي شوق ۽ سڪ جي سببان ٿيو آهي. هاڻي اميدوار
آهيان ته حضور جي مهربانيءَ سان هي خاڪسار پنهنجي
مطلب کي پهچندو. اڳتي جيڪا مرضي مبارڪ، جيڪڏهن هي
عرض قبول نه پيو ته نراس ۽ مايوس ٿي موٽي ويندس ۽
هي ساهه اوهان جي قرب ۾ قربان ڪندس.“ اهو حال لکي
انهيءَ خواجي کي ڏنم، جنهن شهزاديءَ تائين پهچايو.
ٿوري وقت کان پوءِ، موٽي آيو ۽ مون کي پاڻ سان
محلات جي ڏيڍيءَ تائين وٺي ويو. اُتي وڃي ڏٺم ته
هڪ ٻڍڙي زال ڳهه ڳڻا پايو، سونيءَ ڪرسيءَ ويٺي
آهي. ڪيترا خواجا ۽ خدمتگار، هار سينگار ڪيو، وڏي
بندوبست سان سندس اڳيان هٿ ٻڌي بيٺا آهن. مون هن
کي ڪم ڪار جو مختيار ڄاڻي، جهڪي سلام ڪيو. هن مائي
صاحبه گهڻيءَ تعظيم سان جواب ورايو ۽ ويهڻ جو
اشارو ڏيئي چيائين ته ”چڱو ٿيو، جو تون آئين، تو
ئي شهزاديءَ ڏانهن سڪ جو خَط لکيو آهي.“ مان شرم
کان اکيون هيٺ ڪري، ماٺ ڪري ويهي رهيس. ويرم کان
پوءِ چيائين ته ”اي جوان! شهزادي چوي ٿي ته مون کي
مرد ڪرڻ ۾ ڪو عيب يا عار ڪونهي، تو مون ڏانهن خط
لکيو، پر پنهنجي بادشاهيءَ جو بيان ڪرڻ ۽ هن
فقيريءَ ۾ پاڻ کي بادشاهه سمجهڻ ۽ اُن هٺ ۽
وڏائيءَ جو قائم رکڻ اجايو آهي، ڇو ته حقيقت ڪري،
سڀيئي مخلوق هڪ جهڙي آهي. رڳو دين ۽ اسلام جو
فضيلت زياده آهي. مون کي شادي ڪرڻ جي گهڻي وقت
کان آرزو آهي. جيئن تون دنيا کان بي پرواهه آهين،
تيئن مون کي به حق تعاليٰ ايترو مال ڏنو آهي، جنهن
جو ڪو حساب ٿي نه ٿو سگهي. پر هڪ شرط آهي ته
پهريائين مهر اَدا ڪر. اهو مهر شهزاديءَ جو هڪ
حڪم آهي، جيڪڏهن تو کان ٿي سگهي.“ چيومانس ته
”مان سڀ طرح حاضر آهيان، جان ۽ مال جي پرواهه نه
آهي، چئي ڏي ته ٻڌان.“ چوڻ لڳي ته ”اڄ جو ڏينهن
آرام ڪر، سڀاڻي توکي ٻڌايو ويندو.“ مان اهو قبول
ڪيو ۽ موڪلائي ٻاهر آيس. ڏينهن گذريو شام ٿي، اُن
وقت مون کي هڪ خواجه سرا محلات ۾ وٺي ويو. اُتي
وڃي ڏٺم ته وڏا وڏا اڪابر ۽ شريعت جا عالم حاضر
آهن. مان به ان مجلس ۾ وڃي ويٺس. دسترخوان وڇائجي
ويو. قسمين قسمين کاڄ مٺا ۽ سلوڻا اَچي موجود ٿيا.
سڀيئي کائڻ لڳا. مون کي به پيار ڏيئي پاڻ سان
ويهاريائون. جڏهن کائڻ کان فارغ ٿيا، تڏهن هڪڙي
دائي اندران نڪري آئي ۽ چيائين: ”بهرور ڪٿي آهي،
اُن کي حاضر ڪريو.“ ڪو ٽوال اُٿيو ۽ وڃي ان کي پاڻ
سان وٺي آيو. بهرور جي شڪل شباهت وڻندڙ هئي ۽
روپيون سونيون ڪنجيون ڪيتريون ئي رومال ۾ ٿي
لٽڪيس. سلام ڪري منهنجي ڀرسان اَچي ويٺو. پوءِ
اُها ساڳي دائي اچي چوڻ لڳس ته ”اي بهرور! تو جيڪي
اکين سان ڏٺو آهي، سو بيان ڪر، ”بهرور هيئن بيان
ڪرڻ لڳو ته ”اي دوست اسان جي شهزاديءَ وٽ ڪيترائي
غلام آهن، جو سوداگريءَ جي ڪم ۾ مشغول آهن، اُنهن
منجهان مان به هڪڙو خانه زاد غلام آهيان. دروازي
تي پليل ٻانهون آهيان، جو سڀني ولايتن ڏانهن لکن
روپين جو سامان، وڻج واپار لاءِ موڪليندو آهيان،
جيڪو به غلام سفر تان موٽي ايندو آهي، اُن کان
مسافريءَ جو احوال ضرور پڇندي آهي ۽ وڏي غور سان
ٻڌندي آهي. اتفاق سان هڪڙي ڀيري هي غلام به
سوداگريءَ جي خيال سان روانو ٿي وڃي نيمروز ولايت
۾ پهتو. اُتي جي سڀني رهاڪن کي پوشاڪ ڪاري ۽ شڪل
درد واري ڏٺم. اِئين پئي معلوم ٿيو ته مٿن ڪا آفت
اَچي ڪڙڪي هئي. اِنهيءَ جو سبب سڀ ڪنهن کان مون
پڇيو، پر سڀ ڪو خاموش هو. اِنهيءَ تعجب ۾ ڪيترائي
ڏينهن گذري ويا. نيٺ هڪ ڏينهن صبح ٿيو ته سڀيئي
ماڻهو ننڍا ۽ وڏا، غريب غربا، شاهوڪار ۽ واپاري،
شهر جي ٻاهران ميدان ۾ اچي گڏ ٿيا. مان به بيهي
اهو تماشو ڏسڻ لڳس. اِئين پئي معلوم ٿيو ته اِهي
سڀيئي ڪنهن ماڻهوءَ جي اَچڻ لاءِ منتظر بيٺا آهن.
ٿوري وقت کان پوءِ، پري کان هڪ سهڻو جوان، پريزاد،
پندرهن سورهن ورهين جو، واحيات بڪندو، سائي ڏاند
تي چڙهيل آيو. پنهنجي ڏاند تان لٿو. هڪ هٿ ۾ وڄائڻ
جو ناد هوس ۽ ٻئي هٿ ۾ اُگهاڙي ترار، هڪ سهڻو
ٻانهو ساڻ هوس، تنهن کي اِهي شيون ڏنائين، جو هڪ
هڪ کي ڏيکارڻ لڳو ۽ رڙيون ڪري پئي رنو. پوءِ سڀني
وٽان گهمي ڦري، پنهنجي مالڪ وٽ ويو. هن جي
پهچنديئي، اُهو جوان اُٿيو ۽ هن غلام جي سسي ترار
سان وڍي، ٽپ ڏيئي ڏاند تي سوار ٿي، جيڏانهن آيو
هو، اوڏانهن هليو ويو، جو سڀني بيٺي ڏٺو. جڏهن
اکين کان غائب ٿيو تڏهن ماڻهو شهر ڏانهن موٽيا .
مان هر هڪ کان اُن جي حقيقت پڇي، بلڪه روپيا ڏيڻ
لاءِ تيار ٿيم، گهڻي منٿ ۽ زاري ڪيم، ته مون کي
ٻڌايو ته هي جوان ڪير هو ۽ هُن هيءَ حرڪت ڇو ڪئي!-
۽ ڪٿان آيو ۽ ڪٿي ويو؟ پر، ڪنهن به ڪين ٻڌايو. نڪي
منهنجي سمجهه ۾ هي راز آيو. هيءُ عجيب ۽ حيرت جهڙو
واقعو ڏسي، جڏهن مان هتي آيس ۽ شهزاديءَ جي اڳيان
ڏنل حقيقت بيان ڪيم، تڏهانڪر شهزادي به اَچرج ۾
آهي، اُن جي حقيقت لهڻ لاءِ سعيا ڪيا اَٿس، مگر ڪا
به خبر نه ٿي ملي، تنهن ڪري پنهنجو حق مهر اِهو
مقرر ڪيو اٿس ته جيڪو شخص اُن واقعي جي خبر
آڻيندو، تنهن کي شاديءَ ۾ قبول ڪندي. هيءَ ساري
بادشاهي، مال اسباب ۽ خود راڻي سندس ملڪيت بڻجي
ويندي. هاڻي تو هيءَ سڄي ڳالهه ٻڌي آهي، پنهنجي دل
کان پڇ ۽ سوچ. جيڪڏهن تون اُنهيءَ جوان جو سارو
حال لهي آڻي سگهين ته اِرادو نيمروز ولايت ڏانهن
وڃڻ جو ڪر، نه ته انڪاري ڪري پنهنجي جند آزاد ڪر.“
مون ورندي ڏني ته ”جي خُدا گهريو آهي ته جلد اُها
خبر ڪڍي، شهزاديءَ جي خذمت ۾ اچي حاضر ٿيندس، پر
جيڪڏهن قسمت ۾ ٻيو ڪجهه لکيل آهي ته پوءِ ڪنهن جو
وَسُ نه آهي. مگر شهزادي هن ڳالهه جو انجام ۽
اقرار ڪري ته پنهنجي قول کان نه ڦرندي، بلفعل مون
کي هڪڙي مشڪلات آهي، جيڪڏهن شهزادي غريب نوازي ۽
مسافر پروري ڪري مون کي گهرائي ۽ پردي جي ٻاهران
ويهاري، منهنجو عرض پنهنجي ڪنن سان ٻُڌي ۽ ان
جوجواب پنهنجي زبان مبارڪ سان ڏئي ته پوءِ، منهنجي
وڏي عزت افزائي ٿيندي. پوءِ مان سڀ ڪجهه ڪري
سگهندس.“
اهو عرض منهنجو هُن، ٻُڍڙي دائيءَ کي وڃي
ڪيو، تنهن مهرباني ۽ نوازش فرمائي حڪم ڏنو ته هن
کي اندر وٺي اچو. اُها دائي وري ٻاهر آئي ۽ مون کي
پاڻ سان، جنهن محلات ۾ شهزادي ويٺل هئي، وٺي ويئي،
ڇا ڏسان ته ٻنهي طرفن کان حسين ساهيڙيون، ٻانهيون،
اميرزاديون، وزيرزاديون، ترڪياڻيون، حبشڻيون ۽
افغان، موتين ۽ جواهرن سان ڀريل ڳتيل پنهنجي عهدي
۽ مرتبي سان بيٺيون آهن. ڄڻ اِندر جو اکاڙو، هو،
بلڪه پرين جو پرستارن هو. ڏسڻ سان دانهن نڪري
ويئي. بي وس ٿي ويس، پر پاڻ کي جيئن تيئن سنڀالي
ورتم. اُنهن کي ڏسندو، سير ڪندو اڳتي هليس. پر هلڻ
ٿئي ئي ڪين! پير وڃن پٺتي پوندا. جيڏانهن ڏٺم ٿي
ته وري دل نه ٿي گهريو ته هوند اڳتي هلان. اُتي
هڪڙو غاليچو وڏو وڇايل هو، جنهن تي هڪ صندلي عاج
جي جڙاءَ سان رکي هئي. دائيءَ مون کي ويهڻ جو
اِشارو ڪيو. مان صندليءَ تي ويه رهيس ۽ هوءَ
منجيءَ تي ويٺي. چوڻ لڳي ته، ”هاڻي جيڪي به چَوڻو
اٿيئي، سو بلاشڪ کولي چئو. ”مون پهريائين شهزاديءَ
جي سخاوت، فضيلت، لياقت ۽ مروت جي تعريف ڪئي، پوءِ
چوڻ لڳيس ته ”جڏهن کان هن ملڪ جي سرحد ۾ آيو
آهيان، ته هر هڪ منزل تي ڏٺم ته هنڌ هنڌ تي مسافر
خانو ۽ محلات جُڙيل آهن ۽ هر هڪ ڪم لاءِ ڌار ڌار
ماڻهو مقرر آهن. محتاجن ۽ مسافرن جي خبر گيري پيا
ڪن. مون کي به ٽي ٽي ڏينهن هڪ منزل تي مهمان
رکيائون ۽ چوٿين ڏينهن جڏهن رخصت وٺڻ لڳس تڏهن به
خوشيءَ ۽ رضا سان موڪل نه ٿي ڏنائون، جيڪو به
سامان اُنهن جاين ۾ هو، مثال طور غاليچا، پلنگ،
ديگيون، ديڳڙا، گلاس وغيره، سو سڀ منهنجي حوالي ٿي
ڪيائون، چيائون ٿي ته اوهان جو مال آهي، وڻي ته
هاڻي کڻي وڃو نه ته ٻيءَ صورت ۾ ڪنهن ڪوٺيءَ ۾
وجهي، مُهر هڻي، قلف ڏيئي هليا وڃو. جڏهن به
اوهانجي مرضي ٿئي ته کڻي وڃجو. مان اِئين ڪندو
آيس. پر اِها عجب جهڙي ڳالهه آهي، جڏهن مون فقير
جي اهڙي خذمت ۽ قدر شناسي ٿي آهي ته اهڙا هزارين
غريب مسافر اوهان جي ملڪ ۾ ايندا هوندا ۽ جيڪڏهن
هر هڪ جي اِها مهمانداري ٿي هوندي ته خزانو بيشمار
۽ بي حساب خرچ ٿيندو هوندو، پوءِ ايتري دولت خرچ
لاءِ ڪٿان ٿي اچي؟ جيڪڏهن قارون جو خزانو هجي ته
به کٽي پوي! ظاهر ۾ جيڪڏهن اوهان جي ملڪ تي نظر ٿي
ڪجي ته اُپت ۽ پيدائش رڳو بورچيخاني ۾ به خرچ ٿيڻ
جي لاءِ پوري نه آهي. ٻين خرچن جو ته بيان ئي نه
ٿو ڪري سگهجي! جيڪڏهن ان بابت شهزاديءَ جي زبان
مبارڪ مان بيان ٻڌان ته خاطر تسلي ٿيندي ۽ دل جي
ڳڻتي لهي ويندي. پوءِ خوشيءَ سان نيمروز ولايت ڏي
ويندس. اِتي پهچندي ئي سڄو احوال معلوم ڪري، حياتي
هوندي ته شهزادي جي خذمت ۾ پهچي، پنهنجي مراد پوري
ڪندس.“ اها ڳالهه ٻُڌي شهزاديءَ چيو ته ”اي جوان
توکي جيڪڏهن انهيءَ احوال معلوم ڪرڻ جو شوق آهي ته
اڄوڪو ڏينهن ترس، شام جو تو کي روبرو گهرائي جيڪا
به حقيقت هن دولت ۽ مال جي بابت هوندي، سا سڀ
ٻڌائيندس.“ مان اها ڳالهه بيهاري، پنهنجي رهڻ واري
جاءِ تي اچي بيٺس ۽ خيال ڪندو رهيس ته ڪڏهن سانجهي
ٿيندي، جو مان پنهنجي طلب حاصل ڪندس، مان اڃا
اِنهيءَ خيال ۾ هوس ته ايتري ۾ هڪ خواجه سراءِ، هڪ
وڏو ٿالهه طرحين طرحين طعامن جو مٿي تي کڻي آيو ۽
چيائين ته هي طعام شهزاديءَ اوهان ڏانهن موڪليو
آهي، جنهن وقت اِهو ٿالهه کوليائين ته خوشبوءِ ۽
هٻڪار سان منهنجو مغز معطر ٿي ويو. جيڪي کائي
سگهيس سو کاڌم، باقي موٽائي ڏنم، جڏهن سج وڃي
اُلهندي طرف لٿو ۽ چنڊ جي چانڊوڪي پکڙي، تنهن وقت
ٻانهي آئي ۽ مون کي چوڻ لڳي ته ”شهزاديءَ اوهان کي
ياد فرمايو آهي.“ مان ان سان گڏجي خلوت سرا ۾ ويس.
جتي روشني اهڙي لڳي پيئي هئي جو ڏينهن سان مقابلو
پئي ڪيائين. فرش تي گاديون ۽ طويل پيل هئا، ۽ تخت
جي سامهون موتين جواهرن جو هڪ وڻ عجب دستور سان
ٺهيل، اِهڙيءَ ريت بيٺو هو، جهڙو سچ پچ قدرتي وڻ
آهي، هڪ طرف ٻانهيون هٿ ٻڌيون بيٺيون هيون ۽ ٻئي
طرف ڳائڻ واريون ساز تيار ڪيو ويٺيون هيون، اِهو
سڀ ڪجهه ڏسي عقل اُڏامي ويو. دائيءَ کي چيم ته
”ڏينهن جو هر طرح جو هُو عيش ۽ رات جو هي آرائيش،
ڏينهن کي عيد ۽ رات کي شب برات چئجي ته بجا آهي،
شايد ڪنهن شهنشاهه کي به اهڙو عيش حاصل نه هوندو.
سدائين اهو قائدو ۽ دستور جاري آهي يا اَڄ اِهو
ٿيو آهي؟“ دائيءَ چيو ته، ”اسان راڻيءَ جو جيڪو
ڪارخانو ڏٺو اٿيئي، سو هر روز هر شب انهيءَ طرح
قائم آهي. اُن ۾ ڪا به گهٽتائي نه آهي. تون هتي
ويهه، شهزادي محل ۾ آهي. مان وڃي اطلاع ڏيئي ٿي
اچان.“ ٻانهي ائين چئي اندر ويئي. جلد موٽي آئي ۽
چيائين ته شهزاديءَ توکي گهرايو آهي. مان تڪڙو
هليس، ويندي ئي وائڙو ٿي ويس، خبر ڪا نه ٿي پيئي
ته دروازو ڪيڏانهن آهي ۽ ڀت ڪهڙي آهي، ڇو ته ماڻهو
جي قد کان گهڻو وڏا آئينا چوڌاري ڀتين تي لڳل هئا
۽ دروازي کي هيرن ۽ موتين جو جڙاءُ هو. آئيني ۾
ائين نظر پئي آيو ته ساري جاءِ ياقوت، زمرد ۽
جواهرن جي ٺهيل آهي. هڪ طرف پردو ٽنگيل هو، جنهن
جي پٺيان شهزادي ويٺل هئي، جنهن مون کي ويهڻ جو
اشارو ڏنو. پوءِ دائي شهزاديءَ جي حڪم موجب هن طرح
جو قصو بيان ڪرڻ لڳي:
راڻيءَ جو قصو
هن ولايت جو بادشهه وڏيءَ طاقت وارو هو،
جنهن کي ست ڌيئر هيون، هڪڙي ڏينهن بادشاهه بيحد
خوشيءَ ۾ ويٺو هو ۽ سندس ستئي ڌيئرن هار سينگار
ڪري، ڳھه ڳَٺا پائي بادشاهه جي روبرو بيٺيون هيون.
اُن وقت بادشاهه کي هڪ عجيب خيال آيو، ڌيئرن ڏانهن
ڏسي چوڻ لڳو ته ”جيڪڏهن اوهان جو پيءُ بادشاهه نه
هجي ها ۽ ڪنهن غريب جي گهر پيدا ٿيو ها ته جيڪر
اوهان کي شهزاديون ڪير سڏي ها! تنهن ڪري خدا
تعاليٰ جو ذڪر ڪريو، جو شهزاديون ٿيون ڏسجو. اوهان
جي هي مرتبو رڳو منهنجي ڪري ٿيو آهي.“ تنهن تي
سندس ڇهه ڌيئرن يڪزبان ٿي چوڻ لڳيون ته ”اي قبله
عالم، سچ ٿا فرمايو. اها صحيح ڳالهه آهي.“ پر هڪ
شهزادي جا سڀني کان ننڍي پر عقل ۽ سياڻپ ۾ سڀني
کان زياده هئي. سا ماٺ ۾ رهي. بادشاهه ڪاوڙ جي
پڇيس ته ”ڇو تون ڪجهه به ڪين ٿي ڪڇين؟“ تڏهن
شهزاديءَ پنهنجي چادر جو پلاند ڳچيءَ ۾ وجهي هٿ
ادب جا ٻڌي، عرض ڪرڻ لڳي ته ”جيڪڏهن جيئندان ملي ۽
گناه معاف ٿئي ته پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌايان.“ حڪم
ٿيس ته ”چَئو، ڇا ٿي چوين.“ شهزاديءَ چيو ته مان
”قربان ٿيان، اوهان کي معلوم آهي ته سچ هميشھ ڪَڙو
ٿيندو آهي، تنهن ڪري مان پنهنجي ساهه تان هٿ ڌوئي
عرض ٿي ڪريان ته جيڪي منهنجي تقدير ۾ قادر قلم
وهايو آهي، تنهن کي رد ڪرڻ وارو ڪو ڪونهي، جيڪي
مالڪ لکيو هوندو سو اَوس ٿيندو. اي قبله، جنهن
سچي رب اوهان کي بادشاهه ڪيو آهي، تنهن مٺي مالڪ
مون کي شهزادي بڻايو آهي. هن جي قدرت ۽ حڪمت ۾
ڪنهن کي اختيار نه آهي، جو دم هڻي. اوهان اسان جا
ڪعبا قبلا آهيو. اوهان جي قدمن جي خاڪ جيڪڏهن
سُرمو ڪري اکين ۾ پايان ته به بجاآهي. مگر نصيب سڀ
ڪنهن جو پنهنجو پنهنجو آهي. هر ڪوئي پنهنجي بخت تي
هلي ٿو.“ بادشاهه اِها ڳالهه ٻڌي ڪاوڙ ۾ تپي باهه
ٿي ويو ۽ کيس اِهو جواب پسند نه آيو. ڌيءُ کان
بيزار ٿي ويو. رحم دل مان نڪري ويس. حڪم ڏنائين ته
”هن جاڳهه ڳٺا سڀيئي لاهي، هڪڙيءَ ڏوليءَ ۾ چاڙهي،
ڪنهن برپٽ بيابان ۾، جتي ماڻهوءَ جو نانءُ نشان نه
هجي، وڃي اُڇلي اچوس. ڏسو ته سندس نصيب ۾ ڇا لکيل
آهي.“
اُنهيءَ ساعت بادشاهه جي حڪم سان اڌ رات جي
اونداهيءَ ۾ شهزاديءَ کي جا محلاتن جي پلنگن تي
سمهڻ واري هئي، هڪ بيابيان ۾، جتي انسان جو ته ڇا،
پر پکيءَ جو به آکيرو نه هو، ڦٽو ڪيو ويو.
شهزاديءَ تي عجب حالت ٿي گذري ۽ ڏاڍيءَ
حيرت ۾ اچي ويئي. هڪ گهڙيءَ ۾ ڇا ٿي پيو. پوءِ ته
خدا تعاليٰ جي دربار ۾ شڪريو اَدا ڪيائين ۽ چيائين
ته ”تون ڏاڍو بي نياز آهين، جيڪي چاهين ٿو سو ڪرين
ٿو ۽ جيڪي چاهيندين سو ڪندين، جيستائين بت ۾ ساهه
آهي، نااُميد نه ٿيندس. انهن خيالن ۾ ننڊ اچي ويس.
جڏهن صبح ٿيو ته شهزاديءَ اکيون پٽيون. سڏ ڪرڻ
لڳي ته جلدي پاڻي آڻيو ته وضو ڪريان. ايتري ۾
راتوڪي ڳالهه ياد آيس. پاڻ کي برپٽ ۾ پيل ڏٺائين،
تڏهن روئي ڏنائين ۽ چيائين ته مان ڪٿي پيل آهيان،
۽ ڪهڙيون ٿي ڳالهيون ڪريان! اُٿي تميم ڪيائين،
شڪراني جا سجدا بجا آندائين. اي مسافر، شهزاديءَ
جي انهيءَ وقت ڪهڙي حالت هوندي، اهو اوهان پنهنجي
دل تي هٿ رکي ڏسو! مطلب ته انهيءَ نااميديءَ ۾ به
مالڪ مهربان هيس. چيائين ته کير پيئڻ کان پوءِ ڏند
به تو ڏنا هئا، تنهن کان پوءِ اُن عطا ڪيئي، هتي
به تون ئي خبر لهڻ وارو آهين. مون سان حاضر ۽
موجود آهين. تو کي سڀ ڳالهه معلوم ۽ حقيقت نيڪ
روشن آهي. اي مسافر، جڏهن ٻي واهه نه ڏسبي آهي
تڏهن الله ياد ايندو آهي! هونءَ ته هر ڪوئي پنهنجي
مطلب ۽ سٺي جي ڪوشش ڪرڻ ۾ هوشيارهوندو آهي. هاڻي
ڌڻيءَ پاڪ جي قدرت جو تماشو ڏس. شهزاديءَ کي ٽي
ڏينهن برابر برپٽ ۾ گذري ويا ته هڪ رتي به اَنَ جي
پيٽ ۾ نه پيس. نڪي پاڻي مليس، تنهن ڪري سندس گل
جهڙو منهن ڪومائجي ويو ۽ يڪو چهرو سون وانگر ٿي
چمڪيو، سو هيڊو ٿي پيو. اکيون به ڏار ڏيئي ويس ۽
زبان خشڪ ٿي ويس. فقط پساهه آيس ۽ ويس ٿي. جسم
توفيق ڇڏي ويس. چوٿين ڏينهن اوچتو هڪڙو فقير
نوراني پيشانيءَ وارو پيدا ٿيو. شهزاديءَ کي هن
حالت ۾ ڏسي چيائين ته ”اي بيبي. نياڻي، عقل جي
سياڻي، جيتوڻيڪ تنهنجو پيءُ بادشاهه آهي، پر
تنهنجي قسمت ۾ هيءُ تڪليف لکيل هئي. هاڻي، هن
ٻڌڙيءَ کي پنهنجو خادم ڄاڻ ۽ پنهنجي پيدا ڪندڙ جو
رات ڏينهن خيال رک. خدا سڀ چڱي ڪندو ۽ فقير جي
ڪشتي ۾ جيڪي خيرات جا مليل ٽڪر هئا، سي شهزاديءَ
جي اڳيان رکيائين ۽ پاڻيءَ جو ڳولا لاءِ نڪتو.
ڏٺائين ته هڪڙو کوهه آهي، پر ڏول ۽ رسي ڪو نه آهن،
جنهن سان پاڻي ڪڍي. هن نيٺ وڻ منجهان پن روڙي ٻوڪو
بڻائي، پنهنجي پڳڙيءَ ما ٽڪر ڦاڙي اُن کي ٻڌي پاڻي
ڪڍيو. شهزاديءَ کي آڻي پاڻي پياريو. شهزاديءَ جڏهن
هن جي غمخواري خير خواهي ۽ دلداري ڏٺي، تڏهن دل کي
ڏڍ آسرو آيس. اُنهيءَ ڏينهن کان اُنهيءَ پوڙهي جو
هي دستور هئو ته پنڻ لاءِ شهر ۾ نڪري ويندو هو ۽
جيڪي ٽڪر ڳڀو ملندو هوس، سو راڻيءَ کي آڻي ڏيندو
هو ۽ کارائيندو هو. انهيءَ طرح ڳچ ڏينهن گذري ويا.
هڪڙي ڏينهن شهزاديءَ مٿي ۾ تيل وجهڻ ۽ ڦڻي ڏيڻ جو
ارادو ڪيو، چوٽيءَ کي جيئن ئي کوليائين ته هڪڙو
آبدار موتي نڪري آيو. شهزاديءَ اِهو درويش کي ڏنو
۽ چيائينس ته شهر ۾ هي وڪڻي اَچ. اهو وڪڻي ان جي
بَها شهزاديءَ وٽ کڻي آيو، تڏهن شهزاديءَ چيس ته
”هتي گذران جهڙِي جاءِ جوڙاءِ، ”فقير چيس ته ”اي
نياڻي ڪنهن هنڌ کڏ کڻي ڪجهه مٽ گڏ ڪر، مان هڪڙي
ڏينهن پاڻي آڻي، گارو ٺاهي گهر جو بنياد ڀريندس.
شهزاديءَ هن جي چوڻ موجب کڏ کوٽڻ شروع ڪئي. جڏهن
ڪجهه زمين کوٽجي ويئي ته ان جي اندر هڪ وڏي جاءِ
موتين جواهرن ۽ اشرفين سان ڀريل ڏٺائين، شهزادي،
چار، پنج ٻُڪ مُهرن جا ڪڍي ورتا ۽ وري در بند ڪري
ڇڏيو. ايتري ۾ فقير آيو، تڏهن شهزاديءَ چيس ته
مزدور ۽ ڪاريگر قابل ۽ هنرمند وٺي اَچ ته هتي
بادشاهي محلات تيار ڪن ۽ مسافر خاني ۽ کوهه وغيره
جو بندوبت ٿئي، پر پهريائين ڪنهن ڪاغذ تي نقشو
تيار ڪري ڏيکارين ته پسند ڪيو وڃي. فقير شهر وڃي
قابل ڪاريگرن کي آڻي حاضر ڪيو ۽ حڪم موجب نقشي
تيار ٿيڻ بعد عمارت شروع ٿي ۽ هر هڪ ڪم لاءِ
ايماندار ۽ چالاڪ نوڪر رکيا ويا. هن عاليشان محلات
تيار ٿيڻ جي خبر نيٺ بادشاهه جي ڪَن تي پيئي. سو
ٻڌندي ئي عجب ۾ پئجي ويو ۽ جاچ ڪرايائين ته اهو
ڪهڙو ماڻهو آهي، جو اهڙو لاثاني محلات ٿو جوڙائي؟
حقيقت کان ته ڪو به واقف ڪو نه هو، اُن ڪري هر
ڪنهن اڻڄاڻائي ظاهر ڪئي. تڏهن بادشاهه هڪ وزير کي
حڪم ڪيو ته مان اِهو محل ڏسڻ گهران ٿو. اُن ڪري هو
وڃي خبر رکي اَچي ته ان جي مالڪ ڪٿان جي شهزادي
آهي؟ جيئن ئي شهزادي هيءَ خوشخبري ٻڌي ته دل ۾
نهايت خوش ٿي بادشاهه ڏي عريضي لکيائين ته، ”جهان
پناه سلامت، حضور جن جي تشريف آوري ۽ قدم رنج
فرمائڻ جي خبر ٻڌي، تمام گهڻي خوشي حاصل ٿي ۽ اِهو
منهنجي عزت ۽ تعظيم جو باعث آهي. ڀلا ڀاڳ حضور جي
قدمن مبارڪ پوڻ جا! هي ٻانهي اُميد رکي ٿي، ته
سڀڀاڻي خميس جو ڏينهن مبارڪ آهي، تشريف فرمائي،
پنهنجي نور سان هن ذرڙي کي عزت بخشي وڃي. جو ڪجهه
هن عاجزه کان ميسر ٿي سگهي، نوش جان فرمايو وڃي.
مان عين غريب نوازي ۽ مسافر پروري ٿيندي. زياده حد
ادب.“ شهزادي اَمير جي خدمت ڇاڪري ڪري اُن کي رخصت
ڪيو. بادشاهه عريضي پڙهي شهزاديءَ کي چوائي موڪليو
ته اسان اوهان جي دعوت قبول ڪئي آهي ۽ مقرر وقت تي
اينداسون. شهزادي سڀني نوڪرن ۽ خذمتگارن کي حڪم
ڪيو ته مهمانيءَ جي تياري اهڙي بندوبست سان ڪريو،
جو بادشاهه نهايت خوش ٿي وڃي. شهزاديءَ جي حڪم ۽
تاڪيد سان سڀيئي طعام اهڙي لذت ۽ ذائقي سان تيار
ٿيا، جو فرشتن کي به تعريف ڪرڻي پيئي. جڏهن سانجهي
ٿي، تڏهن بادشاهه سوار ٿي، شهزاديءَ جي جاءِ تي
اَچي وارد ٿيو. شهزاديءَ پنهنجي خاص ساهيڙين سان
بادشاهه جو استقبال ڪيو، سڀني ادب سان سندس سلام
ڪيو. هيءَ عزت ۽ قاعدو ڏسي بادشاهه حيران ٿي ويو.
اهڙيءَ ريت بادشاهه کي ساڻ وٺي آڻي جڙاءُ دار تخت
تي ويهاريائين. شهزادي سونو تخت، جو اڳ ۾ ٺهرائي
رکيو هو، جواهرن ۽ مهرن سان ڀريل ٿالهيون، ريشتم
زربفت ۽ ڪيمخواب جا سوين ٿان، سون زنجيرن سان هاٿي
۽ سونن سنجن مان ڪيئي گهوڙا، بادشاهه جي اڳيان
نذراني، طور رکيا ۽ پاڻ ٻئي هٿ ٻڌي سندس سامهون
خدمت ۾ اَچي بيٺي، اُن وقت سندس منهن تي هلڪو
نقاب هو، بادشاهه گهڻي مهربانيءَ سان فرمايس ته،
”تون ڪهڙي ملڪ جي شهزادي آهين ۽ هتي تنهنجو ڪيئن
اچڻ ٿيو آهي؟“ شهزاديءَ اَدب بجا آني چيو ته”مان
اها گنهگهار ۽ خطاوار آهيان، جا سلطاني غضب جي سبب
هن برپٽ ۾ ڦٽي ڪئي وئي آهي، هي سڀ خدا جي قدرت جا
تماشا آهن، جن کي حضور ڏسي رهيو آهي.“ اِئين چئي
هُن پنهنجي نقاب کي لاٿو. هيءَ ڳالهه ٻڌي بادشاهه
جي رت کي جوش آيو. مهر پدري زياده ٿيس. تخت تان
لهي آيو ۽ پيار سان ڳلي لڳايائينس ۽ هٿ کان وٺي
تخت تي گڏ ويهاريائين. بادشاهه حيران ۽ متعجب ويٺو
رهيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ حڪم ڏنائين ته ”بادشاهه
بيگم کي وڃي چئو ته شهزادين کي گڏ وٺي اَچي.“ جڏهن
هُو سڀيئي آيون تڏهن هنن کيس سڃاتو ۽ ڳلي لڳي
رُنيون ۽ وري ملڻ تي خدا جو شڪر اَدا ڪيائون.
شهزاديءَ ماءُ ۽ شهزادين جي سامهون ايترو ته نقد ۽
جواهر آڻي رکيا، جن جو مقابلو دنيا جا وڏا خزانا
به نه ٿي ڪري سگهيا. پوءِ بادشاهه سڀني کي پاڻ سان
گڏ ويهاري طعام کاڌو. اهڙيءَ ريت هو خوش ٿي
شهزاديءَ کان موڪلائي ويو. جيستائين جيئرو هو،
تيستائين ڪڏهن پاڻ ايندو هو ۽ ڪڏهن شهزادي کي
پنهنجي محلات ۾ ويندو هو. جڏهن بادشاهه وفات ڪئي
ته سندس وصيت موجب سڄي بادشاهي سندس ننڍيءَ
شهزاديءَ کي ملي، ڇو ته کانئس وڌيڪ ٻيو ڪو به
بادشاهيءَ جي لائق نه هو.
اي مسافر، حقيقت اها آهي، جو تو ٻڌي. سچ
ته رب جي گنج ۾ گهٽتائي آهي ئي ڪا نه. آدميءَ کي
فقط نيت صاف رکڻ گهرجي. جيترو ئي سندس راهه ۾ خرچ
ڪندو، اوترو پيئي پوندس. ڌڻي پاڪ جي حڪمت ۾ عجب
آڻڻ ڪنهن به حالت ۾ درست نه آهي. ”اها ڳالهه پوري
ڪري، ٻانهيءَ چيو ته ”جيڪڏهن تنهنجو ارادو ”نمروز“
ملڪ ڏانهن وڃڻ جو هجي ۽ خبر آڻي سگهين ته جلدي
روانو ٿي.“ مان چيومانس ته ”هينئر ئي روانو ٿيان
ٿو ۽ خدا گهريو ته سگهو ئي موٽندس.“ نيٺ موڪل وٺي.
رب جي رحم ۽ ڪرم تي آسرو رکي اوڌانهن روانو ٿيس. |