پهرئين درويش جو
سير
پهرين درويش گوڏا ڀڃي ويٺو، ۽ پنهنجي سير
جو قصو هيئن شروع ڪيائين.
يا معبود! يا معبود! دوستو، ذرا هيڏي
توجهه ڏيو، ۽ ماجرا هن بي سر ۽ پا جي ٻڌو.
هيءَ سرگذشت منهنجي ذرا ڪن ڏيئي ٻڌو!
درد سانڀَري جا مون ڳالهه چئي، ٻڌو!
مون کي جا پيش آئي سختي زماني جي،
ڪيئن اُن کي مان نڀايو، گذري ويئي، ٻڌو!
اي يارو، منهنجو اصل وطن ملڪ يمن
آهي. منهنجي پيءُ جو نالو ملڪ التجار خواجه احمد
هو، جو ان ملڪ جو نامور سوداگر هو، اُن وقت جو ڪو
به شاهوڪار يا واپاري ساڻس ڪلهو هڻي نه ٿي سگهيو.
ڪيترن ۾ سندس گماشتا موجود هئا. پري پري شهرن ۾،
سندس ڪوٺيون چالو هيون. لکين رپيا نقد ۽ آڻمئو جنس
جا خزانا وٽس هَڪيا هئا. خدا تعاليٰ کانسواءِ ٻئي
ڪنهن جي به پرواهه ڪا نه هيس. وٽس به ٻار پيدا
ٿيا. اُنهن مان هڪ هيءُ فقير، گودڙِ ۽ ڪفني ڍڪيل،
اوهان مرشدن جي حضور ۾ حاضر آهي ۽ ڳالهائي ٿو. ٻي
منهنجي ڀيڻ، جنهن کي قبله گاهه پنهنجي جيئري ئي،
هڪ سوگرزادي سان پرڻائي ڇڏيو هو. هُوءَ پنهنجي
ساهرن ۾ ٿي رهي. مطلب ته جنهن گهر ۾ ايڏي دولت ۽
هڪ ٻار هجي، اُهو ڪيڏي نه لاڏ ڪوڏ سان پلبو
هوندو! هن فقير وڏي چاهه سان ماءُ پيءُ جي پاڇي ۾
پرورش لڌي. پَڙهڻ لکڻ، سوداگريءَ جو ڪسب ۽ فن،
کاتا ۽ کرڙا ۽ سپاهگريءَ جو هنر سکڻ لڳس. چوڏهن
ورهين تائين نهايت خوشيءَ ۽ بيفڪريءَ ۾ گذاري.
دنيا جي ڪا به ڳڻتي دل ۾ ڪا نه آئي. اوچتو ئي
اوچتو، هڪ ئي سال ۾ منهنجو پيءُ ۽ ماءُ قضا
الاهيءَ گذاري ويا، ۽ آءُ يتيم بڻجي ويس. ڪو به سر
تي ننڍو وڏو نه رهيو. هن ناگهاني مصيبت کان رات
ڏينهن رئيندو رهيس، کاڌو پيتو ڇڏائجي يو، چاليهي
کان پوءِ، پنهنجا پراوا، واقف ۽ پاڙيسري سڀ اَچي
گڏ ٿيا. دعا گهرڻ کان پوءِ، سڀني مون کي پيءُ جي
پڳ ٻڌائي، ۽ چيائون ته ”بابا، پيءُ ماءُ ڪنهن سان
وفادار نه آهي. سڀني جا پيءُ ماءُ اِهڙيءَ طرح
گذاري ويا آهن. اسين به هڪ ڏينهن هن فاني جهان مان
گذاري وڃڻ وارا آهيون، هت ڪو به هميشھ رهڻ وارو نه
آهي.هي جهان هڪ مسافر خانو آهي. هي شيءِ هتان جي
بيگاني آهي. ڏک ۽ روئڻ مان ڪجهه نه ورندو. اَجايو
پاڻ کي هلاڪ ڪرڻ مان ڇا سرندو؟ پنهنجي گهر جو حال
ڏس. ماضيءَ کي وساري، حال جو خيال ڪر!“ ائين چئي،
هو عزيز هليا ويا. اُن کان پوءِ سڀيئي نوڪر چاڪر
اچي گڏ ٿيا، عرض ڪيائون ته ”پنهنجي والد جي سڄي
مال متاع کي اسان کان سنڀاري وٺو. اِجهي هي
ڪنجهيون اَٿَوَ.“
مان وڃي پنهنجي پيءُ جي دولت ۽ اسباب کي
ڏٺو. ڏسي حيران ٿي ويس. قارون جي هيءُ ڏن ته کٽڻ
جو ئي نه ٿي ڏٺو. دل خوش ٿي ۽ سڀ غم ۽ فڪر ويم،
شاد ٿيس. اوڏيءَ مهل فراشن کي حڪم ڪيم ته ”منهنجي
اوطاق کي نئين سر سينگاريو!“ حڪم جي دير هئي. سڀ
ڪجهه منهنجي مرضيءَ موافق بڻيو. آءُ گاديءَ تي ٽيڪ
ڏيئي بالم ٿي ويهي رهيس، هاڻي سوين خوشامدي ماڻهو
اَچي پٺيان پيا. مفت چاڪري ۽ ٽهل ڪرڻ لڳا. هيڏانهن
هوڏانهن جو لهواريون اوڀاريون، ڳالهيون ڪرڻ، اَٺئي
پهر سندن اِها ڌوتپائي ٿيندي رهي. هوريان هوريان
هنن شراب، راڳ ۽ ناچ جي لذتن جا قصا شروع ڪري
ڏنا. اگرچه مان سندن فريب کان بچندو رهيس، پر
ماڻهن ڀڳي ڪاٺ ڀڄي پون. مان الهڙ هوس، تجربو نه
هو، هوريان هوريان دل سرڪي، راضي ٿيس، شراب ۽ ناچ
جون محفلون ٿيڻ لڳيون، پنهنجو ڪاروبار وسري ويم،
دنيائي لذتون وٺڻ منهنجو ڌنڌو ٿي ويو. منهنجي نمڪ
حلال نوڪرن مون کي سنئين راهه تي آڻڻ جي ڪوشش
ڪئي، پر مان عياشيءَ جي فن ۾ هاڻي طاق ٿي چُڪو
هوس. ان ڪري ڪنهن جي به نصيحت اَثر نه ڪيو. مان هٿ
ڦاڙ ٿي پيس. منهنجا دوست، منهنجي دولت کي ڦرڻ ۽
لٽڻ ۾ مشغول ٿي ويا. چيو اٿن ته کاڌي کوهه به کٽيو
وڃن. جنهن ۾ راهه پئي سا رهي، رهندي ڪيترو! ٿورن
سالن ۾ سڄو تَرڪو لُٽجي ويو. اُن وقت اک کلي، جڏهن
پاڻي سر کان گذري چُڪو هو. خوشامدي هڪ هڪ ٿي
موڪلائڻ لڳا. نوڪر چاڪر منهن لڪائڻ لڳا. هن
ڪسمپَرسيءَ جي ويلي ۾، جن کي مون پنهنجو ٿي
سمجهيو، سي به پراوا بڻجي ويا. اُهي جي ڏينهن ۾
ڏهه ڏهه دفعا سلام ڪندا هئا، سي رستي ۾ ڏسي دڳ
بدلائڻ لڳا. سچ آهي ته دولت کي سلام آهي. مفلس
گمنام آهي. ڪو به پڇڻ وارو نه رهيو. خير خواهن کي
منهنجي حال تي رحم آيو، پر منهنجي بيوقوفيءَ تي
هنن به منهن ڦيرايو. آخر مون کي به اَچي فاقن
ورايو. دمڙي به هڙ ۾ نه رهي، جو ڦُلا وٺي، پاڻي
پيان آخر بکن کان بيتاب ٿي. آئيندي جو سوچيم،
لاچار بيحيائيءَ جو برقعو منهن تي وجهي، ارادو ڪيم
ته ڀيڻ ڏي وڃان. پر دل ۾ شرم ٿي آيو ته قبله گاهه
جي وفات کان پوءِ، ڀيڻ سان به ته چڱو سلوڪ نه ڪيو
هيم. کيس خالي خط به لکي نه سگهيس اگرچه هُوءَ
ڪيترائي خط اشتياق ڀريا لکندي رهي. هن شرمساريءَ
کان ڪنڌ هيٺ هو. دل نه ٿي چاهيو ته اوڏانهن وڃان،
پر سندس گهر کان سواءِ ٻيو ڪو ٽڪاڻو به نظر نه ٿي
آيو. جيئن تيئن پيرين پيادي، خالي هٿ، ڪرندي
ٿاٻڙندي، سخت مشڪل سان ڪيئي منزلون ڪري، ڀيڻ جي
شهر ۾ وڃي، پهتس، سندس مڪان کي ڳولي لڌم، ماءُ
ڄائي ڀيڻ منهنجو هيءُ حال ڏسي، گهورجڻ لڳي. ڳل
لائي ڪيتريءَ دير تائين رُني. تر، مانهن ۽ ٽَڪا
مون تان صدقو ڪري ڏنائين، چوڻ لڳي ته ”اگرچه
تنهنجي ملاقات سان خوشي ٿي اٿم، پر ڀاءُ، تنهنجا
اِهڙا حال ڇو ٿيا آهن!“ هن جي سوال جي جواب ڏيئي
نه سگهيس. اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون ۽ چپ ٿي ويس.
ڀيڻ جلدي خاصو لباس سبائي، حمام ۾ موڪليو. مان غسل
ڪري ڪپڙا پهريا، پنهنجي جاءِ ۾ هن منهنجي لاءِ هڪ
خوشنما ڪمرو جدا تيار ڪرايو، جنهن ۾ رهڻ لڳس، صبح
جو نيرن لاءِ ڀيڻ مون کي عمدو شربت ۽ پستا،
باداميون پيل ڌنڌاگيري جي مٺائي ڏيندي هئي، ته
ٻپهريءَ جو تازو ۽ سڪل ميوو ملندو هو. اُنهن کان
سواءِ، رات ۽ ڏينهن جي مانيءَ ۾ نان، گوشت ۽ ڪباب
آڻي اڳيان رکندي هئي، ۽ ويهي پاڻ کارائيندي هئي.
مون جو زماني جا عجيب لاها چاڙها ڏٺا هئا، سو وڃي
آرام ۾ پيس. هر روز هزارين شڪرانا پروردگار جا
ڪندو هوس. مطلب ته اِهي ڏينهن مون ڏاڍا سکيا
گذاريا. ڪيترائي مهينا کٽ تي چڙهي اندر ئي اندر
گذاريم، ٻاهر پَٽ تي پير نه رکيم، ڄڻ وري ڀاڳ
وريم، ڪيترن ڏينهن کان پوءِ، ان ڀيڻ، جا مون کي
ماءُ برابر هئي هڪ صبح جو چوڻ لڳي ته ”اَدا!
تنهنجي اچڻ مون کي بهار ۽ نهال ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن
توکي ڏسان ٿي ته منهنجو اندر ٺريو وڃي، ڇو ته تون
منهنجي مائٽن ۽ عزيزن جي مٽيءَ جي نشاني آهين، پر
الله تعاليٰ مرد جو شان ڪيو آهي ته هو لوچي ۽
مائي، هيءُ مرد جو وڙ نه آهي ته سست ٿي گهر ۾ ويهي
رهي. اِهو زالن جو مَرڪ آهي. پر زالون به پنهنجي
گهر جو ڪم ڪار پيون ڪن. نَڪمي مرد کي ٻيا ماڻهو
مهڻا ڏيندا. وڏي ڳالهه هيءَ آهي، جو هتان جا ماڻهو
اسان جي خاندان کان پورا واقف آهن، متان اِئين نه
چئي ويهن ته فلاڻي سوداگر جو پٽ پنهنجو اَگرتَگر
ناس ڪري، هاڻي اچي ڀيڻ جي ٽڪرن تي ڪريو آهي. هن ۾
پنهنجي ته خواري، پر وڏن جو شان گم ٿي ويندو. مڙس
نڪما نه سونهن، شل خدا تو کي وڏي ڄمار ڏئي، تنهنجي
کاڌي ۾ اسين ڪين کٽنداسون. ”داناءُ ڀيڻ جي ڳالهه
ٻڌي، مون کي شرمساري ٿي. سندس نصيحت ۾ پنهنجي
بهتري ڏٺم، چيومانس ته ”ادي، تون هينئر منهنجي
ماءُ جي جاءِ تي آهين. تو جو ڪجهه چيو اُن کي
سمجهيم. ”هيءُ ٻڌي، هوءَ پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ ويئي،
پنجاه اَشرفيون کڻي آڻي منهنجي اڳيان رکيائين. چوڻ
لڳي ته ”هي اَڌ سؤ اشرفين جو اَٿيئي، وڃي ڪو وکر
وهاءِ، هتان گهڻا سوداگر دمشق ٿا وڃن. ڪنهن معتبر
سوداگر کي ڏسي سندس سامان سان گڏ پنهنجو سامان به
وٺ، هوشياريءَ سان کانئس دستاويز لکائي وٺ، جو
محصول گهري سو ڏينس، پوءِ تون خشڪي جي رستي دمشق
روانو ٿي وڃ. اُتي وڃي کانئس سامان سنڀاري وٺج، ۽
اُتي نفعي سان وڪڻي، ڇڏج.“ اِها ڳالهه ٻڌي، مون
اوڏيءَ مهل اُٿندي بازار ۾ وڃي. اُنهن پجاهه
اَشرفين مان چڱو سامان خريد ڪري، اَچي سوداگرن جي
غوراب ڇڙڻ جي پڇا ڪيم، نيٺ هڪڙو سوداگر، جو جهاز
جي رستي دمشق ڏانهن وڃڻ لاءِ تيار هو، تنهن کي
پنهنجو سامان سپرد ڪيم، محصول ۽ جهاز جو ڪرايو ادا
ڪيم ۽ کانئس پنهنجي ڳٺڙين جو تعداد قبض تي لکائي
ورتم. سوداگر درياهي رستي کان ٿي ويو ۽ مون خشڪيءَ
جو رستو پاڻ لاءِ پسند ڪيو. هن ڪم کان فرغ ٿي
سمورو احوال اَچي همشيره کي ٻڌايم ۽ کانئس سفر
لاءِ موڪلايم، مهربان ڀيڻ اوڏيءَ مهل مون کي
سواريءَ لاءِ ڀلو گهوڙو ڏنو، ۽ اُن کان سواءِ هڪ
عمدي پوشاڪ به ڏنائين. هن کان سواءِ، مٺيون
مانيون، پڪل مٺائي ۽ ڪجهه پڪوان هڪ هڙ ۾ ٻڌي،
اڳيان رکيائين، نيٺ کَلي پاڻيءَ جي گهوڙي جي هني
سان ٻڌي، مان سفر لاءِ سنڀري تيار ٿيس. پوءِ
گُڻائتي اَديءَ امام ضامن جو رُپيو منهنجي ڏوري ۾
ٻڌو ۽ چيائين ”خدا حافظ! اَدا جيئن پُٺ ڏيو ٿو
وڃين، ڌڻي ڪندو ته منهن ورائي موٽندين!“ مون به
کيس، ڳراٽڙي وجهي موڪلائي، چيو ته ”ادي خدا کي
پرتينءَ! دلجاءِ ڪج، مان اجهو موٽيس.“ گهوڙي تي
چڙهي، واڳ ورتيم ۽ پنڌ پيس، نهايت تکو ٿي ويس، ٻن
منزلن جي هڪ منزل ٿي ڪيم، نيٺ ڪَهندي، خير
سلامتيءَ سان دمشق جي قريب پهتس. اُن وقت رات جا
ٻه پهر گذري چُڪا هئا، شهر جي ڪوٽ جا دروازا بند
هئا، ٻاهران هَڪَل ڪيم ته ”مان مسافر آهيان، پري
کان ٿڪو ٿو اچان، وهٽ لاءِ داڻي پاڻيءَ جي گهرج
اٿم، مهرباني ڪري اندر اچڻ ڏيوم!“ اَندرون آواز
آيو ته ”هينئر اوير آهي ۽ دروازي کولڻ جو هيءُ وقت
نه آهي. ڇو نه ٿي سويرو آئين!“ هي آواز ٻڌي، مون
اندر وڃڻ جي آس پَلي، ۽ اِهو خيال رکي، مون سوچيو
ته هينئر قلعي جي ڀت جي ٻاهران ڪٿي ويهي رهان ۽
سويرو صبح جو شهر ۾ وڃان. رات جو وڳڙو ڏس، سمهڻ
کان جاڳڻ کي بهتر سمجهيم، اهو ارادو ڪري گهوڙِي
تان لهي پيس ۽ غاشو وڇائي، اُن تي ويهي رهيس، هيڏي
هوڏي پيئي ڏٺم ته ڪنهن ريت رات جي خير جي گذري،
تان جو ٽيڙو ۽ ڪتيون آسمان تي چڙهي آيا. تارن جي
روشنيءَ ۾ گهٽتائي ڏسندي، سمجهيم ته اَڌ رات کان
مٿي گذري چڪي آهي.
|