مطلب ته هي فقير حڪم موجب مهمانداريءَ ۾
حاضر هو. اگرچه جوان کاڌي کائڻ لاءِ زور ڀريندو
رهيو، پر مان اُن پريءَ جي خوف سبب ڪنهن به طرف
خيال نه ٿي ڏنو. ۽ مهمانداريءَ جو عذر ڪري شامل نه
پئي ٿيس. هن حالت ۾ ٽي ڏينهن، ٽي راتيون گذري
ويا. چوٿينءَ رات اُن جوان نهايت جوش مان مون کي
سڏي چيو ته ”هينئر اسان موڪلايون ٿا، تنهنجي خاطر
سڀ ڪاروبار ڇڏي، ٽي ڏينهن هتي حاضر رهيو آهيان.
تون به ته اسان وٽ اَچي هڪ گهڙي ويهه ۽ اسان جي دل
خوش ڪر.“ مان پنهنجي دل ۾ سوچيو ته جي هينئر به
سندس دل ناراض ڪيم ته هُو آزردو ٿيندو، نئين دوست
۽ مهمان جي خاطر رکڻ ضروري آهي. تڏهن چيومانس ته
”اوهان جو حڪم بجا آڻڻ به ضروري آهي.“ هي ٻڌي، هن
شراب جي پيالي سان منهنجو تواضع ڪيو ۽ مان وٺي پي
ويس. اهڙيءَ ريت دؤر هلندو رهيو. ٿوريءَ دير کان
پوءِ، سڀيئي مجلس جا ماڻهو ڪَيف کان مخمور ٿي ويا،
۽ سڀ بيهوش پئجي رهياسون. جڏهن صبح ٿيو ۽ سج سَوا
هٿ تي آيو، تڏهن منهنجي اک کلي. ڇا ڏسان ته نه
اُها مجلس آهي نه شاشوڪت! نه اُها پري، نه اُهي
مهمان! خالي حويلي ڀڙڀانگ نظر آئي. ڏٺم ته هڪ ڪنڊ
۾ هڪ ڪمبل ويڙهيو پيو آهي. ان کي کوليم ته هڪ عجيب
حالت نظر آئي. جوهري ۽ سندس عورت جا سر ڪپيل نظر
آيا! هي نظارو ڏسي، منهنجو ته هوش اُڏري ويو. عقل
ڪم ئي نه ٿي ڪيو ته ڇا مان ڇا ٿي ويو! حيراني سان
هر طرف ڏسي رهيو هوس. ايتري ۾ هڪ خواجه سراءِ کي
ڏٺم، جو دعوت جا ڪم ۾ شريڪ هو. اُن کي ڏسي فقير کي
آٿت آيو. ٿيل واردات جو پڇيومانس. هن جواب ڏنو ته
”توکي تحقيقات سان ڪهڙو واسطو؟“ مان پنهنجي دل ۾
غور ڪيو ته سچ ٿو چوي. ٿورو وقت ترسي وري چيومانس
ته ”ڀلا، ٻڌاءِ ته سهي ته هُوءَ محبوبه ڪٿي آهي؟“
تڏهن هن جواب ڏنو ته ”البت جا مون کي خبر آهي. سان
توکي ٻڌائيندس، پر تو جهڙو عقلمند انسان، حضور جي
مرضيءَ کان سواءِ، ٻن ڏينهن جي دوستيءَ تي ٺڳجي،
ايتري قدر شراب جي نشي ۾ مدهوش ڪيئن ٿي ويو!“
فقير پنهنجي حرڪت ۾ اُن جي نصيحت تي نهايت پشيمان
ٿيو. چيومانس ته ”حقيقت ۾ مون کان تقصير ٿي آهي،
جنهن لاءِ اُميد اٿم ته معافي ملندي.“ آخر ان
خواجه سراءِ مهربان ٿي، اُن پريءَ جي مڪان جو نشان
ڏنو. اُن کان پوءِ هُن ٻنهي لاشن کي پورڻ جو
انتظام ڪيو، ۽ مان هن تهمت کان الڳ ٿي ويس. اُن
پريءَ جي ڳولڻ جي اَشتقاق ۾ نڪري پيس، ڳوليندي
ڳوليندي شام جو. ڏنل نشان تي، وڃي ان گهٽيءَ ۾
پهتس، دروازي جي نزديڪ، هڪ ڪنڊ ۾ سڄي رات ڦٿڪندو،
اکين تي ڪاٽيم. ڪنهن به اَچ وڃ جو کڙڪو نه ٻڌم، نه
وري ڪنهن مون کان منهنجو حال پڇيو. هن بيڪسيءَ جي
حالت ۾ پرهه ڦُٽي. جڏهن سج نڪتو، ته محلات جي
ماڙيءَ جي هڪ دريءَ مان هُوءَ ماهرو منهنجي طرف
ڏسڻ لڳي. مان هي ڏسي ڪپڙن ۾ نه ٿي ماپيس. خدا جو
شڪر ڪيم، ايتري ۾ هڪ خواجه مون وٽ لنگهي آيو ۽
چيائين ته ”تون هُن سامهون واريءَ مسجد ۾ وڃي
ويهه. شايد اُتي تنهنجو مطلب پورو ٿئي ۽ دل جي
مراد ملي. ”فقير سندس حڪم کي ٻڌي اُتان اٿي وڃي
مسجد ۾ ويٺو. پر اکيون محلات جي دروازي۾ اَٽڪيون
رهيون، ته ڏسجي ته غيب جي پردي مان ڇا ٿو ظاهر
ٿئي. سڄو ڏينهن اِهڙيءَ ريت گذاريم، جيئن روزه دار
کي شام جو انتظار ٿي پوندو آهي. اُهو پهاڙ جهڙو
ڏينهن، ڇاتيءَ تان ٽريو. هڪ ڀيرو وري ساڳيو ئي
خواجه سرا آيو. هُن شفيق جو سڄي راز ۽ نياز جو
واقف هو، مون کي تسلي ڏني. هٿ وٺي، گڏ وٺي هليو.
رفته رفته هڪ باغيچي ۾ويهاري، مون کي چيائين ته
”هتي ترسو.“ پاڻ موڪلائي، اُن پريءَ جي حضور ۾
شايد حقيقت ٻڌائڻ لاءِ ويو. مان اُن باغ ۾ گلن جي
بهار سهائي رات جي روشنيءَ ۾ ڏسندو رهيس. حوض ۾
ڦوهارن کان ساوڻ جي جُهڙي ٿي نظر آئي. گلن کي ڏسي،
اُن گلبدن جو خيال آيو. جڏهن چنڊ تي نظر پيئي.
تڏهن اُن دوست جو چهرو ياد آيو. هيءَ سڄي بهار،
اُن کان سواءِ منهنجي اکين ۾ خار هئي. خدا جو شڪر،
جو آخر اُن جي دل نرم ٿي. هُوءَ پري، باغ جي
دروازي کان چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر سينگاريل ظاهر
ٿي. ڳچيءَ ۾ بادل جي رنگ جهڙو ڪڙتو هوس، جنهن جي
سنجاف تي موتين جي لهر ٽاڪيل هئي. مٿي تي رئو هوس.
جو به موتين سان ڀريل هو، جنهن جو پَلؤ خشڪ هوا ۾
آزاديءَ سان ٿي اڏاميو. هُوءَ ٽلندي، باغ جو چؤنڪ
تي اچي پهتي. هيڏانهن هوڏانهن سير ڪندي. شھ نشين ۾
ڪمخواب جي مسند تي تڪيو لڳائي وڃي ويٺي. مان ڊڪي
پرواني وانگر ان شمع جي چوڌاري ڦرڻ لڳس ۽ غلامن
وانگر هٿ ٻڌي، بيهي رهيس، هُو خواجه سرا منهنجي
سفارش ڪرڻ لڳو. مان خواجه سرا کي چيو ته ”بندو
گنهگار ۽ تقصيروار آهي، جا سزا منهنجي لاءِ مقرر
ڪئي وڃي، آءُ اُن کي ڀوڳڻ لاءِ تيار آهيان.“ هوءَ
پري جيئن ته ناخوش هئي، بد دماغيءَ مان چوڻ لڳي ته
”تنهنجي لاءِ هي چڱو آهي ته سؤ ڳوٿريون اَشرفين جو
وٺي، پنهنجي اسباب درست ڪري، پنهنجي وطن هليو وڃ.“
هيءَ ڳالهه ٻڌي مان ته بت بڻجي ويس. اِئين ٿي
سمجهيم ته بدن ۾ رت جو هڪ ڦڙو به باقي نه رهيو
آهي. اکين اڳيان اوندهه وري ويئي. بي اختيار جگر
مان دانهن نڪتي، لُڙڪ وهڻ لڳا. خدا کان سواءِ ٻئي
ڪنهن جي اميد نه رهي، مايوس ٿي ايترو چيومانس ته
”ٿورو غور فرمايو، جيڪڏهن مون ڪم نصيب کي دنيا جي
لالچ هجي ها ته پنهنجي جان ۽ مال حضور جي خدمت ۾
نه ڏيان ها. شايد دنيا مان حق خدمتگاريءَ ۽ جان
نثاريءَ جو اُٿي ويو، جو مون بدبخت تي ايڏي بي
مهري فرمائي ٿي وڃي. خير مون کي به اهڙي زندگي نه
کپي. محبوبن جي بيوفائيءَ سان ويچاري عاشق جو
نڀاءُ ٿي نه ٿو سگهي.“ هيءُ ٻڌي، پيشانيءَ ۾ گهنج
وجهي، چوڻ لڳي ته ”واهه، هيءُ به منهنجو عاشق آهي!
ڏيڏريءَ کي به زڪام ٿيو آهي! بيوقوف، حد کان زياده
ڳالهيون ڪرڻ خام خيال آهي. ننڍو منهن وڏي ڳالهه!
ٻي ڪا نڪمي ڳالهه نه ڪر جيڪڏهن ٻيو ڪو اهڙي حرڪت
ڪري ها ته اُن کي ٻوٽيون ٻوٽيون ڪري سِرڻن کي ڏيان
ها. پر ڇا ڪريان، جو تنهنجي خدمت ٿي ياد پوي.
ڀلائي اِنهيءَ ۾ اَٿئي ته پنهنجو رستو وٺ. تنهنجي
قسمت جو داڻو پاڻي اسان جي سرڪار ۾ هاڻي بند ٿي
چڪو آهي.“ هيءُ ٻڌي،روئندي چيومانس ته ”جيڪڏهن
منهنجي نصيب ۾ جهنگلن ۽ پهاڙن ۾ سوداين وانگر ڦرڻ
لکيل آهي. ته مون کي ئي نڀائڻو آهي.“ هيءُ ٻڌي
زياده دق ٿي چوڻ لڳي ته ”اِهي چونچلا ۽ مسخريون
مون کي پسند نه اينديون آهن. اِهڙيءَ گفتگو جو
جيڪو لائق هجي، وڃي ان سان ڪر.“ اِئين چئي،
ڪاوڙجي، پنهنجي محلات ڏانهن هلي ويئي. لاچار
نااُميد ٿي اُتان ٻاهر نڪتس، مطلب ته چاليهن ڏينهن
تائين گهٽين ۾ ڦرندو رهيس. جڏهن شهر مان ڪڪ ٿيندو
هوس، ته جهنگ ۾ نڪري ويندو هوس ۽ چرين وانگر در در
جون ٺوڪرون کائيندو ٿي رهيس. ”ڌوٻيءَ جو ڪتو نه
گهر جو نه گهاٽ جو.“ انسان جي زندگي کاڌي پيتي سان
آهي. اَن آهي ته ايمان آهي. جڏهن بدن ۾ طاقت نه
رهي، تڏهن بيوس ٿي مسجد جي ديوار هيٺان وڃي ڪريس.
ساڳيو خواجه سرا جمعي جي ڏينهن نماز پڙهڻ لاءِ
مسجد ۾ آيو، جيئن منهنجي ڀرسان گذري رهيو هو، ته
مون هيٺيون شعر پڙهيو:
هن درد دل کان موت، جي مون کي اَچي چڱو،
قسمت ۾ جو لکيو آ، جلدي ٿئي چڱو.
جيتوڻيڪ ظاهر ۾ منهنجي صورت بلڪل بدلجي
ويئي هئي، پر چهري جو نقشو اڃا ڪجهه ڏسڻ جهڙو هو.
هُو محلدار آواز ٻڌي، مون ڏانهن متوجه ٿيو مون کي
غور سان ڏسي، سڃاتائين، افسوس ڪيائين ۽ شفقت سان
چوڻ لڳو ته ”آخر تو پنهنجي هيءَ حالت بڻائي!“ مان
چيومانس ته ”جو ڪجهه ٿيو سو ٿيو. مال به حاضر هو
۽ هاڻي جان جي به قرباني ڏيئي رهيو آهيان. جيڪڏهن
هوءَ انهيءَ ۾ خوش آهي ته ڇا ڪريان؟“ هيءُ ٻڌي. هن
خدمتگار مون وٽ ڇڏيو. مسجد ۾ خطبي ۽ نماز کان
فارغ ٿي، جڏهن ٻاهر نڪتو، تڏهن فقير کي هڪ عماريءَ
۾ وجهي، پاڻ سان گڏ، ان پريءَ جي خدمت ۾ وٺي هليو.
مون کي دروازي جي ڀرسان، چِقَ جي ڀرسان ويهاري،
پاڻ ساڻس اندر ملڻ لاءِ ويو. ٿوري ويرم رکي، هوءَ
ٻاهر آئي ، ۽ ڄاڻي ٻجهي پڇڻ لڳي ته ”هي ڪير آهي؟“
محلدار وراڻي ڏنيس ته ”هيءُ اُهو ئي بدنصيب آهي،
جو حضور جي ناراضپي ۽ عتاب هيٺ آيو آهي. سندس هيءُ
حالت بڻي آهي، محبت جي باهه ۾ جلي رهيو آهي. گهڻو
ئي ڳوڙهن جي پاڻيءَ سان وسائي ٿو. پر اها ٻيڻي
ڀڙڪي ٿي اُٿي. ڪجهه به فائدو نه ٿو ٿئيس. اِنهيءَ
کان سواءِ هُو پنهنجي تقصير جي خجالت کان مُئو ٿو
وڃي.“ پريءَ ٺٺولي ڪندي چيو ته ”ڇو ٿو ڪوڙ
ڳالهائين؟“ ڪيترن ڏينهن کان مون کي خبر ملي آهي ته
هُو پنهنجي وطن وڃي نڪتو آهي! خبر نويس ڪڏهن به
ڪوڙ ڳالهائي نٿا سگهن. خدا ڄاڻي هيءُ اَلائجي ڪير
آهي؟“
هيءُ ٻڌي، هٿ جوڙي، خواجه سراءِ عرض ڪيس ته
”جيڪڏهن جان جي اَمان ملي، ته ڪجهه عرض ڪريان
”فرمايائينس ته ”توکي جان جي اَمان آهي، توکي جو
ڪجهه چوڻ آهي، چئي ڏي.“ خواجو چوڻ لڳو ته ”اوهان
چِقَ به کڻي ڏسوس. سندس بيڪسيءَ جي حالت تي رحم
ڪيو، ناحق شناسي چَڱي نه آهي. اوهان کي هن جي حالت
تي رحم کائڻ بجا آهي، جو عين ثواب آهي. اڳتي جيئن
مرضي مبارڪ ۾ اَچي، اُهو بهتر آهي.“ هي ٻڌي، مشڪي
فرمايائين ته ”چڱو ٿيندو ته هينئر هن کي ڪنهن
دارالشفا ۾ رکو، جڏهن تندرست ٿيندو تڏهن سندس
احوال پڇا ڪئي ويندي.“ خواجي چيس ته ”جيڪڏهن اوهان
پنهنجي مبارڪ هٿن سان مٿس گلاب ڇٽڪائيندا ۽ ڪجهه
دلاسو ڏيندا، ته هن جي جيئڻ جو ڀروسو ٿيندو.
نااُميدي بُري شيءِ آهي. دنيا هميشھ اُميد سان
قائم آهي.“ هيءُ ٻڌي اُن پريءَ ڪو به جواب نه ڏنو.
هي سوال جواب ٻڌي، مان به پنهنجي جيءَ کان بيزار
ٿي چڪو هوس. بي پرواهه ٿي چيم، ”بس هاڻي منهنجو
جيئڻ مشڪل آهي. اهڙيءَ زندگيءَ کان قبر جو گوشو
هزار بار بهتر آهي.پير ته قبر ۾ هينئر ئي لٽڪايو
ويٺو آهيان، نيٺ هڪ ڏينهن مرڻو آهي ۽ هيءُ جهان
ڇڏڻو آهي. منهنجو علاج شهزاديءَ جي هٿ ۾ آهي. هوءَ
ڪري يا نه ڪري. ماري يا جياري سندس مرضي.“ خدا جو
شڪر آهي، جو هُن مقلب القلوب اوڏيءَ مهل اُن سنگدل
جي دل کي نرم ڪيو. حڪم ڪيائين ته ”جلدي شاهي
حڪيمن کي گهرايو.“ حڪم جي دير هئي، طبيبي اچي حاضر
ٿيا. منهنجي نبض کي غور سان ڏسي، سڀني متفق ٿي چيو
ته ”هي عشق جو مريض آهي. دوست جي وصال کان سواءِ
هن جو جيئڻ محال آهي.“ جڏهن حڪيمن به اهو حال
ٻڌايو، تڏهن حڪم ڪيائين ته ”هن کي غسلخاني ۾ نيو،
بدن صاف ڪري، عمدي پوشاڪ ڍڪائي حاضر ڪيو.“ حڪم
موجب مون کي وهنجاري، عمدي پوشاڪ ڍڪائي، شهزاديءَ
جي حضور ۾ دوباره آندو ويو. مون کي ڏسي هوءَ چوڻ
لڳي ته ”رڳو مون کي بدنام ڪيو اَٿيئي. مان تو وٽ
ڪي ڏينهن مهمان رهيس، واهه جو اُن جو بدلو ٿو ڏين!
هاڻي چَؤ ته تنهجي دل جو ڪهڙو مطلب آهي؟“ فقير جو
اُن وقت هيءُ حال هو، جو ڪپڙن ۾ نه ٿي ماپيو. منهن
۾ پاڻي وري آيو، ۽ خدا جو شڪر ڪيم. چيومانس، ته
”اوهان جي ٻن لفظن سان منهنجي حالت ۾ ڪيڏو نه ڦيرو
آيو آهي! گويا مردو وري جيئرو ٿيو آهي.“ ائين چئي،
ٽي دفعا چوڌاري سندس ڦريس. جڏهن وري سامهون اچي
بيٺس، تَڏهن چيئين ته ”هينئر تو کي جو چوڻو هجي،
سو صاف صاف چئي ڏي.، تڏهن عرض ڪيو مانس ته ”بندي
کي هفت اقليم جي بادشاهيءَ کان زياده هن ڳالهه جي
طلب آهي ته بنده نوازي فرمائي، هن عاجز کي قبول
ڪيو ۽ پنهنجي قُربت سان سرفرازي ڏيو.“ هيءُ ٻڌي،
ٿوري وقت لاءِ هو ٽٻيءَ ۾ پئجي ويئي. پوءِ نماڻا
نيڻ کڻي، چيائين ته ”ويهي رَههُ. تو اسان جي خدمت
۽ وفاداري اهڙي ڪئي آهي، جو جيڪو تون چوين ٿو، سو
ٺهي ٿو. چڱو اسان تو کي قبول ڪيو.“ پوءِ اُنهيءَ
ئي ڏينهن، چڱي ساعت ڏسي، ماٺ ميٺ ۾ قاضيءَ کي
گهرائي نڪاح جي رسم پوري ڪئي ويئي، سخت محنت ۽
ڪشالن کان پوءِ خدا هيءُ مون کي ڏينهن ڏيکاريو،
جو مون پنهنجي مطلب کي حاصل ڪيو. مگر جيترو اشتقاق
اُن پريءَ جي وصال جو هوم، ايتري ئي بيقراري اُنهن
عجيب وارداتن جي معلوم ڪرڻ جي هيم، جي منهنجي آڏو
گذري چڪيو هيون. آخر هيءَ شهزادي ڪير آهي؟ اُهو
حبشي سانورو ۽ ٺاهوڪو ڪير هو، جنهن فقط ڪاغذ جي
پرزي تي، ايتريون اشرفيون منهنجي حوالي ڪيون؟ اک
ڇنڀ ۾ شاهي دعوت جي تياري ڪيئن ٿي؟ هو ٻه بي گناهه
اُن مجلس ۾ ڇو ماريا ويا؟ مون تي ڪاوڙ ۽ بي مروتي
ڇو ڪئي ويئي؟ حالانڪه مون وڏي خدمت گذاري ڪئي هئي.
وري اوچتو مون کي هيءَ عزت ڪيئن ڏني ويئي؟“
مطلب ته نڪاح جي رسم اَدا ٿيڻ کان پوءِ،
ايڏي سڪ هوندي به آءُ سندس قربت کان دور رهيس. رات
جو گڏ سهڙندا هئاسون، پر صبح جو اُئين ٿي اُٿي
ويهندو هوس. هڪ ڏينهن غسل جي واسطي مون ٻانهيءَ کي
گرم پاڻيءَ لاءِ پڇيو. شهزادي مشڪي ۽ چوڻ لڳي ته
”گرم پاڻي ڇا جي لاءِ؟“ مان چپ رهيس. هوءَ منهنجي
خاموشيءَ تي حيران ٿي، ڏٺم ته سندس منهن تي
ناراضپي جا نشان ظاهر ٿيا. چوڻ لڳي ته ”تون به ڪو
عجيب انسان آهين. يا ايڏو شوق يا هينئر ايڏي
خاموشي؟ جيڪڏهن تو ۾ قوت نه هئي، ته اِهڙو ڪچو
هوس نه پچائين ها!“ اُن وقت، بيدرد ٿي، چيومانس ته
”اي دوست ، انصاف ڪرڻ واري انصاف ڪرڻ کان پير
پوئتي نه ڌرڻ گهرجي.“ چيائين ته ”هينئر وري ٻيو
ڪهڙو انصاف باقي رهيو آهي؟، فقير ورندي ڏني ته ”سچ
پچ منهنجي وڏي آرزو اِها هئي، جا حاصل ٿي. مگر دل
۾ عجيب وسوسا آهن. دل جي چنتا انسان کي پريشان ئي
رکندي آهي. مان پنهنجي دل ۾ انجام ڪيو هو ته نڪاح
کان پوءِ اُهي ڳالهيون، جي مون لاءِ اسرار آهن،
اوهان کان ضرور پڇندس. اوهان جي زبان مبارڪ کان
ٻڌي، پنهنجي تسلي ڪندس. ”ڏٺم ته شهزاديءَ جي
پيشانيءَ ۾ ڪاوڙ کان سوين گهنج پئجي ويا. چوڻ لڳي،
”ٺهيو هاڻي، ئي اسانجي چوڻ کي وساري ڇڏيو اَٿيئي.
ياد ڪر مان ڪيترائي ڀيرا تو کي چئي چُڪي آهيان ته
اسان جي ڪم ۾ ڪڏهن به دخل نه ڏج ۽ ڪنهن به ڳالهه
تي اعتراض نه ڪج. هينئر تون ان جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو
آهين، جو لازم نه آهي. ”فقير کلي عرض ڪيو ته ”جيئن
اوهان جي بردباريءَ ٻين بي ادبين کي معاف ڪيو آهي،
تيئن هن بي ادبيءَ تي به اک ٻوٽ فرمائي وڃي. ”هي
ٻڌي، شهزادي وري تپي باهه ٿي ويئي، چيائين، ”هينئر
تون گهڻو مٿي تي چڙهي ويو آهين. وڃ پنهنجوڪم ڪر،
اِنهن ڳالهين مان توکي ڇا حاصل ٿيندو؟“ مون عرض
ڪيو ته ”دنيا ۾ بدن جو شرم سڀ کان زياده ٿيندو
آهي. هڪ ڪپڙي جي شريڪ کان ڪو به ڳجهه لڪائڻ ڪٿي ٿو
ٺهي؟“ منهنجي رمز کي سمجهي چوڻ لڳي، ”ڳالهه ته سچي
آهي، پر مون بدقسمت جو ڳجهه ظاهر ٿيو ته وڏي مصيبت
اچي ويندي.“ مون عرض ڪيو ته ”غلام جي طرف کان اِهو
خيال نه فرمايو وڃي. خوشيءَ سان سڄي آپ بيتيءَ کي
ٻڌايو. هِن ڪَن کان ٻيو ڪَن نه ٻڌندو.“ جڏهن هن
ڏٺو ته ٻڌائڻ کان سواءِ هي عزيز نه ڇَڏيندو، تڏهن
لاچار ٿي چوڻ لڳي ته ”انهن ڳالهين جي ٻڌائڻ کان
خرابي ئي پيش ايندي، پر تنهنجي خاطر اِها به منظور
آهي. اِن ڪري ئي پنهنجي سر گذشت ٻڌايان ٿي، جنهن
جو پوشيده رهڻ نهايت ضروري آهي.“
شهزادي چوڻ لڳي ته ”آءُ نڀاڳي دمشق جي
بادشاهه جي ڌيءَ آهيان، جو پنهنجي جاهو جلال کي
گهڻو مشهور آهي. افسوس، جو کيس مون کان سواءِ ٻيو
اولاد نه ٿيو. جنهن ڏينهن کان وٺي مان پيدا ٿيس،
ماءُ پيءُ وٽ وڏي لاڏ ڪوڏ سان پلجڻ لڳس، جڏهن هوش
۾ آيس، ته منهنجي دل ۾ خوبصورت ۽ ٺاهوڪن انسانن جي
صحبت جو شوق پيدا ٿيو. ان ڪري حسين ساهيڙين ۽
خوبصورت ٻانهين جي جهرمٽ ۾ رهڻ لڳيس، هميشھ تماشو،
ناچ ۽ رنگ ۾ مشغول پئي رهيس. ڪا به نيڪي ۽ بديءَ
جي خبر نه هئي. پنهنجي بي فڪريءَ کي ڏسي، هر دم
خدا جو شڪرانو ٿي ڪيم. اوچتو منهنجي طبيعت ۾ عجيب
ڦيرو اَچي ويو. نه ساهيڙيون ٿي وڻيون، نه خوشيءَ
جون مجلسون، مزاج سودائي بڻجي پيو. دل اُداس ۽
حيران رهڻ لڳي، ڪا به ڳالهه نه ٿي اُڄهي. منهنجي
هن حالت کي ڏسي سڀني کي ڳڻتي پيدا ٿي. اِهو خواجه
سرا نمڪ حلال، جو منهنجو اصل کان محرم ۽ همراز هو
۽ جنهن کان منهنجي ڪا به ڳالهه ڳجهي نه هئي،
منهنجي پريشاني ڏسي چوڻ لڳو ته شهزادي، جيڪڏهن
ٿورو شربت ”ورق الخيال“ نوش جان فرمايو وڃي، ته
اُميد آهي ته طبيعت بحال ٿي ويندي. هُن جي هيءَ
صلاح ٻڌي، مون کي به خيال ٿيو ته آزمائي ڏسجي.
چيومانس ته ”جلدي حاضر ڪر!“ هُو ٻاهر ويو ۽
صراحيءَ ۾ شربت برف سان گڏي، هڪ ڇوڪري هٿ موڪلي
ڏنائين. مون اُن کي پيتو، سچ پچ هن شربت جي جهڙي
تعريف ڪئي هئي، اهڙو ئي نڪتو. مان اُن جي عيوض
خواجه سرا کي قيمتي خلعت ڏياري موڪلي ۽ چوائي
موڪليو مانس ته ڏيهاڙي اِهڙي قسم جي صراحي
موڪليندو رهي. خواجه سرا به هر روز اُن ڇوڪري سان
ساڳيو شربت موڪليندو رهيو، اُن شربت ۾ هڪ قسم جو
ڪيف هو.اُن جي سُرور ۾ اُن ڇوڪري سان کل ۽ مذاق
جون ڳالهيون ڪندي رهيس. هُو به جڏهن هِري مري ويو،
تڏهن چڱيون چڱيون ۽ مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪرڻ لڳو.
جيئن ڇوڪري جي شڪل ۽ صورت وڻندڙ هئي. اُن ڪري
منهنجي ورونهن بڻجي ويو ۽ مان کيس وقت به وقت
انعام ڏيندي رهيس. گر هو ڪمبخت سدائين منهنجي
حاضريءَ ۾ ساڳين ميرن ڪپڙن ۾ ايندو رهيو. هڪ ڏينهن
مون کانئس پڇيو ته ”توکي سرڪار کان سڀ ڪجهه ملي
رهيو آهي، ته به تو پنهنجي صورت ۽ شڪل هيئن ڇو
بڻائي آهي؟ تو اُهي رپيا ڪٿي جمع ڪري رکيا آهن؟ هن
جڏهن هيءَ دلجُوئيءَ جهڙي حقيقت ٻڌي، تڏهن ٿڌو
ساهه کنيائين ۽ سندس اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون.
چوڻ لڳو ته ”اوهان جو ڪجهه هن غلام کي ڏيندا آهيو،
سو سڀ اُستاد کيسي وٺندو آهي. مون وٽ پيسو آهي،
ڪٿي، جو ٻيا ڪپڙا ٺهرائي ۽ پهري حضور ۾ اَچان! هن
۾ منهنجو ڪو به گناهه نه آهي ۽ لاچار آهيان، سندس
هيءَ حقيقت ٻڌي، مون کي رحم آيو. خواجه سرا کي
گهرائي حڪم ڏنو ته ”اڄ کان هن نينگر کي پنهنجي
صحبت ۾ رک. لباس عمدو تيار ڪرائي ڏينس، ۽ شهر جي
عام ڇوڪرن سان گڏجڻ کان روڪينس، ته آداب شاهي سکي،
۽ حضور ۾ حاضر رهڻ جي لياقت منجهس پيدا ڪرينس.“
خواجه سرا جڏهن مون کي مٿس مهربان ڏٺو، ته سندس
خبر گيري نهايت عمديءَ ريت ڪرڻ لڳو. ٿورن ئي ڏينهن
۾ فراغت ۽ خوشيءَ جي سبب، سندس رنگ روپ ڪٿان کان
ڪٿي پهچي ويو. ڏينهون ڏينهن مان مٿس موهت ٿيندي
ويس. پنهنجي دل کي گهڻو ئي ٿي سنڀاليم، مگر اُن
ڪافر جي صورت اندر ۾ ايترو ته گهر ڪري ويئي هئي،
جو چاهيم ٿي ته اٺ ئي پهر هُو اکين جي آڏو هجي.
آخر هن کي پنهنجي صحبت ۾ رکيم، طرحين طرحين جا وڳا
۽ ويس، قسمين قسمين جا موتي ۽ مڻيا کيس پهرائي، ٿي
ڏٺم، سندس قريب رهڻ کان اکين کي سک ۽ دل کي راحت
ٿي ملي. هر دم سندس خاطرداري ٿي ڪيم، جيڪڏهن ڪنهن
ضروري ڪم لاءِ دم دور ٿي ويو ته آرام نٿي آيو.
ٿورن سالن کان پوءِ، هو اچي وهيءَ چرهيو ۽ بالغ
ٿيو. هيءُ ڳالهه ٻاهر درٻارين ۾ پکڙجڻ لڳي. درٻان
۽ چويدار کيس محلات ۾ اَچڻ کان روڪڻ لڳا. آخر سندس
اچڻ بند ٿيو. هيءُ ڳالهه مون کي بيحد ڏکي لڳي. هڪ
گهڙي به ورهيه بڻجي ويئي. هڪ قيامت هئي، جا گذري
رهي هئي.نه ڪجهه چئي ٿي سگهيس، نه وري ڪا صلاح ئي
بڻجي ٿي سگهي. بي آراميءَ سبب اُن خواجه سرا، کي
جو حال محرم هو، گهرائي ورتم. چيومانس ته ”هاڻي
اُن نينگر جي پرادخت ڪرڻ نهايت ضروري آهي. حال،
وقت صلاح هيءَ آهي ته هزار اشرفين جي موڙيءَ سان
شهر جي ونڪ ۾ کيس جواهرن جودڪان کولي ڏي، جيئن هو
واپار ڪري، پنهنجو گذران چڱيءَ ريت ڪري سگهي،
منهنجي محلات جي نزديڪ، هڪ حويلي، جا سندس شان
لائق هجي، کيس خريد ڪري ڏي. ٻانهيون ۽ نوڪر چاڪر،
جي ضروري هجن، سي به کيس مهيا ڪري ڏي. هي سڀ
اِهڙيءَ ريت ڪيو وڃي، جيئن کيس تڪليف نه ٿئي“ .
خواجه سرا منهنجي حڪم جي پوري پوري تعميل ڪئي.
ٿورن ڏينهن ۾ هن جو دُڪان ايترو مشهور ٿي ويو، جو
اميرن ۽ بادشاهه کي جا شيءَ درڪار پيئي ٿي، سا وٽس
موجود هئي. آهستي آهستي هن جي دڪان ايتري ته ترقي
ڪئي، جو هر ملڪ جي سوکڙي وٽس موجود ٿي رهي. سڀني
جوهرين جو روزگار سندس آڏو مات ٿي ويو. مطلب ته
سڄي ملڪ ۾ جهڙس ٻيو نه هو. لکين رپيا ڪمايائين.
هيءُ ته سڀ ڪجهه ٿيو. پر سندس جدائي هر وقت مون کي
ڳاريندي رهي. ڪا تدبير ايتري به ٿي نه سگهي ته
ڪٿان سندس منهن ڏسي سگهان. نيٺ مون لاچار ٿي خواجه
سرا کي گهرايو چيومانس ته ”مون کان اڃا ڪا به صلاح
ٿي نه سگهي آهي ته جيئن مان ان جو منهن ڏسي
سگهان. هينئر هيئن ڪر، جو هڪ سرنگهه سندس گهر کان
منهنجي محل تائين تيار ڪرائي وڃي، جو مان سندس
صورت ڏسي سگهان، حڪم ملندي ئي، ڪيترن ڏينهن کان
پوءِ، سرنگهه ٺهي تيار ٿي. هينئر شام جي خاموشيءَ
۾ خواجه سرا، اُن کي وٺي مون تائين پهچائيندو هو ۽
اسان جي رات عيش عشرت ۾ گذر ٿيندي هئي، صبح جو
وهائو تاري نڪرڻ سان، اُن وقت جڏهن مؤذن بانگ
ڏيندو هو. هن راز جي خبر فقط خواجه سرا ۽ اُنهن ٻن
داين کي هئي، جن مون کي پاليو هو. اِهڙيءَ ريت وقت
پئي گذريو. هڪ ڏينهن دستور موجب، خواجه سرا جيئن
کيس ڪوٺڻ ويو، ته هُو کيس نهايت فڪر ۾ نظر آيو.
خواجي کيس ڳڻتيءَ ۾ ڏسي کانئس پڇيوته ”خير ته
آهي؟ ايتري دلگيريءَ جو ڪهڙو سبب آهي؟ جلدي هَلُ،
جو تو کي حضور ياد فرمايو آهي.“ هن هرگز جواب نه
ڏنو، پر زبان به نه چوري. خواجه هيءَ حالت ڏسي،
پنهنجي منهن اڪيلو موٽي آيو، ۽ مون کي سڄو احوال
عرض ڪيائين، افسوس جو هن هوندي به مون سندس محبت
کي نه ڇڏيو. جيڪڏهن ڄاڻان ها ته هن نمڪحرام جي
محبت ۽ چاههُ اڳتي هلي بدنام ڪندو ۽ ننگ ۽ ناموس
ويندو، ته توبهه ڪريان ها ۽ سندس نالو وري نه ڳنها
ها. مگر سندس هن بيجا حرڪت کي اَجايو سندس ناز
سمجهيم، جنهن جو نتيجو هي نڪتو، جو هن سرگذشت جي
سبب، تو سان به واقفيت ٿيم، نه ته مان ڪٿي ۽ تون
ڪٿي! خير، جو گذريو سو گذريو. مون سندس بد دماغيءَ
تي خيال نه ڪري، ٻيهر خواجي جي هٿ ڏانهنس پيغام
موڪليو ته ”جيڪڏهن تون نه ايندين، ته مان ڪنهن
رستي تو وٽ هلي اينديس، پر اُن ۾ وڏي خرابيءَ جو
خوف آهي. جيڪڏهن ڳجهه ظاهر ٿي پيو، ته تنهنجي حق
۾ نهايت بُرو ٿيندو، تنهن ڪري اهڙو ڪم نه ڪر، جنهن
جو ڦل خرابي بڻجي. اُن ڪري بهتر اهو ٿيندو ته جلدي
اَچ.“ جڏهن هي پيغام پهتو ۽ منهنجي اشتياق کي
زياده ڏٺائين. تڏهن روئڻي صورت بڻائي، وڏي ناز
نخري سان آيو. جڏهن هُو منهنجي ڀرسان ويٺو، تڏهن
چيومانس ته ”اڄ ڪهڙي سبب اچڻ ۾ اوير ڪَيَوَ؟ شايد
ڏمر آهي. اڳي ته ڪڏهن اهڙو رنج ظاهر نه ٿيو هو؟
تڏهن چوڻ لڳو ته ”مان گمنام ۽ غريب، حضور جي
مهربانيءَ ۽ احسان سان هن مرتبي کي پهتو آهيان، ۽
زندگي ڏاڍي آرام سان گذري رهي آهي، اوهان جي اقبال
۽ دولت کي پيو دعائون ڏيان. هيءَ گناهه اوهان جي
بخششش جي ڀروسي تي مون کان ٿيو آهي. اُميد آهي ته
معاف فرمايو ويندو.“ مان جا کيس ساهه کان به واڌو
گهرندي هيس، سندس بناوتي ڳالهين کي ڳنڍ کڻي ٻڌيم،
۽ سندس شرارت کي سمجهي نه سگهيس، وري دلداري ڏيئي،
کانئس پڇيم ته توکي ڪهڙي مشڪل پيش آئي آهي، جو
ايڏو فڪرمند ٿو نظر اچين؟ اُن کي عرض ڪر ته اُنجي
تدبير ڪئي وڃي.“ مطلب ته هن بيحد خاڪساري ڏيکاري ۽
چيائين ته ”مون لاءِ گهڻو مشڪل آهي، پر اوهان لاءِ
هر شيءِ آسان آهي.“ سندس گفتگو مان آخر ظاهر ٿيو
ته ”وچ شهر ۾ هڪ باغ ۽ حويلي وڪامي رهي آهي، جنهن
سان گڏ هڪ ٻانهي به آهي. جا ڳائڻ جي فن ۾ بيحد
هوشيار آهي، باغ ۽ جاءِ جي قيمت ته هڪ لک درم آهي،
پر ٻانهيءَ جي قيمت پنج لک درم آهي، هي شرط به
لازمي آهي ته جيڪو باغ ۽ جاءِ وٺندو، سو ان
ٻانهيءَ کي به ضرور خريد ڪري، غلام وٽ في الحال
ايترا پئسا موجود نه آهن. مون کي انهن شين جي
خريداريءَ جو بيحد شوق آهي. اُن ڪري ئي حيران ۽
پريشان هوس. ”اگرچه هُو منهنجي سامهون ويٺو هو، پر
نهايت غمگين ۽ اُداس ٿي ڏٺو. مون هر گهڙي ۽ هر پل
سندس دلجوئي گهريي هئي. اُن وقت خواجه سرا کي حڪم
ڪيم ته ”سڀاڻي صبح جو اُن باغ ۽ ٻانهيءَ کي خريد
ڪري، دستاويز کيس هٿ ۾ ڏي، ۽ مالڪ کي قيمت سرڪاري
خزاني مان وٺي ڏي!“ هيءُ ٻڌي، سندس چهري تي رونق
وري ويئي، ساري رات اُن قاعدي سان جيئن گذرندي
هئي، کل ۽ خوشيءَ ۾ گذاريم، صبح ٿينديئي هن
موڪلايو. خواجي حڪم موجب باغ ۽ ٻانهي خريد ڪري، ۽
سندس هٿ ۾ ڏنو. اِهڙيءَ ريت هُو دستور موجب ايندو
ٿي رهيو.
بهار جي موسم ۾ هڪ ڏينهن جڏهن عجيب نظارو
هو، آسمان تي بادل ڇانيل هئا، کنوڻ ٿي چمڪي، بوند
بوند ٿي پيئي ۽ هوا جي هير هوريان هوريان ٿي لڳي،
منهنجي نگاه وڃي رنگ برنگ گلابين تي پيئي، جي طاق
تي نهايت قريني سان رکيل هيون . دل ڇڪجي ويئي، چيم
ته شراب جا ٻه ٽي ڍڪ پيئان. جڏهن ٻه ٽي پيالا
پيتم، ته منهنجي دل ۾ نئين خريد ٿيل باغ جو خيال
تري آيو. شوق ٿيم ته هڪ گهڙي اتان جو سير ڪري
اچان، ڪمبختي اچي، ته اُٺ چڙهئي کي ڪُتو کائي.
ڏاڍي خوشيءَ مان هڪ دائيءَ کي ساڻ وٺي، ان سرنگهه
واري رستي کان لنگهي، جوهريءَ جي جاءِ ۾ اچي
سهڙيس، اُتان وري باغ ڏي هليس. ڇا ڏسان ته اهو باغ
بهشت سان برابري ٿو ڪري. مينهن جا ڦڙا جي ساون وڻن
جي تازن پنن تي پيا آهن، سي ائين پئي ڏٺا، جيئن
سائي مخمل جي مٿان چانديءَ جا ستارا، يا زمرد جي
مٿان موتي جڙيل ٿي نظر آيا. اُن باغ جي گلن جي
لالائي جهڙ ۾ اِئين پئي لڳي، جيئن شام جي شفق،
ڪسيون پاڻيءَ سان ڀريل، آئيني جي فرش جهڙيون ٿي
ڏٺيون، جن ۾ لهرون پئي اٿيون. مطلب ته باغ ۾ هر
طرف پئي ٿي سير ڪيم، اونداهي ظاهر ٿي. اُن وقت
جوهري به هڪ چمن جي رستي تي نظر آيو. مون کي ڏسي
نهايت ادب سان اڳتي وڌيو ۽ هيج مان هٿ هٿ ۾ وٺي،
ٻارهن دريءَ جي طرف وٺي هليو. جڏهن مان اُتي
پهتس، ته اُتان جي ٺاهه ٺوهه سڄي باغ جي ڪيفيت دل
کان وساري ڇڏي. روشنيءَ جو وڏو انتظام هو. شمعون،
جهاڙ، فانوس ۽ قنديل هر طرف کان اِهڙيءَ ريت ته
روشن هئا، ڄڻ ته شب برات جو نظارو آيو. هن ڏياريءَ
جي سامهون چانڊوڪي ڄڻ ته ميرانجهڙي ٿي ڏٺي. هڪ طرف
کان آتشبازيءَ جو عجب سمون هو. ڏاڙهونءَ جي هٿراڌو
وڻ مان باهه جي سيڪ تي پيئي ڦٽاڪن جا ٺڪاءُ ٿيا،
جن مان طرحين طرحين رنگن جا پئي ٿي موتي ڪريا،
ٻارهن دريءَ ۾ هر طرف فرش فروش، قالين ۽ غاليچا
وڇايل هئا، جن تي عجيب نقش ۽ نگار هئا. ايتري ۾
ڪڪر مٽجي ويا ۽ چنڊ نڪري آيو، بلڪل اِهڙيءَ ريت
جيئن سونهري وڳو پهري ڪو حسين پردي کان ٻاهر اَچي.
چانڊوڪي نڪرندي ئي، اُن جوان چيو ته هلي بالاخاني
تي ويهون. مان ايڏي ته بيوقوف بڻجي ويئي هيس، جو
جيئن ٿي هن چيو، مون قبول ٿي ڪيو. اُهو ڪوٺو ته
ايڏو مٿي هو، جو شهر جون سڀيئي جايون ڄڻ ته سندس
قدمن ۾ ٿي نظر آيون. مان جوهريءَ سان گڏ نهايت
آرام ۽ راحت سان ويٺي هيس. ته ايتري ۾ رَنَ نهايت
بدشڪل، چُر مان نڪري، شراب جو شيشو هٿ ۾ کڻي اَچي
پهتي. مون کي اُن وقت سندس اَچڻ برو لڳو. مون سندس
صورت کي ڏسي لاحول پڙهي، گهٻرائي، اُن جوان کان
پڇيو ته ”هيءُ ڪير آهي ۽ تو هيءَ ڪٿان هٿ ڪئي
آهي؟“ هن هٿ ٻڌي چيو ته ”هيءَ اُها ئي ٻانهي آهي.
جا حضور جي عنايت سان هن باغ سان گڏ خريد ڪئي
هيم.“ مون سمجهي ورتو ته هن احمق جي دل هن تي ضرور
مائل آهي. مان پيچتاب کائي چپ ٿي ويس. پر دل تي
ڪدورت ڇائنجي ويئي ظلم اِهو ٿيو، جو هُن اُن ڏائڻ
کي ساقي بڻايو. اُن وقت مان پنهنجو رت پي رهي
هُيس، ۽ اِئين ٿي محسوس ڪيم، جيئن ڪانءَ کي ڪنهن
طوطي سان گڏ رکيو وڃي. نه وڃڻ جي واهه هئي، نه
ويهڻ ٿي دل گهريو. مطلب ته شراب جا پيالن جا
پيالا، جنهن سان آدمي حيوان بڻجي وڃي، هوءَ اُن
جوان کي ڏيندي رهي. اڌ پيالو مون به اُن جي منٿ تي
زهرمار ڪيو. آخر اُن پليت بدمست ٿي، اُن مردود سان
ناروا حرڪتون شروع ڪيون. مون کي غيرت آئي. زمين
ڦاٽي پوي ها، ته مان ان ۾ گهڙي وڃان ها. مان هيءُ
ڏسي به خاموش رهيس. مگر هُو اصل بي حيا هو. هن
منهنجي درگذر ڪرڻ کي نه سمجهيو. اُلٽو ٻه ٽي پيالا
وڌيڪ پي ويو ۽ سندس رهيو سهيو هوش به گم ٿي ويو.
منهنجي طرف کان ٿورو گهڻو خوف هوس، سو به لهي ويس،
بيشرميءَ کان شهوت جي غلبي ۾ هُن اُهو ڪيو، جو
نهايت حيا سوز هو. نه هُن ۾ حيا هو نه هِن ۾ شرم،
جهڙا روح تهڙا ختما. مان پنهنجي مٿان لعنت وجهندي
رهيس ته هيڏي ڇو آيس. سهڻ جي به حد ٿيندي آهي، مٿي
کان پيرن تائين باهه لڳي ويئي، ڄڻ ته ٽانڊن تي
پيئي ٿي پڄريس، اُن وقت غصي ۾ ڪاوڙ مان اُٿيس. اُن
شرابيءَ دل ۾ سوچيو ته جيڪڏهن شهزادي هتان ناخوش
ٿي ويئي، ته سڀاڻي منهنجو ڪهڙو حال ٿيندو. چڱو
اِئين آهي ته سندس ڪم هينئر ئي ختم ڪري ڇڏجي. اُن
غيباڻيءَ جي صلاح سان، آخر پٽڪو ڳچيءَ ۾ وجهي،
اَچي منهنجي پيرن تي ڪريو، ۽ منٿ ۽ زاري ڪرڻ لڳو.
منهنجي دل ته ساڻس ٻڌل هئي، جيڏانهن وٺي ٿي هليو،
اوڏانهين ٿي ويس. جنڊ وانگر سندس حڪم ۾ هيس، سو
جيئن تيئن مون کي آڻي ويهاريائين. اُن ساڳئي شراب
جا پيالا ٻه ٽي پاڻ به پيتائين ۽ مون کي به
پياريائين. آءُ اڳ ۾ ئي جوش ۾ هيس. شراب جي پيئڻ
جي ڪري مرڳو بيهوش ٿي ويس. ڪا به سُرت ۽ سماءُ نه
رهيو. تڏهن اُن بد ذات نمڪحرام، ترار کڻي، مون کي
ڦٽي وڌو، بَلڪ پنهنجي عقل موجب مون کي ماري چڪو.
اوڏيءَ مهل منهنجي اک کلي، تڏهن ايترو چيم ته ”خير
جهڙي مون پاڻ سان ڪئي، تهڙي ئي پاتيم، ڀلا، جي هن
خون جو توکي به بدلوملي!
مبادا تنهنجي دامن کي وٺي ڪوئي اڙي ظالم!
منهنجي رت کي تون ڌوئي ڇڏ، ٿيو جيڪو سو گذري ويو،
هي راز ڪنهن سان ظاهر نه ڪج، مون ته تو کي
آخر پنهنجي جان به ڏني!“ اِئين چئي، منهنجي دل
ٻڏي ويئي، ۽ پوءِ ڪا به سُڌ نه رهي. شايد اُن
قاصائيءَ مونکي مُئو سمجهي، هڪ صندوق ۾ وجهي، قلعي
جي ڀت کان لڙڪائي هيٺ ڦٽو ڪيو، جيئن تو اَچي
ڏٺو.مون ڪنهن جو بُرو نه ٿي گهريو، پر هي خرابيون
قسمت ۾ لکيون هيون، جو ٽرڻ جون نه هيون. خدا جي
مهرباني ٿي، جو تون اچي پهتين ۽ منهنجي زندگيءَ جو
سبب بڻئين. دل ته گهريو ٿي ته پاڻ جيئرو نه ڏسان،
پر ڇا ڪريان، موت پنهنجي اختيار ۾ نه هو. خدا ماري
وري جياريو، اڳتي ڏسجي ته قسمت ۾ ڇا لکيل آهي.
ظاهر ۾ تنهنجي ڊوڙ ڊڪ وڏو ڪم ڪيو ۽ مون اهڙن زخمن
مان شفا لڌي، تو پنهنجي جان ۽ مال سان منهنجي خدمت
ڪئي. اُنهن ڏينهن ۾ مان تنهنجو هٿ تنگ ڏسي، پنهنجي
خزانچي سيدي بهار کي خط لکيو ته ”مان خير عافيت
سان هاڻي فلاڻيءَ جاءِ ۾ آهيان، مون بدبخت جي خبر
منهنجي والده کي پهچايو.“ جنهن پوءِ تو سان گڏ
ٿيليون مُهرن جون خرچ لاءِ موڪلي ڏنيون، جڏهن مان
تو کي يوسف سوداگر ڏي، پوشاڪن ۽ جواهرن جي خريد
لاءِ موڪليو هو، ته اُهو اِهو ساڳيو بدبخت جوهري
هو، جنهن مو کي اِنهيءَ منزل تي پهچايو هو. مگر
خبرهيم ته هُو تو سان پنهنجي جلد دوستي وڌائيندو،
ڇو ته مون کي خبر هئي ته هُو دوستي وڌائڻ ۾ دير
ئي نه ڪندو آهي، ۽ توکي به اجنبي ڏسي ضرور دعوت ۽
ضيافت جي ڪوٺ ڏيندو. منهنجو خيال برابر نڪتو، ۽
هُن اِئين ئي ڪيو، جڏهن تون اُن سان موٽي اچڻ جو
واعدو ۽ انجام ڪري آئين ۽ مهمانيءَ جي دعوت جو
ٻڌايئي، تڏهن مان تمام گهڻي خوش ٿيس. ڇو ته مون
سمجهيو ته جڏهن کيس گهرائيندين ته هُو هڪدم ڀڄندو
ايندو. اُن ڪري ئي مون تو کي خوشيءَ سان وڃڻ جي
اجازت ڏني، جڏهن تون پنهنجي غير حاضريءَ بعد آئين
۽ پنهنجي شرمندگيءَ جو اظهار ڪرڻ لڳين، تڏهن مون
توکي تسلي ڏيندي، چيو هو ته چڱو ٿيو، جڏهن تو کي
هُن اجازت ڏني تڏهن تون آئين، مگر هيءَ بيشرمي
چڱي نه هئي، جو ٻئي جو احسان پاڻ تي کڻين ۽ اُن جو
بدلو نه ڏين. مون تو کي چيو ته ”تون هينئر کيس گهر
اَچڻ لاءِ عرض ڪر، ۽ چڱو اِئين آهي ته پاڻ سان وٺي
اچينس.“ جڏهن تون اُن جي گهر وئين، تڏهن مون ڏٺو
ته هتي مهمانداريءَ جو ڪو به سامان موجود نه آهي.
مگر ٿورو وقت ملي ويو. جيئن ته هن ملڪ ۾ آڳاٽو
رواج آهي ته بادشاهه هميشه اَٺ مهينا ملڪي ۽ مالي
ڪاروبار جي لاءِ ملڪگيريءَ ۾ ٻاهر ر رهندا آهن ۽
چار مهينا برسات جا قلعي مبارڪ ۾ جلوس فرمائيندا
آهن، هيءُ زمانو هو، جو بادشاهه سلامت شهر کان
ٻاهر هو. سيدي بهار منهنجو سڄو احوال بادشاهه بيگم
سان ڪيو هو، جا منهنجي والده آهي. مان پشيمان ٿي،
اُن وٽ پهتيس، ۽ سڄو احوال اُن سان ڪيم، منهنجي
والده منهنجي گم ٿيڻ جي حقيقت سڀ لڪائي ڇڏي هئي، ۽
منهنجي سڀني عيبن کي پيٽ ۾ ڇپائي ڇڏيو هئائين، پر
منهنجي ڳولا ۾ هئي. جڏهن مون کي هن حالت ۾ ڏٺائين،
ته سندس اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا ۽ فرمايائين ته ”اي
ڪمبخت، تو ڄاڻي ٻجهي ساري بادشاهت جو نالو ۽ ناموس
وڃايو، ۽ هزار افسوس جو پنهنجي حياتيءَ تان به هٿ
کنيو، جيڪر تنهنجي بدران پٿر ڄڻيان ها، ته چڱو هو.
هينئر به شڪر آهي، جو قسمت ۾ هو سو ٿيو. اڳتي
اَلائجي ڇا ڪندينءَ، مرندينءَ يا جيئندينءَ“ مان
نهايت پشيمانيءَ سان عرض ڪيو ته ”مون بي حيا جي
نصيب ۾ ائين ئي لکيل هو، جو اهڙيءَ بدناميءَ ۽
تڪليفن کان به بچي ويس. هن کان ته موت چڱو هو.
اگرچه بدناميءَ جو هيءُ ٽڪو مٿي تي لڳو اَٿم، پر
اهڙو ڪم نه ڪيو اَٿم، جنهن کان ماءُ پيءُ جي نالي
کي ٽِڪو لڳي. هينئر مان اِهو نه ٿي چاهيان ته هي
ٻيئي بيهيا منهنجي هٿ کان بچي وڃن، هُو پاڻ ۾ خوش
هجن ۽ مان اُنهن جي هٿن کان ڏک ڏسي، چپ ڪري ويهي
رهان ۽ ڪجهه به نه ڪري سگهان. اُميدوار آهيان ته
خاص خانسامان کي حڪم ملي ته هو دعوت جو سامان
ڪري، ته مان اُنهن کي دعوت جي بهاني سان گهرائي،
کيس سندن عملن جي سزا ڏيئي پنهنجو بدلو وٺان،
جهڙيءَ ريت هنن مون کي زخمي ڪيو هو، اهڙيءَ ريت
مان به کين پرزا پرزا ڪريان، تان جو منهنجي دل ٿڌي
ٿئي. ٻيءَ حالت ۾ غصي جي باهه ۾ سڙي ڪوئلا ٿي
ويندس.“ هيءَ ٻڌي، منهنجي ماءُ، آنڊن جي جوش کان،
مهربان بڻجي منهنجي عيب پوشي ڪئي ۽ دعوت جو سمورو
سامان اُن خواجه سرا جي هٿ ڏياري موڪليو، جو
منهنجو همراز هو. سڀيئي پنهنجي پنهنجي ڪم تي اَچي
حاضر ٿيا. شام جو هُو احسان فراموش به آيو. مگر
مون کي اُن رَن کي به گهرائڻو هو، جنهن لاءِ مون
تو کي تاڪيد ڪري گهرايو. جڏهن هوءَ آئي ۽ اوهان
شراب پي بدمست بڻجي ويا ۽ انهن سان گڏ تون به ڪيف
۾ مُئو بڻجي وئين، تڏهن مون پنهنجي ٻانهيءَ کي حڪم
ڪيو ته سندن سر وڍي ڇڏي. جنهن هڪدم تلوار ڪڍي، کين
ختم ڪري ڇڏيو. تو تي هيءَ ڪاوڙ هيم ته مون تو کي
دعوت جي اجازت ڏني هئي، مگر تون ٻنهي جي دوستيءَ
تي اعتبار ڪري، ميخواريءَ ۾ شريڪ ٿي وئين، تنهنجي
هيءَ حماقت پسند نه آئي. ڇاڪاڻ ته جڏهن تون شراب
پيئي بيهوش ٿي وئين ته باقي اُميد رفاقت جي ڪهڙي
رهي! پر ڇا ڪريان جو تو مون سان اهڙي ته مهرباني
ڪئي آهي، جنهن کي آءُ ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهان.
جنهن جو بار اڃا منهنجي گردن تي آهي. هينئر مون
توکي پنهنجو سربستو حال ٻڌايو آهي، جهڙيءَ ريت مان
تنهنجي مرضيءَ کي رکندي پئي آئي آهيان، اهڙيءَ
ريت توکي به منهنجو چيو مڃڻ گهرجي، مان سمجهان ٿي
ته اڄ کان پوءِ، اسان جو هن شهر ۾ رهڻ ڪو چڱو نه
ٿيندو. اڳتي تنهنجي مرضي آهي، جيئن تون چاهين.“
اِئين چئي، هوءَ چپ ٿي ويئي. مون، سندس رضا
۾ پنهنجي خوشي ٿي سمجهي ۽ محبت ۾ ڦاهيءَ ۾ پوريءَ
ريت ڦاٿل هو، چيو مانس ته ”جيئن اوهان کي پسند اچي
اِئين ڪريو.“ جڏهن شهزاديءَ مون کي پنهنجو پورو
پورو فرمانبردار ڏٺو، تڏهن فرمايائين ته ”ٻه ڀلا
گهوڙا، جي پنڌ ۾ هوا سان ڳالهيون ڪن، سي بادشاهه
جي خاص ڪڙهه مان گهرائي پاڻ وٽ رک.“ مان سندس چوڻ
موجب ٻه عمدا گهوڙا چونڊي، زين بند، ٿيل گهرائي
ورتا. جڏهن رات ٿوري وڃي رهي، تڏهن شهزادي مردانو
لباس پهري، پنج ئي هٿيار ٻڌي، گهوڙي تي سوار ٿي، ۽
ٻئي گهوڙِ تي مان سوار ٿيس، ۽ هڪ پاسي روانا
ٿياسون. شام جو پاڇي لڙئي، هڪ نهر جي ڪناري تي
لهي، هٿ منهن ڌوئي، ڪجهه کائي وري سوار ٿياسون.
ڪڏهن ڪڏهن شهزاديءَ ڪجهه ڳالهايو به ٿي. چيائين
ٿي ته ”مان تنهنجي خاطر ملڪ، مال ۽ ماءُ پيءُ سڀ
ڇڏيا آهن، اِئين نه ٿئي ته تون به اُن ظالم ۽
بيوفا وانگر بڻجي وڃين!“ مون اُن کي جواب کيس اِهو
ٿي ڏنو ته ”راڻي، سڀ آدمي هڪجهڙا نه ٿيندا آهن.
ماڻهو سڀئي نه ماڻهو، پکي سڀئي نه هنج،
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار ي.
خدا ڪري، جو مون کان اِهڙي حرڪت ٿئي. مان
ته پنهنجي جان ۽ مال صدقو ڏيئي چڪو آهيان، اوهان
مون کي سرفراز ڪيو آهي، اِنهيءَ کان زياده مون کي
ٻيو ڇا کپي!“ اِهڙيءَ ريت ڳالهيون ڪندي، رات ڏينهن
هلندا رهياسون، ٿڪجي پوڻ سبب، جيڪڏهن ڪٿي لٿاسون
ٿي، ته پکي يا جانور شڪار ڪري، چقمق سان باهه
ٻاري، سيخ پچائي، پئي ٿي وقت گذاريوسين، گهوڙن کي
ڇڏيوسين ٿي، ته ڪجهه گاهه کائي تازا توانا ٿين،
منزل مقصود جي ڪا به خبر نه هئي، پئي ٿي پنڌ
ڪيوسين. آخر هڪ اهڙي بر پٽ ميدان ۾ پهتاسون، جتي
ڪنهن به آباديءَ جو نشان نه ٿي مليو ۽ نه وري ڪنهن
انسان جي صورت ئي نظر ٿي آئي. اُن هوندي به
شهزاديءَ جو گڏ هئڻ سبب، ڏينهن عيد ۽ رات شب برات
ٿي نظر آئي. پنڌ ڪندي آخر هڪ درياهه نظر آيو،
جنهن جي موجن کي ڏسي، دل اندر ئي اندر ٿي لرزي
جيستائين نظر ويئي ٿي، پاڻي ئي پاڻي ٿي نظر آيو.
نه ٻيڙي نه ملاح ٿي نظر آيو. خيال آيو ته هن سمنڊ
کان ڪيئن پار پهچنداسون. گهڙي کن ته اِنهيءَ فڪر ۾
بيٺا رهياسون. آخر دل ۾ خيال آيو ته شهزاديءَ کي
ٿانيڪو ڪري، ڪنهن ٻيڙيءَ جي ڳولا ۾ وڃجي. جيستائين
ڪو بندوبست ٿئي، تيستائين هوءَ آرام ڪري وٺي. اِهو
سوچي، مون کيس ”چيو ته شهزادي، جيڪڏهن حڪم ٿئي ته
مان درياهه جو ڪو پتڻ ڳولي هٿ ڪريان.“ چوڻ لڳي،
”مان نهايت ٿڪجي پيئي آهيان، بک ۽ پياس اٿم، مون
کي ڪجهه آرام ڪرڻ ڏي ۽ تون وڃي پار ٽپڻ جو وسيلو
هٿ ڪر.“ اُتي پپر جو وڏو وڻ هو، ڇٽيدار ايڏو وڏو،
جو هزار ماڻهو اُن جي ڇانو ۾ ويهي ٿي سگهيا. مان
اُتي کيس آسودو ڪري، پاڻ ڳولا ۾ نڪتس، چئني طرفين
ڏٺم، گهڻو ئي ڦريس، پر ڪو به نشان انسان جي پير جو
نظر نه آيو. آخر مايوس ٿي پٺتي موٽِس. ڏٺم ته اُها
پري ان وڻ جي هيٺان ڪا نه هئي. اُن وقت جي حالت ڇا
ٻڌايان، سُرت ۽ سمجهه هلي ويئي. ديوانو ٿي پيس، وڻ
جو ڏاڏ ار ڳوليم، جڏهن نه ڏٺم ته تڏهن پاڻ کي زمين
تي ٿي اُڇلايم، ته ڪڏهن وڻ جي چوڌاري ڦيريون ٿي
پاتيم، ڪڏهن رنس ٿي ته ڪڏهن دانهون ٿي ڪيم، ڪڏهن
اولهه ته ڪڏهن اوڀر، ڪڏهن ڏکڻ ته ڪڏهن اتر ٿي
ڊوڙيس، مطلب ته گهڻي ڪوشش ڪيم، مگر اُن ناياب گوهر
جو ڪو به پتو نه پيو. آخر گهڻي فڪر کان پوءِ، دل ۾
خيال آيو ته شايد ڪو جن يا پري اُن کي کڻي ويو. يا
ڪي سندس ماڻهو ملڪ کان پوئتان لڳا ٿي آيا، جي هن
موقعي جو فائدو وٺي کيس موٽائي، ويا. اهڙو خيال
ڪري وري دمشق موٽي ويس. فقير بڻجي سڄي شام ملڪ ۾
کيس ڳوليندو رهيس، پر ڪٿان به ڪو سراغ نه مليو. نه
وري سندس غائب ٿيڻ جي ڪا حقيقت ملي. اُن وقت دل ۾
خيال آيو ته اُن دوست کان سواءِ جيئڻ هينئر اجايو
آهي، جهنگ ۾ هڪ جبل نظر آيو، اُن تي چڙهي ويس،
اِرادو ڪيم ته پاڻ کي اُتان اُڇلايان، اهڙيءَ ريت
جيئن پٿرن سان ٽڪرجي پورو ٿي وڃان. ٽپو ڏيڻ تي هوس
ته ڪنهن اچي هٿ کان ورتو. ڇا ڏسان ته هڪ سوار سبز
پوش، چهري تي نقاب، مون کي چئي رهيو آهي ته
”پنهنجي موت جو قصد ڇو ٿو ڪرين، خدا جي فضل کان
نااُميد ٿيڻ ڪفر آهي، جيستائين ساهه آهي، تيستائين
آس آهي. ٿورن ڏينهن ۾ تو کي روم ملڪ ۾ ٽي درويش
ملندا، جي اهڙيءَ ئي مصيبت ۾ گرفتار هوندا، اُنهن
جي تو سان ملاقات ٿيندي، اُتان جي بادشاهه جو
نالو آزاد بخت آهي، اُن جي به هڪ مشڪل آهي، جڏهن
چارئي درويش گڏ ٿيندا ته هر هڪ جي دل جو مطلب پورو
ٿيندو.“ مون سندس رڪاب کي وٺي چميو. عرض ڪيم ته
”اي خدا جا ولي، اوهان جي ايتري چوڻ سان دل کي
تسلي اَچي ويئي آهي، پر هيءُ ٻڌايو ته اوهين ڪير
آهيو؟“ فرمايائين ته، ”منهنجو نالو مرتضيٰ علي
(رضي الله عنھ) آهي، منهنجو اِهو ڪم آهي ته جنهن
کي مشڪل پيش اَچي، ته اُن کي آسان ڪريان.“ اِئين
چئي نظر کان لڪي ويو. هن فقير مشڪل ڪشا جي بشارت
سان آرام اَچي ويو، پوءِ قسطنطنيه جو ارادو ڪري
راهه جون مصيبتون، جي قسمت ۾ لکيل هيون، ڪَٽيندي،
اُن شهزاديءَ جي آسري ۾ هت پهتو آهيان، خوش
نصيبيءَ سان اوهان جي ملاقات ٿي ويئي ۽ صحبت ميسر
ٿي. هاڻي بادشاهه آزاد بخت سان ملڻ جي ڪا راهه ڪڍي
وڃي، جيئن اسين سڀ پنهنجي مقصد کي حاصل ڪري سگهون.
توهان به دعا گهرو ۽ آمين چئو، ”يا هادي!“ هن
حيران ۽ سرگردان جي سرگذشت اِها هئي. جا درويشن جي
حضور ۾ ٻڌائي اَٿم، هينئر ڏسجي ته هيءَ محنت ۽ غَم
اُن شهزاديءَ سان ملي ڪڏهن ٿو خوشيءَ ۾ بدلجي.
بادشاهه آزاد بخت لڪي، ڌيان سان پهرين درويش جي
حقيقت ٻڌي ۽ نهايت خوش ٿيو. اُن کان پوءِ، ٻئي
درويش پنهنجي حقيقت هئڙيءَ طرح بيان ڪرڻ شروع ڪئي.
|