سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: چار درويش

امام بخش خادم

صفحو :4

بِسِمِ الله الّرَحمٰن الّرحِيم

 

باغ و بهار

ترجمو

چار درويش

منڍ

 

        ڪهاڻي چوندڙ، هن قصي کي هيئن شروع ٿا ڪن ته اڳي روم جي ملڪ ۾ هڪ شهنشاهه هو، جنهن جي ذات ۾، نوشيروان جي عدالت ۽ حاتم جي سخاوت موجود هئي. سندس نالو آزاد بخت هو، ۽ قسطنطنيه جو شهر، جنهن کي استنبول چون ٿا، سندس گاديءَ جو هنڌ هو. سندس وقت ۾ رعيت آباد، خزانو ڀرپور، غريب ۽ غربو دل  شاد هو. هر گهر ۾ ڏينهن عيد ۽ رات شب برات هئي. چورن چڪارن، دغابازن، ڦورن ۽ لوٽن جو ملڪ مان نالو نشان ئي مٽائي ڇڏيو هئائين. ساري رات گهرن جا دروازا کليل رهندا هئا، بازارين ۾ دڪاندار بي خوف پنهنجي ڪاروبار ۾ مشغول رهندا هئا. راهي ۽ مسافر، جهنگ ۽ ميدان ۾ سون سان کيڏندا ويندا هئا. هن بادشاهه جي حڪومت ۾ هزارين شهر هئا ۽ ڪيئي ننڍا نواب سندس ڏن ڀرو هوندا هئا. ايڏيءَ بادشاهيءَ هوندي به ڪم غم هوس، جو کيس اندر کائي رهيو هو. آرام سڀ موجود هوس، پر اولاد جي طرف کان محروم هو. اِهو حياتيءَ جو ڦل، سندس قسمت جي باغ ۾ نه هو. اُن ڪري سدائين فڪر ۾ گذاريندو هو. پنج ئي وقت  نماز پڙهي، اُن ڪارساز جي  حضور ۾ دعا گهرندو هو ته ”اي الله، مون عاجز کي تو پنهنجي مهربانيءَ سان سڀ ڪجهه ڏنو آهي، پر گهر جي اونداهيءَ مٽائڻ لاءِ هڪ ڏيئي کان وانجهو آهيان. اِهو ڏک باقي اٿم ته منهنجي نالي وٺڻ وارو نه رهيو، تنهنجي غيب جي خزاني ۾ سڀ ڪجهه موجود آهي. هڪ فرزند مون کي به عطا ڪر، ته منهنجو نالو ۽ هن سلطنت جو نشان قائم رهي.“

        هن اُميد ۾، بادشاهه جي عمر چاليهه سال ٿي ويئي. هڪ ڏينهن شيش محل ۾، نماز اَد اڪري، وظيفو پڙهي رهيو هو، ۽ هڪ ڀيرو آئيني جي طرف جيئن خيال ڪيائين ته هڪ اَڇو وار مُڇن ۾ نظر آيس، جو چانديءَ جي تار وانگر چمڪي رهيو هو. هي ڏسي بادشاهه جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي ويون، ٿڌو ساهه ڀري، دل ۾ سوچيائين ته ”افسوس  ته هيڏي عمر اَجائي برباد ڪئي، دنيا جي حرص ۾ ڪيڏو نه جهان کي زير ۽ زبر ڪيئه. اِهي ملڪ هاڻي تنهنجي ڪهڙي ڪم ايندا؟ آخر هي سارو سامان ۽ اسباب ته ڪنهن ٻئي جو آهي، تو کي ته موت جو پيغام اچي ويو. جيڪڏهن ڪي  ڏينهن رهيا به  آهن، ته بدن جي طاقت گهٽجي ويندي، معلوم ٿئي ٿو ته منهنجي قسمت ۾ هن تخت جي وارث جو پيدا ٿيڻ لکيو ئي ڪو نه ويو آهي. هڪ ڏينهن مرڻو آهي ۽ سڀ ڪجهه ڇڏي وڃڻو آهي، اُن کان چڱو خيال آهي ته هينئر ئي ڇو نه ڇڏي ڏجي، ۽ باقي زندگي پنهنجي خالق جي ياد ۾ ڪاٽجي.“ هيءَ ڳالهه وينجهائي، دربارين کي حڪم ڏنائين ته ”اڄ کان پوءِ، مون وٽ ڪو به نه اچي، ديوان عام ۾ ايندا رهو ۽ پنهنجي ڪم ۾ مشغول رهو. ”پاڻ هڪ مڪان ۾ اَڪيلو مصلو وڇائي، عبادت الاهيءَ ۾ ويهي رهيو. روئڻ ۽ آهُن ڀرڻ کان سواءِ وٽس ٻيو ڪم نه هيو. اِهڙيءَ ريت، ڪيئي ڏينهن، بادشاهه آزاد بخت فقط ڇوهاري ۽ پاڻيءَ تي روزو کوليندو رهيو ۽ رات ڏينهن جاءِ  نماز تي نماز ۾ مصروف رهيو. آخر هيءَ ڳالهه ٻاهر نڪتي، آهستي آهستي سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويئي، ته بادشاهه پنهنجي بادشاهيءَ کان هٿ کڻي، گوشه نشيني اختيار ڪئي آهي، چئني طرفن کان، غنيم ۽ مفسد اُڀري آيا، پنهنجي حد کان هنن پنهنجا قدم وڌايا، هن سَرڪشيءَ جو هيءُ نتيجو نڪتو، جو حڪومت ۾ وڏو خَلل پيدا ٿيو، هر هڪ حصي مان بغاوت جو اطلاع اَچڻ لڳو. اَمير اُمراءُ درباري جيترا هئا، اَچي گڏ ٿيا، صلاح مصلحت ڪرڻ لڳا، آخر هيءَ تجويز بيٺي ته وزير وڏو دانا ۽ عقلمند آهي، بادشاهه جو مشير ۽ مقرب آهي، اُن جي خدمت ۾ هلي ڏسون ته هُو هن وقت ڪهڙي راءِ ملڪ لاءِ مناسب ٿو سمجهي. اِها صلاح ڪري، سڀئي گڏجي، وزير وٽ آيا. وزير پراڻو، قديم نمڪ حلال، عقلمند، خردمند نالي هو. جيتوڻيڪ بادشاهه پنهنجي حضور ۾ سڀ کي اَچڻ کان منع ڪري ڇڏي هئي، پر وزير کين بادشاهه وٽ وٺي وڃڻ منظور ڪيو. نيٺ سڀني کي وٺي ديوان عام تائين آيو، ۽ سڀني کي ڇڏي، ديوان خاص ۾ آيو. بادشاهه جي خدمت ۾ محلي جي هٿان چورائي موڪليائين ته ”هيءُ پوڙهو غلام حاضر آهي. ڪيترن ڏينهن کان اوهان جي جمال کي نه ڏٺو ٿم، اُميدوار آهيان ته هڪ نظر ڏسي قدمبوسي حاصل ڪريان، ته دل کي تسلي ٿئي. ”وزير جو هيءُ عرض بادشاهه ٻڌو، جيئن ته سندس خير خواهي ۽ جان نثاريءَ کي ڄاتائين ٿي ۽ اڪثر سندس چيو مڃيندو هو، گهڻي فڪر کان پوءِ فرمايائين ته ”خردمند کي ڪوٺي اَچو“. جڏهن اجازت ملي ته وزير بادشاهه جي حضور ۾ آيو. آداب بجا آڻي، هٿ ٻڌي بيهي رهيو. ڏٺائين ته بادشاهه جي عجيب صورت آهي. زار زار روئي رهيو آهي ۽ ڪمزوريءَ کان سندس اکين ۾ حلقا پئجي ويا آهن. چهرو هيڊو ٿي ويو اٿس، خردمند کي طاقت نه رهي. بي اختيار ڊوڙي قدمن ۾ وڃي ڪريس. بادشاهه پنهنجي هٿ سان سندس مٿو مٿي کنيو. فرمايائين. ”تو مون کي ڏٺو، توکي تسلي ٿي، هينئر موٽي وڃ. مون کي نه ستاءِ. وڃي حڪومت جي ڪم ڪار ۾ مشغول ٿيءُ“ . خردمند هي ٻڌي، رڙيون ڪري روئڻ لڳو ۽ عرض ڪيائين ته ”غلام اوهان تان صدقي ٿئي، اوهان جي سلامتيءَ سان هميشھ بادشاهي ميسر آهي، پر جهان پناه جي  هڪدم اهڙيءَ ريت گوشه نشينيءَ کان سڄي ملڪ ۾ ابتري پئجي ويئي آهي ۽ اُن جي پڇاڙي چڱي نظر نه ٿي اَچي. مهرباني ڪري انهيءَ حال جي حقيقت هن ٻانهي کان لڪل نه رکو. من هيءَ مسڪين به انهيءَ ڪم جي فائدي کان بي نصيب نه رهي. پوءِ جيڪي سمجهه ۾ ايندو، سو عرض ڪندس. سائين! هي جيڪي دربار جا نوڪر آهن، سي فقط هن لاءِ آهن ته بادشاهه خوش هجي ۽ امير اُمراءَ سڀ ڪم ڪار کي جهليو بيٺا هجن، جيئن بادشاهه سلامت کي ڪا مشڪل درپيش نه اچي، پر خدانخواسته جيڪڏهن بادشاهه سلامت جي جند کي فڪر يا ڳڻتي ٿي پوي، ته اُتي به ته آخر هي غلام ڪم ايندا. نه ته اسان جي غلامي ڪهڙي ڪم جي؟“ تڏهن بادشاهه ٿڌو ساهه کڻي، ورندي ڏني ته ”وزير! جو ڪجهه منهنجي دل ۾ آهي، اُن جو ڪو علاج ئي نه آهي. جو ڪجهه اٿم، اُن کي خدا ٿو ڄاڻي ۽ مان. ڏاهپ سان ڪو به بلو ڀيڻي نه ٿيندو. اي خردمند! مون سڄي ڄمار دنيا جي بيسود ڪمن ۽ بادشاهيءَ جي فڪرن ۾ گذاري آهي. ڪو به وقت خدا جي يادگيريءَ ۾ ويهي نه گذاريم. ايتري قدر جو منهنجي عمر هينئر اچي هيڏي ٿي آهي، اڳتي مرڻو اٿم، ٻيو ڇا ڪندس؟ موت جون نشانيون به اچي ظاهر ٿيون آهن. اَڇا وار پيا اٿم، هاڻي هن عمر ۾ پنهنجي ڌڻيءَ جي ٻانهپ ڪريان ته  چڱو. سڄيءَ رات جي ننڊ کان پوءِ پرهه ڦٽيءَ جو جاڳڻ ضروري آهي. هن کان سواءِ، وڏي سڪ پٽ جي اولاد جي آهي، جا اُميد به پوري نه ٿي. مون کان پوءِ ڪير وارث ٿيندو؟ بس مئي کان پوءِ، منهنجو نالو ئي گم ٿي ويندو. وڌيڪ ڇا چوان! مون دنيائي ڇڏي، بادشاهي وساري- وڃي ڪير به هٿ ڪري. هاڻي ته دل ۾ ٿو اچي ته ڪن ڏينهن کان پوءِ هيءَ جاءِ به ڇڏي، مرڳو وڃي ڪنهن جهنگ ۾ گذاريان، ڪنهن ماڻهوءَ جو منهن نه ڏسان. اهڙيءَ ريت هيءَ باقي  حياتي گذاريان.  دنيا جا مزا ۽ لذتون ڏٺيم، حڪمراني ڪيم، پر حاصل ڪجهه ڪين ٿيم.“ هيءَ ڳالهه ڪري، ٿڌو ساهه ڀري،  بادشاهه آزاد بخت خاموش ٿي ويو، اکيون پاڻيءَ سان ڇُلڻ لڳس. خردمند وزير، جو اصل بادشاهه جي والد جو به مشير هو. آزاد بخت سان شهزادگيءَ جي عمر م به سندس دوستي ۽ محبت هئي. ادب سان عرض ڪيس ته ”عالم پناه! انسان کي ڪڏهن به پنهنجي ڌڻيءَ جي مهربانين کان نااُميد ٿيڻ نه گهرجي. ذرا غور ڪيو، جنهن قادر هيءَ زمين ۽ آسمان، تارا، چنڊ، سج ۽ حيوان اڙهن هزار مخلوقات پيدا ڪئي آهي، تنهن رب العالمين جي اڳيان، هڪ  پٽ جي ڏيڻ ۾ ڪهڙي دير ٿيندي! جيئندا قبلا! مان ته عرض ڪندس ته هيءُ پُور دل تان وساري ڇڏيو. هن خيال کان خسارو آهي نه فائدو! هيءَ بادشاهي ڪيترين تڪليفن ۽ ڏاکڙن سان، اوهان ۽ اوهان جي وڏن کي هٿ آئي آهي، اوهان جا وڏا اُن کي ڪيئن نه قائم رکندا آيا  اوهان اُن جي بهبوديءَ لاءِ ڪيڏي نه ڪوشش ڪندا آيا آهيو. هينئر اُن  سڄيءَ محنت کي وساري، اوهان غافل بڻجي ويا آهيو. شڪ نه آهي ته انهيءَ کان بادشاهيءَ ۾ خلل پئجي وڃي. اها بدناموسيءَ جي ڳالهه آهي. ڀلا قيامت جي ڏينهن جڏهن اوهان کان پڇا ٿيندي ته اي بندا، اسان تو کي پنهنجي خلق تي عزت ڏيئي بادشاهه بڻايو، سڀيئي عيش ۽ خوشيون ڏنيونسين، تو ناشڪر ٿي، ملڪ کي ويران ڪري، نعمتن جو انڪار ڪيو. سائين منهنجا، اُتي پوءِ ڪهڙو جواب ڏيندا؟ هيءُ بندگي به  ڪم نه ايندي، ڇو ته بادشاهن تي عبادت کان سواءِ ڪي ٻيا فرض به آهن. جو عدل ڪندو سو ڇٽندو، جو  ظلم ڪندو سو خراب ٿيندو، جهنگن ۽ برپٽن ۾ رلڻ فقيرن ۽ جوڳين جو ڪم آهي، بادشاهن جو اهو وَڙُ نه آهي. اوهان پنهنجي سونپيل ڪم کي وٺو، بندگي جهنگن ۽ پٽن تي ٻڌل نه آهي، هر هنڌ خدا موجود آهي، گهرجي ته اسين سچيءَ دل سان عبادت ڪريون.  شايد هيءُ بيت نه ٻڌو اَٿُوَ!

        خدا تو وٽ ۽ ڳولهين ٿو جهنگل ۾، ڍنڍورو شهر ۾ ڇوڪر بغل ۾.

        جيڪڏهن انسان فرمايو ۽ فدويءَ جو عرض قبول ڪيو ته بهترين هيئن آهي ته جهان پناه، هر دم ۽ هر وقت ڌيان خدا تعاليٰ جي طرف رکو،  دعا  گهرندا رهو، هُن درگاهه مان ڪو به محروم نه رهيو آهي. ڏينهن جو ملڪ جي بندوبست انصاف عدالت ۾ مشغول رهو، جيئن خدا جا بندا اوهان جي دولت جي دامن ۾ امن ۽ امان سان گذاري سگهن. رات جو خدا  جي عبادت ۾ شامل رهو. اُميد آهي ته اوهان جي دل جو مطلب پورو ٿي پوندو، خوشي حاصل ٿيندي، ۽ دل گهريا دان ملندا“.هيءَ حقيقت ٻڌي، بادشاهه جي  دل ۾ خيال پيدا ٿيو ته خردمند چوي سچ ٿو. تڏهن بادشاهه چيس ته  ”خردمند، تنهنجي صلاح نيڪ آهي. اِئين ڪندس. ڏسان ته اُن مان ڪهڙو فائدو حاصل ٿو ٿئي.“ اِئين چئي. بادشاهه پڇيو ته ”ٻيا امير، وزير، نوڪر ۽ چاڪر ڪيئن آهن؟“ خردمند عرض ڪيو ته ”سائين اوهان جي دولت ۽ اقبال کي پيا ٿا دعائون ڏين. اوهان جي ذڪر کي ٻڌي حيران ۽ پريشان آهن. هُو سڀيئي ديوان عام ۾ موجود آهن، جيڪڏهن اوهان اُنهن کي ملاقات جو شرف ڏيندا، ته نهايت خوش ٿيندا.“ بادشاهه هي ٻڌي وزير کي تسلي ڏني ۽  حڪم ڏنو ته اِنشاءَ الله تعاليٰ، سڀاڻي دربار عام ٿيندي، ۽ شهر جي ننڍن ۽ وڏن کي حاضر ٿيڻ جو  حڪم ڏجو.“ وزير خوش ٿي بادشاهه جي اقبال کي دعائون ڏيندي، رخصت ورتي.  ٻاهر نڪتو، ايندي ئي اميرن اُُمرائن کي مبارڪ ڏنائين، سڄي شهر جي ماڻهن کي هيءَ خوشخبري ٻڌي، سرهائي ٿي. سڄي رات سندن خوشيءَ ۾ گذري، دربار عام جي خبر ڄڻ ته اُنهن لاءِ نعمت هئي. صبح ٿيو، سڀيئي ماڻهو پنهنجا ڪم ڪار ۽ ڌنڌا ڌاڙي ڇڏي دربار ۾ حاضر ٿيا. سڀيئي پنهنجي مرتبي ۽ درجي آهر وڃي پنهنجي جاين تي ويٺا. پهر ڏينهن چڙهئي، بادشاهه اَچي تخت تي ويٺو. نوبتون نغارا وڃڻ لڳا. سڀني کي شاهي دربار مان سندن قدر موجب انعام مليا، ۽ بلڪل راضي ٿي  دعائون ڪرڻ لڳا. ٻپهرن جو دربار خير سان ختم ٿي ۽ بادشاهه وڃي آرامي ٿيو. اُن ڏينهن کان وٺي بادشاهه پنهنجي وقت کي ڪنهن ورونهن ۾ ورهائڻ جو خيال ڪيو. صبح سان دربار ڪندو هو، ٽئين پهر ۾ مطالعو ڪندو هو، گهڻو ڪري سڄي رات عبادت اِلاهيءَ ۾ گذاريندو هو. هڪ ڏينهن دستور موجب جيئن مطالعي ۾ مشغول هو.  ڪتاب ۾ لکيل ڏٺائين ته ”جنهن شخص کي ڪا مشڪلات درپيش ٿئي، جنهن جو حَل انساني طاقت کان ٻاهر هجي، ته اُن ماڻهوءَ کي لازم آهي، ته پاڻ کي اُن اوکائيءَ ۾ هلاڪ نه ڪري ۽ ڌڻي تعاليٰ تي توڪل رکي. ڄاڻي ته تقدير ۾ اِئين آهي. اُن جو علاج فقط هيءُ آهي ته ڪامل درويش جي خدمت ڪري ۽ سدائين وٽن سوالي رهي، جيئن ڌڻي سڳورو مٿس راضي رهي ۽ سندس مَنَ جي مراد پوري ڪري. پڻ قبرستان ۾ وڃي نيڪ مردن جي ‎بُٺين تي دعا گهري، ته سندس مطلب حاصل ٿئي. هن کان سواءِ پاڻ کي گهٽ سمجهي ۽ ڪنهن جي دل آزاري نه ڪري.“

 

 

        بادشاهه جڏهن هيءَ حقيقت ڪتاب ۾ پڙهي، تڏهن دل کي آٿت اچي ويس ۽ خردمند وزير جو چوڻ به ياد آيس. تڏهن اِها دل سان صلاح ڪيائين ته اِهو نُسخو به آزمائڻ گهرجي. پر هيءُ سڀ بادشاهي رسم ۽ رواج، ٺاهه ٺوهه سان ٿيڻ نه گهرجي، چڱو اِئين ٿيندو ته فقيراڻو ويس ڪري، مسڪينن جي صورت ۾، نوڙت سان، مقام ۾ ڪنهن بزرگ جي تربت ڀرسان وڃي عبادت ڪريان، ۽ ڪتابي لکيل نصيحت بجا آڻيان. من اهڙيءَ ريت رب راضي ٿئي، ۽ هن جي راضپي کان دنيا جو مطلب به پرو ٿئي ۽  آخرت به سُرهي ٿئي. نيٺ اِها ڳالهه ڳڻي، ٻئي ڏينهن رات جو سادا ڪپڙا پَهري، رپيا ۽ اشرفيون کڻي، ماٺ ميٺ ۾ قلعي مان ٻاهر نڪري، قبرستان ڏي هلڻ لڳو. جڏهن مقام ۾ پهتو، تڏهن سخت واچوڙو آيو، جنهن جي ڪري اوندهه اَنڌڪار ٿي ويو. هن تيز طوفان ۾ بادشاهه آزاد بخت منجهي بيهي رهيو، ته هاڻي ڪهڙي واٽ وڃان!  واٽ به اهڙي ڌوڙئي ۾ وسري ويس. جان کڻي ڏسي ته اِهڙي واءَ ۾ به هڪڙو ڏيئو ڏاڍو روشن، مقام جي پاسي ۾ پيو ٻري! بادشاهه خيال ڪيو ته ڀَلا هي ڪهڙو ڏيئو آهي، جو اهڙي ڏاڍي واءَ ۾ به نه ٿو وسامي. شايد ڪو طلسم آهي. جو ڦٽڪي ۽ گَندرف کي ملائي، ڏيئي کي ڇڙڪيو ويو آهي، جو ڪهڙي به هوا لڳي ته ڏيئو نه وسامي. يا ڪنهن وليءَ جو ڏيئو آهي، جو روشن آهي، جو ڪجهه ٿئي سو ٿئي، هلي ڏسڻ گهرجي. شاهد هن شمع جي نُور کان منهنجي گهر جو به چراغ روشن ٿئي ۽ دل جي مراد ملي. اِها نيت ڪري، اُن طرف ڏي هليو. جڏهن ويجهو پهتو، ڏٺائين ته چار فقير گوڏن تي مٿو رکيو، اَهُليا پيا آهن، ڄڻ ته اَلوٽ ننڊ ۾ آهن. سندن حالت اِئين ٿي نظر آئي، جيئن ڪو مسافر، پنهنجي وطن ۽ وطن وارن کان وڇڙي، بيڪسيءَ ۽ مفلسيءَ جي رنج ۽ مءَ ۾ گرفتار  هجي. اهڙيءَ ريت هي چارئي ڄڻ ديوار تي نقش هئا. هڪ ڏيئو پٿر تي رکيل ٽِمڪي رهيو هو، واءَ جي پرواه ئي نه هيس، سندس فانوس گويا آسمان جو گنبذ هو.

 

        آزاد بخت خيال ڪيو ته هي ڪي پهتل شخص آهن، ۽ اِرادو ڪيائين ته وٽن وڃي، کين گڏجان، من هي فقير منهنجي حق ۾ دعا ڪن، جا ڌڻي تعاليٰ پوري ڪري، ۽ منهنجي آس پوري ٿئي.  ڀانيائين ته وڃي کين اُٿاريان، ايتري ۾ اَچي عقل همراهه ٿيس ته ”اي بي سمجهه مورک، ڪيئن ٿو وڃي، هنن بلائن ۾ هٿ وجهين.ڪهڙي خبر ته هي ديو آهن يا غول بياباني! تنهن ڪري جڳائي ته اِهڙن ناواقف شين ۾ هٿ وجهڻ کان لڪي، ڪنڊ پاسي ويهان ۽ ڏسان ته هو ڪير آهن؟“ آخر بادشاهه ائين ڪري، ڀَر وارن ٻوٽن جي جهڳٽي ۾ لڪي، اُنهن  جي چرپر کي ڏسڻ لَڳو. اتفاق سان هڪ فقير کي ڇڪ آئي. خدا جو شڪر ڪيائين. هُو ٽيئي قلندر هن آواز تي جاڳي پيا. ڏيئي جي وٽ سوريائون. پنهنجي پنهنجي بستري تي، حقن کي ڀري پيئڻ لڳا، تڏهن منجهائن هڪڙي چيو ته ”اي  يارو، اسين چارئي آسمان جي گردش ۽ زماني جي انقلاب جي باعث دربدر رُلندا رهيا آهيون. خدا جو شڪر آهي، بخت جي مدد ۽ قسمت جي ياوريءَ سان، اڄ هن مقام تي اسان جي پاڻ ۾ ملاقات ٿي آهي. سڀاڻي جي خبر نه آهي ته ڇا ٿيندو-  گڏ رهون يا وڇڙي وڃون! رات به پهاڙ وانگر ٿي پيئي آهي، چڱو ائين آهي ته ساجهري سمهڻ کان، پنهنجو پنهنو سربستو احوال بنا ڪنهن ڪوڙ ۽ وڌاءَ جي بيان ڪريون. اهڙيءَ ريت رات ڳالهين ۾ ڪٽجي ويندي، پوئين رات کڻي ليٽي پيٽي اُٿنداسون“. سڀني چيو ته ”اي هادي، واهه جي ڳالهه ڪئي اٿيئي! پهريائين اوهان ئي کڻي پنهنجي سچي ڪهاڻي بيان ڪيو، پوءِ اسين به پنهنجي سرگذشت سڻائيندا وينداسون.“

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org