ملفوظ 31
ڪنهن شخص سوال ڪيو ته بدعت حسنه مان ڇا مراد آهي؟
فرمايائون ته بدعت حسنه اها شيءَ آهي جيڪا اسلام جي تائيد ۽ مدد
۾ اچي. ائين نه ته اسلام جي اصولن ۽هدايات جي خلاف
هجي. جيئن اڳ جهاد ۾ تلوار ۽ نيزا هوندا هئا. هاڻي
ايٽم بم آهي. ته جهاد فرض عين به آهي. فرض ڪفايو
به. قيامت تائين ته جهاد قائم رهندو پر هاڻي اهو
موجوده هٿيارن سان ئي ٿيندو.
يا قرآن مجيد جي اشاعت مدارس عربيه جي وساطت سان آهي. يا قرآن
مجيد جا اعراب حجاب ثقفي ڏياريا هئا وغيره. ته اهي
شيون عليٰ وجه المبادي آهن نه ڪ عليٰ وجه المقاصد.
ملفوظ 32
هڪ شخص سوال ڪيو ته سوانح مولانا ٿانوي رح ۾ آيو آهي ته هڪ
مجذوب هر وقت ذڪر ۾ مشغول هوندو هو. گهر ٻار کان
ڪٽيل هوندو هو هڪ ٻي خليفي ان کان اها حالت سلب
ڪري ڇڏي. مجذوب ڏاڍو غمگين ٿيو وري به ان مجذوب
رياضتون ڪيون ته ان خليفي ساڳي حالت واپس ڪيس.
فقير ڏاڍو خوش ٿيو. ڇا اها حالت ٿئي ٿي يا نه؟
ان تي ارشاد فرمايائون ته:
اهي بزرگن جا قصا آهن جيڪي حجت بنجي نٿا سگهن. الله تعاليٰ قرآن
مجيد ۾ فرمايوآهي ته مايفتح الله للنّاس من رحمہ
فلاممسک لها. جيڪا رحمت الله تعاليٰ ڪنهن انسان
لاءِ کولي ٿو ته ڪو به ان کي روڪي نٿو سگهي.
بزرگن جي دل ۾ صداقت هوندي آهي، اهي قصا بيان ٿيندا آهن بزرگن
جو ان طرف توجهه نه هوندو آهي، اسان قرآن مجيد ۽
ارشادات رسول صلي الله عليه وسلم کي ڪنهن بزرگ جي
قول تي ڇڏي نٿا سگهون.
فيض از مجذوب نه آيد باليقين
اتفاق قوم براين است اين (عطار رح)
ملفوظ 33
هڪ شخص سوال ڪيو ته ڇوڪر کان ڪڏهن پردو ڪرڻ گهرجي؟
ارشاد فرمايائون ته جڏهن هو عورتن کي ڄاڻي سمجهي ۽ ان ۾ خيالات
اچي سگهن. مولانا ٿانوي 11 سال عمر لکي آهي. اهو
ٺيڪ آهي ان مدت ۾ اهي خيالات اچي سگهن ٿا.
ملفوظ 34
ڪنهن شخص سوال ڪيو ته نماز ۾ بلند آواز سان ذڪر ڪرڻ ڪيئن آهي؟
پاڻ فرمايائون:
نماز يا ذڪر ۾ دانهون ڪرڻ، زور سان الله الله چوڻ غلط ڪم آهي.
نماز ۾ وقار ۽ اطمينان جو حڪم آهي. اهڙي شخص کي
مسجد مان ٻاهر ڪڍي ڇڏجي. اسلام چريائي ۽ بي وقوفي
نٿو سيکاري.
14 شعبان المعظم 1380 هه اربع جو ڏينهن شام جو وقت
ملفوظ 35
پنجاب مان آيل، هڪ ديني مدرسي جي طالب العلم پنهنجو خواب حضرت
صاحب رح جي خدمت ۾ پيش ڪيو ۽ تعبير پڇيائين. حضرت
صاحب جن اردو ٻوليءَ ۾ کيس جواب ڏنو. (جيئن هو
سمجهي سگهي)، فرمايائون:
صحابہ کرام رضوان الله تعاليٰ عليهم کي دو حالتين هوتي تهين.
ان مين سـﻶ ايک ايسـﻶ حضرات تهـﻶ جو که حضور کريم
ﷺکي طرف آنکهه اڻهاکر چهره انور کو ديکهتـﻶ تهـﻶ،
بعض ايسـﻶ تهـﻶ کہ آنکهه اڻهاکر نهين ديکهه سکتـﻶ
تهـﻶ.
حضرت ابوبکر صديق سـﻶ منقول هـﻶ کہ وه فرماتـﻶ تهـﻶ کہ حبّ
اليّ من الدّنيا الثلاث النظر الي وجہ رسول الله
صلي ﷺ تو معلوم هو اکہ وه حضرت ﷺ کـﻶ چهره کي طرف
نظر اڻهاکر ديکهتـﻶ تهـﻶ.
حضرت عمرو بن عاص سـﻶ منقول هـﻶ کہ وه فرماتـﻶ هين کہ جب مين
اسلام کي بيعت کيلئـﻶ حاضر هوا اور مسلمان هوا تو
حضور کريم ﷺ کـﻶ چهره انور کي تجلّيات، ايسي پڙين
کہ مين نظر اڻها کر نهين ديکهه سکا. اور بعد مين
بهي ميري يه حالت رهي. جيسـﻶ ايک حَسين انسان هوتا
هـﻶ اور اس کا عاشق اس کي طرف آنکهه اڻهاکر نهين
ديکهه سکتا. حضرت عمرو بن عاص فرماتـﻶ هين کہ
اگر کوئي شخص مجهه سـﻶ حضور کريم ﷺ کـﻶ شمائل
پوچهـﻶ تو مين نهين بتا سکتا.
اسي سائل نـﻶ پهر پوچها کہ اس شعر کا مطلب کيا هـﻶ؟
يک زمانہ صحبتِ اولياء
بهتر از صد سال طاعت بـﻶ ريا.
اس پر حضرت رح نـﻶ يہ ارشاد فرمايا کہ حضرت بايزيد بسطامي رح کي
خدمت مين ايک آدمي آتا تها. اس نـﻶ کها کہ حضرت
ستر سال هوئـﻶ هين کہ مين ساري رات عبادت کرتا هون
اور نيند نهين کرتا اور دن مين روزه هوتا هـﻶ،
ميري حالت آپ جيسي کيون نهين هوتي. آپ کي بهي يہ
حالت عبادت کي وجہ سـﻶ هوئي هـﻶ اور اس عبادت سـﻶ
اتنـﻶ مراتب اور مقام پيدا هوئـﻶ هين مگر مين اتني
عبادت بهي کرتا هون اور کچهه نهين هوا، حضرت رح
نـﻶ ان کو جواب ديا کہ تونـﻶ جو عبادت کي هـﻶ وه
شيطان کي غذا بن گئي هـﻶ، خدا کا مقبول بنده جو
عبادت کرتا هـﻶ وه روح کو پهنچتي هـﻶ ليکن تونـﻶ
جو عبادت کي هـﻶ وه نفس تک پهنچي روح تک نهين گئي،
وه عبادت نفس هي کها گيا هـﻶ، يہ اس لئـﻶ هوا کہ
تونـﻶ عبادت خود هي کي هـﻶ، کسي اهل الله سـﻶ
پوچهه کر نهين کي، کہ تجهـﻶ نفس کـﻶ مکر سـﻶ
بچاتا، شيخ کـﻶ کهنـﻶ سـﻶ عبادت مين روح پڙتا هـﻶ.
قصيده برده والـﻶ نـﻶ کها هـﻶ کہ:
و راعِهَا وهَي في الاعمال سائِمةُ
و ان هيَ استحلتِ المرعيَّ فلاتُسم.
يعني: عبادت اتني کر کہ وه اعمال کي حد تک رهـﻶ اور نفس کو مشقت
هو، اگر نفس کو مزا آنـﻶ لگـﻶ تو پهر چهوڙ دﻵ کہ
آگـﻶ هلاکت هـﻶ.
ايک بزرگ بادشاه کي خدمت مين گيا، بادشاه نـﻶ کها کہ همارﻵ هان
ايک ايسا بزرگ هـﻶ کہ باره ماه کـﻶ بعد رزق کهاتا
هـﻶ، بزرگ نـﻶ کها کہ اسکو رزق ملتا هـﻶ يعني اس
نـﻶ مشق کي هـﻶ، کها گيا کہ هم ديکهه رهـﻶ هين
کوئي نهين جاتا.
بزرگ نـﻶ کها باهر اس درويش کـﻶ نکلنـﻶ کا کون سا موقعہ هـﻶ؟ اس
خاص موقع پر نہ نکالو بلکہ تين دن کـﻶ بعد نکالو،
اس کـﻶ بعد يهي کيا گيا، لوگ نہ آئـﻶ، بادشاه نهين
آيا عوام بهي نهين آئـﻶ، اس خاص موقعہ پر جب وه
بزرگ نکلا اور کوئي آدمي نهين ديکها تو اس نـﻶ کها
کہ کيا وجہ هـﻶ کہ لوگ نهين آئـﻶ؟ لوڪ بدظن هوگئـﻶ
اور عزت چلي گئي!! تين دن کـﻶ بعد بادشاه گيا تو
ديکها کہ وه مرا پڙا هـﻶ. بزرگ نـﻶ کها کہ ديکهو
تين دن مين هي مرگيا، اگر باره مهينـﻶ تک روڻي نہ
کها کر بچ سکتا تها تو تين دن مين کيون نهين بچ
سکا، بات يہ هـﻶ کہ اس کا نفس تها اور وه نفس کو
راضي رکهتا تها اور اس مين وه گم تها اب نفس کي
عزت نهين هوئي تو وه مرگيا.
نفس نتوان کشت اِلاّ ظل پير،
دامن آن نفس کش را سخت گير،
راه پُر خوف است دزد ان در کمين
رهبرﻵ برتا نماني بر زمين
اس لئـﻶ کها گيا کہ يک زمانہ صحبتِ بااولياء
اگر باغ رکهنا هـﻶ تو ساري شرائط پوري کرني هونگي، پهلي شرط
زمين اچهي هو، اچهي زمين نهين هوگي تو باغ نهين
رکها جا سکتا. دوسري شرط يہ کہ زمين پر پهلـﻶ جو
جهاڙ لگـﻶ هوئـﻶ هين ان کو اکهاڙدو، تو صاف زمين
کا هونا شرط هـﻶ تاکہ بونـﻶ کـﻶ قابل هو. تيسري
شرط يهه که بيج ڊالا جائـﻶ، چوتهي شرط يہ کہ پاني
ديا جائـﻶ، پانچوين شرط يہ کہ اسکـﻶ چارون طرف باڙ
دي جائـﻶ حفاظت کي جائـﻶ، کوئي جانور اس کـﻶ قريب
نہ آئـﻶ، چهڻي شرط يہ کہ مالهي رکها جائـﻶ تاکہ جو
دوسرا طفيلي درخت اُگـﻶ تو اسکو کاٽ ديا جائـﻶ، سب
باتين هون اور مالهي نہ هو تو گهاس نکلـﻶ گا،
طفيلي درخت پيدا هون گـﻶ جنگل بن جائـﻶ گا باغ
نهين رهـﻶ گا.
پهلا کام استعداد طبعي هونا چاهيئـﻶ، اگر استعداد نہ هو تو
انسان کام کا هي نهين، دوسراکام غلط ارادﻵ اور
باطل عقيدﻵ ختم کـﻶ جائين. ان پر هل چلايا جائـﻶ
تيسري بات اوراد و وظائف هين جو بيج کـﻶ مانند
هين، پهر مداومت کرنا يہ پاني کي طرح هـﻶ، پانچوين
بات صحبت ناجنس سـﻶ دور رها جائـﻶ. ايسـﻶ امور جو
قلب کيلئـﻶ نقصان ده هين، ناپاک طعام، نا اهلون
سـﻶ کلام، يہ باڙهـﻶ، چهڻي بات هـﻶ پ شيخ کي صحبت،
يہ مالهي هوگيا جو الله کي توجہ کـﻶ خلاف اراده
هوا تو شيخ کو بتائـﻶ گا تو شيخ اس کو طفيلي درخت
کي طرح اکهاڙ دﻵ گا.
اسليئـﻶ مولانا فرماتـﻶ هين کہ:
يک زمانہ صحبتِ با اولياء
بهتر از صد سال طاعت بـﻶ ريا،
واتبع سبيل من اناب اليّ جو ميري طرف متوجہ هـﻶ، رجوع کرتا هـﻶ
اسکي اتباع کيجئـﻶ، اس کـﻶ راستہ پر چليئـﻶ،
شيخ کي صحبت کـﻶ بغير انسان پهنس جاتا هـﻶ، الله والون کـﻶ
ساتهه بيڻهو تو تم مين بهي لِلَّهيّت پيدا هو
جائگي، يهي مطلب هـﻶ نفس نتوان کشت الاّ ظلّ پير.
هزار نکتہ باريک تر زمو اين جا ست
نہ هر کہ سر بتراشد قلندري داند
فدائـﻶ همت آن رند عافيت سوزم
کہ در گدا صفتي کيمياگري داند
همت اﻵ دل کزين پستي قدم بالا نهم
يا بکام خود رسم يا سَر درين سودا دهم.
حضرت رح مجلس مين ان اشعار کو بار بار اشتياق کـﻶ ساتهه پڙهتـﻶ
رهـﻶ. (محمد سليمان طاهر)
توقف کـﻶ بعد پهر فرمايا:
حلب شهر مين ايک بزرگ رهتا تها ان کا شيخ وفات پاگيا (شايد شيخ
شهاب الدين سهروردي رح) اس کـﻶ پير بهائي حضرت
بهاؤالدين زکريا ملتاني رح تهـﻶ اور حضرت شيخ سعدي
رح بهي پير بهائي تهـﻶ- وه بزرگ حضرت بهاء الدين
رح کي زيارت بوجہ پير بهائي کـﻶ کرنـﻶ آيا تها-
وهان سـﻶ قافلہ سوار هوکر سمندر کـﻶ ساحل سـﻶ هوتا
هوا بهت عرصہ کـﻶ بعد ملتان آکر پهنچا- يهان رها
جتنا هو سکا- پهر وه واپس گهر چلا گيا- جب وه بزرگ
واپس جا چکا تو حضرت بهاءُالدين رح نـﻶ اپنـﻶ
صاحبزاده کو فرمايا کہ يہ تها تو بهت بڙا بزرگ
ليکن اس کي ولايت ختم هوگئي هـﻶ- اس کا نام ديوانِ
اولياء سـﻶ خارج کر ديا گيا هـﻶ- اس کا سبب يہ هوا
کہ جب يہ شخص اپنـﻶ گهر سـﻶ ادهر نکلا تها تو
راستہ مين سمندر کـﻶ ساحل سـﻶ آرها تها، اس موقعہ
پر بارش هو رهي تهي- ليکن خدا کي قدرت کہ بارش
سمندر مين هو رهي تهي اور باهر خشکي تهي وهان زمين
بنجر تهي- چهوڻـﻶ چهوڻـﻶ درخت بهي تهـﻶ مگر وهان
بارش نهين پڙ رهي تهي اس پر اس بزرگ نـﻶ کها کہ اس
بارش سـﻶ کيا فائده جهان ضرورت هـﻶ وهان نهين
برستي اور جهان کوئي پاني کي ضرورت نهين هـﻶ وهان
بارش هو رهي هـﻶ- يہ تو کام بلا فائده هوا- يهه
کنـﻶ کي وجہ سـﻶ کہ الله کـﻶ کام کو بـﻶ حکمت کهہ
ديا، الله تعاليٰ نـﻶ ان کو اپني محبوبيت سـﻶ هڻا
ديا هـﻶ- حضرت بهاء الدين رح کو صاحبزاده نـﻶ عرض
کيا کہ حضرت آپ نـﻶ اس کو کيون مطلع نهين فرمايا
شايد وه اصلاح کرتا يا استغفار کر کـﻶ معافي ليتا-
آپ نـﻶ فرمايا کہ مجهه کو حيا اور شرم آئي کہ مين
اس مهمان کو ايسي بات کس طرح کهدون جو کہ اس کـﻶ
لئـﻶ باعثِ رنج والم هوتي- صاحبزاده نـﻶ عرض کيا
کہ حضرت آپ مجهـﻶ لکهه کر دين تو مين ان کو
پهنچادون اور اس کو اس بات سـﻶ مطلع کردون- حضرت
رح نـﻶ لکهه کر ديا اور وه صاحبزاده يہ پيغام ليکر
اس بزرگ کـﻶ هان پهنچ گيا – جب اس بزرگ کو پتہ پڙا
کہ ميري اس کم علمي کـﻶ باعث الله تعاليٰ نـﻶ
ناراض هوکر مجهـﻶ اپنـﻶ درجہ سـﻶ گراديا هـﻶ تو
سخت رنج اور غم مين مبتلا هوگيا- غلام کو حکم ديا
کہ اصطبل سـﻶ شرير سـﻶ شرير گهوڙا نکال کر لـﻶ آئو
اور مجهه کو رسي سـﻶ باندهه کر اس گهوڙﻵ کـﻶ
کندهـﻶ کـﻶ ساته بانده لو تاکہ وه روند روند کر
مجهه کو ختم کر دﻵ- مين اب اس دنيا مين رهنـﻶ کـﻶ
قابل نهين کيونکہ مجهه سـﻶ ميرا مالک ناراض هـﻶ-
اس ذليل حياتي سـﻶ مرجانا هي بهتر هـﻶ- جب اس بزرگ
کو رسي سـﻶ باندها گيا اور گهوڙﻵ سـﻶ باندهنـﻶ
کيلئـﻶ تيار هوئـﻶ تو اوپر سـﻶ هاتف غيبي نـﻶ آواز
دي کہ اﻵ فلان! آپ کوئي فکر نہ کرين آپ سـﻶ آپکا
مالک و مولي راضي هوگيا هـﻶ اور پهلـﻶ سـﻶ بهي
زياده آپ کـﻶ درجات کو بلند کيا گيا هـﻶ-
يہ هـﻶ اولياء الله کا مقام و مرتبہ- ان کي نظر هميشہ اپنـﻶ رب
کي رضا پر هوتي هـﻶ ان کي نظر ظاهر پرستي بناؤ
سينگار پر نهين هوتي- وه هميشہ قلب کـﻶ اصلاح کي
کوشش کرتـﻶ هين اور مالک سـﻶ کامل تعلق کي کوشش
مين لگـﻶ رهتـﻶ هين- هم لوگ تو صرف بزرگون کي صورت
بناتـﻶ هين اور ان کـﻶ طرز کا لباس اور کپڙﻵ
پهنتـﻶ هين هم مين وه افعال اور حالات نهين هين-
نہ هر کہ سر بتر اشد قلندري داند
نفس اندر مين عودي لگا کر بيڻها هـﻶ- جس طرح شکاري عودي بنا کر
بيڻهتا هـﻶ کہ کوئي آجائـﻶ تو اس کو بندوق مارﻵ-
تو انسان جو بهي عبادت، نماز اور ذکر کرتا هـﻶ تو
يہ نفس اس کو رائگان کرنـﻶ کيلئـﻶ وار کرتا هـﻶ-
خيالات اور وساوس ڊالتا هـﻶ تاکہ شکار مين آجائـﻶ-
اس عبادت کو روح تک پهنچنـﻶ نہ ديا جائـﻶ کہ يہ
عبادت روح کي غذا بن سکـﻶ- اولياء الله اس نفس کي
اصلاح کرتـﻶ هين اور عبادت کو روح کي غذا بناتـﻶ
هين- اسلئـﻶ مولانا کہ رهـﻶ هين:
يک زمانہ صحبتِ با اولياء
بهتر از صد سال طاعت بـﻶ ريا-
15 شعبان المعظم 1380 هه- خميس جو ڏينهن بعد صلاة الفجر.
ملفوظ 36
مجلس مان هڪ شخص سائين جن رح کي ٻڌايو ته اسان جي هڪ ماڻهو تي
مارشل لا ۾ ڪيس هليو. پنج لک رپيا ڏنڊ پيس. ملڪيت
ضبط ٿي ويس. هاڻي اهو جيل ۾ آهي. (ايوب خان واري
مارشل لا جو شروعاتي دور ) ان لاءِ ڪو تعويذ ڏيو
يا دعا پڙهڻ لاءِ ٻڌايو.
ان متعلق ارشاد فرمايائون:
لاّ الٰہ الاّ انتَ سبحانک اِنّي کنتُ من
الظّالمِينَ.
انهيءَ آيت ڪريمه جو سوا لک مرتبه وظيفو پڙهيو وڃي يا عشا نماز
کان پوءِ انڌيري ڪمري ۾ ويهي 300 مرتبا انهيءَ آيت
کي پڙهيو وڃي ڀرسان پاڻي رکيل هجي پاڻي ۾ هٿ پسائي
منهن ۽ بدن تي ڇنڊا هڻندو رهي جيڪو شخص جيل ۾ پيل
آهي اهو هيءُ وظيفو پڙهي.
ماشاءَ الله کانَ لاحولَ ولا قوّة الا بالله العلّي العظيم
حسبنا الله ونعم الوکيل
اهو وظيفو هڪ ئي مجلس ۾ روزانو ٻه هزار دفعا پڙهيو وڃي.
والله المستعان علي ماتصفون ط جو وظيفو 313 دفعا پڙهڻ گهرجي.
ان کان پوءِ فرمايائون اصل ڳالهه هيءَ آهي ته دنيا جون اهي
تڪليفون ٿورن ڏهاڙن جون آهن. انسان انهن ڏانهن
توجهه نه ڪري انسان جي نظر آخرت ڏانهن هجي. انهن
هولناڪ مناظر ۽ تڪليفن ڏانهن ڌيان هجي. اهو ڏينهن
هر وقت نگاه ۾ هجي جنهن ڏينهن انسانن جا ٻه ٽولا
ٿي ويندا. هڪڙا جنت ڏانهن پيا ويندا ته ٻيا جهنم
ڏانهن. پٽ! هيءَ دنيا ته گذري ويندي آخرت واري
هميشه واري زندگي ڏانهن ڪجهه خيال ڪجي. ان تڪليف
لاءِ اها تسبيح پڙهندا رهو.
حضرت يونس عليه السلام پنهنجي قوم مان بغير اذن موليٰ جي نڪتو.
اولاد ۽ زال ساڻ کنيائين. وڏي پٽ کي درياهه جي
ڪناري تي بيهاريائين. زال ۽ ننڍي ڇوڪر کي گڏ وٺي
هليو ته اهي درياهه ۾ لڙهي ويس. وري وڏي پٽ ڏي آيو
ته ان تي بگهڙ حملو ڪيو ۽ ان کي کڻي ويو. آخرڪار
پاڻ ٻيڙي تي چڙهيو، ٻيڙي ٻڏڻ لڳي. ماڻهن چيو ته ڪو
اهڙو شخص آهي جيڪو پنهنجي مالڪ کان ڀڳل آهي. هاڻي
ڪير باسي تنهن تي حضرت يونس عليه السلام چيو ته
اهو ڀڳل ٻانهو آءٌ آهيان ليڪن ان جي صورت ڏسي يقين
نه پيا ڪن. نيٺ ڪڻا پيا. ڪڻي ۾ حضرت يونس عليه
السلام جو نالو آيو. هن کي درياهه ۾ اڇلايو ويو.
مڇي منهن ڪڍيون بيٺي هئي. هيءُ ان جي پيٽ ۾ ويو.
هاڻي ٻار به ويس زال به ويس پاڻ هتي پهچي ويو.
پوءِ اها تسبيح پڙهيائين. ”لا الٰہ الا انت سبحانک
اني کنتُ من الظالمين.“ ۽ مڇي کي حڪم ٿيو ته ٻاهر
اڇل. ٻاهر ڪدو جو وڻ پيدا ٿيو. هرڻي جو کير مليس.
چڱو ڀلو ٿيو. ان تسبيح جي برڪت سان الله تعاليٰ
قوم کي هدايت ڏني. انهن تي عذاب آيو ته هنن
استغفار ڪيو. الله تعاليٰ کين معافي ڏني. دستور
آهي ته ڪنهن به قوم تي آيل عذاب نه ٽرندو آهي، پر
يونس عليه السلام جي قوم تي آيل عذاب ٽري ويو، ڇو
ته انهن توبه ڪئي ۽ ان وقت وٽن نبي موجود نه هو.
درياهه ۾ لڙهي ويل زال ۽ ڇوڪر به ملي ويا. انهن کي ماڻهن درياهه
مان ڪڍي ورتو هو ۽ وڏي پٽ کي ماڻهن بگهڙ کان ڇڏائي
ورتو هو. ان طرح تسبيح جي برڪت سان سمورا ڪم
سنوارجي ويا. اولاد به هٿ آئي. قوم کي به هدايت
ملي.
الله تعاليٰ فرمايو آهي ته:
فلو لا انہ کان من المسبّحين للبث في بطنہ اليٰ يوم يبعثون.
”جيڪڏهن يونس عليه السلام تسبيح پڙهندڙن مان نه هجي ها ته مڇي
جي پيٽ ۾ قيامت تائين رهي ها.“ اها آهي اسم اعظم
جي فضيلت. اسم الله الاعظم الذي اذا دعي بہ اجاب
واذا سئل بہ اعطيٰ لا اِلٰہ الا انت سبحانک اني
کنتُ من الظالمين.
ٿورو توقف فرمائي ارشاد فرمايائون:
حبّ الدنيا راس کل خطيئہِ (الحديث) دنيا جي محبت هر گناه جي پاڙ
آهي.
الله تعاليٰ هر هڪ کي ڏئي ٿو. ڪنهن کي گهڻو ڪنهن کي ٿورو بک سان
ڪنهن کي نٿو ماري. دنيا جي محبت وارو رب کان فاسد
گمان رکندو آهي. هو چوي ٿو ته اها دنيا مون کي
هلائي ٿي. ان کان سواءِ آءُ مري ويندس. مسڪيني ۾
مون لاءِ ڪجهه نه هوندو. انکي ومامن دابّہَ في
الارض الا علي الله رزقها تي ايمان ڪو نه آهي.
هڪ بندو الله وارو هيو. ان وٽ اناج جي ٻار هئي. هڪ اهل علم اتان
لنگهيو. چوڻ لڳو ته: ”هذارزقک.“ ”هي تنهنجو رزق
آهي.“
چيائين ته نه بل رزقي علي الله- هذا حشيش.“ هيءَ ته گاهه آهي.
منهنجو رزق ته الله تي آهي.
بندو پاڻ کي رب جو غلام سمجهي جيئن هو هلائي تيئن هلي. ٿورو ڏئي
ٿو ته به ٺيڪ. ان تي صبر ڪري. مال جو هجڻ برو نه
آهي بلڪ مال جي محبت بري آهي. اها محبت مضر آهي.
دنيا به ذليل ته ان جا طالب به ذليل آهن. الله
تعاليٰ عزت وارو ته ان جا طالب به عزت وارا آهن.
حضرت سائين وڏا ڀرچونڊي شريف رح وارا هڪ دفعي سفر تي هئا، پاڻ
هڪ کوسي زميندار وٽ ترسيل هئا. ان زميندار چيو ته
مون وٽ زڪوات جو ڪپڙو رکيل آهي، ڪنهن کي ڏيان؟ پاڻ
فرمايائون ته هي فقير آهن، انهن کان پڇو جنهن کي
ضرورت هوندي ته اهو وٺندو. ان زميندار ٻاهر اچي
چيو ته آهي ڪو فقير جنهن کي ڪپڙي جي ضرورت هجي ته
اهو اچي وٺي. پر ڪو به فقير ڪپڙو وٺڻ نه آيو.
حضرت رح جن فرمايو ته هيءَ جماعت غني آهي. انهن کي ڪا به ضرورت
نه آهي. خير الغنيٰ غني القلب- ڀلي غنا قلب جي غنا
آهي. قرآن مجيد ۾ انهن ماڻهن لاءِ چيو ويو آهي.
يحسبهم الجاهل اغنياءَ من التّعفّفِ
اڻ ڄاڻ ماڻهو انهن شخصن کي غني سمجهندا آهن ڇو ته هو ڪنهن جي
آڏو پنهنجي حاجت بيان نه ڪندا آهن.
ٿوري توقف کان پوءِ فرمايائون ته مان ڇوڪرو هيس هڪ چولي ۾،
ننڍڙو ٻار، پيءُ جي وفات وقت مون کي ياد آهي ته
ويهه کن مينهون هيون. منهنجو پيءُ ۽ چاچو ڏاڏي کي
هڪ ماءُ مان هيا. ٻي اولاد وري ٻي زال مان هيس.
اهو چاچو مري ويو ته ماڻهن ان جي عورت کي اچي
ڀڙڪايو ته هيءُ ڏير تنهنجي ملڪيت کائي ويندو. پوءِ
اها عورت سارو مال ڪاهي کڻي وئي، هڪ وڇير هئي، ان
لاءِ به چيائين ته هيءَ به منهنجي آهي، باقي وڃي
ڀاڻ بچيو. چاچي کي ٻه پٽ هئا، جيڪي يتيم هئا. مسجد
(هاليجي شريف واري مسجد) جي پويان جيڪو کوه آهي،
اهو اڳ ڀاڻ هيو. ان عورت کان کوه لاءِ پيسا گهريا
ويا، ليڪن نه ڏنائين. پوءِ کوه کنيو ويو. چيائين
ته اهو منهنجي پٽن لاءِ آهي. منهنجي پيءُ چيو ته
هائو مون کي ته پٽ ڪونهي. ان کان پوءِ آءَ ڄايس.
انهيءَ عورت جو مال مانحو کائي ويا. جڏهن سڀ شيءَ
هلي وئي ته پوءِ اسان وٽ آئي ۽ اسان وٽ رهي ۽ وفات
ڪيائين. والد صاحب فوت ٿيو ته ڪجهه مال هيو- پر
مال جي پرگهور ڪا نه ٿي اهو به ختم ٿي ويو. مالِ
مُرده پسِ مُرده-
والده ان وقت وفات ڪئي جڏهن اتي مان پڙهائيندو هيس. ان وقت مون
کي 8 کن ڳئون هيون، پوءِ اهي سڀ ختم ٿي ويون. مون
کي ته انهن جي ڄاڻ به ڪو نه هئي. 5 کن ٻڪريون
هيون، انهن مان لسي ٿيندي هئي، انهن کي بگهڙ کائي
ويو. هاڻي الله جي فضل سان گهڻو ڪجهه آهي. لسي
ٿيندي آهي، ڪڏهن به ڪا نه ٿي کٽي. حالانڪه مال ڪو
نه ڌاريو اٿسي، هاڻي ڇوڪرا ڪجهه ڪم ڪن ٿا، آبادي
وغيره جو. الله تعاليٰ جو فضل آهي.
امروٽ شريف جي هاڻوڪي مسجد ٽين مسجد آهي. جڏهن ٻي مسجد ٺهيل هئي
ان وقت مان حضرت جن رح وٽ بيعت لاءِ ويو هيس. حضرت
امروٽي رحمة الله عليه جن فرمايو ته:
”الملک لمن غلب“ (جيڪو ڏاڍو سو گابو) مون کان به مائٽن زمين کسي
ورتي آهي. تو کان به سوٽن زمين کسي ڇڏي آهي. خيال
نه ڪجو. مون کي ته اڳ ئي ان جو ڪو خيال ڪو نه هو،
پر حضرت رح جن تسلي لاءِ ائين ٿي چيائون.
حضرت حذيفه تي جڏهن موت آيو ته ان وقت روئڻ لڳو ته الائي مان
الله سائين کي راضي ڪري سگهيس يا ڪو نه – ته انسان
کي اهو فڪر رکڻ گهرجي. دنيا جي فقر فاقي ڏي نظر نه
هجي.
الله سائين فرمائي ٿو:”الشيطان يعدکم الفقر ويامر کم بالفحشاءِ“
شيطان سڃي کي مال جا دڙڪا ڏئي ٿو ۽ شاهوڪارن کي بي حيائي جو امر
ڪندو آهي.
دنيا خود به ذليل آهي، ان جي طلب ڪرڻ وارو ۽ ان سان محبت ڪرڻ
وارو به ذليل هوندو آهي. الله تعاليٰ خود عزت وارو
آهي ان جي طلب ۽ محبت ڪرڻ وارو به عزت وارو ٿيندو
آهي.
الله تعاليٰ جو فضل ۽ ڪرم آهي ته اسان کي دنيا جي ڪا به لالچ نه
آهي، ڪنهن مليڪت جو شوق نه آهي، اها بزرگن جي صحبت
جي طفيل آهي. ڪنهن ۾ به اميد نه آهي. الحمدلله
عليٰ کل حال واعوذ بالله من حال اهل النار. دنيا ۾
هر حال تي راضي پر آخرت ۾ اهل نار جي حالت کان رب
پنهنجي امان ۾ رکي.
الله تعاليٰ اسان کي چهبڪ هڻي سڌاريو آهي. جنهن ڏي دل ٿي گهريو
اتان نقصان ڏياري بچائي ورتو آهي.
حضرت امروٽي رحمہ الله عليه جن هجرت ڪئي ٿي افغانستان ڏي. تحريڪ
خلافت جو وقت هو. اسان جي به دل گهريو ته حضرت رح
سان گڏجي هجرت ڪيون. سامان کڻي اچي خانپور لٿاسون.
اتي حضرت جن رح به آيا. اتي ڳالهيون ٻڌائون ته هن
وقت معاملو مٽيل آهي. وڃڻ جي موڪل ڪا نه ٿي ملي
پوءِ حضرت جن واپس موٽيا. مان ٻار هيڏي موڪليم پاڻ
امروٽ هليو ويس. هجرت ڪرڻ جي ارادي سان سامان وڪڻي
ڇڏيوسي. ان وقت جيڪا اُٺِ نيڪال ڪيم اها 6 دلا کير
جا ڏيندي هئي. جتن کي اڌ تي ڏني سون. اهي پئسا سفر
۾ ڪم آنداسون ۽ ڪجهه هجرت لاءِ چندي ۾ ڏنا سون
جڏهن واپس اچڻ ٿيو ته خيال ڪيوسي ته اُٺِ واپس ڪجي
ته ان جو ڦر امهڙيو ۽اها مري وئي. جتن کي چيوسين
ته بابا! ”اسان جي ڪري اوهان جو به نقصان ٿيو.“ هڪ
مينهن هئي، خيال ڪيوسي ته رمضان شريف ۾ ان جو کير
پئنداسون. ڌنار آيو چيائين ته مينهن بيمار ٿي پئي
۽ مري وئي. ان جو ڪونهون هيو، ان کي ذبح ڪيوسي ان
جو گوشت کڻي آيو آهيان. هڪ زمين هئي ڏاڍي ڀلي،
اهڙي جو ڄڻ مانحو پيدا ٿين. اها زمين اسان کنئي –
مولوي محمود حسين کي کڻائي سون. راکي سان تڪرار ٿي
پيو. فقيرن وڻ ڪپي ان زمين کي پيهر ڏنو، راکي ان
تي جرمانو وڌو 35 رپيا. جڏهن منشي اسان جو نالو
ڏٺو ته ان خدا جي مهرباني سان اهو جرمانو ساڍا ٽي
رپيا ڪري ڇڏيو. پوک ان زمين ۾ ٿي اهڙي ناقص جو
ڏاٽي جيتري.
اسان کي ربّ سائين لڪڙ هڻي مسجد ۾ ويهاريو آهي، جتي به ٿوري
لالچ ڪئي سون ته اتي نقصان پاتوسون. هاڻي صفا لالچ
کي ڇڏي ڏنو آهي.
حضور ڪريم ﷺ جن مڪو فتح ڪيو. ان کان ڪجهه وقت پوءِ بني عامر،
بني هوازن ۽ بني عبدياليل کي ڀڙڪايو ته: ”اٿو
لڙائي ڪريو- هيءُ وقت آهي نه ته پوءِ ختم ٿي
ويندؤ. پوءِ لڙائي لڳي ان موقعي تي ڪن اڪابر
صحابه رضي الله عنهم کان لفظ نڪتو ته اسان هن وقت
گهڻان آهيون. هي ڇا ڪندا؟ بدر ۾ ٿورا هئاسون ته به
فتح ملي.
پوءِ تيرن جي بارش شروع ٿي وئي ته تيرن کان ڀڳا.
ميدان ۾ صرف حضور ڪريم
ﷺ جن گهوڙي تي چڙهيا- اڳتي وڌندا رهيا. حضرت عباس
رضه
سڏ ڪيو ته هي حضور ﷺ جن هت آهن پوءِ سڀ آيا. |