بيعت جا الفاظ (جواهر ۽ موتي)
حضرت اقدس رح هيٺيان الفاظ فرمائيندا ويا ۽ اسين انهن کي چوندا
وياسون. اهو بيعت جو طريقو هوندو هو.
اعوذبالله من الشيطان الرجيم- بسم الله الرحمان
الرحيم.
ايمان آندم ساڻ الله سائين جي ۽ ساڻ سڀ ان شيءَ جي جيڪا آئي آهي
طرفان الله سائين جي، مٿي مراد الله سائين جي ۽
ايمان آندم ساڻ حضرت محمد ڪريم ﷺ جن جي ۽ ساڻ سڀ
ان شيءَ جي جيڪا آئي آهي طرفان رسول الله ﷺ جي،
مٿي مراد رسول الله ﷺ جي- ۽ ملائڪ الله تعاليٰ جا
سڀئي برحق آهن. سڀئي نبي ۽ سڀئي رسول برحق آهن ۽
جيڪي ڪتاب الله تعاليٰ پنهنجن نبين ۽ رسولن تي
نازل ڪيا اٿس سڀ برحق آهن- نيڪي ۽ بدي جي تقدير هڪ
الله تعاليٰ جي طرفان آهي- مرڻ کان بعد ٻيهر
جيئرو ٿيڻ برحق آهي. قيامت برحق آهي- دين اسلام
برحق آهي- اسلام ۽ مذهب مسلماني کان سواءِ ٻي هر
شيءَ ڪوڙ ۽ باطل آهي، آءُ ان ڪوڙ ۽ باطل کان بيزار
ٿيس. ٻين سمورن مذهبن ۽ دينن کان پڻ بيزار ٿيس- اي
منهنجا رب! جنهن وقت کان مون مٿي ايمان آڻڻ فرض
ٿيو آهي ۽ سمجهه ۽ عقل ٿيو آهي ان وقت کان هاڻي
تائينتنهنجي رضامندي جي خلاف ۽ تنهنجي رسول ڪريم
ﷺ جن جي رضامندي جي خلاف، دين اسلام ۽ قرآن پاڪ
جي حڪمن جي خلاف ڪو به دل ۾ عقيدو رکيو اٿم يا
عضون سان ڪو ڪم ڪيو اٿم، يا زبان سان ڪو غلط لفظ
چيو اٿم، يا چُريو پُريو آهيان يا چپ ۽ ماٺ ڪئي
اٿم يا پڪو ارادو ڪيو اٿم يا نيت يا مقصد ڪيو اٿم،
اهو ڄاڻي واڻي ڪيو اٿم يا ڀل ۽ ويسر ۾ ڪيو اٿم،
اهو صغيرو آهي يا ڪبيرو آهي، انهن کي آءُ ڄاڻان ٿو
يا وسريل آهن. اهي جائي پائي ڪيا اٿم يا کل ۽ ڀوڳ
۾ ڪيا اٿم- اي منهنجا رب! تنهنجا حق ۽ تنهنجي
مخلوق جا حق جيڪي مون ادا نه ڪري سگهيو آهيان ۽
مون کان ضائع ٿي ويا آهن، آءُ انهن سڀني کي گمراهي
سمجهي، پشيمان ٿي توبهه ڪيم- بيزار ٿيس، معافي ٿو
گهران، بخشش ٿوگهران – استغفرالله ربي من کل ذنبِ
واتوب اليہ (3) دفعا) ۽ اسلام آندم هاڻي ۽ چوان
ٿو:
”اشهد ان لا الٰہ الا الله واشهد ان محمداً عبده و رسولہ“
بيعت ڪيم مٿي هٿ رسول ڪريم ﷺ جن جي ساڻ وساطت ۽ هٿان مشائخ
سلسله قادريه رضي الله تعاليٰ عنهم جي ته يقين ٿو
ڪريان ته هڪ الله سائين کان سواءِ ٻي ڪنهن جي به
عبادت بنهه ڪانهي- ۽ حضرت محمد رسول الله ﷺ سچو
ٻانهون ۽ سچو رسول الله سائين جو آهي. جيڪي به
الله سائين وٽان قرآن شريف، دين اسلام آندو اٿائين
اهو سڀ ئي برحق آهي ۽ سچ آهي. سڀ ئي مڃيم سڀ ئي
قبول ڪيم- پنج وقت نماز پڙهندم، رمضان شريف جا
روزا به رکندس، جيڪڏهن حج ۽ زڪواة مون مٿي لاڳو
ٿيا ته اهي به ادا ڪندس. الله تعاليٰ سان ڪنهن به
شيءَ کي ڪنهن به شيءَ ۾ برابر ۽ شريڪ نه ڪندس،
چوري نه ڪندس، زنا نه ڪندس، ناحق ڪنهن کي به خون
نه ڪندس، ڪوڙو بهتان نه اٿاريندس، الله ۽ رسول
ڪريم ﷺ جي حڪمن ۾ وس آهر تابعدار ۽ فرمانبردار ٿي
رهندس.
ان الذين يبايعونک انما يبايعون الله- يد الله فوق ايديهم فمن
نکث فانما ينکث عليٰ نفسة و من اوفيٰ بما عاهد
عليہ الله فسيؤتية اجراً عظيماً ط.
ان کان پوءِ حضرت جي هٿ سان هٿ ملايو ويو-
پوءِ ارشاد فرمايائون ته:
ذڪر ظاهري يا باطني يا آيت الڪرسي جي وظيفي کان پوءِ هيءَ دعا
ڪرڻ گهرجي- اي الله سائين تون پنهنجي هن اسم اعظم
جي صدقي، مون کي پنهنجن خاص مقرب ٻانهن مان بڻاءِ،
ٻنهي جهانن ۾ مون کان راضي ٿيءُ ٻنهي جهانن جون
ڀلايون مون کي نصيب ڪر، ٻنهي جهانن جي برائن کان
مون کي بچاءِ، اسلام، ايمان ۽ احسان ڪامل سان مون
کي هلاءِ ته جيئن منهن جو دنيا مان خاتمو بالخير
ٿئي- آمين ثم آمين.
ملفوظ 39
هڪ شخص سوال ڪيو ته قيامت جي ڏينهن انسان مٽي هجڻ جي تمنا ڇو
ڪندو. جيئن ته سوال ڪندڙ اردو زبان ۾ سوال ڪيو ته
حضرت صاحب جن به اردو ۾ جواب عنايت فرمايو:
قران مجيد کـﻶ آخري پاره کي پهلي سوره نبا مين ارشاد فرمايا گيا
کہ قيامت کـﻶ دن جب انسان ديکهـﻶ گا کہ وه دنيا
سـﻶ کيا کچهه کر کـﻶ لايا هـﻶ تو اس دن حسرت سـﻶ
کههﻶ گا کہ کاش مين مڻي هوتا.
يوم ينظُرُ المرء ما قدّمت يداه ويقول
الکافر يٰليتني کنتُ ترابا
الله تبارک و تعاليٰ نـﻶ انسان کو مڻي سـﻶ پيدا کيا هـﻶ- حضرت
آدم عليہ السلام کو مڻي سـﻶ پيدا کيا- همارا وجود
بهي مڻي سـﻶ هـﻶ- الله تعاليٰ زمين سـﻶ نباتات کو
اُگاتا هـﻶ اور اسکو مخلوق کيلـﻶ غلہ بنا ديا
هٌــﻶ- زمين سـﻶ جو اگـﻶ هين وه هين گهاس، پهل اور
اناج- يهي انسان اور جانور کي غذا هـﻶ- جانور سـﻶ
دودهه بهي پيدا کيا اور جانور انسان کي غذا بهي هو
جاتا هـﻶ- وه خود (گوشت) بهي غذا هـﻶ اور جو اس
سـﻶ نکلتا هـﻶ (دودهه) وه بهي غذا هـﻶ- اس غذا سـﻶ
خون بنتا هـﻶ- پهر صالح خون سـﻶ گوشت اور نطفہ
بنتا هـﻶ- اس سـﻶ انسان بن گيا تو خلاصہ هوا کہ سب
مڻي سـﻶ پيدا هوئـﻶ هين-
ولقد خلقنا الانسان من سُلالة من طين- ثم جعلنٰہ نطفةً في قرار
مکين- ثم خلقنا النُطفةَ علقةَ فخلقنا العلقةَ
مضغةَ فخلقنا المُضغةَ عظاماً فکسونا العظام لحماً
ثم انشاءانة خلقاً آخر فتبارک الله احسن الخالقين-
هم نـﻶ انسان کو مڻي سـﻶ پيدا کيا، مڻي سـﻶ نطفہ، نطفہ سـﻶ
علقہ، علقہ سـﻶ مضففہ اور مضغفہ سـﻶ عظام- ”خلقاً
آخر“ هر ايک پر صورت کا ڻهپہ لگا ديا- الگ الگ
کرديا هر ايک دوسرﻵ سـﻶ جدا هوگيا.
انسان کو پيدا کيا- اسکو فقط اپنـﻶ ليـﻶ پيدا کيا- اسکو عقل دي،
کسي اور مخلوق کو نهين دي- ماضي کي خبرين بهي ياد
رکهتا هـﻶ- مستقبل کي بهي فکر رکهتا هـﻶ- حال پر
بهي نظر هـﻶ- سب جاندارون سـﻶ مقرب عندالله انسان
کو بنايا- انسان کو آزاد بنايا باقي ساري مخلوق کو
مقيد کر ديا- يہ جس طرح چاهـﻶ چل سکتا هـﻶ جس طرح
چاهـﻶ کر سکتا هـﻶ کهانـﻶ پينـﻶ مين آزاد کسي کـﻶ
تابع نهين- باقي مخلوق کو انسانون کـﻶ تابع کر
ديا- گدها زنجير مين بندها رهتا هـﻶ- گهوڙا اس سـﻶ
قوي هـﻶ تو رسي مين باندها جاتا هـﻶ- اس سـﻶ قوي
اونٽ هـﻶ اس کو نکيل مين دهاگـﻶ سـﻶ بانده کر کئي
اونڻون کو ايک ساتهه ايک بچہ ليکر چلتا هـﻶ اس سـﻶ
قوي تر هاتهي هـﻶ وه بغير کسي باندهنـﻶ سـﻶ انسان
کـﻶ تابع هـﻶ- انسان کـﻶ سوا کسي مخلوق کيلئـﻶ
کهانـﻶ کا اهتمام نهين دستر خوان نهين لگتا- انسان
کيلـﻶ عزت هـﻶ وه هاتهه سـﻶ کهاتا هـﻶ دوسري مخلوق
منہ سـﻶ کهاتي هـﻶ، دوسري مخلوق چهلکون والا اناج
کهاتي هـﻶ، گهاس کهاتي هـﻶ درختون کـﻶ پتـﻶ چباتي
رهتي هـﻶ- انسان کيليئـﻶ اعزاز هـﻶ کہ صاف ستهرا
طعام کهاتا هـﻶ دن مين ايک دو وقت کهاتا هـﻶ تو
کفايت هوجاتي هـﻶ، باقي جانور سارا وقت کهاتـﻶ
رهتـﻶ هين- انسان کا کهانا اچها، رهنا اچها پهر
اسکو تمدن مين کر ديا- شهر بنا کر رهتـﻶ هين-
جائـﻶ قرار اور امن کـﻶ ساتهه رهنا اور سب اکڻهـﻶ
هو کر رهتـﻶ هين- باقي جانور اپني مرضي سـﻶ نهين
ره سکتـﻶ- کهين جائـﻶ قرار انکو نهين- مسخر بن کر
رهتـﻶ هين- ان کان دودهه انسان کـﻶ پنيـﻶ کيلئـﻶ
هـﻶ، ان کـﻶ بچـﻶ بهوک مين مر رهـﻶ هوتـﻶ هين، مگر
ان کان دودهه بچون کيلـﻶ نهين آپکـﻶ لئـﻶ هـﻶ.
آپ جب چاهين ان کـﻶ بچون کو ذبح کر لين يا خود ان کو ذبح کر کـﻶ
کهالين يا جاکر کهين بيچ ڊالين- آپ کا اپنا بچہ
کام سـﻶ انکار کر سکتـا هـﻶ مگر آپ کا گهوڙا کبهي
انکار نهين کريگا کہ مين تهک چکا هون اور اب سفر
پر نهين چل سکتا- تاريخ مين کبهي نهين سنا گيا کہ
کسي دوسري مخلوق نـﻶ انسان کو مسخر کر ديا هو يا
ان کو غلام بنا ديا هو- تو يہ سب باتين اشاره کرتي
هين کہ دنيا مين مکّرم صرف انسان هـﻶ- چاند ستارﻵ
زمين و آسمان اور هر چيز کو مسخر کيا گيا هـﻶ
انسان کيلئـﻶکہ ان سـﻶ فائده حاصل کرﻵ- يہ سب
چيزين کسي اور کيلئـﻶ نهين هين-
انسان کو هر مخلوق سـﻶ الگ کيا گيا هـﻶ اور سب پر بڙا بنا ديا
گيا هـﻶ تو اس کا کام بهي الگ هوگا اور کام بهي
بڙا هوگا- کئي گهوڙﻵ هين کسي پر سفر کيا جاتا هـﻶ،
کسي کو تانگـﻶ مين ڊالا جاتا هـﻶ کسي پر گهاس لايا
جاتا هـﻶ، مگر ايک گهوڙﻵ کو جدا رکها گيا هـﻶ اس
سـﻶ يہ کام نهين لئـﻶ جاتـﻶ تو معلوم هوا کہ يہ
کسي خاص کام کيلئـﻶ هـﻶ- مثلاً اس گهوڙﻵ کو مقابلہ
اور سبقت کيلئـﻶ رکها گيا هـﻶ- اس طرح کئي آپس مين
بهائي هين سب کو جدا جدا کام سونپـﻶ گئـﻶ هين هر
ايک کو اپني ڊيوڻي هـﻶ مگر بڙا بهائي کوئي کام
نهين کرتا- اسلئـﻶ کہ اس سـﻶ کوئي بڙا کام ليا
جاتا هـﻶ مثلاً سب کي نگراني کرتا هـﻶ- لوگون کـﻶ
فيصلـﻶ کرتا هـﻶ اور اهم کامون مين اس کي ضرورت
هوتي هـﻶ.
اس طرح انسان جان لـﻶ کہ اس کي عزت جو پوري مخلوق مين کي گئي
هـﻶ تو اس کـﻶ ذمہ بهي کوئي بڙا کام هـﻶ اور وه
کام يہ هـﻶ کہ يہ صرف خدا کـﻶ ساتهه تعلق رکهـﻶ
اور توحيد کا علمبردار بنـﻶ- اور اپنـﻶ مالک کا
مطيع هو جائـﻶ- اگر يہ کام نہ کر سکا تو سزا بهي
بهت بهاري هـﻶ- چهوڻا غلطي کر تا هـﻶ تو معافي کـﻶ
لائق هو جاتا هـﻶ، بڙﻵ کي غلطي معاف نهين کي جاتي-
بادشاه کي خيانت اگر وزيراعظم کرﻵ يا سپہ سالار
کرﻵ تو ان کيلئـﻶ بڙي سزا هوگي کيونکہ ان سـﻶ
نقصان بهي زياده سرزد هوا هـﻶ-
حضور کريم ﷺ کي ازواج مطهرات کو کها گيا کہ ”تم سـﻶ کوئي
ناشائستہ کام هوگا تو تمهين عذاب بهي باقي
مسلمانون کـﻶ مقابلہ مين دگنا هوگا.“ اس طرح
انسانو کي اتني تکريم کي گئي تو اگر يہ بهي اپنـﻶ
ذمہ کـﻶ کام نهين کرينگـﻶ تو ان کو بڙي سزا ملـﻶ
گي- قيامت کـﻶ دن جانورن کيلئـﻶ جزا و سزا نهين
هوگي بلکہ ان کو زندهه کر کـﻶ مڻي هونـﻶ کا حکم
ديا جائيگا تو انسان ان کو ديکهه کر کهـﻶ گا کہ
کاش مين دنيا مين انسان نہ هوتا ايسا جانور هوتا
اور اب مڻي هو جاتا! يا جب مر کر مڻي هوا تو پهر
زنده نہ هوتا! يا مڻي هي رهتا کہ انسان هوکر پيدا
هي نہ هوتا! يعني دنيا والي مڻي هي رهتا- يہ تينون
تو جيهين هو سکتي هين.
انسان کو خاک سـﻶ پيدا کرکـﻶ افلاک تک پنهچا ديا گيا- جب اس نـﻶ
اس کا حق ادا نہ کيا تو خود هي حسرت کر کـﻶ کهـﻶ
گا کہ مڻي هي هوتا، انسان هونا عقلمند هونا، شرف و
عزت والا بننا يہ سب کچهه نہ هوتا-.
ملفوظ 40
کسي نـﻶ سوال کيا کہ مستقبل کا علم کسي کو هو سکتا هـﻶ؟
اس پر ارشاد فرمايا کہ:
مستقبل کا علم يہ غيب کي چيز هـﻶ- اس کـﻶ متعلق ارشاد خداوندي
هـﻶ کہ:
لا يعلم الغيب الاً الله- غيب کا علم الله تعاليٰ کـﻶ سوا کسي
کو نهين- هماري رهبري کيلئـﻶ تين راهين هين- (1)
استخاره (2) مشوره (3) توکّل علي الله- استخاره
کيلئـﻶ حضرت انس رضہ فرماتـﻶ هين کہ سات مرتبہ تک
کيا جا سکتا هـﻶ پهر جو چيز دل مين آجائـﻶ اسپر
عمل کيا جائـﻶ- مشوره عقلاء سـﻶ کيا جائـﻶ و شاور
هم في الامر- يا توکل کي جائـﻶ فاذا عزمت فتوکلّ
علي الله.
ملفوظ 41
ڪنهن شخص پڇيو ته سائين ڇوڪرين کي وڪڻجي ٿو. اهو نڪاح صحيح آهي
يا نه؟
ارشاد فرمايائون ته:
اها حر (آزاد انسان) جي بيع آهي، سا حرام آهي. اهو غلط ڪم آهي.
باقي نڪاح ٿي ويندو. جيڪڏهن رقم ڪابين ۾ ڏجي ته
اها صحيح آهي. ڪابين گهٽ ۾ گهٽ اڍائي رپيا چاندي
جا آهي. وڌ ۾ وڌ جيترو به هجي. جيڪڏهن ڇوڪري پئسن
کان سواءِ نٿي ملي ته اها رقم اول ڇوڪري کي هٿ ۾
ڏجي پوءِ اها رقم ڇوڪري ڪنهن کي به ڏيئي ڇڏي. ان
حيلي سان جائز ٿيندي.
ملفوظ 42
ڪنهن شخص سوال ڪيو ته حضور ڪريم ﷺ جن جو جنازو ڪيئن پڙهيو ويو؟
جواب ۾ فرمايائون:
حضرت شيخ عبدالحق محدث دهلوي رح لکيو آهي ته حضور ڪريم ﷺ جن جو
جنازو ڪمري ۾ رکيل هو. ان ۾ صحابه ڪرام رضي الله
عنهم ٽولا ٽولا ٿي اندر پيا وڃن ۽ بيٺي بيٺي صلاة
و سلام پڙهي واپس پيا موٽن. اول اهل بيت ويا، پوءِ
مهاجرين پوءِ انصار ويا، پوءِ عورتون، پوءِ ڇوڪرا
۽ غلام. ان طريقي تي جنازو ادا ڪيو ويو.
ملفوظ 43
ڪنهن شخص سوال ڪيو ته استخاره لاءِ ڇا حڪم آهي؟
فرمايائون:
هر ڪم لاءِ استخارو ڪرڻ سٺي شيءِ آهي. مستقبل جو علم الله
تعاليٰ ڄاڻي ٿو. ڪنهن ڪم جي استخاري ڪرڻ لاءِ اها
دعا پڙهڻ گهرجي جيڪا حضور ڪريم ﷺ جن ٻڌائي آهي.
ملفوظ 44
مجلس ۾ اهل تشيع جي ڳالهه نڪتي ته ان تي ارشاد فرمايائون:
هندوستان جو مغل بادشاه، جهانگير نالي هو. سندس زال نورجهان
هئي. ان سان ڏاڍو تعلق هيس. زال چويس ته تون شيعو
ٿيءُ، هي ان کان انڪار ڪري پيو. نيٺ ڳالهه وڃي ان
تي بيٺي ته ٻنهي طرفن جا علماءَ گڏ ٿين ۽ پاڻ ۾
مناظرو ڪن،پوءِ جيڪو فيصلو ٿيو اهو قبول آهي.
نورجهان، شيعن جي وڏي عالم نور الله شوستري کي گهرايو، جيڪو شرح
تهذيب جو محشي آهي. ان کي بادشاه سان گڏ ويهاريو
ويو، ٻيا عالم هيٺ اچي ويٺا. عالمن اعتراض ورتو ته
هو مٿي ويٺو آهي ۽ اسان هيٺ، اهو مناظرو ڪيئن
ٿيندو.
درٻاري چيو ته اوهان صبر ڪريو، مان ان ڪم کي ڏسان ٿو. مجلس تيار
ٿي وئي ته درٻاري علامه شوستري کي چيو ته مناقب
سرور کائنات ﷺ چيزي بگو-
(ڪجهه حضور ﷺ جا فضائل ٻڌايو)
هُن ڪجهه فضائل ٻڌايا، وري درٻاري چيو ته:
مناقب خاتون جنت رضه چيزي بگو-
(ڪجهه خاتون جنت رضه جا فضائل ٻڌايو)
هُن ڪجهه فضائل ٻڌايا، وري درٻاري چيو ته:
مناقب حضرت علي رضه چيزي بگو-
(حضرت علي رضه جا ڪجهه فضائل ٻڌايو)
هن ڪجهه فضائل ٻڌايا، وري درٻاري چيو ته:
مناقب حضرت حسن رضه چيزي بگو-
(حضرت امام حسن رضه جا فضائل ٻڌايو)
هن ڪجهه فضائل ٻڌايا، وري درٻاري چيو ته:
مناقب حضرت حسين رضه چيزي بگو-
(حضرت امام حسين رضه جا فضائل ٻڌايو)
هن ڪجهه فضائل ٻڌايا، وري درٻاري چيو ته:
مناقب نظام الدين چيزي بگو-
(نظام الدين اولياءَ جا فضائل ٻڌايو)
هن جواب ڏنو ته:
من نمي دانم که نظام الدين کدام خراست.
(مان نٿو ڄاڻان ته نظام الدين ڪهڙو گڏهه آهي؟)
حضرت نظام الدين اولياءُ بادشاه جو مرشد هو. بادشاه جڏهن پنهنجي
مرشد لاءِ اهي اکر ٻڌا ته حڪم ڪيائين ته هن کي
فوراً قتل ڪيو وڃي. راڻيءَ ڏاڍيون منٿون ڪيون ته
معافي ڏني وڃي- افسوس ڪرڻ لڳي، چيائين ته مناظرو
ته جيڪي ٿيو پر هاڻي ته سر ٿو وڃيس.
بادشاه کي آزيون نيزاريون ڪيائين پر بادشاه پڙ ڪڍي بهي رهيو.
چوڻ لڳو.
دنيا دادم، دولت دادم، دل دادم
ولي دين نمي دادم
(توکي دنيا ڏنم، دولت ڏنم، دل ڏنم، پر دين ايمان نه ڏنو اٿم)
ايئن چئي پوءِ ان کي قتل ڪرائي ڇڏيائين.
17 شعبان المعظم1380 هه ڇنڇر جو ڏينهن
ملفوظ 44
مجلس ۾ سنڌ جي تاريخ جو ذڪر نڪتو ته حضرت اقدس رح جن هن طرح
گفتگو فرمائي:
هت اسان وٽ 1262هه ۾ ٻوڏ آئي هئي. حج واري رات هئي. ان ڪري ان
پاڻي کي ماڻهو حاجي پاڻي چوندا آهن. ان وقت ريڻي
(ڍَنڍَ) وُڙهي هئي. هاڻي وري ڪوشش ڪن ٿا ته ان کي
وهائيون. اهو ريڻي ڪڏهن درياهه هيو. اتي پنگهار
درياهه هيو. اتي ئي سهڻي ميهار جو واقعو ٿيو هو.
خدا جي قدرت سنڌ جي تاريخ کليل نه آهي. سنڌ جون مشهور شخصيتون،
تاريخي واقعا سڀ مخفي آهن. ڪنهن به انهن کي کولڻ
جي ڪوشش نه ڪئي آهي. سنڌ جي فتح تي مصر ۾ هڪ ڪتاب
ڇپيو هو. عربي ۾ لکيل هو، ان ۾ مهراڻ جو ذڪر هو.
سنڌ جي تاريخ ۽ اڳين حڪومتن جو تذڪرو هو. حضرت
امروٽي رح جن گهرايو هو. هاڻي خبر نه آهي، ڪهڙي
طرح گم ٿي ويو. اهل سنڌ پنهنجن جو ذڪر ضائع ڪري
ڇڏيو!
مخدوم پير محمد صاحب کهڙن واري ”جهان نما“ تاريخ لکي هئي کهڙن
جو اهو پويون بزرگ ٿي گذريو آهي. وري ان کان بعد
ڪو اهل علم پيدا نه ٿيو. مخدوم صاحب جو اهو ڪتاب
شائع ڪرڻ لاءِ گهريو ويو، ليڪن نه ڏنائون.
مخدوم عبدالخالق فقہ جو ڪتاب ”معدن المسائل“ لکيو. تقريباً شامي
(فقہ حنفي جو مستند ڪتاب) جيترو وڏو هيو. اهو به
ضايع ڪري ڇڏيائون، شائع ڪرڻ نه ڏنائون. جهِل جي
ڪري، جهل وڏو عيب آهي.
ٿوري توقف کان پوءِ فرمايائون ته حاجي محمد ايوب صاحب رحمة الله
عليه جو زمانو هو. سندن قبر قبي جامي (تعلقي
شڪارپور) ۾ آهي. انهن تماڪو پوکڻ کان ممانعت ڪئي
هئي. پوءِ سندن اهڙو اثر هيو، جو جيڪو به شخص تماڪ
پوکي ته اهو کوه ئي ويران ٿي وڃي. انهن سان بيعت
ڪئي مخدوم جمال الله صاحب رحمت الله عليه ابڙي-
انهن سان بيعت ڪئي مخدوم محمد اسماعيل صاحب رحمہ
الله عليه پريالوءِ شريف وارن.
مخدوم جمال الله صاحب رحمہ الله عليه جن جو ڀاءُ حاجي محمد ايوب
صاحب رح وٽ پڙهندو هو. هڪ دفعي مخدوم صاحب پنهنجي
ڀاءُ سان ملڻ ويو، اتي ڏٺائين ته طالب العلم ڪو نه
هئا. کين ٻڌايو ويو ته مينهون تڙ تي ويون هيون،
اتان کير جا ٿانوَ کڻڻ ويا آهن، پوءِ ڏٺائين ته
حاجي صاحب رح جن پاڻ ٿانوَ کنيو پيا اچن. ان کان
پوءِ مخدوم صاحب جن حاجي صاحب رح سان بيعت ڪئي.
حضرت حاجي محمد ايوب صاحب رح جن بيعت ڪئي هئي،
حضرت سعدي لاهوري رح سان ۽ انهن وري بيعت ڪئي حضرت
آدم بِنوري رح سان، انهن جي بيعت هئي حضرت مجددّ
الف ثاني رحمہ الله عليه جن سان.
شڪارپور جي ويجهو هڪ ڳوٺ قرن آهي. اتي هڪ شخص وڏو ظالم رهندو
هو. ڏاڍا ظلم ڪندو هو. پوءِ حضرت حاجي صاحب رح وٽ
آيو ته مون لاءِ دعا گهرو. حاجي صاحب جن فرمايو ته
ساري مخلوق جا هٿ الله وٽ تنهنجي ابتڙ کنيل آهن،
ته منهنجا هٿ ڪهڙي وقعت ٿا رکن. پوءِ اهو شخص تباه
ٿي ويو!
پٺاڻن جي حڪومت هئي. هڪ پٺاڻ ظالم هو. جنهن ماڻهوءَ جي خوبصورت
عورت ڏسي ته ان کي کڻائي اچي گهر ۾ رکي. ڏاڍو
ماڻهن سان آزاد هو. ماڻهو گڏجي حضرت حيدر حقاني
رحمہ الله عليه وٽ آيا. چيائون ته هيءُ آزار آهي.
حضرت رح جو هڪ مريد حجم هيو. ذڪر اذڪار ڪندو هو. ۽
فنا في الشيخ هيو پر ان کان وڌيڪ هن جي منزل نه
هئي. يعني فنا في الله جي مرتبي تي چڙهي نٿي
سگهيو. حضرت رح جن ان کي حڪم ڏنو ته ان ظالم شخص
کي قتل ڪري ڇڏ- هن سيرب لاءِ پاڪي تيار ڪئي پوءِ
ان ظالم پٺاڻ جي خط وٺڻ لاءِ ويو. سيرب ٺاهيندي هن
جي ڳچي لاهي ڇڏيائين. پوءِ هن جي لاش تي ڪپڙو وجهي
دروازي جو ڪڙو بند ڪري سڌو حضرت جي خدمت ۾ آيو ۽
چيائين ته حڪم جي تعميل ڪري آيو آهيان. پٺاڻ جا
وارث پهتا، ڏسن ته همراه ڪٺو پيو آهي ۽ پوءِ حضرت
وٽ پهتا. حضرت رح جن انهن کي جواب ڏنو ته حجم هتي،
حجري ۾ ويٺو آهي اتي وڃوس.
حجم چيو ته مرشد ته مون کي مارائي ٿو، حڪم به پاڻ ڪيائين وري
حجري ۾ به وهاريائين، هاڻي وري ڏس پيو ڏئي. اتي
حجم الله تعاليٰ ڏانهن متوجه ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته يا
الله! تون بچاءِ- جڏهن سندس مرشد ڏٺو ته هيءُ هاڻي
فنا في الله ٿي ويو آهي ته دعا گهريائين ته يا
الله هن ظالم جي حقيقت کولي ڇڏ- پوءِ اهو لاش
مِرون (سوئر) جي شڪل ٿي ويو. ماڻهن ڏٺو ته اتي
مرون ڪٺو پيو آهي. حجم چين ته خان تي مرونءَ حملو
ڪيو هو ۽ هن مِرونءَ کي ڪٺو آهي. هاڻي مرونءَ جي
قبر مشهور آهي. اها قبر روهڙي ۾ آهي.
حضرت عائشه صديقه رضي الله عنها کي حضور ﷺ جن سان ڏاڍي محبت هئي
۽ فنا في الرسول هئي اِفڪ وارو واقعو پيش آيو ته
هن الله تعاليٰ ڏي رجوع ڪيو. الله تعاليٰ برائت
ڪئي، حضرت عائشه صديقه رضه کي چيو ويو ته حضور
اڪرم ﷺ جن جو شڪريو ادا ڪر، ته هن چيو ته ”لا احمد
الا الله“ (شڪريو صرف الله جي لاءِ آهي) جنهن
منهنجي برائت ڪئي ۽ اهڙي طرح هيٺين درجي کان چڙهي
مٿي وڃي پهتي. ان طرح محبت هيٺان شروع ٿئي ٿي ۽
وڃي مٿي پهچي ٿي.
انبياءِ عليهم السلام ۽ اولياءِ ڪرام الله تعاليٰ ڏانهن پهچائڻ
جا ذريعا آهن. انسان الله تي اعتماد ڪري. معتمد
عليہ قاضي الحاجات رب سائين کي سمجهي ان کي پنهنجو
مقصود ڄاڻي- انسان وري انهن ذريعن ۾ ڦاسي وڃن ٿا ۽
مقصود بالذات کي ڇڏي ڏين ٿا. ورنه اصل ۾ انبياءِ ۽
اولياءِ ته اهو سبق ٻڌائين ٿا ته اوهان پنهنجو
تعلق خالق سان ڳنڍيو ۽ ماسوي الله کان خالي بنجي
وڃو.
ملفوظ 45
هڪ خادم عرض ڪيو ته ”هت گاديلو رکيو هو، اهو گم ٿي ويو آهي.“
پاڻ فرمايائون ته ”پٽ! اهو ويو ته الله تعاليٰ
ٻيو ڏيندو. بندي ڏي پرائو حق نه هجي. ٻي ڏي
پنهنجو حق هجي ته ڀل هجي. اهو الله تعاليٰ پاڻهي
وصول ڪري ڏيندو. قيامت جي ڏينهن ٻئي جو حق ڀري ڏيڻ
ڏاڍو ڏکيو آهي. ٻئي ڏي پيل حق هوندو ته الله
تعاليٰ ان جا ثواب حق واري کي ڏيندو. جي ثواب نه
هوندس ته حق واري جا گناهه ان تي چڙهندا. اهو الله
تعاليٰ جو فيصلو ڏاڍو سٺو آهي.“
ملفوظ 46
ڪنهن شخص پڇيو ته ذڪر ڪرڻ وقت دل جو چرڻ ڪيئن آهي؟
پاڻ ارشاد فرمايائون ته حڪيم فضل الله شڪارپور
واري، حضرت مولانا ٿانوي ڏانهن لکيو ته مون کي ذڪر
ڪرڻ وقت دل ۾ تحرڪ پيدا ٿئي ٿو. مولانا جواب ڏنس
ته ”جيڪو ذڪر اسان توکي ڏسيو آهي اهو ته ڪندو
رهه،م باقي دل ۾ چرپر ته اهو خفقان جو مرض ٿو
معلوم ٿئي. ان لاءِ اوهان حڪيم آهيو، اوهان پاڻ ئي
علاج ڪيو. اصل شيءَ آهي ته قلب جو تعلق رب سان ٿي
وڃي. باقي ٻيون شيون اهي ماڻهن جون ٺهيل آهن.
دانهون ڪرڻ، دل جو چرڻ وغيره ان جو شريعت ۾ ڪو
بنياد نه آهي.
18 شعبان المعظم 1380 هه آچر جو ڏينهن |