ان جي معنيٰ آهي ته اصل وسار ئي نه – ڪنهن وقت به نه وسار-
”تذڪر قلب“ اهڙي شيءِ آهي جو انسان کي ڪنهن به ڪم
کان رنڊڪ نٿي وجهي سگهي. جنهن جو مثال ائين آهي ته
هڪ عورت گهر ۾ باهه ٻاريان جي مٿان کاڌي پچائڻ
لاءِ ڪُني چاڙهي پوءِ خيال آيس ته پاڻي ڪونه آهي –
انڪري کوه تان پاڻي ڀرڻ وئي، ننڍڙو ٻارڙو اتي
سمهائي وئي.
هاڻي پاڻي ڀري موٽي هڪ دلو مٿي تي ٻيو ڪڇ تي اٿس. ٻئي هٿ سوگها
ٿي ويس. پيرن سان پنڌ پئي ڪري ته پير به مصروف
ٿيا. ساڻس گڏ هڪ عورت آهي، ان سان ڳالهائيندي پئي
اچي ته زبان ۽ ڪَن به مصروف ٿي ويا. ان طرح پوري
عورت جڪڙجي وئي، مگر ان هوندي به سندس خيال ان ٻار
ڏي هوندس ته متان ٻلي اچي ۽ ڪني کي ٻار تي ڪيرائي
يا ٻار باهه جي ويجهو اچي وڃي. ان خطري جي ڪري
تڪڙا تڪڙا قدم کڻي گهر اچي ٿي. اها عورت توڙي جو
هر طرح مصروف آهي، مگر دل ان جي فقط ان ٻار ۾
ٽنگيل آهي.
اهڙي طرح الله جي ياد به هر وقت هر لمحي انسان تي قائم رهي. ڪم
ڪار به هجي، گفتگو به هجي، ٻيون مصروفيتون به هجن،
مگر دل جو تعلق فقط الله تعاليٰ ڏانهن هجي.
حديث قدسي آهي. حضرت ابن عباس رضه کان روايت آهي. الله تعاليٰ
فرمايو ته:
ان العبد کل العبدِلي
ٻانهون سڄو سارو منهنجو آهي. ڪهڙي به جهد ۾ آهي ته به مونکي نٿو
وساري.
ذڪر کي دائمي حيثيت حاصل آهي. هيءَ وقتي ۽ محدود عبادت نه آهي.
ذڪر جو پهريون ڏاڪو ”زباني ذڪر“ آهي. جيئن ٻار
پهريون الف – ب پڙهي ٿو ۽ پوءِ قرآن شريف پڙهندو
آهي.
ان طرح پهريون زباني ذڪر ڪرڻ سان قلب تي ذڪر جو اثر پوندو. ان
جو نتيجو اهو نڪرندو ته معائنو کلندو – ٻانهو جڏهن
رب کي ڏسندو آهي ته ان کان ذڪر غائب نه ٿيندو آهي.
پهريون ذڪر سان جڏهن معائنو ٿئي – معائنو کلي ته
اهو هميشه ياد هوندو ۽ هميشه فڪر لڳل هوندو.
خبرون ڪنديون کبڙيون لس ليون لاڻا،
جان جان گهڙن تار ۾ تان تان تڪن تار کي.
الله جا طالب جڏهن انهن کي رب جو مشاهدو ٿيندو آهي ته اهي اڳتي
وڌندا آهن –
ذڪر جو اصل مقصود رب جو تعلق آهي. ان شخص کي لذت ايندي جنهن کي
قلب ۾ يقين هوندو. اهي شخص ٻي هر شيءِ کان تنگ
ٿيندا آهن. خدا جي ياد ۾ محو رهڻ سان انهن کي لذت
حاصل ٿيندي آهي. قلبي ذڪر سان رب جو مشاهدو ٿيندو
آهي. زباني ذڪر جا فائدا حديثن ۾ وارد آهن.
ان العبد ليتکلّم بالکلمہ من رضوان الله
لا يلقيٰ لها بال يرفع الله بها درجات
ته ذڪر زباني به وڏي قيمتي شيءِ آهي. باقي علم جي خدمت ڪرڻ به
وڏي اهم شيءِ آهي. علم سان هر ڪم درست ٿئي ٿو، علم
وڏو ذريعو آهي.
قرآن مجيد کي سوچ سان پڙهڻ گهرجي. اسان مٿان مٿان پڙهي ٿا وڃون.
الحمدلله ان جو به اثر ٿئي ٿو – پر اصل فائدو تڏهن
ٿيندو جڏهن سوچ ۽ غور سان قرآن مجيد پڙهيو وڃي.
اهڙي طرح ذڪر به سوچ ۽ غور وارو فائديمند آهي،
جنهن ۾ دل جو توجه ربّ سائين ڏي ٿي وڃي. باقي ائين
الله الله ڪرڻ به فائدي وارو آهي.
فاليوم لا تظلم نفسُ شيئاً
قيامت جي ڏينهن هر نيڪي جو بدلو ڏنو ويندو – ڪنهن سان به ذري
برابر ظلم نه ڪيو ويندو.
ملفوظ 72
مولوي عبيدالله صاحب سکر واري حضرت رح کان سوال پڇيو ته:
حضرت! قرآن پڙهتـﻶ وقت کونسي سکينہ نازل هوتي هـﻶ اور اس کا کيا
اثر هوتا هـﻶ؟
ان تي پاڻ فرمايائون ته:
قرآن مجيد ايک خدائي نور هـﻶ وه انسان کـﻶ قلب پر اترتا هـﻶ -
مگر بات يہ کہ قلب مين صلاحيت اور لياقت هو – اگر
لياقت نهين هوگي تو اثر نهين هوگا، الله تعاليٰ
نـﻶ فرمايا هـﻶ کہ جو لوگ قرآن مجيد کي تصديق نهين
کرتـﻶ ان کيلئـﻶ ”حجاباً مستوراً“ يعني خدا اور
قلب کـﻶ درميان مخفي پرده آجاتا هـﻶ اس وجہ سـﻶ ان
کـﻶ قلب پر کوئي اثر نهين پڙتا – انسان کو چاهيئـﻶ
کہ پهلـﻶ دل کي تصديق حاصل کرﻵ پهر اس راستہ پر
چلـﻶ جو راستہ حضور کريم ﷺ نـﻶ مقرر فرمايا هـﻶ -
وهي ايک راستہ هـﻶ جو خدا کي طرف جاتا هـﻶ دوسرا
کوئي راستہ نهين هـﻶ - يہ راستہ قرآن مجيد کي شکل
مين موجود هـﻶ -
فَبِاَيِّ حَدِيٌثِ بَعٌدَهٌ يُوٌمِنُوٌنِ –
چونکہ الله تعاليٰ کو شرکاء پسند نهين اسلئـﻶ پهلـﻶ قلب کو پاک
و صاف کيا جائـﻶ تمام خيالات سـﻶ قلب کي تطهير کي
جائـﻶ پهر قرآن کي تلاوت کرﻵ گا تو اسپر اثرات
مرتب هوتـﻶ جائينگـﻶ - الله تعاليٰ اخلاص کو پسند
کرتا هـﻶ، اس کا اثر يہ هو تا هـﻶ کہ
تَقشَعرِّ جُلودُ الذين يخشون ربَهم
بدن کانپ اڻهتـﻶ هين خدا سـﻶ ڊرنـﻶ والون کـﻶ قرآن پڙهتـﻶ وقت –
يہ حالت بندﻵ کي هو جائـﻶ - مگر بـﻶ حال هو جانا، کپڙﻵ پهاڙنا،
خاک آلود هونا يہ شيطان کي طرف سـﻶ هـﻶ يہ حالت
رسول کريم ﷺ اور صحابہ رضہ کي نهين تهي – ايسي
حالت پيدا کرنا لوگون کي اپني طرف سـﻶ هـﻶ يا
شيطان کي طرف سـﻶ هـﻶ - قرآن مجيد پڙهـتـﻶ وقت
الله کا نور قلبِ مومن پر اترتا هـﻶ جس کي وجہ سـﻶ
ايمان و تصديق مين مزيد اضافہ هو جاتا هـﻶ اور يهي
الله تعاليٰ کي طرف سـﻶ سکينہ هـﻶ جو اسپر نازل هو
رهي هـﻶ -
25 شعبان المعظم 1380 هه آچر جو ڏينهن.
ملفوظ 73
ڪنهن شخص سوال ڪيو ته قرآن مجيد ۾ ٻن موتن ۽ ٻن حياتن جو ذڪر
آهي ان مان ڇا مراد آهي.
ان متعلق ارشاد فرمايائون ته قرآن مجيد ۾ مجرمين طرفان قيامت جي
ڏينهن پنهنجي گناهن جي اعتراف جي سلسلي ۾ ارشاد
فرمايو ويو آهي ته:
قالوا رَبّنا اَمتّنا اثنَتَين وَاحيَيتنَا اثنَتَين فاعتر فنا
بذنوبنا فهل اليٰ خروج مِّنٌ سَبِيٌلِ ط.
اي اسان جا پالڻهار! اسان کي ٻه موت ۽ ٻه حياتيون تون ڏنيون پر
اسان پنهنجو اصلاح نه ڪيو، هاڻي گناهن جو اعتراف
ڪيون ٿا. ڇا هاڻي وري اسان لاءِ نجات جو ڪو رستو
آهي؟ ڪافر ٻيهر پيدا ٿيڻ جو انڪار ڪندا هئا. جڏهن
اتي وري پيدا ٿي اٿندا ته پوءِ هنن کي ياد ايندو
ته اسان کي هڪ حياتي دنيا ۾ ملي هئي ۽ ٻي حياتي
هاڻي ملي آهي. ۽ موت هڪ اهو ته عدم ۾ هئاسون، نطفي
مان زنده ٿياسون ۽ وري دنيا جي حياتي جو خاتمو موت
سان ٿيو.
معائني کان پوءِ جڏهن حق اليقين ٿي ويو ته پوءِ اقرار ڪري رهيا
آهن. مگر اهو اقرار مفيد نه بڻبو. جنهن وقت اقرار
مفيد ٿئي ها ته ان وقت اقرار ڪونه ڪيائون. جيئن
زمين ۾ ٻج ڇٽڻ، هر ڪاهڻ ۽ پوک جو ثمر ٻَارِ کڻڻ
وقت سامهون اچي ٿو. ته ان وقت ڪو چوي ته ڪاش مان
به تياري ڪيان ها ته انهي حسرت جو هن کي ڪوبه
فائدو پهچي نه ٿو سگهي.
ملفوظ 74
وَلقَد ذرانَا لِجهنّم کَثيراً مِنَ الجِنّ والانس لَهم قُلوبُ
لاَ يفقهون بها ولَهم اَعيُن لا يُبصرون بِها ولهم
آذَانُ لا يَسمعون بها اولئڪ کالانعام بل هم اضلّ
اولئڪ هم الغافلون.
وَما خَلقتُ الجِنّ والانسِ الاّ ليَعبدُون.
الله تعاليٰ جي مخلوق جا 3 قسم آهن. هڪ مخلوق اها جن کي رڳو
عبادت لاءِ پيدا ڪيو اٿس. انهن کي ڪابه خواهش نه
ڏني وئي آهي. ٻي مخلوق جنهن ۾ خواهش رکي وئي آهي ۽
عبادت جو به حڪم ڏنو ويو آهي ٽين مخلوق جنهن ۾
خواهشون موجود آهن مگر عبادت جو حڪم انهن لاءِ نه
آهي. پهرين مخلوق جيئن ملائڪ آهن. انهن ۾ ڪابه
خواهش رکيل نه آهي. انهن ۾ رڳو عبادت وديعت آهي.
نه کاڌو پيتو، نه زال اولاد، نه سامان ملڪيت. ڪنهن
به شيءِ جو اونو ڪونه. جهڙي طرح سج چنڊ وغيره انهن
کي به حڪم ڪيو ويو آهي ته هو هميشه کان پنهنجي
مقرر وقت تي پنهنجي ڊيوٽي ادا ڪندا رهن. ڪيڏا
پراڻا ٿي ويا آهن پر انهن جي چال ۾ ڪوبه ذري جيترو
فرق نٿو اچي.
ٻي مخلوق آهي انسانن ۽ جنن جي. انهن کي عقل ۽ شعور به ڏنل آهي
انهن کي خواهشون به آهن ۽ انهن کي عبادت جو به حڪم
ڏنو ويو آهي. خواهشون ڏيئي وري روڪڻ جو به حڪم ڏنو
ويو آهي. اصل آزمائش انهي مخلوق جي آهي.
ٽين مخلوق جانورن جي آهي. انهن کي خواهشون آهن پر عقل نه ڏنو
ويو آهي. جانورن کي چئبو ته گاهه نه کائو، هن پوک
مان نه لنگهو، هيءَ پرائي شيءِ آهي انکي استعمال
نه ڪجو ته انهن کي خبر نه پوندي. ان ڪري انهن لاءِ
دنيا ۾ ڪوبه امتحان نه آهي.
انسان اهڙي مخلوق آهي، جنهن کي چيو ويو ته هو پنهنجي عقل ۽ شعور
سان الله تعاليٰ جي عبادت ڪري ۽ معرفت الاهي حاصل
ڪري. سوره فاتحه ۾ معرفت الاهي جو سبق مليل آهي.
الحمدلله
سڀ حمد ان لاءِ آهي يعني سمورا ”محامد حمد“ ان سان وابسته آهن.
ائين نه آهي ته صرف حمد ڪامل ان لاءِ آهي. ڇو ته
حمد ناقص محل ناقص جي سببان آهي. حمد ۾ خرابي نه
آهي. جيئن سج جو پاڇو هر جڳهه تي ٿئي ٿو، انڌاري
جڳهه ۾ انڌارو آهي ته اتي سج جو نقص. نه آهي مگر
محل جو نقص آهي.
رب العالمين
جهانن جو پاليندڙ. انسان جي پنهنجي حڪمت مطابق تربيت ڪري ٿو.
نيست مان هن کي وجود ۾ آندائين. بنا مادي جي هن کي
تيار ڪيائين اوسر ڏيئي ڪمال تائين پهچايائين. وري
ان تي زوال آڻي ٿو. دنيا جون ٻيون شيون ائين ئي
فنا ٿي وڃن ٿيون. هن لاءِ اهو شرف آهي ته مرڻ کان
پوءِ فاقبره – جڏهن ته ان جو وجود مشرف آهي ان ڪري
ان لاءِ قبر جو انتظام ڪيو وڃي ٿو.
الرحمٰن الرحيم
پيدائش کان پوءِ آثار رحمت جا ظاهر ٿين ٿا. ڪائنات ۾ سندس تصرف
جو مظهر هڪ رحمانيت ٻي رحيميت آهي.
ماءُ وٽ به رحمت هوندي آهي ۽ پيءُ وٽ به رحمت هوندي آهي. ماءُ
جي رحمت مٿان ۽ نقمت(سختي) هيٺان هوندي آهي ۽ پيءَ
جي رحمت ۾ نقمت مٿان رحمت هيٺان هوندي آهي.
ماءُ ٻار لاءِ ڪجهه به سهي نه سگهندي آهي. تان ته استاد جي مار
جيڪا تعليم لاءِ هوندي آهي ان کي به برداشت نه ڪري
سگهندي آهي، صرف محبت پاران. چوندي آهي ته ٻار ڀلي
نه پڙهي پر مار نه کائي. ان ڪري ته نه پاليو اٿم
ته هن کي مارون ملن! اهو سڀ ڪجهه محبت پاران ڪري
ٿي. ٻار برا ڪم ڪندو ته هن جو پاسو وٺندي، ان جي
وٽپا ڪندي. اهي سڀ ڪم محبت جي غلبي سبب ڪري ٿي. پر
ان جي هيٺان نقمت آهي. اڳتي هلي اهو ٻار خراب ٿي
ويندو. ذليل ۽ خوار ٿيندو. جاهل بڻبو. دنيا ۾
تڪليفون ۽ ڏک ڏسندو.
پيءَ جي رحمت جي مٿان نقمت هوندي آهي. پيءَ چوندو ته هيءُ برن
ڪمن کان بچي. بدمعاشن جي سنگت کان پري ٿي وڃي، دين
۾ اچي ته دنيا ۽ آخرت سڌري وڃيس. ان لاءِ استاد
مار ڏئيس ته ڀلي ڏئيس. پر هنکي پڙهڻ سيکاري. پيءُ
چوندو ته هي ڇوڪرو تنهن جو آهي هن کي ڀلي ماري رت
ڪڍي ڇڏينس پر تعليم ڏينس. پاڻ برن ڪمن کان بچائڻ
لاءِ هن تي سختيون ڪندو ۽ هن کي مارون ڪڍندو آهي.
ته اها سڀ شيءِ نقمت آهي پر سندس هيٺان رحمت موجود
آهي.
الله تعاليٰ انسان کي پيدا ڪيو. ان لاءِ هدايت موڪليائين ته هو
ان تي هلي عزت حاصل ڪري. فرمانبردار ٿي آخرت جي
زندگي کي ڪامياب ڪري. مگر هو نافرمان بنجي نفس جي
خواهشات جي ڪڍ لڳي ٿو. دنيا جي گندگي کي اختيار
ڪري ٿو. اسلام جي آب حيات کي ٺڪرائي ٿو ۽ دنيا ۾
ڪفر، شرڪ ۽ ظلم فساد ۾ لڳي وڃي ٿو. ان حالت ۾ به
الله تعاليٰ کيس نٿو پڪڙي، بلڪ هن جو رسو ڊگهو ڪري
ڇڏي ٿو. الله تعاليٰ هيئن به چاهي ٿو ته پنهنجن
مخالفن کي هن دنيا ۾ سون ۽ چاندي جا خزانا ڏيئي
ڇڏي. انهن جا گهر سون ۽ چانڊي جا هجن پر ان ڪري
فتنو پيدا ٿيندو ۽ سڀ انسان ڪفر ڏانهن مائل ٿي
ويندا.
ولَو لَا اَن يکونُ النّاس امّہً واحده لجعلنا لمن يکفرِ
بالرّحمٰن لبِيوتهم سقفا من فضہ
ته هو ڀلي ڪفر ڪن پر انهن جا گهر سون چاندي جا ڪري ڇڏيان. مونکي
ڀلي نه مڃين مان انهن کي ڏيندو رهان. دائمي نعمتن
کان ڀلي محروم آهن پر منهنجي مخلوق ته آهن. هن
دنيا ۾ رحمان وارو مظهر اتم آهي. رحمت جي اقتضا
آهي ته انهن کي دنيا ۾ آسودو رکان، پر ايئن ڪبو ته
ماڻهو اسلام تي رهي ڪونه سگهندا ۽ چوندا ته ڪفر کي
ايڏو مرتبو مليل آهي؟
انگريز هت آيا.گندا ڪم شروع ڪري ڏنائون. ڏاڙهيون ڪوڙائيندا هئا
جڏهن ماڻهن انهن کي ڏاڙهيون ڪوڙائيندي ڏٺو ته هي
به انهن وانگر ڏاڙهيون ڪوڙڻ لڳا. جي اڃان به مال
دولت ملين ها ته صفا انگريزن واري دين کي قبول ڪري
ڇڏين ها. پر جي ڪجهه خدا جا بندا انگريز جي انهيءَ
فتني کان بچي وڃن ها ته انگريز انهن کي زوريءَ
پنهنجي دين ۾ آڻين ها يا قتل ڪري ڇڏين ها. پر الله
تعاليٰ ايتري طاقت ڪفر کي نٿو ڏي ته متان سمورا
انسان مجبور ٿي ڪفر ڏي نه هليا وڃن.
ته اها حڪمت آهي رب تعاليٰ جي ته انهن ڪافرن کي ڊگهو رسو ملي ٿو
۽ پڪڙ نه ٿي ٿئي. ته اها ماءُ واري محبت آهي. اها
اعليٰ ۽ اتم نموني الله تعاليٰ ۾ موجود آهي.
وري الله تعاليٰ پنهنجي پاڪ ٻانهن کي دنيا ۾ تڪليفون ۽ سختيون
ڏئي ٿو. جهاد ۽ لڙائيون ڪن ٿا ايتري قدر جو چون ٿا
ته ”متي نصرالله“ ڪا ٿي آهي الله جي مدد؟ ڪڏهن
ايندي اها مدد؟ ته انهن کي جواب ڏنو وڃي ٿو ته
اَلّا اِنَّ نَصٌرَاللهِ قَرِيٌبُ. گهٻرايو نه
الله جي مدد ويجهي آهي. ڪمالات جي اڪتساب لاءِ
محنت ضروري آهي. محنت کان پوءِ سڀ ڪجهه ملندو.
اِنّ مع العُسرِ يُسراً – سختيون سهو ته پوءِ
سهنجايون ملنديون.
ته اها محبت پيءَ واري آهي جيڪا پڻ الله تعاليٰ ۾ موجود آهي.
معلوم ٿيو ته ماءُ ۽ پيءَ جي محبت ۽ رحمت، جا هن
دنيا ۾ آهي سا الله تعاليٰ جي محبت ۽ رحمت جو ٿوري
کان ٿورو عڪس آهي. الله تعاليٰ پنهنجي مخلوق سان
رحمٰن به آهي ته رحيم به آهي.
مَالِڪِ يَوٌمِ الِدّيٌنِ
اهو ارحم الراحمين جنهن جون نعمتون اڻ کٽ آهن. جنهن اسان لاءِ
ابدي نعمتون تيار ڪري رکيون آهن، اهو رحمت وارو رب
قيامت جي ڏينهن جو مالڪ ۽ مختار آهي.
ته جڏهن انسان کي پنهنجي رب جو ادراڪ ٿي وڃي ٿو ۽ ان جو ذهن ان
ڏانهن مائل ٿي وڃي ٿو ۽ خيال ڪري ٿو ته اهڙي
مهربان ۽ منعم سان تعلق رکڻ گهرجي – ته چئي ڏئي
ٿو:
اياڪ نعبد وايّاڪ نستعين
يعني مون لاءِ اها ڳالهه متحقّق ٿي وئي ته عبادت ۽ استعانت فقط
تنهنجي لاءِ آهي. نه ڪنهن ٻئي لاءِ عبادت آهي نه
وري ڪنهن کان استعانت طلب ڪرڻي آهي. اهي انسان
ڀليل آهن جيڪي ٻين درن ڏانهن واجهائين ٿا ۽ پنهنجي
رب جي معرفت کان عاري ۽ خالي آهن.
ڇو ته انسان جي پيدائش جو مقصد رب جي معرفت حاصل ڪرڻ آهي. معرفت
کان پوءِ ئي قدر ٿيندو آهي. معرفت نه هوندي ته قدر
نه پيدا ٿيندو. اولاد آدم عليه السلام کي حڪم ڏنو
ويو ته
فامّا ياتينڪم مني هديً فمن تبع هدايَ فلا خوف عَليهم ولاهم
يحزنون.
هدايت قبول ڪرڻ واري کي جنت ۾ مڪمل داخلو ڏنو ويندو – حضرت آدم
عليه السلام کي پهريون جنت ۾ داخلو غير مڪمل هو،
خوف ۽ حزن سان گڏ هو ۽ بلاعوض هيو، انڪري ان جو
قدر نه ٿيو. جيئن اسان کي ماڻهو سٺا سٺا نسخا
ڏسيندا آهن ته انهن جو قدر نه هوندو آهي هر هڪ کي
ڏيندا آهيون.
پيربخش نالي سکر ۾ هيو، حضرت صاحب (حضرت امروٽي رح) جن وٽ ايندو
هو. ان وٽ پيٽ جي سور جو هڪ نسخو هيو. جنهن کي به
دوا ڏئي ته پيٽ جو درد ختم ٿي وڃي. مان ان کان
گهريم ته چيائين ته مون سان گڏ رهه ته توکي ڏيندس.
مان آخر ان سان جوڌپور تائين گڏ ويس پوءِ اهو نسخو
ڏنائين.
حضرت آدم عليه السلام کي قدر نه هيو. خوف به هيو ته متان نڪري
وڃون. پوءِ منع ڪيل شيءِ کاڌائون. پوءِ بدت لهما
سو آتهما – اگهاڙپ ظاهر ٿي پئي پوءِ کين حزن ٿيو.
تڪليف جي توقع هوندي آهي ته خوف ٿيندو آهي. تڪليف کان بعد خوف
ختم هاڻي حزن شروع ٿي ويندو.
ان ڪري فرمايو ويو
فلا خوف عليهم ولا هم يحزنون
هاڻي جنهن کي جنت ۾ داخلو ملندو ته ان کي خوف ۽ حزن نه هوندو
اهو مڪمل داخلو هوندو.
اتي سوال پيدا ٿئي ٿو ته حضرت آدم عليه السلام کي معافي ڪهڙي
ملي. معافي مليس ها ته اتي ئي جنت ۾ رهي پوي ها.
ته ان جو جواب هي آهي ته هاڻي حضرت آدم کي وڌيڪ شرف ملندو جو
اڳي هو اڪيلو جنت ۾ رهي ها ۽ هاڻي پوري اولاد ۽
ڪٽنب سان گڏ جنت ۾ رهندو. اڳي جنت مفت ۾ هئي ۽
هاڻي وري هدايت تي عمل ڪرڻ جي شرط سان جنت ۾ داخلو
ملندو.
الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته توهان صرف هڪ ڪم ڪيو جو دنيا ۾ فقط
منهنجا ٿي رهو ته پوءِ مان توهان کي اهڙيون نعمتون
عطا ڪندس جيڪي اکين جو ٺار هونديون.
فَلا تَعلم نَفس مَا اخفِي لَهم مِن قُره اعيُن جزاءَ بما کانوا
يعملون.
ڪوئي نفس نٿو ڄاڻي ته مان پنهنجن پيارن بندن لاءِ اکين جي ٺار
جهڙيون نعمتون ڇپائي رکيون آهن اهي نعمتون بدلو
آهن انهن ڪمن جو جيڪي هو دنيا ۾ ڪندا هئا. جنت ۾
انسان کي ڪابه تڪليف نه هوندي. دنيا ۾ ساريون
گندگيون آهن پر اتي ڪابه گندگي نه هوندي. نه وات ۾
نه نڪ ۾، نه وري فضلي جي حاجت هوندي. ڪڏهن به ٿَڪ
نه ٿيندو. هتي ته ڪم ڪار سان ٿڪ ٿئي ٿو پر صرف
ويهڻ سان به انسان ٿڪجي پئي ٿو. ته اهڙو رب جنهن
اهڙيون نعمتون پيدا ڪيون آهن ان سان انسان کي تعلق
رکڻ گهرجي. الله تعاليٰ خير ۽ شر جو خالق آهي. خير
مان راضي آهي ۽ ان جو حڪم ڏنو اٿس. شر کان ناراض
آهي ۽ ان کان بچڻ جو حڪم ڪيو اٿس.
26 شعبان المعظم 1380 هه – سومر جو ڏينهن
ملفوظ 75
ڪنهن شخص سوال ڪيو ته الله تعاليٰ نيڪي جا ڪم ڪهڙي طرح آسان ڪري
ڏئي ٿو؟
ان تي هيءُ ارشاد فرمايائون:
ان متعلق قران مجيد جي سورة اَلّليل ۾ فرمايو ويو آهي:
وَاللّيل اذا يَغشيٰ ه والنَهّار اِذَا تَجلّيٰ ه ومَا خَلَق
اَلّذکر واَلانثيٰ ه اِنّ سَعيکم لَشتّيٰ ه
فَاماّمن اَعطَيٰ واتّقيٰ وصَدّق بِالحُسنيٰ
فَسَنُيسّرُ ه لِليسُريٰ ه واما من بخِل
وَاستَغنَيٰ وکذّبَ بِالحُسنيٰ ه فسنيسرّه
لِلعُسريٰ ه
الله تعاليٰ هن دنيا ۾ جيڪي شيون پيدا ڪيون آهن. مشاهدو ڪيو وڃي
ته هر هنڌ ٻه متضاد شيون موجود آهن. جيئن رات ۽
ڏينهن. رات جڏهن ڍڪي ٿي ۽ ڏينهن جڏهن کُلي ٿو.
رات انڌيرو ڪري ٿي ۽ ڏينهن روشني ڪري ٿو. ٻئي متضاد آهن. انڌيرو
اڻ وڻندڙ آهي. رات جو خطرات به وڌيڪ هوندا آهن.
انسان هر ڪم ڪرڻ کان بيڪار ويٺو هوندو آهي. رات جو
دشمن جي حملي جو ڀؤ هوندو آهي. ڏينهن روشن آهي. ڪم
ڪار ڪري، ڪاروبار ڪري، هر قسم جو خوف خطرو ختم ٿي
وڃي ٿو. رات ۾ قبض، ڏينهن ۾ بسط انهي ٻنهي شين مان
في نفسه ڏينهن ڀلو ۽ رات ناپسند پر جهان لاءِ ٻئي
مفيد هڪجهڙا آهن. ڏينهن جو ڪم ڪار ڪري ٿڪجي پيو.
رات جو آرام ڪيائين ته سارو ٿڪ ختم ٿي ويو.
وما خلق الذڪر والانثيٰ
ٻه مخلوط شيون پيدا ڪيائين. في نفسهٖ نر مفيد آهي. وڙهڻ ۾،
لڙائين ڪرڻ ۾ ۽ مشقت جي ڪم ڪار ۾ مرد ڪارائتو آهي.
عورت انهن ۾ ڪم ڪا نه ايندي. پر جهان لاءِ ٻئي
مفيد آهن. عورت گهر سنڀالي ٿي، مرد لاءِ سڪون ۽
اطمينان جو باعث آهي. مال ۽ ملڪيت جي حفاظت ڪري
ٿي. ڪم ڪار ۾ همت افزائي ڪري ٿي. مرد گهر واپس اچي
ته ان لاءِ هر شيءِ تيار ڪري ڇڏي ٿي. گهر ۾ مجلس
ڪرڻ لاءِ موجود رهي ٿي ورنه مرد جيڪر ٻاهر گهمندو
رهي. اهي سڀ فائدا آهن پر في نفسهٖ مفيد مرد آهي.
اِنّ سَعَيکُم لَشتّيٰ
اوهان جون ڪوششون به مختلف آهن. هڪڙا نيڪي ۾ اڳرا ته ٻيا برائي
۾ پيش پيش. طاقتون سڀني کي هڪجهڙيون ملن ٿيون انهن
کي نيڪي ۾ صرف ڪيو ته مانع ڪونهي ۽ برائي ۾ صرف
ڪيو ته ڪا به رڪاوٽ ڪانهي. پر حڪم نيڪي جو ڪيو
اٿس. راضي به نيڪي ۾ آهي ۽ ثواب به نيڪي تي ملندو
ته مفيد نيڪي آهي پر ٻيو رستو به موجود آهي. اهو
رستو نه پيدا ڪري ها ته انسان نيڪي تي مجبور بنجي
وڃي ها.
فاَمّا مَن اَعطيٰ.
جيڪي حق جي راه ۾ ڏين ٿا، خدا جو خوف رکن ٿا ۽ آخرت جي واعدي تي
يقين ڪن ٿا ۽ تصديق ڪن ٿا ته انهن لاءِ سهولت
(هدايت) کي سهل ڪيون ٿا.
وامامن بخل واستغنيٰ و کذب بالحسنيٰ
جيڪو بخل ڪري ٿو. آخرت جي مواخذه کان بي پرواه ٿي زندگي گذاري
ٿو. تڪذيب ڪري ٿو ته ان لاءِ اوکو رستو (گمراهي)
سولو ڪري ڏيون ٿا. جيڪو ڏکين رستن تي هلڻ پسند ڪري
ٿو ته اهي ان لاءِ سولا ڪري ٿا ڏيون.
هن آيت ۾ خالقيت ڏي اشارو آهي ته والله خلقکم وما تعملون.
توهان کي ۽ توهان جي عمل کي انهي پيدا ڪيو آهي. پيدا ڪرڻ جو عمل
فقط ان جو آهي. انسان جي اصل پئدائش به فطرت تي
آهي. کُل مَولود يوُلد عَلي الفِطره- پوءِ ماحول
ئي انسان کي فطرت جي خلاف غير فطرت تي هلائي ٿو.
ملفوظ 76
ڪنهن شخص سوال ڪيو ته تقدير ڇا آهي؟
فرمايائون:
تقدير جا ٻه قسم آهن (1) معلق (2) مبرم
فلَو لاَ کَان مِن الُمسبّحين-
جيڪڏهن حضرت يونس عليه السلام تسبيح ڪندڙن مان نه هجي ها ته
قيامت تائين مڇي جي پيٽ ۾ رهي ها. ته اها تقدير
معلق ٿي وئي. حضرت يونس جي معافي تسبيح سان معلق
هئي- تسبيح جي برڪت سان کيس آزادي ملي.
ٻي تقدير آهي مبرم يعني قطعي فيصلو- اها شيءَ واقع ٿيندي جيڪا
طئي ٿيل آهي ۽ فيلصو ڪيل آهي.
لا يردّ التقدير الا الدّعاءُ- دُعا سان تقدير بدلجي وڃي ٿي ته
اها حديث به تقدير ملّق ڏانهن اشارو آهي.
27 شعبان المعظم 1380 هه- اڱاري جو ڏينهن
ملفوظ 77
تازو هفت روزه اخبار ”آزاد“ ڪراچي ۾ ڊاڪٽر عبدالفتاح بلوچ ”حضرت
مولانا حماد الله صاحب هاليجوي“ جي عنوان سان هڪ
مضمون لکيو. جنهن ۾ حضرت صاحب جن جي ڪجهه سوانح
عمري، ابتدائي تعليم ۽ آخر ۾ ڪي ڪرامتون ڏنل هيون.
انهي مضمون جي اشاعت کان پوءِ ان مضموون متعلق
حضرت جن رح هي ارشاد فرمايو ته مضمون ۾ جيڪا هيءَ
ڳالهه ذڪر ڪئي وئي آهي ته مولانا عبيدالله سنڌي رح
وٽ دوره حديث جي تڪميل ٿي، اها صحيح نه آهي. اگرچه
هڪ ٻن ڪتابن ۾ هو منهن جا استاد آهن. ليڪن دوره
حديث ان وٽ ڪو نه پڙهيل آهي. ان کان علاوه مضمون
جي آخر ۾ جن رياضتن ۽ ذڪر جي مشقتن جو تذڪرو ڪيو
ويو آهي ان کي سخت ناپسند فرمايائون ۽ چيائون ته
اهو سلسلو هرگز نه هجڻ گهرجي. ڇو ته قوم جا ذهن اڳ
ئي شرڪ ۽ بدعت ڏانهن مائل آهن پوءِ وري اهڙين
رياضتن ۽ ڪرامتن جي اشاعت سان قطع نظر ان جي ته
اهي صحيح آهن يا غلط، بهرحال قوم کي بالفعل يا
بالقوة گمراهي ڏانهن مائل ڪري سگهجي ٿو.
اسان کي خدا تعاليٰ جي طرفان اهو حڪم مليل آهي ته اسين ڪتاب
الله ۽ سنت رسول الله جي مطابق زندگي گذاريون ۽
جيترو ٿي سگهي ته ٻين کي به ڪتاب ۽ سنت مطابق
هلايون. بس اهو ئي مقصد زندگي جو هجڻ کپي. ڪتاب ۽
سنت جي تعليم کي عام ڪيو وڃي. ان جي عام اشاعت ٿيڻ
گهرجي. ان سان ئي قوم جو سڌارو ۽ اصلاح ٿي سگهي
ٿو. باقي شخصيات جي سوانح عمر ڇاپڻ ۽ خاص طرح ان ۾
ڪرامتن ۽ خارق عادت شين جو تذڪرو ڪرڻ هرگز صحيح نه
آهي.
جيڪڏهن خواه مخواه ڪنهن جي سوانح عمري شائع ڪئي وڃي ته ان ۾ ٽن
شين جو خيال رکڻ گهرجي.
ان شخص جي معاشي حالت، گذران جو طريقو.
علوم ظاهريه جو اڪتساب ڪهڙي طرح ٿيو ۽ ان ۾ ڪهڙا معاونين
(اساتذه) ٿيا.
علوم باطنيه ڪسب فيض روحاني ڪهڙي ريت حاصل ٿيو ۽ ان ۾ ڪهڙا
معاونين مليا.
جڏهن آءُ ٺيڙهي ۾ رهندو هيس ته اتي ئي مون کي خيال هو ته ڪنهن
سان بيعت جي نسبت رکجي. مفتي سعد الله صاحب خيرپور
ميرس وارن جي معيت ۾ بزرگ خيارن (نوابشاهه) واري
وٽ وياسون. اهو بزرگ مفتي صاحب جن جو مرشد هيو.
اتي جا حالات ۽ خاص طرح بيعت جا الفاظ ٻڌي آءُ
متنفر ٿي ويس. منهنجي دل کي اطمينان نه آيو. اهل
علم جي بيعت واقعي ڏکي به ٿيندي آهي. اتان واپس
موٽيس. وري عبدالغني فقير پلهن واري جي چوڻ سان ۽
ان جي معيت ۾ حضرت امروٽي رح جي خدمت ۾ حاضر ٿيس.
اتان جي حالات کان دل مطمئن ٿي ۽ بيعت ڪيم.
ان موقعي تي ڪجهه ابتدائي گهرو حالات ۽ تعليم ظاهري جا اساتذه
به ٻڌايائون جيڪي محفوظ نه ٿي سگهيا.
فرمايائون ته بس ايتري ئي سوانح عمري آهي. ايتري ئي بيان ڪرڻ
گهرجي.
ان موقعي تي ڊاڪٽر عبدالفتاح پنهنجي هڪ لکيل ڪتاب متعلق عرض ڪيو
ته ان کي شائع ڪرڻ لاءِ اوهان جي طرفان ”حسب
الحڪم“ جي عنوان سان شائع ڪرڻ جي اجازت ڏيندا.
فرمايائون ته منهنجي نالي لکڻ سان گروهه بندي ۽
شخصيت پرستي ٿي پوندي. فائدو عام نه ٿيندو. جيڪي
ماڻهو مون سان نسبت رکندڙ آهن اهي ته پڙهندا باقي
ٻيا ڪو نه پڙهندا. اشاعت جو سلسلو خاص ٿي ويندو.
منهنجي نالي سان ته ڪتاب جي اشاعت ڪا نه ٿيندي.
اسان کي ڪير ٿو سڃاڻي. |