سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: تحفة السالڪين

 

صفحو :16

ملفوظ 89

 مجلس ۾ هڪ شخص چيو ته پنج پير گهمي آيو آهيان. ڪو به فائدو ڪو نه ٿيو آهي. اوهان ڪجهه ڪريو.

ان تي هي ارشاد فرمايائون ته پيرن جي هٿن ۾ ڪجهه به نه آهي، هڪ پير نه سؤ پير، هزار پير، لک پير ڪجهه به نٿا ڪري سگهن.

توحيد جو مطلب هيءُ آهي ته صرف هڪ خدا ئي نفعي ۽ نقصان جو مالڪ آهي، ٻي ڪنهن کي به ڪا طاقت ڪانهي. الله تعاليٰ کان سواءِ ڪنهن به شخصيت ۾ اها طاقت نه آهي جو هو ڪجهه ڪري سگهي. الله تعاليٰ کان سواءِ ڪنهن کي به ڪک جي طاقت نه آهي. سڀ شيءِ ان جي هٿ ۾ آهي. اسان کي جيڪي سمجهايو ويو آهي ان مطابق هلندا آهيون. اسان جي ڪا به گهر ڪا نه ٿي هلي. سڀ گهر الله جي هلي ٿي. ان الله يفعل مايشاءُ.

مفلوظ 90

ڪنهن شخص پڇيو ته تعويذ لکڻ لاءِ شيخ جي اجازت ضروري آهي يا نه؟

ان تي هي ارشاد فرمايائون:

انهيءَ ڪم کي هٿ لائڻ ئي نه گهرجي. ان ۾ خطرات آهن. اگرچه ان جو ثبوت موجود آهي مگر ان ڪم کي مستقل ڌنڌو بنائڻ نه گهرجي. جيڪڏهن جن ڪڍڻ لاءِ تعويذ جو ڪم شروع ڪيو ويو ته پوءِ جن ان جا مخالف ٿيندا يا سندس اولاد کي تڪليف ڏيندا. ٻي ڳالهه ته ان شخص ڏي عورتون وڌيڪ متوجه ٿينديون ۽ رات ڏينهن عورتن جو هجوم ٿي ويندو. ان مان زنا جو خطرو آهي. حديث ۾ اچي ٿو ته ڪو به شخص ڪنهن اجنبي عورت سان گڏ ويهي ٿو ته ٽيون اتي شيطان هوندو آهي. ڪتاب پٽڻ جي ڳالهه به جاهلن ۾ مشهور آهي جو ڪن ملن ڪمائي خاطر اهڙا ڪم شروع ڪيا آهن.

مولوي عبدالڪريم صاحب لاڙ جو هت نرڇ ۾ ايندو هو. نرڇ جا ماڻهو ڏاڍا نيڪ هوندا هئا. تنهن ڪري اتي بزرگ ايندا هئا. حضرت وڏا ڀر چونڊي شريف رح وارا به ايندا هئا. هي مولوي صاحب خوش طبع هوندو هيو. عورتن کي به ستر ڪو نه هو. روز عورتون مکڻ جوڪپو کنيون اچن. هي تعويذ لکي انهن کي ڏيندو هو. هڪ دفعي هڪ عورت آئي ته منهن جي لاءِ ڪتاب پٽي ڏس. چوڻ لڳو ته ان جا ڏهه رپيا ٿيندا. تعويذ  جو سوا رپيو آهي ته ڪتاب پٽڻ جا ڏهه رپيا، پوءِ عورت هلي وئي ۽ چوڻ لڳي ته هن بلا سان ڪو نه پڄي سگهنداسون.

ملفوظ 91

ارشاد فرمايائون ته ذڪر جي متعلق عام ماڻهو سمجهن ٿا ته ان لاءِ ڪو خاص وقت مقرر هجي پر اها سمجهه غلط آهي. ڇو ته ذڪر هڪ الله تعاليٰ سان تعلق آهي. ان لاءِ ڪو وقت مقرر نه آهي ته فلاڻي وقت ڪجي. فلاڻي وقت نه ڪجي. يا ذڪر ڪري پوءِ ڇڏي ڏجي. ذڪر جي ته معنيٰ آهي پنهنجي مولا سائين سان دل لڳائڻ. زندگي جو وقت غنيمت آهي. ان وقت جو قدر ڪرڻ کپي. الوقت سيف قاطع- وقت هڪ ڪپيندڙ تلوار آهي!

ملفوظ 92

ڪنهن شخص سوال ڪيو ته طالب العلم تهجد پڙهي يا نه؟

ارشاد فرمايائون ته تهجد پڙهڻ گهرجي. جيڪڏهن اسر جو وقت نٿو ملي ته پوءِ عشا جي وقت ئي تهجد جي نيت سان چند رڪعتون پڙهي ڇڏجن.

هڪ محدث وٽ هڪ طالب العلم ويو. رات اتي رهيو. ميزبان هن طالب العلم لاءِ پاڻي ڀرائي رکيو. صبح جو ڏسي ته پاڻي ساڳي طرح رکيو آهي يعني وضوءَ لاءِ استعمال نه ڪيو ويو آهي. محدث طالب العلم کان پڇيو ته تهجد نه پڙهيو اٿيئي. پوءِ علم ڇو ٿو حاصل ڪرين. ته تهجد پڙهڻ به ضروري آهي، طالب العلم کي ادعيه ماثوره ڏانهن به توجه ڪرڻ کپي، باقي سلسلي ۾ داخل ٿيڻ علم جي فراغت کان بعد هئڻ کپي. تبرڪاً بيعت ڪري ۽ ٿورو ٿورو ذڪر ڪندو رهي، ته ان ۾ حرج نه آهي. ما لا يدرڪ کلہ لا يترڪ کلہ.

ملفوظ 93

سنڌ ۾ اهل علم شخصيتون تمام گهڻيون رهيون آهن. اهل علم جو وڏو چرچو رهيو آهي. سنڌ جا اڪثر ڪتاب اڏهي جي حوالي ٿي ويا!

”بناءُ الاسلام“ هڪ ڪتاب مخدوم صاحب ٺٽوي رح جو هيو جيڪو منهنجي ماسيءَ وٽ هيو. پڙهندي هئي. مان ان وقت قاعدو پڙهندو هيس. هاڻي وري ڇپيو آهي پر ترتيب ڪا نه ڏني وئي آهي. هڪ ڪتاب نالي تفسير هاشمي پاره عم جو به هيو. البدر المنير ڪتاب پڻ هيو. صحيح بخاري حاجي محمود احسن صاحب اسان وٽ کڻي آيو. کانئس پڇيو سين ته هي ڪتاب ڪٿان هٿ آيو. چيائين ته هڪ عورت کان وٺًي آيس جيڪا جنڊ پيهڻ وقت، ان تي ويهي ڪري جنڊ پيهندي هئي. اڳيان ڪي عالم هئا پويان ناخلف پيدا ٿيا جو علمي ڪتابن جو قدر نه ڪيائون! فخلف من بعد هم خلف.

نظام الدين، جنهن کي ڄام نندو چوندا آهن. بادشاهي کان اڳ جواني ۾ بزرگن ۽ عالمن جي صحبت ۾ ويندو هو. خانقاهن ۾ رهندو هو. پوءِ بادشاهه ٿيو. ان زماني ۾ علماءَ جي وڏي عزت هئي. ٻاهريان علماءَ سنڌ ۾ اچي رهندا هئا. هڪ بغداد جو وڏو عالم هيو جنهن مذڪور بادشاهه ڏانهن ماڻهو موڪليو ته مان به سنڌ ۾ اچڻ گهران ٿو بادشاهه خوش ٿيو ۽ راهه خرچ ڏيئي ماڻهو موڪليائين ته ان کي وٺي اچو. پر اچڻ کان اڳ ئي اهو عالم سڳورو وفات ڪري ويو.

مسلماني در کتب و مسلمانان در گور

 مسلماني ڪتابن ۾ آهي ۽ مسلمان قبرن ۾ هليا ويا.

ويا الله جا بندا لڏي! ڪتابن کي ڪو ڏسي ئي ڪو نه. هاڻي ته انهي گند(انگريزي تعليم) ڏي ماڻهو ڪاهي پيا آهن اهو علم ته نه آهي بلڪ جهل آهي. ان جي پڙهڻ سان جهل ۾ واڌارو اچي ٿو. جيڪو انگريزي تعليم ۾ زياده هوندو اهو اوترو الحاد ۽ ڪفر جي قريب ٿيندو ويندو. مغربي تهذيب جا اثرات ان تي چڙهندا ويندا.

فائدو:

حضرت صاحب رح جن، نماز صبح ۽ نماز مغرب کان پوءِ هي جملا مداومت سان پڙهندا هئا.

رَضيتُ باللهِ ربّا و بِالاسلامِ ديِناً و بُمحمّد صلي الله عليہ وسلم رَسُولاً و نَبِّياً و بِالقرآنِ اِماماً و بالِکعبة قِبلَة وَ بِالمؤمِنينَ اِخواناً.

 

4- رمضان المبارڪ 1380 هه- سومر جو ڏينهن

ملفوظ 94

مولوي غلام محمد صاحب ملتان وارو حضرت رح جي خدمت ۾ آيو. هيءُ صاحب مدرسه عربيه مخزن العلوم خانپور ۾ مفتي ۽ ناطم ٿي رهيو آهي.

حضرت رح کي چيائين ته: تعويذات لکهنـﻶ کي اجازت فرمائين

ان تي پاڻ فرمايائون:

مولوي صاحب ان چيزون کي مين اجازت نهين ديتا، اور نہ هي يہ چيزين ميرﻵ قبضہ مين هين، تعويذون کي اجازت وهي دﻵ سکتا هـﻶ جو صاحبِ عمليات  هو اور تعويذون کا کام کرتا هو. مين نہ صاحب عمليات هون اور نہ هي اس کام کو پسند کرتا هون. مين تو صرف ايک هي سبق ديتا هون کہ الله تعالي کـﻶ ساتهه تعلق قائم کرلو. دنيا مين وه کام کرو جس سـﻶ الله راضي هو جائـﻶ اور آخرت کي زندگي کامياب هو. جو هميشہ رهنـﻶ کي زندگي هـﻶ، مين تو صرف اسي کام کو پسند کرتا هون اور اسي کو دل سـﻶ چاهتا هون، باقي کوئي سائل آجاتا هـﻶ تو اس کو اس کي رضا کـﻶ خاطر تعويذ دﻵ ديتا هون اور کچهه کلام الاهي دم کر ديتا هون. آگـﻶ الله تعاليٰ کـﻶ هاتهه مين هـﻶ- کہ شفا کرﻵ يا نہ کرﻵ- بس ميري حد يهان تک هـﻶ انسان کو ايسـﻶ کامون مين نهين پڙنا چاهئـﻶ، بلکه اصل کام جو هـﻶ اور جس مقصد کيلئـﻶ پيدا هوا هـﻶ کہ خدا کو راضي کر کـﻶ اس دنيا سـﻶ جائـﻶ،  اسي فکر مين رهـﻶ اور لوگون کو بهي اُسي فکر مين لگائـﻶ.

 

ملفوظ 95

ڪنهن شخص تهجد نماز جي متعلق سوال ڪيو ته ڪهڙي طرح پڙهڻ گهرجي؟ ان متعلق هي ارشاد فرمايائون:

پهرئين ٻه رڪعتون  نفل تحيہ الوضوءَ جي نيت سان پڙهجن اول رڪعت ۾ سورة فاتحه، ۽ آيہ الڪرسي هم فيها خالدون تائين پڙهجي. ٻي رڪعت ۾ فاتحه ۽ آمن الرسول کان سورة بقره جي ختم ٿيڻ تائين پڙهجي.

نفل پڙهڻ کان بعد ۾ اڳين گناهن تي پشيمان ٿي الله تعاليٰ کان معافي وٺڻ گهرجي ۽ اڳتي لاءِ دل ۾ عزم ڪجي ته آءُ وس آهر فرمانبردار ٿي رهندس ۽ الله تعاليٰ کان نيڪ اعمال ڪرڻ جي توفيق به گهرجي. جيتري توفيق اعمال صالحه جي ملي آهي، ان جو شڪرانو به ادا ڪجي.

ان کان پوءِ 8 رڪعتون تهجد پڙهڻ گهرجن. لا تباع النبي صلي الله عليه وسلم. ڇو ته حضور ڪريم ﷺ جن تهجد گهڻو ڪري 8 رڪعتون پڙهندا هئا.

انهن رڪعتن ۾ سورة ياسين شريف هن طرح تقسيم ڪري پڙهجي. پهرين رڪعت ۾ اول رڪوع امام مبين تائين. ٻي رڪعت ۾ هم مهتدون تائين پڙهبو. ٽين رڪعت ۾ ٻي رڪوع جي ختم ٿيڻ تائين يعني محضرون تائين. چوٿين رڪعت ۾ في فلڪ يسبحون تائين پڙهبو. پنجين رڪعت ۾ ٽين رڪوع جي اختتام، يعني يرجعون تائين. ڇهين رڪعت ۾ هذا صراط مستقيم تائين- ستين رڪعت ۾ افلايشکرون تائين. اٺين رڪعت ۾ آخر سوره يعني اليه ترجعون تائين پڙهيو ويندو. ان ريت 8 رڪعتون ختم ڪبيون. ان کان بعد 2 رڪعتون نفل قضا حاجت لاءِ پڙهيون وڃن. يعني ٻانهي کي پنهنجي رب ڏانهن جيڪا حاجت آهي، ان کي پوري ڪرڻ لاءِ نفل پڙهي ٿو. پهرين رڪعت ۾ سورة الکافرون 10 دفعا، ٻي رڪعت ۾ سوره اخلاص 11 دفعا پڙهجي نفل ختم ٿيڻ کان پوءِ سجدي ۾ وڃڻ گهرجي. سجدي اندر 10 دفعا ڪلمه تمجيد.

سبحان الله والحمدلله ولا الٰہ الا الله والله اکبر ولا حول ولا قوة الا بالله العليّ العظيم ۽ 10 دفعا درود شريف پڙهيو وڃي. اللهم صل عليٰ سيدنا محمد النبي الامي و آلہ وبارڪ وسلم عدد کل معلوم لڪ دائما ابداً

ان کان بعد 10 دفعا ربنا آتنا في الدنيا حسنہ و في الاخرة حسنہ و قنا عذاب النار پڙهيو وڃي. پوءِ سجدي ۾ ئي هيءَ دعا گهري ته ”اي الله سائين منهنجون سموريون حاجتون ديني ۽ دنيوي پوريون فرماءِ پر سڀ کان وڏي ۽ اهم حاجت منهنجي هيءَ آهي ته جنهن مقصد خاطر مون کي دنيا ۾ پيدا فرمايو اٿيئي يعني هن دنيا ۾ رهي تو کي راضي ڪريان ۽ آخرت واري زندگي منهنجي ڪامياب ٿئي، انهي مقصد کي پوري ڪرڻ جي توفيق عطا فرماءِ! دنيا ۾ رهي آءُ اهي ڪم ڪيان، جنهن ۾ تون راضي هجين ۽ جن ۾ تنهنجو رضامندو رکيل آهي، ۽ اهي ڪم ڪريان جنهن سان منهنجي اُخروي زندگي ڪامياب ٿي وڃي!

 

5 رمضان المبارک 1380 هه- اڱاري جو ڏينهن

ملفوظ 96

ڪراچي مان هڪ مولوي صاحب حضرت رح جي خدمت ۾ آيو. ان سان گفتگو ڪندي هيءُ ارشاد فرمايائون:

کراچي مين پهلـﻶ صرف ايک مدرسہ کهڊه کا هوتا تها- اب اور مدارس بهي اچها کام کر رهـﻶ هين مولانا بنوري صاحب کا مدرسہ هـﻶ- مفتي محمد شيفع صاحب کا دارالعلوم هـﻶ- يہ مهاجرين کي آمد کـﻶ بعد هوئـﻶ هين- يہ ان بزرگون کي برکت هـﻶ- اور جگهون پر بهي ان لوگون نـﻶ اچها کام کيا هـﻶ- الله تعالي ان کو مزيد توفيق عطا فرمائـﻶ-

طالب العلم کو چاهئـﻶ کہ ابتدائي تعليم اچهي طرح محنت  کرکـﻶ پڙهـﻶ- کيونکہ ابتدائي تعليم سـﻶ هي انسان مين آئنده لياقت پيدا هوتي هـﻶ اور انسان کچهه کام کا بن جاتا هـﻶ- اگر ابتدائي تعليم ناقص هـﻶ تو يہ نقص آگـﻶ تک بهي رهتا هـﻶ- پهر کتني بهي محنت کرﻵ وه ابتدائي نقص دور نهين هو سکتا اس لئـﻶ طالب العلم ابتدائي تعليم مين محنت خوب کرﻵ- يهي صفت سودمند هـﻶ.

اُس مولوي صاحب نـﻶ کها کہ اصلاح باطن کيلـﻶ تلقين کي جائـﻶ-

آپ نـﻶ ارشاد فرمايا کہ:

انسان دنيا مين مدار زندگي اس بات پر رکهتا هـﻶ کہ دنيا مين ترقي کرون- نفس کي لذتين حاصل کرون- کچهه دوسرﻵ انسان ايسـﻶ بهي هين جو مدار زندگي زور اپنا مرکز آخرت کو قرار ديتـﻶ هين- الله کي رضا مطلوب و مقصود هوتي هـﻶ- يہ دو قسم کـﻶ لوگ دنيا مين رهتـﻶ هين- ايک کا خيال هـﻶ کہ دنيا کي زندگي بن جائـﻶ دوسرﻵ کا خيال هـﻶ کہ آخرت کي زندگي سدهر جائـﻶ- وهي جاوداني زندگي کامياب هو- جن کا خيال اس دنيا کي زندگي کا هـﻶ ان کو الله تعالي کي فکر اور آخرت کي فکر نهين هوتي وه هر وقت نفس کيلئـﻶ لطف ڊهونڊتـﻶ هين- جن کان خيال آخرت کي فلاح کا هوتا هـﻶ وه نفس کا خيال نهين کرتـﻶ اور نہ يہ کہ دنيا کس طرح گذر رهي هـﻶ- اس کي طرف توجہ نهين کرتـﻶ- دهکـﻶ کها کر زندگي گذار ديتـﻶ هين دنيا کي ترقي کي طرف خيال نهين کرتـﻶ نفس کي رضا کا کوئي فکر ان مين نهين آتا.

تِلک الدّارُ الاخرِة نَجعلُها لَلّذين لا يرِيدُون علُوا في الارض ولا فسادا

وه آخرت کا گهر هم نـﻶ صرف ان لوگون کـﻶ لئـﻶ بنايا هـﻶ جو زمين مين تکبر اور فساد نهين چاهتـﻶ اور دنيا کو بنانـﻶ کـﻶ لئـﻶ تو تکبر اور فساد کرنا ناگزير هو جاتا هـﻶ.

جو لوگ نفس کو خوش کرنـﻶ کي فکر مين پڙﻵ رهتـﻶ هين اور دنيا کي ترقي کيلئـﻶ سوچتـﻶ هين ان کيلئـﻶ فرمايا کہ:

قل هل انبئکم بالا خسريِنَ اعمالا الذين ضَلّ سَعَيهم في

الحيواة الدنيا وهم يحسبون انهم يحسنون صنعا.

ترازو اس ليـئـﻶ هوتي هـﻶ کہ دو چيزون کي نسبت معلوم کي جائـﻶکہ کون زياده هـﻶ  اور کون کم هـﻶ- اگر ايسي چيز هـﻶ کہ اس کـﻶ مقابلہ مين کچهه نہ هو تو وهان ترازو کي ضرورت هي نهين.

فلا نقيم لهم يوم القيامة وزنا

جب انکـﻶ اعمال حبط (باطل) هوگئـﻶ تو پهر وزن کيسا-

الله کا ذکر هي انسان مين زندگي پيدا کرتا هـﻶ- يہ روح کي غذا هـﻶ-

ياد حق آمد غذا اين روح را

مرهم آمد اين دلِ مجروح را

واذکر اسم ربک و تبتل اليہ تبتيلا

الله کا نام لو کہ نفس هر شي سـﻶ چهوٽ کر الگ هو جائـﻶ- انسان کي اصلاح ذکر مين هـﻶ-

استحوذ عليهم الشيطان فانسٰهم ذکر الله

انسان پر شيطان حملہ آور هوتا هـﻶ پهر الله کـﻶ ذکر سـﻶ بهول جاتا هـﻶ- ذکر الله سـﻶ علحدگي کا مطلب يہ هـﻶ کہ شيطان کا اسپر حملہ هو چکا هـﻶ جب ذکر کي طرف انسان آتا هـﻶ تو شيطان کا تسلط ختم هو جاتا هـﻶ-

ولا تکونوا کالذين نسو الله فانسٰهم انفسهم

جن لوگون نـﻶ الله کو بهلا ديا تو الله تعالي نـﻶ ان کو ان کـﻶ نفسون سـﻶ بهلاديا- انسان اس دنيا کا خيال هي نہ رکهـﻶ- بس خيال يہ هو کہ ميرا الله تعالي سـﻶ کتنا تعلق هـﻶ اور اسي کو مضبوط کرنا چاهئـﻶ-

انسان رات دن مين کم سـﻶ کم اسم ذات کا وظيفہ آڻهه هزار بار پڙهتا رهـﻶ- الله-الله-الله-الله-

اسم ذات پڙهتـﻶ وقت چار خيال کئي جاتـﻶ هين-

1- اراده جواب 2- اراده رضا الاهي 3- اراده تبتل 4- اراده فلاح

الله تعالي نـﻶ انسان کو اپنـﻶ لئـﻶ پيدا کيا هـﻶ- اپني محبت کيلٌئـﻶ پيدا کيا هـﻶ- روح الله کو جانتا هـﻶ اور کسي کو نهين جانتا- نفس ان فاني چيزون کو جانتا هـﻶ اور کسي کو نهين- روح کو پيدا کيا اور اس کو اپنـﻶ عشق سـﻶ بهر ديا-

انا عرضنا الا مانة علي السمٰوات والارض والجبال-

الله کي امانت سـﻶ آسمان زمين اور پهاڙ سب ڊر گئـﻶ انسان نـﻶامانت کو اڻهاليا-

انهون نـﻶ کيون نهين اڻهايا اور انسان نـﻶ کيون کر اڻهايا؟

تعلق دو طرح کا هوتا هـﻶ ايک ذاتي اور دوسرا عارضي- ذاتي تعلق وه هـﻶ کہ کسي چيز سـﻶ تعلق اس لئـﻶ هو که وه چيز هي مقصود هو اور اس کـﻶ سوا کچهه بهي مقصود نہ هو- اور عارضي يہ هـﻶ کہ کسي چيز سـﻶ تعلق اس وجہ سـﻶ هو کہ اس سـﻶ کام نکلـﻶ گا- اس کي مثال باپ کـﻶ ان دو بيڻون کي سي هـﻶ جو ان مين سـﻶ ايک باپ کي ذات سـﻶ محبت کرتا هـﻶ اور اس کي خدمت کرتا هـﻶ دوسرا اس کـﻶ مال حاصل کرنـﻶ کي وجہ سـﻶ خدمت کرتا هـﻶ- اب خدمت دونون کر رهـﻶ هين ليکن فرق يہ هـﻶ کہ ايک کـﻶ دل مين باپ کي ذات کي محبت هـﻶ دوسرﻵ کـﻶ دل مين مال کي محبت هـﻶ- ايک کا تعلق اصلي هـﻶ دوسرﻵ کا عارضي-

آسمان اور زمين کا تعلق وه نهين تها جو کہ انسان کا تعلق تها- جهان ذاتي تعلق هوتا هـﻶ وه چهوڙا نهين جا سکتا- اور جس کا تعلق عارضي هوتا هـﻶ وه مشوره کرتا هـﻶ اور عقل کي رائـﻶ کو پيش کرتا هـﻶ ديکهتا هـﻶ کہ اس مين نفع هـﻶ يا نقصان- آسمان وغيره کو غور کرنـﻶ کا موقعہ ملا کيون کہ انکو اصلي اور ذاتي تعلق نهين تها- حکم هوا کہ امانت کا کون خيال رکهـﻶ گا، جو خيال رکهـﻶ گا اولئَّک هم خير البَرية- اور جو امانت کو ضائع کرﻵ گا اولئک هم شَرّ البَرية- آسمان وغيره نـﻶ غور کيا-  تو اس بار کو اڻهانـﻶ سـﻶ ڊر گئـﻶ کہ کهين هم مغضوب نہ هوجائين- انسان کان چونکہ تعلق ذاتي تها تو اس کي نظر دوسرﻵ حصہ شر البريہ پر نهين پڙي- اس کا غرض تها کہ محبوب سـﻶ ملون- وه اس کا متلاشي تها چنانچہ بار امانت اڻها ليا اور خير البرية هوگيا- يا يہ تصور کيا کہ مين امانت کيسـﻶ ضائع کر سکتا هون- وه تو صرف روح تها جب يہ بدن مين آيا تو يهان سب چيز کا محتاج هوا- کهانـﻶ پينـﻶ کپڙﻵ مکان وغيره کا يہ سب باتين روح کو سامنـﻶ آئين.- شيطان بهي بهکانـﻶ کيلئـﻶ آگيا- نفس بهي شهوات کو پسند کرنـﻶ لگا.

زُبّن لِلنّاسِ حُبّ الشهوات مِن الّنسِاء والبنين الاّية.

رهنـﻶ کيلئـﻶ انسان کو جو جگہ ملي هـﻶ وه نچلي اور سفلي هـﻶ اور فطري اور ذاتي مزاج دنيا کا اندهيرا اور جهل هـﻶ اگر بچپن سـﻶ مان باپ کي زبان معلوم نہ هو تو وه کچهه بهي نهين بول سکتا جانون کي طرح يہ تو مان باپ سـﻶ زبان سيکهتا هـﻶ- علم پڙهتا هـﻶ اور تجربہ کرتا هـﻶ.

دنيا مين کدورت ذاتي هـﻶ صفائي عارضي هـﻶ. گهر کو چهوڙ دو تو کچرا بن جائـﻶ گا سفيد کپڙﻵ پهن لو ميلـﻶ هو جائين گـﻶ- زمين کو صاف کر کـﻶ کيهتي کـﻶ قابل بنائو پهر اگر چهوڙ دو تو وه کيهتي کـﻶ قابل نهين رهـﻶ گي- کدورت، جهل، ظلمت طبعي هين- انسان کو امتحان کيلئـﻶ نيچـﻶ ايسي جگہ رهايا گيا جهان نفس، خواهشات اور شيطان پڙوس مين آگئـﻶ-

پهلـﻶ مجرد روح تها يہ سب چيزين بعد مين آئين روح کي سمجهه مين نهين آيا تها کہ آگـﻶ کيا کچهه هوگا- تو يہ ذاتي تعلق تها روح کا اپنـﻶ رب سـﻶ- اس لئـﻶ امانت کا بار اڻها ليا.

کل مولودِ يولد علي الفطرة

 آئينہ صاف هوتا هـﻶ ليکن جب غبار پڙ جاتا هـﻶ تو چهره کو ڊهانپ ليتا هـﻶ اور دکهائي نهين ديتا اگر صاف کيا جائـﻶ تو چهر دکهائيگا- روح جوهر هـﻶ تو اس کا تعلق الله کـﻶ ساتهه هـﻶ ليکن شيطان اور نفس نـﻶ اس کو ڊهانپ ليا هـﻶ جب قيامت مين وه غبار سـﻶ نکلـﻶ گا تو وه بـﻶ چين هوکر الله سـﻶ تعلق رکهـﻶ گا تو الله تعالي فرمائين گـﻶ کہ ”مين آج تيرﻵ سـﻶ بات نهين کرون گا“ تو اس پر يہ بڙي چوٽ پڙﻵ گي اور کهـﻶ گا کہ افسوس مين نـﻶ تو هر چيز ضائع کردي!!

قران مجيد کي آيات ظاهر کرتي هين کہ انسان کا الله سـﻶ تعلق ذاتي هـﻶ- دنيا مين آيا تو يہ مقتضيات بشريہ، نفس اور شيطان بڙا زور لگا رهـﻶ هين کہ دنيا مين پهنس جائو اور ان چيزون سـﻶ دل لگائو- سب سـﻶ نهين تو کچهه سـﻶ تو دل لگائو ورنہ ايک چيز سـﻶ هي دل لگائو- تو کهتـﻶ هين کہ فلان- فلان (مال دولت- اولاد وغيره) تو بنده مؤمن ان کو جواب ديتا هـﻶ الله الله- تم جو چاهو کهتـﻶ رهو مين نـﻶ تو اپنا تعلق الله سـﻶ لگايا هـﻶ- وه ميرﻵ دل مين بس چکا هـﻶ- نہ صرف اب بلکہ هر وقت کيلئـﻶ  مين اس کا هون ميرا اس سـﻶ ازلي تعلق هـﻶ تم جن چيزون کي دعوت ديتـﻶ هو وه تو فاني هين. کُلّ من عليها فانِ، کُلّ شي هالِکُ الا وجهہ. مين ان فاني چيزون کو کيون پسند کرون. وه حي هـﻶ اور يہ ميت هين- وه قيوم هـﻶ تهامنـﻶ والا اور سنبهالنـﻶ والا هـﻶ هر چيز کو اور يہ سب اس کـﻶ سنبهالنـﻶ کـﻶ محتاج هين. لهذا مين ان سـﻶ بري هون. اپني دل ايک کو دﻵ دي هـﻶ- باقي چيزون کي طرف آنکهه اڻهاکر بهي نهين ديکهتا.

قُل يَايّها الکّافِرونَ لاَ اعبُد مَا تَعبُدون

ميرا دين يہ هـﻶ کہ ماسوي الله سـﻶ مين بيزار هون، کسي کو نهين ديکهتا-

دوسرا اراده رضا- عاشق تو يهي چاهتا هـﻶ کہ ميرا محبوب هر وقت مجهه سـﻶ راضي رهـﻶ-

مين وه کام کرون جو ميرﻵ محبوب کو پسند هو اور اس کي وجہ سـﻶ وه مجهه سـﻶ راضي رهـﻶ.

حضرت ابو درداء رضہ سـﻶ روايت هـﻶ کہ حضور کريم ﷺ نـﻶ فرمايا.

الا اخبر کم بخير اعمالکم و ازکها عند مليککم

کيا تمهين ايسا عمل نہ بتائون جو سب سـﻶ بهتر هو. اور سب سـﻶ پاکيزه هو. الله کي راه مين سونـﻶ اور چاندي کـﻶ خرچ کرنـﻶ سـﻶ بهي بهتر هو. اور دشمن سـﻶ راه خدا مين لڙنـﻶ سـﻶ بهي بهتر هو. وه عمل هـﻶ الله کا ذکر، قلب کا تعلق الله کـﻶ ساتهه هو جائـﻶ، يہ عمل رضا الاهي کا  موجب هـﻶ.

تيسرا اراده تبتل، واذکر اسم ربڪ و تبتل اليہ تبتيلا- تبتل کا معني هـﻶ هر چيز سـﻶ علحدگي، صرف اپنـﻶ رب کـﻶ ساتهه تعلق اور دل کا لگاؤ هو.

چوتها اراده فلاح يعني فلاح آخرت. مين جب دنيا سـﻶ جاؤن تو وهان کامياب هوکر پهنچون.

 يہ فلاح بهي ذکر سـﻶ حاصل هوگا. واذکر الله کثيراً لعلکم تفلحون.

اس کـﻶ علاوه استغفار بهي کيا جاتا هـﻶ کہ اس ذکر الله سـﻶ پهلـﻶ جو مجهه سـﻶ بـﻶ ادبي، گستاخي، نافرماني اور چهوڻـﻶ بڙيﻵ گناه هو چکـﻶ هين ان سکـﻶ معافي چاهتان هون.

استغفرالله ربي من کل ذنبِ و اتوب اليه، ايک سو بار روزانہ پڙهنا چاهئـﻶ.

اس کـﻶ علاوه درود شريف بهي پڙهتا رهـﻶ کہ اس نبي پاک نـﻶ الله تعالي سـﻶ تعلق قائم کروايا هـﻶ اور يہ ميرا محسن اور مرشد هـﻶ جس نـﻶ يہ سبق سکهايا هـﻶ- درود سريف پڙهتـﻶ وقت يہ خيال کرﻵ کہ مين حضور کريم ﷺ کـﻶ سامنـﻶ بيڻها هون- حاضر و ناظر جاننا شرک هـﻶ ليکن محبت کـﻶ روسـﻶ خيال کرﻵ کہ مين اپنـﻶ محبوب سـﻶ باتين کر رها رهون. يہ نہ سمجهـﻶ کہ حضور ﷺ سن رهـﻶ هين.

درود شريف پڙهتـﻶ وقت دوزانو هوکر بيڻهـﻶ کيونکہ حضور کريم ﷺ اکثر دو زانو هوکر بيڻهتـﻶتهـﻶ اور حضرت جبريل عليہ السلام بهي آپ کـﻶ سامنـﻶ اسي طرح بيڻهتـﻶ تهـﻶ- درود شريف پڙهتـﻶ وقت تين خيال دل مين رکهـﻶ- 1- عزت، 2- محبت، 3- متابعت

عزت يہ کہ ساري مخلوص سـﻶ بڙهکر الله تعالي نـﻶ حضور ﷺ کي عزت فرمائي هـﻶ.

محبت يہ کہ ساري چيزين جو محبت والي هين دوست احباب، اقربا، والدين حتي کہ اپني جان بهي. ان سب سـﻶ بڙهکر ميرﻵ پيارﻵ محبوب حضور ڪريم ﷺ هين. مين اس پر فدا هون. متابعت يہ کہ مين کبهي بهي ان کـﻶ طريقہ (سنت) سـﻶ انحرافي نهين کرونگا.

يہ درود شريف هر نماز فرض کـﻶ بعد دس بار، شب جمعہ کو بعد نماز عشاء پچاس بار پڙهنا چاهئـﻶ.

درود شريف کـﻶ بعد يہ دعا مانگي جاوﻵ کہ يا الله ميرا تعلق آپ سـﻶ، اور آپ کـﻶ دين اسلام سـﻶ اور رسول کريم ﷺ سـﻶ اسي طرح هوجائـﻶ جيسا کہ خلفاء راشدين رضہ کا تها- يہ سبق دل مين مضبوط بيڻهه جائـﻶ. اسلئـﻶ کہ قبر کـﻶ اندر بهي انسان سـﻶ اسي تعلق کـﻶ متعلق پوچها جاتا هـﻶ.

ملفوظ 97

ڪنهن ديني مدرسي جي سفير چيو ته مدرسي جي چندي لاءِ زميندارن وٽ وڃون ٿا پر هو خالي موٽائي ڇڏين ٿا.

ان تي حضرت رح جن ارشاد فرمايو ته انهن مان گهڻن جي ڪمائي حرام جي هوندي آهي جو اهي هارين جا حق کائي ويندا آهن. الله تعاليٰ اهڙي ڪمائي کي ديني مدارس لاءِ قبول نٿو فرمائي. ان ڪري انهن کي توفيق عطا نٿو فرمائي ته هو ديني ڪمن ۾ حصو وٺن. غريبن جي ڪمائي حلال جي هوندي آهي. انهن کي توفيق ملي ٿي ته انهن جي ڪمائي مان دين جو ڪم ٿئي ٿو. دين جي ڪمن ۾ سڀني کان اڳي ويچارا غريب ئي هوندا آهن.

هڪ شخص واري ڳوٺ (لڳ هاليجي شريف) ۾ رهندو هو. ميل فقير نالي- ڏاڍو نيڪ شخص هو، ڏاڍي مهمان نوازي ڪندو هو. رات جي ماني رکيون ويٺو هوندو هو ته متان ڪو مهمان اچي ته ان کي کارايان، تان ته صبح ٿي وڃيس ۽ پوءِ کائي ڇڏي. وري صبح جو ماني پچائي ته شام تائين رکيون ويٺو هوندو هو ته متان ڪو مهمان اچي وڃي. پاڻ ماني پچائيندو هو گهر واري ڪو نه هيس، جو پچائي ڏيس. ماڻهو هن سان دشمني ڪرن ته هي سڀني سان نيڪي ڪندو هو.

مخدوم کهڙن وارا هت (نرڇ وارن) ڪلهوڙن وٽ ايندا هئا. صالحاڻي جا ڪلهوڙا به انهن جا مريد هئا. پوءِ اهي مخدوم اچن ته هي ميل فقير انهن کي گهر وٺي وڃي. انهن کي هڪ رپيو ڏئي ڇڏي ۽ چوين ته دعا ڪريو. پوءِ وري مخدوم سال کان پوءِ اچن ۽ چون ته سالانه نذرانو هڪ رپيو ملي. هو چوي ته اهو اتفاق سان ڏنو هيم، پر هو ٻارهو ئي اچن ۽ رپيو وصول ڪندا رهن!

هڪ شاهه هيو، هڪ گهر وٽان لنگهيو ته گهر وارا هڪ مئل ڪڪڙ اڇلن پيا ته هن چيو ته ميان اها ڇو ٿا اڇليو،  مون کي ڏيئي ڇڏيو. وري ايندڙ سال آيو ته ڪڪڙ ڏيو. انهن گهر وارن چيس اڙي اها ته اسان مئل ڏني هئي سون. شاهه صاحب چوڻ لڳو ته ڀلا ماري ڪري ڏيو. پوءِ ٻارهو ئي ڪڪڙ وٺڻ ايندو هو!

هڪ شخص پنندو هو. هڪ ٻي شخص ان کي چيو ته يار مون کي به پنڻ سيکار. هن چيوته بس هڪ ئي سبق سکي ڇڏ. ڪنهن به ماڻهو کي جنهن جاءِ تي ڏسين جنهن وقت ڏسين ان وقت ان کان سوال ڪر ۽ پوءِ جيڪا به شيءِ هو ڏئي اها وٺي ڇڏ. پوءِ اهو سيکاريندڙ شخص هڪ دفعي بيت الخلا ۾ ويٺو هو ته هي شخص آيو ۽ کائونس سوال ڪيائين ته هن به اتي ئي هڪ وار پٽي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيس. ۽ چيائين ته واقعي تون قابل شاگرد آهين!

پنڻ جو ڪم اڳي شاهه ڪندا هئا ۽ ان ۾ ماهر هئا، پر هاڻي ان ڪم کي مُلن شروع ڪيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com