شيخ جو ادب:
فقير محمد صالح بجاراڻيءَ جي حضرت امروٽيءَ رح جن جي خدمت ۾
ڏاڍي آمدورفت هوندي هئي، ان فرمايو ته حضرت
هاليجوي رح پنهنجي مرشد جو بيحد ادب ڪندا هئا جڏهن
به حضرت امروٽي جي خدمت اقدس ۾ حاضر ٿيندا هئا ته
مجلس ۾ سمورن فقيرن جي پويان ويهند اهئا ۽ مٿو
مبارڪ جهڪائي ڪري نظر هيٺ رکندا هئا ۽ بلڪل خاموش
رهندا هئا جيستائين جو حضرت امروٽي رح جن پاڻ
اجازت ڏين ۽ فرمائن ته گهر وڃو پوءِ حضرت هاليجوي
رح گهر واپس ٿيندا هئا. فقير محمد صالح جن نقل ڪن
ٿا ته حضرت امروٽيءَ کي انگريزن زهر ڏياريو هيو ۽
ان زهر جو اثر آخر عمر تائين رهيو هو ان زهر جي
زائل ڪرڻ لاءِ دوائون ٺهرائيندا هئا چونڪ حضرت
هاليجوي رح حضرت امروٽيءَ جا معتمد عليہ هئا ان
ڪري دواسازي جي خدمت به انهن جي ئي حوالي هئي. ٻن
ٻن، ٽن ٽن مهينن تائين دوائن کي جوش ڏيڻو پوندو هو
اها خدمت حضرت هاليجوي رح پنهنجن هٿن سان ڪندا
هئا.
حضرت صاحب جن بيان فرمايو ته ميان محمود حسين کي جڏهن ڇتي گدڙ
چڪ پاتو هو ته ان جو علاج به اڃان شروع نه ٿيو هو،
ته حضرت امروٽيءَ جو خط مبارڪ آيو ته جلدي هت پهچي
وڃو، آءٌ ان ڏينهن حضرت صاحب جن جي حڪم مطابق
روانو ٿي ويس،نينگر جو معاملو الله سائينءَ جي
حوالي ڪيم جڏهن امروٽ شريف پهتم ته ٻه ٽي مهينا
اتي رهي پيم ايستائين جو امروٽي سائين رح جن پاڻ
اجازت ڏيڻ فرمائي جڏهن گهر پهتم ته پويان ٻچڙي کي
به الله تعاليٰ عافيت فرمائي هئي.
هڪ ڀيري جماعت جي فقراءَ مان هڪ فقير دعا جي درخواست ڪئي ۽
تعويذ وغيره به لکرايا ۽ دعا جي لاءِ ڏاڍو ڪجهه
چيائين، حضرت صاحب جن کيس فرمايو ته مون پنهنجي
شيخ ۽ مرشد کي نه ڪڏهن دعا جي درخواست ڪئي ۽ نه
ڪڏهن تعويذ لاءِ عرض ڪيو.
توحيد:
حضرت امروٽيءَ جن سان بيعت حضرت صاحب جي ڪامل موحد هجڻ جو سبب
بڻي. ان کان بعد حضرت سائين اهڙا پختي عقيدي وارا
موحد ٿيا جو حضرت جي توحيد جو اثر حضرت جي مريدن ۾
به نهايت غالب هيو، ايتري تائين جو حضرت جا اڻ
پڙهيل مريد به انتهائي پختي عقيدي وارا بڻجي ويا.
هڪ دفعي حضرت سائين پاڻ واقعو بيان فرمايو ته هڪ
شخص حضرت حافظ محمد صديق صاحب رحمة الله عليہ جن
جو مريد هو ان ٻڌو ته منهنجي مرشد جي طبيعت ناساز
آهي تنهن ڪري زيارت ۽ مزاج پرسيءَ لاءِ ڀرچونڊي
شريف روانو ٿيو. رستي ۾ رات ٿي وئي. سرحد شهر ۾
مولوي محمد ابراهيم ڀيو صاحب وٽ رات گذاريائين.
مولوي صاحب فقير کان پڇيو ته ڪيڏانهن وڃي رهيا
آهيو جواب ۾ چيائين ته ڀرچونڊي شريف پنهنجي مرشد
جي خدمت ۾ وڃي رهيو آهيان، ٻڌو اٿم ته سندن طبيعت
ناساز آهي طبع پرسي ڪندم ۽ سندن زيارت کان به
مشرف ٿيندم. مولوي محمد ابراهيم صاحب چيس ته توهان
جي پير صاحب جي خدمت ۾ هڪ پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ڇا
توهان اهو پيغام پهچائيندؤ. فقير چيو ضرور
پهچائيندم. مولوي محمد ابراهيم صاحب چيو ته پنهنجي
پير صاحب کي چئجانءِ ته اهو پنهنجي شيخ جي قبر تي
وڃي ۽ اتي دعا گهري، تان ته کيس شفا حاصل ٿئي.
فقير جڏهن ڀرچونڊي شريف پهتو ۽ پنهنجي مرشد جي
زيارت کان مشرف ٿيو، فقير، سائين جن کي عرض ڪيو ته
مولوي محمد ابراهيم سرحد واري مون کي هڪ پيغام ڏنو
آهي ته سائين جن جي خدمت ۾ پهچايان، سائين جن
اجازت ڏني ۽ فرمايائون ته ٻڌايو ڪهڙو پيغام آهي.
فقير عرض ڪيو ته مولوي محمد ابراهيم رح هي پيغام
ڏنو آهي ته توهان پنهنجي پير جي قبر تي وڃي ڪري
دعا گهرو ته صحت ۽ عافيت نصيب ٿئي، حضرت صاحب جن
فرمايو ته منهنجي پير ۽ مرشد مون کي اها تعليم نه
ڏني آهي ته توهان کي ڪائي بيماري ۽ تڪليف پهچي ته
منهنجي قبر تي اچي ڪري دعا گهرجو، بلڪه منهنجي پير
هيءَ تعليم ڏني آهي ته الله تبارڪ و تعاليٰ کان
عافيت ۽ شفا گهرو، الله رب العزت ئي شفا ڏيندڙ ۽
مشڪل ڪشا آهي. جڏهن فقير مولوي محمد ابراهيم رح وٽ
پهتو ته ان پڇيس ته، ڇا منهنجو پيغام پير صاحب کي
پهچايو؟ فقير چيو بيشڪ پهچايم. مولوي محمد ابراهيم
رح چيو ته توهان جي پير صاحب پوءِ ڇا جواب ڏنو.
فقير چيو، منهنجي پير صاحب هي فرمايو ته منهنجي
شيخ ۽ مرشد مون کي اها تعليم نه ڏني آهي ته توهان
کي ڪائي مصيبت پهچي يا بيماري ٿئي ته منهنجي قبر
تي شفاءَ ۽ عافيت گهرجو، بلڪ مون کي منهنجي شيخ ۽
مرشد هيءَ تعليم ڏني آهي ته، توهان کي جڏهن ڪائي
مصيبت ۽ بيماري پهچي ته الله رب العزت جي بارگاهه
۾ دعا گهرو، الله رب العزت ئي شفا ڏيڻ وارو آهي.
مولوي محمد ابراهيم چيو ته توهان جو پير وهابي
آهي.
واعظ اسلام قاري محمد عيسيٰ رحمة الله عليہ جن فرمائيندا هئا ته
حضرت صاحب رحمة الله عليہ پنهنجي نفس جي عاجزي ۽
ڪمتري بيان فرمائي ڪري، الله رب العزت جي توحيد
کي بلند فرمايائون، هڪ ڀيري سائينءَ جي، مريدن مان
هڪ شخص چيو ته جڏهن به مون کي ڪا مشڪل پيش ايندي
آهي، ته دل ۾ آئون اوهان جو تصور ڪندو آهيان،
اوهان جي صورت ڏسندو آهيان، ته الله تعاليٰ ان
مشڪل کي حل فرمائيندو آهي، تنهن تي فرمايائون ته
مون کي ان ڳالهه جي خبر بلڪل نه هوندي آهي، اها
الله تعاليٰ جي رحمة هوندي آهي، جا منهنجي شڪل ۾
اچي ڪري، ان مشڪل کي حل ڪندي آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي،
ڪنهن الله جي ٻانهي سان تعلق ۽ عقيدت هوندي آهي،
پوءِ اهو شخص جيڪڏهن ڪنهن مشڪل ۾ مبتلا ٿي پوندو
آهي ته الله تعاليٰ جي رحمة ان الله جي ٻانهي،
يعني شيخ جي شڪل ۾ اچي ڪري ان شخص جي مدد ڪندي
آهي، جيئن حضرت يوسف عليٰ نبينا عليہ الصلوات
والسلام کي، جڏهن بيبي زليخان سڀ دروازا بند ڪري.
بري ڪم جي دعوت ڏنائين، بعض مفسرين جي قول مطابق،
الله تعاليٰ حضرت يعقوب عليہ السلام جي صورت
مبارڪ کي سامهون ڪيو. حضرت يوسف عليہ السلام ڏٺو
ته حضرت يعقوب عليہ السلام ڏندن ۾ آڱر ڏئي فرمائي
رهيو آهي ته تون يوسف بن يعقوب بن اسحاق بن
ابراهيم عليہم السلام آهين ۽ توهان جو نالو
انبياءَ عليہم السلام جي فهرست ۾ آهي ۽ هي ڪم
نامناسب آهي، اهو ڏسي حضرت يوسف عليہ السلام وٺي
ڀڳو، حالانڪ حضرت يعقوب عليہ السلام کي خبر به نه
هئي، بلڪه حضرت يعقوب عليہ السلام ته فرمائي رهيو
هو، اي پٽؤ! وڃي ڪري يوسف عليہ السلام کي ڳوليو ۽
الله جي رحمة کان نااميد نه ٿيو، اها الله تعاليٰ
جي رحمة هئي، جا حضرت يعقوب عليہ لاسلام جي صورت
۾، حضرت يوسف عليہ السلام جي دستگيري فرمائي رهي
هئي.“
اتباع سنت:
حضرت سائين! اتباع سنت ۽ شريعت جا بيحد پابند هئا بلڪ مستحبات
جي ادائگيءَ ۾ به بيحد ڪوشش فرمائيندا هئا ۽
پنهنجي متوسلين ۽ معتقدين کي به سنت جي تابعداري
جو تاڪيد فرمائيندا هئا، سندن معمول هو جو مسجد ۾
سڄو پير داخل فرمائيندا هئا پر هن ڪري جو جتيءَ
مان پهريان کٻو پير ڪڍڻ مسنون آهي، ان ڪري پهريان
کٻو پير جتيءَ مان ڪڍي جتيءَ جي مٿان رکندا هئا،
پوءِ سڄو پير جتيءَ مان ڪڍي مسجد ۾ داخل فرمائيندا
هئا ۽ مسجد مان نڪرڻ وقت اول کٻو پير ڪڍڻ سنت آهي
۽ جتيءَ پائڻ ۾ پهريون سڄو پير پائڻ سنت آهي، ان
ڪري پهريون کٻو پير ڪڍي ڪري جتيءَ جي مٿان
رکنداهئا پوءِ سڄو پير جتيءَ ۾ داخل ڪندا هئا. ان
طرح مسجد ۾ داخل ٿيڻ ۽ جتي پائڻ ۽ لاهڻ جي ٻنهي
سنتن کي جمع ڪندا هئا. آخري عمر ۾ کين هڪ ڏند بچيو
هو پوءِ به ڏندڻ واري سنت جي پابندي ڪندا هئا تمام
اعمالن ۾ سنت جو پاڻ اهتمام فرمائيندا هئا ۽
پنهنجن متعلقين کي به سنت جي مٿان عمل جي تاڪيد
فرمائيندا هئا. بدعات ۽ خرافات کان بچڻ جو ڏاڍو
تاڪيد فرمائيندا هئا. جڏهن ڪو به ملاقات لاءِ
ايندو هو ته معانقو (ڀاڪر) ۽ مصافحو فرمائي نالو،
قوميت، وطن ۽ خير و عافيت پڇندا هئا، سنڌ ۾ هتي
طريقو آهي ته جڏهن ڪنهن به بزرگ يا عالم يا
دنيادار وڏي ماڻهوءَ سان ملاقات ڪندا آهن ته مٿي
کي جهڪائيندا آهن، ۽ هٿ ان جي پيرن تي رکندا آهن،
ان کان پوءِ مصافحو ڪندا آهن، چونڪ اهو طريقو سنت
جي خلاف آهي، ان ڪري حضرت سائين ان طريقي (عمل)
کان سختيءَ سان منع فرمائيندا هئا. بدعات ۽
خرافات ۽ اعمال غير شرعيه کان بچڻ جي نهايت تاڪيد
فرمائيندا هئا، هڪ دفعي جماعت جي ماڻهن مان ڪنهن
شخص عرض ڪيو ته حضرت فلاڻي شخص ڳوٺ ۾ ڳائڻيءَ کي
گهرايو هو ۽ راڳ ٻڌڻ جي مجلس ڪوٺائي هئي، حضرت
سائين جن فرمايو ته ماڻهو ان قسم جي بدعات ۽ راڳ
ٻڌڻ جي مجلسن سان گمراهه ٿيندا آهن ۽ قرآن جي
تعليم سان هدايت وٺندا آهن ۽ صراط مستقيم تي فائز
(ڪامياب) ٿيندا آهن ۽ قرآن ڪريم جي آيت تلاوت
فرمايائون:
’ان هذاالقرآن يهدي للتي هي اقوم (الايہ)
ترجمو: بيشڪ هي قرآن اهڙي طريقي جي رهنمائي ڪري ٿو، جو بلڪل سڌو
آهي ۽ ايمان وارن کي جيڪي نيڪ عمل ڪندا رهن ٿا،
خوشخبري ڏيندو آهي ته انهن لاءِ تمام وڏو اجر آهي.
هڪ دفعي هي احقر (مولوي ڌڻي بخش صاحب) ۽ منهنجو رفيق حاجي گلاب
الدين حضرت صاحب جن جي زيارت لاءِ حاضر ٿياسين،
رات جو جيڪب آباد پهتاسين، رستي ۾ ڪنهن جڳهه تي
محفل سماع منعقد هئي قوال ڳائي رهيو هو. حاجي صاحب
موصوف فرمايو ته قوالي ۾ مون کي وڏو مزو اچي ٿو،
آخر ان جو سبب ڇا آهي. آءٌ کين چيو ته حضرت صاحب
جن جي خدمت ۾ حاضر ٿي رهيا آهيون، اتي ئي اهو
مسئلو پيش ڪري حل ڪرايو ويندو. حضرت صاحب جن جي
خدمت اقدس ۾ حاضري ٿي ۽ ڪجهه ڏينهن قيام به رهيو،
مگر مذڪوره مسئلو پيش نه ٿي سگهيو. اتفاقا آءٌ
موجود نه هوس، حاجي گلاب الدين صاحب ان مجلس ۾
موجود هئا، صندليءَ تي هڪ بياض رکيل هئو، حضرت
صاحب جن ان کي کنيو ۽ ان کي ڏٺائون، ان ۾ غزل لکيل
هو، حضرت صاحب جن فرمايو ته هي بياض ڪنهن جو آهي.
هڪ شخص عرض ڪيو ته سائين منهنجو آهي. پاڻ
فرمايائونس ته تون غزل چوندو آهين؟ ان عرض ڪيو ته،
بيشڪ چوندو آهيان. جواب ۾ حضرت صاحب جن فرمايو ته
جڏهن مجلس سماع منعقد ٿيندي آهي ۽ ڳائڻ، وڄائڻ ۽
قوالي شروع ٿي ويندي آهي ته بعض جاهل صوفي چوندا
آهن ته مون کي محفل سماع ۾ ڏاڍو مزو ايندو آهي ۽
لطائف جاري ٿي ويندا آهن، حالانڪ محفل سماع ۽ سرود
بدعت جون مجلسون ۽ شيطاني محفلون آهن، شيطان اچي
ٻنهي ڪلهن تي سوار ٿيندو آهي ۽ سڄي پير جي کُڙي
روحي لطيفي تي ۽ کٻي پير جي کڙي قلبي لطيفي تي
هڻندو آهي، جاهل صوفي سمجهندو آهي ته لطيفا جاري
ٿي ويا آهن.
چونڪ حضرت صاحب جن بي انتها سنت ۽ شريعت جا تابعدار هئا ۽ خلاف
سنت ۽ شريعت وارن عملن کان نهايت بيزار ۽ نفرت
ڪندا هئا، ان ڪري فرمائيندا هئا ته ماڻهو ڏاڙهي
ڪوڙن ٿا ۽ سمجهن ٿا ته اسين ماڻهن جي نظرن ۾ ڏاڍا
سهڻا لڳون ٿا، حالانڪ مون وٽ ٻنهي قسمن جا ماڻهو
ڏاڙهي وارا ۽ بي ڏاڙهيا ايندا رهندا آهن، مون کي
ڏاڙهي وارا ريءَ ڏاڙهيءَ وارن کان وڌيڪ سٺا نظر
ايندا آهن.
هي احقر (مولانا ڌڻي بخش صاحب) تقريباً پنجويهن سالن تائين حضرت
صاحب جن جي خدمت اقدس ۾ حاضري ڏيندو رهيو، مگر
ڪڏهن به سماع جي مجلس منعقد ٿيندي نظر نه آئي.
توڙي جو بغير دهل جي ئي ڇو نه هجي ۽ نه وري، ڪڏهن
به هاليجي شريف جي ڳوٺ ۾ مجلس سماع ٿيندي ڏٺي.
عام طرح هي طريقو آهي، ته شادي ۾ عورتون ڳائينديون آهن ۽ غميءَ
۾ روڄ راڙو ڪنديون آهن، ليڪن اهو طريقو هاليجي
شريف ۾ ڪڏهن به نه ڏٺو ويو. حضرت صاحب جن جي برڪت
سان ٻيون رسمون جهالت جون به هاليجي شريف ۾ نه
ٿينديون آهن.
عشق و محبت:
حضرت صاحب جن اتباع سنت ۽ شريعت ۾ راسخ قدم هئا، ان ڪري پنهنجي
مجلس مبارڪ ۾ اڪثر ڪري قرآن ۽ حديث بيان فرمائيندا
هئا. هر وقت قال الله و قال الرسول ٻڌڻ ۾ ايندو
هو، اظهار عشق و محبت گهٽ ڪندا هئا، چونڪ قلب
مبارڪ ۾ عشق ۽ محبت موجزن (سمايل) هو، ان ڪري ٿڌو
ساه سيني مبارڪ مان نڪرندو هو ۽ نهايت دردناڪ
انداز ۽ خاص لهجي ۾ اشعار محبت پڙهندا هئا.
بالخصوص ابن فارض جو هي شعر پڙهندا هئا.
شربنا عليٰ ذڪر الحبيب مدامة
سکرنا بها من قبل ان يخلق الکرم-
ترجمو: محبوب جي ياد جو شراب پي ڪري اسان مست ۽ مخمور ٿي وياسين
اڳ ان جي انگور جو وڻ پيدا ڪيو وڃي.
(انگور مان شراب ٺاهيو ويندو آهي) ۽ هي شعر سنڌي زبان ۾ به
نهايت دلسوز انداز ۾ پڙهندا هئا.
اشرف وڃي ٿي عمر اجائي
عشق بنان سڀ ڌوڙ ۽ ڇائي
هڪ بره جو بارُ اٺاءِ
ٻيا بار ڀيري هڻ بهن تي
هي شعر به پڙهندا هئا:
جهد کن تا تو به چشمِ دل عيان
روئي يارِ خويش بيني در جهان
هر که روئي يار در دنيا نديد
کـﻶ بخواهد ديد در عقبي مريد
ترجمو: ڪوشش ڪر تانڪ يار جي چهري کي هن دنيا ۾ ڏسي وٺين، جنهن
شخص هن دنيا ۾ يار کي نه ڏٺو پوءِ آخرت ۾ يار کي
ڇو ڏسندو (پسندو) ديدار ڪندو.
ڪڏهن مثنوي مولانا روم مان هي شعر پڙهندا هئا:
ديد مجنون رايکـﻶ صحر نورد
در بيابان غمش بنشست فرد
ريگ کاغذ بود و انگشتان قلم
مي نمودﻵ نام ليليٰ را رقم
گفت اي مجنون شيدا چيست اين
مي نويسي نامه بهر کيست اين
گفت مشقِ نام ليليٰ مي کنم
خاطرِ خود را تسليٰ مي دهم
عشق موليٰ کي کم از ليليٰ بود
گوئي گشتن بهر او اوليٰ بود
ترجمو: هڪ جهنگل ۾ ڦرڻ واري مجنون کي ڏٺو ته غم جي سبب جهنگ ۾
اڪيلو ويٺو هو واريءَ جي مٿان آڱرين سان ڪجهه لکي
رهيو هيو ان شخص پڇيو ته اي مجنون هي ڇا ڪري رهيو
آهين ڪنهن ڏي خط لکي رهيو آهين؟ مجنونءَ جواب ڏنو
ته ليليٰ جي نالي جي مشق ڪري رهيو آهيان ۽ پنهنجي
دل کي تسلي ڏئي رهيو آهيان، ان کان بعد پاڻ، حضرت
صاحب جن فرمايو ته مولا جو عشق، ليليٰ جي عشق کان
گهٽ نه ٿو ٿي سگهي (گهٽ نه آهي) محبوب حقيقي جي
لاءِ مثل ڏيٽيءَ جي هئڻ گهرجي تان ته محبوب جاڏي
گهري هليو وڃي.
عبادات و رياضات:
حضرت صاحب وڏا عبادت گذار هئا پنج ئي وقت نمازون باجماعت ادا
فرمائيندا هئا ۽ امامت جا فرائض پاڻ سرانجام ڏيندا
هئا باوجود ان جي جو هر وقت، مختلف مرضن ۽ تڪليفن
۾ مبتلا هوندا هئا، جسم مبارڪ ۾ سخت سور هوندو
هون، سنڌن جي سور جي تڪليف ٿيندي هين مگر باوجود
انهن سمورن عذرن ۽ تڪليفن جي مسجد شريف ۾ باجماعت
نماز ادا فرمائيندا هئا ۽ امامت به خود فرمائيندا
هئا.
هڪ دفعي (جو واقعو) خود بيان فرمايائون ته هڪڙي سال سيلاب آيو،
ماڻهو پنهنجا مال متاع کڻي ٻين جاين تي منتقل ٿي
ويا صرف اسان هتي رهجي وياسين، هڪ فقير مون سان گڏ
هت بچيو، چند ڏينهن بعد ان فقير به ٻئي جاءِ تي
منتقل ٿيڻ جو ارادو ڪيو آءٌ ان کي چيو ته توهان
هتان منتقل نه ٿيو تاڪ نماز باجماعت ٿيندي رهي،
منهنجي چوڻ تي هو رهجي پيو ۽ نماز باجماعت ٿيندي
رهي هڪ دفعي فرمايائون ته اتر طرف مسجد جو ڪمرو
هيو ان ۾ ذڪر اذڪار ڪندو هوس، هڪ دفعي ذڪر ۾ مشغول
هوس، رات بلڪل انڌيري هئي، پٺي پويان پير جي هڻڻ
جو آواز محسوس ٿيو، مڙي ڪري ڏٺم ته ڪا ڪاري شيءَ
هئي مگر ذڪر ۾ مشغول رهيس، ان جي طرف توجه نه ڪيم،
ٽي چار ڏينهن ايئن ئي معاملو پيش آيو، مگر آءٌ
پنهنجي ذڪر ۾ مشغول رهيس پوءِ اها ڪيفيت ختم ٿي
وئي.
رمضان المبارڪ ۾ تراويحان بيهي ڪري ادا ڪندا هئا، تهجد نماز به
نهايت پابندي سان ادا فرمائيندا هئا، تهجد جي
متعلق فرمائيندا هئا ته، جڏهن آءٌ تهجد پڙهڻ جو
ارادو ڪيو ته ابتدائي سالن ۾ ننڊ جي غلبي سبب
اکيون بند ٿي وينديون هيون، پر ارادي بعد روزانه
اٿڻ جي توفيق نصيب ٿيندي هئي، اڌ ننڊ اڌ جاڳ
(خمار) جي حالت ۾ نماز تهجد ادا ڪندو هوس، ڪڏهن ته
رڪوع سجدي جي خبر به ڪا نه پوندي هئي، پر الحمدلله
اٿڻ پابندي سان ٿيندو هو. ڪجهه وقت بعد ننڊ جو
غلبو ويندو رهيو. پر جڏهن کان تهجد جي نماز شروع
ٿي، اڄ تائين ڪڏهن به قضا نه ٿي آهي ۽ حديث پاڪ
”احب الاعمال عند الله ادومها وان قل“ پڙهياؤن.
ابتدا ۾ پاڻ قران مجيد جي تلاوت بعد نماز اشراق فرمائيندا هئا.
آخري عمر ۾ بعد نماز ظهر تلاوت فرمائيندا هئا ۽
غالباً روزانه هڪ پاري جو معمول هو، جمعي جي ڏينهن
نماز جمعي بعد ملاقات وارن جو هجوم هوندو هو.
تلاوت جو موقعو نه ملندو هو، ان ڪري ان جي تلافي
خميس ڏينهن ٻه پاره تلاوت فرمائيندا هئا. بعد نماز
مغرب ذڪر جهري ڪندا هئا، جيئن ته مشائخ قادريه جو
معمول آهي، بعد ذڪر مراقبه به فرمائيندا هئا.
مراقبه ۾ اڪثر مشائخ، تصور شيخ جي تعليم فرمائيندا
آهن. پر پاڻ شيخ جي تصور بدران ذڪر قلبي جي تعليم
فرمائيندا هئا.
فرمائيندا هئا ته مشائخ ڪرام، تصور شيخ جو ان ڪري تلقين
فرمائيندا هئا ته ان سبب تعلق بالله درست ٿي وڃي،
ڇو ته هي مقصد، ذڪر الله ۽ توجهات شيخ سان به حاصل
ٿيندو آهي، ان لاءِ تصور شيخ جي ڪا ضرورت نه آهي.
ابتدائي دور ۾ مشقت ۽ رياضت جي زندگي گذاريائون.
حاجي محمود احسن صاحب جن جي مامي ميان حبيب الله
صاحب جن چيو ته: ”حضرت صاحب جن سان منهنجي بعيت
ڪافي عرصو پهريون هئي، ابتدائي دور ۾ حضرت صاحب جن
ڪجهه عرصو جهنگ ۾ گذاريو، سندن معمول هو ته هاليجي
شريف جي اولهه طرف، جهنگ جي طرف نڪري ويندا هئا ۽
عبادت ۾ مشغول رهندا هئا. آءٌ ماني اتي پهچائيندو
هوس، مختصر ماني، سرنهن جو ساڳ يا چڻن جي دال
وغيره جيڪا پٽڙي هوندي هئي، صرف آءٌ حضرت صاحب جن
جي خدمت ۾ ايندو ويندو هوس، ڪنهن کي به ان جي خبر
نه هئي، ۽ خبر ڏيڻ جي پابندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن آءٌ
به رات جو حضرت صاحب جن سان جهنگ ۾ رهي پوندو
هوس، پاڻ حضرت سائين جن ڪيترا چلا هن طرح به
گذاريا، جو افطار وقت هڪ کارڪ ۽ سحري وقت هڪ کارڪ
تناول فرمائيندا هئا.
توجهات ۽ فيوضات:
حضرت صاحب توجهه ڪامل سمورن مريدن ڏانهن هوندو هو، مخلصين ۽
معتقدين پورو پورو استفادو حاصل ڪندا هئا، حضرت
صاحب جن جا اڪثر مريد ذاڪر ۽ شاغل هئا ۽ ذڪر الله
کان انهن جا قلوب مطمئن هوندا هئا، حضرت صاحب جن
جي صحبت ۾ دنيا ومافيها کان بيخبر، ذڪر ۾ هوندي
ائين محسوس ٿيندو هو ته، هر هڪ کي سواءِ ذڪر حق جي
ڪوئي ٻيو مشغلو نه آهي. ۽ ڄڻ ته ڪنهن سان تعلق ئي
نه آهي، ۽ نه وري الله رب العزة کان سواءِ دنيا ۾
ڪو موجود ئي آهي. بلڪ ائين معلوم ٿيندو هو ته ڪنهن
ٻئي جهان ۾ پهچي ويا آهيون ۽ اتان جو اصل مشغلو
ذڪر الله ئي آهي. حضرت صاحب جن جي صحبت ۾ ويهي، هر
شخص دنيا کان نفرت ۽ بيزاري ۽ آخرت سان تعلق محسوس
ڪندو هو، سندس مجلس مبارڪ ۾ سواءِ ذڪر الله ۽ قال
الرسول جي ٻيو ڪو به ذڪر نه ٿيندو هو، اڪثر مواعظ
۽ ملفوظات کي قرآن ۽ حديث سان مدلل فرمائيندا هئا،
مسائل تصوف به قران و حديث نيز صحابه ڪرام جي
اقوال سان بيان فرمائيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن سيدنا
حضرت عبدالقادر جيلاني رحمة الله عليہ جا واقعات ۽
پڻ حضرت محمد راشد سائين روضي ڌڻي، رحمة الله عليہ
جن جا واقعات ۽ ملفوظات بيان فرمائيندا هئا.
بعد نماز عصر ڪنهن سان گفتگو ڪرڻ پسند نه فرمائيندا هئا. ذڪر ۾
مشغول هوندا هئا، تسبيح هٿ مبارڪ ۾ هميشه هوندي
هين. راقم الحروف (مولانا ڌڻي بخش صاحب) غور سان
ٻڌو، ته معلوم ٿيو ته ڪلمه تمجيد جو ورد فرمائي
رهيا آهن. بعد نماز مغرب ذڪر جهري کان پوءِ، مصلي
تي سمهي ڪري آرام فرمائيندا هئا ۽ حديث پاڪ جون
مسنون دعائون ۽ مسنون سورتون تلاوت فرمائيندا هئا.
مڪاشفات ۽ دفع شبهات:
حضرت صاحب جن مڪاشفات ۽ ڪرامات کي قابل توجه شيءِ نه سمجهندا
هئا. بلڪ مقصود حقيقي (تعلق بالله لاءِ رخنو
وجهندڙ سمجهندا هئا) پر بعض حالات ۾ بي اختيار
ڪرامات ۽ مڪاشفات جو ظهور ٿي ويندو هو. حضرت
مولانا عبدالعزيز صاحب رحمة الله عليہ جيڪي حضرت
صاحب جن جي خلفاءِ مان هئا، فرمائيندا هئا ته:
”ڪنهن وقت جيڪڏهن دل ۾ ڪي شبها پيدا ٿيندا هئا ته
حضرت صاحب جن ڏي زيارت لاءِ روانو ٿيندو هوس ته
ڪيترائي شبها اسٽيشن تي پهچڻ سان ئي دور ٿي ويندا
هئا. ڪجهه ريل تان پنو عاقل ۾ لهڻ سان ئي دور ٿي
ويندا هئا. باقي بعض رهيل شبها به حضرت صاحب جن جي
خدمت ۾ ويهڻ سان ئي دور ٿي ويندا هئا.“ حضرت
مولانا قاضي احسان احمد صاحب شجاع آبادي خطيب
پاڪستان حضرت صاحب جن جي وصال بعد تعزيت جي لاءِ
هاليجي شريف فرما ٿيا. هي احقر (مولانا ڌڻي بخش
صاحب) به موجود هو. قاضي صاحب جن اول حضرت صاحب
جن جي مزار تي حاضري ڏني. ايصال ثواب ۽ دعاءِ
مغرفت کان فارغ ٿيا ته عصر نماز جي اقامت شروع ٿي
بعد فراغت نماز حضرت مولانا حافظ محمود اسعد صاحب
سجاده نشين ۽ صاحبزاده الحاج محمود احسن صاحب جن
سان تعزيت فرمايائون ۽ فرمائڻ لڳا ته: ”صرف اوهان
جي والد صاحب جن جو انتقال نه ٿيو آهي، پر پوري
جماعت خصوصاً علماءِ ڪرام جي پوري جماعت جي والد
جو انتقال ٿيو آهي.“
قاضي صاحب فرمائڻ لڳا ته جڏهن پهريون دفعو آءٌ خدمت اقدس ۾
حاضر ٿيس ته معمول جي مطابق پاڻ مسجد شريف ۾ تشريف
فرما هئا ۽ تفسير مظهري مطالعو فرمائي رهيا هئا.
بطريق مسنون هر هڪ کان نالو وغيره دريافت فرمائي
رهيا هئا، مون کان نالو پڇيائون ته آءٌ چيو
”احسان احمد ته پاڻ فرمايائون ته قاضي احسان احمد
ته آءٌ چيو هائو! پاڻ اٿي بيٺا ۽ ڀاڪر پاتائون ۽
خيريت دريافت فرمايائون، ان بعد ٿوري دير تفسير
ملاحظه فرمائيندا رهيا. ان بعد تقرير شروع
فرمايائون. قاضي صاحب جن ٽي دفعا قسم کنيو والله،
بالله، تالله ۽ چوڻ لڳو ته جڏهن آءٌ پهريون دفعو
حاضر ٿيس ته منهنجي دل ۾ ڪجهه شڪوڪ شبهات هئا،
حضرت صاحب جن تقرير ۾ منهنجن سمورن شڪن ۽ شبهات جو
ازالو فرمايو، ائين معلوم ٿئي پيو ته منهنجا شڪوڪ
۽ شبهات لکيل حضرت صاحب جن جي خدمت ۾ سامهون آهن ۽
پاڻ هڪ هڪ جو جواب مرحمة فرمائي رهيا آهن.
الحمدلله منهنجا تمام شڪ ۽ شبهات حضرت صاحب جن جي
هڪ ئي تقرير ۾ ڪافور (ختم) ٿي ويا.
قاضي صاحب جن فرمايو ته ان بعد مون کي مسجد کان ٻاهر حجري جي
طرف وٺي ويا، منهنجي لاءِ ماني گهرايائون. چانورن
جي ماني ۽ مٽرن جي دال هئي، انب به هئا. انب حضرت
صاحب جن پنهنجن هٿن سان وڍي مون کي ڏئي رهيا هئا ۽
فرمائن پيا ته قاضي صاحب انب ڏاڍا مٺا آهن. آءٌ
ماني کائي رهيو هوس. مون کي کاڌو ايتري قدر ته
لذيذ معلوم ٿي رهيو هيو جو ان کان اڳ ڪنهن به کاڌي
۾ ايتري لذت محسوس نه ٿي هئي. حالانڪه آءٌ سوين
لذيذ ۽ مڪلف کاڌا، کاڌا هئا. پر ڪڏهن به اهڙي لذت
ڪنهن کاڌي ۾ محسوس نه ٿي.
صاحبزاده! حافظ محمود اسعد صاحب جن فرمايو ته حضرت صاحب جن
فرمايو ته قاضي صاحب جن کي کاڌي کان بعد مٺي کائڻ
جي عادت آهي، آءٌ مٺو کڻي آيس ۽ قاضي صاحب جن کي
ڏنو ۽ قاضي صاحب فرمائڻ لڳا، واقعي مون کي مٺي
کائڻ جي عادت آهي.
هي حقير به ڪيترن ئي سالن تائين حضرت صاحب جن جي خدمت ۾ حاضر
ٿيندو رهيو. حضرت صاحب جن جڏهن به تقرير فرمائيندا
هئا ته تمام حاضرين مجلس جي شبهات جو جواب ملي
ويندو هو. درپيش مسائل ازخود حل ٿي ويندا هئا ۽
حاضرين مجلس وارن مان هر هڪ خيال ڪندو هو ته هيءَ
تقرير منهنجي لاءِ آهي.
بعض فقراءَ نقل ڪيو آهي ته حضرت مولانا محمد يوسف صاحب بنوري
رحمة الله عليہ فرمايو ته هڪ دفعي آءٌ حاضر خدمت
ٿيس، ڪيترائي ماڻهو مجلس مبارڪ ۾ ويٺل هئا. منهنجي
دل ۾ خيال آيو ته جيڪڏهن (اڪيلائي) هجي ته حضرت
صاحب جن کي ڪجهه عرض معروض ڪيان منهنجي دل ۾ اهو
خيال آيو ئي مَسَ ته حضرت صاحب جن حاضرين مجلس کي
فرمايو ته اوهان ٿوري دير لاءِ الڳ ٿي ويهو. مون
کي حضرت بنوري صاحب رحه جن سان اڪيلائي ۾ ڳالهائڻو
آهي.
جماعت جا ماڻهو الڳ ٿي ويا آءٌ اطمينان سان گفتگو ڪئي.
حضرت مولانا حافظ محمود اسعد صاحب سجاده نشين فرمايو ته هڪ دفعي
قاضي احسان احمد شجاع آبادي حضرت صاحب جن جي خدمت
۾ حاضر ٿيا، سخت پريشان هئا، عرض ڪرڻ لڳا ته
مخالفن سخت مخالفت ڪئي آهي، ۽ حڪومت ۾ به درخواست
ڏئي ڇڏي اٿائون ۽ طرح طرح جي ايذاءَ رساني ڪن ٿا.
حضرت صاحب جن قاضي صاحب کي فرمائيو ته اوهان
اطمينان رکو، مخالف ڪجهه به نه ڪري سگهندا ۽ اوهان
هميشه انهن کان اڳي رهندؤ. قاضي صاحب نهايت خوش ٿي
واپس ويا. الحمدلله مخالف ڪجهه به نه ڪري سگهيا. |