سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: تحفة السالڪين

 

صفحو :6

ملفوظات

 

7 شعبان 1380 هه بروز اربع بوقت صبح

 

بسم الله الرحمٰن الرحيم - وبہ نستعين

ملفوظ 1

جناب ڊاڪٽر عبدالفتاح صاحب بلوچ عرض ڪيو ته: حضرت سائين! شيطاني خيالات دل تي اڀرن ٿا ۽ برن ڪمن جي طرف دل مائل ٿي وڃي ٿي، ان لاءِ هدايت فرمايو.

تنهن تي هيءُ ارشاد فرمايائون! ”پٽ! خليفو منٺار ٺٽي ننگر جو هڪ عالم دين هو اتي پڙهائيندو هو. ان جي شاگردن مان هڪ شاگرد رات جو ٻاهر نڪتو. ڇا ڏسي ته هڪ نوجوان خوبصورت عورت اڪيلي بيٺي آهي. ان کان پڇيائين ته اَمَان! تون هتي ڇو بيٺي آهين؟ عورت جواب ڏنو ته اسين مائٽن جي شادي تي وڃي رهيا هئاسون، شام جو شهر مان موٽياسون ته بازار ۾ منهنجو ڪپڙو اٽڪي پيو، جنهن جي ڇڏائڻ ۾ چند قدم، آءٌ  پوئتي رهجي ويس، اَکِ ڇنڀ ۾ منهنجا مائٽ منهنجي، نظر کان غائب ٿي ويا، آءٌ  ڀلجي ڪري، ڪنهن ٻي گهٽيءَ مان شهر جي ٻي طرف وڃي نڪتس. رات جو وقت آهي، اڪيلي پريشان بيٺي آهيان. تنهن تي ان شاگرد چيو ته مون سان گڏجي هل، آءٌ  توکي رهايان. عورت هن سان گڏجي آئي. شاگرد جو اڪيلو ڪمرو هو جنهن ۾ عورت کي وٺي آيو ۽ هڪ طالب علم جي بستري کي وڇائي کيس چيائين ته هاڻي اطمينان سان آرام ڪر ۽ پاڻ ڪتاب جي مطالعي ڪرڻ ۾ شروع ٿي ويو. رات گذري وئي، صبح ٿيو، صبح نماز کان بعد هڪ شخص مسجد ۾ دعا گهرائي ته اسان سان هڪ واقعو پيش ٿيو آهي، دعا گهرو ته الله تعاليٰ  مشڪل حل فرمائي. اسان جي هڪ ڇوڪري هئي، شاديءَ تي ٿي وياسون، ڪالهه بازار  ۾ گم ٿي وئي آهي، ڳولي ڳولي ٿڪجي پيا آهيون. طالب العلم ان شخص کي چيو ته ڀائو، اها عورت مون وٽ آهي. ائين چئي ان کي پاڻ سان وٺي ڇوڪريءَ تائين آندائين. مائٽن کي ڏاڍي خوشي حاصل ٿي، پر کين اهو فڪر ٿيو ته سڄي رات ڇوڪري هڪ نوجوان طالب سان اڪيلي رهي آهي، خبر نه آهي ته هِنَ جي عصمت جو ڪهڙو حال هوندو، ٻانهن ته ملي پر داغ ضرور لڳي ويو هوندو. ان ڇوڪريءَ پنهنجي مائٽن کي سر گذشت (گذريل وقت متعلق) ٻڌائيندي کين يقين ڏياريو ته، هن طالب العلم جهڙو شريف انسان اڄ تائين منهنجي نظر کان ڪو نه گذريو آهي، مون کي وٺي آيو ۽ بستري تي سمهاريائين ۽ پاڻ ڪتاب ڏسڻ لڳو، وري مون ڏانهن نظر به ڪو نه ڪيائين. پهرين نظر ايندي وقت پوڻ بعد ساري رات ۾ نه مون سان ڳالهايو اٿس نه ڪي نهاريو اٿس، باقي هڪڙو ڪرشمو رات جو مون ڏٺو، جو انهيءَ طالب پنهنجي چيچ واري آڱر ڏيئي تي رکي ساڙي ۽ ان بعد ان کي پٽي ٻڌي ڇڏيائين. اُن جو سبب اِنَ طالب کان پڇو. طالب العلم ٻڌايو ته رات جو وقت هو، شيطان منهنجي دل ۾ خيال آندو ته هيءَ اڪيلي خوبصورت ڇوڪري هٿ آئي آهي، ڪو به ڏسڻ وارو ڪو نه آهي، ان سان برو ڪم ڪر. نفس بري ڪم ڪرڻ تي آماده ٿيو، مون نفس کي چيو ته ڇا تون هيءُ برو ڪم ڪري جهنم جي باه جيڪا هن باهه کان ستر هزار دفعا وڌيڪ آهي، ان کي برداشت ڪري سگهندين؟ الله تعاليٰ  قرآن مجيد ۾ فرمائي ٿو ته عبادالرحمٰن يعني (رحمٰن جا ٻانها) انهن جون صفتون هي آهن لَايَدٌعُوٌنَ مَعَ اللهِ اِلٰهاَ آخَر- الله تعاليٰ  کان سواءِ ٻي ڪنهن به شيءِ کي مصيبتن ۾ ڪو نه پڪاريندا آهن.، وَلاَ يَزنُون اهي الله جا ٻانها زِنا به ڪو نه ڪندا آهن وَمَن يُفَعَلٌ ذَالِڪَ يَلٌقَ اثَاَماً. جيڪو به شخص اهي ڪم ڪندو اهو گناهه سان ملندو يا جزاءَ اثام کي ملندو.

ٻي مقام تي الله تعاليٰ  ارشاد فرمايو آهي ته فَخَلَفَ مِنٌ بَعٌدِ هَمٌ خَلٌفُ اَضَاعُو الصَّلٌواةَ وَاتَّبَعُو الشَّهَوَاتِ فَسَوٌفَ يَلَقَوٌنَ غَيّاَ.

”ڀلارن ۽ نيڪو ڪار شخصن جي اولاد پيدا ٿي، انهن نماز کي ضايع ڪيو ۽ شهوات جي پويان لڳي پيا، اُهي جلد غيّ جي ملاقات ڪندا.“ اثام ۽ غَيّ اِهي ٻه جهم ۾ واديون آهن، جڏهن جهنم جي باه ۾ هلڪائي ٿيندي آهي ته انهن کي کوليو ويندو آهي. يُضَاعَفُ لَہُ الٌعَذَابَ يَوٌمَ الٌقِيٰمَةِ وَ يَخٌلُدُ فِيٌہِ مُهَاناً.”اهڙن بدڪار شخصن کي قيامت ڏينهن ٻيڻو عذاب ڏنو ويندو. هميشه جهنم ۾ ذليل و خوار ٿي رهندا.“

 اي نفس! اهڙي خطرناڪ باهه جهنم جي برداشت ڪرين ٿو ۽ ان بري ڪم کان نٿو هٽين ته هاڻي هي معمولي ڏئي جي باهه ته سهي سگهه- ان ڪري آءٌ  پنهنجي چيچ ان تي رکيم.

اهي شخص تمام سمجهدا رهيا- خيال ڪيائون ته هن شخص جهڙو نيڪ ڪردار اسان کي ٻيو ڪو نه ملي سگهندو. تنهن ڪري ان ڇوڪريءَ کي ان طالب علم سان شادي ڪرايائون. آخرڪار ان پاڪيزه عورت مان ان کي هڪ پٽ به پيدا ٿيو. پيءُ ۽ پٽ ٻئي بزرگ الله وارا بڻجي ويا. پر افسوس! جاهلن انهن تي قبا ٺهرايا. ته پٽ! شيطان ۽ نفس انسان کي برن ڪمن ڏانهن ڇڪيندا آهن، پر ايمان جي طاقت ان کي روڪيندي آهي ته اهي سڀ تو کي گمراهي ڏانهن سڏين ٿا. انهيءَ ايماني طاقت سان انسان برائيءَ کان بچي ويندو آهي، ان کيد الشيطٰن کان ضعيفاً. ”شيطان جا مڪر، فريب ۽ تدبيرون ايمان جي طاقت آڏو ڪمزور ۽ ضعيف آهن.“ شيطان گهڻو ڪري نيڪو ڪار شخص ۽ دين جي ڪارڪن کي ئي بدنام ڪندو آهي. ان جي بدنامي سان گهڻي خلق کي پاڻ ڏي ڇڪيندو آهي. ڇو ته ديندار ۽ وقعت رکندڙ شخص کان برو ڪم ٿيو ته ٻين ماڻهن جي به همت ٽٽي پوندي آهي، هو سمجهندو ته هن ديندار ماڻهوءَ به برائي ڪئي ته آءٌ  وري ڪيئن بچي سگهندس. ان اهميت جي پيش نظر عام آدمن جي مقابلي ۾، ديندار جي برائي اسلام کان بدگماني پيدا ڪري ٿي ۽ اسلام تي داغ بڻجي وڃي ٿي.

 

ملفوظ نمبر 2:

ڊاڪٽر صاحب وري عرض ڪيو ته حضرت! علماءِ ڪرام حياة النبي صلي الله عليہ وسلم جي مسئلي ۾ اختلاف ڪن ٿا، پارٽي بازي ٿيندي وڃي ٿي، اسان عوام کي ڏاڍو مونجهارو ٿي پيو آهي، ته حقيقت ڇا آهي؟

تازو مولانا محمد علي صاحب جالندهري  پني عاقل جي اجلاس ۾، هُن مسئلي تي خطاب ڪري ويا آهن.

ارشاد فرمايائون ته، الله تعاليٰ  قرآن مجيد ۾ فرمايو آهي.”ولا تکونوا کاالذين تفرقوا واختلفوا من بعد ما جاءَ تهم البينات و اولٰئڪَ لهم عذاب عظيم ط“

”اي امت محمديه! اوهان انهن وانگر نه ٿجو، جيئن اڳيان امتي پاڻ ۾ ٽولا ٽولا ٿيا ۽ پاڻ ۾ اختلاف ڪيائون، هن کان بعد جو انهن وٽ واضح دلائل به آيا هئا. ڄاڻي ٻجهي حق کي سمجهڻ بعد، ٽولي بازي ڪيائون، انهن لاءِ وڏو عذاب آهي. دين جي ڪم ۾ اختلاف ڪري ماڻهن ۾ ڏڦيڙ وجهندڙ لاءِ اهو عذاب خداوندي تيار ٿيل آهي. علماءَ ڪرام ۾ به اختلاف ائين ٿيندو آهي. هڪ عالم چيو ته هي ڳالهه هن طرح آهي ٻي عالم چيو ته نه هن طرح آهي. حالانڪ اهو مسئلو به ڪو ضروري نه آهي. وري ان جي اشاعت کان بعد پارٽي بڻجي ويندي هو هن کي چوندو ته هي عالم غلط آهي. ٻيو چوندو ته تون گمراهي ۾ آهين. اها صرف شيطان جي شرارت آهي جو هو گهري ٿو ته هي پاڻ ۾ متفق ۽ متحد ٿي دين جو ڪم نه ڪن بلڪ ٽولا ٽولا ٿي ڪري پاڻ ۾ لڙندا رهن. مسئلو حيات النبي صلي الله عليہ وسلم به ائين ئي آهي. علماءَ ڪرام پاڻ ۾ ويهي سمجهن ها. پيار ۽ محبت سان ان مسئلي کي حل ڪن ها ته بهتر هو نه ڪه ماڻهن ۾ اچي عوام جي آڏو پنهنجا اختلاف ظاهر ڪن.

 اسان کي ته صرف هي عقيدو رکڻون آهي لا الٰہ الا الله محمد رسول اللهِ“ هڪ الله تعاليٰ  ئي معبود برحق آهي ان کان سواءِ ٻي ڪنهن جي به عبادت بنه ناهي ۽ محمد صلي الله عليہ وسلم کي واقعي الله تعاليٰ  رهبر ڪري موڪليو آهي.“  اهو ئي رستو ۽ راهه صحيح آهي جيڪا راهه حضور صلي الله عليہ وسلم جن اسان کي ڏيکاري ٻيو ڪو به شخص ڪهڙي به راهه ٻڌائي ان کي ٺوڪر هڻي راهه مصطفيٰ تي گامزن ٿي هلجي اهو مطلب آهي ”محمد رسول اللهَ“ جو.

هي آهي دين ۽ اسلام – سولو ۽ سنهنجو دين – دين ته الله تعاليٰ  اسان کي سولو ڪري ڏنو آهي. تنهن ڪري اڳيان بزرگ ائين چوندا ويا ته الله تعاليٰ اسان کي ڪلمه توحيد تي موت ڏي. بس اها وڏي غنيمت آهي. ”نصاريٰ“ به جيڪڏهن پنهنجي رسول کي رسول ئي سمجهن ٿا نه ڪه اهي ڳالهيون جيڪي هو چوڻ لڳا ته ڪڏهن به گمراه ڪو نه ٿين ها. ارشاد باري تعاليٰ  ايترو آهي ته شهداءَ جيئرا آهن ۽ حديث شريف ۾ وارد آهي ته انبياءَ عليہم السلام به جيئرا آهن. هاڻي اها زندگي ڪهڙي آهي ان سان اسان جو ڪهڙو سر وڪار – الله تعاليٰ  ئي بهتر ڄاڻي ٿو!

ان زندگي جون حقيقتون وراءَ الوراءَ آهن. دنيا ۾ رهندي ان زندگي جي حقيقت سمجهه کان بالاتر آهي تنهن ڪري الله تعاليٰ  فرمايو- وَلٰکن لاتشعرون. اسان جي نجات لاءِ ڪلمه توحيد تي عقيدو ۽ ايمان رکڻ ضروري آهي. عبدالله بن رواحه رضه صحابي رسول هو. ان جي هڪ ٻانهي هئي جا سندس ٻڪريون چاريندي هئي. ڌڻ مان هڪ ٻڪري بيمار ٿي پئي ان کي ڪجهه ڏينهن گهر ۾ ٻڌي خدمت ڪئي ويندي هئي. جڏهن اها خوش ٿي ته ڌڻ سان ان کي هڪليو ويو پر هوءَ چند ڏينهن عليحده گذارڻ سبب ڌڻ سان نه پئي هلي. ڌڻ کان جدا رهڻ سبب ان ٻڪري کي بگهڙ کائي ويو- عبدالله بن رواحه رضه ٻڪري بابت ٻانهي کان پڇيو ٻانهي کيس حقيقت ٻڌائي جنهن ۾ هن جو ڪو قصور ڪو نه هو پر عبدالله رضه کي ڪاوڙ اچي وئي ۽ ٻانهيءَ کي منهن تي هڪ چماٽ هنيائين. چماٽ هڻڻ بعد جلد ئي پشيمان ٿيو ته مان هي ڇا ڪيو. حضور ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن جي خدمت ۾ آيو سارو واقعو عرض رکيائين. فَعَظّمَه النبي صلي الله عليہ وسلم ”نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن انهيءَ واقعي کي وڏي نظر سان ڏٺو“ ۽ فرمايائون وڏو اوکو ڪم ڪيو اٿئي لَطَمتَ وجه مؤمنہ- ”مؤمن عورت جي منهن تي چماٽ“! جڏهن مؤمن جو لفظ فرمايائون ته عبدالله رضه عرض رکيو ته سائين! هو ايمان مان ڇا ڄاڻي هوءَ جهنگل ۾ ٻڪريون چاريندي آهي پاڻ ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن ان ٻانهيءَ کي گهرايو ۽ پڇيو ويو اين الله ”الله تعاليٰ  ڪٿي آهي؟“ هن آسمان ڏانهن اشارو ڪندي جواب ڏنو ته ايڏانهن آهي!

وري پڇيائون من انا؟ ”آءٌ  ڪير آهيان؟“ ٻانهي جواب ڏنو انت رسول الله، حضور اڪرم صلي الله عليہ وسلم ان ٻانهي لاءِ مؤمن هجڻ جو فيصلو فرمايو ۽ کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڪيائون.

اسلام ته اسان کي سولو مليو آهي پر هي ماڻهو خواه مخواه برسر عام اچي غير ضروري مسائل کي ڇيڙيندا آهن ۽ وري هڪ ٻئي کي گاريون ڏيندا آهن تنهن ڪري سندن وقعت هلي ويندي آهي. سمجهدار ماڻهو سوچيندا ته آخر هي ڇا ٿا چون؟ انهن جي دلين مان سندن اهميت نڪري ويندي!

ولا تڪونوا کالذين الخ – ”توهان هرگز انهن وانگر نه ٿيو جيڪي ڇڙ وڇڙ بڻجي ويا. حجتون به اچي ويون پر حسد پاران ائين ڪرڻ لڳا ته منهنجو مسئلو صحيح نڪري ۽ فلاڻي جو غلط ٿئي.“ اڳين (سلف صالحين) جو اختلاف حق جي ظاهر ٿيڻ لاءِ هوندو هو پر هاڻي ضد ۽ حسد جو اختلاف آهي. مولانا رومي فرمائي ٿو.

علم ظاهر مبدا ڪبر و حسد

علم باطن معدن نورِ احمد

”ظاهري علم ڪبر و حسد پيدا ٿيڻ جي جاءِ آهي.“ فلاڻو پڙهي آيو آهي. مدرسو کوليائين ماڻهو ان ڏانهن متوجه ٿي ويا. منهنجو اڳيون مرتبو هليو ويندو.

”علم باطن الله تعاليٰ جي انوار جي کاڻ آهي“. الله جي طلب ۽ رضا وارو علم اهڙو آهي جو عالم ته ٺهيو پر ادنيٰ ماڻهو کي به هو وڌيڪ سمجهندا آهن. ظاهري علم وارا چوندا آهن ته اسين خلق جي آڏو مقبول ٿيون، اوهي مون کان راضي رهن. باطني علم وارا چوندا آهن ته اسان جو مخلوق سان ڪهڙو سر وڪار، انهن جي رضا ۽ عدم رضا ڇا آهي. اسان کان هر وقت اسان جو سائين راضي هجي.

هڪ بادشاه هو حج تي ٿي ويو. واٽ تي هڪ الله واري ٻانهي سان ملاقات ڪيائين ۽ ان کي دعوت ڪيائين. دعوت ۾ وڏو انتظام ڪيو ويو. هڪ صف ۾ بادشاه وزراء وغيره ويٺا ٻي صف ۾ غريب ماڻهو. در کان ٻاهر پينون فقير به اچي ويٺا. اهو الله وارو جو آيو ته اچي انهن فقيرن سان ويٺو ۽ کاڌو تناول ڪيائين ته الله وارا ٻانهان پنهنجي نفس کي ماري ڇڏيندا آهن. الله تعاليٰ  جي عظمت ۽ ڪبريائي جو اثر الله وارن ٻانهن تي هوندو آهي جنهن ڪري پنهن جي ڪبريائي انهن کان وسري ويندي آهي.

سيدنا عبدالقادر جيلاني رحمةه الله عليہ حج تي ويا. اتي عرفات ۾ پٿرن تي مٿو رکي رب کي ٻاڏائڻ لڳا ۽ فرمائڻ لڳا ته اي منهنجا رب سائين! مون کي منهنجا گناه معاف فرماءِ، جيڪڏهن معافي عنايت نه فرمائين ته مون کي قيامت ڏينهن انڌو ڪري اٿائج تان ته آئون ساري مخلوقات اولين و آخرين ۾ شرمسار نه ٿيان. اهو آهي اهل الله جو حال! ساري مخلوقات کان پاڻ کي گهٽ سمجهڻ، علم ظاهري وارا ٺٺ ٺانگر ڪيون ٻي تي ڪاوڙيا ايندا، پاڻ کي ڪا شيءَ پيا سمجهندا. ائين نه ڪرڻ کپي. وَاولئڪ لهُم عَذَابُ عَظيم. ”جيڪي شخص حجتن اچڻ بعد سمجهڻ سوچڻ بعد اختلاف ڪن ٿا انهن لاءِ وڏو عذاب آهي.“ انهن جو اختلاف دين کي ڊاهيندو آهي ۽ ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ جو سبب بڻبو آهي.

ٻي مقام تي الله تعاليٰ  ارشاد فرمائي ٿو:

ولا تتخذوا ايمانکم دخلاً بينکم – اوهين پاڻ ۾ قسم کڻي ٻي ڌر کي مطمئن ڪريو ٿا ۽ اعتبار ڏياريو ٿا ته اسين حملو نه ڪنداسون پر قسم کي ڍال بڻائي هنن کي يقين ڏيارڻ بعد حملو ڪريو ٿا.

اهي ٺڳي وارا قسم هر گز نه کڻو. ڇو ته ان حرڪت ڪرڻ بعد اهي شخص جيڪي اسلام ۾ داخل ٿيل آهن ۽ اوهان تي ويساهه رکن ٿا، انهن جو عقيدو ٽٽي پوندو. انهن حرڪتن ڏسڻ بعد پٺ تي هٽي ويندا. جن جي دلين ۾ اسلام جي رغبت هوندي انهن کي نفرت اچي ويندي.

فتزل قدم بعد ثبوتها – گويا ڪ اوهان برا ڪم ڪري برو ڪردار پيش ڪري ماڻهن کي اسلام کان روڪي ڇڏيو، هو چئي سگهن ٿا ته توهان جا جيڪڏهن هي ڪرتوت آهن ته پوءِ اسلام ۾ ڪهڙي نيڪي آهي.

اهڙا مسلم بڻجو جو اهل ڪفر اوهان کي ڏسي اسلام ڏانهن ڇڪجي اچن. اهڙا ڪم نه ڪريو جو اسلام کان نفرت جو باعث اوهان جي ذات بڻجي وڃي!

ولڪم عذاب عظيم ط ”ان سبب اوهان کي وڏو عذاب ڏنو ويندو.“ ڇو ته توهان گمراه ٿيڻ جو سبب بنجي ويؤ. اهڙي طرح جيڪو به مسلم آهي، دين سان نسبت رکي ٿو اهو بدڪمن کان حذر ڪري. ڇو ته اهو برو ڪم ڪندو ته ٻي خلق جو به حوصلو ختم ٿي ويندو. ماڻهو چوندا ته فلاڻو ڪهڙو ته دين جو ڪم ڪندو هو اڄ ان جا هي حال آهن پوءِ اسان وري دين جو ڪهڙو ڪم ڪري سگهنداسين!

اسان جي شيشي واري الماڙي هڪ حجري ۾ رکي هئي. اتي ڦوسي اچي ويٺي ۽ پنهنجي شڪل ڏسي ان تي ڦتڪڻ لڳي نيٺ ان کان وٺ نڪري وئي پوءِ هلي وئي. ائين انسان کي ڪا شيءَ ڏسي لغزش ۾ اچڻ نه گهرجي. حديث شريف ۾ آهي ته پاڻ فرمايائون ته اتقوا مواضع التهمہ ”گناه ته نه ڪريو پر تهمت جي جاين کان به پاڻ کي بچايو.“  سڀ ڪنهن ديندار کي گهرجي ته دين جي حفاظت لاءِ برن ڪمن کان پاڻ کي بچائي. ڇو ته توهان کي دين سمجهيو وڃي ٿو پوءِ توهان خراب ٿيندؤ ته دين به خراب سمجهيو ويندو. لاهور ۾ هڪڙي مولوي صاحب واعظ ڪيو. ٻهراڙي جي هڪ زميندار اهو واعظ ٻڌو ان کي ڏاڍو پسند آيو ڀڄي وڃي مولوي صاحب کي دعوت ڏنائين ته توهان اسان جي ڳوٺ اچي وعظ ڪيو. هن دعوت قبول ڪئي ۽ ڳوٺ ۾ اچي واعظ ڪيائين. واعظ جو ڏاڍو اثر ٿيو، ڳوٺ وارن مسجد بڻائي ۽ ننڍا وڏا نمازي ٿي ويا. عورتون به نماز پڙهڻ لڳيون. اهل علم جو وڏو درجو آهي. انهن جي ذريعي وڏو اصلاح ٿيندو آهي.

پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم فرمايو اٿن ته:

فقيہ واحد اشد علي الشيطن من الف عابد (الحديث)

اشد جي معنيٰ آهي اثقل يعني هڪ فقيهه شيطان تي هزار عابد کان وڌيڪ ڳرو هوندو آهي.

ڪو نيڪ ماڻهو مجلس ۾ اچي ويندو آهي ته ان کي ڳرو سمجهي سمورا چُپ ٿي ويندا آهن. اهو وڃًي مجلس مان ته پوءِ ٿا ويهي کلون، ڳالهائيون، شيطان چوندا آهن ته هزار عابد ڀل هجن پر هڪ عالم نه هجي. ڇو ته عالم جي هجڻ سان نور پيد ٿيندو آهي.

ته اهو مولوي صاحب ان ڳوٺ ۾ ايندو ويندو هو. ان جو نالو هو مولوي رحمة الله.

انهي ڳوٺ ۾ هڪ عورت غلام فاطمه نالي هئي. ان جي عمر 18 سال هئي. اها ڇوڪري مولوي تي عاشق ٿي پئي. هُن مولوي کي چورايو ته تون اسان ڏي اندر اچ ته عورتون به واعظ ٻڌن ۽ مسئلا پڇن. پوءِ مولوي ٻاهر به واعظ ڪري ۽ اندر به وڃي واعظ ڪري. آهستي آهستي مولوي کي خبر پئجي وئي ته عورت مون تي عاشق ٿي پئي آهي. پوءِ هڪ ڏينهن اهو زميندار ڳوٺ ۾ ڪو نه هو، هي مولوي آيو ۽ ان ڇوڪري کي ڀڄائي کڻي ويو! زميندار ڳوٺ ۾ آيو اعلان ڪيائين ته جيڪو ان مولوي کي ڳولي لهي آڻيندو ان کي پنج سو رپيا انعام ڏيندس. نيٺ ان مولوي کي دهلي ۾ ڏٺو ويو ته اتي پڙهائي رهيو آهي ۽ اها عورت به ان وٽ آهي ۽ کيس پيٽ به اٿس.، زميندار کي ٻڌايو ويو. زميندار ان مولوي کي پڪڙي ڳوٺ وٺي آيو. پوءِ ان مولوي کي قتل ڪري ڇڏيائون. ڳوٺ وارا دين کان ايترو بدظن ٿي ويا جو جنهن کي ڏسن ته ڪو نمازي آهي ته چون اهو شيطان آهي. پوءِ اڳي کان وڌيڪ برن ڪمن ۾ پئجي ويا. شيطان ڪهڙي طرح نيڪن کان برا ڪم ڪرائي نيڪي کان نفرت پيدا ڪرائيندو آهي. ماڻهو دين کان اڳئي نفرت ڪن ٿا ويتر جو ديندار برا ڪم ڪرن ته پوءِ دين کان وڌيڪ نفرت پيدا ٿي وڃي ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com