سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: تحفة السالڪين

 

صفحو :5

 

تواضع

حضرت صاحب جن متواضع ۽ منکسر المزاج هئا ۽ فرمائيندا هئا ته انسان ڪهڙي ڳالهه تي تڪبر ۽ خود بيني ڪري. حالانڪ ان جي اندر پائخانو ۽ پيشاب ڀريل آهي نڪ ۽ دماغ بلغم سان پر آهن.

مراورا رسد کبرياءِ و مني

که ملکش قديم است و ذاتش غني

ان سلسلي ۾ هڪ واقعو پاڻ بيان بيان فرمائيندا هئا ته هڪ شخص هڪ پير وٽ ويو ته مون کي پنهنجن مريدن ۾ داخل فرماءِ پير چيو ته پهريون وڃ ۽ دنيا ۾ گهمي ڦري، پاڻ کان ذليل ترين شيءِ مون وٽ کڻي اچ پوءِ بيعت وٺندس اهو شخص ان ارادي سان نڪتو، ان جي نظر نهايت ڪمزور ڪتي تي پئي، جيڪو نهايت خراب ۽ نٻل حالت ۾ پيو هو. ان شخص جي دل ۾ خيال آيو ته ان ڪتي کي پير صاحب ڏي وٺي وڃجي، جيئن جو ڪتي کي هٿ لڳايائين، ته ڪتي مان آواز آيو ته مون کي ڪاڏي وٺي هلين ٿو، ان شخص چيو ته مون کي منهنجي پير صاحب حڪم ڪيو آهي ته پاڻ کان ذليل ترين شيءِ کي سندن اڳيان پيش ڪريان، ان ڪري تو کي وٺي هلان ٿو، ڪتي مان آواز آيو ته آءٌ  تو کان بهتر آهيان، ان ڪري ته مان حيوان آهيان. الله تعاليٰ  وٽ مون کان ڪوئي سوال نه ٿيندو ۽ تنهنجي اعمالن جي تو کان پڇا قيامت ۾ ٿيڻي آهي، پوءِ مان ڪيئن تو کان ذليل آهيان. اهو شخص سمجهي ويو ته ڪتو ٺيڪ چئي رهيو آهي. وري ان شخص ڏٺو ته ڀنگي پليتي کڻي رهيو آهي، ان شخص خيال ڪيو ته اها پليتي مون کان ذليل آهي. اِنَ پليتي کي پير صاحب وٽ کڻي وڃڻ گهرجي، پليتيءَ مان آواز آيو ته مان تو کان گهٽ ڇا ۾ آهيان، مان ته اناج هوس، ميوو هوس، جڏهن تو انُ کاڌو ۽ تنهنجي پيٽ ۾ داخل ٿيس ته تنهجي اندر مون کي، خراب ڪري ڇڏيو، بس تنهنجو پيٽ مون کان بدتر آهي، جو مون جهڙي پاڪ اناج ۽ پاڪ ميوي کي نجس ۽ خراب ڪري ڇڏيو. ان کان بعد اهو شخص پنهنجي پير صاحب وٽ واپس، موٽي آيو پير صاحب سوال ڪيو ته پاڻ کان گهٽ شيءَ کڻي آندي اٿيئي. ان جواب ڏنو ته پاڻ کان گهٽ ۽ ذليل شيءِ ڪنهن کي به نه ٿو سمجهان. پير صاحب فرمايو ته وڻ تو کان بيعت وٺان ٿو.

حضرت صاحب جن فرمايو ته سالڪ  پنهنجو پاڻ کي سڀ کان گهٽ ۽ حقير سمجهي. بعض دوستن نقل ڪيو آهي ته هڪ دفعي ڪوئي عالم پنجاب کان تشريف فرما ٿيو ۽ حضرت صاحب جن کان اجازت طلب ڪري تقرري شروع ڪيائين، تقرير ۾ حضرت صاحب جن جي بي حد تعريف ۽ توصيف ڪيائين، جڏهن هو تقرير ڪري ويهي رهيو ته ڇاڪاڻ حضرت صاحب جن کي روبرو تعريف ٻڌڻ ناپسند هئي ان ڪري فرمايائون ته مولوي صاحب، اوهان تمام گهڻي تعريف ڪئي، مگر آءٌ  ان گڏهه جي بيوقوف مالڪ وانگر نه آهيان جو توهان جي تعريف ڪرڻ سان منهنجو نفس مغرور ٿي وڃي. ”مَن آنم که من دانم“ ۽ پاڻ اُنَ گڏهه جي مالڪ جو قصو هن طرح بيان فرمايائون، ته هڪ شخص وٽ نهايت خراب ۽ بيڪار گڏهه هيو، جيڪڏهن ان جي مٿان سواري ڪري ته سُوار کي ڪيرائي ڇڏيندو هو، اهو مالڪ ان گڏهه کان تنگ اچي چڪو هو، ان سوچيو ته شهر ۾ وڃي ڪري وڪڻجيس. رستي ۾ جانورن جي خريد و فروخت وارو هڪ دلال مليس، ان چيس ته هن گڏهه کي ڪاڏي ڪاهي ٿو وڃين. اُن وراڻيو ته وڪڻڻ لاءِ. دلال چيو ته مون کي دلالي ڏي ته آءٌ وڪڻائي ڏيانءِ، ان شخص اها ڳالهه قبول ڪئي، دلال گڏهه کي بازار ڪاهي ويو ۽ اهو گڏهه جي تمام گهڻي تعريف ڪرڻ لڳو، چوڻ لڳو ته سواري ۾ نهايت، تيز رفتار ۽ نهايت گهڻي بار کڻڻ وارو ۽ ههڙو سٺو! ههڙو سٺو!

گڏهه جو مالڪ دلال جي تعريف ٻڌي، اهڙو مغرور ٿيو جو، دلال کي چوڻ لڳو، ته اهڙو سٺو گڏهه ڇو وڪڻان، آءٌ  ان کي نه وڪڻندس. دلال چيو ته ميان تنهنجو گڏهه ته اهو ئي آهي، جيڪو زمين تي ڪيرائيندو هو، آءٌ  ته وڪڻڻ خاطر اها تعريف ڪئي ۽ تون ايترو احمق آهين جو ان جي تعريف ٻڌي اڏامڻ لڳين، ۽ وڪڻڻ کان انڪار ڪيهءِ.

حضرت صاحب جن جي هر عمل مان تواضع ۽ انڪساري نظر ايندي هئي. هڪ دفعي حضرت مولانا مفتي فياض نور صاحب (جيڪي حضرت صاحب جن جي مريدن مان هئا ۽ هم عمر به هئا) حضرت صاحب جن کي عرض ڪيائين ته آءٌ  اوهان جي ڪرامت ڏسڻ جي تمنا رکان ٿو، حضرت صاحب جن فرمايو ته آءٌ  الله تعاليٰ  جي زمين تي هلي چلي رهيو آهيان ۽ ان جي ڏنل روزي کائي رهيو آهيان، ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ڪرامت ٿي سگهي ٿي. ورنه منهنجا اعمال ته اهڙا هئا جو زمين ڦاٽي پئي ۽ مون کي ڳهايو وڃي.

مولانا عبدالواحد صاحب جن بيان ڪيو ته آءٌ هڪ دفعي حضرت صاحب جن جي مجلس ۾، موجود هوس، مسئلي حيات النبي ﷺ جي باري ۾ ملڪ ۾ علماء جو بحث مباحثو هلندڙ هو. حاضرين مجلس مان ڪنهن شخص سوال ڪيو ته حضرت صاحب! اوهان جي ان مسئلي ۾ ڇا راءِ آهي، حضرت صاحب جن فرمايو، آءٌ  ڪير آهيان ۽ ڇا منهنجي راءِ ٿي سگهي ٿي جيڪو علماءَ حضرات فيصلو فرمائن آءٌ  ان جو متبع آهيان.

مولوي محمد ذڪريان بلوچ بيان ڪيو ته جنهن سال حضرت صاحب جن حج فرمايو، آءٌ  به حضرت صاحب جن سان گڏ هوس، حج جي فراغت بعد حضرت صاحب جن جڏهن جده ۾ تشريف فرما هئا ته اتي مولوي محمد اسماعيل شڪارپوري جن حضرت صاحب جن کان سوال ڪيو ته حضرتا اوهان هن سفر ۾ الله تعاليٰ  جي خاص بندن کي ڏٺو. حضرت صاحب جن فرمايو ته مولوي صاحب جيڪي ماڻهو به هت حج تي آيل هئا. سڀئي ماڻهو الله تعاليٰ   جا خاص بندا آهن، صرف آءٌ  ئي هڪ گنهگار شخص آهيان. مولوي صاحب عرض ڪيو ته مون کي اوهان جي ڪسر نفسي سان مقصد نه آهي، اوهان مهرباني فرمائي، سوال جو جواب عنايت فرمايو. حضرت صاحب جن فرمايو ته الله تعاليٰ  جي ڪجهه ذاڪر بندن کي ڏٺم، مولوي صاحب عرض ڪيو ته ذاڪر ڪنهن کي چوندا آهن حضرت صاحب جن فرمايو: ته ان جو تعلق هر وقت پنهنجي رب سان هوندو آهي، توڙي جو اهي پنهنجي گهر واريءَ سان صحبت ۾ مشغول ڇو نه هجن. مولوي ذڪريا صاحب چيو ته حضرت صاحب جن منهنجي طرف متوجه ٿيا ۽ فرمايائون ته مدينہ منوره ۾ جيڪو شخص سفيد ريش مون سان گڏ ويٺو هو، حڪيم به هو ۽ الله تعاليٰ  جو ذاڪر بندو به هيو.

رضا بالقضاءَ:

رضا باالقضاءَ جو حال حضرت صاحب جن ۾ ايتري انداز ۾ راسخ هيو جو هر ڏسڻ وارو پنهنجي بصارت سان محسوس ڪندو هو، ڪڏهن ڪڏهن هي شعر پڙهندا هئا:

هرچهٰ زآن دلربا برجان و دل آيد خوش است

ور وفا آيد خوش است، ور جفا آيد خوش است

ترجمه: محبوب جي طرف کان دل ۽ جان جي مٿان جيڪو به گذري قبول آهي، چاهي وفا اچي اها به قبول آهي، ۽ جفا اچي، اها به قبول آهي.

حاجي گلاب الدين سومري صاحب جن نقل ڪيو آهي ته منهنجو معمل هوندو هو، اڪثر ڪري گرمين ۾ ڪوئٽه ويندو هوس. هڪ سال وڃي نه سگهيس گرمين جي آخر ۾ حضرت صاحب جن دريافت فرمايو ته هن سال انگور کائڻ ڪوئٽا وڃڻ نه ٿيو آ ڇا؟ عرض ڪيم ته هن سال ڪوئٽا وڃڻ نه ٿيو، حرمين شريفين جي وڃڻ جو ارادو هو ان ۾ ڪاميابي حاصل نه ٿي، ٻارن جي کير لاءِ هڪ مينهن هئي اها به مري وئي.

ان موقعي تي پاڻ هڪ واقعو بيان فرمايائون ته مون وٽ به هڪ نهايت عمده ڪافي کير ڏيڻ واري ڏاچي هئي، گهر وارن لاءِ ۽ جماعت جي لاءِ ان جو کير ڪافي ٿي ويندو هو. تقير الاهي سان اهامري وئي. هڪ مينهن دريا جي هن پار هئي مان ماڻهو موڪليو ته مينهن آڻن، رستي ۾ مينهن جو ڦر مري ويو، پوءِ اچڻ بعد، ڪجهه کير ڏيندي رهي ۽ گهر جو ڪم هلندو رهيو، مگر الله تعاليٰ  جي مرضي، چند ڏينهن بعد اها مينهن به مري ويئي.

ايستائين جو جماعت مان ڪنهن جي گهر واري اسان جي گهر ۾ آئي، گهر جي حالت ڏسي چوڻ لڳي ته اسان جي گهر هڪ ڳئون آهي، حضرت صاحب جن ڪو ماڻهو موڪلي گهرائي وٺن، تان ته گهر وارن کي ڪجهه ڏڌ، لسي ملندي رهي حضرت صاحب جن فرمايو ته اسان ان کان معلوم ڪيو ته اها ڳئون تنهنجي ملڪيت آهي يا تنهنجي مڙس جي ان چيو ته منهنجي ملڪيت آهي، اها مون کي منهنجي والد ڏني آهي. چنانچه ماڻهو موڪلي اها گهرائي وئي. ٿورو گهڻو کير حاصل ٿي رهيو هو، ٿورن ڏينهن بعد ان جو مڙس آيو ۽ اها ڳئون واپس ڪاهي ويو. الله تعاليٰ  جي فيصلي تي شڪر ڪري راضي رهي وقت گذاريندو رهيس. حضرت شيخ عطا رح خوب فرمايو: 

هيچ کس از خود قضا را رد نه کرد

هر که راضي باقضا شد بد نه کرد

ترجمه: ڪوئي شخص الله تعاليٰ  جي فيصلي کي پاڻ کان ٽاري نه ٿو سگهي، جيڪو به الله تعاليٰ  جي فيصلي تي راضي رهيو، پنهنجي لاءِ ڀلو ڪيائين.

 

تبليغ دين:

حضرت سائين جن جي هر مجلس ۾ تبليغ هوندي هئي، ان ڪري جو حضرت صاحب جن جي گفتگو قال الله وقال الرسول ﷺ هوندي هئي، ڪائي مجلس ذڪر الله کان خالي نه هوندي هئي، ليڪن بعض اوقات ۾ پاڻ تبليغ لاءِ سفر به ڪيائون، فقير محمد صالح بجاراڻي بيان ڪن ٿا ته حضرت امروٽي رحمة الله عليہ، جن مختلف هنڌن ڏانهن وفد روانا ڪيا ۽ حضرت صاحب جن کي ان جو قائد ڪري موڪليائون. حضرت صاحب جن پنهنجن رفيقن سان گڏ زادراه ۽ ٻيون ضروريات پاڻ وٽان کڻي روانا ٿيندا هئا ۽ ڪافي ڏينهن تائين ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي تبليغ فرمائيندا هئا، ان کان علاوه به ڳوٺن ۾ ويندا رهندا هئا ۽ نماز کان بعد درس قرآن ڏيندا هئا، مدرسه دارالهديٰ ٺيڙهي ضلعي خيرپور ميرس جي جلسن ۾ اڪثر ويندا هئا ۽ تقرير فرمائيندا هئا. هڪ جلسي ۾ حضرت مولانا سيد عطآءٌ  الله شاه بخاري رح جن به تشريف فرما ٿيا هئا، حضرت سائين جن به ان جلسي ۾ شرڪت فرمائي. صبح جي نماز کان پوءِ حضرت سائين جن درس ڏنو هڪ نهايت مؤثر تقرير فرمائي حاضرين مجلس، بي حد متاثر ٿيا، حضرت صاحب جن، جڏهن به چند ڪلمات بطريق نصيحت ۽ اصلاح فرمائيندا هئا ته ان جو اثر ماڻهن جي دلين ۾ ڪافي ٿيندو هو. حقيقت ۾ واعظن ۽ عارفن جي بيان ۾ اهو ئي فرق آهي ته عارف جو بيان دلين کي متاثر ڪندو آهي ۽ واعظن جي تقرير صرف ڪنن تائين پهچندي آهي ۽ جماعت جي دعوت تي ٻين شهرن ڏانهن به تشريف فرما ٿيندا هئا، مناسب موقعي تي تقرير به فرمائيندا هئا ۽ ڪڏهن نماز کان بعد درس به ڏيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن، مدارس جي جلسن ۾ تشريف فرمائيندا هئا ۽ جمعيہ علماءِ جي جلسن ۾ به تشريف فرمائيندا هئا، سفر جي ترڪ ڪرڻ جا ٻه سبب بيان فرمائيندا هئا هڪ ناسازي طبع، جو حضرت صاحب جن جگر جا دائمي مريض هئا، وجع مفاصل، نيز ساري جسم ۾ هر وقت درد رهندو هو، سفر جي صعوبت ناقابل برداشت ٿي ويئي هئي.

ٻيو وجه هي بيان فرمائيندا هئا ته هتي ماڻهو دور دور کان، مثلاً پنجاب، حيدرآباد، ڪراچي، بلوچستان کان ملاقات لاءِ ايندا آهن. جيڪڏهن مان هتي موجود نه آهيان ته پوءِ انهن اچڻ واران کي وڏي مايوسي ٿئي ٿي. خانقاهه ۾ هڪ وڏي جماعت موجود هوندي هئي، هر وقت هر مجلس ۾ سواءِ قال الله وقال الرسول ﷺ ۽ اقوال مشائخ، ذڪر الله جي ٻيو ڪوئي گفتگو نه هوندو هو. هر جمعي تي بعد نماز جمعه قرآن ڪريم جو هڪ رڪوع پڙهي ڪري، ان جو بيان فرمائيندا هئا، سامعين بي حد متاثر ٿيندا هئا ۽ اهل حال وجد ۽ جذب جي ڪيفيت ۾ اچي ويندا هئا.

 

سياست:

حضرت صاحب جن انگريزن سان دشمني جو بيحد جذبو رکندڙ هئا ۽ هيءَ دشمني حضرت صاحب جن کي وراثت ۾ ملي هئي. جيئن ته هر شخص ڄاڻي ٿو ته حضرت صاحب جن جو شيخ ۽ مرشد حضرت امروٽي رحمہ الله عليہ علماءِ حق سان ملي ڪري ساري زندگي انگريزن جي خلاف جهاد ڪندا رهيا. حضرت صاحب جن فرمائيندا هئا ته گهڙيءَ جي مٿان جيڪي اکر انگريزي ۾ لکيل آهن، مان اڄ ڏينهن تائين انهن کي سڃاڻڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي ۽ مان نشانن تي وقت معلوم ڪندو آهيان. انگريزي تعليم جا پاڻ سخت مخالف هئا، واقعو آهي ته مدرسه دارالفيوض ڪنڌڪوٽ جڏهن شروع ڪيو ويو. شوريٰ جي بعض ممبران هي تجويز پيش ڪئي ته انگريزي تعليم جو شعبو به هن ۾ قائم ٿيڻ گهرجي. اڪثر ممبران شوريٰ ان جي مخالفت ڪئي آخر ۾ هي طئه ٿيو ته حضرت صاحب جن سان مشورو ڪيو وڃي ۽ حضرت صاحب جن جيڪو به فيصلو فرمائن ان تي عمل ڪيو وڃي، چنانچه  مير صبح صادق مهتمم ڪجهه رفيقن سان گڏ، حضرت صاحب جن جي خدمت اقدس ۾ حاضر ٿيا ۽ ان معاملي کي پيش ڪيائون. حضرت صاحب جن انگريزي جي سخت مخالفت ڪئي ۽ فرمائڻ لڳا ته جيڪڏهن نجاست کي عطر خوشبودار سان رکيو وڃي ته نجاست جي بدبوءِ عطر جي خوشبوءِ جي مٿان غالب اچي ويندي، اهڙي طرح جيڪڏهن انگريزي کي مدرسن ۾ رکيو ويندو ته انگريزي تعليم ديني تعليم جي مٿان غالب اچي ويندي ۽ طلباءَ جو توجه انگريزي جي طرف ٿي ويندو، ۽ آهسته آهسته مدارس عربيه انگريزي اسڪولن ۾ بدلجي ويندا. جيڪڏهن واقعي اوهان کي انگريزي تعليم ڏيارڻي آهي ته پوءِ انگريزي اسڪول مدرسي کان ميل ٻه ميل پري رکو، پوءِ انهن ماڻهن چيو ته مدرسي کان پري اسڪول کولڻ مان ڪوئي فائدو نه آهي ڇو ته ڪنڌڪوٽ شهر جي اندر اسڪول ۽ ڪاليج اڳ ئي موجود آهن.

حضرت صاحب جن انگريزن جي زماني ۾ آزادي طلب ڪرڻ واري جماعت جميعة  علماءِ هند ۾ شامل ٿيا هئا، ۽ جميعة  علماءِ هند سان پورو پورو تعاون فرمائيندا هئا. جميعة  جي جلسن ۾ به شرڪت  فرمائيندا هئا. سنه 1942ع ۾ تحصيل پني عاقل ۾ حضرت صاحب جن جي تحريڪ سان مرڪزي ڪانفرنس منعقد ٿي، هن ڪانفرنس ۾ سرتاج المجاهدين شيخ الاسلام حضرت مولانا سيد حسين احمد صاحب مدني رح صدر جمعيہ العلماءِ هند مولانا حفظ الرحمان سيوهاروي صاحب ۽ پڻ ٻيا علماءَ ڪرام به تشريف فرما ٿيا هئا ڪانفرنس تمام سٺي ڪامياب ٿي بالخصوص حضرت مولانا حفظ الرحمان صاحب جن جي تقرير بي نظير هئي، ايتري قدر جو حضرت مولانا سنڌي رح جن اٿي ڪري مولانا حفظ الرحمان صاحب جن جي تقرير تي کين داد ڏنو. هن جلسي ۾ حضرت سنڌي رح جن فرمايو ته منهنجي عمر ستر اسي سال ٿيڻ واري آهي ۽ روزانو قرآن مجيد ۾ غور ۽ فڪر ڪندو آهيان ته مون کي عجيب و غريب اسرار ۽ نڪات معلوم ٿيندا آهن. ان کان بعد جميعة  علماءِ هند جو اجلاس سنه 1944ع ۾ حيدرآباد (سنڌ) ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ وڏا وڏا علماءِ ڪرام خصوصاً حضرت مولانا قاري محمد طيب  صاحب مهتمم دارالعلوم ديوبند فخر المحدثين حضرت مولانا سيد فخر الدين صاحب صدر مدرس دارالعلوم ۽ ٻيا علما ڪرام تشريف فرما ٿيا هئا. حضرت صاحب جن به هن جلسه ۾ شريڪ ٿيا هئا، هن جلسي جي صدارت حضرت مولانا قاري محمد طيب صاحب جن فرمائي هئي. انگريزن جي دور ۾ پوري زندگي حضرت صاحب جن جميعة علماءِ هند ۾ شريڪ رهيا. تقسيم ملڪ کان بعد پاڪستان ۾ مدرسه قاسم العلوم ملتان جي اندر علماءِ پاڪستان جو اجتماع حضرت مولانا احمد علي لاهوري رح جن جي صدارت ۾ ٿيو ۽ نئين تنظيم جميعة علماءِ اسلام جي نالي سان قائم ٿي ته ان سان تعاون فرمائيندا رهيا، پنهنجن متعلقين کي به حصي وٺڻ جي تاڪيد فرمائيندا رهيا.

مولانا غلام غوث هزاروي رح سابق ناظم جميعة علماءِ اسلام جن بيان ڪيو آهي ته حضرت صاحب جن جڏهن مرض الموت ۾ صاحب فراش هئا ته آءٌ  زيارت جي لاءِ حاضر ٿيس. حضرت صاحب جن اندر حاويلي ۾ تشريف فرما هيا، بيماري سبب ٻاهر تشريف فرما نه پئي ٿي سگهيا مون کي اندر گهرايائون مختصر گفتگو فرمايائون ۽ پڻ هي فرمايائون ته:

مرا در منزل جانان چه امن و عيش چون هر دم

جرس فرياد مي دارد که بر بنديد محملها

ترجمه: محبوب جي راه ۾ مون کي چين ۽ اطمينان ڪٿي حاصل ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته هر وقت گهنٽي جو آواز اچي رهيو آهي، جنهن مان معلوم ٿي رهيو آهي ته محبوب جو سفر جاري آهي. مون کان پڇڻ فرمايائون ته ڪيئن تشريف فرما ٿيا آهيو، مون عرض ڪيو ته جميعة علماءِ اسلام جي سلسلي ۾ حاضر ٿيو آهيان. پاڻ مانهو موڪلي خليفي اعظم حضرت مولانا احمد الدين صاحب جن ۽ ٻين جماعت وارن کي اندر گهرايائون ۽ جمعية علماءِ اسلام جي تنظيم ۽تعاون لاءِ تاڪيد فرمايائون.

 

لباس، خوراڪ ۽ نجي حالات:

حضرت صاحب جن کي سڀن شين ۾ سادگي پسند هئي. غذا به نهايت سادي استعمال فرمائيندا هئا. جوئر جي ماني، لسي، ڪڏهن سبزي، ڪڏهن چڻن جي پلي، ڪڏهن گوگرن جو ساڳ، ڪڏهن سرهن جي پنن جو ساڳ استعمال فرمائيندا هئا. گوشت تمام گهٽ استعمال فرمائيندا هئا ۽ اڪثر چڻن يا مٽرن جي دال استعمال فرمائيندا هئا.

 حاجي گلاب الدين سومري صاحب بيان ڪيو ته هڪ دفعي رات جي وقت حافط عبدالحميد صاحب باجڪاڻي مرحوم مهاجر مڪي هجرت کان اڳ هاليجي شريف ۾ عشاء جي نماز کان پوءِ آيو. حافظ صاحب جي کاڌي لاءِ اطلاع ڪيو ويو، حضرت صاحب جن جي خادم مائي بيبل حافظ صاحب جي لاءِ جوئر جي ماني ۽ چڻن جي پلي جو ساڳ کڻي آڻي ۽ ان ٻڌايو ته حضرت صاحب جن خود اها ئي ماني کائي رهيا هئا، ليڪن جڏهن کين حافظ صاحب جي اچڻ جي خبر پئي ته اهو کاڌو مون کي ڏنائون ۽ چيائون ته وڃ هي کاڌو حافظ صاحب کي ڏئي اچ. حافظ صاحب ڏاڍو خوش ٿيو ته حضرت صاحب جن جو بچيل کاڌو برڪت وارو مون کي مليو آهي  ننگر جي اندر به اڪثر ڏينهن جو جوئر يا ڪڻڪ جي ماني، لسي سان ۽ رات جو دال يا ساڳ سان ڏني ويندي هئي.

لباس تمام سادو استعمال فرمائيندا هئا. اڪثر ڪري جوڙي ۽ بافتو سندن استعمال ۾ هوندو هو. لباس ۾ هڪ پٽڪو ۽ صدري ۽ گوڏ اڌ پني تائين هوندي هئي، سردي جي زماني ۾ ڊگهو پهرياڻ ۽ ان جي مٿان صدري ۽ معمولي چادر استعمال فرمائيندا هئا.

حضرت مولانا حافظ محمود اسعد صاحب رح هڪ دفعي بيان فرمايو ته حضرت صاحب جن جو حڪم هو ته منهنجي لاءِ ضرورت کان وڌيڪ ڪپڙو نه هجي. هڪ دفعي جو واقعو آهي ته حافظ حبيب الله صاحب نابينا سکر وارو، جيڪو حضرت صاحب جي معتقدين مان هئا، حرمين شريفين جي سفر کان واپس اچي، حضرت صاحب جن جي زيارت لاءِ حاضر ٿيو. درميان گفتگو چوڻ لڳو ته آءٌ  هر قسم جو لباس استعمال ڪندو آهيان ڪڏهن عربي لباس پائيندو آهيان. ڪڏهن پنجابي لباس ڪڏهن هندوستاني لباس ۽ ڪڏهن انگريزي لباس به پائيندو آهيان جڏهن هن هر قسم جي لباس جو نالو کنيو ته حضرت صاحب جن ان جو هٿ پڪڙي، پنهنجي ڪُرتي جي طرف ڇڪي ۽ ڪرتي جو ڪپڙو سندس هٿ ۾ ڏئي فرمايو ته حافظ صاحب ڪڏهن ههڙو لباس به پاتو اٿئي، حافظ صاحب جلدي چئي ورتو ته حضرتا مون کي به پاڻ جهڙو ڪيو پوءِ اهو لباس پائيندم. جيڪڏهن هن حالت ۾ اوهان جهڙو لباس پايان ته ماڻهو پري کان ڏسي چوندا ته انڌو پنڻ اچي رهيو آهي پري ڀڄي ويندا.

حضرت صاحب جن جي رهڻ جي جاءِ به مختصر هئي، ٽي طرف ڪچيون ڀتيون ۽ سامهون وارو طرف کليل، جهوپڙي جي مٿان لئي جو ڪاٺيون پيل هيون، اس مٿان گذر ڪري اندر داخل ٿيندي هئي، بارش کان بچڻ جو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿي سگهي.

حضرت صاحب جن خود فرمائن پيا ته جڏهن بارش پوندي آهي ۽ مٿان پاڻي ٽمندو آهي ته گهر وارا منهنجي مٿان تڏو وجهندا آهن تان ته پاڻي کان حفاظت ٿئي، پوءِ به بسترو ۽ ڪپڙا آلا ٿي ويندا آهن. آخري ڏينهن ۾ حضرت صاحب جن جو فرزند حاجي محمد احسن صاحب جن ڪجهه ڪمرا ٺهرايا هئا، ڪمري جي سامهون ورانڊو جهوپڙي نموني هيو ۽ آخردم تائين ان ئي جهوپڙي ۾ قيام فرمايائون.

مولوي عبدالرشيد صاحب جن نقل ڪيو آهي ته حضرت مولانا بنوري صاحب جن حضرت صاحب جن جي رهائشگاه کي ڏسي ڪري فرمايائون ته حضرت صاحب جن جي سادگي، سلف صالحين جي طريقي تي آهي.

حاصل ڪلام هي ته حضرت صاحب جن جي رهائش لباس ۽ خوراڪ سڀني شين ۾ انتهائي سادگي هئي. هر اعتبار سان سلف صالحين جو نمونو نظر ايندو هو، ڏيکاءَ ۽ ٺٺ ٺانگر جو ڪٿي به نالو نشان نه هو.

 

معمولات:

هي خادم پنجويهن سالن تائين حضرت صاحب جن جي خدمت اقدس ۾ حاضر ٿيندو رهيو.

ابتدا ۾ حضرت صاحب جن جو هي معمول هو، ته صبح جي نماز باجماعت ادا فرمائي اشراق تائين مسجد شريف ۾ ويهي ڪري ذڪر فڪر ۾ مشغول هوندا هئا. ڪڏهن ضرورتاً فقراءَ سان گفتگو فرمائيندا هئا، ان مسجد جي اتر طرف هجري ۾ ويهي تلاوت قرآن پاڪ ۾ مشغول ٿي ويندا هئا.

تلاوت جي فراغت کان بعد حاضرين سان ملاقات ڪندا هئا ۽ وعظ نصيحت فرمائيندا هئا ۽ حاضرين جي ضرورت جي طرف توجه فرمائيندا هئا.

آخري زماني ۾ جڏهن حاضرين جو خانقاه ۾ تعداد تمام گهڻو ٿي ويو. جو هر وقت هوندو هو. عالم سڳورا به ڪافي تعداد ۾ هميشه موجود هوندا هئا ته پوءِ حضرت صاحب جن جو هي معمول ٿي ويو ته فجر جي نماز پڙهي ڪري مصلي تي ئي تشريف فرما رهندا هئا. سڀ کان اول جيڪي بيعت وارا هوندا هئا ته انهن کي بيعت فرمائيندا هئا، پوءِ ٻين جي ضرورياتن جي طرف توجه فرمائيندا هئا ڪي مانهو تعويذن جا طالب ايندا هئا. ڪي ماڻهو مختلف قسمن جي امراض جي تشخيص ۽ علاج لاءِ ايندا هئا، جڏهن ته اچڻ وارن جو تعداد ڪافي ٿي ويندو هو ته پاڻ ڪنهن نه ڪنهن عنوان تي بيان فرمائيندا هئا، ان وقت جو وعظ نهايت مؤثر ۽ اصلاحي هوندو هو. عجيب و غريب نڪات ۽ لطائف بيان فرمائيندا هئا، سندن بيان ۾ اڪثر استدلال قرآن ڪريم ۽ حديث نبي ڪريم ﷺ ۽ اقوال مشائخ بالخصوص سيدنا عبدالقادر جيلاني رح ۽ حضرت محمد راشد سائين عليہ الرحمہ سان هوندو هو، ماڻهن جي سوالن جا جواب ڏيندا هئا بالخصوص علماءِ صوفياءَ جي سوالات کي اهڙي طرح حل فرمائيندا هئا. جو مانهو حيران ٿي ويندا هئا، هي سلسلو تقريباً ٻارهين بجه تائين جاري رهندو هو. ان کان بعد پاڻ گهر هليا ويندا هئا ۽ وري ظهر جي نماز لاءِ تشريف فرما ٿيندا هئا. بعد نماز ظهر ماڻهن جي طرف متوجه ٿيندا هئا، ماڻهو پنهنجون حاجتون ۽ ضرورتون ۽ سوال پيش ڪندا هئا ۽ پاڻ حتي الوسع سڀني کي پورو فرمائيندا هئا، ۽ بعد ۾ تلاوت فرمائيندا هئا. عصر  جي نماز کان بعد به پاڻ مصلي تي تشريف فرما هوندا هئا، ليڪن ڪنهن سان به ڳالهائڻ پسند نه فرمائيندا هئا، سواءِ ان جي جو ڪا تمام ضروري ڳالهه هجي. ذڪر ۾ مشغول هوندا هئا، غور سان ٻڌڻ وارن ٻڌايو ته پاڻ ڪلمه تمجيد جو ورد فرمائيندا هئا.

بعد نماز مغرب بطريق مشائخ سلسله قادريه حلقو لڳائي ويهندا هئا ۽ ذڪر جهري تقريباً عشاء جي وقت تائين ڪرائيندا هئا. ۽ نماز عشاء کان بعد گهر ويندا هئا ليڪن آخر عمر ۾ ذڪر کان بعد مسجد ۾ معتقدين بالخصوص فقير در محمد، حضرت صاحب جن کي زور ڏيندو هئو، جڏهن فقير در محمد پوڙهو ڪمزور ٿي ويو ته ان جي جڳهه تي ان خدمت کي فقير مولابخش انجام ڏيندو هو. عموماً حضرت صاحب جن ظهر جي وضوءَ سان عشا جي نماز ادا فرمائيندا هئا ۽ صبح جي نماز کان پوءِ 11-12 بجه تائين پاڻ باوضو مسجد شريف ۾ جلوه افروز هوندا هئا حضرت صاحب جن جا اهي معمولات متعدد قسم جي امراض ۽ سخت تڪليفن جي حالت ۾ به جاري رهندا هئا. شديد بخار جي حالت ۾ به پاڻ مسجد شريف ۾، پنهنجي جڳهه تي ويهي تمام معمولات سرانجام ڏيندا هئا، ڪنهن به معمولات يوميه ۾ ڪو فرق نه ايندو هو هر ماڻهو ڏسي ڪري، به محسوس نه ڪري سگهندو هو ته پاڻ بيمار آهن. البته جيڪڏهن جسم مبارڪ تي هٿ لڳايو وڃي ته سخت بخار معلوم ٿيندو هو آخري ايام ۾ ڪم و بيش اٺ مهينا بستر علالت تي هئا، مگر ٿورو معمولي به افاقو ٿيندو هو ته، مسجد ۾ اچي نماز باجماعت ادا فرمائيندا هئا ۽ امامت خود ئي فرمائيندا هئا، نماز جمع جي لاءِ پاڻ ضرور تشريف فرمائيندا هئا ۽ جمع جي نماز کان پوءِ وعظ به فرمائيندا هئا ۽ آخري ايام ۾ خدمت اقدس ۾ حاضر ٿيس، بيماري جي شدت جي سبب مسجد ۾ تشريف نه فرمائي سگهيا. نماز جمعي کان بعد جماعت جي اصرار تي گهر جي دروازي تي ٻاهر تخت رکيو ويو، وهاڻي کي ٽيڪ ڏئي نهايت مؤثر واعظ فرمايائون، حاضرين مجلس تي هڪ عجيب و غريب، ڪيفيت طاري ٿي بيماري جي حالت ۾ به جماعت وارن کي ڏينهن ۾ هڪ ٻه ڀيرا زيارت جي لاءِ گهر ضرور گهرائيندا هئا ۽ واعظ، نصيحت فرمائيندا هئا، اڪثر ڪري قرآن ڪريم ۽ احاديث مبارڪ بيان فرمائيندا هئا. حضرت صاحب جن جو اڪثر ڪري معمول هي هوندو هو ته پنهنجي لاءِ نسخو خود تجويز فرمائيندا هئا. ۽ پنهنجو علاج پاڻ خود فرمائيندا هئا، ليڪن مرض الموت ۾ کين دوا تجويز ڪري ٺاهي ڏني ويندي هئي، ۽ جيڪو به ڏنو ويندو هو پاڻ نوش فرمائيندا هئا. بعض فقيرن نقل ڪيو آهي ته حضرت صاحب جن فرمايو ته منهنجو بدن ڊاڪٽرن ۽ طبيبن لاءِ تجربه گاه بڻجي ويو آهي. حڪيم پنهنجي دوائن جو تجربو ڪري رهيا آهن ۽ ڊاڪٽر پنهنجي انجيڪشن جو. حضرت صاحب جن ڪنهن سان به بحث نه فرمائيندا هئا. مولانا عبدالواحد صاحب جن بيان ڪيو ته آءٌ  ۽ مولانا حافظ عبدالجليل صاحب ۽ بعض ٻيا ماڻهو حاويلي ۾ حضرت صاحب جن جي خدمت ۾ حاضر هئا. حضرت صاحب جن مون کي فرمايو ته پٽ اندر مفردات عرشي (طب جو ڪتاب) پيو آهي، کڻي اچ ۽ ڌاتوري جو بحث ڪڍ، ان ۾ لکيل هيو ته ٻن کان ٽن ماسن تائين مصلح سان گڏ ڏنو ويندو آهي. ان کان زياده زهر قاتل آهي، حضرت صاحب جن کلي ڪري فرمايو مون کي ته 36 ماسه کارايو ويو آهي، عرض ته مختلف علاج هڪ ئي وقت هلندا رهيا، حضرت صاحب جن ڪنهن کان به اعراض نه ڪندا هئا. مرض ۾ اضافو به ٿيندو رهيو. ڪمزوري به وڌندي رهي اندازاً اٺ مهينا بستر علالت تي گذارڻ کان پوءِ 12 ذوالقعده سنه 1381هه اربع جي ڏينهن نماز صبح جي وقت داعي اجل کي لبيڪ چئي ڪري واصل محبوب حقيقي ٿيا ۽ اعليٰ عليين ۽ فردوس پرين ۾ سڪونت پذير ٿيا انا لله وانّا اليہ راجعون. حضرت صاحب جن جي تاريخ وصال مندرجه ذيل مصرعه مان نڪري ٿي.

حامد ذات حق حمادالله

(1381 هه)

نوٽ

هن سوانح عمري جو گهڻو تڻو مواد مولانا ڌڻي بخش بنگلاڻي ڪنڌڪوٽ واري جي لکيل ڪتاب ’تجليات شيخ هاليجوي‘تان ورتل آهي، گڏوگڏ ماستر عبدالحڪيم سولنگي جي ڪتاب’مرشد هاليجوي‘ ۽ حضرت هاليجوي جي صحبت ۾ ويٺل جماعتي احباب کان پڻ هن مواد جي ترتيب ۾ مدد ورتي وئي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com