ملفوظ 53
مجلس مان ڪنهن شخص چيو ته سائين عالم پاڻ ۾ مسئلن ۾ اختلاف ڪن
ٿا، اسان جاهل ماڻهو ڪنهن جي ڪڍ لڳون؟
ارشاد فرمايائون ته عالمن جو پاڻ ۾ ننڍين ڳالهين تي اختلاف دين
لاءِ نقصانڪار آهي. اها شيءَ عام ماڻهن لاءِ اسلام
جي طرف اچڻ لاءِ سدّباب آهي.
حاجي مولابخش سومرو صاحب برلن ويو هو- اتي ڪن عيسائي عالمن سان
ملاقات ڪيائين. اهي عالم مسلمانن جا لکيل تفسير
رکيون ويٺا هئا. اسلام تي اعتراض ڪرڻ لاءِ. اسان
جا عالم تفسير ڪرڻ وقت اهڙيون اهڙيون ڳالهيون به
لکيو وڃن جن جو تعلق اسلام سان بنهه ڪونهي. اهڙيون
ڳالهيون به لکن ٿا جيڪي انهن جا پنهنجا رايا هوندا
آهن ۽ پوءِ ماڻهو ائين پيا ٿا سمجهن ته اها ڳالهه
به اسلام جي آهي. ڇو ته فلاڻي تفسير ۾ لکيل آهي.
اتي عيسائين جو هڪ وڏو عالم هيو اهو اسلام جو قائل
هو. پوءِ ان کي چيو ويو ته اسلام قبول ڇو نه ٿا
ڪريو. چوڻ لڳو ته اسلام جي اندر خانه جنگي اچي وئي
آهي. مسلمان پاڻ ۾ وڙهي پيا آهن. اسلام اسان تائين
نه پهچي سگهيو آهي.
شيطان اسلام جي راهه کي روڪڻ لاءِ عالمن کي پاڻ ۾ مسئلن تي
وڙهائيندو آهي. فرقا پيدا ڪندو آهي. هڪڙا عالم
بدعتون رائج ڪندا ٿا وتن. نوان نوان مسئلا ٺاهي
انهن کي اسلام ۾ داخل ڪندا ٿا وتن. وري مخالفن کي
چون ته هي وهابي اٿو. انهن کي نه مڃو. پوءِ هڪ ٻئي
۾ لڙائي شروع ٿي وڃي ٿي.
اسلام جو جيڪو پيغام آيو آهي اهو ته بس اهو آهي. لاالٰہ الا
الله محمد رسول الله- الله کان سواءِ ٻي ڪنهن جي
به عبادت بنهه ڪانهي ۽ حضرت محمدﷺ الله تعاليٰ جو
سچو رسول آهي. بس اها ڳالهه مڃي وئي ته انسان
اسلام ۾ داخل ٿي ويو ۽ مسلمان بنجي ويو. باقي پوءِ
ننڍن ننڍن مسئلن ۾ پوڻ اهو اسان جو ڪم نه آهي.
هاڻي اهو چوڻ ته حضور سائين ﷺ جن جي حياتي ڪهڙي آهي. دنيوي
حياتي يا برزخي حياتي. اها تقسيم ڪرڻ غلط آهي. ان
۾ اسان جو ڪهڙو ڪم. اسان جو اهو عقيدو هجي ته حضور
ڪريم ﷺ سان الله تعاليٰ جيڪو معاملو ڪيو آهي، اهو
سڀ کان بهترين آهي. جا به مخلوق آهي اها ان جي هم
پله نه آهي. عزت ۽ شرف جو معاملو جيڪو حضور ڪريم ﷺ
سان ٿيل آهي، ان جو اسان تصور به نٿا ڪري سگهون.
اهو مقام ۽ مرتبو اسان جي ذهن کان بالاتر آهي.
باقي عالمن جي پاڻ ۾ طبع آزمائي ڪرڻ، حضور ڪريم ﷺ جن جي شان ۽
مقام تي مناظره بازي ڪرڻ ۽ دلائل بازي ڪرڻ ۽ عام
ماڻهن ۾ اچي اهڙن مسئلن کي کولڻ ۽ بحث ڪرڻ، اها
شيءَ مسلمانن ۾ مونجهارو پيدا ڪري ٿي. اهي علماءَ
جون زورآوريون آهن. اسان لاءِ نعمت عُظميٰ آهي
توحيد ۽ رسالت تي ايمان ۽ ان تي خاتمو بالخير- بس
انهي شيءَ جا اسين مڪلف آهيون. باري اهي عالم جيڪي
اختلاف ڪن ٿا، ان ۾ اسان جو ڇا وڃي.
مولوي عبدالرحمان صاحب هڪ صالح شخص هو. سکر ۾ مدينه مسجد بنايل
اٿس. حضرت مولانا محمد يعقوب همايوني صاحب جا
شاگرد رشيد هئا. انهن جي مجلس ۾ گفتگو هليو ڪجهه
مسئلن تي. ڪجهه والد صاحب ۽ وڏڙن تي ته اسان جا
وڏا هيئن هئا ته مجلس مان هڪ شخص چيو ته سائين اهي
وڏڙا توهان جا به هئا اسان جا به هئا اسان کي الله
۽ رسول الله ﷺ جون ڳالهيون ٻڌايو. دنيا جون
ڳالهيون ته گهرن ۾ به آهن، هت اسان ان ڪري آيا
آهيون ته اوهان اسان کي آخرت جون ڳالهيون ٻڌايون.
ملفوظ 54
هڪ شخص سوال ڪيو ته ڇوڪري بالغ ٿي وڃي ته ان جي ويهارڻ سان
انسان اسلام مان خارج ٿي ته نه ٿو وڃي؟
ارشاد فرمايائون ته حضور ڪريم ﷺ جن فرمايو آهي ته ٽن ڪمن ڪرڻ ۾
جلدي ڪندا ڪريو.
پهريون نماز- جڏهن ان جو وقت ٿي وڃي. ٻيو جنازو- جڏهن حاضر ٿئي
ٽيون ڌيءَ جو نڪاح جڏهن بالغ ٿي وڃي.
نڪاح جيڪڏهن ”ڪفو“ ۾ ڪيو وڃي ته بهتر ٿيندو. حضرت سيدة النساءِ
فاطمة الزهراءِ رضي الله تعاليٰ عنها جو نڪاح 18
سالن ۾ ٿيو هو.
ملفوظ 55
مجلس مان ڪنهن شخص پڇيو ته: رمضان شريف ۾ حافطن کي پئسا ملندا
آهن، اهي وٺڻ گهرجن يا نه؟
ان متعلق ارشاد فرمايائون ته حديث شريف ۾ آهي
انما الا عمال بالنيات
قرآن ٻڌائڻ وقت اجرت جي نيت نه آهي ۽ حافظ صاحب مسڪين به آهي ته
پوءِ ڪنهن به صدقي جي قبول ڪرڻ ۾ حرج نه آهي، پر
جيڪڏهن نه ڏين ته دل م تنگي نه اچي. جيڪڏهن طبعاً
دل ۾ خيال اچي ته ان برائي کان بچڻ جي ڪوشش ڪري ۽
ان کي برو سمجهندو رهي.
پر ڪي شخص ان ڪري نه وٺندا آهن ته اسان جي تعريف ڪئي وڃي. اها
وڌيڪ خراب شيءِ آهي ڇو ته اهو رياءُ آهي.
ملفوظ 56
هڪ شخص سوال پڇيو ته ذڪر ڪيتري بلند آواز سان ڪجي. ان متعلق
ارشاد فرمايائون ته:
ذڪر جهري جو به اثبات آهي. اذا ذکرني في ملاءِ الخ جڏهن ٻانهون
مون کي جماعت ۾ ياد ڪري ٿو ته مان به ان کي ڀلي
جماعت ۾ ياد ڪريان ٿو.
باقي ايترو ڏاڍيان ذڪر ڪرڻ به ممنوع آهي، جنهن سان شور ۽ هنگامو
ٿي وڃي. حديث پاڪ ۾ وارد آهي.
اربعوا عليٰ انفسکم فانکم لا تدعون اصم
پنهنجي نفسن تي رحم ڪريو ڇو ته توهان ڪنهن اهڙي ذات کي نه ٿا
پڪاريو جيڪا اوهان جي فرياد هوريان نه ٿي ٻڌي
سگهي. هر ڪم ۾ وچٿرائي بهتر آهي. خير الامور
اوسطها. اهو قاعدو ڪليه آهي. اعمال ۾ به وچٿرائي،
انفاق ۾ به وچٿرائي، ذڪر ۾ به اعتدال، نماز ۾ به
اعتدال، نماز به ايڏي وڏي ۽ گهڻي قرائت سان نه
پڙهجي.
هڪ صحابي سڳورو نماز ۾ ڊگهي قرائت ڪندو هو. ته ان کي حضور ڪريم
ﷺ جن فرمايو اَفتّان انت؟ ڇا تون فتنو پيدا ڪندڙ
آهين؟ يعني ماڻهن کي آزمائش ۾ ٿو وجهين.
ملفوظ 57
هڪ شخص سوال پڇيو ته نماز ۽ ذڪر ۾ شيطاني خيالات اچن ٿا، اها
نماز ۽ ذڪر پورو ٿيو يا فاسد ٿيو؟
ان متعلق ارشاد فرمايائون:
حديث شريف ۾ آيو آهي ته جڏهن بانگ جو آواز ايندو آهي ته شيطان
اتان ڀڄي ويندو آهي. جڏهن بانگ ختم ٿيندي آهي ته
واپس موٽندو آهي. وري جڏهن اقامت ٿيندي آهي ته
ڀڄندو آهي ۽ اقامت ختم ٿيڻ بعد وري پوئتي موٽندو
آهي- نماز شروع ٿيڻ بعد نماز ۾ خيالات ۽ وِسوِسا
وجهندو آهي. چوندو آهي: اذکر کذا- اذکر کذا. فلاڻي
ڳالهه ياد ڪر. فلاڻو ڪم ياد ڪر. اهڙي طرح دنيوي
ڳالهين ۾ رجهائي نماز مان خيال هٽائيندو آهي، پوءِ
انسان کي خبر نه رهندي آهي ته ٻه رڪعتون پڙهيم يا
ٽي رڪعتون پڙهيم- وچون قعدو نماز ۾ ويٺس. الائي
ڪونه. ان طرح شيطان خوش ٿيندو آهي ته مان ڪامياب
ٿي ويس. جو نماز ۾ غافل ڪري سندس نماز خراب ڪري
ڇڏيم. پر جڏهن ٻانهو سهو جو سجدو ڏيئي نماز کي
ڪامل ڪندو آهي، ته شيطان افسوس جا هٿ منهن کي ماري
چوندو آهي ته هاءِ مان گهڻي ڪوشش ڪيم ته هن جو
ثواب گهٽ ڪريان، ليڪن هن سهو جو سجدو ڏيئي نماز کي
ڪامل ڪري ڇڏيو ۽ الله تعاليٰ جنهن کي اوترو ئي
ثواب ڏيئي ڇڏيو.
حضور ڪريم ﷺ جن فرمايو آهي ته جيڪڏهن نماز ۾ هيڪر غلطي زيادتي
يا نقصان واري ٿي پوي ته ان کي پورو ڪري سهو جو
سجدو ڏيئي ڇڏيو ته اهو شيطان کي کلو لڳي ويو، جو
هو پنهنجي مقصد ۾ ناڪام ۽ نامراد ٿي ويو.
حديث شريف ۾ آيو آهي ته صحابه ڪرام رضه حضور ڪريم ﷺ جن وٽ آيا ۽
عرض ڪيائون ته يا رسول الله! اسين پنهنجي نفس ۾
اهڙيون ڳالهيون ڏسون ٿا يعني اهڙا خيال اچن ٿا جو
اسان انهن کي ڳورو ٿا سمجهون پر اهي ظاهر نه ٿا
ڪريون. پاڻ ڪريم ﷺجن فرمايو ته او قد وجدتموه- ڇا
اهي خيال اوهان جي دل ۾ اچن ٿا؟ قالوا نعم چيائون
هائو اي الله جا رسول. قال ذاک ضريح الايمان.
فرمايائون اهو ته پڌرو ايمان آهي.
ان کي ايمان چوڻ مان ٻه مرادون آهن. هڪ ته توهان انهن فاسد
خيالات کي تمام وڏو عظيم تصور ڪيو ٿا ۽ انهن کي
گناهه ۽ بري شيءَ سمجهو ٿا معلوم ٿيو ته اوهان کي
ايمان آهي. جيڪڏهن ايمان نه هجي ها ته انهن خيالن
کي ڪا به حيثيت نه ڏيو ها، هيڪر خيال دل ۾ آيو ته
سهي! ليڪن توهان جي دل ۾ ايمان ڪامل آهي، تنهن
پاران اوهان جي دل ۾ جيڪي فاسد خيال اچن ٿا ته
انهن کي توهان وڏو ٿا سمجهو. حتيٰ ڪه پرزا پرزا
ٿيڻ قبول ڪريو ٿا، مگر انهن کي ظاهر نٿا ڪريو.
ٻي مراد هيءَ آهي ته چور ان جڳهه تي حملو ڪندو آهي ۽ چوري ڪندو
آهي، جتي سامان ۽ ملڪيت وغيره هوندي آهي. خالي ۽
ويران جاءِ تي چور ڪڏهن به نه ايندو آهي. توهان جي
دل ۾ خيالات ۽ وسوسا جيڪي شيطان پيدا ڪري ٿو معلوم
ٿيو ته اوهان جي دل ۾ ايمان موجود آهي. ان تي هو
حملو ڪرڻ گهري ٿو. توهان ان جو اثر قبول نه ٿا ڪيو
انهن خيالن کي وڏو گناهه سمجهو ٿا اتان معلوم ٿيو
ته توهان جي اندر ايمان موجود آهي.
شيطان جي اول ڪوشش اها هوندي آهي ته انسان ايمان ئي نه آڻي.
شرڪ، ڪفر ۾ گرفتار رهي ۽ ان کڏ مان اصل نه نڪري.
پر جنهن شخص کي هدايت ٿي وئي، ايمان قبول ڪيائين
ته پوءِ وري ان تي اها ڪوشش ڪندو آهي ته اعمال
صالحه کان هن کي روڪي ڇڏي. ان کي چوندو ته اڙي
ميان! تون مؤمن ۽ مسلمان ته آهين. بخشيو ويندين.
حضور اڪرمﷺ جن جي شفاعت ۾ اميد رک، عملن ڪرڻ جي
ڪهڙي ضرورت جيڪڏهن ان حربي ۾ نه ڦاٿو ته پوءِ وري
نماز، عبادت ۽ ذڪر ۾ خيالات ۽ وسوسا وجهندو آهي.
نماز شروع ڪندو ته چوندس جلدي ڪر. ايتري ڊگهي نه
پڙهه، دنيا جا ٻيا ڪم ڪار به آهن. انهن کي به ته
منهن ڏيڻو اٿيئي. ذڪر شروع ڪندو ته چوندس ته ذڪر
ڪو ضروري شيءَ ته نه آهي. هاڻي نماز پڙهي ڇڏيئي
اها گهڻي شيءَ آهي. اٿي هل- بهرحال شيطان کي اها
ڏکي ڳالهه لڳندي آهي ته ڪو انسان الله تعاليٰ جي
عبادت ۾ مشغول رهي. اهو ئي سبب آهي ته ٻين ڳالهين
۽ دنيا جي ڪمن ۾ خيالات ۽ وسوسا جو پوندا آهن ته
انهن ڪمن ۾ پاڻ چاهه پيدا ڪري ڏيندو آهي، تان ته
انهن ڪمن ۾ وڌيڪ محبت لڳي وڃيس ۽ سمورو وقت انهن
ڪمن ۾ رجهي وڃي.
ان ڪري انسان کي جيڪڏهن عبادت ۾ وسوسا اچن ته انهن جي مخالفت
ڪندو رهي ۽ انهن جي ڪا به پرواه نه ڪري. انهن کان
اعراض ڪري پنهنجي ڪم ۾ زياده مشغول ٿي وڃي. ايئن
ڪندي ڪندي نيٺ اهي خيال ختم ٿي ويندا. آخرڪار
شيطان چوندو ته هي ٻانهو منهنجي حيلن ۽ مڪرن کان
زور آهي. پوءِ وري الله تعاليٰ جي توفيق به شامل
حال ٿيندي ويندس، جنهن سبب هو نفس ۽ شيطان تي غالب
اچي ويندو.
20 شعبان المعظم 1380 هه اڱاري جو ڏينهن صبح
ملفوظ 58
مجلس ۾ دوائن جي نسخي بابت ڳالهه نڪتي. ان متعلق ارشاد
فرمايائون ته:
اسان وٽ مفت ۾ نسخا اچن ٿا ته هر ڪنهن کي ڏيون ٿا. جن وٽ نسخا
نسل بعد نسل هلندا اچن ٿا، اهي ڪٿي ٿا ڪنهن کي
ڏين. انهن ڪمائي کائي ڏٺو آهي.
هر که ارزان مي گيرد ارزان دهد
کو دک نادان گوهر به پارهه نان دهد
پير محمد اشرف صاحب، راشدي خاندان جو هيو. بمبئي ۾ رهندو هو.
سکر ۾ مون سان مليو، مون سان محبت هوندي هيس. هت
ايندو هو، مون کي ريزش هئي. ان وٽ ”حب راشدي“
هيون. اهي ڏنائين. ٻه ٽي کاڌم ته ريزش ڇڏي وئي.
چيائين ته اهو نسخو نه ڪنهن کي ڏنو اٿم ۽ نه وري
ڪنهن کي ڏيڻ جو ارادو آهي، پر اوهان کي ڏيندس. مان
ارادو ڪيم ته جيڪا ڳالهه دوست کي گران لڳي ته اها
هن کان نه پڇندس. ان ڪري ارادوئي لاهي ڇڏيم. وري
گهر نه ڪيم. پير صاحب پيو چوي ته اهي گوريون مان
پاڻ ٺاهيون آهن ۽ هڪ گوري هڪ رپئي ڏيندو آهيان.
اسان جا پير دورن تي نڪرندا آهن ته پوءِ دوائون به کڻندا آهن.
جوارشون وغيره- چوي پيو ته هاڻي اهي گوريون کڻندو
آهيان، ٻي ڪا به دوا نه کڻندو آهيان.
ملفوظ 59
ڪنهن شخص سوال ڪيو ته اولاد نافرمان ٿي وڃي ۽ اسلام تي نه هلي
ته انهن سان تعلق رکجي يا نه؟
ان متعلق ارشاد فرمايائون:
قران مجيد ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي ته:
لا تجد قوماً يُؤمنون باللهِ واليوم الاخر يُوادُون من حَادَ
الله و رسولہ ولو کانوا آبائهُم او اَبنائهم او
اخوانَهم او عشيرتهم-
جيڪي ماڻهو الله تي ايمان آڻين ٿا ۽ قيامت جي ڏينهن تي يقين رکن
ٿا، اهي شخص الله ۽ رسول جي مخالفن سان دوستي رکن
۽ انهن سان تعلقات ڳنڍين، ائين ڪڏهن به نه ٿي
سگهندو. اگرچه اهي انهن جا ماءُ پيءُ هجن پٽ هجن
ڀائر هجن يا خاندان جا ماڻهو هجن.
جنهن مؤمن جي دل ۾ ايمان ثابت ٿي چڪو آهي، اهو ڪڏهن به الله ۽
رسول جي خلاف هلندڙن جي لاءِ دل ۾ ڪا به عزت نه ٿو
رکي سگهي.
حضرت ابن عمر رضه جي مجلس ۾ هي گفتگو هلي ته عورتن کي مسجد ۾
نماز پڙهڻ لاءِ اچڻ گهرجي يا نه؟ حضرت امير عمر
رضه جڏهن ڏٺو ته مسلمان گهڻا ٿي ويا آهن. مسجد ۾
وڏي جماعت ٿئي ٿي ته عورتن جي، مسجد ۾ اچڻ تي بندش
وجهي ڇڏي.
حضرت ابن عمر رضه عورتن جي مسجد ۾ اچڻ بابت هڪ حديث پڙهي جنهن ۾
حضور ڪريمﷺ جن فرمايو آهي ته عورتن کي مسجد ۾ اچڻ
کان نه روڪيو، ته ابن عمر رضه جي پٽ حديث ٻڌندي ئي
چيو ته اسان ته عورتن کي مسجد ۾ اچڻ کان
روڪينداسون. اها ڳالهه ٻڌي حضرت ابن عمر رضه
ڪاوڙجي ويو ۽ پٽ کي چيائين ته مان حضور ڪريم صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم
جن جو قول پيش ڪيو ۽ تون ان جي مقابلي ۾ چوين ٿو
ته اسان عورتن کي مسجد ۾ اچڻ کان روڪينداسون. پوءِ
حضرت ابن عمر رضه ساري عمر پنهنجي پٽ سان نه
ڳالهايائين. اسان جو ڪهڙو ايمان آهي! جو پٽ چوريون
ڪندا، زنائون ڪندا، ٻيا بڇڙا ڪم ڪندا وتندا، تڏهن
به اسان انهن سان گڏ بيٺا هونداسين. انهن جا
مددگار هونداسين. اهڙا پٽ وڃي ڪرن کڏ ۾. انهن کان
اسين بيزار ٿيون. اسانکي الله ۽ان جي رسول ﷺ جن جي
طريقي تي هلڻ گهرجي. انهن جي چوڻ تي عمل ڪرڻ گهرجي
اهڙي اولاد کي ٻن ڏيون، جيڪا الله ۽ ان جي رسول ﷺ
جن جي مخالفت ڪري. اهڙي اولاد ته قيامت جي ڏينهن
ڪم نه ايندي بلڪه بيزار ٿي ويندي.
يوم يفر المراء من اخيہ وامہ وابيہ وصاحبتہ وبنيہ
قيامت جو ڏينهن ٿيندو ته ان ڏينهن هر ماڻهو کان ان جو ڀاءُ،
پيءُ، ماءُ زال ۽ پٽ سڀ ڀڄي بيزار ٿي ويندا. دنيا
واريون دوستيون ختم ٿي وينديون. فالتو ياريون اتي
ڪم ڪو نه ڏينديون. اِلا المتقين. هان پرهيزگارن جي
دوستي ڪم ايندي. جيڪا دوستي الله ڪارڻ هوندي ان جو
قيامت ۾ قدر ٿيندو.
حضور ڪريم ﷺجن جي زماني ۾ هڪ شخص پوڙهو هيو. ان کي هڪ پٽ هو.
انهي اسلام قبول ڪيو ۽ مسلمانن جي جماعت ۾ شامل ٿي
ويو.ان پوڙهي کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي.چوڻ لڳو ته هن محمد
ﷺ اچي فساد وڌو آهي. اسان جي ڇوڪرن کي خراب ڪيو
اٿس. قريشن وٽ آيو، انهن کي چيائين ته هن شخص کي
سمجهايو هن ته اسان جي اولاد کي اسان کان جدا ڪري
ڇڏيو آهي. قريشن جواب ڏنس ته تون پاڻ وڃي ان کي
سمجهاءِ. پوءِ اهو پوڙهو حضور ڪريم ﷺ جن وٽ آيو.
چوڻ لڳو.
انت الذي تسبّ آلهتنا؟
اهو تون شخص آهين، جيڪو اسان جي معبودن کي بدشد ڳالهائيندو
آهين. اسان جي وڏن کي گمراه چوندوآهين.
ان پوڙهي جو پٽ به ان مجلس ۾ ويٺو هو. ان جون اکيون ڳاڙهيون ٿي
ويون، رت ٽچڪڻ لڳس. ارادو ڪيائين ته هن کي قتل
ڪيان. هي ڇا ٿو ڳالهائي. حضور ڪريم ﷺ جن سان بي
ادبي ٿوڪري ۽ گهٽ وڌ ٿو چوي. حضور ڪريم ﷺ جن ان
پوڙهي کان پڇيو.
کم آلهةَ تعبد ها؟ ڪيترن معبودن جي عبادت ڪندو آهين.
هن جواب ڏنو ته: لي سبعة في الارض و واحد في السماءِ. ست معبود
زمين تي آهن ۽ هڪ آسمان ۾ آهي.
حضور ڪريم ﷺ جن کيس چيو ته الم يکفک الذي من في السماءِ من
الارض؟ ڇا اهو هڪ آسمان وارو تولاءِ ڪافي نه آهي
زمين وارن کان.
اهو پوڙهو سوچ ۾ پئجي ويو. سوچيندي سوچيندي چيائين:
اشهدان لا الٰہ الا الله واشهد ان محمدا رسول الله
اهو پٽ جيڪو مجلس ۾ ويٺو هو خوشي وچان ٽپ ڏئي اٿيو ۽ پيءُ کي
ڀاڪر پاتائين ۽ چميون ڏيڻ لڳو.
جڏهن پيءُ مشرڪ هيو. الله ۽ رسول ﷺ جو مخالف هيو ته ان کي قتل
ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو. پر جڏهن مسلمان ٿيو، الله ۽
رسول ﷺ جو فرمانبردار ٿيو ته هي معاملو- اها آهي
ايمان جي تقاضا.
اسان جا هادي ۽ رهبر حضور ڪريم ﷺ جن آهن، انهن کان جيڪو منهن
ڦيرائي هلي، ان کان اسان کي به بي تعلق ٿيڻ گهرجي.
هزار خويش که بيگانه از خدا باشد
فدائه آن يک بيگانہ آشنا خدا باشد
هزارين مٽ مائٽ جيڪي الله کان بيگانا هجن، اهي سمورا قربان آهن،
ان هڪ ڌارئي تي جيڪو رب کي پيارو هجي. جنهن جو
تعلق الله ۽ رسول ﷺ جن سان هجي.
الحبّ للهِ والبُغض للهِ ان کي چئبو آهي. دوستي ۽ دشمني الله جي
خاطر هجي. اها ايمان جي تقاضا آهي. انسان هن دنيا
جي ذلت خواري کان ڊڄي ٿو پر آخرت واري هميشه جي
عذاب کان نٿو ڊڄي. اهو سڀ ڪجهه جِهل جو نتيجو آهي.
مذهب کان بي خبري جو نتيجو آهي. اولاد کي دين جي
تعليم نه ڏياري سون. علماءَ جي صحبت کان روڪيوسون.
پوءِ هو اهڙا ڪم ڪندا رهندا، جيڪي رب سائين کي
ناراض ڪن.
رب رسي مت کسي هڻي ڪو نه هٿيار،
ڏسي اهڙو پار جنهن ۾ جوکو جيءَ جو.
ملفوظ 60
ربّ ڪريم اهڙو مهربان آهي جو انسان جيڪڏهن ان ڏانهن متوجه ٿئي
ته هو معاف ڪري ٿو ڇڏي.
حضرت موسيٰ عليه السلام جي قوم تي عذاب چيو اچي ته هو استغفار
پيا ڪن ته اهو عذاب ٽري پيو وڃي. حضرت موسيٰ عليه
السلام عرض ڪيو ته يا الله تون انهن کي معافي ڏئين
ٿو. هي ته ڪوڙو ايمان آڻين ٿا. هنن کي صفا هلاڪ
ڪري ڇڏ، پر الله تعاليٰ مهربان آهي. جو هو
استغفار پيا ڪن ته عذاب نه پيو اچي. اهو آهي الله
تعاليٰ جو طريقو.
هت هڪ شيخ هو، مولوي خوش محمد. ان کي سندس سالي قتل ڪيو. ڪيس
ٺهي ويو. شاهد سمورا بيهجي ويا، سزا جو سڀ ڪم تيار
ٿي ويو. هن شخص رات جو قرآن مجيد مٿي تي کڻي، اچي
روئڻ شروع ڪيو ۽ الله سائين کان معافي گهري. الله
تعاليٰ مهربان ٿي ويس. هن کي ڪجهه به نه ٿيو.
معافي ملي ويس. الله تعاليٰ کان ڪير پڇي! لاُيسئل
عما يَفعل- جيئن وڻيس تيئن ڪري.
قرآن مجيد ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي ته دنيا جا بدڪار انسان
جڏهن قيامت جي ڏينهن خدا جو عذاب ڏسندا ته فريادون
ڪندا ۽ رب سائين کي چوندا ته هاڻي دنيا ۾ هڪ دفعو
وري موٽاءِ ته اسان اتي نيڪيون ڪنداسون ۽ برائين
کان صفا بيزار ٿي وينداسون ته رب سائين فرمايو آهي
ته:
لعادوا لما نُهوا عنہ
اهي وري به ساڳيا ڪم ڪندا جن کان انهن کي روڪيو ويو هيو. اڄ
ڪلهه بدڪاري کي ڏسندي معلوم پيو ٿئي ته واقعي قرآن
مجيد سچ فرمايو آهي ته اهي شخص جيڪڏهن خدائي عذاب
ڏسي وري دنيا ۾ واپس موٽي اچن ته به اهي ساڳيا
ٽپڙ.
مان جڏهن ٺيڙهي ۾ هوندو هيس. اتي ڇتن نالي هڪ شخص بيمار ٿي
پيو. ڏاڍي تڪليف هيس بخار وغيره. مون کي وٺي ويا.
توبهه ڪيائين ۽ وعدو ڪيائين ته هاڻي مسجد مان ٻاهر
نه نڪرندس. نماز پڙهندو رهندس ۽ برائي جي ويجهو نه
ويندس. چاڪ ٿيو، بيماري هلي ويس وري مسجد ڏي منهن
نه ڪيائين.
هڪ شخص پار هيو (درياه جي هن پار) ڏاڍو بيمار ٿي پيو. پوءِ خوش
ٿيو ۽ ڪجهه ڏينهن مسجد ۾ اچڻ لڳو. چوي پيو ته مون
سان هي معاملو ٿيو ته بيماري واري حالت ۾ ڏسان ته
هڪ شخص ڪرسي تي چڙهيو ويٺو آهي ۽ چوي پيو ته اڙي
نماز ڇو نه ٿو پڙهين؟ پوءِ اچي لڪڙن سان مار
ڏنائين، جو منهنجو بدن صفا وٺجي پيو وڃي. ائين ٽي
ڏينهن ٿيندو رهيو. پوءِ ڪجهه وقت نماز پڙهندو رهيو
وري نماز کي ڇڏي ڏنائين. ايستائين جو مسجد جو منهن
ئي ڪو نه ڏسي.
مولوي امير الدين صاحب ملاح ڳاڙهڪي واري جي ڳوٺ ۾ 2 شخص هئا،
جيڪي بيمار ٿي پيا. هڪ سانوڻ، ٻيو گاهي. جڏهن گاهي
هوش ۾ اچي ته چوي سانوڻ مري ويندو. مان بچي ويندس.
هو به ائين چوي ته مان بچي ويندس، گاهي مري ويندو.
ماڻهن پڇيو ته اهو ڪيئن. سانوڻ چوڻ لڳو ته اسان
ٻنهي کي هڪ جاءِ ۾ وٺي ويا اتي هڪ بدشڪل عورت ويٺي
هئي. چوڻ لڳا ته هن سان شادي ڪندؤ. اسان چيوسين ته
هائو. پوءِ گاهي کي اندر وٺي ويا ۽ ان کي قتل ڪري
ڇڏيائون ۽ مون کي ڇڏي ڏنائون. ان ڪري مان بچي
ويندس ۽ گاهي مري ويندو. گاهي چوڻ لڳو ته مان دوزخ
ڏٺم اتي ماڻهو عذاب ۾ ٽنگيا پيا هئا، اهڙيون پيا
دانهون ڪن جو جيڪڏهن اهڙي دانهن هن دنيا ۾ هجي ته
سڀ ماڻهو مري وڃن. مان هاڻي ڪو نه بچندس پر جيڪڏهن
بچان ها ته مسجد شريف جو در وٺي ويٺو هجان ها.
بچاءَ جو در اهو ئي آهي. ماڻهن چيس ته اڙي وڦلين
ٿو، ڪجهه ڪو نه ڏٺو اٿئي. هو چوي ته نه. پوءِ ٻئي
مري ويا. چور هيا. هاڻي اتي ڪجهه به ڪو نه ٿو
ڏسجي.
هت مون وٽ هڪ عورت ان طرف جي آئي. مان ان کان پڇيم ته اها ڳالهه
ڪيئن آهي- چيائين ته هائو اها ڳالهه صحيح آهي. مان
سانوڻ جي زال آهيان ۽ هي ڇوڪرو ان جو پٽ آهي.
انّما القبر روضہ من رياض الجنہ او حفرةُ من حفرالنار (حديث)
اسان سمجهون پيا ته قبر ۾ ڪجهه نٿو ٿئي، پر اهو معاملو ائين
ٿيندو رهندو آهي!!
ملفوظ 61
بدعتي ڏاڍا خراب ماڻهو هوندا آهن. ڏاڍا ڪوڙ هڻندا آهن. ٻين تي
بهتان مڙهيندا آهن. مان نئون پڙهي آيس. هت هڪ
بدعتي هيو چوندو هو ته قرآن نه پڙهو صرف ڪافيون
پڙهو. عورتن کي ڏسو، عشق ڪمايو، وري چوڻ لڳو ته
هيءُ بائجي وارو محمد صالح ڌاريجو جيڪو آهي هي
اهڙو ماڻهو آهي جو امروٽ ويندو آهي. وري حضرت
امروٽي رحمة الله عليه جون به گلائون ڪري. ته اهي
شخص فقط بزرگن جون گلائون ڪندا ٿا وتن. هاڻي مري
ويو آهي ۽ قبر تي ڀنگوڙا ويٺا ڀنگون ٿا پين. اهو
آهي عذاب الاهي.
مولوي خدا بخش ناري ۾ رهندو هو. ان کي هت برٿن ۾ رسول بخش جو
پيءُ حاجي علي بخش وٺي آيو. اهو پيو چوي ته هي
بزرگ رسول ڪريم ﷺ جن کي نه مڃيندا آهن ۽ چوڻ لڳو
ته مان ڪنن ٻڌي ڳالهه ڪيان ٿو ته امروٽي رح چوي
پيو ته صلاة ۽ درود نه پڙهڻ گهرجي ۽ منهنجي نالي
(حضرت سائين هاليجوي) پيو چوي ته هن چيو آهي ته
قران مجيد ۾ هڪ آيت آهي صلاة لاءِ، ان تي عمل نه
ٿيو ته ڪهڙو حرج آهي! اتي مولوي محمد صادق رح ويٺو
هو. ان چيو ته بدمعاش ڪوڙ ٿو هڻين. امروٽ شريف جي
مسجد ۾ ته پٿريون رکيل آهن. اتي دستور آهي ته اول
صلاة سڳوري پڙهندا آهن، پوءِ دُعا گهرندا آهن. مان
اتان جو مريد آهيان.
نُوِلہ ماتولّيٰ. (القرآن)
جاڏي هو ڦري ٿو اسان ان کي ان طرف ڦيرايون ٿا. رب جو ڌڪو لڳل
اٿن ڪوڙا بهتان بزرگن تي ۽ عالمن تي هڻن ٿا صرف
پنهنجي دڪانداري چمڪائڻ خاطر-
ٻانهون شڪر ڪري ته الله تعاليٰ اسان کي موحد ڪيو آهي. اهڙن
گندن ڪمن کان بچايو اٿس جنهن ۾ سندس ناراضگي رکيل
آهي.
قرآن مجيد ۾ اچي ٿو ته مشرڪ جڏهن ٻيڙين ۾ چڙهندا هئا ۽ مخالف
طرف کان هوائون لڳنديون هيون ۽ ٻيڙيون ٻڏڻ تي
اينديون هيون ته فقط الله کي سڏيندا هئا-مخلصين لہ
الدين. سڀ شريڪ وسري ويندا هُين. فلما نجّاهم الي
البر اذاهم يُشرکون- جڏهن نجات ٿي ويندي هين ته
وري ساڳيو شرڪ ڪندا هئا.
مصيبت ۾ ته هر ڪو رب کي سڏي ٿو. پر پوءِ به رب کي
سڏيندو رهجي ۽ توحيد تي استقامت ڪجي.
21 شعبان المعظم 1380 هه- اربع جو ڏينهن |