سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: تحفة السالڪين

 

صفحو :11

ملفوظ 47

مجلس مان هڪ شخص چيو ته اسان جي طرف بداعماليون وڌي ويون آهن، پيرن اجازت ڏئي ڇڏي آهي ته جيئن وڻيو تيئن ڪندا رهو. (شايد سائل جيڪب آباد جي طرف نصير آباد جي ڪنهن ٻهراڙي جو درويش معلوم ٿي رهيو هو.)

ان تي ارشاد فرمايائون ته ان جو سبب هيءُ آهي ته اسان ڪتاب الله ۽ سنت رسول الله کان پاسيرا ٿي ويا آهيون. اها راه ڇڏي چڪا آهيون. مولوي هجي، پير هجي، فقير هجي سڀني ان هدايت کي ڇڏي ڏنو آهي ته اهي خرابيون اچي ويون آهن. قرآن ۽ سنت انسان کي پابندي واري زندگي گذارڻ جي تلقين ڪن ٿا. اسان آزادي واري زندگي گذارڻ چاهيون ٿا.

هڪ شخص پنجاب جو هو، ان کي ٻه پٽ هئا. هڪ کي ڪنهن ڏوهه ۾ جيل اچي ويو سال کن جيل ۾ هو، آزاد ٿيڻ ۾ هڪ مهينو باقي هو پر اوچتو مهلت ملي ويس. سڌو گهر آيو رات جو وقت هو، ڇا ڏسي ته سندس زال سان ڪو ماڻهو ستو پيو آهي. هن ڪاوڙ ۾ اچي ان کي قتل ڪري ڇڏيو. پوءِ ڏٺائين ته اهو سندس ڀاءُ هو. وري جو پيءُ آيو ته هن سمجهيو ته ڪو چور آيو آهي، ان وري هن کي قتل ڪري ڇڏيو – اهڙي طرح سموري اولاد جو خاتمو ٿي ويس. ته برائي جو نتيجو اهو آهي. انسانن ۾ جيڪڏهن صحيح سمجهه ۽ هدايت نه آهي ته هو هر گمراهي ڏانهن مائل ٿي وڃن ٿا. اهڙن پيرن، فقيرن ۽ مولوين ڏانهن ڇڪجي وڃن ٿا جيڪي هنن جو خانو خراب ڪري ڇڏين ٿا.

تنهن ڪري اولاد کي علم دين قرآن ۽ حديث پڙهائڻ تمام ضروري آهي. ان ذريعي انسان وٽ هدايت اچي وڃي ٿي، پر اولاد کي ڪنهن مُوحد عالم دين وٽ ڇڏڻ گهرجي. ائين نه ٿئي جو ڪنهن مشرڪ يا بدعتي جي ور چڙهي وڃي ڇو ته اهو ان کي بدعمل ڪري ڇڏيندا ۽ پوءِ جاهلن کان به پري ٿي ويندو.

حضرت وڏا حافظ صاحب ڀر چونڊي شريف وارا (رحمة الله عليه) فرمائيندا هئا ته هت ڀنگوڙن کي بودلي شاهي جي نالي سان سڏيندا هئا. انهن جو وڏو بودلي شاهه هيو. هڪ شخص انهن جي کوه مان پاڻي ڪڍي وضو ڪري نماز پڙهڻ لڳو. اهي بودلا پنهنجي وڏي ڏانهن ويا ته هي واقعو پيش آيو آهي. ان وڏي چين ته اهو کوه پليت ٿي ويو آهي. هنن چيو ته اسان سمجهيوسين ته هي هٿ منهن ڌوئي ٿو پر هن جو منهن ڪارو ٿئي جو نماز پڙهڻ شروع ڪيائين! ان وڏي هنن کي چيو ته توهان ائين غفلت ڪندؤ ته ڪيئن سنڀالي سگهندؤ. پوءِ انهن جو وڏو کوه تي آيو ۽ چوڌاري پيشاب ڪري وري ان کي کوه ۾ وڌائين ۽ پنهنجا زيرناف به پٽي ان کوه ۾ وجهي ڇڏيائين. چيائين ته هاڻي هيءُ کوه پاڪ ٿي ويو پر اڳتي سنڀال رکجو!!

مولانا غلام عمر صاحب نالي هڪ عالم دين هيو. ڏهن سالن کان وڌيڪ تعليم ڏنائين.ساري ماحول کي سڌاري ڇڏيائين. اتي هڪ ڳوٺ هيو ان ۾ لنگها رهندا هئا. انهن وٽ بودلي شاهه آيو. انهن کي اچي خراب ڪيائين. عالمن جي خلاف ڀڙڪايائين- انهن جي هڪ ڇوڪري مري وئي. مولوي صاحب چيو ته ان جو ڪو به جنازو نه پڙهي. ڪو به مولوي جنازي لاءِ نه آيو. پوءِ وڏو بودلي شاهه انهن وٽ آيو. ڀنگ جو ڏنڊو کڻي ست دفعا ان جي چوڌاري ڦيرائي چيائين ته هي عاشقن جو ڏنڊو آهي. هاڻي ملن کي ڪاٺي هجي هاڻي ڪير ٿو هن کان پڇي. پوءِ انهن ڳوٺ وارن کي ٿڪون هنيون ته ڇو اچي خراب ٿيا آهيو، پوءِ توبهه تائب ٿيا ۽ پشيمان ٿي رجوع ڪيائون.

سيري جو شهر رستم جي لڳ آهي. اتي مان ويس. مسجد جي ٻاهر جتين واري جاءِ وٽ هڪ قبر هئي. پڇا ڪيم ته هيءَ ڪنهن جي آهي. چيائون ته هتي هڪ ماڻهو دڪاندار هيو. نماز به پڙهندو هيو پوءِ چڪ جي ڀر سان هنباهه تي ويو. اتي هڪ شخص نالي فيض محمد شاهه سان مليو. ان کي فيض درياهه ڪوٺيندا هئا. ان سان ملي ڀنگ ۽ نشي  ۾ گرفتار ٿي ويو.  پوءِ موٽي آيو ته هڪ ڏينهن چيائين ته مان پتنگ ٿيان ٿو. دڪان ۾ باهه ڏنائين ۽ پوءِ وچ ۾ ٽپو ڏنائين ۽ مري ويو. ان جي قبر اتي رکي ڇڏي اٿن. اهي حال آهن انسانن جا! جيڪو سڌي رستي کان هٽيو ته پوءِ وڃي ڪريو کڏ ۾. اڄ جي فقيرن جا به اهڙا حال ٿيا آهن جو مٿا پيا لوڏن، دانهون پيا ڪن، ڪپڙا پيا ڦاڙين. ماڻهو چون ته هي پهتل آهن. اها ڳالهه نه اسلام سيکاري ٿو نه رسول الله صلي الله عليه وسلم جن کان ثابت آهي نه وري صحابه ڪرام رضه کان منقول آهي. جڏهن انسان مذهبي علم کان بي خبر ٿي ويو ته پوءِ انهن حرڪتن ۾ ڦاسندو ويندو. افسوس! ته جيترو ماڻهو وڌيڪ ذليل ٿي ويندو ماڻهو ان جي پيا عزت ڪندا ته هي عاشق آهي. اهو جهل جو سبب آهي.

بڪار (تعلقو روهڙي) جي پاسي هڪ شخص حاجي درياهي هيو. اهو اگهاڙو ٿي گهمندو هو. درياه ۾ هلندو وتي. ان کي هندو گهڻو مڃيندا هئا. اٺن تي چاڙهي ان کي گهمائيندا وتن. جاهل سمجهن ته هيءَ وڏو بزرگ آهي. ڪپڙا ڏينس ته هي اهي رکي ڇڏي، پائي ڪو نه. هڪ رات اسان سان گڏ ٿيو. سردي جي موسم هئي خسخاس پيو ڦڪي. ماڻهو چون ته اندر ۾ عشق جي باهه اٿس. اتي هڪ حاجي مريد ٿيس زال کي به ان جو مريد ڪيائين.

وري ڪجهه وقت کان پوءِ ساڳيو حاجي درياهي ڪپڙا لٽا پائي ٺيڪ ٺاڪ ٿي مريدن وٽ آيو ۽ ان سان ڀاءُ به گڏ هو.چيائين ته اسان سڀ مال ملڪيت ترڪو وڪڻي حج تي ويا هئاسون. هاڻي غريب ٿي ويا آهيون اسانجي مدد ڪريو. هي وري ٻيو رنگ وٺي ڦرڻ لاءِ آيا. انسان کي جيستائين قران ۽ حديث جي تعليم نه هوندي ته اهو ڦربو رهندو. ڪيئي ٺڳ هن کي غلط راهه تي لڳائي دين ۽ ايمان پيا خراب ڪندا. انسان جي اصلاح جو طريوق فقط قرآن ۽ حديث آهي.

لايصلح آخر هذه الامة الا بما صلح بها اولها- (امام مالڪ رح)

(هن امت جي پوين جو اصلاح انهي تعليم سان آهي

جنهن سان اڳين جو اصلاح ٿيو)

ملفوظ 48

گهوٽڪي مان هڪ ڊاڪٽر آيو جيڪو سرڪاري ملازم به هو. ان سان ڪجهه ٻيا دوست به گڏ هئا. حضرت رحمہ الله عليه کي چيائون ته اسان کي ڪجهه نصيحت ڪريو.

ان تي حضرت اقدس رحه جن هي ارشاد فرمايو ته:

دنيا ۾ انسان کي پيدا ڪري اهو موقعو ڏنو آيو آهي. ته هو الله کي راضي ڪري. اهو موقعو هن کي اڳ به نصيب ڪو نه هو ۽ مرڻ کان پوءِ به مهلت ڪا نه ملندس. هڪ منٽ هڪ لمحو چاهي ته ملي وڃي ۽ الله کي راضي ڪري وٺان ته ڪو نه ملندس. هيءَ حياتي وڏي قدر واري آهي هن حياتي کي اهڙي ڪم ۾ استعمال ڪجي جنهن سان آخرت واري زندگي ڪامياب بنجي وڃي. اهو ڪم آهي رب سان تعلق قائم ڪرڻ. ٻانهون هر وقت ان ڪوشش ۾ هجي ته هن جو رب سان صحيح تعلق قائم ٿي وڃي. شيطان چاهيندو آهي ته هن جو تعلق رب کان ڪٽجي وڃي ۽ هن جي زندگي برباد ٿي وڇي. انسان جا تعلقات ساري دنيا سان هجن پر رب سان تعلق نه هجي ته ڪهڙو فائدو ٿيو. اهي تعلقات ته هن دنيا ۾ ئي ختم ٿي وڃن ٿا. ڪو به دنيا وارو تعلق آخرت ۾ فائدو نٿو ڏيئي سگهي. اهي دنيوي تعلقات جن کي انسان وڏي وقعت ڏيندو آهي، جن جي قائم ڪرڻ لاءِ وڏا حيلا ڪندو آهي پر اهي ته اتي ئي رهجي ويندا. فنا ٿي ويندا. سواءِ رب سائين جي تعلق جي، جيڪو آخرت ۾ ڪارائتو ٿيندو. مرڻ کان پوءِ هڪ لمحي کان بعد ساري دنيا ۽ ان جا تعلقات اتي رهجي ويندا. هاڻي قبر ۾ ۽ حشر ۾جيڪا شيءَ ڪم اچڻ واري آهي اهو آهي تعلق مع الله- بس اها شيءَ ئي ڪمائتي آهي بادشاهه هجي يا ڪو وڏو متمول (زميندار، شاهوڪار) ماڻهو هجي مرڻ کان بعد هن لاءِ اهي شيون خصوصيت واريون يا برتري واريون ڪونه بڻبيون.

هڪ بادشاهه هو ان کي چئن شين سان محبت هئي.

1- سٺا ۽ طاقت وارا کاڌا کائڻ 2- حسين ۽ خوبصورت عورتون پاڻ وٽ رکڻ 3- دولت جمع ڪرڻ 4- وڏو لشڪر هر وقت تيار رکڻ جيڪو ملڪ جي حفاظت ڪري ۽ ٻيا ملڪ به فتح ڪري.

بادشاهه سان هڪ دفعي هڪ درويش مليو. بادشاهه کي چيائين ته اي بادشاهه تون وڏو ڀُليل آهين. تون جهن راهه تي هلين پيو اها سنئين راهه ڪو نه اٿيئي. اهي چار شيون جيڪي تون اختيار ڪيون آهن. اهي اتي دنيا ۾ ختم ٿي وينديون. جنهن ٻي حياتي ڏانهن هلڻو اٿيئي ان لاءِ به ڪجهه ڪيو اٿيئي؟ بادشاهه جواب ڏنو ته ان حياتي لاءِ ته ڪجهه به نه ڪيو اٿم. درويش چيس ته جٿي هميشه رهڻو اٿيئي اتي لاءِ ته ڪجهه به نه ۽ هن فاني دنيا لاءِ هر قسم جون شيون تو وٽ آهن!!

بادشاهه چيو ته مان ڇا ڪيان؟ درويش چيس ته رب سان تعلق پيدا ڪر. رب جي تعلق لاءِ ان جو ذڪر ڪر يعني هر وقت رب جي يادگيري . انسان جي دل جو تعلق رب سان ڳنڍجي وڃي. شيطان چاهيندو آهي ته ٻانهي جو تعلق پنهنجي رب کان ڪٽجي وڃي.

اِستحوذَ عليهم الشيطان فانسٰهم ذکر الله

هر شيءَ انسان کي ياد هوندي مگر وسريل هوندو ته فقط الله- ٻانهي کي الله سان تعلق ذڪر سان پيدا ٿئي ٿو. اهو تعلق دنيا ۾ قائم نه ٿيو ته دنيا ته گذري ويندي پر آخرت واري زندگي ۾ ڪجهه هٿ نه ايندو.

انهيءَ فقير بادشاهه کي چيو ته هيءَ حياتي گهڙيءَ جي مثل آهي. چاٻي ڏبس ۽ طاقت هوندس ته هلندي. اها ڳالهه رب کي معلوم آهي ته اسان جي چاٻي ڪڏهن ٿي ختم ٿئي. انسان جو ساهه آهي جيڪو ڪڏهن اندر ٿو اچي ڪڏهن ٻاهر ٿو نڪري. نه اندر قرار نه ٻاهر قرار. پيو ٿو هلي. اي بادشاهه! جڏهن تنهن جو پساه ٻاهر نڪري ته چؤ لاالٰہ ۽ جڏهن پساهه اندر وڃي ته چؤ الا الله- يا رڳو ”هُو“ ان شيءَ سان نفس کي هير- جڏهن نفس هِري ويندي ته ساهه پاڻهين هلندو آهي ۽ اهو ڪم پاڻهين هلندو رهندو. بس اها شيءَ هٿ ڪر ته ان ۾ تنهن جي نجات آهي.

حديث قدسي آهي ته

لاالهٰ الا الله حِصني من دخلها امن عذابي

لا الٰہ الالله منهنجو ڪوٽ يا قلعو آهي جيڪو منهنجي ڪوٽ ۾ داخل ٿيو اهو منهنجي عذاب کان بچي ويو يا امن ۾ اچي ويو حضور ڪريم ﷺ جن فرمايو ته

من کان آخر کلامہ لاالٰہ الا الله دخل الجنہ- جنهن جي زبان تي پويون لفظ لاالٰہ الا الله هوندو اهو جنت ۾ داخل ٿيندو.

فقير بادشاهه کي چيو ته دنيا جا معاملات هلائيندو رهه پر آخرت واري شيءَ کي به هٿ ڪر ۽ خدا سان تعلق پيدا ڪر. بادشاهه درويش جي ڳالهه تي مضبوط ٿي ويو. وقت گذرندو ويو آخر حياتي اچي پڳس- بيمار  ٿي پيو هاڻي ڪو به کاڌو نه پيو وڻيس ڪنهن به کاڌي ڏي رغبت نه رهيس- بيماري جي حالت ۾ عورتن وارو تعلق به ختم ٿي ويو. عورتون به هيڏي هوڏي ٿي ويون. وارثن کي چيائين ته لشڪر کي پگهارون ڏيو ته اهي مضبوط رهن. اهي ڪم ايندڙ آهن وارثن چيو ته اهو خزانو جيڪڏهن انهن تي خرچ ٿيو ته پوءِ اسان لاءِ ڇا بچندو. ان طرح لشڪر به هليو ويو. بادشاهه کي پنهنجي بيماري ۾ ئي سڀ شيون سامهون اچي ويون کاڌا به هليا ويا، عورتن جو تعلق به نه رهيو، خزانو به وارثن جي هٿ ۾ اچي ويو ۽ لشڪر به هليو ويو. بادشاهه چيو درويش جي ڳالهه ته سچي ثابت ٿي، اڄ اهي سڀ شيون جن سان منهن جي محبت هئي ختم ٿي ويون. جي انهن تي مان قائم رهان ها ته اڄ هلاڪ ٿي وڃان ها! پر درويش جي تعليم ڪم آئي ۽ اميد ته بچي ويندس.

حضرت موسيٰ عليه السلام رب جي درگاه ۾ عرض ڪيو ته اي رب سائين مون کي اهڙو ذڪر ٻڌاءِ جنهن سان تو کي ياد ڪندو رهان. ته رب سائين فرمايو ته اي موسيٰ لاالٰہ الا الله پڙهندو رهه. حضرت موسيٰ  عليه السلام عرض ڪيو ته اي رب سائين! ڪو اهڙو وظيفو ٻڌايو جيڪو مون لاءِ مخصوص هجي جيئن مون کي منتخب ڪيو اٿئي ۽ رسول بنايو اٿيئي ته وظيفو به اهڙو هجي.

ته رب سائين وري فرمايو ته اي موسيٰ قُل- لاالٰہ الا الله- يعني لاالٰہ الا الله – جو ذڪر ڪندو رهه.

لاالٰہ الا الله کان وڏو وظيفو ٻيو آهي ئي ڪو نه.

حديث شريف ۾ وارد آهي ته

لو ان السمٰوات السبع والارضين السبع و ضعتها في کف واحد

ولالاالٰہ الا الله في اُخريٰ لما لتهما-

ست آسمان ۽ ست زمينون هڪ پڙ ۾ رکيون وڃن ۽”لاالٰہ الا الله“ ٻي پڙ ۾ ته اهو سڀني کان وزنائتو ٿي ويندو.

حديث شريف ۾ اچي ٿو ته قيامت جو ڏينهن ٿيندو. هڪ آدمي جون برائيون هونديون. اهي وڏن دفترن جي شڪل ۾ هونديون مدالبصر جتي وڃي ديد کٽي ايڏو دفتر هوندو. هڪ نه بلڪ اهڙا 99 دفتر هوندا. الله تعاليٰ انهن کي ترازو جي هڪ پڙ ۾ رکائيندو. هڪ ٻيو ڪاغذ هوندو ان کي ٻئي پڙ ۾ رکائيندو. ان تي لاالٰہ الا الله لکيل هوندو. ماڻهو چوندو ته اهو پرزو ڇا ڪندو. جڏهن ته منهن جون ايتريون گهڻيون برائيون آهن پر اهو ڪلمو لاالٰہ الا الله زور ٿي ويندو. ان ڪلمي جو مطلب آهي ته انسان جو تعلق رب سان قائم ٿئي ۽ ان تعلق تي هن جو موت ٿئي.

ديد مجنون را يکه صحرا نورد

دربيابان غمش بنشت فرد

بيابان ۾ گذرندڙ هڪ شخص مجنون کي ڏٺو ته هو اڪيلو غمن جي دنيا ۾ ويٺو آهي.

مجنون جو زمانو مسلمانن جي پهرين حڪومتن خليفه مامون وارو يا عبدالملڪ وارو زمانو آهي.

ريگ ڪاغذ بود وانگشتان قلم

مي نمود بهر کس نامہ رقم

واريءَ کي ڪاغذ ڪيو اٿس ۽ آڱرين کي قلم بنائي ڪا شيءَ لکي رهيو آهي.

گفت اي مجنون شيدا چيست اين

مي نويسي نامه بهر کيست اين

اي مجنون ڇا تي چريو ٿيو آهين اهو خط ڪنهن جي طرف لکين ٿو؟

 

گفت مشقِ نام ليليٰ ميکنم

خاطرِ خود را تسلي مي دهم

پنهنجي محبوب جو نالو لکان ٿو ۽ پنهنجي دل کي راحت پهچايان ٿو.

عشق موليٰ که کم از ليليٰ بود

کوءِ گشتن بهر او اوليٰ بود

رب سائين جو عشق ليليٰ جي عشق کان ڪٿي گهٽ آهي. آدمي ان لاءِ بيابان لتاڙي ته بهتر آهي.

ليليٰ جي عشق مان مجنون کي ڇا حاصل ٿيو. تون رب جي عشق کي حاصل ڪر. ان عشق مان اولياءِ ڪرام وڏن مرتبن کي پهتا انسان کي حياتي جا چند ڏهاڙا مليل آهن. اهي ڏينهن پاڻ کي ڦاسائڻ يا پاڻ کي ڇڏائڻ جا آهن. انهن ڏينهن جو قدر ڪيو وڃي وري اهو موقعو ٻيهر نه ملندو.

 

ملفوظ 49

دين جي تعليم بابت ڪنهن شخص سوال ڪيو ته ان جي اهميت ڪيتري قدر آهي؟

پاڻ فرمايائون ته دين جي خدمت صحيح اها آهي جيڪا الله تعاليٰ  حضور ڪريم ﷺجن جي ذمي لڳائي هئي

1- تبليغ 2- تلقين 3 - تعليم

يتلوا عليهم آياتہ

قران مجيد جي تلاوت ڪندا هئا.

ويز کيهم- انهن جي نفسن جو تزڪيو ڪندا هئا. حضور ڪريم ﷺ جن جي نظر مبارڪ جو اهو فيض هيو جو هو (صحابه ڪرام رضه) پاڪ صاف ٿي ويندا هئا. اشتغال في الدنيا کان نڪري الله ڏانهن متوجه ٿي ويندا هئا. انهن جي نظر ۾ الله کان سواءِ ٻي ڪنهن به شيءَ جي وقعت نه رهندي هئي. ويعلمهم الکتاب والحکمہ قرآن ۽ سنت سيکاريندا هئا. حکمت جي معني آهي جوامع الکلم- تعليم، جي ڪري هو قائم مقام بڻجڻ جي صلاحيت رکندا هئا سڀ کان پائدار شيءَ آهي تعليم ان جي ذريعي انسان ۾ مضبوطي پيدا ٿئي ٿي. بزرگان دين به انهن حضرات جي شفقتن سان ان درجي تي پهتا. اها شيءَ قيامت تائين جاري رهندي ان طرح انسانن ۾ صحيح سمجهه حاصل ٿيندي رهندي.

تبليغ جو اثر تيستائين قائم رهي سگهي ٿو جيستئاين مبلغ ايندا رهن ۽ تبليغ جو ڪم ڪندا رهن. تلقين جو اثر تيستائين قائم رهندو، جيستائين مشائخ هوندا ۽ انهن جي صحبت هوندي. انهن جي وڃڻ کان پوءِ اثر ختم ٿي وڃي ٿو. پر تعليم جو اثر ڪافي وقت تائين رهي ٿو. جاهل ماڻهوءَ کي شيطان وڪوڙي وڃي ٿو. ان کي شبهات ۾ وجهي ٿو. ان جو سڌو حملو ايمان تي ٿيندو آهي. علم جو نفعو اڻ کٽ آهي عالم مري وڃي ٿو پر ان جو علم جاري آهي ۽ ان کي ثواب ملندو رهندو.

 

ملفوظ 50

ڪنهن شخص چيو ته منهن جي پٽ کي غيبات جو اثر آهي. ان کي ظاهر ڪريو. اوهان کي هر شيءَ معلوم آهي.

ارشاد فرمايائون ته پٽ ! ڳجهه جو علم صرف الله تعاليٰ  کي آهي بندي عاجز کي ڪا به طاقت نه آهي جو ڪا شيءَ معلوم ڪري سگهي. قرآن مجيد ۾ فرمايو ويو آهي ته

لا يعلم من في السمٰوات والارض الغيب الا الله

”آسمانن ۽ زمينن ۾ ڪو به نه آهي جيڪو ڳجهه کي ڄاڻي سواءِ الله جي.“ سائل چيو ته ائين! اوهان الله جا پيارا آهيو اوهان کي وڏيون طاقتون آهن. تنهن تي پاڻ فرمايائون ته پٽ! مون کي ته ڪک جي به طاقت نه آهي. مون کي ته پٺي جي پويان جي به خبر ڪانهي. اهو علم صرف الله تعاليٰ  وٽ آهي ٻي ڪنهن به مخلوق کي نه ڏنو ويو آهي.

ڪتاب کولڻ، نقش ڪڍڻ اهو ملن جو مسئلو آهي. شريعت ۾ ان جو ڪو به بنياد نه آهي. حڪيمن وٽ بيمار کي کڻي ويندؤ ته چوندا ته بيماري اٿس. مُلن وٽ کڻي ويندؤ ته هو چوندا حساب اٿس. هر ڪو پنهنجي فائدي جي ڳالهه ڪندو. صرف پيسن ڦرڻ لاءِ- اصل علم الله کي ئي آهي ته ڇا حقيقت آهي.

19 شعبان المعظم 1380 هه سومر جو ڏينهن

 

ملفوظ 51

مجلس ۾ دين جي ڪمن ۾ تڪليفن جو ذڪر نڪتو ان تي ارشاد فرمايائون ته

حفّت الجنہ بالمکاره وحفّت النار بالشهوات

جنت کي اوکيائين (ڏکيائين) جو پَلوڙو ڏنو ويو آهي ۽ جهنم کي نفس جي گهُرن جو پَلوڙو ڏنل آهي.

الله تعاليٰ  جي بندن کي مختلف تڪليفون پيون اچن ايمان جي ڪري. الله جا بندا هر شيءَ پيا سهندا آهن. مڪي جي قريشن حضور ڪريم ﷺ جن کي ڪيتريون تڪليفون  ڏنيون اهو معاملو اڄ ڏينهن تائين هلندو پيو اچي. الله جا ٻانها هر دور ۾ برداشت ڪندا اچن ٿا.

هڪڙي عورت هئي جيڪا بيهوش ٿي ويندي هئي ۽ بيهوشيءَ ۾ اگهاڙي ٿي ويندي هئي. حضور ڪريم ﷺ وٽ آئي عرض ڪيائين ته مون سان هيءَ تڪليف آهي. پاڻ فرمايائون ته صبر ڪر ته ان جي نتيجي ۾ تون بهشت ۾ داخل ٿي ويندينءَ  يا چؤ ته مان دعا گهران- عورت جواب ڏنو ته اها تڪليف ڀل مون کي هجي. هيءَ حياتي چند ڏهاڙن جي آهي گذري ويندي. مون کي ان جي مقابلي ۾ بهشت قبول آهي پر اها دعا گهرو ته اگهاڙي نه ٿيان. پاڻ ڪريم ﷺ جن دعا گهري پوءِ اها عورت وري ڪڏهن به اگهاڙي نه ٿي. صحابه ڪرام رضه پاڻ ۾ چوندا هئا ته جيڪڏهن بهشتي عورت کي ڏسڻون هجي ته انهيءَ عورت کي ڏسو. مؤمن بندي لاءِ تڪليف الله تعاليٰ  جي نعمت آهي.

حديث شريف ۾ وارد آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو آهي ته جڏهن ڪا تڪليف اچي ته هي دعا پڙهندا رهندو.

انالله وانا اليہ راجعون اللّهم اجرني في مصيبتي

واخلف لي خيرا منها

 ٿورو توقف فرمائي ارشاد فرمايائون ته: اسلام آڻڻ ته سولو آهي پر ان تي قائم هڻ ڏکيو آهي.! دوستي ته هر ڪو رکي پر نڀائي ڪو ڪو. نڀائڻ اوکو ڪم آهي ان معاملي ۾ وفاداري پهريون شرط آهي. يا ته هن طرف قدم ئي نه رکي. جيڪڏهن هن بيابان ۾ اچڻ گهري ٿو ته پوءِ مجنون بڻجي ڏيکاري. ڪلمو ته پڙهي ويو پر اصل ڳالهه آهي ته ڪلمي جون تقاضائون به پوريون ڪيون وڃن.

ملفوظ 52

       علم پڙهڻ وقت شادي ڪجي يا نه ڪنهن طالب العلم سوال ڪيو.

ارشاد فرمايائون ته پٽ! علم دين پڙهه، شادي کي هڻ کڏ ۾. شادي لاءِ علم جهڙي نعمت کي ڇڏڻ نه گهرجي. شادي ته انساني نسل وڌائڻ لاءِ هڪ تعلق آهي اهو طريقو ته جانورن ۾ به آهي اها شيءَ ايڏي اهميت واري نه آهي. علم جهڙي نعمت الله تعاليٰ  پنهنجي خاص بندن کي ڏيندو آهي.

ثم اورثنا الکتاب الذين اصطفينا من عبادنا

       صرف لفظ نه بلڪ معنيٰ ڄاڻڻ وارا ئي ڪتاب جا وارث ٿيندا آهن.

بخوان بخوان که هنوز نه ئي بند عيال

چون بند عيال شدي خواندنت شود بمحال

پر جيڪڏهن شادي علم جي حاصل ڪرڻ ۾ حارج نه بڻجي ته پوءِ صحيح آهي. مان تعليم جي زماني ۾ 2 شاديون ڪيون هيون. هڪ اول پوءِ ٻي به- مون کي انهن شادين تعليم کان نه روڪيو گهر ۾ اطمينان هيو تنهن ڪري پڙهي ويس مولوي لطف الله شادي ڪئي ته علم کان رهجي ويو. هاڻي مٿان ويٺو آهي.

اسان ۾ بُري رسم اها آهي ته ٻي جاءِ تي نياڻي نٿا ڏيون. پوءِ زوري انسان اتي ئي شادي ڪرائين ٿا. اهي بريون رسمون اسان ۾ پئجي ويون آهن.

 اسلام سنڌ ۾ آيو جڏهن محمد بن قاسم رحه 18 سالن جي عمر ۾ هت سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ آيو. هن ۾ سوچ سمجهه گهڻي هئي حجاج بن يوسف ثقفي اڳ به سنڌ تي ٻه دفعا ڪاهه ڪئي هئي پر ناڪام رهيو پر هن وري به ڪوشش ڪئي. وليد بن عبدالملڪ کي چيائين ته ڏاهر اسان جو جهاز ڦريو آهي ديبل بندر وٽ جيڪو ڪراچي جي ويجهو هيو. اهو اطلاع هن کي سعيد نالي هڪ شخص ڏنو جيڪو اتان ڀڄي نڪتو هو. وليد چيو ته سنڌ ڏکيو ملڪ آهي اڳ به ڪاهون ٿيون آهن. ناڪامي ٿي آهي ان ڪري ڇڏي ڏجي. حجاج چيو ته هاڻي اجازت ڏيو. جنگ تي جيڪو خرچ آيو ان جي ٻيڻ مان ڀري ڏيندس. پوءِ هن پنهنجي ڄاٽي کي سپه سالار ڪري سنڌ ڏانهن موڪليو. هن کي هڪ نصيحت ڪيائين ته جنگ جي وقت ۾ الله جي ذڪر کان هرگز غافل نه ٿجانءِ- شايد حجاج قرآن شريف جي هن آيت مان استدلال ورتو ته: واذکرو الله کثيراً لعلکم تفلحون- (الله جو ذڪر گهڻو ڪريو ته تحقيق توهان ڪاميابي حاصل ڪندؤ)

ديبل وٽ لڙائي شروع ٿي، اتي هندن جي هڪ مڙهي هئي. انهن جو اعتماد هو ته هن کي ڪو به ڊاهي نه سگهندو جيڪڏهن اها ختم ٿي ته پوءِ اسان سڀ ختم ٿي وينداسون- مسلمانن منجنيق سان ان کي ڊاهي ڇڏيو ته پوءِ هنن جا ڇيهه ڇڄي پيا. پوءِ وري اڳتي لڙائي شروع ٿي. ڏاهر درياهه جي هن ڪناري. ته مسلمان ٻي ڪناري هئا. محمد بن قاسم تجويز ڏني ته ٻيڙيون پاڻ ۾ ڳنڍي ميخون هڻي اڳتي وڌو جڏهن هن پار ٿيا ته ٻيڙين کي ڊاهي ڇڏيائين ۽ لشڪر کي چيائين ته هاڻي اوهان جو تعلق ملڪ کان ڪٽجي ويو هاڻي جان تي کيڏي مقابلو ڪيو- مدائني قبيلي مان هڪ شخص هيو جنهن ڏاهر کي قتل ڪيو. ڏاهر ان وقت سفيد هاٿي تي چڙهي جنگ ۾ شريڪ ٿيو هيو.

ڏاهر جو وزيرعاظم سياڪر هو. ان کي محمد بن قاسم به وزير ڪري رکيو. ملڪ ۾ عام سڌاري لاءِ 32 قانون تجويز ڪيائين. انهن ۾ هڪ مساوات جو خاص قانون هو يعني معاشري ۾ طبقا نه هوندا. اڳ هندن ۾ امتياز هوندا هئا. پوءِ ماڻهن جڏهن ڏٺو ته هن دين ۾ مساوات آهي نماز ۾ مساوات ۽ اخلاق به بلند، ته پوءِ قبيلن جا قبيلا مسلمان ٿيندا ويا. ٿلها ٿلها حڪم اسلام جا جاري ڪندا ويا ماڻهو ان تي عمل ڪندا ويا.

پوري طرح اصلاح ٿورن جو ٿيندو آهي گهڻن جو نه ٿيندو آهي. رسمن جو اصلاح نه ٿي سگهيو. 3 سالن ۾ قنوج تائين فتح پهتي- ملتان ۾ خزانا لڌا ويا ان وچ ۾ حجاج مري ويو ۽ وليد به مري ويو. هاڻي سليمان بن عبدالمالڪ بادشاهه مقرر ٿيو. هن پنهنجي دور ۾ اڳين ماڻهن کي پوئتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. قنيبه افغانستان ڏانهن هيو. محمد بن قاسم هن طرف هيو. آخرڪار محمد بن قاسم کي گهرائي ورتائون. باسط ۾ قيد رکيائون ۽ اتي کيس شهيد ڪري ڇڏيائون.

محمد بن قاسم مرڻ وقت اهي الفاظ چيا-

اضاعوني وايّ فتي اضاعوا. ليوم کريهہ و سداد ثغر

(انهن مون کي ۽ ڪهڙي نه جوان کي ضايع ڪيائون جو جنگ ۾ آزمايل ۽ سرحد جو محافظ هيو!)

مقصد ته مسلمانن جو اصلاح ٿي نه سگهيو ۽ انهن ۾ هندن واريون ڪيئي رسمون هلنديون پيون اچن. مسلمانن جا پير ٻارهين مهيني اوڳڙ تي نڪرندا آهن ته مريدن کان وٺي اچجي. هندن جاٻاوا به ائين ڪندا هئا. مسلمان مُئي جا جماڻان ڪندا آهن ته واڻين ۾ پگڙين جي رسم آهي. اها به مسلمانن ۾ انهن طرفان آئي آهي.

علم جهڙي نعمت ٻي ڪا به نه آهي. تعليم کان سواءِ ڪم ئي لهي ويو آهي. نيڪ نمازي ماڻهو جڏهن اچن ته ڪفر ۽ شرڪ جا ڪلما پيا چون. اهو نتيجو آهي جهل جو.

قرآن مجيد ۾ فرمايو ويو آهي ته

انما يخشي الله من عباده العلماءَ

الله کان خوف ڪندڙ انهيءَ جي ٻانهن مان علم وارا آهن. پهريائين اهو خيال ٿيندو هو ته الله کان ڊڄڻ وارا اهل علم کان سواءِ ٻيا به آهن پر الله جو اهو حڪم آهي، ان کي ئي مڃبو. پر واقعي هاڻي معلوم ٿئي ٿو جن عالمن جي دل ۾ علم يقيني آهي، اهي خدائي احڪام ۾ وڌيڪ ڊڄن ٿا. باقي سواءِ علم جي ته ماڻهو نيڪ نمازي به بڻجي وڃن وري به غير شرعي ڪم پيا ڪندا وتن. پر علماءَ به اهي جيڪي خوف خدا سان متصف آهن. باقي اسان جهڙن ظاهري علم وارن جا ٽپڙ ته اهڙا ئي آهن جهڙا جاهلن جا ٽپڙ- الله تعاليٰ  هر مسلمان کي محفوظ رکي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com