سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: تحفة السالڪين

 

صفحو :8

 

ملفوظ 12

ڪنهن شخص پڇيو ته قرآن شريف جي ڪهڙي سورت جو ورد ڪرڻ گهرجي.

فرمايائون ته:

حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن تبوڪ ۾ هيا. حضرت جبرائيل عليه السلام آيو چيائين ته معاويه بن مزني رضي الله عنه وفات ڪئي آهي. ان جي جنازي تي 70 هزار ملائڪ پهتا آهن، اوهان به ان ۾ شريڪ ٿيو. حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن پڇيو ته ان جو ايڏو مرتبو ڪيئن ٿيو؟ حضرت جبرئيل عليه السلام چيو ته ان شخص جو دستور هوندو هيو ته اٿندي ويهندي هر وقت قل هو الله احد پڙهندو هيو. ان سورت جو ايڏو مرتبو آهي.

 10 شعبان المعظم 1380 هه ڇنڇر جو ڏينهن - صبح جو وقت

 

ملفوظ 13

مجلس مان هڪ شخص عرض ڪيو ته دل ڪمزور رهي ٿي ان لاءِ ڪو وظيفو ٻڌايو.

ارشاد فرمايائون:

يا قويّ القادر المُقتدر قَوتّي و قلبي

هر فرض نماز کان پوءِ 7 دفعا پڙهي دل تي هٿ رکي دم ڪري ڇڏجي.

 

ملفوظ 14

هڪ شخص عرض ڪيو ته منهنجي ڇوڪري کي جن آهي ڪجهه اسان کي ٻڌايو.

پاڻ ارشاد فرمايائون:

پٽ ڳجهه جو علم الله کي آهي. اسان بندا عاجز، اسان کي ڪهڙي خبر، مالڪ جي جيئن مرضي تيئن پيو ڪري. اسان رب جي حضور دعا گهرنداسون رب شفا ڪندو. باقي اسان جي هٿ ته ڪي به ڪونهي.

 

ملفوظ 15

هڪ شخص پڇيو ته:

مسجد جي ڀرسان شيعن جهنڊو لڳايو آهي. اتي آءُ رهان يا نه.

فرمايائون

انهن شريرن کي ڇڏي ڪنهن ٻي جڳهه دين جي خدمت ڪرڻ کپي. باقي نفس ڪتو ته سٺن کاڌن کي طلب ڪندو ۽ چوندو ته اتي رهي پئجي. مزو آهي، ايئن نه ڪرڻ گهرجي. اهي شرير نه خدا رسول جي ڳالهه ڪن، نه ذڪر فڪر نه وري اعمال صالح جي طرف ڌيان ڏين صرف ڪتي وانگر ڀوڪندا رهن ۽ ان کي دين سمجهيون ويٺا آهن. (اشارو فرمايائون سب و شتم صحابه رضه جي طرف)

رب رسي مت کسي هڻين ڪو نه هٿيار

ڏسي اهڙو پار جنهن ۾ جوکو جيءَ جو.

ميرن وٽ هڪ ملان رهندو هو. ملان کي چيائون ته شيعو ٿيءُ ملان انهن کي جواب ڏنو ته مون کي شيعي ٿيڻ ۾ خوف ٿئي ٿو ته متان منهنجي اولاد گندي ٿي وڃي.

 

ملفوظ 16

مجلس مان ڪنهن درويش چيو ته:

سائين اوهان جي موت جي خبر ٻڌي هئي سون.

ان تي ارشاد فرمايائون:

پٽ موت جي خبر به الله کي آهي ته الائي ڪڏهن ٿو اچي.

انسان تي هميشه موت مٿان بيٺو آهي. اسان به حد کان ٽپي بيٺا آهيون. اسان هاڻي پينشن ۾ آهيون. انسان کي اها دعا ڪرڻ گهرجي ته الله تعاليٰ موت ان حالت ۾ ڏي جو هو بندي کان راضي هجي.

 11- شعبان المعطم 1380 هه آچر جو ڏينهن

 

ملفوظ 17

هڪ شخص عرض ڪيو ته

مون کي خواب ۾ آيو آهي ته ساري بدن تي ڪوِليون چنبڙي ويون آهن.

ارشاد فرمايائون:

اهي انسان جون ڪمزوريون آهن ۽ الله تعاليٰ جي معاملي ۾ گهٽتائيون آهن جيڪي ساري بدن تي حاوي آهن. انسان کي گهرجي ته پنهنجي نفس جو اصلاح ڪري ۽ الله تعاليٰ جي حقوق ادا ڪرڻ جي طرف توجهه ڪري.

12 شعبان المعظم 1380 هه سومر جو ڏينهن

 

ملفوظ 18

مجلس مان ڪنهن شخص سوال ڪيو ته بي دين ماڻهن سان اٿجي ويهجي.

ارشاد فرمايائون:

بي دين ماڻهن سان تعلق نه رکڻ گهرجي. انهن سان گڏ رهڻ دين لاءِ مضر آهي.

جنهن جي مُهڙ نه آهي ملير ڏي تن ليڙ پَيلن وٽان لڏ

پَکا تن پِٽَيِن وٽان پٽي وڃي پراهون اڏِ

اها ڇانگ ئي کڻي ڇڏ جا ڌنارئون ئي ڌار چَري.

 

ملفوظ 19

ڪنهن شخص سوال ڪيو ته

اولياء الله جي قبرن تي ويهندي بزرگ جي شڪل ۾ ڪو شخص نظر ايندو آهي. اهو ڪير آهي؟ ماڻهو چوندا آهن ته شيطان اوليائن جي درگاهن تي نه ايندو آهي.

ارشاد فرمايائون:

اهي خوابن ۾ شيطان ايندا آهن جيڪي ماڻهن کي گمراهه ڪندا آهن. اهي بزرگ جي شڪل ۾ اچي شرڪ جون تعليمات ڏيندا آهن. انهن نيڪ بزرگن ۽ ولين کي ڪا به خبر نه هوندي آهي قيامت جي ڏينهن اهي نيڪ بزرگ چوندا ته اسان کي ڪا به خبر ڪا نه هئي. قيامت ڏينهن هو چوندا.

بل کانوا يعبدون الجِنّ- اهي ته شيطانن جي عبادت ڪندا هئا.

وان کنّا عن عبادتکم لغافلين – اسان کي ته اوهان جي عبادت ڪرڻ جي بنهه خبر ڪانه هئي.

 

ملفوظ 20

ڪنهن شخص سوال ڪيو ته حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن کي پاڇو هويا نه؟

ارشاد فرمايائون

احاديث ۾ آيو آهي ته ٽن موقعن تي پاڇو نه ٿيو آهي. باقي هر وقت ايئن نه هيو. حضرت ﷺ جن کي پاڇو هوندو هيو.

(1) جڏهن پهريون ڀيرو شق صدر ٿيو هو. ان وقت سخت گرمي سبب ڪڪر جو سايو ٿيو. (2) شام کان تجارت ڪرڻ کان واپسي وقت جيڪو حضرت خديجه رضه جو تجارت جو مال کڻي ويا هئا. (3) مرتب کان نسيان ٿي ويو يا پاڻ بيان نه ڪيائون. (البته هڪڙي ٻي روايت آهي ته جڏهن ابو طالب سان شام جي سفر تي وڃي رهيا هئا ۽ بحيرا راهب جي جڳهه منزل ڪئي هئائون ته ان وقت به ڪڪر جو پاڇو هو.)

 

ملفوظ 21

هڪ شخص چيو ته وسوسا پيدا ٿيندا آهن. ان لاءِ ڇا ڪجي؟

ارشاد فرمايائون

الله تعاليٰ ٻانهي کي ورد جو حڪم ڪيو آهي. ٻانهون حڪم جو تابعدار آهي، اڳتي هلي وساوس جيڪي پيدا ٿين ٿا انهن لاءِ ٻانهون مختار نه آهي.

ان العبديتکلم بکلمہ من رضوان الله ولا يخطربهابال

يرفع بهاالله درجات

ٻانهو رضامندي وارو ڪو ڪلمو ڳالهائيندو آهي حالانڪه ان  جي دل جو توجه نه هوندو آهي ته الله تعاليٰ ان جا درجات بلند ڪري ٿو. آدمي کي خطرا پيدا ٿيندا آهن ذڪر ۾، نماز ۾ ته انهن کي ڇڏي نه ڏئي. بلڪ انهن جو علاج خود ذڪر ئي آهي. ذڪر جو نور ۽ غلبو پيدا ٿيندو ته اهي ڇڏي ويندا.

پير روضي ڌڻي رحمہ الله عليه جو خليفو هوندو هو. خليفو محمود عليه الرحمہ، نظاماڻي ٻروچ هو. ڪڙيو گهنور وارو. مٿس مقبرو به اٿس. اهو ماڻهو ميرن جو ڪمدار هو. پوءِ الله تعاليٰ هدايت ڪيس. پير سائين جي خدمت ۾ رهيو. ذڪر ڪيائين. اهو شخص پير سائين کي چوندو هو ته حضرت خطرات (وساوس) نٿا ڇڏين ان لاءِ ڇا ڪيان. پاڻ فرمائيندا هئا ته همت ڪر ۽ ذڪر ۾ گهڻو وقت گذار. پوءِ اهو بزرگ ذڪر ۾ مشغول ٿي ويو. هڪ دفعي پڇا ڪيائونس ته هاڻي شڪايت آهي؟ چوڻ لڳو شڪايت رفع ٿي وئي.

فرمايائون ته: هي عالم ناسوت آهي. خطرات بيسود ٿئي ويندا آهن هليا نه ويندا آهن، جيئن وهندڙ پاڻي ۾ سنهان ڪک، جي غور سان نهاربو ته نظر ايندا.

ان ڪري وسوسا اچڻ سان نماز نه پڙهجي يا ذڪر ڇڏي ڏجي ايئن هرگز نه ڪجي، انسان کي خطرات وضو ۾، نماز ۾، پاڪائي ۾، ڪپڙن ۾، نيت ڪرڻ ۾ پيدا ٿيندا آهن. ان جو علاج آهي ته عمل ڪندو رهي. وسوسي ڏي ڌيان ئي نه ڪجي. شيطان چوي ته وضو ڪو نه ٿيو. ان کي چؤ ڀل نه ٿئي. هو چوندو ته نماز نه ٿيئه، چئو ته ڀل نه ٿئي. ورنه اهي ايڏا وسوسا پيدا ٿيندا جو هر شيءَ بند ٿي ويندي. ڳالهائڻ ۾ به بند ٿي ويندو ان ڪري انهن وسوسن تي نه هلڻ گهرجي.

حديث ۾ وارد آهي ته ”شيطان مقعد ۾ حرڪت ڪندو آهي ۽ چوندو آهي ته وضو ڀڄي پيو. پر جڏهن بؤ اچي يا آواز ٻڌي تڏهن وضو ڀڳو.“ شيطان وڏا ڪندو آهي ته الله تعاليٰ جي ٻانهي کي عبادت ۾ وسوسا وجهان. وري وسوسو پيدا ٿيندو ته عبادت قبول پئي الائي نه پئي.

لا يکلّف الله نفساً الاّوُسعهَا.

”انسان کان ايترو ئي مواخذو ٿيندو جيترو ان جي وس ۾ آهي.“ اهو آهي ورد، اهو پورو ڪرڻو آهي.

الله تعاليٰ فرمايو:

ان الله اصطفيٰ لکم الدين.

”دين جون ڳالهيون اوهان لاءِ چونڊيون ويون آهن.اها چونڊ ان جي طرفان آهي.“ اوهان صرف فرمانبردار ٿي رهو. اسان کي استطاعت مطابق مطيع ٿيڻ گهرجي. اڪثر خطرات مؤمن کي پيدا ٿيندا آهن. شيطان، مشرڪ، منافق ۽ ڪافر کي وسوسا نه وجهندو آهي. ڇو ته انهن جا عمل قبول نه آهن. انهن جا شرڪ ۽ ڪفر پاران سڀ عمل باطل آهن. جڏهن انهن جا اڳ ئي عمل باطل آهن ته شيطان ان جا عمل ڇو خراب ڪندو. ان جا عمل ته سهڻا ڪري ٺاهيندو ته جيئن هو غرور ۽ ڪبر ۾ اچن. هو صرف مؤمن جا عمل خراب ڪندو. ان ڪري مؤمن کي گهرجي ته معاني، مطالب ۽ مفهوم ڏي ڌيان ڪري ته خطرات گهٽ ٿيندا. پهريائين اهو عمل ڏکيو لڳندو پوءِ سولو ٿينو ويندو.

 

ملفوظ 22

هڪ شخص عرض ڪيو ته، گذران تنگ آهي، غريب ٿي ويو آهيان ۽ پريشانيون وڪوڙي ويون آهن.

ارشاد فرمايائون:

هر حال ۾ بندي کي الله تعاليٰ جو شڪر ڪرڻ گهرجي، ڏک ۽ تڪليفون به الله تعاليٰ جون نعمتون آهن. بشرطيڪه دل ۾ ايمان موجود هجي. جيڪڏهن رب تعاليٰ ڀلائي، عيش ۽ آرام ڏي ته ان تي به شڪر ڪجي پر جيڪڏهن تڪاليف اچن ته به شڪر ڪرڻ کپي جو ان سان قيامت ۾ درجات بلند ٿيندا. اتي تمنائون پيا ڪندا ته هائي ڪاش اڃان به وڌيڪ تڪاليف ۽ ڏک دنيا ۾ اچن ها ۽ اسين صبر ڪيون ها ته اڄ وڌيڪ درجات بلند ٿين ها. حديث شريف ۾ وارد آهي ته فقراءُ امتي ملوک الجنّہ منهن جي امت جا فقير جنت جا بادشاه هوندا.

مؤمن بندي کي هن دنيا ڏانهن نظر نه ڪرڻ گهرجي بلڪ هن جو مقصود ۽ هن جي نظر آخرت جي طرف هجڻ گهرجي.

 

ملفوظ 23

هڪ اَهل علم سوال ڪيو ته-

اڪفرتم بعد ايمانکم الّايه ۾ ڪفر مان مراد ڇا آهي

ارشاد فرمايائون:

علامه عثماني صاحب (مولانا شبير احمد عثماني) لکيو آهي ته ڪفر اعتقادي لاءِ هميشه جهنم آهي ۽ ڪفر عملي يعني بدعت وغيره، لاءِ دائمي عذاب نه آهي بلڪ ان جي نجات ٿيندي. مگر روح المعاني ۽ بيان القرآن  ۾ اهڙي تقسيم نظر نه آئي آهي بدعت ته اعتقاد ۾ ٿيندي آهي. جيڪڏهن ڪنهن ڪم ۾ ثواب ۽ نيڪي جو عقيدو نه رکندو ته ان بدعت تي عمل ئي ڪو نه ڪندو.

مشرڪ جي دل ۾ الله تعاليٰ جي عزت نه هوندي آهي. بدعتي جي دل ۾ حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي عزت نه هوندي آهي. مشرڪ چوندوآهي ته الله تعاليٰ منهنجي مدد نه ڪندو. هوٻين اوليائن کي حاجت روا سمجهندو آهي. ٻين تي ڀروسو رکي ٿو. ٻين کي راضي ڪرڻ گهري ٿو. ڪافر ظاهرظهور وحيءَ جو منڪر آهي. منافق باطن ۾ وحيءَ جو منڪر آهي. مبتدع سمجهي ٿو ته جاشيءَ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن آندي آهي اها دين لاءِ ڪافي نه آهي. اها شيءَ منهنجي نجات لاءِ ڪافي نه آهي. جيڪڏهن حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جي دين کي ڪافي سمجهي ها ته ٻين رستن ڏانهن ڇو متوجه ٿئي ها. گوياڪ هو نبي صلي الله عليه وسلم کي ناقص سمجهي ٿو. ڇو ته جيڪڏهن دين ناقص آهي ته دين کي آڻيندڙ نبي به ناقص آهي. ان ڪري ڪافر، مشرڪ ۽ مبتدع لاءِ الله تعاليٰ جهنم مقرر ڪيو آهي. انهن جي ڪا به عبادت فرض ۽ نفل قبول نه آهي. هر شيءَ ۾ الله تعاليٰ جي عزت ملحوظ رکي الله تعاليٰ تي ڀروسو ڪجي اها آهي توحيد، باقي هر شيءَ غلط آهي. اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته مشرڪ خدا کي نٿو مڃي ڪافر وحي جو منڪر آهي. مبتدع حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم کي نه ٿو مڃي. اهي سمورا وڃي لڳ ڀڳ ٿيا.

 

ملفوظ 24

ذڪر ڪرڻ ۾ جيڪڏهن مستي اچي وڃي ته پوءِ ڪهڙو حڪم آهي ارشاد فرمايائون ته:

مولانا ٿانوي’بوادر النوادر‘۾ ذڪر ڪيو آهي ته هڪ صحابي رضه کي خوشي جي خبر پهتي جنهن تي هن ٽپَ ڏيڻ شروع ڪيا. ان مان استدلال ورتو اٿس ته سلوڪ ۾ به ٽپ ڏيڻ جائز آهي. مگر اهو قياس، قياس مع الفارق (يعني غلط) آهي. هو صحابي رضه خوشي وچان ٽپ ڏئي ٿو. هتي سلوڪ ۾ تعلق مع الله ۽ خدا جي رضا حاصل ڪرڻ لاءِ ٽپ ڏيڻ جو مسئلو آهي. اهو صحيح نه آهي. هيءُ ڪجا هو ڪجا. اهي بزرگ بعض اوقات پنهنجي طرفان عنديه ملائيندا آهن. جيڪي صحيح نه هوندا آهن.

13 شعبان المعظم 1380 هه اڱاري جو ڏينهن

 

ملفوظ 25

مجلس مان ڪنهن شخص چيو ته ”سائين اهڙو تعويذ ڏي جو برڪت ٿئي.“

ان متعلق ارشاد فرمايائون:

سچي ڳالهه ٻڌايانءِ يا ڪوڙن فقيرن وارا ڏٽا هڻانءِ. حديث شريف ۾ آيو آهي ته انسان ماءُ جي پيٽ ۾ هوندو آهي ته اتي ان جو رزق لکيو وڃي ٿو. پٽ! اهو ئي ٿيندو جيڪو لکيو ويو آهي. القناعہ کنزُ لا يفنيٰ. قناعت اهڙو خزانو آهي جيڪو فنا نٿو ٿي سگهي.

حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم کان پوءِ پهرين بدعت اها ٿي جو ”شبع“ (ڍؤ) ڪري کاڌو ويو. حضور صلي الله عليه وسلم جن فرمايو آهي ته طعام الواحد يکفي الاثنين- هڪ ماڻهو جو کاڌو ٻن ماڻهن لاءِ ڪافي آهي. کاڌو ايترو کائجي جيترو ڪفايت ڪري سگهي. کائي ڪري انسان اٿي ويهي ۽ ڪم ڪار ڪري سگهي. اهو مسنون کاڌو آهي. ايترو  نه کائي جو ٻوجهه ٿئي. کائڻ مان مقصد آهي ته ”جوع“ ختم ٿئي. يعني بک لهي وڃي. طعام جي گهرج ختم ٿي وڃي. باقي نفس چوندو ته اڃان کاءُ. ضرورت کان وڌيڪ کائڻ اسراف ۽ زيادتي آهي. معدو به برداشت نه ڪندو. حضرت عائشه صديقه رضه فرمائيندي هئي ته ”شبع“ ڍؤ ڪرڻ، واري بدعت پهرين پيدا ٿي.

انسان سادو کائيندو ته خرچ به ٿورو ٿيندو ۽ هو ٻين کي به ڏيئي سگهندو. هڪ وزير هو، هن کي جيڪا پگهار ملندي هئي، ان مان سادي زندگي گذاريندو هو ۽ ٿورو خرچ ڪندو هو، مثلاً اناج مان سادو اناج، ڪپڙن مان سادا ڪپڙا، جيڪو مال بچندو هو اهو ٻين ۾ ورهائي ڇڏيندو هو.

انسان کي الله تعاليٰ گهڻو ڪجهه ڏئي ٿو پر انسان سوڙ کان وڌيڪ پير ڊگهيڙي ٿو ۽ پوءِ هلاڪت ۾ اچي وڃي ٿو. ايئن نه ڪري ته انسان لاءِ ڪافي آهي. باقي هروڀرون ته پوءِ هي وظيفو پڙهندا رهو.

اَللّهم اَکفِني بِحَلالِک عَن حَرامِک وَاغنِني بِفضلڪ عَمّن سِواکَ

 اهو مسنون وظيفو آهي. هر نماز کان پوءِ 7 دفعا ۽ جمعي جي نماز کان پوءِ 70 دفعا پڙهڻ گهرجي.

 

ملفوظ 26

    ڪنهن شخص سوال پڇيو ته ”والباقيات الصالحات“ مان ڇا مراد آهي.

ارشاد فرمايائون ته ڪن مراد ورتي آهي ڌيئر- ته اهي انسان کي قيامت جي ڏينهن فائدو ڏينديون. ملائڪ انسان کي پڪڙي دوزخ ڏانهن وٺي ويندا ته اهي ڇوڪريون چونديون ته هيءُ اسان جو پيءُ آهي هيءُ بنان لالچ اسان جي پرورش ڪندو هو. ان تي رحم ڪري ان کي جنت ۾داخل ڪريو. پوءِ الله تعاليٰ رحم ڪري کيس بهشت ۾ داخل ڪندو.

”ڪنهن چيو ته توڙي جو اهي نيڪ نه هجن؟“

فرمايائون ته پٽ! نيڪ برا سڀ الله جا آهيون. سڀ ڪم ۾ رب جي حڪمت آهي. ٻانهي لاءِ هر ڪم ۾ ڀلائي آهي. اڄ بندو هتي جنهن ڪم ۾ ڏکيائون سمجهي ٿو، ان تي اتي شڪر ڪندو.

حديث ازمطرب ومئي گو ورازِ دهر کم ترجو

که کس نکشود نکشايد بحکمت اين مّمارا-

الله تعاليٰ جيڪو دستور رکيو آهي سو نهايت انتظام سان آهي. انسان بي عملي پاران سوال ڪندو آهي. اها روش غلط آهي. انسان کي جيڪا تڪليف پهچي سا رب ڏانهن ڀانئين. پنهنجي رب ڏانهن متوجهه ٿئي ۽ ذڪر فڪر سان تعلق رکي. ٻين شين ڏانهن سوچ ۽ فڪر نه ڪري خدا جي عشق جون ڳالهيون ڪري. اسان جو زماني جي حڪمتن ۾ ڇا وڃي. اسان کي پنهنجي عشق جو شراب پياري.

 

ملفوظ 27

هڪ شخص مجلس ۾ سوال ڪيو استقامت مان ڇا مراد آهي؟

پاڻ ارشاد فرمايائون:

قرآن شريف ۾ آهي ته – اِنّ الذّيِن قالوا ربّنا الله ثم استقاموا تتنزل عليهم الملائکة ان لا تخافوا ولا تحزنوا-

جن چيو ته اسان جو پالڻهار الله سائين آهي پوءِ وري ان تي مستقيم ٿي ويا.

شرڪ اڪثر ڪري ربوبيت ۾ ٿيندو آهي. يعني الله کان سواءِ ٻيا به آهن جيڪي اسان جي واهر ڪن ٿا. اسان جي مدد ڪن ٿا. رزق ۾ برڪت وجهن ٿا. ان ڪري اڪثر انسان وڻن ٽڻن، قبرن ۽ جهنڊن تي ويندا آهن ته اهي اسان جي مدد ڪندا. بزرگن، اوليائن ۽ مرشدن تي وڃي انهن جي نذر نياز به ان ڪري ڪندا آهن ته اهي اسان کان راضي ٿين پوءِ اسان جي دنيا ۾ مدد ڪن ۽ ڏکن ۾ ڪم اچن۔

رب سائين فرمائي ٿو ته ان الذين قالوا ربّنا الله - يعني جن چيو ته بيشڪ اسان جو پالڻهار اسان جو مددگار، پرورش ڪندڙ صرف هڪ الله تعاليٰ آهي. نه ڪو بزرگ، نه ڪو ولي، نه ڪو مرشد، نه وري قبر وارو، پوءِ وري ان تي مستقيم ٿي ويا. ائين نه ته جيڪي شخص مون کي نماز ۾ چون ”اياک نعبدواياک نستعين“ خاص تنهنجي ئي عبادت ڪيون ٿا ۽ خاص تو کان ئي مدد وٺون ٿا. پوءِ اتي نماز ۾ ايئن چئي وري اتي ئي اتر طرف منهن ڪري  پيران پير کان مدد گهرن ته اهي ماڻهو انهي آيت مان نڪري ويا. الله جو حڪم به پڙهيائون. وري نماز ۾ به چيائون، زبان سان اقرار به يائون ته پالڻهار الله آهي پوءِ وري مدد ٻين کان گهريائون ته اهي استقامت تي نه رهيا. جن شخصن چيو، اقرار ڪيو پوءِ قائم رهيا ۽ توحيد الاهي تي مضبوط ۽ مستحڪم رهيا ته ”انهن تي ملائڪ نازڪ ٿين ٿا ته اوهان خوش رهو، فڪر نه ڪريو. اوهان کي بهشت حاصل آهي.“ قيامت جون هولناڪ دهشتون اينديون ته ملائڪ دلداريون پيا ڏيندا ته اهي ڪافرن ۽ ڦِريل ماڻهن لاءِ آهن اوهان خاطري ڪريو.

نحن اَوليائُکم في الحَيٰوة الدّنيا  وفِي الاخره الايہ

دنيا ۾ به اسان توهان جي ويجهو هوندا هئاسون. الله جا ملائڪ دنيا ۾ مصائب نازل ٿيڻ وقت تسلي ڏيندا آهن. مرض وقت به خوشخبري ڏيندا آهن ۽ قيامت جي ڏينهن به دلداري ڏيندا آهن. ته اهو آهي استقامت جو نتيجو.

 

ملفوظ 28

مجلس مان هڪ شخص سوال ڪيو ته 15 شعبان جي رات 100 رڪعتون نفل پڙهڻ گهرجن يا نه؟

ان تي پاڻ ارشاد فرمايائون:

هر شب شبِقدر است اگر قدر بداني

اها شيءَ مان حديث ۾ ڪا نه ڏٺي آهي. بزرگان دين لکيو آهي. ليڪن مؤمن بندو ڪنهن رات جو انتظار نه ڪندو آهي. بلڪ ان لاءِ هر رات شبِ قدر آهي.

هر رات ۾ الله تعاليٰ اعلان فرمائيندو آهي ته آهي ڪو معافي وٺندڙ ته ان کي معاف ڪريان. آهي ڪو رزق طلب ڪندڙ ته ان کي رز ڏيان. آهي ڪو بيمار ته ان کي شِفا ڏيان- مسلمان لاءِ ته هر وقت دعا جي قبوليت جو آهي. صرف قلب کي رب ڏانهن متوجهه ڪري. بزرگانِ دين اهڙيون ته عبادتون ڪندا هئا جو ذڪرن فڪرن ۾ رات ڏينهن صبح شام مشغول هوندا هئا. ڪا به گهڙي ذڪر کان خالي نه ڇڏيندا هئا. اسين عاصي بندن جو عقل ته اهي عبادتون ڏسي حيران ٿي ويندو آهي.

 

مفلوظ 29

سوال ڪيو ته ماڻهو هفت اقليم پڙهندا آهن ۽ ان جا فضائل ٻڌائيندا آهن.

ان تي فرمايائون ته اهي آيتون ته قرآن مجيد جون آهن. مگر انهن جا فضائل جيڪي بيان ڪيا ٿا وڃن سي صحيح سند سان حضور صلي الله عليه وسلم جن کان ثابت نه آهن. بلڪه اهي فضائل موضوع معلوم ٿين ٿا اسان اها ئي شيءَ قبول ڪنداسون. جيڪا صحيح سند سان حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن کان ثابت هجي.

 

مفلوظ 30

ڪنهن شخص سوال ڪيو ته اهل بدعت سان تعلق رکجي يا نه؟

پاڻ ٿورو خاموش ٿي پوءِ سڏ ڪيائون، حافظ محمود اسعد! غنيہ الطالبين کڻي اچ.

ڪتاب کوليندا ويا ۽ فرمايائون ته هيءُ ڪتاب حضرت غوث اعظم سّيدنا شيخ المشائخ عبدالقادر جيلاني رحمة الله عليه جن جو آهي. ان ۾ پاڻ فرمائن ٿا.

”فعلي المؤمن اتباع السنّہ والجماعہ- فالسُنّه رسول الله صلي الله عليه وسلم والجماعہ ما اتفق عليه اصحاب رسول صلي الله عليه وسلم في خلافہ الائمة الا ربعہ الخلفاعه الراشدين المهديين رضي الله عهنم اجمعين، وان لاّ يکاثر اهل البدع ولا يدانيهم ولا يسلم عليهم، لان امامنا احمد بن حنبل رحمه الله قال من سلم عليٰ صاحب بدعہ فقد احبّہ لقول النبي صلي الله عليه وسلم افشوا السلام بينکم تحّابُوا- ولا يجالسهم ولا يقرب منهم ولا يهنيهم في الاعياد و اوقات السرور ولا صلي عليهم اذا ماتوا ولا يترحم عليهم اذا ذکروا بل يباينهم و يعاديهم في الله عزّوجلّ معتقداً بطلان مذهب اهل بدعہ محتسباً بذالک الثواب الجزيل والاجر الکثير و روي عن النبي صلي الله عليه وسلم انّہ قال من نظر اليٰ صاحب بدعہ بغضاً لہ في الله ملاءَ الله قلبہ امناً وايماناً ومن انتهر صاحب بدعة بغضاًلہ في الله امنہ الله يوم القيامہ ومن استحقر صاحب بدعة رفعه الله تعاليٰ في الجنته ماة دَرجہ ومن لقيہ بالبشر اوبمايسرّه فقد استخف بما انزل الله تعاليٰ عليٰ محّمد صلي الله عليه وسلم و عن ابي المغيره عن ابن عباس رضي الله عنهما قال قال رسول الله صلي الله عليه وسلم ابي الله عزّ و جلّ ان يقبلَ عمل صاحب بدعہ- حتيٰ يدع بدعہ وقال فضيل بن عياض من احب صاحب بدعہ احبط الله عملہ واخرج نور الايمان من قلبہٖ- و اذا علم الله عزّوجلّ من رجل انہ يبغض لصاحب بدعہ رجوتُ الله تعاليٰ ان يغفَر ذنوبہ و ان قلّ عمله و اذا رايتَ مبتدعاً في طريق فخذ طريقا آخر و قال فضيِل بن عياض رحمہ الله سمعتُ سفيان بن عيينه رحمہ الله يقول من تبع جنازة مبتدع لم يزل في سخط الله حتيٰ يرجعَ- وقد لعن النبي صلي الله عليه وسلم المبتدع فقال صلي الله عليه وسلم من احدث حدثاً او آويٰ مُحدثاً فعليہ لعنہ الله والملائکہ والنّاس اجمعين ولا يقبل الله منہ الصرف والعدل يعني بالصرف الفريضہ وبالعدل النافلہ-

(ترجمو) مؤمن تي لازم آهي ته سنت ۽ جماعت جو اتباع ڪري. سنت اها شيءَ آهي جيڪا حضور صلي الله عليه وسلم جن کان ثابت آهي ۽ جماعت اها شيءَ آهي جنهن تي چئن خلفاءِ راشدين جي خلافت جي زماني ۾ صحابه ڪرام رضه متفق ٿيا هئا. ٻي هيءَ شيءَ لازم آهي ته اهل بدعت سان مناظرو نه ڪري، نه انهن جي ويجهو وڃي، نه انهن تي سلام ڪري. ڇو ته اسان جي امام احمد بن حنبل رح فرمايو آهي ته جيڪو انسان جنهن تي سلام ڪندو آهي ته ان سان محبت ڪندو آهي ان ڪري اهل بدعت سان سلام ڪيائن ته يقيناً ان سان محبت ڪيائين. جيئن ته حضور صلي الله عليه وسلم فرمايو آهي ته پاڻ ۾ گهڻو سلام ڪريو ته اوهان ۾ محبت پيدا ٿيندي. اهل بدعت سان انهن جي مجلسن ۾ نه ويهو. انهن جي ويجهو به نه وڃو. عيدن ۽ خوشي جي موقعن تي انهن کي مبارڪون به نه ڏيو. مؤمن موحد انهن جي نماز جنازه به نه پڙهي. انهن جو نالو اچي ته رحمہ الله يعني الله رحمت ڪريس به نه چوي. بلڪ انهن کان پري ٿي وڃي ۽ الله خاطر انهن سان دشمني رکي ۽ اهو عقيدو رکي ته انهن جو مذهب باطل آهي. ان ڪري ان موحد کي وڏو ثواب ۽ گهڻو اجر ملندو. حضور صلي الله عليه وسلم جن کان روايت آهي ته پاڻ فرمايائون ته جيڪو شخص اهل بدعت ڏي بغض جي نگاهه ڪري ٿو ته الله تعاليٰ ان جي دل کي ايمان ۽ امن سان ڀري ٿو. جيڪو ان کي بڇڙو سمجهي جهڻڪي ٿو ته قيامت جي ڏينهن امن ۾ رهندو. جيڪو شخص اهل بدعت کي حقير سمجهي ٿو ته الله تعاليٰ ان جا جنت ۾ 100 درجات بلند ڪري ٿو. جيڪو شخص ان سان خوش روئي سان ملي ٿو يا ان کي خوشي پهچائڻ گهري ٿو ته ان شخص بي عزتي ڪئي ان شيءَ جي جيڪا الله تعاليٰ پنهنجي رسول صلي الله عليه وسلم تي نازل ڪئي آهي. ابو مغيره ابن عباس رضه کان روايت ڪئي آهي ته حضور صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته الله تعاليٰ انڪار ڪري ٿو ته اهل بدعت جي ڪا به نيڪي قبول نه آهي. جيستائين هو بدعت کي نٿو ڇڏي. فضيل بن عياض رضه چيو آهي ته جنهن اهل بدعت سان محبت ڪئي ۽ ان سان دوستي رکي ته الله تعاليٰ ان جا عمل باطل ڪري ڇڏيندو. ايمان جو نور ان جي دل مان نڪري ويندو. جڏهن الله ڄاڻي ٿو ته اهو شخص اهل بدعت سان بغض رکي ٿو ته مان اميد رکان ٿو ته الله تعاليٰ ان جا گناه معاف ڪندو، اگرچه عمل ٿورا هجنس. جيڪڏهن اهل بدعت کي ڏسين هڪ رستي تي ايندي ته تون اهو رستو ڇڏي وڃ. فضيل بن عياض رضه چيو ته سفيان بن عيينه کان مون ٻڌو، چيائين ته جيڪو اهل بدعت جي جنازي سان گڏ هليو ته تيستائين خدا جي ڏمر ۾ اچي ويو جيستائين اتان موٽي اچي. بيشڪ حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن اهل بدعت تي لعنت ڪئي آهي ۽ پاڻ صلي الله عليه وسلم فرمايائون ته جيڪو شخص بدعت پيدا ڪري يا بدعت پيدا ڪندڙ کي پاڻ وٽ ٽڪائي ان تي الله ۽ ان جي رسول، ملائڪن ۽ سمورن انسانن جي لعنت پئي ٿي وسي. الله تعاليٰ وٽ ان جا فرض ۽ نفل قبول نه آهن“

اڄ جي زماني جا اهل بدعت محض بدعتي نه رهيا آهن بلڪ شرڪ جي حد تائين پهچي چڪا آهن. مشرڪن جا نڪاح به ڪو نه آهن ڇو ته شرڪ ڪرڻ سان ئي نڪاح ختم ٿي وڃي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com