ملفوظ 62
انسان کي زندگي ۾ جيترو به موقعو ملي ته هو خدا جي يادگيري ۾
مشغول رهي- ورنه پوءِ قيامت ۾ انسان هٿ هڻندو ته
هاءِ جيڪر آءُ سارا ڌنڌا ۽ ڪاروبار ڇڏي صرف الله
جي يادگيري ۾ رڌل رهان ها! حضور ڪريم ﷺ جن فرمايو
آهي ته جيڪو شخص صبح ۽ شام ۾ هڪ سو دفعا ”سبحان
الله“ پڙهندو ته ان کي هڪ سو حج جيترو ثواب ملندو.
جيڪيو شخص صبح ۽ شام ۾ ”الحمدلله“ پڙهندو. ان شخص
کي ايترو ثواب ملندو ڄڻ ته هڪ سئو گهوڙا جهاد في
سبيل الله ۾ ڏنائين. جيڪو شخص صبح ۽ شام ۾ هڪ سو
دفعا ”لاالٰہ الا الله“ پڙهندو، ان کي ايترو ثواب
ملندو ڄڻ ته ان هڪ سو ٻانهان حضرت اسماعيل عليه
السلام جي خاندان جا آزاد ڪيا جيڪو شخص صبح ۽ شام
هڪ سو دفعا ”الله اڪبر“ پڙهندو ان کي ايترو گهڻو
ثواب ملي ٿو جو ٻي ڪنهن به شخص کي ايترو نٿو ملي
سگهي. اها ان شخص کي جيڪو ان طرح پڙهي ٿو يا ان
کان زياده پڙهي ٿو.
حضور ڪريم ﷺ جن فرمايو ته:
لاحول ولا قُوةِ اِلاّ بِاللهِ العَليّ العظيم کَنزُ من کُنوزِ
الجنّہ-
لاحول ولاقوة انم جنت جي خزانن مان هڪ خزانو آهي.
انسان زندگي جي هر منٽ ۽ هر سيڪنڊ کي غنيمت ڄاڻي، ان کي رائگان
نه ڪري. بلڪه رات ڏينهن، صبح شام، زندگي جو هر
لمحو خدا جي ذڪر ۾ گذاري. اها شيءَ اسان کي اڳين
زندگي ۾ ايترو ڪم ايندي جو اسان ان جو گمان به نٿا
ڪري سگهون. الله تعاليٰ اسان کي پنهنجي ياد ۾
مشغول رهڻ جي توفيق عطا فرمائي-
ملفوظ 63
هڪ شخص عرض ڪيو ته پٽ آندو اٿم، ان کي صالح ڪري ڏيو.
ارشاد فرمايائون ته انهي کي مذهبي تعليم ڏيار. انسان جو اصلاح
۽سڌارو قرآن ۽ حديث جي تعليم سان ٿيندو آهي، مدارس
عربيہ ۾ داخل ڪرائڻ سان عالمن ۽ صالحن جي سنگت ۽
صحبت ۾ نيڪ ٿي ويندو. ڀلن ماڻهن جي ماحول ۾ انسان
ڀلو ٿيندو آهي. سڌاري جون اهي شيون آهن.
ملفوظ 64
سلسله نقشبنديه جو خليفه مجاز پير طريقت حضرت ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ
خان مدظلّه، حيدرآباد وارو ۽ ان سان گڏ ڪجهه ٻيون
علمي ۽ ديني شخصيتون، حضرت اقدس رح جي خدمت ۾
زيارت ۽ صحبت لاءِ تشريف فرما ٿيون، ان موقعي تي
هن طرح ارشاد فرمايائون:
حضرت پير محمد راشد رحمت الله عليہ ايک باکمال بزرگ تهـﻶ انهون
نـﻶ بڙي اسلام کي خدمت کي- دور دراز سفر کرکـﻶ
اسلام کي تبليغ کرتـﻶ تهـﻶ- ايک دفعہ کا واقعہ هـﻶ
کہ وه ايک لمبـﻶ سفر سـﻶ تشريف فرما هو رهـﻶ تهـﻶ-
جو لوگ وهان خانقاه مين موجود تهـﻶ جب ان کو معلوم
هوا کہ حضرت آ رهـﻶ هين تو وه استقبال کيلئـﻶ
آگـﻶآئـﻶ اور حضرت کـﻶ صاحبزادﻵ بهي استقبال کـﻶ
ليئـﻶ آئـﻶ مگر وه صاحبزادﻵ گهوڙون پر چڙهکر آئـﻶ
فقراء پيادﻵ تهـﻶ- حضرت تشريف لائـﻶ اور ملاقات
هوئي- ملاقات کـﻶ بعد حضرت رح نـﻶ ارشاد فرمايا کہ
”مجهـﻶ اميد تهي کہ ميري اولاد کو تعلق بالله نصيب
هوگا مگر آج يہ ديکهه کر اميد ختم هوگئي کہ فقراء
الله والـﻶ پيادﻵ تهـﻶ اور يہ صاحبزادﻵ گهوڙون پر
سوار تهـﻶ!
يہ فقراء جو ميرﻵ پاس آئـﻶ هين صرف الله کي خاطر- ميريﻵ پاس نہ
دولت هـﻶ کہ ان کو ديدون نہ لڙکيان هين کہ ان کو
شادي کراؤن- يہ تو الله کي محبت مين يهان آئـﻶ
هين- انکـﻶ دل مين عشق الاهي هـﻶ اسلئـﻶ يهان
رهتـﻶ هين- ميري اولاد اگر انکو خوش رکهتي، انکي
عزت کرتي تو يہ اميد تهـي کہ انکو بهي فيض مل جاتا
مگر آج يہ گهوڙون پر چڙهـﻶ هوئـﻶ تهـﻶ اور الله
والـﻶ پيادﻵ تهـﻶ تو انکي بـﻶ عزتي هوئي هـﻶ اب يہ
نعمت خداوندي کهان نصيب هوگي- پهر حضرت نـﻶ فرمايا
کہ الله تعاليٰ حضور کريم ﷺ کو حکم فرمايا هـﻶ کہ:
وَاصبر نَفسک مَع الذّين يدعُون ربّهم بِالغَداة والعَشّي
يُريدون وَجهه
وَلا تَعُد عَينّٰکَ عَنهم-
اپنـﻶ آپکو ان لوگون کـﻶ ساتهه لگائـﻶ رکهو جو صبح و شام الله
کي ياد کرتـﻶ هين جو الله کـﻶ ساتهه تعلق رکهتـﻶ
هين اور صرف انکو هي ديکهتـﻶ رهو- جب حضور ڪريم ﷺ
کو بهي اسطرح کا حکم فرمايا گيا هـﻶ تو هماري کيا
مجال- ان پر حق تها کہ ان فقراء کا ادب کرتـﻶ
کيونکہ الله تعاليٰ نـﻶ ان کـﻶ دلون پر رحم فرمايا
هـﻶ-
حضرت رح کا يہ ارشاد سنکر صاحبزادون نـﻶ فقراء سـﻶ کها کہ اب تم
سوار هو جائو-
پهر اس واقعہ کـﻶ بعد حضرت رح اپنـﻶ صاحبزادون کو اس نظرِ شفقت
سـﻶ نهين ديکهتـﻶ تهـﻶ- جب صاحبزادون کو فکر هوئي
کہ حضرت ناراض هين تو وه سب هر نماز کـﻶ بعد کهڙﻵ
هو جاتـﻶ- ايک شخص نـﻶ عرض کيا کہ حضرت ان سـﻶ جو
بي ادبي هوئي هـﻶ اس کا انکو احساس هوا هـﻶ- ان
کيلئـﻶ دعا کرين کہ الله تعاليٰ انکو معاف
فرمائـﻶ- پهر آپ نـﻶ دعا فرمائي-
پير جهنڊو کـﻶ پير محمد ياسين صاحب تهـﻶ- يہ حضرت پير محمد راشد
رح کـﻶ صاحبزاده تهـﻶ- وه فرماتـﻶ تهـﻶ کہ اب اس
دعا کا اثر هـﻶ کہ هم الله الله کرتـﻶ هين- ورنہ
دوسرﻵ پيرون کي اولاد تو گهوڙون پر سوار هوکر
گدائي کرتي رهتي هـﻶ.
جس طرح حضور اکرم ﷺ کو حکم فرمايا کہ ان بندون کـﻶ ساتهه رهو-
ان پر نظر کرم کرو- مکہ مکرمہ سـﻶ ان حضرات کي وجہ
سـﻶ هجرت هوئي- ان حضرات پر کرم نوازي کر کـﻶ هجرت
کا حکم ديا گيا- تو آپ بزرگون کي بهي مجهه عاجز پر
کرم نوازي هـﻶ کہ آپ يهان تشريف لائـﻶ هو-
کچهه توقف کـﻶ بعد ارشاد فرمايا کہ:
الله تبارک و تعاليٰ نـﻶ انسان کو اپنـﻶ خصوصي تعلق کيلئـﻶ پيدا
کيا هـﻶ- ملائکہ کو اپني عبادت اور حکم کي
فرمانبرداري کيلئـﻶ پيد اکيا هـﻶ- مگر انسان کو
اپنـﻶ ساتهه دل لگانـﻶ کيلئـﻶ تخليق کيا هـﻶ-
انسان کو دنيا کي نعمتين وافر مقدار مين عطا کي
هين اسلئـﻶ منعم عليہ کـﻶ دل پر منعم کا بڙا قدر
رهتا هـﻶ- ان نعمتون کيو جہ سـﻶ اپنـﻶ منعم کـﻶ
ساتهه دل کا لگاؤ هوا. ايک خصوصي تعلق پيدا هوا-
اسي بنا پر انسان نـﻶ امانت کا بار اڻهايا- زمين و
آسمان اور جبال نـﻶ يہ بار نهين اڻهايا- بار امانت
سـﻶ ڊرگئـﻶ حالانکہ کتنـﻶ بڙﻵ تهـﻶ- مگر انسان نـﻶ
اڻها ليا-
کسي شيء کـﻶ ساتهه تعلق دو قسم کا هوتا هـﻶ:
(1) ذاتي (2) عارضي-
آدمي کـﻶ بيڻـﻶ هوتـﻶ هين- ايک بيڻـﻶ کو يہ احساس هو کہ بچپن
مين باپ نـﻶ بڙﻵ انعام و اکرام کئـﻶ هين- باپ کي
وقعت دل مين بيڻهه جائـﻶ- انکي عزت دل سـﻶ کرنا
شروع کرﻵ- اور اسکي رضا جوئي کليئـﻶ اسکي هر وقت
خدمت کرتا هـﻶ- دوسرﻵ بيڻـﻶ کو يہ احساس هو کہ باپ
کـﻶ پاس مال دولت هـﻶ- اس کي خدمت کرون تاکہ مجهـﻶ
مال مل جائـﻶ- دونون بيڻـﻶ خدمت کرتـﻶ هين ايک
جيسي، ليکن دونون کي خدمت مين فرق هـﻶ- اول کي
خدمت غير محدود هـﻶ- مرنـﻶ تک خدمت کرتا رهـﻶ گا
اسکو محض باپ کي رضا جوئي مقصود هـﻶ- دوسرﻵ کي
خدمت محدود هـﻶ- مال کيلئـﻶ هـﻶ- وه مل گيا تو
خدمت کرﻵ گا اگر نهين ملا تو خدمت نهين کرﻵ گا- يہ
اس کا تعلق عارضي هـﻶ- پهلـﻶ کا تعلق ذات سـﻶ هـﻶ
دوسرﻵ کا تعلق ذات سـﻶ نهين بلکہ اسکي ايک صفت سـﻶ
هـﻶ يعني مال سـﻶ.
الله تعاليٰ نـﻶ فرمايا کہ مين امانت دينا چاهتا هون- جو مخلوق
مين سـﻶ اسکي حفاظت کرﻵ گا وه سب سـﻶ بڙهکر هوگا-
جس نـﻶ ضائع کيا وه مبغوض هوگا اسکو عذاب دون گا-
چيز تو بهت اچهي هـﻶ-اگر اڻها نہ سکـﻶ تو عذاب مين
رهنا هوگا- اب يہ سب سوچ مين پڙ گئـﻶ اور سوچ نـﻶ
انکو بار امانت اڻها نـﻶ سـﻶ انکار کي طرف مائل
کيا- انسان کو چونکہ ذاتي تعلق تها لهذا سوچ کي
نوبت نهين آئي- جهان محبت کا غلبہ هوتا هـﻶ وهان
سوچ اور فکر نهين کي جاتي- کہ يہ بار اڻها سکون گا
يا نهين- يہ ذمہ داري نبها سکون گا يا نهين- وه
تعلق بـﻶ صبر کر ديتا هـﻶ- جس طرح شيرين کي محبت
مين فرهاد جبل کاڻنـﻶ پر لگ گيا سوچا تک نهين-
انسان نـﻶ بار امانت اڻهاليا- يهي دليل هـﻶ کہ اس
کا تعلق سب سـﻶ زياده هـﻶ.
الله تعاليٰ نـﻶ کافر انسانون کو جو يہ کها هـﻶ کہ قيامت کـﻶ دن
لاّ يُکلّمهم الله يوم القيٰمة ولا يُزکيّهِم
نہ ان سـﻶ بات کرﻵ گا- نہ ان کي طرف نظر کرﻵ گا اور نہ انکو پاک
کرﻵ گا.
الله تعاليٰ کا يہ فرمانا اگر دهمکي هـﻶ تو دهمکي اس جگہ هوتي
هـﻶ جهان کوئي تعلق هوتا هـﻶ جهان تعلق نهين هوتا
وهان کهنـﻶ کي ضرورت نهين هوتي- مطلب يہ هـﻶ کہ
انسان کـﻶ روح کا تعلق الله تعاليٰ کـﻶ ساتهه هـﻶ-
دنيا مين جب انسان آيا تو دنيوي خيالات کـﻶ ساتهه
ملوث هوگيا- اس پر پرده آگيا اور پهر اس وجہ سـﻶ
وه کافر هوگيا- جب آخرت مين حوادث چلـﻶ گئـﻶ تو
اسي طرح هو جائگيا تو اس (کافر) کو سب سـﻶ زياده
چاهت هوگي کہ الله تعاليٰ مجهه سـﻶ بات کرﻵ اور
محبت کرﻵ- تو فرمايا لايکلمهم الله الاية-
روح کو يہ احساس تها کہ کوئي موقعہ ملـﻶ تو رضا الهي کي طرف قدم
اڻهاؤن، دنيا سـﻶ پهلـﻶ اس کو موقعہ نهين ملا تها
کہ وه رضائـﻶ الاهي حاصل کر سکـﻶ يہ فقط دنيا کي
زندگي هـﻶ کہ اس مين رضا اِلهي حاصل کرنـﻶ کا
موقعہ ملا هـﻶ- يہ بڙي قدر کي زندگي هـﻶ بڙي قيمتي
زندگي هـﻶ- بڙي سـﻶ بڙي چيز پر اسکو فوقيت حاصل
هـﻶ- اس زندگي مين بادشاهي ملـﻶ، ساري دنيا کي
دولت حاصل هو مگر اس سـﻶ بڙهکر جو چيز هـﻶ وه هـﻶ
رضا الهي اور خدا سـﻶ بندﻵ کا تعلق-
هم اس زندگي کو بـﻶ قدري سـﻶ خرچ کر رهـﻶ هين اس زندگي سـﻶ وه
کام نهين لـﻶ رهـﻶهين جو اصل کام هـﻶ يعني تعلق
بالله.
يه زندگي همين اس ليئـﻶ ملي هـﻶ اور هم يهان آئـﻶ هي اس ليئـﻶ
هين کہ اپنـﻶ رب سـﻶ خصوصي تعلق پيدا کرلين اور اس
کي محبت مين گم هو جائين- يہ محبت کا تعلق ليکر جب
دنيا سـﻶ رخصت هون گـﻶ تو آئينده اس کا ثمره همين
ملـﻶ گا قبر مين، حشر مين اور جنت مين- اس کـﻶ
مقابلہ مين دنيوي تعلقات سـﻶ اگر زندگي کو بهر ليا
تو يـہ تعلقات يهين ختم هو جائينگـﻶ آئينده همين
کهين کام نهين آئينگـﻶ- مرنـﻶ کـﻶ بعد خالي هاتهه
هون گـﻶ- پس همين اس زندگي کي قدر کرني چاهئـﻶ اور
رضائـﻶ الاهي کيلئـﻶ اپنـﻶ آپ کو وقف کرنا چاهئـﻶ.
حافظ شيرازي نـﻶ کها هـﻶ کہ:
بده ساقي مئي باقي کہ در جنت نخواهي يافت،
کناره آب رکن آباد گلگشتِ مصلي را-
اﻵ ساقي مجهـﻶ عشق الاهي کا شراب پلائيـﻶ کہ جس سـﻶ مين، اپنـﻶ
محبوب کي محبت مين مستغرق هو جائون کہ پهر يہ تو
جنت مين بهي نهين ملـﻶ گا.-
جنت مين هر چيز ملـﻶ گي لهم مايدعون- مگر يہ عشق الهي کا مزا
وهان کهان ملـﻶ گا- شيراز کـﻶ کنارﻵ رکن آباد کـﻶ
قريب عُشاق الهي کي آمد اور مصلّون پر ذکر و عبادت
کـﻶ مزﻵ پهر کهان نصيب هون گـﻶ-
يہ تعلق بالله اور رضاء الاهي کيلئـﻶ تڙپ اور اسکي کيفيات وهان
نهين هونگي يہ تو يهان هي ميسرّ هين-
عمر ايک اچهي چيز هـﻶ- جانـﻶ والي هـﻶ- اسکي قدر کي جائـﻶ اس
مين سب سـﻶ اچها کام کيا جائـﻶ وه هـﻶ الله سـﻶ
تعلق قائم رکنا.
الٰلّهم اصلح لنا شئاننا.
ملفوظ
65
هڪ شخص عرض ڪيو ته رزق جي تنگي آهي. ان لاءِ دعا گهرو.
ارشاد فرمايائون ته:
حضرت امام غزالي رحمہ الله عليه ڪيمياءِ سعادت ۾ هڪ حديث نقل
ڪئي آهي ته هڪ دفعي هڪ صحابي رضه حضور ڪريم ﷺ کي
عرض ڪيو ته اي الله جا رسول منهنجو رزق بند ٿي ويو
آهي. پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته اي خدا جا ٻانهان
انهن ڪلمن کان تون ڪٿي آهين جن جي سبب الله تعاليٰ
ساري ڪائنات کي رزق ڏيئي رهيو آهي. اهي هي آهن.
سبحان الله وبحمده سبحان الله العظيم و بحمده استغفر الله.
سائين جن فرمايو ته صبح ۽ شام هڪ سو دفعا پڙهڻ گهرجي.
22 شعبان المعظم 1380 هه- خميس جو ڏينهن
ملفوظ 66
حيدرآباد ۽ سکر مان ڪي سرڪاري ڪامورا ملاقات لاءِ آيا. ان وقت
هي ارشاد فرمايائون:
هندستان ۾ انگريزن جي اچڻ کان پوءِ جيڪي خرابيون پيدا ٿيون ۽ هن
ملڪ ۾ جيڪا بربادي آئي ان ۾ سڀ کان وڌيڪ مهلڪ ترين
خرابي جيڪا پيدا ڪئي وئي بلڪ سوچي سمجهي اسان ۾
وڌي وئي، اها آهي انگريزي تعليم جو رواج ۽ مذهبي
تعليم جي پستي.
انهن اهو سوچي ورتو ته جيستائين مسلمانن ۾ قرآن ۽ سنت جي تعليم
هوندي تيستائين اسان جي حڪومت هلي نه سگهندي نه ئي
پائدار بنجي سگهندي. ان ڪري هنن انگريزي تعليم جا
ڪاليج ۽ يونيورسٽيون قائم ڪيون. انهن جي پٺڀرائي
ڪري ان جو چرچو ساري ملڪ ۾ ڪيائون. انهي تعليم ۾
هنن جو مقصد اهو نه هيو ته قوم هوشيار بنجي ۽ هر
شعبي ۾ مفيد بنجي. بلڪ انهن جو مقصد هيءُ هيو ته
اهڙي تعليم ڏني وڃي جنهن ڪري اسان کي حڪومت جي
شعبن ۾ نوڪر مهيا ٿي سگهن. ان ڪري اسڪولن ۾ هنر جا
شعبا يا طب وغيره نه رکيائون ته قوم جا ٻچا اتان
نڪري پنهنجي ڪمائي کي لڳي وڃن. هنن جو مطمع نظر
صرف اهو هيو ته اسان کي مهذب ۽ سستا نوڪر ملي
وڃن. هنن کي جيڪڏهن هڪ سو ماڻهن جي ضرورت هوندي
هئي ته ٻه سو ماڻهو تيار ڪندا هئا. تان ته هنن کي
فائدو رهي. ائين نه ڪندا هئا ته هڪ سو جي ضرورت
هجي ته 90 تيار ٿين يا فقط هڪ سو ئي هجن، ان سان
کين نقصان ٿيندو. ان ڪري انگريز سامراج فقط پنهنجي
حڪومت هلائڻ لاءِ انهي تعليم کي رواج ڏنو ۽ نوڪرن
پيدا ڪرڻ جا ادارا قائم ڪيا. اڄ به اسان وٽ ساڳي
تعليم پئي هلي. اها انگريز واري. جيڪي اتان پڙهي
نڪرن ٿا انهن کي قرآن ۽ حديث جي، خدا ۽ رسول ﷺ جي
احڪامن جي ڪا به خبر نه آهي. ظلم به پيا ڪن ۽
رشوتون به پيا وًٺن. درندا جانور بڻيو پيا مخلوق
کي ايذائين. جيڪڏهن انهن ۾ مذهبي علم هجي ها ته
خوف خدا پيدا ٿي وڃي ها ۽ اهڙيون برائيون هرگز نه
ڪن ها. هاڻي جيئن ٻهراڙي جا ماڻهو جاهل بي خبر آهن
خدا ۽ رسول ﷺ کان . اهڙي طرح هي ماڻهو به انهن
وانگر آهن. ٻئي گروهه هڪجهڙا آهن. جيئن وڻين تيئن
ڪندا وتن انهن لاءِ ڪو اخلاقي قانون ڪو نه آهي!
ملفوظ 67
ڪنهن شخص سوال ڪيو ته قبرن وارن کان فيض وٺي سگهجي ٿو يا نه؟
ان معتلق ارشاد فرمايائون:
اها شيءِ نسبت سان ٿي سگهي ٿي. حضرت اويس قرني رح حضور ڪريم ﷺ
جن کان غائبانه فيض حاصل ڪيو. مگر اهو غائبانه فيض
زنده اولياءَ ڪرام کان طلب نٿو ڪري سگهجي. باقي
مرده اولياءِ ڪرام کان روحاني فيض ٿي سگهي ٿو.
حضرت فقير الله شاه مڪتوبات ۾ اهڙو واقعو آندو
آهي.
ملفوظ 68
ڪنهن شخص سوال ڪيو ته قبرن مان نياءُ ملي سگهي ٿو يا نه؟
ان متعلق ارشاد فرمايائون ته ان شيءَ ۾ اڪثر شياطين ۽ جنن جو
تصرف هوندو آهي. اهي ئي نياءُ ڏيندا آهن. جيئن
تفسير خازن ۾ هڪ واقعو بيان ٿيل آهي ته برصيصا کي
شيطان نياءُ ڏنو هيو. الله پاڪ فرمائي ٿو:
ڪمثل الشيطان اذ قال للانسان اکفر فلما
کفر قال اني بريءُ منک.
ملفوظ 69
مجلس ۾ هڪ حافظ صاحب ديره غازي خان کان آيو ۽ چيائين ته مان
تراويحون پڙهائيندس. مون کي ڪا جاءِ وٺي ڏيو. ان
حافظ صاحب جي ڏاڙهي ڪٽيل هئي. ان تي ارشاد
فرمايائون ته:
حافظ صاحب توهان جي ڏاڙهي ڪٽيل آهي ان ڪري ماڻهو اوهان کي ڪو نه
بيهاريندا. تنهنجي پويان نماز نه پڙهندا. ڏارهي مٺ
جيتري هئڻ ضروري آهي.
23 شعبان المعظم 1380 هه- جمعي جو ڏينهن
ملفوظ 70
هڪ شخص جيڪو ٻروچ ٿي ڏسڻ ۾ آيو. ان عرض ڪيو ته مون کي بدن ۾ سخت
تڪليف آهي ۽ نظر ۾ گهٽتائي آهي. ماڻهو چون ٿا ته
پيرن جي قبرن تي وڃ ته اتان ڇٽي ايندين پر مان مري
وڃڻ قبول ڪندس مگر پيرن جي قبرن تي ڪو نه ويندس.
ان تي هي ارشاد فرمايائون:
قرآن مجيد ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي ته:
اَفحسبَ الذين کفروا ان يتخذو عبادي من دوني اولياءَ انا
اعتدنا جهنمِ لِلکافرين نُزلاً-
ڇا ڪافرن، قران مجيد جي منڪرن، دين اسلام جي نه مڃيندڙن اهو
گمان ڪيو آهي ته الله جا ٻانهان ۽ اولياءَ ڪرام
انهن جا سنڀاليندڙ مددگار آهن؟ حاجت روا ۽ مشڪل
ڪشا آهن؟ اهي ان طرح سمجهي حقيقت ۾ ڪفر ڪري رهيا
آهن.
اولياءَ ڪرام ۾ اهڙو گمان ڪندڙ ته هو حاجت روا آهن ڪافر آهن.
ساري ڪائنات جو مالڪ، هر شيءِ جو سنڀاليندڙ هر
شيءِ تي نظر رکندڙ، هڪ الله تعاليٰ آهي ٻيو ڪو به
ڪونهي- ٻي ساري مخلوق ان جي محتاج آهي.
انبياءَ عليهم السلام ۽ اولياءَ ڪرام سڀئي ان هڪ الله جا محتاج
ٻانها آهن. نبي ۽ ولي ته الله تعاليٰ جو اهو حڪم
ٻڌائيندو آهي ته صرف هڪ مالڪ جي عبادت ڪريو. ان
سان پنهنجو دلي تعلق قائم ڪريو.
ولاّ يامُرکُم ان، تَتّخِذُو المَلائِکَہ والنبيينَ اّربابا
اَيامُرکُم
بِالکُفرِ بعد اذ اَنتُم مُسلِمُونَ ط
ڇا نبي اوهان کي حڪم ڪندو ته ملائڪن ۽ نبين کي پنهنجو بڻايو؟ ڇا
نبي اوهان کي ڪفر جو حڪم ڪندو، هن کان بعد جو
اوهان مسلمان بڻجي ويا آهيو؟ يعني انبياءَ،
اولياءَ ۽ ملائڪن کي حاجت روا مشڪل ڪشا ۽ متصرف في
الامور سمجهڻ ڪفر آهي. دين اسلام ۽ توحيد جي خلاف
آهي. اسلام جو ته پهريون حڪم اهو آهي ته:
لا الہ الا الله
الله کان سواءِ ٻيو ڪو به حاجت روا ۽ مشڪل ڪشا ڪونهي. عبادت،
تذلّل ۽ عاجزي ڪرڻ جي لائق صرف هڪ هستي الله
تعاليٰ جي آهي. جاهلن ۾ دين جي تعليم نه رهي آهي.
قرآن ۽ حديث جي واقفيت نه آهي، ان ڪري هو شرڪ ۽
ڪفر ۾ مبتلا آهن. انهن کي ننڍي هوندي کان شرڪ ۽
بدعت سباڻ وانگر پياريو ويو آهي. گهر ۾ جڏهن امان،
ناني، ڏاڏي شرڪ جا ڪلمات چونديون رهنديون، پيرن
فقيرن جي درگاهُن ۽ قبرن تي اينديون رهنديون ته
اها شيءَ انهن جي دماغ ۾ پئجي ويندي. پوءِ وڏي
هوندي به شرڪ تي زور ڀريون بيٺا هوندا. پوءِ
جيڪڏهن ڪنهن وٽ قرآن ۽ حديث جو حڪم ٻڌندا ته چوندا
هي غلط آهي. اسان ته اهو مسئلو ڪڏهن ٻڌو ئي ڪونهي-
حضور ڪريم ﷺ کي الله تعاليٰ فرمايو ته ماڻهن کي
ٻڌاءِ ته:
قل انما انا بشر مثلکم يوحيٰ اليّ انّما اِلٰهکم اِلہُ واحِدُ-
مان اوهان وانگر هڪ انسان آهيان، پر مون ڏانهن وحي اچي ٿو. وحي
وارو شرف اهڙو آهي، جنهن ۾ اوهان مان ڪو به مون
سان برابر ڪونهي، باقي انسان هجڻ ۾ مان اوهان سان
گڏ آهيان.
مَن کَان يَرجُو لِقاءَ رَبِہّ فَليَعمل عملاً صالحاً ولا يشرک
بعبادةِ رَبہّ احداً
جنهن کي اميد آهي ته هو پنهنجي رب سان ملاقات ڪري قيامت جي
ڏينهن ته پوءِ سٺا عمل ڪري ۽ رب سان ان جي عبادت ۾
ڪنهن کي به شريڪ نه بنائي.
24 شعبان المعظم 1380 هه – ڇنڇر جو ڏينهن.
ملفوظ 71
مولوي محمد قاسم صاحب چوهڙ جمالي وارو جيڪو ڊگهڙي ۾ هڪ ديني
مدرسي ۾ تعليم ڏيندو هو. حضرت رح جي خدمت ۾ حاضر
ٿيو.سوال ڪيائين ته ذڪر ڪرڻ لاءِ ڪيترو وقت ڪڍڻ
گهرجي؟
ان تي هيءُ ارشاد فرمايائون:
پٽ مولوي محمد قاسم!الله تبارڪ و تعاليٰ انسان کي پيدا ڪيو آهي
۽ ان ۾ ڪيتريون ئي قوتون رکيون اٿس. پوءِ انهن
قوتن جي سنڀال ڪرڻ جو حڪم ڏنو اٿس. ڇو ته شيطان
انهن قوتن کي بيجا صرف ڪرڻ لاءِ زور لڳائي ٿو.
الله تعاليٰ هدايت ڪئي آهي ته منهنجي رضامندي لاءِ
انهن کي صرف ڪيو.
انهن قوتن جي سنڀالڻ جو ڪفيل آهي ڪتاب الله ۽ سنّت رسول
صلي الله عليہ وآلہٖ جو علم. اهو علم هوندو ته انهن قوتن جي سنڀال ڪندو- جيڪڏهن اهو
علم نه هوندو ته پوءِ انهن قوتن کي ڪوبه سنڀالي
نٿو سگهي.
دل کي حڪم مليل آهي ته اها تعلق مع الله رکي. دل ۾ جيڪا شيءِ
نظر اچي ته اها ربّ جي ذات هجي. دماغ ۾ جيڪو خيال
اچي اهو صرف ربّ جو خيال هجي. ڇو ته سڀني شين ۾
تصّرف ربّ جو آهي. ربّ سائين پنهنجي حڪمت مطابق
اشياءَ ۾ تصرف رکي ٿو. دل جو لڳاءُ رب سان هوندو ۽
ائين سمجهندو ته جيڪي فيوضات اچن ٿا سي ربّ طرفان
اچن ٿا. موثر ربّ جي ذات آهي، ٻي هر شيءِ متاثر
آهي. ربّ جي رضا حاصل ڪرڻ لاءِ وجود کان ڪم ورتو
وڃي ٿو. اهو ڪم هڪ اندازي سان ٿئي ٿو، يعني هڪ
مقرر وقت آهي. الله تعاليٰ نماز فرض ڪئي آهي، پر
هڪ مقرر وقت ۽ محدود وقت ۾ اها ادا ڪريو. روزا فرض
ڪيا آهن، ان لاءِ هڪ محدود ۽ مقرر وقت آهي. صدقات
وغيره واجب ۽ نفلي سڀ محدود ڪري مقرر ڪيا ويا آهن.
اهي ادا ٿيا ته حق ادا ٿي ويو.
پر ”ربّ تعاليٰ ڏانهن توجه“ اها اهڙي شيءِ آهي جو ان لاءِ وقت
مقرر نه آهي. اهو پوري زندگي جو وظيفو ۽ عمل آهي.
يذکُرونَ الله قياماً وقعُودا ًوعليٰ جُنوبِهم.
رجالُ لا تلهيهم تَجارتُ ولا بيعُ عَن ذِکر الله.
وَذکُرو الله کثيرا ً العلکم تفلحون.
ولذکر الله اکبر.
انسان جون مختلف حالتون آهن، بيهڻ، ويهڻ ۽ ليٽڻ – مگر سڀني
حالتن ۾ ذڪر جي تلقين ڪئي وئي آهي – مصروفيتن مان
واپار ڪاروبار سڀ کان وڌيڪ مصروفيت آهي، مگر ان
حالت ۾ به ذڪر کان غفلت نه ڪرڻي آهي. جنگ جي حالت
۾ به ذڪر الله کي نه ڇڏڻو آهي. هر عبادت کان
مٿاهين شيءِ ”ذڪر الله“ آهي.
ذڪر مان مراد آهي ”تذڪر قلب“ جي بيداري. هر وقت ائين پيو سمجهي
ته هڪ هستي آهي. جنهن سان منهن جو دلي تعلق آهي،
ان جي مونکي رعايت هر وقت ڪرڻي آهي.ڪوبه لمحو اهڙو
نه اچي جو قلب ان جي تذڪري کان غافل هجي.
وَاذکُر ربّکَ اذا نَسيتَ –
وسارڻ وقت ربّ کي ياد ڪر. |