سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: تحفة السالڪين

 

صفحو :16

ڪنهن شخص چيو ته هڪ پير صاحب جا مريد ذڪر ڪرڻ وقت دانهون ٿا ڪن ۽ ماڻهن جي نماز خراب ٿي وڃي ٿي.

پاڻ فرمايائون ته اها اسلام سان مذاق آهي. دانهون ڪوڪون ڪرڻ، مٽي ۾ ليٽڻ، بيوقوفي ۽ چريائپ وارو نمونو ڪرڻ اهو اسلام نه آهي. اهي سڀ ٺڳي جا نمونا آهن. اسلام ۾ اهڙي تعليم نه ڏني وئي آهي. الله وارن جا طريقا اهي نه هوندا آهن. هو مخلوق جي رضا کان بي نياز هوندا آهن.

پير سائين محمد اشرف صاحب ڪاماري شريف وارا سفر کان موٽيا، سندن پويان هڪ پٽ وفات ڪري ويو. جنهن مهل پير صاحب گهر ۾ اندر آيو ته بيبي صاحبه کان دانهن نڪري وئي. پٽ جي غم تي. پير صاحب پوئتي موٽي مسجد ۾ اچي ويهي رهيا. بيبي صاحبه سمجهيو ته مون تي ناراض ٿي ويا آهن. ماڻهو موڪليائين ته اندر اچو، قصور معاف ڪريو. پوءِ گهر آيا فرمايائون ته مون کي خيال هو ته تون ڪا الله واري آهين پر اڄ خبر پئي ته تنهنجي قلب ۾ هن ٻار جي ڍونڍ جي محبت پيل آهي ان لاءِ ٿي دانهان ڪرين.

ڪو الله وارو هيو. ان جي گهر واري چيو ته اسان کي پنهنجي مينهن آهي ان تي سٺو گذران ٿئي ٿو. اهولفظ ٻڌي ان الله واري ان مينهن کي ڪهائي ڇڏيائين ۽ ان جي سري ان جي اڳيان رکيائين ۽ گهر واري کي چيائين ته هي آهي تنهن جو پالڻهار جنهن تي تنهنجو ڀروسو هيو. پالڻ وارو آهي هڪ رب!

هڪ شخص چيو ته سائين ظاهري طرح ته ائين چئي سگهجي ٿو.

پاڻ فرمايائون ته عامي مانهو چئي سگهي ٿو پر خاص ٻانهان اهڙي لفظ کي به توحيد جي خلاف سمجهن ٿا. جو ائين چون ته هن شيءَ تي اسان جو گذران هلي ٿو.

حضرت غوث اعظم رحمہ الله عليه فرمائي ٿو جنهن سان پيار ڪريان ٿو ته اهو مري وڃي ٿو يا دشمن ٿئي ٿو يا جدا ٿي وڃي ٿو. اي حق جا طالب! ڇا نٿو ڄاڻين ته الله تعاليٰ توتي غيرت ڪري ٿو. ڇا نٿو ڄاڻين ته الله تعاليٰ غيور آهي. تو کي پيدا ڪيو اٿائين. پنهنجي لاءِ ۽ تون ارادو ڪرين ٿو غير جو!

ڇا الله تعاليٰ جو فرمان نه ٻڌو اٿيئي ته ”هو الله سان محبت ڪن ٿا ۽ الله انهن سان محبت ڪري ٿو“

ته محبت صرف الله سان رکڻي آهي. تون جڏهن غير سان محبت رکين ٿو ته الله تعاليٰ انهن کي فنا ڪري ٿو تان ته تنهن جو تعلق انهن کان ٽٽي صرف الله سان ٿئي.

ڇا رسول ﷺ جو فرمان نه ٻڌو اٿيئي ته جنهن شخص سان الله تعاليٰ پيار ڪندو آهي ته ان کي تڪليف ڏيندو آهي تان ته هو صبر ڪري. وري جنهن سان وڌيڪ محبت ڪندو آهي ته ان جو مال ۽ اولاد فنا ڪري ڇڏيندوآهي تان ته انهن جي محبت ختم ٿي وڃيس ۽ فقط الله سان محبت ڪري ڇو ته جيڪڏهن مال اولاد هوندس ته انهن سان پيار ڪندو ته پوءِ محبت حصا ٿي ويندي، الله سان به غير سان به. الله تعاليٰ غيور آهي. شرڪت کي پسند نٿو ڪري پوءِ شريڪ کي هلاڪ ٿو ڪري. تان ته بندي جو قلب شريڪ کان پاڪ ٿئي ۽ يُحبُهم ويحبونہ متحقق ٿي وڃي.

اهل، اولاد، مال، لذت، خواهشات، طلب ولايت، رياست، ڪرامت، طلب حال، مقامات، منازل، طلب بهشت، درجات، قربات، زلفات، وغيره اهي سڀ شريڪ آهن. دل کي انهن سڀني کان پاڪ رک. دل ۾ الله تعاليٰ جو تعلق ۽ ارادو هوندو ته پوءِ ڪا به خواهش پيدا نه ٿيندي. دل ٽٽل ٿانو وانگر آهي ان ۾ ڪا به شيءَ وجهو ته نه رهندي. قلب الله جي فعل (تجلي افعالي) سان ڀڄي چڪو آهي. جڏهن به غير جو ارادو اچي ٿو ته الله تعاليٰ جو فعل ۽ غيرت ان کي ڀڃي ٿي. فناءَ الاراده ان کي چئبو آهي.

مڻيو منڌ هٿان ڀڄي پٽ پٿون پيو

سڄو هو ته لهي لک سوا،

ڀڄڻ پڄاڻان وڃي پدمن کان پري پيو!

ته اهو آهي قلب! جڏهن ذات باري تعاليٰ کان سواءِ ڪا به ٻي طلب نه آئي. نه علم نه فضيلت نه ڪرامت، نه ولايت، سڀ طلبون ويون هليون ته ان جي بها پدمن کان مٿي ٿي وئي.

ولا تشرڪ بشيءَ من خلقہ، فارادتڪ وهواڪ وشهواتڪ کلها

خَلقہ فلا ترد ولا تهو ولا تشتة لئلا تکون مشرکاً

الله سان شريڪ نه ڪر مخلوق مان ڪنهن به شيءَ کي تنهن جا ارادا، سڌون ۽ خواهشون سڀ ان جي مخلوق آهن، ڪو به ارادو، خواهش ۽ سڌ نه ڪر متان مشرڪ ٿي وڃين.

قرآن مجيد ۾ الله تعاليٰ فرمائي ٿو.

واذکر اسم ربڪ وتبتل اليہ تبتيلاً

سڀ شيءَ کان ٽٽي ڪري صرف ان جو ٿي وڃ

جڏهن بندو ائين ڪري ٿو ته ان وقت سراپا عظمت ۽ جبروت جا پردا لڳايا وڃن ٿا ۽چوڌاري ڪبريائي ۽ سطوت جون کاهيون هونديون آهن پوءِ قلب ۾ ڪا به شيءَ، ڪو به ارادو نه ايندو آهي ۽ ان وقت دل آزاد ٿي ويندي آهي. صرف رب ئي دل ۾ هوندو آهي پوءِ ان کي اسباب ضرر نه ٿا پهچائين. مال اولاد، اسباب، ڪرامتون ۽ عبادتون ان کي ضرر نه ڏينديون ڇو ته اهي قلب کان خارج آهن. بلڪ اهي سڀ شيون الله جي طرفان لطف، نعمت، رزق ۽ ڪرامت آهن.

الله وارن توحيد ۾ جيڪو سخن هلايو آهي. آدمي حيران آهي ته ڪيڏو انهن الله وارن جو تعلق پنهنجي رب سان رهيو آهي.

حضرت غوث اعظم رحمہ الله عليه فرمائين ٿا

استوصيٰ عبدالوهاب والده الشيخ رضي الله عنه في مرض موتہ. فقال رضي الله عنه عليڪ بتقويٰ الله و طاعته ولا تخف احدا ولا ترجہ. واسئل الحوائج کلها من الله عز و جل واطلبها منه ولا تثق باحد سويٰ الله عزوجل ولا تعتمد الا عليہ سبحانہ. التوحيد، التوحيد، التوحيد، و جماع الکل التوحيد.

(الفتح الرباني)

حضرت غوث اعظم رحمہ الله جو فرزند حضرت عبدالوهاب سندن وصال جي وقت حاضر ٿيو ۽ وصيت جي طلب ڪيائين. پاڻ فرمايائون ته پاڻ تي لازم ڪر الله جو خوف ٻي ڪنهن کان به نه ڊڄجانءِ. ٻي ڪنهن ۾ به اميد نه رکجانءِ سڀ ضرورتون الله کان گهر. اعتماد ڪنهن تي به نه رک. الله کان سواءِ ڪنهن تي به ڀروسو نه رک. توحيد تي سڀني اولياءَ الله جو اجماع آهي.

من لہ الموليٰ فلہ الکل

الله وارن جو تعلق صرف موليٰ سان هوندو آهي. تنهن ڪري ٻين کي به اها ئي وصيت ڪندا آهن. هاڻي ماڻهو چون ٿا ته هي پيران پير کي نه مڃيندا آهن. حالانڪ انهن جون تعليمات ڪيتري قدر واضح آهن. الله تعاليٰ جنهن ٻانهي سان ڀلائي ڪندو آهي ته ان جو جنهن غير طرف تعلق ٿيندو ته ان کان هو روڪي ڇڏيندو آهي ته جيئن هن جو قلب غير کان آزاد رهي ۽ صرف خدا جي محبت قائم رهي.

يا رب همه خلق ازمن بدخو کن

تا روئي دل من را بخود سو کن

اي الله! تون سموري مخلوق کي مون کان هٽاءِ، مون کي پنهنجو بناءِ!)

هڪ الله جو بندو هيو. ڪنهن شهر ۾ ويو. ماڻهو کيس نيڪ صالح ڏسي ان وٽ ويا. هن کان پڇيائون ته اوهان ڪنهن جا مريد آهيو. چوڻ لڳو ته مان الله جو مريد آهيان. شريعت ظاهر تي هوندي آهي. عالمن چيو ته هي شخص ملحد آهي. کيس قاضي صاحب وٽ وٺي ويا. قاضي صاحب هن شخص کي چيو ته تون چوين ٿو ته مان الله جو مريد آهيان. ڇا الله تعاليٰ  به مريد ڪندو آهي؟  نيڪ بندي قاضي کي چيو ته اهو اکر ته مان عام ماڻهن کي چيو هيو. تو کي چوان ٿو ته الله تعاليٰ منهنجو مريد آهي، قاضي صاحب چيو ته ان جي تاويل (مصداق) بيان ڪر. هن چيو ته مان فلاڻي الله واري وٽ رهيس ۽ صحبت ڪيم ته مون تي اهو اثر ٿيو آهي هاڻي مون ۾ ڪا به مراد نه رهي آهي. مريد معنيٰ ارادو ڪندڙ، مون کي صرف رب جو ارادو آهي ٻيو ڪو به ارادو نه آهي. ان ڪري الله جو مريد يعني الله جو ارادو ڪندڙ آهيان.

ڀلا الله تنهن جو ڪيئن مريد آهي جواب ڏنائين ته

الله تعاليٰ فرمايو آهي

ومَا تشآؤن الا ان يشآءَ الله

اوهان ڪجهه نٿاگهرو جيستائين الله نه گهري.

جڏهن الله مون لاءِ ارادو ڪيو آهي تڏهن مان هن حال تي پهتو آهيان، ته الله ارادو ڪيو  مون لاءِ ته هو مريد آهي. منهنجي، ڪا به شيءَ نه آهي.

متقدمين وٽ فنا جا 3 مرتبا آهن.

(1) فنيٰ عن الهويٰ، (2) فنا عن الخلق (3) فنا عن الاراده

انهن ٽنهي جو ذڪر ڪيو آهي حضرت غوث الاعظم رحمہ الله عليه پنهنجي مقالي ۾.

فنا عن الهويٰ: باطن ۾ نفس جون گهُرون آهن. انهن کي ختم ڪر ۽ الله تعاليٰ جي گهُر تي هل، جي نفس جي گهُر تي هلندين ته تون مشرڪ آهين.

فنا عن الخلق: ظاهر ۾ وري مخلوق کي ڏسين ٿو. ان جي رعايت ڪرين ٿو ته تو ۾ رياءُ اچي ويو. رياءَ کان پاڪ ٿي، ورنه مخلوق کي خدا سان شريڪ ڪرين ٿو ۽ مشرڪ ٿي ويندين.

حضرت غوث اعظم رحه، حضرت بايزيد جو ذڪر ڪيو آهي ته ان ڏهه وري مجاهدو ڪيو. فرمايائون ته ڏهن ورهن کان بعد ڏسان ته باطن ۾ ڪفر جي جڻي پئي آهي. وري 10 سال مجاهدو ڪيم ته اها نڪري وڃي پر اها نڪري نه سگهي، پوءِ ننڊ ۾ ساري خلق مئل ڏٺم. ان مخلوق تي جنازي جي نماز پڙهي. هاڻي ساري مخلوق نظر نه ٿي اچي ته پوءِ اها ڪفر جي جڻي به نڪري وئي. اها وئي ته رياءَ کان پاڪ ٿي ويس، اها جڻي هئي رياءَ جي.

ڪنهن الله جي بندي چيو آهي ته

خيالات دوعالم را چنان شستم از لوح دل

که شد برتخته هستي ز يک نقطه دو خط پيدا.

يعني دنيا ۽ آخرت جي خيالن کي دل جي ڦرهي تان ميساريو اٿم جو هڪ نقطو ڦري ٻه ليڪا ٿي پيا. يعني غير الله جو نقطو جيڪو دل ۾ هيو اهو ”لا“ نفي ٿي ويو. اهو آهي فنا عن الخلق،

3 فنا عن الاراده- پنهنجو ارادو ڪرڻ گم ٿي وڃي، صرف رب کي ڏسندو رهي.

 

 

10رمضان المبارک 1380 هه- آچر جو ڏينهن

ملفوظ 106

مجلس ۾ هڪ ٻهراڙي جو ٻروچ آيو جنهن چيو ته دعا تعويذ اثر نٿا ڪن. ان تي حضرت جن هي ارشاد فرمايو ته: هڪ بادشاهه جو هڪ خاص حڪيم هيو. ان حڪيم چيو ته صبح جي جوئر جي پڪل ماني جيڪڏهن ڪو شخص رات جو لسي سان کائيندو ته مري ويندو. ماڻهن چيو ته هي حڪيم ته چريو ٿيو آهي. اهڙي چريي کي بادشاهه ڪيئن حڪيم ڪري رکيو آهي. حڪيم چيو ته آزمودوڪريو. وٺي آيا ٻهراڙي مان هڪ جهنگلي، اسان پارو، حڪيم چيو ته مان بادشاهه جو حڪيم آهيان. انهن ڍڳن جو ٿورو ئي حڪيم آهيان. اها خبر ته مون کي به آهي ته انهن جو ته قوت ئي اهو آهي. مان اها ڳالهه بادشاهه جي مزاج مطابق چئي آهي. هاڻي ان کي هت رهايو. پوءِ ان کي بادشاهه وارا کاڌا کارايا ويا. چند ڏينهن کان پوءِ نزاڪت ايندي وئي جڏهن ان جي طبيعت اُچن کاڌن سان مانوس ٿي وئي ته پوءِ هن کي پاروٿي ماني ۽ لسي، رات جو ڏني وئي ته اهو شخص مري ويو.

ته ورد وظيفا ۽ انهن جو تاثير انهن الله وارن ۽ بزرگن جو ٿيندو جن جي تقويٰ ۽ پرهيزگاري مٿاهين درجي جي هوندي آهي. اسان جا نه اهڙا عمل، نه تقويٰ ته پوءِ اثر ڪهڙو ٿيندو.

هڪ بادشاهه جا ڪجهه حڪيم هئا. بادشاهه بيمار ٿيو. انهن دوا ڪئي پر دوا ڪا نه لڳي. دوا به مجرب هئي بيماري به متعين  ٿي پر اثر نه ٿيو. ٻئي بادشاهه جو حڪيم گهرايو ويو ته اهو علاج ڪري. اهو آيو بيماري به ساڳي متعين ڪيائين ۽ ڏسن ته دوا به ساڳي پيو ڏئي پر پهرين خوراڪ کائڻ سان ئي فائدو ٿيو. حڪيم حيران ٿي ويا ته ساڳيو علاج اسان به ڪيوسين ته فائدو ڪونه ٿيو. اها هٿ شفا آهي يا حڪمت آهي.

ان حڪيم چيو ته اها حڪمت آهي.  اوهان مرض به سڃاتو ۽ نسخو به سمجهيو پر دوا سازي ۽ دوا شناسي اوهان وٽ ڪا نه هئي. انهن ٻنهي ۾ اوهان غلطي ڪئي آهي. هر دوا جي عمر ٿيندي آهي هڪ نئين ٻي پراڻي. توهان ان ۾ فرق نه ڪيو. دوا ته مڙئي دوا پر دوا ٺاهڻ وقت ڪي اڳ ۾ پونديون آهن ڪي دوائون پوءِ پونديون آهن، ڪي ٺاري وجهبيون آهن ته ڪن جو اثر ڌوئڻ سان ختم ٿي ويندو آهي. توهان سمورين دوائن کي گڏ ڪٽي ويا آهيو. تنهن ڪري اوهان جي دوائن جو اثر ظاهر ڪو نه ٿيو ته اهڙي طرح الله وارن جو اثر ٻيو آهي. اسان جو اثر ٻيو.

اصحاب سڳورا هڪ هنڌ ويا سفر ۾. هڪ رات ڪنهن ڳوٺ ۾ ترسيا ان ڳوٺ جي چڱي مڙس کي وڇون ڏنگي ويو. هڪ ماڻهو هنن وٽ آيو چيائين ته توهان وٽ ڪو دم ڪرڻ وارو آهي ته هو اسان جي سردار تي دم ڪري. هڪ صحابي (حضرت ابو سعيد خدري رضه) ويو سورة فاتحه دم ڪيائين ته هو چڱو ڀلو ٿي ويو. هن سردار 30 ٻڪريون ڏنيون پوءِ نبي سائين سان ڳالهه ڪيائون ته پاڻ ڪريم ﷺ جن ان جي تصديق فرمائي.

ته اهو آهي الحمد شريف جو اثر، اڄ توهان جو ۽ اسان جو اثر ٿيندو؟ ته اثر اثر ۾ فرق آهي.

حضرت موسيٰ عليه السلام کي الله تعاليٰ فرمايو ته اهڙو ماڻهو مون کي سڏي جنهن جي زبان ڪو به گناهه نه ڪيو هجي ته مان ان جو سڏ ٻڌان. اڄ آهي ڪو اهڙو ماڻهو؟ ڪي هوندا لله جا ٻانهان.

المرءَ يقيس عليٰ نفسہ

جنهن کي پيشاب جي ضرورت هوندي ۽ اٿندو ته ٻي کي سمجهندو ته ان کي به اها ضرورت هوندي. ڪو بدڪار هوندو ته ٻئي کي به اهڙو سمجهندو، اسان ته بدڪار آهيون ٻين نيڪن کي به پاڻ جهڙو ٿا سمجهون، توبہ سان گناهه زائل ٿين ٿا ليڪن توبهه ”توبہ نصوحاً هجڻ گهرجي.

الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ فرمائي ٿو ته هي قرآن مجيد للذين آمنو ”هديً وشفاءَ للمؤمنين“ آهي، پر اسان به ڀلا هجون ته شفا ڪري. پاڻ کي ته هر ڪو ڀلو سمجهي ٿو. پر اهو پنڌ پري آهي.شفا هر هڪ کي مڪمل طرح نه ٿيندي آهي. جيستائين الله نه گهري. ڇو ته اصل شفا رب وٽ آهي. جيئن اهو گهري تيئن ڪري. باقي شيطان جا به تصرفات هوندا آهن. اهو آهي فتنو ۽ آزمائش.

انسان جو جنن ۽ منترن سان ڪهڙو ڪم. ڇا الله سائين تو کي اهو حڪم ڏنو آهي ته، جن ڪڍندو رهه ۽ منتر پڙهندو وت؟ توکي ته الله سائين حڪم ڏنو آهي عبادت جو ۽ پاڻ سان تعلق پيدا ڪرڻ جو. ٻروچ! پنهنجي ايمان کي بچاءِ.

موت کان ته ڪو به ڇڏائي نٿو سگهي، جنهن ذريعي سان لکيل آهي اهو واقع ٿيندو، حضرت فاروق اعظم رضه کي هڪ ٻانهي شهيد ڪيو ته هو بچي نه سگهيو. حضرت عثمان رضه کي شهيد ڪيو ويو ته بچي نه سگهيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com