سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: تحفة السالڪين

 

صفحو :7

 

تاريخ 8 شعبان 1380 هه خميس جو ڏينهن

ملفوظ 3

مؤمن ٽن شين کان خالي نه هوندو آهي. (1) مرض (2) گذران ۾ تنگي (3) ماڻهن ۾ ملامت ۽ خواري.

حضرت غوث اعظم رح فرمايو ته

دنيا ۽ آخرت پاڻ ۾ پهاڄون آهن. هڪ راضي هوندي ته ٻي ڪاوڙبي.

حُفّت الجنہ بالمکاره وحفّت النار بالشهوات

بهشت کي اوکائن جو پلوڙو آهي. دنيا ۾ ڏکيائون ڏسڻيون پونديون ته بهشت ملندو. جهنم کي پلوڙو آهي نفس جي شهوات جو. نفس جون گهرون پوريون ڪندؤ ۽ هر وقت نفس کي راضي ڪندؤ ته پوءِ جهنم جي قريب ٿي ويندؤ. پٽ! دنيا آهي رستو گذر جو. جيئن الله ٻانهي کي رکي تيئن ٻانهو ان تي شڪر ڪري. جيڪا تڪليف اچي ته ائين سمجهي ته اها پاڻ نه آئي آهي پر اها منهنجي لاءِ لکيل هئي. لوح محفوظ ۾ جيڪا شيءِ لکيل آهي ته اها ضرور پهچندي.

ما اصاب من مصيبہ في الارض ولا في انفسکم الا في کتاب من

قبل ان نبراها ط

ڪا به تڪليف اچي ٿي، زمين ۾ ڏڪر، ماڪڙ، قحط سالي، سيلاب، وبا، عام موت، طوفان، آفت سماوي يا وري انسان جي وجود ۾ مٿي ۾ سور، ٽنگن ۾ سور، بي آرامي، ننڊ نه اچي، کاڌو هضم نه ٿئي. ڪي ماڻهو ڪٿي وڃي پهچن ۽ ڪٿي انهن کي موت اچي پهچي.

الاّ في کتٰب، اهي سڀ شيون ثابت آهن. لوح محفوظ ۾ تڪليف پيدا ٿيڻ کان اڳ لوح محفوظ ۾ لکيل آهن.

ان ذالک علي الله يسير

جيڪا شيءِ وجود ۾ نه آئي آهي ته ان تي حڪم لڳائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي پر اهو توهان لاءِ آهي. الله وٽ اهو ڪم سولو آهي. الله وٽ علم قديم آهي، علم ۾ اڳ ئي آهي ان ڪري آسان آهي. مؤمن کي تڪليف پهچي ٿي ته اها تڪليف هن لاءِ فائدي واري آهي. هيءُ پاڻ بي خبر آهي ان ڪري گهٻرائجي وڃي ٿو.

مصيبت جا ٽي قسم آهن

(1) مؤمن جا درجا بلند ڪري ٿي. (2) گناهن جو ڪفارو بنجي وڃي ٿي، پر اها ڳالهه مبتليٰ به (مصيبت زده) کان سمجهه ۾ ايندي. (3) ڏمر ۽ قهر جو سبب بنجي وڃي ٿي.  جيڪڏهن هيءُ راضي رهيو ۽ شڪر گذار ٿيو ته اها مصيبت درجا بلند ڪري ٿي. جيڪڏهن صبر ڪيائين، جزع فزع نه ڪيائين، شرڪ جو عمل نه ڪيائين ته گناهن جو ڪفارو ٿي ويندو، پر جيڪڏهن تڪليف اچڻ تي الله کان ناراض ٿئي ٿو، شرڪ جا ڪم ڪري ٿو. پيرن فقيرن تي وڃي نذرِ نيازون باسي ٿو ته اها مصيبت ڏمر ۽ قهر بنجي ويندي.

جنت ۾ وڃڻ کان پوءِ ڪنهن کي به دنيا ۾ وڃڻ جي تمنا نه هوندي مگر ڏکن واري ماڻهن کي. انهن کي جنت ۾ جيڪي نعمتون ملنديون ته هو چوندا ته جيڪر وري دنيا ۾ وڃون ۽ اسان کي قينچين سان ڪپيو وڃي ۽ صبر ڪيون ته ان جو بدلو هِت ملي.

انما يُوَفّيٰ الصابرون

صابرن کي پورا پورا بدلا ڏنا ويندا. اڄ هت تڪليفون اوکيون لڳن ٿيون پر جڏهن ان جو اجر ملندو ۽ ان تي نظر پوندي ته پوءِ پيا تمنائون ڪنداسون. ننڍا هوندا هئاسي ته پيءُ ماءُ مدرسي ۾ موڪليندا هئا، اتي استاد ماريندا هئا. اهڙي چماٽ هڻندا هئا جو ڇوڪرو پري وڃي ڪري پوندو هو. مان هڪ دفعي ڀڄي ويو هوس. ان وقت تلک الرسل (ٽيون سيپارو) پڙهندو هوس. يتيم ڇوڪرو هيس، ڏاڍيون مارون ملنديون هيون. اڄ معلوم ڪيان ٿو انهن استادن ۽ بزرگن جون ڀلايون هيون جو مان اڄ قرآن شريف پڙهي سگهان ٿو. حق ۽ باطل ۾ نکيڙ اچي ٿي. الله جي رضا ۽ ناراضگي جي خبر پوي ٿي. انهن بزرگن جون مارون پڪريون، ان وقت ان مار کي وڏي برائي سمجهبو هيو ته ڪڏهن ان کان جان ڇٽندي، پر اڄ ان جو ڪيڏو قدر آهي. پر اصل قدر ته قيامت جي ڏينهن ٿيندو.

ننڍي ٻار کي ڪوڙيون دوائون پياريون وينديون آهن هو روئندو آهي. گهر ۾ ته مٺيون شيون به هونديون آهن، ٻار پيارو به هوندو آهي. چوندا به آهن ته هڪ ئي ٻار آهي پر پوءِ به ڪوڙي دوا پياربي آهي. اها شيءَ پيارڻ ئي اصل پيار آهي. ٻار روئي ٿو. پيءُ ماءُ سهي به نٿا سگهن تڏهن به زوري اها شيءَ ڏني وڃي ٿي. هٿ پير جهلي زوري ان جي وات ۾ وجهن ٿا. ائين اسان سمجهون ته اهي تڪليفرون جيڪي اچن ٿيون سي به ان ڪوڙي دوا وانگر آهن پر انهن جي اسان کي خبر نه ٿي پوي.

حضور جن فرمائيندا هئا:

الحمد لِله عليٰ کل حال و اعوذ بالله من حال اهل النّار.

ڏک سک هر حال تي خوش آهيان پر اتان جي ڏکن کان محفوظ رک! جيڪڏهن حضور سائين کي سک ايندو هو ته هيءُ دعا پڙهندا هئا.

الحمد لِله الذي بنعمہٖ تتم الصالحالت.

انبياءَ عليهم السلام کي جيلن ۾ وڌو ويو، بکن ۾ رکيو ويو، ڏکن مصيبتن ۽ ڪرٽن ۾ چيرايو ويو پر انهن هر حال ۾ صبر ڪيو.

حضرت موسيٰ عليه السلام مدين ۾ ويو، اتي حضرت شعيب عليه السلام جون ڇوڪريون مال پيون چارن. ٻيا بي دين ماڻهو مال کي پاڻي پياريون هليا پيا وڃن، هي ڇوڪريون بچيل پاڻي پيون پيارين. ته نبي سان اهو معاملو ٻين سان هو معاملو! حضرت موسيٰ عليه السلام کي حضرت شعيب عليه السلام ڌيءَ پرڻائي ڏني ۽ پوءِ حضرت موسيٰ عليه السلام وري ٻڪرين چارڻ ۾ لڳي ويو. اهي الله جي نبين کي تڪليفون آيون.

دنيا جي ڪمي ٿي وڃي، ڪا تڪليف ۽ غم اچي وڃي ته انسان هرگز نه گهٻرائي، جيڪڏهن شڪر ڪندو صبر ڪندو ته پوءِ رب جي مهرباني ٿي ويندي، پر جيڪڏهن نافرماني ڪندو، شرڪ ۾ ڪاهي پوندو ته مصيبت الله جو ڏمر بنجي ويندي. هر نماز کان پوءِ 3 دفعا پڙهڻ گهرجي.

اَلٰهّمّ عَافِني في بَدنيِ اَلٰهُمّ عافِني في سَمعي اَلٰهُمَ عَافني

في بصري لاّ الٰه الاّ انتَ

ملفوظ 4

هڪ ديني مدرسي جو طالب العلم آيو جنهن عرض ڪيو ته مون کي ذڪر ڏنو وڃي.

پاڻ ارشاد فرمايائون ته:

طالب العلم کي گهرجي ته هو پنهنجي علم ڏانهن ڪامل توجهه ڪري. هو ورد وظائف ڏانهن زياده مائل نه ٿئي. ايترو ئي ڪافي آهي جو هو سلسلي ۾ داخل ٿئي. جيترو وقت علم کان بچي ته ان ۾ ٿورو ذڪر ڪري. تڪميل علم بعد ان طرف توجهه ڪري.

ملفوظ 5

اکين جي ڪنهن مريض کي ارشاد فرمايائون:

مصري – گداملي – وڏي هريڙ – سڀني کي اگهي ڪري ان کي سرائي سان اکين ۾ وجهڻ سان اکيون صاف ٿينديون.

ملفوظ 6

هڪ شخص خدمت ۾ آيو ۽ چوڻ لڳو

”مون کي جن آهي. ان سان ڳالهاءِ، تون مالڪ آهين ڪا حڪومت ڏيکار“

پاڻ ارشاد فرمايائون

پٽ! الله تعاليٰ  ئي مالڪ آهي، مان عاجز گنهگار بندو آهيان. مان ته پنهنجي گناهن کان ڊڄندو آهيان منهنجي ته ڪا حڪومت نه آهي. مون کي ته تون ئي ڌڪو ڏين ته پري وڃي ڪران. مون کي ڪهڙي طاقت، منهنجي هٿ ۾ صرف دعا آهي. ان سان نٿو وڃي ته مون کي ان کان مٿي ڪا به طاقت نه آهي. منهنجي ڳالهه ته ماڻهو به نٿا مڃن، جن ڪيئن مڃيندا.

اسان جي هٿ ۾ دعا آهي اها ڏينداسون، الله گهري ته شفا ڏيندو. باقي ان سان ڳالهائڻ، نالو پڇڻ، مارڪٽ ڪرڻ اهو اسان جي هٿ ۾ نه آهي.

حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن وٽ هڪ سانوري رنگ جي عورت آئي، چوڻ لڳي ته آءُ بيهوش ٿي ويندي آهيان. ان تي پاڻ فرمايائون ته جيڪڏهن ان حالت تي صبر ڪرين ته تنهن جي لاءِ جنت آهي ورنه آءُ دعا گهران. ان عورت چيو ته انهي حالت ۾ مان اگهاڙي ٿي ويندي آهيان. اوهان فقط اها دعا گهرو ته اگهاڙي نه ٿيان باقي اها حالت رهي ۽ مون کي جنت ملي وڃي ته پوءِ مون لاءِ جنت ڪافي آهي. حضور پاڪ دعا گهري پوءِ اها عورت اگهاڙي نه ٿيندي هئي. اصحاب سڳورا هڪ ٻئي کي ڏيکاريندا هئا ته هيءَ عورت آهي جيڪا جنت ۾ ويندي.

حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو آهي ته

فاتحته الکتاب شفاءُ لکلّ داءِ الا السّام

فاتحه هر بيماري لاءِ شفا آهي سواءِ موت جي. هر تڪليف لاءِ فاتحه جو علاج لکڻ گهرجي.

هڪڙي عورت بيمار هئي، ڪيترائي علاج ڪرايائين پر ڪو به فائدو نه ٿيو. پوءِ صبح جي وقت سنت کان پوءِ ۽ فرض نماز کان اڳ 41 دفعا سورت فاتحه پڙهڻ شروع ڪيائين. پڙهندي پڙهندي هڪ دفعي هن جي گوڏن مان لوهه جهڙي هڪ شيءِ نڪرڻ لڳي ته فاتحه ظاهري توڙي باطني سمورين بيمارين لاءِ علاج آهي پر يقين هجي.

بيماري ۾ گهٻرائجي نه، دوا پيئڻ ۾ به نه گهٻرائجي. هيءَ دنيا جي تڪليف ڇا آهي اصل تڪليف ته اها آخرت واري تڪليف آهي جڏهن انسانن جا ٻه ٽولا ٿي ويندا هڪڙا جهنم ۾ ويندا ۽ ٻيا جنت ۾ ويندا.

قرآن مجيد ۾ حڪم صبر لاءِ آيو آهي. نبي سائين کي به خود حڪم ٿيو آهي ته اوهان صبر ڪريو، اوهان لاءِ وڏو انتظام ٿي رهيو آهي. جيئن چئبو آهي ته اڙي ميان ڪجهه چُپ ته ڪر مان تنهنجي لاءِ انتظام ڪري رهيو آهيان، صبر ڇا آهي هڪ دلداري.

فاتحه پڙهڻ جو طريقو هي آهي ته فجر جي سنّت کان پوءِ فرض نماز کان اڳ 41 دفعا سورة فاتحه پڙهي. اول ۽ آخر درود شريف پڙهي پوءِ هٿن تي دم ڪري ساري بدن تي هٿ گهمائي ڇڏجن.

ملفوظ 7

 هڪ شخص پڇيو ته سائين! ماڻهو اسان کان تعويذ گهرندا آهن انهن کي ڇا لکي ڏيون.

پاڻ فرمايائون ته:

تعويذ نه لکڻ گهرجي، ائين ڪرڻ سان انسان جو وقت ضائع ٿي وڃي ٿو. هر وقت ماڻهن جو هجوم رهي ٿو. خاص طرح ٻهراڙي ۾ وقت ناوقت عورتون اچن ٿيون ۽ تعويذ گهرن ٿيون.

حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو آهي ته جيڪڏهن ڪو انسان چاهي ته مون کي جنت جي وچ ۾ جاءِ ملي ته هو بيگاني عورت سان گڏ نه ويهي ۽ فرمايائون ته ڪو به مرد ڪنهن عورت سان گڏ ويهي ٿو ته انهن سان گڏ ٽيون شيطان به هوندو آهي.

تعويذن لکڻ سان عورتن جو هجوم ٿئي ٿو، انسان کي انهن شين کان پرهيز ڪرڻ گهرجي.

دعائون اهي زياده ثواب ۽ قبوليت رکن ٿيون جيڪي حضور صلي الله عليه وسلم جن کان منقول آهن اهي ئي پڙهڻ گهرجن.

 

9 شعبان 1380 هه جمعي جو ڏينهن

ملفوظ 8

اڄ چونڪ اختلاف ڪافي ٿي چڪا آهن. انسانن کي گمراهه ڪرڻ جا نوان نوان ڍنگ نڪري چڪا آهن. ڪيتريون ئي جماعتون پيدا ٿي چڪيون آهن. تنهن ڪري اڳي کان وڌيڪ علم حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪاروبار، واپار ۾ ڪافي تنگيون اچي ويون آهن لهٰذا علم دين کان سواءِ انسان گمراهه ٿي ويندو.

ملفوظ 9

هڪ شخص عرض ڪيو ته سرڪار وياج وٺي ٿي.

فرمايائون:

توهان انهن کي وياج ڏيڻ جو موقعو ڇو ٿا ڏيو. توهان سمورن پئسن تي زمين جي قيمت ادا ڪري ڏيو. پوءِ هو ان کي وياج ڪوٺين يا ڪو به نالو ڏين.

ملفوظ 10

هڪ ديني مدرسي جي طالب العلم پڇيو ته مون کي پيءَ ماءُ پنهنجي ٻنيءَ جي ڪم ڪار لاءِ روڪين ٿا. ديني تعليم ۾ حرج ٿئي ٿو ۽ شادي ڪرڻ لاءِ به زور ڀرن ٿا ۽ شادي به شيعن ۾ ڪرائين ٿا. هاڻي مان ڇا ڪيان. شادي ڪيان يا علم پڙهان يا گهر جو ڪم ڪار ڪيان. پاڻ فرمايائون:

علم پڙهڻ گهرجي، عورتون دنيا ۾ گهڻيون آهن نڪاح ٿي ويندو. باقي ڪم ڪار ڪرڻ سان به علم ضائع ٿي ويندو. لهذا علم حاصل ڪجي. عورت لاءِ علم کي نه ڇڏجي.

بخوان بخوان که هنوز نئي بند عيال

چون بند عيال شدي خواندنت رسد بمحال

الا لاتنال العلم الابستہ

سا نبئک عن مجموعها ببيان

ذکاءَ و حرص واصطبار وبُلغته

وارشارد استاد وطول زمانِ

ڪو به عالم دنيا ۾ ٿيندو آهي ته ساري زمين زنده ٿي ويندي آهي. عالم جو موت ساري دنيا جو موت آهي. موت العالِم، موت العالَم. انسان کي الله تعاليٰ  پيدا ڪيو آهي ته ان جي اصلاح جو ذمو به پاڻ کنيو آهي.

فاما ياتينکم منّي هديً فمن تبع هدايَ فلاخوفُ عليهم ولا هم يحزنون ط

منهنجي طرفان هر زماني ۾ هدايت ايندي رهندي. هاڻي الله واري راه ڏيکارڻ لاءِ علماء تي ذمو رکيو ويو آهي. ساري دنيا جي اصلاح جي ذميواري الله تعاليٰ  تي آهي ان ڪري انبياء عليهم السلام موڪليائين ته انسانن جو اصلاح ٿئي. هدايت جي اشاعت جو ڪم هاڻي علماء ڪرام تي رکيل آهي. جيڪو شخص الله تعاليٰ جي هدايت نٿو ڄاڻي اهو گوياڪ مئل آهي. جيڪو هدايت ڄاڻي ٿو اهو زنده آهي ۽ ان جي ڪري ٻيا ماڻهو به زنده آهن. هدايت کان سواءِ انسان مئل بلڪ بدتر مئل آهن. هن زندگي جي اختتام سان هڪ موت اچي ٿو پر اهو موت سهل آهي. مگر جهل وارو موت بدترين موت آهي.

ولتکن منکم امّہ يدعون الي الخير ويامرون بالمعروف و ينهون عن المنڪر.

”اهڙا ماڻهو اوهان مان ضرور هجن جيڪي الله ڏي سڏيندا رهن، امر ۽ نهي جو فريضو ادا ڪندا رهن“. دنيا ۾ جيڪو به ڪم ڪبو آهي، ته ان لاءِ اهتمام ڪبو آهي اهتمام ڪبو ته ڪم سٺو هلندو ۽ ان جو سٺو نتيجو نڪرندو ۽ بنا اهتمام جي ڪم خراب ٿي ويندو. دين جهڙي ڪم لاءِ اهتمام ڪرڻ ضروري آهي. اهو اهتمام علماءِ دين ڪندا آهن. دين جا مهتمم علماءَ آهن پر علماء اهڙا هجن جيڪي توحيد پرست هجن. شرڪ ۽ بدعت ۾ مبتلا نه هجن. شرڪ ۽ بدعت ڪرڻ وارن عالمن کان پري ڀڄو. انهن ۾ ڪو به روحاني نور نه هوندو آهي. اهڙو علم جنهن مان نور پيدا نه ٿئي فقط ظاهري علم هجي اهو سود مند نه آهي.

علم ظاهر مبدا کبر و حسد

علم باطن معدنِ نورِ احد

جنهن علم ۾ حسد ۽ ڪبر پيدا ٿئي اهو علم شيطاني علم آهي رحماني علم نه آهي.

ڪو وڏو عالم نظر آيو ته ان تي ساڙ اچي ويو. پاڻ کي سٺو سمجهڻ ۽ ٻئي کي برو ڄاڻڻ شيطاني صفت آهي. هر وقت الله جي آڏو نياز ۽ نوڙت هجي.

جيڪو عالم علم پڙهي پوءِ ان کي پاڻ ۾ فضائل نظر اچن ته اهو خراب نڪتو. پر جيڪڏهن ان کي پاڻ ۾ برائيون نظر اچن ته اهو ڪارائتو ٿيو.

سيدنا عبدالقادر جيلاني رح جو ارشاد آهي ته:

طوبيٰ لمن بصره الله عيوب نفسہٖ.

مبارڪ آهي اهڙي شخص لاءِ جنهن کي الله تعاليٰ  پنهنجا عيب ڏيکاري.

ٺٽي شهر جو هڪ وڏو عالم پنهنجي مرشد وٽ ويو. مرشد مٿس توجه ڪيو پر اثر نه ٿيو. مرشد کيس چيو ته تنهنجي قلب تي ست وڏا پردا چڙهيل آهن. اهو ان طرف اشارو هيو ته مخدوم صاحب وٽ ايترو علم هيو جو هڪ هڪ مسئلي ۾ ستن عالمن جا رايا ۽ هڪ هڪ آيت متعلق ستن مفسرن جا تفسير معلوم هيس. هن مسئلي ۾ فلاڻي تفسير هيءُ لکيو آهي ۽ فلاڻي جي هيءَ راءِ آهي. انهن ستن تفسيرن جي علم قلب تي ست پردا چاڙهي ڇڏيا آهن.

علم پڙهڻ ته سٺو پر تفوق (پاڻ کي برتر سمجهڻ) برو ڪم آهي. هڪ شخص قرآن پڙهيل آهي ۽ ٻئي قرآن نه پڙهيو آهي. قرآن پڙهيل برابر هن کان ڀلو آهي. پر قرآن نه پڙهيو آهي. قران پڙهيل برابر هن کان ڀلو آهي. پر قرآن پڙهيل جيڪڏهن پاڻ کي برتر سمجهي ۽ اڻ پڙهيل کي حقير ڄاڻي ته اها ڳالهه خدا کي ناپسند آهي. ڪير ڄاڻي ته هيءُ پڙهيل الله وٽ ويجهو اهي يا هو اڻ پڙهيل!

جيڪڏهن ڪو شخص اڃان وڌيڪ قرآن جو ترجمو ڄاڻي ٿو ۽ هو پاڻ کي ٻين کان افضل سمجهي ۽ ٻيو وري اڃان وڌيڪ عربي ڄاڻي ٿو ۽ هو انهن ٻنهي کان پاڻ کي وڌيڪ سمجهي، يا وري تفسير جو علم رکي ٿو ته هو سڀني کان پاڻ کي بهتر ڄاڻي. اهو تفوق نفس جو فيصلو آهي. علم ۾ برتري جي ڪري الله وٽ تقرب حاصل نٿو ٿي سگهي. الله تعاليٰ  چاهي ته ڪيڏو به وڏو عالم هجي ته ان کي جهنم ۾ وجهي ڇڏي ۽ هڪ جاهل ڪلمه توحيد پڙهندڙ کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏي. اهو علم الله کي آهي.

علم به هجي ته الله وٽ قبوليت به هجي. باطن وارن جي نظر الله تعاليٰ  جي قبوليت تي هوندي آهي ۽ ظاهري علم وارن جي نظر ظاهر تي هوندي آهي ته ڪيڏو وڏو عالم آهي. ايڏو سارو علم حاصل ڪيو اٿس. پر ڏسو شيطان ڪيڏو وڏو عالم هو ذليل خوار ٿي ويو.

دنيا مان جيڪو هن شخص حياتي پوري ڪري اڳتي هلي ٿو پوءِ انهي ماڻهو جيڪڏهن الله کان آيل شيءَ تي يقين ڪري عمل ڪيو ته اهو ڪامياب نڪتو. جيڪو شخص ان کان ڦري ڪري مري ويو اهو ناڪامياب ٿيو. اها شيءِ ته الله ئي ڄاڻي ٿو.

حديث شريف ۾ آيو آهي ته انسان ماءُ جي پيٽ ۾ آهي ته اتي سعيد ۽ شقي لکيو ويو آهي. دنيا ۾ اچي پوءِ هڪ ماڻهو نيڪ عمل ڪندي ڪندي هڪ گراٺ جيتري فاصلي تي جنت تائين پهچي وڃي ٿو ته اوچتو اهڙو ڪم ڪري ٿو جو هو سڌو جهنم ۾ هليو وڃي ٿو. ٻيو شخص برا ڪم ڪري ٿو، برا ڪم ڪندي ڪندي جهنم تائين هڪ گراٺ جي فاصلي تي پهچي وڃي ٿو وري اهڙو ڪم ڪري ٿو جنهن جي ڪري هو جنت ۾ پهچي وڃي ٿو.

تقدير جا ٻه قسم آهن (1) مبرم (2) معلق.

معلق دعا سان بدلجي سگهي ٿي ۽ مبرم نٿي بدلجي سگهي.

علم باطن معدنِ نور احد

باطن وارا الله جي نور جا معدن آهن. اهي سڀ شيءِ کان پاڻ کي برو سمجهندا آهن، هو متواضع هوندا آهن.

حضرت حسن بصري رضي الله عنه فرمايو آهي ته مان هر وقت خيال ڪندو هوس ته سڀ شيءَ کان مان برو آهيان. هڪ دفعي درياهه جي ڪناري وڃڻ ٿيو ته اتي هڪ بدصورت انسان ڪاري رنگ جو هڪ حسين صورت گوري رنگ واري عورت سان ويٺو آهي. انهن کي ڏسڻ سان مون کي خيال آيو ته هي جنهن حالت ۾ هن عورت سان ويٺو آهي شايد زنا جي خيال سان آهي. ان کان منهنجي حالت سٺي آهي. ايتري ۾ درياهه ۾ هڪ ٻيڙي نظر آئي جنهن ۾ ست ڄڻا هئا. ٻيڙي اٽلي پئي ته هو درياهه  ۾ ٻڏڻ لڳا. انهي حبشي اڳتي وڌي ڇهن ماڻهن کي ٻڏڻ کان بچايو. منهنجي حالت مان سمجهي پوءِ مون کي چوڻ لڳو ته تون جيڪڏهن مون کان سٺو آهين ته ان هڪڙي کي بچاءِ. اتي حضرت حسن بصري رضه فرمايو ته هيءَ ته ڪو وڏو الله وارو انسان آهي، مان هن کي برو ٿي خيال ڪيم. ان حبشي چيو ته هيءَ منهنجي ماءُ آهي تون مون کي غلط ٿي سمجهيو ته مان زنا جي خيال سان ويٺو آهيان. حضرت حسن بصري رضه فرمائن ٿا ته ان کان پوءِ مان ڪنهن به انسان کي برو نه سمجهڻ لڳس.

الله وارا ٻين کي نيڪ، پاڻ کي برو سمجهندا آهن. اهو علم باطني جو نتيجو آهي. انهن جي نظر مقبوليت تي هوندي آهي. انهن جي نظر ان تي هوندي آهي ته الله راضي ٿيو يا نه ظاهري علم وارا سمجهندا آهن ته هيءُ ڇا ٿو ڄاڻي. ڪنهن کان غلط مسئلو بيان ٿيو ته هي خوش پيا ٿيندا ته واهه مان ان کان وڌيڪ ڄاڻو آهيان، هيءُ ته ڪچو آهي. وري ڪنهن کان صحيح مسئلو بيان ٿيو ته ناراض ٿي ويندا ته هن جي عزت ٿي وئي. اهو آهي نفس خبيث. هڪ بزرگ هڪ رستي تان وڃي رهيو هو، ان رستي جي ٻنهي پاسن کان هيڏي هوڏي پاڻي هيو، ان رستي تان ڪتو اچي رهيو هو. ٻي پاسي کان بزرگ وڃي رهيو هو. بزرگ خيال ڪيو ته اسان ٻنهي مان سٺو ڪير آهي. ڪتو سٺو آهي پوءِ سوچي چيائين ته ڇو ته ان لاءِ جهنم نه آهي ۽ مون لاءِ جهنم آهي. مان گناهه ڪندس ته جهنم ۾ ويندس ۽ ڪتو جهنم ۾ نه ويندو. ان ڪري مان هٽي وڃان ته ڀلي هو نڪري وڃي. اها خصلت الله کي پسند اچي وئي ۽ ان کي الله تعاليٰ  مقرب ٻانهن مان بڻائي ڇڏيو.

هڪ بزرگ پنهنجي پٽ کي تربيت لاءِ پنهنجي خليفي جي حوالي ڪيو. اهو خليفو اڳ ته صاحبزادن جي عزت ڪندو هو ۽ انهن سان رعايت ڪندو هو پر هاڻي هو تربيت جو لحاظ ڪندي ڪا به علحده نظر نه ڪندو هو. جهڙي طرح ٻين ماڻهن سان هلندو هو، مرشد جي پٽ سان به اهڙي طرح هلندو هو. گهر ۾ جيڪا عورت صفائي ڪندي هئي، بزرگ ان کي چيو ته اهو گند جو ٽوڪرو انهي صاحبزادي تي اڇلائي ڇڏ. هُن ايئن  ڪيو. صاحبزادي کي ڪاوڙ اچي وئي چيائين ته جيڪڏهن گهر هجين ها ته خبر پئجي وڃي ها. وري ڪجهه وقت کان پوءِ ٻيهر مٿس گند جو ٽوڪرو اڇلايو ويو، ته اکين سان غصي جو اظهار ڪيائين. ٽين دفعي وري گند اڇلايو ويو ته چيائين. ”امان توکي تڪليف ته ڪا نه پهتي“ ڇو ته هوءَ گند اڇلائڻ وقت ڪري پوندي هئي. جڏهن هو همدردي ڪرڻ لڳو ته ان وقت خليفي چيو ته الحمدلله هاڻي صاحبزادو ڪجهه قابل ٿيو آهي جو هاڻي هو ٻين جي به هدايت ڪري سگهندو.

اها راه اهڙي آهي.

ملفوظ 11

ڪنهن شخص چيو ته سائين پيءُ ماءُ گهٽ وڌ ڳالهائيندا آهن پوءِ ڇا ڪجي.

فرمايائون:

مولوي محمد هاشم صاحب خشڪ، ان جو مامون حافظ محمود هت رهندو هو. اهو خبر ڪندو هو ته ان جو پيءُ ڏاڍو ڪاوڙيل هو. جو پٽن کي جيڪي ڏاڙهين سان هئا انهن کي ماريندو هو پر هو ڪجهه به نه ڪڇندا هئا. ان جي ڀيڻ ان کان به وڌيڪ ڪاوڙيل هئي. مولوي صاحب پاڻ عالم، حافظ ۽ تهجد گذار هوندو هو پر سندس ماءُ اهڙي ڪاوڙيل جو چويس ته اڙي هاشو ڪتا!  هي وري مرڪندو رهي. ماءُ جي سامهون اچي ته ماڻس ان ڏانهن ٿڪ اڇلائي هڻي ته هي سندس هٿ وٺي چميس.

جيڪو الله جو حڪم مڃيندڙ هوندو آهي اهو ايئن ڪري ڏيکاريندو آهي. جيڪو شخص والدين جو فرمانبردار هوندو اهو ڪڏهن به ڏکيو ڏينهن نه ڏسندو.

مولوي عبيدالله رحمہ الله عليه (سنڌي) امروٽ شريف ۾ رهندو هو. اصل نالو بوٽو هيس. ماءُ ڪراڙي پنهنجي سک ڌرم تي رهي، آفيم کائيندي هئي. هڪ ڏينهن آفيم نه مليس ته ڪاوڙجي دانهون ڪندي آئي: ”اڙي بوٽا، ڪاٿي آهين.“ مولوي صاحب پيرين اگهاڙو ڀڄندو ويو ۽ آفيم آڻي ڏنائينس. پير جهنڊي ۾ مولوي صاحب رهندو هو اتي سندس والده سکن کي وٽس وٺي ايندي هئي ته هن کي پوٿيون پڙهي ٻڌايوس. هيءَ گمراهه ٿي ويو آهي من هدايت اچيس. ماءُ توڙي ڪافرياڻي هجي ۽ پٽيندي رهي ته به ان سان نيڪي ڪجي.

وَاخفض لهما جناح الذّلِ.

پيءُ ماءُ ننڍپڻ کان خدمت ڪن ٿا. اولاد کي پالين ٿا. هر وقت ان جي نوڪري ۾ لڳا پيا هوندا آهن. ننڍي هوندي ڪڇڙ تي کڻي گهمائيندا آهن.، پوءِ وڏي هوندي انهن جي خدمت ڪرڻ، اولاد کي ڏکي لڳندي آهي ۽ اولاد چوندي آهي ته هاڻي انهن جي آڏو مان ڪيئن ذليل ٿيان. اهو نُڪتو آهي جو اولاد پيءَ ماءُ جو نافرمان ٿئي ٿو ۽ انهن جي مخالفت ڪري ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com