باب پنجون
خوابن جو مواد ۽
ماخذ
THE MATERIAL AND SOURCES OF DREAMS
اسان جڏهن ”ارما“ جي سئيءَ واري خواب جي تشريح ڪئي
ته خبر پئي ته خواب، خواهش جو پورائو ڪري سگهي ٿو،
اسان جي پهرين دلچسپي، ان سوال جي سموري اندروني
ڪيفيت کي تلاش ڪرڻ ذريعي اهو معلوم ڪرڻ آهي ته
اسان خواب متعلق عالمگير طور تي قبول پوندڙ خاصيت
تائين رسيا آهيون يا نه! ۽ جيڪڏهن ٿوري وقت لاءِ
اسان ڪنهن ٻين تجرباتي مسئلن بابت عقل سمجهه کي
روڪي به وٺون تڏهن به اهي تجزياتي مرحلن دوران
اسان جي اڳيان اچي سگهن ٿا. ڪنهن هڪڙي رستي کي
رهنما بڻائي، منزل تي رسڻ لاءِ اسان کي هڪ ڀيرو
ٻيهر، پنهنجي کنيل قدمن کي تلاش ڪرڻو پوندو ۽ خواب
جيون جي مسئلن جي ذريعي پنهنجي اردگرد گشت ڪندي،
هڪ ٻئي شروعاتي نڪتي کي چونڊڻو پوندو. ٿوري وقت
لاءِ اسان خواهشن جي پورائي واري موضوع کي هڪ پاسي
تي ٿا رکون، ڇاڪاڻ ته اسان ان جي نيڪال بابت اڃان
به ڪافي دور آهيون.
جيئن ته خوابن جي تشريح بابت اسان جي لاڳو طريقي،
اسان کي، خواب جي سٽاءَ ۾ لڪل مواد کي ظاهر ڪرڻ جي
قابل بڻائي ورتو آهي، جن جي اهميت، پيشڪش کان وڌيڪ
انهن جي مطلب ۽ معنيٰ کي آهي. خوابن جي تمام گهڻن
پيدا ڪيل مسئلن بابت ٻيهر جاچ لهڻ جي اهم ۽ فوري
ذميداري، اهو ڏسڻ لاءِ هڪ هڪ ڪري هڪدم اڀري اچي ٿي
ته ڇا اسان اڃان به ان صورتحال تائين نه رسيا
آهيون جو خوابن جي منجهائيندڙ مام ۽ انهن جي تضادن
بابت، مطمئن ڪندڙ نتيجا حاصل ڪري سگهون! جيڪي
ايترا ته سرڪش ۽ بي لغام نظر اچن ٿا جو اڄ به اسان
رڳو ان جي پيشڪش ۽ سٽاءَ ۾ ڦاٿل آهيون.
پهرين باب جي حصي پهرين ۾ مون جاڳ جيون سان خوابن
جي تعلق بابت مڃيل ۽ ماهر ليکڪن جا رايا، تمام
گهڻي تفصيل سان پيش ڪيا آهن، ۽ خوابن جي بنيادي
مواد متعلق حصي ٽئين ۾ بحث ڪيو آهي. ان ۾ شڪ نه
آهي ته منهنجي پڙهندڙن کي حصي ٻئي ۾ آندل، خوابن ۾
ياداشت جون ٽي خاصيتون به ياد هونديون، جيڪي اهميت
سان ته پيش ڪيل آهن پر انهن جون وضاحتون ڪيل نه
آهن:
1.
خواب، ان ويجهي، گذاريل ڏينهن جي تاثرن بابت نهايت
چٽي اهميت ظاهر ڪندو آهي (باب پهريون، حصو ٻيو)،
”روبرٽ“
(Robert,
1886.46)”اسٽرومپيل“
(Strumpell- 1877,39)
، ”هلڊيبرانٽ“
(Hildebrandt, 1875.II)
”مس هالم“ ۽ ويڊ
(Hallam and Weed, 1896,410)
2.
انهن اسان جي جاڳ دوران ياداشت بابت پنهنجي چونڊ،
مختلف اصولن مطابق ڪئي آهي، پر انهن اها ڳالهه
ڌيان ۾ نه رکي آهي ته ڪهڙيون يادون ضروري آهن ۽
ڪهڙيون اهم آهن، پر ان جي بجاءِ انهن اهو ٻڌايو
آهي ته ڪهڙيون يادون رعايت ڀريون، ماتحت تعلق
واريون يا ناقابل توجهه آهن، (باب پهريون، حصو
ٻيو.)
3.
انهن وٽ اسان جي ٻاراڻي عمر جي ابتدائي تاثرن جي
نيڪال جو تصور آهي ۽ انهن گهڻو ڪري عمر جي ان ئي
دور جي تفصيل پيش ڪئي آهي، جيڪي هڪ ڀيرو ٻيهر اسان
تي روز مرهه جي خسيس ۽ غير اهم ڳالهين کي اثرائتو
سمجهڻ جو زور ڀرين ٿيون، ۽ جيڪي اسان جي جاڳ وارين
حالتن ۾ تمام گهڻو اڳ ميسار جي چڪيون هونديون آهن
(باب پهريون، حصو ٻيو).
خواب جي سٽاءُ ۽ پيشڪش بابت، خوابن جي ذريعي نظر
ايندڙ، اهي سموريون نج ۽ نياريون ڳالهيون، پنهنجي
مواد جي چونڊ ۾ ظاهر آهي ته رڳو ابتدائي دور جي
ليکڪن جي مطالعي جو نچوڙ آهي.
(1)
خوابن ۾ تازو ۽ غير متعلق مواد
RECENT AND INDIFFERENT MATERIAL IN DREAMS
جيڪڏهن مان حقيقي بنيادي عنصرن جي موضوع تي، خوابن
جي سٽاءَ يا مواد کي ڳنڍي، پنهنجي ڪيل تجربي جي
پرک ڪريان، ته مون کي يقينن ان دعويٰ سان شروع
ڪرڻو پوندو ته هرهڪ خواب مان گذريل ڏينهن جي تجربي
سان لاڳاپيل ان نڪتي کي، ڳولهڻ ممڪن آهي. جڏهن مان
ان تي غور ڪريان ٿو ته ان راءِ جي تصديق هرهڪ خواب
مان ٿئي ٿي، ڀل ته اهو منهنجو خواب هجي يا ڪنهن
ٻئي جو. ان حقيقت کي ذهن ۾ رکندي، خواب جي تجزيي
ڪرڻ واري صورت ۾ مان گذريل ڏينهن جي واقعي کي ڏسڻ
جي قابل ٿي ويندو آهيان، جنهن جو تحرڪ پنهنجي هڪ
مقرر جاءِ قائم ڪري وٺندو آهي؛ ڪيترن ئي مثالن
بابت، سچ ته اهو هڪ آسان طريقو آهي. ٻن خوابن
(هڪڙو ”ارما“ جي سئي وارو خواب ۽ پنهنجي پيلي
ڏاڙهيءَ واري چاچي جو) جي تشريح مون گذريل باب ۾
تفصيل سان ڪئي آهي، گذريل ڏينهن جي وابستگي، ايتري
قدر پڌري هوندي آهي جو ان تي وڌيڪ ڪنهن راءِ ڏيڻ
جي ضرورت ئي نه هوندي آهي. پر سٽاءُ جي هڪجهڙائيءَ
يا اصولي اظهار جي حوالي سان اهڙي تعلق کي ڳولهي
سگهجي ٿو، مان خود پنهنجي خوابن جي خزاني مان چند
مثال ڏئي سگهان ٿو. مان ڪيترائي خواب، رڳو ان
حوالي سان پيش ڪريان ٿو ته جيئن انهن ڪارڻن،
بنيادن يا ماخذن بابت نشاندهي ٿي سگهي جن متعلق
اسان بحث شروع ڪيو آهي:
1.
مان ان گهر ۾ ويو هوس، جنهن ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت
ڏاڍي مشڪل سان پئي ملي.... ساڳئي وقت مون هڪ عورت
کي انتظار ۾ ترسائي ڇڏيو.
ماخذ: مون هڪ ڏينهن اڳ شام جو، هڪ ويجهي
مائٽياڻيءَ سان گفتگو ڪئي هئي، جنهن ۾ مون کيس چيو
هو ته هوءَ خريداري ڪرڻ خاطر ٿورو ترسي...... هن
تيستائين ترسڻ چاهيو پئي.....وغيره.
2.
مان ڪنهن خاص (اڻ واضع) ٻوٽي جي قسم تي طويل مقالو
لکي رهيو هوس.
ماخذ:
ان ڏينهن صبح جو مون هڪ دڪان جي الماريءَ ۾ ”گل
مريم جي نوع واري ٻوٽي
(Genus Cyclamen)
تي لکيل طويل مقالي جو ڪتاب ڏٺو هو (ڏسو باب پنجين
۾ ئي اڳيان).
3.
مون گهٽيءَ ۾ ٻه عورتون ڏٺيون، هڪ ماءُ هڪ ڌيءَ،
ان جي ڌيءَ منهنجي علاج هيٺ رهي هئي.
ماخذ: گذريل ڏينهن شام جو منهنجي هڪ مريضا پنهنجي
ماءُ جي تڪليفن جي سلسلي ۾ گفتگو ڪري رهي هئي ته
اڃان تائين سندس علاج هلي رهيو آهي.
4.
مان ”ايس ۽ ”آر“ جي دڪان تان ويهن فلورنس (برطانوي
سڪن) ۾ هڪ هفتيوار رسالي جو ساليانو خريدار ٿيس.
ماخذ: هڪ ڏينهن اڳ منهنجي زال مون کي ياد ڏياريو
هو ته تون گهر جي خرچ لاءِ اڃان تائين هفتيوار
ويهه فلورنس ٿو ڏئين.
5.
مون کي سوشل ڊيموڪريٽڪ ڪاميٽيءَ پاران هڪ مراسلو
مليو، جنهن ۾ مون کي سندن ڪاميٽيءَ جو ميمبر
ڄاڻايل هو.
ماخذ: مون کي لبرل اليڪشن ڪاميٽيءَ ۽ ساڳئي وقت
انساني ڀلائيءَ جي ڪائونسل پاران سدائين اهڙا
مراسلا پيا ايندا هئا، ان پوئين ڪائونسل جو مان
ميمبر به هوس.
6.
هڪ شخص سمنڊ جي وچ ۾، ڪنهن پڪي شرابيءَ
(Bocklin)
جي انداز سان، سامونڊي ٽڪريءَ تي چڙهيو بيٺو هو.
ماخذ: چند ڏينهن اڳ انگليڊ مان اسان جي هڪ عزيز
وٽان خبر آئي هئي ته ”ڊيفيو“ شيطانيءَ تي
(Ile du daible)
چڙهيو آهي، يعني بدمعاشي ڪري رهيو آهي.... وغيره.
اهو سوال ضرور پيدا ٿي سگهي ٿو ته يا ته خواب سان
واسطو رکندڙ نڪتو، تمام ويجهي هلندڙ ڏينهن جي
واقعن کي بنا تبديليءَ جي يا ثابت طور تي پيش ڪري
ٿو يا وري ٿورو ويجهي ماضيءَ جي ڪجهه ڪشادي دور جي
تاثرن ڏانهن موٽ کائي سگهي ٿو. ان ڳالهه جي
ڪاميابيءَ جو ٿورو به امڪان نه آهي ته اهو سوال
ڪنهن نصابي اهميت واري معاملي کي منسلڪ ڪري وٺي؛
ان جي باوجود منهنجو لاڙو، خاص طور تي ڏينهن دوران
حاصل ڪيل انهن ڳالهين جي حق ۾ فيصلي ڪرڻ بابت آهي،
جيڪي خوابن ۾ هڪدم پيش ٿيڻ لڳن ٿيون، جن کي مان
”خواب ڏينهن“
(Dream-day)
سڏيندو آهيان. جڏهن به اهو پهريون ڀيرو نظر ايندو
آهي ته خواب جو ماخذ، ويجهڙائيءَ وارو ٻن يا ٽن
ڏينهن جو تاثر يا اهڃاڻ لڳندو آهي. تمام
ويجهڙائيءَ کان حاصل ڪيل معلومات مون کي مڃايو آهي
ته احساس، نشان يا تاثر، گذريل ڏينهن کي ئي ياد
ڪندو آهي ۽ اهڙيءَ ريت پوئين ڏينهن واري تاثر جو
ٻيهر پيش ٿيڻ ممڪن ٿي پوندو آهي، ائين به ٿي سگهي
ٿو ته وچ ۾ ان حقيقي واقعي واري ڏينهن ۽ وقت کي به
شامل ڪري وٺي. ان کان علاوه اهو به ممڪن ٿي سگهي
ٿو ته اهو گذريل ڏينهن جي ڪنهن اتفاقي واقعي ڏانهن
اشارو ڪندو هجي، جيڪو ان پراڻي نقش يا تاثر کي ياد
ڏيارڻ جي اڳواڻي ڪندو هجي.
ٻئي پاسي: ”مان ڪڏهن به خاطري محسوس نه ڪري سگهيو
آهيان ته ترغيبي تحرڪ پيدا ڪندڙ ڏينهن واري تاثر ۽
خواب ۾ ان جي ظاهر ٿيڻ جي وچ ۾ حياتياتي معياد
مطابق (ماهواريءَ جيان مقرر) وقفو، پنهنجي مقرر
مدت ذريعي، سدائين قائم رهندو آهي! (سووبودا
Swoboda. 1904
ته ان سلسلي ۾ ارڙهن ڪلاڪن جو مدو ٻڌايو آهي.)
جيئن ته مان پهرين باب جي ضميمي 1909ع ۾، اها
ڳالهه ڪري آيو آهيان ته ”هرمن سووبودا“ پاران،
ويلهيلم فيلس (1906ع) جي ڏسيل ”ذهني وسعت“ جي 23 ۽
28 ڏينهن واري حياتياتي معياد جي وقفي
(Biological Periodic intervals)
بابت لاڳو ٿيندڙ نظريو سمجهه کان گهڻو ٻاهر آهي.
هن خاص طور تي دعويٰ ڪئي آهي ته اهي ان عرصي جي،
انهن عنصرن جون هنگامي طور تي حدون مقرر ڪن ٿا ۽
انهن کي رخ ڏين ٿا، جيڪي خوابن ۾ ظاهر ٿين ٿا. ان
صورت ۾ جيڪڏهن ان حقيقت کي قائم ڪيو وڃي ته خواب
جي تشريح ۾ ڪنهن به ترميم جي ضرورت نه آهي، اهو
رڳو خوابي مواد جي حقيقت جو تازو بنياد يا ڪارڻ
مهيا ڪري ٿو. مون بهرحال، ويجهڙائيءَ ۾ پنهنجي ئي
ڏٺل خوابن تي ڪجهه کوجنائون ڪيون آهن، ته اهو
”معيادي (عرصي وارو) نظريو، انهن تي ڪيتري قدر
لاڳو ٿئي ٿو. ان مقصد لاءِ مون چند خاص ۽ غير
معمولي خوابي عنصر چونڊيا آهن، جن جو ”وقت“ حقيقي
(جاڳ واري) جيون ۾ به يقيني طور تي طئي ڪري سگهجي.
خواب (1)
(آڪٽوبر پهرين ۽ ٻي تاريخ 1910ع)
(اڻ پورو حصو): اٽليءَ ۾ ڪنهن جاءِ تي، منهنجون ٽي
ڌيئرون، مون سان معمولي تجسس جو اظهار ڪري رهيون
هيون، جڏهن اسان هڪ قديم قيمتي سامان جي دڪان ۾
بيٺا هئاسين، اهي منهنجي هنج ۾ ويٺيون هيون. مان
ان سامان مان هڪڙي تي راءِ ڏيندي چيو: ”تون مون
کان اهو ڇو نه ٿي گهرين؟“ ۽ مون پنهنجي بلڪل
سامهون ”ساوونارولا“
(Savonarola)
جو پاسيرو ۽ بلڪل چٽو چهرو ڏٺو.
مان آخري ڀيرو ”ساوونارولا“ جي تصوير ڪڏهن ڏٺي
هئي؟ منهنجي سفري ڊائري ان سوال جو جواب مهيا ڪري
ڏنو ته مان چوٿين ۽ پنجين تاريخ سيپٽمبر تي فلورنس
۾ هوس. منهنجو خيال آهي ته مان جڏهن اتي هوس ته
اسان جڏهن ڪنهن معزز عورت جي اطالوي کاڌي (مانيءَ
جهڙي تهه مٿان مختلف مصالحن، ٽماٽن، پنير، ۽ ٻين
ميون جي ميلاپ وارو چٽپٽو کاڌو
(Pizza
کائڻ واري هوٽيل ۾ داخل ٿيا هئاسين ته مون اتي
مذهبي خوشنوديءَ لاءِ دنيا تياڳيندڙ ڪٽر ڀڪشوءَ
جهڙو خاڪو پنهنجي سفري ساٿيءَ کي ڏيکاريو هو، اهو
فرش ان جاءِ جي نشاندهي ڪري رهيو هو، جتي هو سڙي
ويو هو، مون ان جاءِ لاءِ کيس ٻڌايو هو، مان
سمجهان ٿو ته اهو ٽيويهين تاريخ جو صبح هو. ان ڏٺل
نقش ۽ ان جو ٻيهر خواب ۾ اچڻ جي وچ ۾، فليس جي
ٻڌايل ”زناني ماهواريءَ“
(Female Period)
جي حساب سان وچ ۾ اٽڪل ستاويهن ۽ هڪ ڏينهن جو عرصو
گذريو هو. بدقسمتيءَ سان ان مثال جي بنهه قطعي هجڻ
لاءِ، بهرحال مان اها ڳالهه ضرور شامل ڪندس ته
خواب واري اصل ڏينهن تي، پنهنجي واپس موٽڻ کان اڳ
۾ پهريون ڀيرو مان پنهنجي لائق مگر غمگين صورت
واري طبي ساٿيءَ کي ڏسڻ ويو هوس، جنهن کي مان
ڪيترا سال اڳ سندس ننڍي هوندي واري نالي ”رابي
ساوونارولا“ سان سڏيندو هوس. هن مون کي هڪ مريض
ڏيکاريو هو جيڪو ”پونٽيبا ريل گاڏيءَ“ واري حادثي
۾ زخمي ٿيڻ سبب تڪليف ڀوڳي ريو هو، ان ريل گاڏيءَ
۾ هڪ هفتو اڳ مان پاڻ به سفر ڪيو هو، ۽ منهنجا
خيال ويجهڙائيءَ ۾ اٽليءَ واري سفر ڏانهن مڙي ويا.
خواب جي مواد ۾ نظر ايندڙ غير معمولي عنصر
”ساوونارولا“ هو، اهڙيءَ ريت خواب واري ڏينهن
منهنجي ساٿيءَ جي اچڻ وارو معاملو اڳتي وڌي آيو، ۽
اٺاويهن ڏينهن جو وقفو پنهنجي مطلب کان محروم
رهيو.
خواب (2)
آڪٽوبر ڏهين ۽ يارهين 1910ع
مان يونيورسٽيءَ جي تجربيگاه ۾ عنصرن جي ترڪيب جي
تحقيق تي ٻيهر ڪم ڪري رهيو هوس. ”هو فراٽ ايل“ مون
کي ڪنهن جاءِ تي اچڻ جي دعوت ڏني ۽ پاڻ منهنجي
اڳيان، ڪاريڊور ۾ ٽهلڻ لڳو. سندس کڄيل هٿ ۾
روشنيءَ واري بتي ۽ ڪو ٻيو سامان به سندس اڳيان
نظر ٿي آيو ۽ هن جو مٿو به هڪ پاسي لڙڪي پيو هو،
ڄڻ ڪنهن شيءَ کي چٽيءَ ريت ڏسڻ جي ڪوشش ڪندو هجي،
(يا ڪنهن پري واري شيءَ کي ڏسندو هجي) پوءِ اسان
هڪ کليل علائقو پار ڪيوسين، اڳتي وسري ويو آهي.)
هن خواب جي مواد ۾ تمام غير معمولي نڪتو اهو
”رستو“ هو جنهن تي ”هوفراٽ ايل“ جي اڳيان بتي پئي
نظر آئي، (يا شيءَ کي وڏو ڏيکاريندڙ قوت وارو شيشو
هو)، هو ڄڻ دور ڪنهن شيءَ کي گهوري نهاري رهيو هو.
اها ڳالهه ڪيترا سال اڳ جي هئي جڏهن مان آخري ڀيرو
ساڻس مليو هوس، پر مان هڪدم سمجهي ويس ته اها ڪنهن
ٻيءَ هنڌ ۽ هن کان ڪجهه وڏي شخصيت جي رڳو ”متبادل“
صورت هئي. ”سيراڪيوس“
(Syracuse)
۾ آريٿوسا“
(Arethusa)
جي جبل جي ڀرسان، بلڪل اهڙي انداز سان ”ارشيمدس“(Archimedes)
جو مجسمو لڳل هو، سندس هٿ ۾ آتشي شيشو جهليل هو ۽
اکين جي گهور سان رومي فوج جي محاصري کي ڏسي رهيو
هو. اهو مجسمو مون پهريون يا آخري ڀيرو ڪڏهن ۽
ڪهڙي وقت ڏٺو هو؟ منهنجي ڊائريءَ مطابق اها
سيپٽمبر جي سترهين تاريخ هئي، ۽ خواب جي نظر اچڻ ۽
ان جي وچ ۾ تيرهن ۽ ڏهه يعني ٽيويهه ڏينهن ٿيا
هئا، ۽ اهو ”فليس“ جو ڏسيل ”زناني ماهواريءَ وارو
عرصو“ هو.
بدقسمتيءَ سان اسان جڏهن هن خواب جي وڏي تفصيل سان
تشريح پئي ڪيئيسين ته ان سان مطابقت رکندڙ ڳالهين
۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ان جي قطعي هجڻ جا امڪان ڪجهه گهٽ
نظر ٿي آيا. خواب جو هڪدم جوش ڏياريندڙ ڪارڻ، هڪ
اها ”خبر“ هئي، جيڪا مون کي خواب واري ڏينهن تي
موصول ٿي هئي، ته اهو دواخانو هو، جنهن جي هڪ ڪمري
۾ مان تقريرون ڪندو هوس، جيڪو ٿورو وقت اڳ ڪنهن
ٻئي هنڌ منتقل ٿي ويو هو. مان اهو مثال ان ڪري
کنيو ته اها نئين صورتحال ٿوري مختلف هئي، ۽ مون
پاڻ کي ان معاملي ۾ ائين ان ڪري چيو جو تقرير ڪرڻ
وارو اهو ڪمرو هاڻي منهنجي حوالي نه هو. ان حوالي
سان منهنجا خيال، يونيورسٽيءَ جي استاد واري
منهنجي ابتدائي پيشي ڏانهن ئي موٽيا هوندا، ڇاڪاڻ
ته هاڻي مون وٽ تقرير ڪرڻ وارو ڪمرو به نه هو ۽
جڏهن ته ان جاءِ تي منهنجي ڪوششن سبب ”هوفراٽ“ ۽
ٻين استادن طرفان ٿوري گهڻي مناسب موٽ ملندي هئي.
انهن حالتن ۾ مان ”پروفيسر ايل“
(Professor Ernst Ludwing)
ڏانهن ويو هوس، جيڪو ان وقت شعبي جو سربراهه هو ۽
مون کي اميد هئي ته هو منهنجي شڪايت دوستاڻي انداز
۾ ٻڌي، منهنجو مسئلو حل ڪندو. هن مدد ڪرڻ جو وعدو
به ڪيو هو پر هو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به نه ڪندو
هو. خواب ۾ هو، اهو ”ارشيمدس“ هو، جيڪو مون کي
اوسيئڙي ۾ بيهاري، مون هڪ نئين علائقي ۾ ڏسڻ جا
دلاسا ڏيندو هو. جيڪو به خوابن جي تشريح جو ڪم
ڪندو هوندو اهو سمجهي سگهي ٿو ته ”خوابن جا ويچار،
ذاتي اهميت يا جزا ۽ سزا وارن خيالن کان بلڪل به
آزاد نه هوندا آهن. اهي هر حال ۾ صاف نظر ايندا
آهن، ڇاڪاڻ ته هڪدم جوش ڏياريندڙ ڪنهن ڪارڻ
کانسواءِ، ان رات منهنجي خواب ۾ ”ارشميدس“ پنهنجو
رستو ڏاڍو مشڪل سان ڳولهي سگهي ها. مان ته خير ان
ڳالهه کي به قبول نه ٿو ڪريان ته ”سيراڪيوس“ جي
مجسمي جي ذريعي، بلڪل ويجهڙائيءَ ۾ پيش آيل واقعي،
مون تي ڪو وڏو طاقتور تاثر ڇڏيو هو ۽ نه ئي، وقت
جي مختلف وقفي کانپوءِ، اثرانداز ٿي پئي سگهيو.
خواب (3)
ٻين ۽ ٽين آڪٽوبر 1910ع
(اڻپورو حصو): اهو ڪجهه ”پروفيسر اوسر“
(Professor Oser)
متعلق هو، جنهن پنهنجي سر منهنجي لاءِ کاڌي جي
فهرست ترتيب ڏني هئي، جن مان يقينن تمام ڪارائتا
نتيجا نڪرن ها. (ڪجهه ٻيو به هو جيڪو مون کان وسري
ويو آهي.)
هي خواب، ان ڏينهن واري، هاضمي جي خرابيءَ جو
ردعمل هو، جنهن مون کي ان ڳالهه ويچار ۾ وجهي ڇڏيو
هو ته ڇا مون کي پنهنجي ساٿيءَ ڏانهن وڃڻ گهرجي!
جنهن منهنجي لاءِ پرهيزي کاڌي جو بندوبست ڪيو هو.
”اوسر“ کي چونڊڻ مان به منهنجو مقصد اهو ئي هو.
جنهن جو اونهاري دوارن انتقال ٿي ويو هو. يا سوچيم
پئي ته يونيورسٽيءَ جي ان ٻئي فوت ٿيل ساٿيءَ جي
گهر وڃان، جنهن کي مان تمام گهڻو ساراهيندو هوس،
جيڪو تازو پهرين آڪٽوبر تي مون کي نظر به آيو هو.
”اوسر“ ڪڏهن فوت ٿيو هو؟ ۽ مون هن جي انتقال جي
خبر ڪڏهن ٻڌي هئي؟ شايع خبرن مطابق هو ٻاويهين
آگسٽ تي فوت ٿيو هو، انهن ڏينهن ۾ مان هالينڊ ۾
هوس، ۽ مون ڏانهن ويانا جي اخبار باقائدگيءَ سان
ايندي هئي، ان ڪري هن جي فوت ٿيڻ جي خبر يقينن مان
چوويهين يا پنجويهين آگسٽ تي پڙهي هوندي. پر هتي
ته اهو وقفو نه ته وڌيڪ ڊگهو هو نه ئي معياد سان
ٿي ٺهڪيو، ڇاڪاڻ ته اهو ڳڻپ ۾ ست+ ٽيهه+ ٻه
=
اڻيتاليهه ڏينهن ٿي ٿيا يا ممڪن آهي چاليهه ڏينهن
ٿيندا هجن. ۽ مون کي ياد نه آهي ته ان دوران مون
ڪڏهن ”اوسر“ سان ڳالهايو هو يا اُن متعلق سوچيو
هو.
وقفا!
جيئن اهو هڪڙو وقفو هو، انهن کي وڌيڪ سليقي يا ڪم
ڪرڻ جي طريقي کانسواءِ ڪنهن به هڪڙي مقرر معياري
نظريي ۾ پابند ڪري نه ٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته منهنجي
خوابن ۾ ايتريون پري پري جون ڳالهيون به بار بار
ظاهر ٿيون آهن جو انهن کي انهن وقفن واري نظريي ۾
سمائي نه ٿو سگهجي. مان رڳو اهو تعلق تلاش ڪري
سگهيو آهيان جيڪو ان تعلق سان پابنديءَ يا
يڪسانيءَ سان ظاهر ٿيندو آهي، جنهن جي باري ۾ مان
پنهنجي تحرير ۾ زور ڀريندو رهيو آهيان، جيڪو خوابن
کي ان ”خواب ڏينهن“(Dream-
day)
جي انهن تاثرن، نقشن ۽ نشانن سان ڳنڍي ٿو.
هيولاڪ ايلس“
(Havelock Elis, 1911.224)
به ان نڪتي تي ٿورو ڌيان ڏنو آهي، اعلان ڪري ٿو ته
هو اهڙي ”معيادي وقفي“ کي پنهنجي خوابن ۾ ڳولهڻ ۾
ناڪام ٿيو آهي، ان جي باوجود سندس تلاش جاري آهي.
هن هڪڙو خواب درج ڪيو آهي، ”جڏهن هو اسپين ۾ هو، ۽
هن ”دارايوس، ”وارايوس“ يا ”زارايوس“ وڃڻ پئي
چاهيو.“ جاڳڻ کانپوءِ هن کي اهڙي ڪنهن به علائقي
جو نالو ياد نه پئي آيو، ان ڪري هن خواب کي هڪ
پاسي ڦٽو ڪري ڇڏيو. ٿورن مهينن کانپوءِ هن ڳولهي
ورتو ته ”زارايوس“ نالي، ”سين سيبسٽين“(San
Sebastian)
۽ ”بلبائو“
(Bilbao)
جي وچ ۾ واقعي هڪ ريلوي اسٽيشن جو نالو هو، هو
اتان، خواب ڏسڻ کان اٽڪل ٻه سئو پنجاهه ڏينهن اڳ
گذريو هو.
مان سمجهان ٿو ته هر خواب جو جوش ڏياريندڙ محرڪ
انهن تجربن مان ڳولهي سگهجي ٿو، جن مان اڃان جيڪو
”ستو“ نه آهي اهڙيءَ ريت خواب جي متن جا واسطا،
ويجهي ماضيءَ ۾ واقع ٿيل نقشن، نشانن يا تاثرن سان
ٿين ٿا. گڏوگڏ، ڏينهن جي ڪنهن هڪ اڌ ويجهي
ڪارگذاري کانسواءِ، تاريخ جي ڪنهن به پراڻي دور جي
انهن تاثرن واري تعلق جي تفصيل يا حوالن سان شامل
راءِ نه ٿيندي به خواب واري رات جو پيش ٿيندا آهن.
خواب، خواب ڏسندڙ جي زندگيءَ جي ڪنهن به حصي مان،
پنهنجو مواد پاڻ چونڊيندا آهن، رڳو اهو مهيا ڪندا
آهن ته انسان جو ذهن خيالن سان ڀريل هڪ ريل گاڏي
آهي، جنهن ۾ سفر ڪندڙ خيال، خواب واري ڏينهن جي
تجربي سان سلهاڙ جي ويندا آهن، يعني تازا ”تاثر،
نقش يا نشان، ڪنهن پراڻي تاثر سان منسلڪ ٿي ويندا
آهن.
پر تازن تاثرن کي ايتري اهميت ڇو هوندي آهي؟ ان
نڪتي بابت اسان هڪ عام راءِ جوڙي آهي، ان سلسلي ۾
جيڪڏهن هڪ اڌ خواب پيش ڪريان ته انهن منجهان هڪڙو
مان باب پنجين جي حصي پهرين ۾ مختصر تشريح سان پيش
ڪري آيو آهيان، ان مقصد لاءِ ان کي هتي پيش ڪريان
ٿو:
زراعت متعلق طويل مقالي وارو خواب:
”مان ڪنهن هڪ ٻوٽي بابت طويل مقالو پئي لکيو، ڪتاب
منهنجي سامهون رکيو هو، ساڳئي وقت مان ويڙهيل
رنگين تصويرن کي به اٿلائي پٿلائي رهيو هوس.
تشخيصي مقصد خاطر ٻوٽي جو خشڪ نمونو ڪاپيءَ ۾ ٿي
لڳايم، ته جئين اهو خشڪ نباتات جي ذخيري
(Herbarium)
جيان محفوظ ڪيل لڳي.“
تجزيو:
ان ڏينهن صبح جو مان هڪ دڪان جي الماريءَ ۾ هڪ
ڪتاب ڏٺو هو، جنهن جو عنوان هو: ”گل مريم جي ٻوٽي
جو قسم“
(Genus Cyclamen).
شايد اهو ان ٻوٽي تي لکيل طويل مقالو هو.
مون کي ياد آيو ته ”گل مريم“
(Cyclamen)
منهنجي زال جو پسنديده گل هو ۽ مان شرم محسوس ڪرڻ
لڳس، ته پنهنجي زال جي پسند جا گل وٺي اچڻ به مون
کي تمام گهٽ ياد رهندا هئا، ”گلن جي وٺي اچڻ“ تي
مون کي ياد آيو ته ويجهڙائيءَ ۾ مون پنهنجي ٽولي
جي دوستن جي اڳيان هڪ قصو ٻيهر بيان ڪيو هو، جنهن
۾ مان پنهنجي نظريي جي حق ۾ ڪي دليل پيش ڪيا هئا
ته ”ويسارو“ گهڻو ڪري شعوري مقصد جي ڪري اهڙو ئي
رخ اختيار ڪندو آهي ۽ اهو ويساري واري ماڻهوءَ جي
لڪل ارادن جي نتيجي تي پهچڻ جي سدائين اهل هوندو
آهي.
هڪ نوجوان ڇوڪريءَ کي سندس جنم ڏينهن تي معمول
مطابق سندس مڙس طرفان هڪ گلدستو موصول ٿيو.
اتفاق سان هڪ سال، کيس پنهنجي پيار جو اظهار ڪرڻ
وسري ويو، جنهن جي ڪري نيٺ هڪ ڏينهن ڇوڪريءَ جي
نيڻن جا نار ڇڙڪي پيا. سندس مڙس گهر آيو ته سندس
روئڻ واري ڳالهه کيس سمجهه ۾ ڪا نه آئي، جڏهن ته
سندس زال کيس ٻڌايو به ته اڄ سندس جنم ڏينهن آهي!
تڏهن هن افسوس وچان پنهنجي نراڙ تي ڌڪ هنيو ۽ چيو:
”مون کي افسوس آهي، واقعي مون کان بلڪل وسري ويو
هو، مان هاڻي ئي وڃان ٿو ۽ تنهنجي لاءِ تازن گلن
جو گلدستو وٺي ٿو اچان.“ پر هن سندس ان اجائي
دلاسي کي قبول نه ڪيو.
ڇاڪاڻ ته مڙس جي ان ويساري، مٿس اها ڳالهه ثابت
پئي ڪئي ته سندس مڙس جي دل ۾ سندس لاءِ هاڻي اها
اڳوڻي محبت نه رهي هئي. اها عورت (فرائو ايل)
منهنجي ان خواب ڏسڻ کان ٻه ڏينهن اڳ منهنجي زال
سان ملڻ آئي هئي، ۽ ساڻس پنهنجو ڏک درد بيان ڪيو
هو، بعد ۾ مون کان به پڇيو هئائين. ڪجهه سال اڳ
هوءَ منهنجي علاج هيٺ به رهي هئي.
هاڻي مان هڪ نئين شروعات ٿو ڪريان. مون کي ياد آهي
ته هڪ ڀيري واقعي مان ٻوٽن بابت مقالي وانگر، ڪجهه
لکي رهيو هوس، جيڪو ”ناريل“ جي متعلق خاص طور
يونيورسٽيءَ مان (1884ع ڌاري) ڊاڪٽوريٽ لاءِ
گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ لکيل رسمي ليک هو، جنهن جي
ڪري ناريل جي ست مان بيهوش ڪندڙ دوا
(Cocaine)
تيار ڪرڻ طرف ”ڪارل ڪولر“
(Carl Koller)
جو ڌيان ڇڪيو هو. ان سلسلي ۾ مون پنهنجي سر به
پنهنجي شايع ٿيل مضمون ۾ ڪَوڙي کاري مادي
(Alkaloid)،
جهڙوڪ ڪيفين، مارفين ۽ اهڙين ٻين نائٽروجن گاڏڙ
شين جي استعمال جي نشاندهي به ڪئي هئي، پر ان بابت
مان ڪو ٻيو مواد خريد ڪري نه سگهيو هوس. اها ڳالهه
مون کي خواب ڏسڻ کان هڪ ڏينهن اڳ صبح جو ياد آئي
هئي، جنهن جي تشريح ڪرڻ لاءِ شام تائين به مون وٽ
وقت نه هو، ۽ مان ”ڏينهن جي سپني“ جيان، سارو
ڏينهن رڳو ان ناريل جي ست مان بيهوش ڪندڙ دوا
(Cocaine)
بابت سوچيندو رهيو هوس. جيڪڏهن مون کي ”سائو
موتيو“
(Glaucoma)
ٿي پوي ته منهنجو خيال آهي ته مون کي سفر ڪري
”برلن“ وڃڻو پوي ها، ۽ مون کي پنهنجي دوست ”فيلس“
جي گهر تي ويس مٽائي، ڪنهن نالي واري جراح
(Surgeon)
جي صلاح سان پنهنجي سر جراحيءَ جو ڪم سرنجام ڏيڻو
پوي ها. جراحي ڪندڙ کي منهنجي سڃاڻپ متعلق خبر به
نه پوي ها ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر ٻٽاڪ هڻي ها ته ناريل جي
ست مان بيهوش ڪندڙ دوا جي متعارف ٿيڻ سبب، جراحيءَ
جو ڪم ڪيترو نه آسان ٿئي ٿو، ۽ مان ٿورو به اشارو
نه ڏيانس ها ته ان کوجنا ۾ منهنجو به ڪو هٿ آهي،
اهو تصور ئي مون کي ڏاڍو عجيب پئي لڳو، ته هر ڪو
پنهنجي علاج ڪرائڻ لاءِ پنهنجي ڪنهن پيشي واري
ساٿيءَ کي چئي يا ان کان علاج ڪرائيندو رهي. برلن
جي اکين وارو جراح مون کان واقف نه هو ۽ ڪنهن ٻئي
وانگر مان به سندس في ڏيڻ جي قابل هوس. مون ان
خيال تي ڏينهن جو تيسيتائين ته سوچيو به ڪو نه هو،
ڇاڪاڻ ته مون اڃان اهو تسليم ئي نه ڪيو هو ته ان
جي پويان ڪو خاص واقعي جي يادگيري موجود آهي.
”ڪورلر“ جي کوجنا کان ٿورو پوءِ، واقعي منهنجي
والد جي اکين تي سائي موتيي جو حملو ٿيو هو؛
منهنجو دوست ”ڊاڪٽر ڪونيگسٽين“
(Dr. Konigstein)
جيڪو اکين جي بيمارين سان لاڳاپيل
(Ophthalmic)
جراح هو، تنهن سندس علاج ڪيو هو، جڏهن ته ”ڊاڪٽر
ڪولر“ ”ڪوڪين ذريعي بيهوش ڪرڻ“ تي مامور هو، ۽ ان
معاملي جي حقيقت تي تبصرو ڪندي چيو هو ته اسان ٽن
ڄڻن گڏجي ”ڪوڪين“ کي متعارف ڪرايو هو.
پوءِ منهنجا خيال ان واقعي ڏانهن لڙي ويا، جڏهن
مون آخري ڀيرو ”ڪوڪين“ جي استعمال بابت يادگيري
ڪرائي هئي. اها ڳالهه ڪجهه ڏينهن پهريان جي هئي،
جڏهن مون مهربان شاگردن طرفان پنهنجي استادن ۽
تجربيگاهه جي نگران جي مان ۾ ملهايل جشن جي محفوظ
ٿيل سموري ڪارگذاريءَ واري مخزن
(Festschrift)
پئي ڳولهي.
تجربيگاهه جي امتيازي ڪم جي دعويٰ بابت، ان مخزن ۾
ڳڻپ ڪيل هئي، جنهن کي ڏسي مون ان حقيقت کي به شامل
ڪرڻ ٿي چاهيو ته ”ناريل جي ست مان بيهوش ڪندڙ دوا
جي اها کوجنا ”ڪولر“ جي ڪيل هئي. بس اوچتو ئي مون
کي خيال اچي ويو ته منهنجو خواب گذريل شام واري
واقعي سان وابستا هو، مان ”ڊاڪٽر ڪونيگسٽين“ سان
سندس گهر کان ئي بلڪل ائين ئي گڏ پئي ويس ۽ ساڻس
ان معاملي تي گفتگو ڪندو پئي ويس، جنهن منهنجي
احساسن ۾ جوش پيدا ڪرڻ جي ڪڏهن به ڪمي ڪا نه ڪئي
هئي، ۽ ور ور ڪري پيو ستائيندو هو. مان جڏهن ساڻس
ڳالهائيندو پئي آيس ته هال جي دروازي وٽ ”پروفيسر
گارٽنر“
(Gartner-Gardenar)
۽ سندس زال به اسان سان گڏجي هلڻ لڳا هئا. خوشيءَ
کان سندن مرڪندڙ نهارن جي باوجود مون کين مبارڪباد
ڪا نه ڏني، پر ”پروفيسر گارڊرنر“، ملهايل جشن جي
محفوظ ٿيل سموري ڪارگذاريءَ واري مخزن
(Festschrift)
جي ليکڪن منجهان هو، جنهن جي حوالي کي مون شامل
ڪرڻ ٿي چاهيو ۽ اها ئي ڳالهه مون کي ياد آئي هئي.
ان کانسواءِ ”فرائو ايل“ جي پنهنجي جنم واري ڏينهن
تي گلن جي نه ملڻ سبب مايوس ٿيڻ واري ڳالهه مان اڳ
۾ ئي ڏئي آيو آهيان. پر هڪ ٻئي ڳانڍاپي جي حوالي
سان ”ڊاڪٽر ڪونيگسٽين“ سان ٿيل گفتگو بلڪل سچ آهي.
مان خواب جي مواد يا سٽاءَ جي تشريح بابت گڏوگڏ هڪ
ٻئي رخ جي تعين ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. اها ڳالهه به
هئي ته مون خشڪ ٻوٽي جي نموني کي، خشڪ نباتات جي
نمونن کي محفوظ ڪرڻ جي ترڪيب جيان پنهنجي طويل
مقالي ۾ شامل ڪيو هو. جنهن مون کي ثانوي اسڪول جي
ياد ڏياري ڇڏي هئي. هڪ ڀيري اسان جي هيڊ ماستر،
وڏن ڪلاسن جي ڇوڪرن کي گڏ ڪيو ۽ انهن کي اسڪول جي
خشڪ ٻوٽن کي گڏ ڪرڻ واري رجسٽر کي صاف ڪرڻ ۽ هڪ
ٻيو رجسٽر ٺاهڻ جو ڪم سونپيو هو. رجسٽر ۾ ڪيترن
ننڍڙن جيتن ۽ اڏوهي پنهنجي رستا ٺاهي ڇڏيا هئا.
اسان جي هيڊ ماستر کي، ان ڪم ۾ منهنجي مددگار هجڻ
بابت ايترو اعتماد ڪو نه هو، ان ڪري هن مون کي رڳو
ٻه ٽي پنا ڏنا هئا. جيتري قدر مون کي ياد آهي ته
انهن ۾ ڪي صليب جهڙا
(Crucifer)
ٻوٽا به شامل هئا. زراعت سان منهنجو ڪو خاص لڳاءُ
به ڪو نه هو. زراعت متعلق منهنجي سالياني کان اڳ
واري امتحان ۾ به مون ان صليب جهڙي ٻوٽي جي سڃاڻپ
ڏني هئي ۽ ان ۾ ناڪام ٿيو هوس. منهنجو نقطي نظر
ايترو گهڻو واضع ڪڏهن به نه هجي ها، جيڪڏهن مون کي
نظري يا قياسي ڄاڻ جي مدد نه هجي ها. پوءِ ته مان
صليبب جهڙن ٻوٽن کان ويندي ان جنس جي مرڪبن جي
جوڙجڪ تائين معلومات حاصل ڪئي هئي. ان ڳالهه مون
تي اهو انڪشاف ڪيو ته ”اٺ ڪٽاريءَ جهڙو ٻوٽو
(Artichoke)
به مرڪب جنس جو ٻوٽو هو، جنهن جي چوٽيءَ تي گهاٽو
۽ ٿلهو گل ٿيندو آهي، جنهن کي سبزيءَ جي طور تي به
استعمال ڪيو ويندو آهي، ۽ سچ ته مان ڏاڍي پاٻوه
وچان ان کي پنهنجو پسنديده گل سڏيندو آهيان. مون
کان ته منهنجي زال وڌيڪ سٺي آهي جو بازار مان اهي
گل آڻي، مون کي ياد ڏياريندي رهندي آهي.
مان ان طويل مقالي کي ڏسي رهيو هوس، جيڪو مان لکي
رهيو هوس ۽ منهنجي سامهون رکيو هو، ۽ مان وري به
ماضيءَ ۾ پوئتي موٽي ويس. ان کان هڪ ڏينهن اڳ مون
کي پنهنجي دوست ”فيلس“ طرفان، برلن ۾ هڪ خط پهتو،
جنهن منهنجي تصوير ڪشيءَ جي قوت جو اظهار ڪيو هو:
”مان تنهنجي خوابن جي ڪتاب سان تمام گهڻو لاڳاپيل
رهيو آهيان، مون ان کي پنهنجي اکين اڳيان مڪمل
ٿيندي ڏٺو آهي، ۽ سندس هڪ هڪ صفحي کي اٿلائي
پٿلائي پڙهيو آهي.“ هن جي تعريف جي تحفي جو مان
ڪهڙو عيوضو ٿي ڏئي سگهيس جو واقعي اهو مڪمل ڪتاب
جي صورت ۾ منهنجي اڳيان رکيو هو، جنهن کي مان رڳو
ڏسي ٿي سگهيس.
”ويڙهيل رنگين تصويرن“ جي متعلق ياد ٿو اچي ته
جڏهن مان طب جو شاگرد هوس ته سدائين منهنجي اها
خواهش هوندي هئي ته مان مقالي لکڻ کان علاوه به ڪي
شيون سکان. جيتوڻيڪ منهنجا وسيلا گهڻا محدود هئا،
تنهن هوندي به مان طبي ادارن جي ڪارواين جي ڪيترن
ئي شمارن حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس، جن ۾ لڳل
رنگين تصويرون مون ڏاڍو موهينديون هيون. مون کي
پنهنجي ان خوبيءَ تي به فخر رهيو آهي. جڏهن مان
پنهنجا مضمون شايع ڪرائڻ شروع ڪيا هئا ته ڪتاب جي
سينگارڻ ۽ مضمون جي وضاحت ڪندڙ تصويرون مان
پنهنجون ٺاهيل استعمال ڪندو هوس ۽ مون کي ياد آهي
ته انهن مان هڪڙي ڪجهه سٺي ڪانه هئي، جنهن تي هڪڙي
نزديڪي ساٿيءَ مهڻو به ڏنو هو. مون کي پوريءَ ريت
سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته ابتدائي جوانيءَ واري ڳالهه
مون کي ڪيئن ياد آئي هئي. شايد هڪ ڀيري منهنجي
والد به (فارس جي سفر بابت) رنگين تصويرن وارو
ڪتاب مون کي ۽ منهنجي ڀيڻ کي ڏنو هو، جيڪو ڦاٽي
پيو هو. تعليمي نڪتي نگاهه کان ڪتاب جي ڦاڙڻ جو
جواز ڏيڻ ايترو آسان نه آهي، ڇاڪاڻ ته ان وقت
منهنجي ڄمار ئي پنجن سال هئي ۽ منهنجي ڀيڻ به ٽن
سالن جي مس هئي، ۽ اهي تصويرون اسان ٻنهي لاءِ
ايتريون وڻندڙ هيون جو اسان پنو پنو ڪري انهن مان
تصويرون ڇڪي ڪڍيون هيون، ڪي ته مروڙي ڦٽي به ڪيون
هيون، جيڪي مون کي اٺ ڪٽاريءَ جي گل جهڙيون ٿي
لڳيون. بس رڳو اها ئي زندگيءَ جي ان دور جي هڪڙي
پڪي يادگيري هئي جيڪا مون سانڍي رکي هئي. پوءِ
جڏهن مان شاگرد ٿيو هوس ته ڪتابن گڏ ڪرڻ جو شوق به
پابنديءَ سان پورو ڪندو هوس جيڪو منهنجي مقالي يا
مضمون لکڻ وانگر پڙهڻ ۽ سکڻ سان سلهاڙيل هو: ۽ اهو
منهنجو پسنديده مشغلو هو. (خود پسنديده هجڻ وارو
خيال اڳ ۾ ئي ”گل مريم“ ۽ ”اٺ ڪٽاريءَ جي گل“ جي
حوالي سان اڳ ۾ ظاهر ڪري چڪو آهيان) ۽ مان ڄڻ ته
ڪتابي جيت (يا خشڪ نباتات جو ذخيرو) ٿي ويو هوس.
جڏهن کان مون پنهنجي لاءِ پهريون ڀيرو سوچيو هو،
تڏهن کان ئي منهنجو اهو پهريون شوق، مون کي سدائين
منهنجي ننڍپڻ جي ياد ڏياري ڇڏيندو آهي، يا ڪنهن حد
تائين مان ائين سمجهان ٿو ته ننڍپڻ جو منظر منهنجي
”ياد جو سرمايو“
(Screen Memory)
آهي، جنهن منهنجي بعد ۾ ڪتابن ڪٺي ڪرڻ جي شوق کي
فطري رغبت ۾ بدلائي ڇڏيو هو. مون کي تمام گهڻو اڳي
ئي محسوس ڪري ورتو هو ته ان شوق جي پويان ان ڪتاب
جي ڦاڙڻ جو ڏک به موجود هو. مان جڏهن سترهن سالن
جو ٿيو هوس ته مون ايترا ڪتاب خريد ڪيا هئا جو
انهن جي پئسن جو به پورائو ڪري نه سگهندو هوس، ۽
منهنجو والد وڏي مجبوريءَ وچان پيو منهن ڏيندو هو
۽ منهنجي ڪتابن ڏانهن اهڙي جهڪاءَ مان جند ڇڏائڻ
جي وڏي ڪوشش ڪندو هو.
منهنجي جوانيءَ جي ابتدائي سالن جي ان تجربي جي
سانڀر، هڪدم پنهنجي دوست ”ڊاڪٽر ڪونيگسٽين“ سان
ٿيل گفتگو کي ياد ڏياري ڇڏيو. ان ئي سلسلي ۾ اسان
ساڳئي سوال تي گفتگو پئي ڪئيسين ته مون تي منهنجي
پسنديده مشغلن بابت وڏو الزام لڳل آهي، مان انهن ۾
صفا غرق ٿي ويو آهيان. ان ڪري جن ڳالهين سان اسان
وابستا نه آهيون، ان حوالي سان خواب جي وڌيڪ تشريح
جاري رکڻ جي ضرورت نه آهي، پر رڳو ان طرف نشاندهي
ڪرڻ ضروري آهي، جنهن پاسي اهي پيش ٿيل آهن. تجزيي
جي ڪم واري سلسلي ۾ مون ”ڊاڪٽر ڪونيگسٽين“ سان ڪيل
گفتگو جي حوالي سان ٻيهر ذهن نشين ڪرايو آهي، جنهن
کي مون هڪ کان وڌيڪ رخن ۾ پيش ڪيو آهي. مان جڏهن
ان گفتگو واري موضوع کي ڇهيو هو ته خواب جي معنيٰ
مون کي نهايت عقل واري پئي لڳي. خيالن جون سموريون
ريل گاڏيون، خوابن کان شروع ٿين ٿيون. منهنجي زال
۽ منهنجي پسند جي گلن جا خيال، ناريل جي ست مان
جوڙيل بيهوشيءَ واري دوا جا خيال، پنهنجي ئي هم
پيشي ڊاڪٽر کان طبي علاج ڪرائڻ وارو کل ڏياريندڙ
خيال، طويل مقالي لاءِ منهنجي مطالعي کي اهميت ڏيڻ
جو خيال، يا منهنجو سائنس جي ڪجهه موضوعن جهڙوڪ
زراعت کان لنوائڻ جو خيال. خيال جي انهن سمورين
ريل گاڏين، جي جيڪڏهن وڌيڪ پويان لڳبو ته ”ڊاڪٽر
ڪونيگسٽين“ سان ٿيل گفتگو مان پڪ سان اسان لاءِ
ڪيئي گوشا ظاهر ٿيڻ لڳندا. پهرين (ارما جي سئيءَ
واري) خواب جي تجزيي جيان، خواب هڪ ڀيرو ٻيهر وري
به ڦري گهري، منهنجي پنهنجي حقن جي جاءِ تي شخصي
بچاءَ يا عذر جو تائيدي ثبوت ڏيندڙ ٿي پوندو. سچ
ته اهو ابتدائي خواب جي باري ۾ ان موضوع جي حمايت
ڪري ٿو، جيڪو هڪ قدم اڳتي ۽ تازي مواد جي حوالي
سان ڪيل بحث هو، جيڪو ٻن خوابن جي وچ واري وقفي ۾
اڀريو هو، خود انهن کان بلڪل اڻ ڌريو، جنهن ۾ خواب
پنهنجي مطلب يا خاصيت کي پيش ڪرڻ لاءِ خيالن کي
لفظن جي شڪل ڏيڻ ۽ خاص قسم جي لفظن کي مختلف
تصويرن ۾ ويڙهڻ وارو عمل ڪيو هو. ان جو مقصد ڪهڙو
هو؟ آخرڪار مان به هڪ ماڻهو آهيان ۽ هڪ انتهائي
اهم ۽ يادگار ڪتاب (ڪوڪين تي) لکڻ ٿو چاهيان، ائين
ئي جيئن مان پهرين خواب جي آڌار تي چيو هو: ”مان
اصول وارو ۽ محنتي شاگرد رهيو آهيان.“ سو سمجهڻ
گهرجي ته انهن ٻنهي معاملن ۾ مان ڪهڙي ڳالهه تي
زور ڏئي رهيو هوس، ”مان پاڻ کي ائين ڪرڻ جي اجازت
پئي ڏني.“ ان ڪري خواب جي تشريح کي اڳتي وڌائڻ جي
ضرورت به ڪانه هئي، جڏهن ته منهنجو مقصد رڳو ان
مثال جي تعلق ذريعي، خواب جي مواد يا سٽاءَ ۽
گذريل ڏينهن جي تجربي جي وچ ۾ فرق کي بيان ڪرڻ هو،
جنهن کي اجايو چڙ ڏياريندڙ جذباتي مسئلو بنايو
ويو. جيتري قدر منهنجو معاملو آهي ته مان رڳو خواب
جي وضاحت يا پيشڪش کان باخبر هوس، جيڪو ڏينهن جي
سوچ ويچار جي ڪنهن هڪ واقعي سان واسطو رکندڙ
صورتحال واري انداز ۾ ظاهر ٿيو هو، پر خود ان جي
تجزيي هڪ ٻيو ذريعو به پيدا ڪري وڌو، جيڪو ان ئي
ڏينهن جي هڪ ٻئي تجزيي هڪ ٻيو ذريعو به پيدا ڪري
وڌو، جيڪو ان ئي ڏينهن جي هڪ ٻئي تجربي ۾ پڌرو ٿيو
هو. پهرين ٻن تجربن سان، جن سان خواب ڳنڍيل هو،
اهو بلڪل لاتعلق يا اڻ ڌريو هو، جيڪو ماتحت تعلق
وارين حالتن سان سلهاڙيل هو: مون دڪان جي الماريءَ
۾ هڪ ڪتاب ڏٺو هو، جنهن جي عنوان نه رڳو هڪ لمحي
لاءِ منهنجو ڌيان ڇڪايو هو، پر سندس مواد به
منهنجي دلچسپيءَ سان وابستا هو. ٻيو تجربو، هڪ
اعليٰ درجي جي نفسياتي اهميت سان وابستا هو:
منهنجي، پنهنجي اکين جي سرجن دوست سان ڪيترا ڪلاڪ
تمام سٺي خيالن جي ڏيوٺ ٿي هئي، جنهن دوران مون
کيس اها معلومات به ڏني هئي، جيڪا اسان ٻنهي تي هڪ
جيترو ۽ تمام گهڻو اثر انداز ٿي هئي، ۽ ڪي يادون
منهنجي اندر ۾ ان مسئلي کي چوري رهيون هيون، جن
منهنجو ڌيان، منهنجي پنهنجي ئي ذهن ۾ پيدا ٿيل
تمام وڏي ۽ مختلف قسمن جي اندروني دٻاءَ ڏانهن
ڇڪايو هو. ان کانسواءِ اسان جي گفتگو ڪنهن نتيجي
تي پهچڻ کان اڳ ئي ختم ٿي ويون هيون، ڇاڪاڻ ته
اسان کي ڄاڻ سڃاڻ وارا ملي ويا هئا.
اسان هاڻي معلوم ڪري سگهون ٿا ته ڏينهن جي خوابن
(سوچن) جي ڪن به ٻن تاثرن ۽ تنهن کانپوءِ آيل رات
جي خواب جو هڪ ٻئي سان ڪيترو لاڳاپو آهي. خواب جي
واضع سٽاءَ يا مواد ۾ رڳو هڪ لاتعلقي يا معمولي
تاثر جو اشارو ڪنايو ٿئي ٿو، جيڪو عام خيال،
اعتقاد، وهم يا ڪنهن گماني شيءَ جي تصديق ڪري ٿو
ته خواب، جاڳ جيون جي ڪنهن غير اهم تفصيل کي
اهميت ڏئي کڻندو آهي. جڏهن ته خواب جي تشريح لاءِ
سموريون لاچاري حالتون، اهم قسم جي تاثرن لاءِ
اڳڀرائي ڪنديون آهن. اهڙي نموني انهن مان هڪڙي
حالت، بلڪل تصديقي طور تي منهنجي احساسن کي چوريو
هو. جيڪڏهن خواب جي ذهانت يا فهم جو، ان جي لڪل
سٽاءَ جي تشريح جي ذريعي ظاهر ٿيندڙ قطعي فيصلي کي
ڏٺو وڃي، ته اوچتو ۽ غير متوقع هڪ نئين معنيٰ ۽
حقيقي اهميت ظاهر ٿيڻ لڳندي. اها ڳجهارت؛ ته خواب،
جاڳ جيون جي رڳو غير اهم ۽ اڻ پوري ٽڪري سان ئي ڇو
لاڳاپيل آهي، جيڪا پنهنجي سموري معنيٰ به وڃائي
ويهي ٿي؛ ۽ نه ئي جاڳ جيون، خواب ۾ وڌيڪ پويان لڳي
پوڻ
(Pursue)
واري انداز کي دير تائين برقرار رکي سگهي ٿو ۽ اهي
خواب، نفسياتي سرگرميءَ کي اهڙيءَ ريت بيوقوفيءَ
واري مواد جيان بيڪار ڪري ڇڏيندو آهي. ان ريت الٽو
يا غير موافق هجڻ بلڪل درست آهي: اسان جا خوابي
خيال، خود انهيءَ ساڳئي مواد جي غلبي هيٺ هوندا
آهن، جيڪي جاڳ دوران اسان کي مصروف رکندا آهن ۽
اسان رڳو انهن شين بابت خواب ڏسڻ جي جوابداري
کڻندا آهيون، جيڪي ڏينهن دوران اسان کي ردعمل جو
ڪارڻ فراهم ڪندڙ هونديون آهن.
ائين ڇو آهي! جيتوڻيڪ منهنجي خواب جو، موقعي وارو
تاثر، ڏينهن جي وقت وارو هو، جنهن جي ذريعي ئي
منهنجي اندروني هلچل کي جائز طور تي چوريندڙ ثابت
ٿيو، پوءِ ان جي باوجود اصل خواب اڃان به مختلف
انداز سان ڇو پيش ٿيو؟ ان ڳالهه جي گهڻي چٽي وضاحت
هن ريت آهي ته ڇاڪاڻ ته ان ۾ ٿورو به شڪ نه آهي ته
اسان کي خواب جي بگاڙي واري حالت سان هڪ ڀيرو ٻيهر
منهن ڏيڻو پوي ٿو، جنهن جي متعلق پوئين باب ۾ ان
جو نفسياتي زور يا دٻاءَ جي ڇنڊ ڇاڻ جي عمل طور
نقشو ڇڪيل آهي. منهنجي مقالي جي، گل مريم جي جنس
واري سانڀر، منهنجي پنهنجي دوست سان ٿيل گفتگو کي
ان انداز ذريعي پنهنجو اڻ سڌو يا اشارن
(Allusion)
جو عملي ڪم سرانجام ڏنو، جيئن ”ٽانڊن تي سيڪيل
رانوَس مڇي،“ پنهنجي ساهيڙيءَ جي خيال کان خواب ۾
شاندار دعوت کي ترڪ ڪرڻ واري اڻ سڌي انداز ۾
پنهنجو ڪم سرانجام ڏنو. سوال رڳو هي آهي ته وچ
وارو يا ثانوي لاڳاپو، جنهن مقالي جي تاثر کي اکين
واري سرجن سان ٿيل گفتگو جيان اڻ سڌي ريت عمل
سرانجام ڏنو، پهرين نظر ۾ ڏسڻ سان انهن ٻنهي جي وچ
۾ ڪو ظاهر فرق نظر نه ٿو اچي. شاندار دعوت کي ترڪ
ڪرڻ واري اشاري واري مثال ۾ ”لاڳاپو،“ ”ٽانڊن تي
سيڪيل رانوَس مڇي“ جي حوالي سان هڪدم ظاهر ٿيو هو،
اهو سندس ساهيڙيءَ جي پسنديده خوارڪ جي ناتي،
خيالن جي مجموعي جو ”ثانوي نظرثاني ڪندڙ ترڪيبي
جزو“ هو، جيڪو گهڻو ڪري خواب ڏسندڙ عورت جي ذهن ۾
سندس شخصيت جي ڪري اڀرندو رهندو هو. ان پوئين مثال
۾ هڪڙا ٻه علحده ۽ غير جانبدار تاثر آهن، جيڪي
ساڳئي ڏينهن جي حقيقت جي رڳو سرسري ۽ عام انداز
واري جهلڪ ظاهر ٿي هئي: ڇاڪاڻ ته مقالي کي مون صبح
جو ڏٺو هو ۽ ساڳئي شام جو مون گفتگو ڪئي هئي.
تجزيو اسان کي مسئلي حل ڪرڻ ۾ هن ريت مدد ڪري ٿو:
ته ان قسم جا ”لاڳاپا،“ جيڪي جڏهن پهرين واقعي ۾
موجود نه هوندا آهن ته اهي هڪ تاثر جي تمثيلي
سٽاءَ کي ڪنهن گذريل ٻين واقعن تي ڪيل ويچار جي وچ
۾ اڻت جو عمل ڪندا آهن. ان معاملي جي حوالي سان
منهنجو ڌيان اکرن ذريعي اڳ ۾ انهن ويجهڙائيءَ وارن
”لاڳاپن“ ڏانهن ڇڪجي ويو هو، جن کي مون پنهنجي
تجزياتي دستاويز ۾، اکرن کي ترڇي انداز سان لکڻ
(Italicize)
واري طريقي سان محفوظ ڪيو هو. جيڪڏهن ان معاملي ۾
ڪنهن ٻئي پاسي جا ڪي اثر موجود ڪو نه هئا ته گل
مريم واري مقالي بابت رڳو منهنجو تصور هو، جيڪو
منهنجي زال جي پسنديده گل هجڻ سبب منهنجي ذهن ۾
آيو هو ۽ اهو به ممڪن ٿي سگهي ٿو ته اهو ”فرائو
ايل“ کي گلن جي نه ملڻ واري معاملي سان وابستا
هجي. مون کي پسمنظر وارن انهن خيالن بابت سوچڻ ۾
ڪافي دشواري پئي ٿي، جيڪي سپني جي گهرج، ضرورت
مطابق پوري پئي ڪئي. جيئن ته اسان ”هيمليٽ“ (ايڪٽ
پهرين جي منظر نمبر پنجين) ۾ پڙهي آيا آهيون:
”اسان کي ڪنهن جن جي ضرورت نه آهي منهنجا آقا! بس
تون قبر مان نڪري اچي اسان کي ٻڌاءِ.“
پر ڌيان ڏيڻ ۽ پرک ڪرڻ جي حوالي سان مون کي تجزيي
دوران ياد آيو ته ان شخص، جنهن اسان جي گفتگو
دوران مداخلت ڪئي هئي، ان کي باغائي سڏيندا هئا،
ان ڪري مون سندس زال متعلق جيڪا ڪنهن گل جيان
ٽڙندڙ ۽ ڦوهه جوان پئي لڳي. خود اهي اکر لکندي مون
کي ”فلورا“ جهڙي پياري نالي سان لاڳاپيل پنهنجي
هڪڙي مريضا ياد اچي وئي، جيڪا ان وقت اسان جي
گفتگو جو محور هئي. اهي سموريون ڳالهيون پڻ ثانوي
ڳانڍاپي جو بنياد بڻجن ٿيون، جيڪي نباتاتي خيالن
جي مجموعي مان اڀرن ٿيون، اهي وري ان ڏينهن جي
ٻنهي تجربن جي وچ ۾ بلڪل اڻ ڌريي مسئلي کي
وڌائيندڙ يا چوريندڙ انداز سان هڪ پُل جي صوت
اختيار ڪن ٿيون. ان حالت ۾ ٻيا لاڳاپل واقعا به
مستحڪم ٿين ٿا، جيڪي ڪوڪين ذريعي نشو ڏياريندڙ دوا
جي استعمال سان پيدا ٿيندڙ تصور جيان اردگرد گهمن
ٿا. بلڪل اهڙيءَ ريت جيئن منهنجي دوست ”ڊاڪٽر
ڪونيگسٽين“
(Dr. Konigstein)
۽ نباتاتي مقالي (جيڪو مان لکي رهيو هوس) جي
تصويرن، هڪ ٻئي سان ڳانڍاپي جو ڪم سرانجام ڏنو: ۽
اهي ڳانڍاپا، انهن ٻن مجموعي خيالن جي وچ ۾ رلمل
ٿيڻ جي پوري سگهه ۽ شدت رکندا آهن، ته جيئن ڪنهن
تجربي جو هڪ حصو، ٻئي تصور جو ڪم سرانجام ڏئي
سگهي.
مون اها سموري وضاحت ريچڪ تي ٻڌل ۽ هٿراڌو بنيادن
تي هڪ قسم جي حملي ڪرڻ واري انداز سان ڪئي آهي،
جنهن متعلق ڇا چيو ويندو! خود پروفيسر گارٽنر ۽
سندس ڳاڙهن ڳٽن واري زال اسان وٽ اچڻ ڇڏي ڏيندا يا
اهو مريض جنهن جي متعلق اسان گفتگو پئي ڪئي، جنهن
کي مون ”اينا“ جي بجاءِ ”فلورا“ پئي سڏيو؟ ان
ڳالهه جو جواب بلڪل سادو آهي. جيڪڏهن انهن خيالن
جون ڪڙيون گم ٿي وڃن ته ڪو ٻيو به انهن جي ڳولها
ڪري نه سگهندو.
خيالن جي انهن ڪڙين کي پاڻ ۾ ملائڻ نهايت سولو
آهي، بلڪل ائين جيئن ماڻهو پنهنجي تفريح طبع واسطي
روزاني، ساڳئي اچار وارا لفظ پيا استعمال ڪندا آهن
يا پيروليون پيا ڏيندا آهن. اوهان ڄاڻيندا هوندا
ته خود چرچن گهٻن جي به ڪا حد مقرر ٿيل نه هوندي
آهي. يا وري ٿورو اڳڀرو هلو، جيڪڏهن ٻن تجربن جي
وچ ۾ ان قسم جي ثانوي بناوٽ ممڪن نه هجي ته جيڪر
خواب به ساڳئي ڏينهن جي مختلف تاثر بابت بنهه ڪا
ٻي صورت اختيار ڪري وٺي. اهڙي قسم جي خيالن جو
انبوهه، اسان جي ذهن ۾ داخل ضرور ٿيندو آهي، پر
اهو وسري به جلدي ويندو آهي. ان صورت ۾ سوچيان ٿو
ته ڇا مقالي خواب ۾ جاءِ والاري هئي يا ان ٿيل
گفتگو کي خواب جي سٽاءَ پنهنجو موضوع بنايو هو. پر
بهرحال حقيقت اها آهي ته مقالي کان علاوه، ان
خوابي سٽاءَ جي چونڊ جي سرانجام ڏنل ان عمل تي
ڪنهن ٻئي ڌيان نه ڏنو هو. اسان کي پڪ ڪرڻ گهرجي ته
ڳانڍاپي بابت، ”اختيار“ ڪرڻ جو اهو ئي بهترين
طريقو آهي. اسان کي ”ليسنگ“
(Lessing)
جي چالاڪيءَ يا هوشياريءَ سان ريس ڪرڻ ۽ نه ئي
حيران ٿيڻ جي ضرورت آهي ته: ”رڳو امير ماڻهن وٽ ئي
گهڻي دولت هوندي آهي.“
اسان جي خيال مطابق اهو نفسياتي عمل، جيڪو اڻ ڌريو
تجربو نفسياتي اهميت يا خاصيت جي جاءِ والاري ٿو،
اهو شڪ شبهي ۽ مونجهاري ۾ مبتلا ڪندڙ ڪيفيت کي
وڌائڻ ۾ ناڪام نه ٿيندو آهي. ان موضوع بابت
ذميداري، اسان بنهه نرالي ۽ چٽي انداز ۾ اڳتي ڇهين
باب جي حصي ٻئي ۾ پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اسان
ان عمل جي نه سمجهه ۾ ايندڙ نڪتي جي رڳو ”نتيجي“
سان ٻڌل آهيون، جنهن جي حقيقت مون ”قياس“ ۽ ”گمان“
جي بنيادن ۽ عام طور تي خوابن جي تجزيي ۾ وري وري
ٿيڻ واري، يا شروعاتي حالت تي موٽي اچڻ وارن
مشاهدن مان حاصل ڪئي آهي. ڀلا ان ”گم ٿي وڃڻ“
(Displacement)
واري فطري عمل ۾ ڪهڙي شيءَ جاءِ والاريندي نظر اچي
ٿي! ڇا اسان ان کي نفسيات دٻاءَ چئي سگهون ٿا؟ خاص
طور ان ثانوي ڳانڍاپي جي ذريعي ”خيال يا سوچون،“
جيڪي هقيقي طور تي پنهنجي شدت ۾ ڪمزور ٿين ٿيون ۽
اهي انهن سوچن کان اتساهه وٺن ٿيون، جيڪي حقيقت ۾
نفسياتي قوت ذريعي ڪجهه طاقتور
(Cathected)
ٿين ٿيون ۽ آخرڪار پڄاڻيءَ تي منجهن ايتري قوت
پيدا ٿي پوندي آهي جو اهي شعور ۾ داخل ٿي وينديون
آهن. جيسيتائين اثر انداز ٿيڻ جي حد يا مقدار يا
عام طور تي تحرڪ پيدا ڪندڙ سرگرمين سان لهه وچڙ ۾
اچڻ جو سوال آهي ته ان قسم جي ”گم ٿي وڃڻ“ جو
معاملو، عام طور تي اسان جي لاءِ ڪا حيرت ۾ وجهندڙ
ڳالهه نه آهي. جڏهن ڪا پوڙهي ۽ اڪيلي نوڪرياڻي
پنهنجو پيار جانورن ۾ منتقل ڪندي هجي، يا ڪو
ڪنوارو شخص شيون جمع ڪرڻ جو شوق رکندو هجي، جڏهن
ڪو سپاهي، ڪنهن اڇلايل رنگين ڪپڙي يا جهنڊي جي
حفاظت، پنهنجي حياتيءَ کي داءَ تي لڳائي پنهنجي
خون سان ڪندو هجي، يا جڏهن ڪو هٿ ملائي ان کي چند
سيڪنڊ وڌيڪ دٻائي ته ان جي معنيٰ محبوب جو راحت
ڏيندڙ پيار آهي، يا جڏهن ”اوٿيلو“Othello)
۾ وڃايل رومال سبب اوچتو فساد مچي پوي ته اهڙا
سڀئي واقعا، ”نفسياتي گمشدگيءَ“ جو مثال هوندا
آهن، جن جي متعلق اسان ڪنهن به قسم جو اعتراض نه
ٿا واريون، پر جڏهن اسان اهو ٻڌون ته فيصلو، اسان
جي شعور تائين ڪهڙي ڳالهه ٿو رسائي ۽ ان مان ڪهڙو
نتيجو ٿو نڪري؟ يا اسان ڇا ٿا سوچيون؟ ته ان جو
مختصر جواب هن ريت آهي ته اهو فيصلو ان ساڳئي ئي
طريقي ۽ ساڳين اصولن تحت رسي ٿو، اسان کي ان جو
تاثر، رڳو مرض جي واقعي جي حوالي سان ملندو آهي،
۽ جيڪڏهن اهڙيون شيون جاڳ جيون ۾ ٿيڻ لڳن ته اسان
انهن کي واضع طور ”خيالن ۾ خلل“ جيان سمجهي وٺندا
آهيون، ۽ پڪ سان مون کي انهن ئي نتيجن جي وڏي توقع
آهي، جيڪي آئيندي به اسان جي رهبري ڪندا ۽ تجويز
ڪندا ته ”نفسياتي عمل جو تسلسل،“ جيڪو خوابن ۾ گم
ٿي وڃڻ جي ڪم ۾ نظر اچي ٿو، جيتوڻيڪ ان کي ڪنهن
مرض جي حوالي سان پيدا ٿيندڙ ”بيچيني يا مونجهارو“
چئي نه ٿو سگهجي، جڏهن ته اهو عام رواجي صورت کان
مختلف نه هوندو آهي.
اهڙيءَ ريت حقيقت اها آهي ته خوابن جو متن، مسودو
يا مضمون روزمره جي خسيس يا انفرادي تجربن جي
يادگيريءَ کي، ”خواب بگڙيل سٽاءُ“ (وڃائجي يا گم
ٿي وڃڻ واري طريقي سان) پيش ڪري، خواب ۾ شامل ڪندو
آهي، ۽ جيڪو اهڙي طريقي سان ياد ايندو آهي، جو
اسان ان نتيجي تي پهچندا آهيون ته خواب جو بگاڙو
ڇنڊڇاڻ ڪندڙ ان قوت جي پيداوار آهي، جيڪو انتظامي/
مددگاري ڪاروائي ۽ ڦيرگهير ذريعي ٻن نفسياتي عمل
ڪندڙ انتظامي شعبن جي وچين رستي طور نيڪال ڪندو
آهي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته خواب جو
تجزيو گهڻو ڪري سچ ثابت ٿيندو آهي. جاڳ جيون ۾
نفسياتي يا ذهني مونجهارن جي خاص سببن جي اهميت
جيتوڻيڪ يادگيرين جي انهيءَ ماخذ مان گم به ٿي
ويندي آهي، جيڪا ان جي سرد مزاجيءَ جو حصو هونديي
آهي. هيءَ وضاحت اسان کي ”روبرٽ“ جي نظريي سان
مڪمل اختلاف تي آڻي بيهاري ٿي، جيڪو اسان جي لاءِ
ڪنهن ڪم جو نه ٿو رهي. حقيقت ۾ جن وضاحتن کي
”روبرٽ“ بيان ڪيو آهي، انهن جو ڪو وجود نظر نه ٿو
اچي، هن جو انهن کي قبول ڪرڻ، دراصل غلط فهميءَ تي
ٻڌل آهي، جنهن جي ناڪاميءَ سبب خوابن جو واضع يا
ظاهر متن به پنهنجي اصل معنيٰ بدلائي ٿو ڇڏي. جنهن
جي ڪري ”روبرٽ“ جي نظريي تي هڪ ٻيو اعتراض اهو به
پيدا ٿي سگهي ٿو.
جيڪڏهن خوابن جو واقعي اهو ڌنڌو آهي ته ڪنهن خاص
نفسياتي يا ذهني سرگرميءَ ذريعي اسان جي ڏينهن
وارين يادگيرين جي درد يا بچيل بي چينيءَ کي
گهٽائي يا خرابي کي دور ڪري ٿو ته اسان جي ننڊ،
ڏينهن واري جاڳ جيون يا شعوري طور ذهني زندگيءَ
گذارڻ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ذهني ۽ جسماني تڪليف جو سبب
بڻجندڙ پيڙا يا عذاب ڀوڳيندڙ ۽ وڌيڪ مشڪل ڪم ڪندڙ
هجي ها. اهي يادگيريون، جيڪي اسان جي ڪيترن ئي اڻ
ڌرين ۽ معمولي تاثرن مان پيدا ٿين ٿيون، جن کي
اسان جو ذهن محفوظ رکڻ جي تمام وڏي ۽ نهايت صاف
شفاف طور تي ڪوشش ڪندو آهي، ان صورت ۾ رات ايتري
وڏي نه آهي، جو اها يترو مواد سنڀالي سگهي. ائين
ٿي نه ٿو سگهي ته خسيس يا اڻ ڌرين تاثرن کي وسارڻ
جو عمل، اسان جي نفسياتي يا ذهني قوتن جي متحرڪ
مداخلت ڪرڻ کانسواءِ اڳتي وڌي سگهي. بهرحال اسان
کي تڪڙ نه آهي ته اسان وڌيڪ ڪنهن غور ويچار ڪرڻ
کانسواءِ ئي ”روبرٽ“ جي خيالن کي (جيئن اڳتي لکيو
آهي) ڇڏي ڏيون. اسان ته اڃان جاڳ جيون جي اڻ ڌرين
يا معمولي تاثرن مان ڪنهن هڪ جي حقيقت کي به واضع
نه ڪيو آهي. هڪ ته خواب ڏينهن جي واقعن، ملاقاتن،
يا ٻين حسابن ڪتابن جي اڳوڻن مثالن ڏيڻ سان گڏوگڏ،
انهن کي ثابت طور تي يا بنا تبديليءَ جي متن ۾
شامل ڪندو آهي. ان تاثر ۽ خواب جي حقيقي ماخذ جي
وچ وارو ڳانڍاپو، لاشعور ۾ ڪو اڳ ۾ تيار ٿيل نه
رکيو هوندو آهي، جيئن اسان ڏسي آيا آهيون ته اهي
رڳو گذريل واقعن تي ويچارڻ يا نظر وجهڻ لاءِ قائم
ٿيل هوندا آهن.
هڪ جائزي مطابق خواب، خواب ڏسڻ دوران، رٿيل يا
سعيو ڪري گم ٿيل يا وڃائجي ويل واقعن کي ممڪن حد
تائين قابل قبول هجڻ واري صورت ۾ جوڙڻ جو ڪم ڪندا
آهن، جنهن ۾ ويجهي تعلق کي هوبهو يا پوريءَ ريت
قائم رکڻ لاءِ هڪ ماري مڃائڻ يا مجبور ڪرڻ واري
قوت هوندي آهي، ڀلي ته اهي تاثر لاتعلق يا خسيس ئي
ڇو نه هجن، ۽ بعد ۾ انهن کي ڪنهن واقعي جي
وابستگيءَ کي تحويل ۾ وٺي، ڪنهن اهڙي معاملي سان
جوڙي ڇڏين، جيڪي ان مقصد جي پورائي لاءِ خاص طور
تي ٺهڪندڙ هجن. پنهنجي خيالن جي دائري ۾، نهايت
معمولي ۽ غير اهم جزن يا عنصرن کي اهم ڪري پيش ڪرڻ
خوابيده خيالن
(Dream thoughts)
لاءِ نهايت آسان آهي.
ان قسم جا مشاهدا، اسان کي ان نڪتي کي سمجهڻ ۾ وڏي
مدد ڪري سگهن ٿا. خواب کي ڪنهن عمل جي احساس لاءِ،
جذباتي بنائڻ يا ڀڙڪائڻ لاءِ جيڪڏهن رڳو هڪڙي
ڏينهن دوران، اسان کي ٻه يا ڪجهه وڌيڪ مناسب تجربا
موجود هوندا ته خواب انهن مان هڪ گڏيل حوالو بنائي
هڪڙي صورت ڏيڻ جو ڪم ڪندو، جيڪا هڪ وحدت ۾ گڏ ٿيڻ
جي ضرورت تحت هوندي آهي. هتي ان جو هڪڙو مثال پيش
ڪجي ٿو:
اونهاري جي هڪ شام دوران، مان ريل جي هڪ گاڏي ۾
داخل ٿيس، ته مون پنهنجي ٻن اهڙن واقفڪارن کي ڏٺو
جيڪي هڪ ٻئي جا واقف نه هئا. انهن مان هڪڙو ته
منهنجو ميڊيڪل جو ناليوارو ساٿي هو ۽ ٻيو هڪ معزز
خاندان جو شخص هو، جنهن سان منهنجو پيشيوراڻو تعلق
هيو. مون ٻنهي ڄڻن جي هڪ ٻئي سان واقفيت ڪرائي، پر
ان ڊگهي سفر دوران ٻنهي جي گفتگو مسلسل مون سان
پئي ٿي، جنهن ڪري مان پاڻ کي سندن وچ ۾ ويٺل، ڪڏهن
هڪ سان ته ڪڏهن ٻئي سان ۽ مختلف موضوعن تي بحث
ڪندي محسوس ڪيو. مون پنهنجي ڊاڪٽر دوست کي چيو ته
هو اسان جي هڪ گڏيل دوست جي ڪري پنهنجي ڪا سفارش
هلائي، جنهن تازو طب جو ڪم شروع ڪيو هو، جنهن تي
ڊاڪٽر چوڻ لڳو ته مان ان نوجوان جي اهليت کان
متاثر آهيان، پر سندس سادي شڪل صورت جي ڪري، سٺي
يا وڏي درجي جي خاندانن ۾ ڪم ڪرڻ هن لاءِ ڏاڍو
مشڪل آهي. جنهن تي مون کيس چيو ته اهو ئي ته سبب
آهي جو مان توکي سفارش ڪري رهيو آهيان. مون وري
ٻئي سفري دوست جي پاسي رخ ڪيو، ۽ مون سندس چاچيءَ
جي طبيعت بابت پڇيو، جيڪا منهنجي هڪ ان مريض جي
ماءُ به هئي، جيڪا ان وقت تمام گهڻو بيمار هئي. ان
سفر دوران، ان رات مون هڪ خواب ڏٺو ته اهو نوجوان
دوست جنهن لاءِ مون سفارش پئي ڪرائي، اهو هڪ نهايت
سليقي واري بيٺڪ ۾ منهنجي انهن امير ۽ چونڊ
واقفڪارن سان ويٺو آهي، جيڪي ڪنهن به شخص کي اک
ڇنڀ ۾ دنيا جو وڏو ماڻهو بنائي ٿي سگهيا. اسان کي
هڪ پوڙهي عورت، جيڪا منهنجي ٻئي همسفر دوست جي
چاچي هئي، (جيستائين منهنجي خواب جو تعلق آهي ته
اها اڳ ۾ ئي مئل هئي) ان جي ڪفن دفن وارو متبرڪ
خطبو ادا ڪرڻو هو.
مان اهو مڃان ٿو ته ساڻس منهنجا ڪي سٺا تعلقات نه
هئا. اهڙيءَ ريت منهنجي خواب هڪ ڀيرو ٻيهر، انهن
گذريل ٻنهي واقعن سان وابستا تاثرن جي وچ واري
ڳانڍاپي تي ڪم ڪيو ۽ ٻنهي واقعن کي ڳنڍي هڪ ڪري
ڇڏيو. ان قسم جا ڪيترائي تجربا مون کي اهڙي دعويٰ
ڪرڻ تي اڀاريندا آهن ته خواب جو ڪم. هڪ قسم جي
ضرورت جي تحت، انهن سمورن ماخذن کي جمع ڪندو آهي،
جيڪو خود خواب لاءِ جوش اڀاريندڙ ترغيب جي طور تي
ان کي هڪ وحدت ۾ آڻي پيش ڪندو آهي.
هاڻي مان ان سوال ڏانهن اچان ٿو ته آيا خواب جو
چوريندڙ يا ڀڙڪائيندڙ ماخذ/ بنياد، تجزيي ذريعي
پڌرو ٿي سگهي ٿو! يقينن ڪنهن ويجهي اهم ۽ خاص
واقعي کي بنا تبديليءَ جي پڌرو ڪري سگهي ٿو، يا
وري اهو باطني تجربو جيڪو سانڀر ۾ نفسي/ ذهني طور
نهايت اهم واقعو هجي، خيال جي ريل، خواب کي
ڀڙڪائيندڙ يا چوريندڙ ڪردار اختيار ڪري سگهي ٿي،
جنهن جو جواب تمام گهڻن تجزين تي مدار رکي ٿو،
جيڪو پڪ سان ويجهڙائيءَ ۾ آيل تبديليءَ جي عمل جي
حق ۾ هوندو. خواب باطني عمل جي ڪري به ڀڙڪائي سگهي
ٿو، جيڪو ان تازي واقعي جو نتيجو ٿي سگهي ٿو، جيڪو
گذريل ڏينهن جي خيالن واري سرگرميءَ جو قرضدار يا
پيش ڪرڻ لاءِ پابند ٿئي ٿو.
اها ساعت، انهن مختلف حالتن کي ڪنهن خاص مقصد لاءِ
مرتب ڪرڻ يا انهن کي شڪل ڏيڻ لاءِ مخصوص آهي، جنهن
مان اسان خواب جو بنياد/ ماخذ جو بنيادي موضوع
ڏسندا آهيون. خواب جو ماخذ هن ريت به ٿي سگهي ٿو.
الف: بلڪل ويجهي عرصي وارو ۽ نفسياتي طور اهم
تجربو، جيڪو سڌو سنئون خواب ۾ پيش ٿئي، جيئن
”ارما“ جي خواب ۾ ”سرنج“ ۽ منهنجي چاچي واري خواب
۾ ان جي پيلي رنگ واري ڏاڙهي. يا،
ب: ڪيترائي ويجهي عرصي وارا ۽ نفسياتي طور اهم
تجربا، جيڪي، خواب ذريعي ڪنهن هڪ وحدت ۾ گڏجي وڃن،
جيئن نوجوان ڊاڪٽر جي پوڙهي چاچيءَ جي ڪفن دفن
وارو متبرڪ خطبو ادا ڪرڻو هو. يا،
ٻ: هڪ يا ڪيترائي نفسياتي طور اهم تجربا، جيڪي
خواب جي متن ۾ هعصر پر اڻ ڌريا ۽ خسيس تجربن کي
شامل ڪري، انهن جي نمائندگي ڪندا هجن، جيئن هڪ
ٻوٽي بابت طويل مقالو. يا،
ڀ: اهي باطني يا اندروني اهم تجربا، جيڪي
يادگيريءَ يا خيالن جي ريل سان وابستا هجن، جن
صورت ۾ ويجهي عرصي وارا ۽ اڻ ڌريا يا معمولي تاثر،
ثابت صورت ۾ يعني بنا تبديليءَ جي خواب ذريعي
نمائندگي ڪندا هجن. ان سلسلي ۾ تجزيي دوران،
منهنجي ڪيترن ئي مريضن جا خواب منهنجي آڏو آيا.
خوابن جو تجزيو ڪندي اسان کي بهرحال هڪ حالت
سدائين مڪمل ٿيندي ضرور نظر اچي ٿي يعني خواب جي
متن جو هڪ ڀاڱو گذريل ڏينهن جي تازي تاثر جو
ورجاءُ ته ٿئي ئي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته خواب ۾ اهو
تاثر، يادگيرين جي دائري ۾ رهجي ويل خيالن ۽
منصوبن سان وابستا هجي ۽ ورجاءُ ته ٿئي ئي ٿو،
خواب کي اصل چرچ ڏيندڙ اهو هجي، ڀلي ته ان جي صورت
انفرادي هجي، اهم يا غير اهم هجي يا وري اهو انهن
معمولي قسم جي تاثرن واري کيتر مان ان لاڳاپي سان
آيو هجي، جن جو ٿورو يا گهڻو تعلق خواب کي چوريندڙ
لاتعداد خيالن جي دائري سان هجي، انتظام هلائيندڙ
ڪيترن ئي واضع يا ظاهر ڀاڱا، گهڻو ڪري فقط ٻن
متبادل حالتن تي انحصار ڪندا آهن، ڀلي ته اهي
حالتون گم ٿي ويل هجن يا وري ڪا جاءِ والاري نه
سگهيون هجن، ۽ ان نڪتي جي نشاندهي ڪرڻ نهايت اهم
آهي ته اسان انهن ٻنهي متبادل حالتن جي ذريعي،
مختلف خوابن جي وچ ۾ فرق کي واضع ڪرڻ جي قابل
هوندا آهيون، اهڙي ئي آسان طريقي سان جهڙي طريقي
سان طبي نظريو، ذهني جيوَ گهرڙن جي انهن دليلن، ۽
دعوائن کي بيان جي قابل هوندو آهي، جيڪي دليل ۽
دعوائون جزوي يا مڪمل ٿي ويل حدن مان ڦرندي مڪمل
سجاڳيءَ ۾ اينديون آهن.
ان ڳالهه جو مشاهدو اڳتي به ڏسي سگهجي ٿو، جيڪڏهن
اسان انهن چئن ممڪن معاملن (خوابن) تي غور ڪنداسين
ته اهو نفسي يا ذهني عنصر اهم ته آهي پر ويجهي
عرصي وارو نه آهي، (خيالن جو وهڪرو ۽ يادگيريون)
اهو خواب کي جوڙڻ جي مقصد لاءِ ان عنصر ذريعي
بدلجي سگهي ٿو، جيڪو تازو پر اڻ ڌريو يا خسيس هجي،
جن جو مقصد رڳو غور هيٺ ايندڙ ٻن حالتن کي پيش ڪرڻ
هوندو آهي:
(1)
ته خواب جو متن ويجهڙائيءَ ۾ ٿيل واقعي سان پڪيءَ
ريت ڳنڍيل هجي.
(2)
ته خواب کي چوريندڙ صورتحال نفسياتي اهميت واري
عمل کي جاري رکندي هجي.
رڳو هڪڙي معاملي ۾:
الف: اهي ٻئي حالتون، ٻن هڪجهڙن تاثرن جي ذريعي
پورائو ڪنديون هجن. گڏوگڏ اهو پڻ ڏٺو ويو آهي ته
اهي اڻ ڌريا يا معمولي تاثر، جيڪي خواب کي جوڙيندڙ
قابليت جي ڪم ايندا آهن، اهي حالتون به ويجهي عرصي
وارن (هڪ ڏينهن يا ڪجهه وڌيڪ ڏينهن وارن پراڻن)
واقعن مان وصول ڪرڻ جي اهليت يا گنجائش وڃائي
ويهنديون آهن. ان مان اسان اهو نتيجو ضرور اخذ ڪري
سگهون ٿا ته ڪنهن تاثر جي تازگي، خواب کي تعمير
ڪندڙ مقصد ۾ ڪنهن اهڙي قسم جي نفسياتي اهميت جي
حامل هوندي آهي، جيڪا يادن جي رنگ برنگي جذبن ۽
خيالن سان ڀريل ريل جيتري اهم هوندي آهي. اصل ۾
خوابن جي جوڙجڪ جي سلسلي ۾ بنيادي طور اها اهميت
ئي ان تازي تاثر سان سلهاڙيل هوندي آهي، جيڪا اسان
جي نفسياتي بحث مباحثي جي سلسلي ۾ چٽيءَ ريت نتيجو
اخذ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي آهي. (ڏسو باب ستين ”خوابن جي
عمل جو نفسياتي پهلو“ جو حصو ٽيون: ”خواهشن جو
پورائو.“)
ان ڏس ۾ اتفاق سان اهو به ڏسڻ ۾ آيو آهي ته اسان
جي گذاريل ڏينهن جي ياداشت ۾ مدد ڏيندڙ
(Mnemic)
۽ تصور واري انداز ۾ يا تمثيلي
(Ideational)
مواد ۾ شعوري مشاهدي مطابق، ترميم يا اصلاح جو
اظهار، گهڻو ڪري رات جو ٿيندو آهي. ان ڪري اسان
گهڻو ڪري اها صلاح ڏيندا آهيون ته ڪنهن به معاملي
جي آخري فيصلي تي پهچڻ کان اڳ ۾ اسان کي ”سمهڻ
واري حالت“ تي غور ضرور ڪرڻ گهرجي، جنهن کانپوءِ
ڪا صلاح يقينن تائيدي يا ثبوت ڏيندڙ ٿي سگهي ٿي،
پر هن وقت اسان ننڊ جي حوالي سان خوابن جي نفسياتي
پهلو تي غور ڪرڻ کي پوئتي ڇڏي آيا آهيون، ۽ اهو ڪو
آخري موقعو به نه آهي، جنهن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري
رهيا آهيون.
اهو اعتراض بهرحال پيدا ٿي سگهي ٿو، جيڪو انهن
گذريل نتيجي تي گمان پيدا ڪري، انهن کي هيٺ مٿي
ڪري ڇڏڻ جو نقصان رسائي ڇڏي.جيڪڏهن اڻ ڌريا يا
معمولي تاثر، خواب ۾ ويجهڙائيءَ واري عرصي کي مهيا
ڪرڻ لاءِ رڳو پنهنجو رستو ڳولهي وٺن ته اهو ڪيئن
ٿي سگهي ٿو ته خواب جو متن زندگيءَ جي اوائلي
زماني جي انهن جزن يا عنصرن کي به شامل ڪري وٺي،
خاص طور ان وقت جڏهن اهي ويجهڙائيءَ واري عرصي ۾
غلبو ڪندا آهن، ”اسٽرومپيل“
Strumpell- 1877,40)
جي استعمال ڪيل لفظن مطابق: ”گهڻو اڳ وساري ڇڏيل
عنصرن جي (ويجهڙائيءَ ۾ توڙي نفسياتي طور پيدا ٿيل
ڀاڱن جي) ڪا به نفسياتي اهميت نه آهي؟“
اعصابي مريضن جي تحليل نفسيءَ واري کوجنا جي حوالي
سان اهو اعتراض يقينن اسان جي سامهون اچي ٿو، جنهن
جي وضاحت هن ريت آهي ته اهو وڃائجي يا گم ٿي وڃڻ
جو عمل، جيڪو اڻ ڌريي يا خسيس مواد جي ذريعي
نفسياتي اهميت کي، خواب ۽ سوچن جيان منتقل ڪري ٿو
(جيئن خواب ۽ سوچن ۾) اهڙن معاملن ۾ اهو سوال يا
خيال، زندگيءَ جي اوائلي دور ۾ اڳ ۾ ئي پنهنجي
جاءِ والاري چڪو هوندو آهي، جيڪو پوءِ يادگيرين ۾
محفوظ ٿي ويندو آهي. خاص اهي عنصر، جيڪي حقيقي طور
تي اڻ ڌريا يا خسيس هوندا آهن، اهي گهڻو وقت اڻ
ڌريا يا خسيس نه رهندا آهن، ۽ تڏهن اهي، گم ٿي وڃڻ
جي خيال کان، نفسياتي مواد جي اهميت ذريعي کڄندا
آهن. ان صورت ۾ ڪو به رهجي ويل، اڻ ڌريو يا خسيس
عنصر خواب ۾ حقيقي طور تي ٻيهر پيش نه ٿي سگهندو
آهي.
پڙهندڙ ان پوئين دليل مان درست فيصلو ڪري سگهن ٿا
ته مان اها دعويٰ ڪريان ٿو ته خواب کي چوريندڙ ڪي
به تاثر ”اڻ ڌريا يا خسيس“ نه هوندا آهن ۽ نتيجي
طور نه ئي خواب ڪي سادا يا ناقص ٿيندا آهن. منهنجي
راءِ آهي ته اهي پنهنجي قاعدن تي عمل ڪندڙ، اصول
پرست هوندا آهن، جيڪي پابندين کان آزاد ۽ ساڃاهه
ڀريا هوندا آهن. جيڪڏهن مان ٻارن جي انهن خوابن کي
جن جا مختصر ردعمل کين رات جو ڪنهن احساس ۾ مبتلا
ڪندا هجن، هڪ پاسي به ڪري ڇڏي ڏيان! ۽ ان ڳالهه
کانسواءِ ته اسان خواب ڪهڙو ٿا ڏسون، ڀلي ته خواب
جي پيشڪش، نفسياتي اهميت جي نشاندهي ڪندڙ هجي يا
ان جي ڪا بگڙيل صورت هجي ۽ سمجهه ۾ ايندڙ نه به
هجي، تنهن هوندي به خواب جو تجزيو ڪري سگهجي ٿو.
ان کانپوءِ هڪ ڀيرو وڌيڪ ان جي اهميت کي ڳولهي
سگهجي ٿو. خواب روزاني جي انفرادي يا معمولي
ڳالهين سان وابستا نه هوندا آهن: اسان اجاين
ڳالهين جي ڪري پنهنجي ننڊ ۾ خلل وجهڻ نه چاهيندا
آهيون.
”هيولاڪ ايلس“ منهنجي ڪتاب جو نهايت دوستاڻي انداز
سان تنقيد ڪندڙ آهي، تنهن لکيو آهي ته:
”اهو ئي نڪتو آهي، جنهن تي اسان مان ڪيترائي،
فرائيڊ جي ڪڍيل نتيجن جي گهڻو پويان نه لڳا آهن.“
بهرحال ”هيولاڪ ايلس“ به خوابن جي تشريح تان
رهنمائي حاصل نه ڪئي آهي ۽ ان ڳالهه کي مڃڻ کان
انڪار ڪيو آهي ته ”اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ڪنهن جي
وضاحتي متن تي فيصلي جو بنياد ٻڌجي.“
ان ۾ شڪ نه آهي ته ان وقت بلڪل واضع، معصوم ۽ سادا
سپنا به پنهنجو رخ بدلائي ڇڏيندا آهن، جڏهن اسان
انهن جي تشريح جي ڪوشش ڪندا آهيون، اهي، جيڪڏهن
مان ائين چوان ته اهو رڍ جي کل ۾ بگهڙ هوندو آهي.
هيل تائين اهو ٻيو نڪتو آهي، جنهن تي اميد آهي ته
اختلاف پيدا ٿيندو. بهرحال خوابن جي بگڙجي وڃڻ جي
ڪم کي ظاهر ڪرڻ لاءِ مان پنهنجي محفوظ دفتر مان
ڪيترن ئي چونڊ سادن سپنن کي تجزيي لاءِ پيش ڪندي
خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان.
(الف)
هڪ ذهين، مهذب ۽ نوجوان خاتون، نهايت سنجيده ۽
پنهنجي رويي سبب احساسن ۽ خيالن جو اظهار نه ڪري
سگهندڙ هئي، هن ريت ٻڌايو ته:
”مون خواب ڏٺو ته مان بازار دير سان پهتي آهيان،
جو نه ڪاسائيءَ وٽان ڪجهه ملي ٿي سگهيو نه ئي
ڀاڄيءَ واري عورت وٽ ڪجهه بچيو هو.“
ان ۾ شڪ نه آهي ته هي هڪ سادو خواب آهي، پر اهو
خواب جيترو سولو نظر ٿو اچي، سلڻ ۾ اوترو سولو نه
آهي، جنهن ڪري مون کيس وڌيڪ تفصيل ٻڌائڻ لاءِ چيو،
تنهن تي هن مون کي ڪجهه هن ريت ٻڌايو: ”هن خواب
ڏٺو ته هوءَ پنهنجي باورچيءَ سان گڏجي بازار وئي
آهي، جيڪو سندس ٿيلهو کڻي پئي هليو. جنهن بعد هوءَ
کانئس ڪجهه پڇي ٿي، ڪاسائي کيس چوي ٿو ته: ”وڌيڪ
ڪجهه نه بچيو آهي“ ۽ کيس ڪجهه ٻيو خريدڻ لاءِ چوي
ٿو، گڏوگڏ اهو به چوي ٿو ته: ”هي به سٺو آهي.“
هوءَ انڪار ڪري ٿي ۽ وڌي وڃي ٿي سبزي وڪڻڻ واري
عورت ڏانهن ۽ ڪوشش ڪري اها خاص ڀاڄي خريڻ چاهي ٿي
جيڪا ڳنڍڙيءَ ۾ ٻڌل آهي، پر اها ڪاري رنگ جي هئي،
هوءَ چوي ٿي: مان هن کي نه ٿي سڃاڻان ان ڪري اها
نه ٿي کڻڻ چاهيان.“
هن خواب جو تعلق سڌو سنئون گذريل ڏينهن سان
سلهاڙيل آهي. هوءَ حقيقت ۾ بازار به دير سان وئي
هئي ۽ ڪجهه به خريد ڪري نه سگهي هئي. اها صورتحال
هن جملي جي صورت اختيار ڪندي نظر ٿي اچي ته ”گوشت
جو دڪان بند هو.“ معاملو ائين نه هو يا گهڻو ڪري
ان جي ابتڙ هو، اهو مرداني انداز جو هڪ قسم جو ڪو
ڇيڳرو يا گندو جملو هو؟.
بهرحال اهو جملو خود خواب ڏسندڙ عورت استعمال نه
ڪيو هو، ٿي سگهي ٿو هوءَ ان جملي کي استعمال ڪرڻ
کان ڪيٻائيندي هجي. ان حوالي سان اچو ته پهرين عقل
کي ڊوڙائي ڏسون، ٿي سگهي ٿو ته اسان خواب جي تهه
تائين پهچي وڃون.
جڏهن خواب ۾ ڪنهن شيءِ ۾ سڌو سنئون ڳالهائڻ جي
خاصيت هوندي آهي ته ان لاءِ ائين چئبو ته جڏهن اهو
چيو ويو آهي يا ٻڌو ويو آهي، اهو جاڳ واري حالت ۾
حقيقي طور ڳالهايل جملو هوندو آهي پر ان ڏانهن
ڌيان نه هوندو آهي، جيڪو يقيني ڳالهه ۾ تفاوت يا
اختلاف ڪرڻ جي اصول جيان آسان هوندو آهي، جنهن
لاءِ جيتوڻيڪ پڪ هوندي آهي پر ان کي هڪ نئون مواد
ڪري پيش ڪيو ويندو آهي، البت اهو ٿي سگهي ٿو ان ۾
ٿوري ڪاٽ ڪوٽ يا ان ۾ ٿوري ڇنڊ ڇاڻ ٿي هجي، ۽ ڪنهن
خاص انداز ۾ پنهنجي متن مان علحدگي اختيار ڪري آيو
هجي.
خواب جي تشريح جو هڪڙو اصول ڳالهائڻ وارن جملن جي
طريقي جو به آهي، ان حوالي سان گوشت واري جو اصل
جملو هن ريت آهي: ”وڌيڪ ڪجهه به دستياب نه آهي.“
ان جو جواب مان پنهنجي ئي مثال ذريعي ٿو ڏيان:
”ڪجهه ڏينهن اڳ مون ان مريض کي پئي سمجهايو ته
ننڍپڻ جا تجربا گهڻو وقت ميسر نه ٿا رهن، پر انهن
جي، خوابن ۾ تبديل ٿيڻ واري عمل ذريعي تشريح ڪري
سگهجي ٿي.
ان حوالي سان مان ڪاسائي هوس ۽ هوءَ ان ”تبديليءَ“
جي عمل کي، پنهنجي پراڻين عادتن ۽ احساسن جي پيش
ٿيڻ کي رد ڪري رهي هئي. اڳتي ڏسو ته سندس اصل بيان
هي آهي ته: ”مان ان کي نه ٿي سڃاڻان.... مان ان کي
نه ٿي کڻڻ چاهيان.“ تجزيي جي مقصد لاءِ اهي جملا
ورهائي رکيا ويا آهن: ”مان ان کي نه ٿي سڃاڻان“.
اهو جملو هن هڪ ڏينهن اڳ ۾ پنهنجي بورچيءَ کي چيو
هو، جنهن سان سندس اختلاف ٿي پيو هو، ”توکي عزت
سان پيش اچڻ گهرجي.“ پر ان جي باوجود هوءَ ساڻس گڏ
وئي هئي: هن کيس چيو هو. ان مان وڃائجي يا گم ٿي
وڃڻ“ بلڪل واضع آهي، خواب سندس انهن ٻن ناقابل
توجهه جملن کي چونڊي شامل ڪرڻ جو عمل ڪيو. پر اهو
رڳو ذهن مان ڪڍي ڇڏڻ جي ڪري ٿيو هو، ڇاڪاڻ ته سندس
ئي چوڻ هو: ”توکي عزت سان پيش اچڻ گهرجي، ۽ اهي ئي
لفظ خواب جي بچيل مواد ۾ کپي ويا: ”اهي لفظ ان شخص
لاءِ استعمال ڪرڻ بلڪل درست آهن، جيڪو جيڪڏهن رڳو
تنقيد ڪندو هجي ۽ ناجائز مشورا ڏيندو رهندو هجي ۽
اهو وساري ويهي ته کيس گوشت جو دڪان به بند ڪرڻو
آهي.“
سبزي فروش جي معاملي ۾ هڪدم نظر نه ايندڙ ۽
اشاراتي عمل جي سلسلي ۾ اسان کي وڌيڪ پڪ ٿي ٿئي ته
اسان جو تجزيو بلڪل درست رستي تي آهي، وڪامجندڙ
سبزي، جيڪا ڳنڍڙيءَ جي صورت ۾ ٻڌل آهي، ۽ اها ڊگهي
هئي، (اها ڳالهه مريضه پوءِ شامل ڪئي)، ۽ ڪاري به
هئي. سا به سوسن جي گل جهڙي ڀاڄيءَ جو خوابي
امتزاج آهي ۽ ڪارو رنگ (اسپيني زبان مطابق)
ڳاڙهسرو ٿي سگهي ٿو. جنسيات جو ڪو به ڄاڻو ان سوسن
جي گل جهڙي ٻوٽي جي تشريح درست ڪري سگهي ٿو، پر ٻي
ڀاڄي (ڳاڙهسري، ڪاري) احتجاجي اظهار ٿي سگهي ٿو،
(ڪاراڻ کي پري ڪيو.) انهن ٻنهي لفظن مان ساڳئي
جنسياتي موضوع جو اشارو پڻ ملي ٿو، جنهن جي اميد
اسان ابتدا ۾ تڏهن ئي ڪئي هئي، جڏهن اسان گوشت جي
دڪان جي بند ٿيڻ جي اصطلاح کي متعارف ٿيندي محسوس
ڪيو هو، جيڪو خواب جو اصل خزانو هو. اسان کي خواب
جي سموري مطلب معلوم ڪرڻ جي هاڻي ضرورت نه آهي،
ڇاڪاڻ ته اهو ڪافي واضع آهي: ان جي جيڪا به معنيٰ
آهي، بهرحال اها سادي خواب کان گهڻو دور آهي.
جيڪڏهن ڪنهن کي معلوم ڪرڻ جو شوق هجي ته ان لاءِ
مان اها ڳالهه شامل ڪري سگهان ٿو ته اهو خواب،
جنسياتي طور ڀڙڪائڻ جي منهنجي پنهنجي ناجائز رويي
جي خيالي اڏام کي مخفي رکڻ جي ڪوشش جو نتيجو هو ۽
مريضه منهنجي ورتاءَ جي خلاف پنهنجو بچاءُ ڪري رهي
هئي. جيڪڏهن اها تشريح حيرت انگيز آهي ته مون کي
رڳو اهڙن ڪيترن ئي واقعن کي پيش ڪرڻ جي ضرورت
محسوس ٿئي ٿي جن ۾ ڊاڪٽرن جي خلاف، زناني جنسي
بيماريءَ ۾ مبتلا عورتن پاران اهڙا ساڳئي قسم جا
الزام لڳايا ويا آهن، پر اهڙن معاملن ۾ خيالن جي
اڏام، شعور مان بگڙيل شڪل بجاءِ اصل حالت ۾ نروار
ٿيندي آهي ۽ وهم يا مغالطي جي صورت ۾ سا به رڳو
سپني جيان. مذڪوره خواب مريضه جي تحليل نفسيءَ جي
ابتدائي علاج دوران رونما ٿيو هو، تيستائين ائين
نه ٿيو جيسيتائين مون اهو نه ڄاتو ته هوءَ پنهنجي
ابتدائي طور پهتل ڪنهن صدمي سبب لڳندڙ ذهني ڌڪ يا
تشدد جي صورتحال ۾ وڌندڙ اعصابي مونجهاري کي
ورجائي رهي هئي. اها صورتحال مان ننڍيءَ عمر ۾ ٿيل
زوريءَ زنا
(Sexual assault)
جي ٻين مريضن ۾ به ڏسي چڪو هوس، جيڪي پنهنجي خوابن
۾ ساڳئيءَ ريت ئي پيا ڏسندا هئا، جيئن ساڻن عمل
ٿيل هو.
هي خواب به گذريل ڏينهن جي حقيقي واقعي جو ورجاءُ
آهي. سندس مڙس کانئس اهو ئي سوال پڇيو هو ۽ هن به
کيس ڪو اهڙو ئي جواب ڏنو هو. پر هن جي اهڙي قسم جي
خواب ڏسڻ جو مطلب ڪهڙو آهي؟ هن مون کي ٻڌايو ته:
”سندس پيانو هڪ پراڻي ۽ ڀڳل پيتي آهي، جنهن مان
نهايت بڇڙو آواز نڪرندو آهي، جيڪو شاديءَ کان اڳ ۾
سندس مڙس وٽ هوندو هو. (اهو پويون جملو نعم البدل
خيال کي پيش ڪري ٿو، جنهن جي ڪري تشريح آسان ٿي
وڃي ٿي.)
(ب)
هتي گذريل خواب جي بچيل حصي جي خيال کان، ساڳيءَ
مريضه جو هڪڙو ٻيو سادو خواب پيش ٿو ڪريان:
”سندس مڙس پڇيو: ”ڇا تنهنجو خيال نه آهي ته پنهنجي
پيانو کي سُرَ ۾ آڻجي؟“ هن وراڻيس: ”اهو بيڪار
آهي، ان جي سرن سان ٽڪرائجندڙ هٿوڙين کي هر صورت ۾
ٻيهر جوڙائڻ جي ضرورت آهي.“
پر حل ڪڍڻ وارو معاملو سندس انهن ئي لفظن ۾ موجود
آهي ته: ”هاڻي ته اهو بيڪار آهي.“ اهي لفظ هن وٽ
سندس هڪ ساهيڙيءَ وٽان آيا هئا، جنهن سان هوءَ هڪ
ڏينهن اڳ ۾ ملي هئي. تنهن کيس پنهنجو جئڪيٽ کڻي
وڃڻ لاءِ چيو هو، جنهن تي هن کيس وراڻيو هو:
”تنهنجي مهرباني، اهو بيڪار آهي، مان رڳو هڪڙي
لمحي لاءِ ترسنديس.“
جڏهن هن مون کي ٻڌايو پئي ته مون کي ياد آيو ته
ڪالهوڪي ڏينهن واري تجزيي کانپوءِ هن اهو جيڪيٽ
پاتو هو، جنهن ۾ هڪڙو ٻيڙو به کٽل هو، ان ڪري ئي
هن ائين چيو هو ته: ”مهرباني ڪري هن ڏانهن نه
نهار، هاڻي هي بيڪار ٿي ويو آهي.“ اسان بهرحال شڪ
ڪري سگهون ٿا ته اهو سپنو وٽس ابتدائي وقت جي يادن
مان آيو هو. جيڪڏهن اسان سندس يادن مان هڪڙا ٻه
لفظ ”بيمار ڪندڙ ناراضگيءَ“ ۽ ”بڇڙو آواز“ چونڊيون
۽ جيڪڏهن اسان ياد ڪريون ته هن اهو لڳاتار ڪيترا
ڀيرا استعمال ڪيو هوندو تڏهن به ٻنهي صورتن ۾ اهو
مفاهمت پيدا ڪندڙ آهي ۽ خواب ۾ زميني گولائيءَ جي
اڌ
(Hemisphere)
يعني ڪٽوري جيان پر گهٽ استعمال ٿيل زناني جسم جي
حصي جو يا ته اختلاف ڏيکاريندڙ آهي يا ان جي وڏي
هجڻ جي نعم البدل جيان آهي.
(ٻ)
مان هن سلسلي کي هڪ لمحي لاءِ روڪيان ٿو ۽ هڪ
نوجوان شخص جو مختصر ۽ سادو سپنو پيش ڪريان ٿو: هن
ڏٺو ته ”هن پنهنجو سياري وارو وڏو/ ڊگهو ڪوٽ هڪ
ڀيرو ٻيهر پاتو هو، جيڪا هيبتناڪ شيءِ هئي.“
ظاهري طور هن خواب جو سبب ته هڪدم ٿڌ واري موسم جو
اچڻ آهي، پر جيڪڏهن ان جي ٿورو وڌيڪ ويجهو وڃبو ته
اسان کي ٻه مختصر حصا نظر ايندا، جيڪي خواب کي
اڻين ٿا، اهي پاڻ ۾ مڪمل طور تي هم آهنگ نه آهن،
پوءِ اها خوف ڏياريندڙ ڪهڙي شيءَ ٿي ٿي سگهي جيڪا
سرديءَ ۾ ان ٿلهي ۽ ڳوري وڏي ڪوٽ پائڻ سان کيس
ستائي ٿي؟ ان کانسواءِ سپني جي سادگي، ان پهرين
لاڳاپي ذريعي بهرحال مونجهارو پيدا ڪندڙ آهي، جيڪا
تجزيي ۾ خواب ڏسندڙ تي ظاهر ٿي آهي. هن کي ياد آيو
ته هڪ ڏينهن اڳ ۾ هڪ عورت کيس حمل روڪ لاءِ
استعمال ٿيندڙ رٻڙ
(Condom)
استعمال ڪرڻ تي پابند ڪيو هو، ڇاڪاڻ ته سندس وڏي
پٽ پنهنجي وجود لاءِ استعمال ٿيندڙ رٻڙ ڦاڙي ڇڏيو
هو، (اڳ به رٻڙ ڦاٽي پوڻ سبب کيس پٽ ڄائو هو.) ان
بنياد تي هن پنهنجا خيال ٻيهر جوڙڻ شروع ڪيا. هڪ
سنهو رٻڙ خطرناڪ هو، پر ٿلهو رٻڙ خراب هو، ان
حوالي سان اهو رٻڙ
(Condom)
واضع طور تي ان ”وڏي/ ڊگهي ڪوٽ“ جي صورت ۾ پيش
ٿيو. اهو هڪڙو رٻڙ تڏهن کان ترڪي اچي ٻنهي (ڪوٽ ۽
ڊپ) ۾ داخل ٿيو هو، ڇاڪاڻ ته جيئن کيس عورت ٻڌايو
هو ته يقينن اهو ڪنهن غير شادي شده مرد لاءِ خوف
ڏياريندڙ هو.
۽ هاڻي اچو ته اسان پنهنجي معصوم عورت جي خواب
ڏانهن موٽي هلون.
(ڀ)
”هن ميڻ بتيءَ ان جي اٽڪيل جاءِ تان کنئي، پر
کڻندي ميڻ بتي ٽٽي پئي، ان ڪري اها ٻيهر درست
طريقي سان بيهي نه پئي سگهي. سندس اسڪول جون
ڇوڪريون چوڻ لڳيون ته هوءَ بي ڍنگي هئي، پر
ماسترياڻيءَ چيو ته ان ۾ هن جو قصور نه آهي.“
هيل تائين هي ٻيو واقعو هو جيڪو حقيقي خواب تي ٻڌل
هو. هڪ ڏينهن اڳ ۾ ان عورت واقعي ان اٽڪيل جاءِ
تان ميڻ بتي کنئي هئي، پر اها ٽٽي ڪا نه هئي. هن
خواب ۾ چند شاف علامتون استعمال ٿيل هيون. ميڻ بتي
هڪ اهڙي شيءَ آهي جيڪا عورت جي زناني عضوي کي جلد
جوش ۾ آڻڻ واري حالت پيدا ڪري سگهي ٿي، ۽ جيڪڏهن
اها ٽٽي پئي آهي: ”صحيح نموني سان بيهي نه
سگهندي“، ان جو مطلب ٿيو ته مرد، ويچارو نامرد آهي
(ان ۾ هن جو قصور نه آهي.) پر جنهن جوان عورت جي
پرورش احتياط سان ٿي هوندي، ان کي ميڻ بتيءَ جي
استعمال جي به خبر هوندي ته ان بڇڙائيءَ مان
نڪرندڙ نتيجي کان واقف هوندي. ائين ٿيو هو ۽ هوءَ
ان مان حاصل ٿيل ڄاڻ بابت اشاري ڏيڻ جي قابل هئي.
هڪ ڀيري، جڏهن هوءَ ”رائن“
(Rhine)
۾ ٻيڙيءَ ۾ سير ڪري رهي هئي ته هڪ ٻي ٻيڙي سندن
ڀرسان گذري، جن ۾ شاگرد ويٺل هئا، انهن ۾ وڏو جوش
۽ ولولو هو ۽ ڳائي رهيا هئا:
”جڏهن سوڊان جي راڻي،
دريءَ تي ڪيرايل پردن پويان، نهاريو
اپولو ميڻ بتين سان... اپولو ميڻ بتين سان......“
ان عورت شايد اهو آخري لفظ نه ٻڌو يا کيس سمجهه ۾
نه آيو، جنهن جو مطلب هن پنهنجي مڙس کان سمجهيو.
اهو شعر، هن جي انهن چند معصوم يادگيرين جي ذريعي
سندس خواب جي متن ۾ منتقل ٿي آيو، اسڪول واري
زماني ۾ جڏهن هن اهڙي قسم جو بي ڍنگو ڪم ڪيو هو. ۽
منتقل ٿيڻ واري عمل: دريءَ تي ڪيرايل پردن جي عام
عنصر کي ممڪن بڻائي ڇڏيو هو. ”مشتزنيءَ ۽
نامرديءَ“ جي ٻنهي موضوعن جي وچ ۾ گهڻو پڌرو
لاڳاپو آهي. ”اپولو“ هن خواب جي ڳجهي مواد ۾ سندس
ابتدائي ڪنوارپ جيڪا روم جي سياڻپ ۽ جنگ جي ديوي
(Pallas)
جيان سهڻي هئي پر مجموعي طور تي معصوميت کان گهڻو
پري هئي.
(ت)
ان حوالي سان اسان پڙهندڙ کي ان ڳالهه تي آزمائش ۾
وجهڻ نه ٿا چاهيون ته خواب جو نتيجو ڪڍڻ ايترو
سولو آهي جيترو خواب ڏسندڙ جي اصل زندگيءَ کي
سمجهڻ سولو آهي، مان هتي ساڳئي مريضه جو هڪ ٻيو
خواب شامل ٿو ڪريان، جنهن ۾ پڻ سادو اظهار ٿيل
آهي: ”مان ڏسان ٿي،“ هن چيو، ”بلڪل ائين جيئن مون
ڪالهه ڪيو هو. مون هڪ ننڍي پيتيءَ کي ڪتابن سان
ڀري ڇڏيو، جنهن جي ڪري ان کي بند ڪرڻ ۾ دقت پئي ٿي
۽ مون خواب پئي ڏٺو ته ڄڻ اهو سڀڪجهه حقيقت ۾ پيو
ٿئي.“ هن واقعي ۾ بيان ڪندڙ عورت پاڻ ئي حقيقت ۽
خواب جي متعلق قبوليت تي خاص زور ڏنو آهي.
خواب متعلق اهڙن فيصلن ۽ انهن تي ڏنل راين جي
حوالي سان ڏٺو ويو آهي ته حالانڪ اهي پاڻ کي جاڳ
واري حالت ۾ سمجهندا آهن، ۽ خواب جي ڳجهي مواد کي
ثابت طور تي يا بنا تبديليءَ واري انداز ۾ ڏسندا
آهن. اهڙي قسم جي ٻين مثالن جي تصديق جي حوالي سان
کوجنا اڳتي ڪنداسين، ته اسان ڇا چيو، تنهن کانپوءِ
اهو ڏسنداسين ته خواب هڪ ڏينهن اڳ واري ڪهڙي ڳالهه
بيان ڪئي آهي. ان جي وضاحت لاءِ تمام گهڻي جاءِ
گهرجي ته اهو خيال منهنجي دماغ ۾ ڪيئن آيو ته
خوابن جي تشريح لاءِ انگريزي زبان کي استعمال
ڪريان. ان ساڳئي طريقي سان ”پيتي“، ”ڇاتيءَ“ جو
نعم البدل هو، ۽ خواب جي تشريح اسان کي هڪدم سندس
جوان ٿيڻ واري جسماني اوسر ڏانهن موٽي هلڻ جي
رهنمائي ڪري ٿي، جڏهن هوءَ پنهنجي جسماني ڊول کان
مطمئن نه هوندي هئي. ان سلسلي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر به
ايترو چوڻ ڪافي آهي ته ان ”ننڍڙي پيتيءَ“ جي سوال
۾ ڇا لڪل هو! جيڪا ايتري ڀريل هئي جو ان ۾ وڌيڪ
ڪجهه وجهڻ جي گنجائش ئي نه هئي.
انهن سمورن ”سادن“ سپنن جي ڇنڊ ڇاڻ جو مقصد، جنسي
عنصر ظاهر ڪرڻ آهي، بهرحال هي موضوع وڏي اهميت جو
حامل آهي، جنهن کي في الحال مان هڪ پاسي تي ٿو
رکان.
(2)
خوابن جي بنياد ۾ ٻالڪپڻي جو مواد
INFANTILE MATERIAL AS A SOURCE OF DREAMS
هن موضوع بابت ”روبرٽ“ جي اعتراض سميت هر ٻئي ليکڪ
جيان، مون خوابن جي متن جي ٽين نرالپ جي نشاندهي
ڪئي آهي، اها خاصيت، ٻالڪپڻي جي اهڙن اوائلي تاثرن
کي به شامل ڪري سگهي ٿي، جيڪي جاڳ جيون جي ياگيرين
دوران به سولائيءَ سان رسائي جوڳا نه هوندا آهن.
يقينن اهو طئي ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي ته اهي ڪڏهن ڪڏهن
ڪيترا يا گهڻو ڪري ڪيترا نروار ٿيندا آهن.
جيسيتائين خواب جي عنصرن جي وجود ۾ اچڻ جو سوال
آهي ته اهي جاڳڻ کانپوءِ شناخت ٿي نه سگهندا آهن،
ان جي نشاني اها آهي ته اسان ٻالڪپڻي جي انهن
تاثرن/ احساسن سان ڪهڙو وهنوار رکندا آهيون جيڪي
ٻاهرين شاهدين جي ذريعي قائم ٿيل هوندا آهن ۽ ائين
ڪرڻ جو موقعو ورلي ئي ايندو آهي. ان سلسلي ۾ خاص
قائل ڪندڙ دليل ”مائوري“
(Maury-1878.143)
گذريل صفحن تي آندل) ان شخص متعلق ڏنو آهي جيڪو
اٽڪل ويهن سالن کانپوءِ هڪ ڏينهن پنهنجي پراڻي گهر
ڏانهن ٻيهر وڃڻ جو فيصلو ڪري ٿو. ان ساڳئيءَ رات،
سفر تي وڃڻ کان اڳ ۾ هن خواب ڏٺو ته: ”هو بلڪل اڻ
ڄاتل هنڌ تي ويو آهي، جنهن جي هڪ گهٽيءَ ۾ ساڻس هڪ
اجنبي مليو آهي، جنهن سان هن گفتگو ڪئي آهي.“ هو
جڏهن پنهنجي اصل گهر تي پهتو ته هن ڏٺو ته واقعي
سندس اباڻي گهر جي ڀر واري پاڙي ۾ اها اڻڄاتل جاءِ
سچ پچ موجود هئي ۽ جنهن اجنبي کي خواب ۾ ڏٺو
هئائين اهو ڦري سندس گذاري ويل والد جو اهو دوست
نڪتو، جيڪو اڃان سوڌو اتي ٿي رهيو. اها نتيجا خيز
شاهدي آهي ته ننڍپڻ ۾ هن انهن ٻنهي شخصن ۽ جاين کي
ڏٺو هو.
هن خواب جي پڻ ان عورت جي خواب جيان اٻهرائيءَ يا
بي صبريءَ جي حوالي سان تشريح ٿيندي، جنهن جي کيسي
۾ موسيقيءَ جي پروگرام ڏسڻ جي ٽڪيٽ پئي هئي يا ان
ٻار جو خواب جنهن سان سندس پيءُ ٻئي ڏينهن ”هامي
آئو“ گهمائڻ جو وعدو ڪيو هو. ڪنهن عمل يا مقصد
واسطي اندر ۾ موجود نيت يا مراد جيڪا خواب ڏسندڙ
جي ٻالڪپڻي جي خاص تاثر کي ٻيهر پيش ڪرڻ جي اڳواڻي
ڪري ٿي، اها ڪنهن ٻئي احساس کي پيش نه ٿي ڪري
سگهي، جنهن کي يقينن بنا تجزيي جي دريافت به ڪري
نه ٿو سگهجي.
ڪنهن شخص، جنهن منهنجون تقريرون ٻڌيون هيون ۽ اها
ٻٽاڪ هنئي هئي ته کيس خواب ڇٽيءَ ڇهه ماهيءَ ئي
ڪنهن بگڙيل صورت ۾ نظر ايندا آهن، پر گهڻا ڏينهن
نه ٿيا جو هن هڪڙو خواب ڏٺو ته ”سندس پراڻو استاد،
بستري تي ڪنهن گهر جي سار سنڀال لهندڙ مائيءَ سان
ستل آهي،“ جيڪو گذريل يارهن سالن کان سندن خاندان
سان جڙيل هو. هن ان جاءِ جي نشاندهي به ڪئي، جتي
کيس اهو منظر نظر آيو هو. دل ۾ اوراکورا محسوس
ڪندي هن پنهنجو خواب پنهنجي وڏي ڀاءُ کي ٻڌايو،
جنهن کيس کلندي، ان سچ جي تصديق ڪئي، جنهن بابت هن
خواب ڏٺو هو. سندس ڀاءُ کي پڪيءَ ريت ياد هو، ان
وقت هو ڇهن سالن جو هو. تڏهن پيار ونڊيندڙن جي
عادت هوندي هئي ته جڏهن به رات جو جنسي ميلاپ کان
اڳ ۾، پنهنجي وڏڙن ٻارن کي جَوَن جو ست
(Beer)
پياري سمهاري ڇڏيندا هئا. ننڍو ڇوڪرو (خواب ڏسندڙ)
ان وقت ٽن سالن جو هو ۽ گهر جي سار سنڀال واري
مائيءَ سان ٻئي ڪمري ۾ ستل هو. جنهن سان سمهڻ ۾
کيس ڪا به رڪاوٽ ڪانه هوندي هئي، (وضاحت ايندڙ
صفحن تي ڪيل آهي.)
هڪڙو ٻيو رستو به آهي، جنهن جي بنياد تي بنا ڪنهن
تجزياتي مدد جي، خواب ۾ پيش ٿيندڙ ننڍپڻ جي مواد
جي تصديق ڪري سگهجي ٿي. ان قسم جي خوابن کي ”ٻيهر
رونما ٿيڻ يا وقفي وقفي سان ظاهر ٿيڻ وارا“
(Recurrent type)
چئبو آهي، جنهن لاءِ ائين چئي سگهجي ٿو ته ٻالڪپڻي
دوران اهو ڪڏهن ڏٺو ويو هو، جيڪو جوانيءَ تائين
وقفي وقفي سان پيو ظاهر ٿيندو آهي.
مان ڪجهه اهڙن خوابن جا مثال شامل ڪرڻ جي قابل
آهيان، جن کان مان واقف آهيان ۽ جيڪي منهنجي
پنهنجي دفتر ۾ به درج آهن، جڏهن ته انهن جو تجربو
مون پنهنجي سر نه ڪيو آهي. هڪڙي ٽيهارو سالن جي
معالج ٻڌايو ته: ”سندس ننڍپڻ کان اڄ تائين سندس
خوابن ۾ پيلي رنگ جو شينهن اڪثر نظر ايندو آهي.“
جنهن کي اٽڪل هڪ منٽ تائين بيان ڪرڻ جي به قابل
هو. اهو شينهن سندس خواب کان علاوه هڪ ڀيري، چيني
زيور جيان کيس جسماني صورت ۾ نظر آيو هو، جنهن کي
وساريندي به کيس عرصو ٿيو هو. ان شخص، پنهنجي ماءُ
کان ٻڌو هو ته ننڍپڻ ۾ اهو رانديڪو کيس ڏاڍو وڻندو
هو، جڏهن هن کان پاڻ کان به اها حقيقت وسري وئي
هئي.
جيڪڏهن هاڻي ”خوابي متن“ جي وضاحت کان ”خوابي
خيالن“ ڏانهن رخ ٿا ڪريون جن جو تجزيو اڃان تائين
رهيل آهي ته اسان کي به ٻالڪپڻي جي تجربن جو خوابن
۾ پيش ٿيڻ تي واقعي حيرت ٿي آهي، ڇاڪاڻ ته ”جيئن“
سمجهيو ٿو وڃي، انهن جو متن ڪنهن جي ”تيئن“
رهنمائي نه ٿو ڪري.مان خاص طور پنهنجي ساٿيءَ جي
پيلي رنگ واري شينهن جي ان قسم جي ڄاڻ ڏيندڙ مثال
جي قبوليت جو پابند آهيان.
”نئن سين“
(Nansen)
جي قطبي مهم جي بيان پڙهڻ کانپوءِ هن خواب ڏٺو ته:
”هو ڪنهن برفاني ميدان ۾ موجود آهي ۽ ڪنهن مهم جُو
سورمي، سندس ان عصبياتي وَرَمَ جي حملي جو ڪيمياوي
برقي رو واري انداز ۾ علاج ڪيو آهي، جنهن ۾ هو
مبتلا هو.“ خواب جي تجزياتي سلسلي ۾ ڏٺو ويو ته هن
پنهنجي ننڍپڻ جي هڪ آکاڻيءَ جو حساب لڳايو هو،
جنهن اتفاق سان اڪيلي سر سندس خواب کي چٽو ۽ سمجهه
۾ ايندڙ بڻائي ڇڏيو هو. جڏهن هو ٽن يا چئن سالن جو
ننڍو ٻار هو ته هڪ ڏينهن هن پنهن وڏن کان بري ۽
بحري سفرن ۽ کوجنائن جون ڳالهيون ٻڌيون هيون، تڏهن
هن پنهنجي پيءُ کي گڏ وٺي وڃڻ لاءِ چيو هو، جڏهن
ته هو سخت بيمار هو. هن يقينن پنهنجا ”سفر“، ”عدم
اطمينان“ سان جوڙي، پاڻ کي مونجهاري ۾ مبتلا ڪري
ڇڏيو هو، ۽ سندس ڀائرن ۽ ڀينرن ڏٺو ته هن ڪڏهن به
اها جذباتي غلطي نه وساري هئي.
اهو ساڳيو مثال هو جڏهن مان ”مريم جي گل“ جي جنس
تي مشتمل مقالي واري خواب جو تجزيو ٿي ڪيو. مان
جڏهن پنجن سالن جو هوس ته پنهنجي والد جي ننڍپڻ
جون يادون ٻڌي دماغ چرخ ٿي ويندو هو، تڏهن هن مون
کي رنگين تصويرن وارو ڪتاب ڏنو هو جنهن کي مون
ڦاڙي ڇڏيو هو. ٿي سگهي ٿو ته اها ياد، خواب جي
مضمون لاءِ ڪنهن صورت جي تعين ڪرڻ ۾ حقيقي طور حصو
وٺندي هجي، يا ٿي سگهي ٿو ته تنهن کانپوءِ، تجزيي
جي عمل ڪنهن حد تائين لاڳاپو نه جوڙيو هجي، پر
ثابت ڪندڙ ۽ هڪ ٻئي سان ڳنڍيندڙ لاڳاپا، ٿي سگهي
ٿو ته اسان کي پراڻن متبادلن کي قبول ڪرڻ جي ضمانت
ڏيندا هجن: ”مريم جو گل“
(Cyclamen):
”منهنجو پسنديده گل،“ منهنجو پسنديده کاڌو: ”اُٺ
ڪٽاريءَ جهڙو ٻوٽو“، جنهن جي چوٽيءَ تي گهاٽو ۽
ٿلهو گل ٿيندو آهي، جنهن کي سبزيءَ جي طور تي به
استعمال ڪيو ويندو آهي
(Artichoke)،
اٺ ڪٽاريءَ جيان پن پن ڪري، ان ڪتاب جا ڦاٽل ٽڪرا
کڻڻ، (پرزا پرزا ڪري ڇڏڻ جي حوالي سان چيني
بادشاهت جو به هڪڙو جملو، اسان جي ڪنن ۾ سدائين
پيو گونجندو آهي)، نبات خانو
(Herbarium)،
اڏوهي: جن جو وڻندڙ کاڌو ئي ڪتاب کائڻ آهي. گڏوگڏ
مان پنهنجي پڙهندڙ کي يقين ڏياري سگهان ٿو ته خواب
جي قطعي يا بنيادي معنيٰ، جنهن کي مون اڃان ظاهر
نه ڪيو آهي، اها ٻالڪپڻي جي منظر واري موضوع سان
مضبوط ڳنڍيل آهي.
خوابن جي ٻئي گروهه جي معاملي ۾، تجزيو ڏيکاري ٿو
ته اصل ”خواهش“ جيڪا خواب کي چوري ٿي، ۽ ان جي
”پورائي“ جي، جيڪو خواب پيش ڪري ٿو، اها ننڍپڻ مان
ئي هلي اچي ٿي، اها ئي ڳالهه اسان جي اچرج کائڻ جو
سبب آهي ته اسان ٻار ۽ ٻار جي ان من اڇل کي ٿا
ڳولهيون جيڪا اڃان تائين سندس خوابن ۾ زنده آهي.
هن نڪتي تي مان هڪ ڀيرو ٻيهر خوابن جي ان تجزيي کي
اڳيان رکندس، جيڪو اسان کي اڳ ئي ڄاڻ ڏيندڙ لڳو
هو، يعني منهنجي دوست ”ري“ جو خواب جيڪو منهنجي
چاچي جي صورت ۾ نظر آيو هو. جنهن جي تشريح جي
پوئواريءَ واري نڪتي ذريعي انهن مان هڪڙي مقصد جي
چٽيءَ ريت شناخت ڪئي وئي هئي، ته مون کي پروفيسر
طور ڀرتي ٿيڻ جي خواهش هئي، ان حوالي سان اسان اهو
مصنوعي رويو بيان ڪيو هو جيڪو خواب ۾ مون پنهنجي
دوست ”ري“ جي لاءِ، مخالفت جي پيدا ٿيڻ ۽ پنهنجي
ٻن ساٿين تي لڳل بهتان جي بدلي وٺڻ سبب محسوس ڪيو
هو، جيڪو خوابي خيالن ۾ شامل هو. هڪڙو منهنجو
پنهنجو خواب، جنهن جي تجزيي کي ائين چوندي اڳتي ٿو
وڌايان ته اهو جنهن حد تي پهتو آهي، مان اڃان
تائين پنهنجي انهيءَ حل تي مطمئن نه آهيان. مان
ڄاڻان ٿو ته پنهنجي ساٿين مٿان، منهنجي جاڳ وارو
فيصلو، جيڪو خوابي خيالن ۾ تمام ڪمزور ۽ بلڪل ئي
مختلف انداز ۾ استعمال ٿيو هو، ۽ ڀرتيءَ جي معاملي
۾ منهنجي خواهش جي زور، نصيب جو ونڊ نه ڪيو هو،
جيڪا منهنجي جاڳ ۽ خواب جي تخميني جي وچ ۾ اختلافي
وضاحت مون کي نمايان طور تي اڻپوري ٿي لڳي. جيڪڏهن
اهو واقعي سچ هو ته مختلف عنوان سان ڌيان ڏيارڻ
واري منهنجي خواهش، پڪ سان مضبوط هوندي ته اها مرض
جي ئي حوالي سان شديد خواهش جو اظهار هوندي، جيڪا
مان پاڻ ۾ شناخت ڪري نه سگهيس ۽ جنهن کي مان
پنهنجي طور تي ڌاريو ٿي سمجهيو. مان چئي نه ٿو
سگهان ته ٻيا ماڻهو، جيڪي مون کي سڃاڻين ٿا، اهي
ان ڏس ۾ مون کي ڪيئن ساڃاهي سگهندا. ائين ٿي سگهي
ٿو ته اصل ۾ مان پاڻ ئي خواهش مند هجان، پر جيڪڏهن
ائين هو ته منهنجي خواهش گهڻو اڳ پنهنجي معتبرائپ
۽ پروفيسر جي رتبي کان بدلجي وئي هئي.
ته پوءِ منهنجي خواهشن جي اصليت ڪهڙي هئي، جنهن
منهنجي اندر خواب کي جنم ڏنو؟ هن نڪتي تي مون کي
هڪڙو قصو ٿو ياد اچي جيڪو مون پنهنجي ننڍپڻ ۾ بار
بار ٻڌو هو. منهنجي ڄمڻ جي وقت هڪ پوڙهي هارياڻيءَ
منهنجي ماءُ کي بشارت ڏني هئي ته ”تنهنجو پهريون
ڄاول ٻار دنيا جا وڏو ماڻهو ٿيندو.“ ان قسم جون
بشارتون گهڻو ڪري عام جام ٿينديون رهنديون آهن:
جنهن جي ڪري ڪيتريون مائرون تمام خوشگوار اميدن
سان سرهاڻجي وينديون آهن، ۽ ڪيتريون ئي پوڙهيون
هارياڻيون يا ان قسم جون ڪي ٻيون عورتون، جيڪي
موجود دنيا جي شين بابت وڃايل قوت کي مستقبل تي
”ڌيان“ ڏيڻ ذريعي بحال رکنديون آهن. اهڙي ڪنهن
بشارت ڏيندڙ عورت کي پنهنجي انهن لفظن سان ڪو
نقصان به ته نه ٿو ٿي سگهي.
ته ڇا اهو منهنجي شان شوڪت جي طلب جو بنياد هو؟ پر
ان ڳالهه مون کي پنهنجي ابتدائي ٻاراڻي عمر جو هڪ
ٻيو تجربو ياد ڏياري ڇڏيو، جيڪو اڃان به بهتر
وضاحت مهيا ڪري سگهي ٿو. مان جڏهن يارهن يا ٻارهن
سالن جو هوس منهنجي مائٽن کي عادت هوندي هئي ته
اهي مون کي پاڻ سان گڏ ويانا شهر جي ٻاهران واري
مشهور باغ ”راٽر“
(Prater)
ڏانهن وٺي ويندا هئا. هڪ ڀيري جڏهن اسان اتي جي هڪ
ريسٽورنٽ ۾ ويٺا هئاسين ته اسان جو ڌيان هڪ اهڙي
شخص ڏانهن کڄي ويو جيڪو هڪ ٽيبل کان ٻي ٽيبل ڏانهن
پئي ويو ۽ ٿوري گهڻي گفتگو کانپوءِ هن کي ڪو موضوع
ٿي ڏنو ويو ۽ ان تي هن هڪڙو شعر پئي جوڙي ورتو.
مون هن کي پاڻ ڏانهن سڏرايو، هن اسان ڏانهن اچڻ
لاءِ ڏاڍي سرهائيءَ جو اظهار ڪيو. ان کان اڳ جو
مان کيس ڪو موضوع ڏيان هن منهنجي ڀيٽا لاءِ چند
سٽون لکي مون کي ڏنيون، ۽ هن نهايت اتساهه وچان
اظهار ڪيو ته مان شايد وڏو ٿي ڪيبينيٽ جو وزير
ٿيندس. مون کي اڃان تائين ياد آهي ته ان ٻي بشارت
منهنجي اندر ۾ ڪهڙو نه وڻندڙ تاثر پيدا ڪيو هو.
اصل ۾ اهو دور دٻاءُ پيدا ڪندڙ وچولي طبقي
(Burger)
واري وزارت جو هو.
ٿورو اڳ منهنجي والد وچولي طبقي جي چند پيشيور
شخصيتن (”هربست“
Herbst،
گسڪرا“
Giskra،
”وانگر“
Unger
”برگر“
Berger
وغيره) جون تصويرن گهر آنديون هيون، ۽ سندن اعزاز
۾ انهن تصويرن سان اسان پنهنجي گهر کي سينگاريو
هو، جن ۾ ڪجهه يهودي به شامل هئا. ان وقت کان
ڪيترائي ڪاروباري طور سرگرم اسڪولي ڇوڪرا، پنهنجي
ٿيلهن ۾ ڪيبينيٽ وزارت جا کاتا کنيو ٿي هليا. ان ۾
شڪ نه آهي ته تنهن وقت جا واقعا ان حقيقت تي مبني
هئا ته ان کان ٿورو اڳ ۾ مان قانون جي تعليم حاصل
ڪرڻ جي خيال کان يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيو هوس، پر
ان ئي لمحي مون پنهنجو خيال تبديل ڪري ورتو هو ته
وزارت جو پيشو ڪنهن علاج ڪندڙ ماڻهوءَ کي نه کڻڻ
گهرجي، پر هاڻي موٽي ٿا اچون پنهنجي خواب ڏانهن.
اهو مون تي ان وقت آشڪار ٿيو ته منهنجو خواب مون
کي اداس ڪندڙ پيشڪش کان موٽائي، دٻاءُ پيدا ڪندڙ
وچولي طبقاتي وزارت جي ٻهڪندڙ اميدن ڏينهن گهلي
رهيو هو ۽ اها هئي اها خواهش جنهن، انهن ڏينهن جي
خواهش کي پوري ڪرڻ جو سٺو طريقو ڳولهي ورتو هو.
منهنجي ٻن پڙهندڙ ۽ خارج ٿيل ساٿين واري بدسلوڪيءَ
جو رويو ان ڪري هو جو اهي يهودي هئا، جن مان هڪ
بيوقوف هو ته ٻيو مجرم هو ۽ مان انهن سان اهڙو
ريوو اختيار ڪيو ڄڻ مان وزير هوس، مون پاڻ کي وزير
واري عهدي تي رکيو. انتقام جي باهه ۾ بادشاهه
سلامت جي ميزن کي اونڌو ڪري ڇڏيو، هن مون کي غير
معمولي قسم جي پروفيسر طور ڀرتي ڪرڻ کان انڪار ڪيو
۽ مون به خواب ۾ جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻيءَ جي بنياد
تي رويو اختيار ڪيو هو، جو کيس جوتي جي نوڪ تي
رکيو هو.
هڪ ٻئي واقعي ۾ اهو واضح هو ته جنهن خواهش، خواب
کي چوريو هو اهو حالانڪ ويجهن ڏينهن منجهان هو، پر
اهو يادگيرين مان ايترو ته زوردار ۽ اضافي قوت سان
آيو هو، جنهن ننڍپڻ جي يادن تائين پاڻ پکيڙي ڇڏيو
هو. منهنجو دماغ، سپنن جو مجموعو آهي، جنهن جو
بنياد ”روم“ اچڻ واري آرزو تي بيٺل آهي، گهڻي وقت
کان اچي رهڻ، بيشڪ مان پنهنجي سپنن جي ذريعي ان
آرزو مان مطمئن رهڻ لڳو هوس: سال جي جنهن موسم ۾،
مون لاءِ سفر ڪرڻ ممڪن هو، انهن ڏينهن ۾ مان
پنهنجي صحت جي ڪري ”روم“ ۾ رهڻ کان لنوايو پئي.
مثال طور مون هڪ ڀيري خواب ڏٺو ته ”سامان کي هڪ
جاءِ کان ٻي جاءِ تي پهچائڻ واري ريل جي دريءَ
مان، مون ”طبر“
(Tiber)
۽ پونتي سينت اينگلو“
(Ponte Sant Angelo)
کي پئي ڏٺو. ريل هلڻ بند ڪيو ۽ مون کي اهو نظر آيو
ته منهنجا پير ان شهر ۾ درست طور تي ڄميل نه آهن.“
خواب ۾ جيڪو منظر نظر آيو اهو، اهو مشهور نقش نگار
هو جيڪو مان هڪ ڏينهن اڳ ۾ پنهنجي هڪ مريضه جي گهر
جي بيٺڪ ۾ ٺهيل ڏٺو هو.
”ٻئي ڀيري ڪنهن شخص مون کي مٿي ٽڪر تي چڙهڻ ۾ مدد
پئي ڪئي، جنهن مون کي ڌنڌ ۾ ويڙهيل ”روم“ ڏيکاريو،
حالانڪ اهو مون کان تمام گهڻو پري هو مگر مان بلڪل
چٽو ڏسي رهيو هوس“، ان خواب ۾ ٻيو به گهڻو مواد
آهي، جنهن جي تفصيلي احوال لکڻ لاءِ مان سوچي ته
رهيو آهيان، پر اهڙو واعدو ڪرڻ ظاهري طور ڏاڍو
مشڪل ٿو لڳي.
ڌنڌ ۾ ويڙيهل شهر جيڪو مون ان طريقي سان پهريون
دفعو ڏٺو، اهو بلڪل ”لوبيڪ“
(Lubeck)
جهڙو هو ۽ ٽڪر، ”گليشن برگ“
(Gleichenberg)
هو.
ٽئين خواب ۾ مان آخري ڀيرو ”روم“ ويو هوس، ۽ اهو
مون کي خواب ئي ٻڌايو هو، پر مان ان منظر کي ڳولهڻ
۾ ڏاڍو مايوس ٿيو هوس، جيڪو شايد ڪنهن ڳوٺاڻي نوع
جو هو: ”اهو ڪاري پاڻيءَ جو سوڙهو وهڪرو هو، جنهن
جي هڪ طرف ڪاري سامونڊي ڪناري واري ٽڪري هئي ۽ ٻئي
طرف چراگاهه هو، جنهن ۾ واڏا اڇا گل هئا، مون ”هير
زوڪر“
(Herr Zucker)
کي ڏٺو، جنهن کان مان ٿورو گهڻو واقف هوس، مون
ڏانهس رخ ڪري شهر ڏانهن ويندڙ رستو پڇيو.“
مان پنهنجي خواب ۾ انهيءَ شهر جي ڏسڻ لاءِ بلڪل
اجائي ڪوشش پئي ڪئي، جنهن کي مون جاڳ جيون ۾ اڳ
ڪڏهن ڏٺو ئي ڪو نه هو. خواب ۾ نظر آيل نظاري جي
عنصر جو ڇيد ڪندي، مان ڏسان ٿو ته ”اڇا گل مون کي
”راوينا“
(Ravenna)
]اٽليءَ
جي گاديءَ جي هنڌ سبب علحده ڪيل روم[
وٺي ٿا وڃن، جتي مان ٿوري وقت لاءِ ويو هوس.
راوينا جي چوڌاري ڌٻڻ جي ڪاري پاڻيءَ تي بيٺل اڇا
گل ڏاڍا سهڻا ٿي لڳا. جيئن ته ان پاڻيءَ مان انهن
کي پٽڻ اسان لاءِ مشڪل هو، ته خواب، اسان جي پاڻ
سان پيار واري ڪيفيت
(Narcissi)
انهن گلن کي اسان لاءِ چراگاهه ۾ ڦٽل صورت ۾ پيش
ڪيو. سامونڊي ڪناري واري ڪاري ٽڪري، تلاءَ جي
ايتري ته ويجهو هئي، جو مون کي ”ڪارلس باد“
(Karlsbad)
جي ويجهو، زندگيءَ سان ڀرپور وادي ”تيپل“
(Tepal)
جي ياد ڏياري ڇڏي. جڏهن مون ”هير زوڪر“ جو رستو
پڇيو ته ”ڪارلس باد“ مون ۾ ان انوکي تفصيل جي
وضاحت ڪرڻ جو تجسس پيدا ڪيو، ۽ ان مان اهو مواد
جنهن کي خواب، ان نڪتي تي پنهنجي اڻت ۾ شامل ڪيو،
اهي يهودين جون ٻه مزاحيه حڪايتون هيون جن جو مواد
گهڻو اونهو ۽ خاص ڪري ذهانت جي لفظن سان ڀريل آهي،
جنهن کي پنهنجي ڳالهائڻ يا لکڻ ۾ حوالي طور
استعمال ڪندي اسان ڏاڍو لطف حاصل ڪندا هئاسين. جن
مان پهرين حڪايت آهي: ”آئين“
(Constitution).
هڪڙو مفلس يهوديءَ پاڻ کي بنا ٽڪيٽ هجڻ جي ڪري،
”ڪارلس باد“ ڏانهن ويندڙ تيز گام ريل جي مال واري
دٻي ۾ وڃي لڪو هو، پر هر اسٽيشن تي پڪڙجي ٿي پيو،
۽ بار بار کانئس ٽڪيٽ جي پڇا پئي ڪئي وئي پر نيٺ
ٽڪيٽ جي نه هجڻ سبب کيس ريل مان لاهي مٿس تمام
گهڻي سختي ڪئي وئي. ”ڊولوروسا“ واري رستي تي پوندڙ
هڪڙي اسٽيشن تي کيس ڪو واقفڪار ملي ويو، جنهن پڇيس
ته ”ڪيڏانهن ٿو وڃين؟“، چيائينس: ”ڪارلس باد
ڏانهن، پر جيڪڏهن منهنجو ”آئين“ هليو ته.“
منهنجو ڌيان ٻيءَ حڪايت ڏانهن کڄي ويو: ”هڪڙو
يهودي هو، جنهن کي فرانسيسي زبان ڳالهائڻ نه ايندي
هئي، اهو جڏهن فرانس ۾ هو ته کيس ڪنهن کيس چيو ته
هو ريو ريچيليو“
(Rue Richelieu)
جو ”رستو پڇي“ اچي.“
فرانس به سالن کان منهنجي شديد خواهشن جو مرڪز
رهيو هو، ۽ اهو نهايت راحت ڏيندڙ احساس هو جڏهن
مان ان جي زمين تي پهرين قدم رکيو هو، جنهن ۾ مون
کي اها ضمانت نظر پئي آئي ته منهنجون ٻيون خواهشون
به ضرور پوريون ٿينديون. ”رستي پڇڻ“ وارو معاملو
لڳڀڳ سڌو سنواٽو ”روم“ جي تصور سان جڙيل هو. اها
ڳالهه مشهور آهي ته ان جا سڀ رستا رهنمائي ڪندڙ
آهن. باقي نالو ”زوڪر“ يعني کنڊ
(Sugar)
به ”ڪارلس باد“ جي تصور سان واڳيل آهي. اسان گهڻو
ڪري ذيابيطس
(Diabetes)
جي مريضن جي علاج دوران اهو لفظ استعمال ڪندا
آهيون،.
خواب کي اڀاريندڙ خيال اصل ۾ برلن ۾ منهنجي دوست
جو تيار ڪيل منصوبو هو ته ”اسان“ ايندڙ ايسٽر
تي پيراگ“ ۾ ضرور ملنداسين.“ جتي اسان کي ذيابيطس
جي سلسلي ۾ وڌيڪ بحث مباحثو ڪرڻو هو.
چوٿون خواب، جيڪو پوئين خواب کان هڪدم پوءِ نظر
آيو هو، جنهن مون کي هڪ ڀيرو ٻيهر ”روم“ کڻي آندو
هو. ”مون پنهنجي سامهون هڪ گهٽيءَ جي ڪنڊ ڏٺي، جتي
جرمني زبان ۾ ڪيترا ئي پوسٽر چنبڙيل ڏسي حيران ٿي
ويس. هڪ ڏينهن اڳ ۾ مان پنهنجي هڪ دوست کي اڳڪٿي
لکي هئي، جنهن ۾ کيس لکيو هو ته ”ٿي سگهي ٿو ته
”پيراگ“ جرمنين جي هلڻ ڦرڻ لاءِ مناسب جاءِ نه
آهي.“ اهڙيءَ ريت خواب ساڳئي وقت ان خواهش جو
اظهار ڪيو ته ساڻس ”بوهيمن“ شهر بجاءِ ”روم“ ۾
ملجي. اها خواهش شايد منهنجي شاگرديءَ واري زماني
ڏانهن لڙي وئي هئي ته ”پيراگ ۾ ٿي سگهي ٿو ته
جرمني زبان کي بهتر انداز ۾ قبول ڪيو وڃي. اتفاق
سان مان پنهنجي ابتدائي عمر ۾ چيڪو سلويا جي زبان
(Czech)
سمجهندو هوس، انڪري جو مان موراويا جي ننڍي شهر ۾
ڄائو هوس، جنهن ۾ سلافي قوم
جي آدمشماري هئي، ۽ چيڪ زبان جا ٻاراڻا ٻول مون
پنهنجي سترهن سالن جي عمر تائين ٻڌا هئا، جيڪي
منهنجي يادن جي ڦرهيءَ تي اڃان به اڪريل آهن، جن
کي مان اڄ به ورجائي سگهان ٿو. حالانڪ انهن جي
مطلب بابت مون کي ڪو به وهم نه آهي. ان ريت منهنجي
ابتدائي ٻاراڻي عمر سان ڳانڍاپي ۾، ۽ خود انهن
خوابن ۾ به ڪٿي ڪا ڪمي ڪا نه آهي. ٻين جاين سان گڏ
اٽليءَ جي آخري سفر تي مان پويان ”راسميني ڍنڍ“
ڏانهن به ويو هوس، جڏهن مان ”روم“ کان اٽڪل پنجاهه
ميلن جي مفاصلي تي هوس. مون اهو رستو ڳولهي ورتو
هو جنهن ۾ لافاني شهر لاءِ منهنجون خواهشون،
منهنجي جوانيءَ جي احساسن جي ذريعي اضافي قوت سان
ٽمٽار هيون. مون منصوبو پئي سوچيو ته ٻئي سال مان
”روم“ وڃڻ بجاءَ ”نيپلس“
(Naples)
جو سفر ڪندس. جڏهن اهو جملو مون تي ظاهر ٿيو، جيڪو
يقينن مون ڪنهن قديم ليکڪ جي ليک مان پڙهيو هو.
. روم وڃڻ جي منصوبي تيار ڪرڻ کانپوءِ اڳتي وڌڻ ۽
سندس وڏي بي صبريءَ وچان ان جي اڀياس ڪرڻ وارن
ٻنهي معاملن تي بحث ٿي سگهي ٿو، ”ونڪل مان“ وائيس
پرنسيپال يا ”هني بال“
(Hannibal)
هٿيار بند فوج جو سربراهه
(Commander in Chief)؟
مان دراصل ”هني بال“ واري نقش قدم تي هلي رهيو
هوس. ان جيان مون پنهنجي قسمت جو فيصلو ڪري ڇڏيو
هو ته ”روم“ نه ڏسندس، ۽ هو به ”ڪمپانا“
(Compagna)
هليو ويو هو، جڏهن هر ڪنهن کي اميد هئي ته هو
”روم“ ايندو. پر ”هني بال“، جنهن سان مان پاڻ کي
مشابهت ڏي رهيو هوس، ڇاڪاڻ ته هو اسڪول واري زماني
۾ منهنجو پسنديده شخص هو. ان عمر جي ٻين ٻارن
وانگر جنگ ۾ منهنجي همدردي رومن بجاءِ پيوني
(Punic)
باشندن سان هئي، پر اها به سخت قسم جي شرطن تي
۽ وڏن ڪلاسن ۾ مان پهريون ڀيرو جڏهن اهو سمجهڻ لڳو
هوس ته ڌاري قوم سان وابستا هجڻ جو مقصد ڇا آهي ۽
ٻين شاگردن جي وچ ۾ سامي قومي احساس جي مخالفت مون
کي هوشيار ۽ خبردار ڪندي هئي ته مان هڪ ڏينهن ضرور
سٺي رتبي تي پهچندس، تڏهن کان سامي قومي گلن جي
خوشبو منهنجي ساهن ۾ سمايل آهي. منهنجي جوانيءَ
واري دماغ، ”هني بال“ ۽ ”روم“، يهودي ڪٽرپڻي ۽ بي
تعصب ڪليسائي اداري جي وچ ۾ اختلاف کي علامت بڻايو
۽ سامي نسل خلاف تحريڪ جي اثرن سبب ان معاملي جي
”اهميت“ وڌي وئي هئي، ۽ انهن ابتدائي ڏينهن جي
احساسن ۾ اسان جي جذباتي لڳاءَ ۾ مددگار ثابت ٿي
۽ خيالن ۾ رلمل ٿي وئي هئي. اهڙيءَ ريت ”روم“
ڏانهن وڃڻ جي خواهش منهنجي سپنن جو سنسار بڻجي وئي
هئي، چمڙا پوشي
(Cloak)
۽ علامت
(Symbol)
منهنجي مزاج کي تيز ڪندڙ ٻين به ڪيترين خواهشن سان
سلهاڙيل آهي. ڪنهن ڳالهه لاءِ اتساهڻ جو احساس،
محفوظ ڪرڻ جي پنهنجي سموري سگهه ۽ قارطاجنائي جي
يڪسوئي، حالانڪ ان وقت جيئن ”هني بال“ جي ”روم“ ۾
داخل ٿيڻ جي آخري خواهش هئي، تيئن قسمت هڪ ننڍڙي
پاسخطري ڪندي نظر ٿي آئي.
ان حوالي سان منهنجي جوانيءَ واري ان واقعي جي
خلاف پرورش ٿي، جنهن جي قوت اڃان تائين انهن جذبن
۽ سپنن ۾ نظر ٿي اچي. مان ان وقت ڏهن يا ٻارهن
سالن جو هوس، جڏهن منهنجو والد مون کي پاڻ سان
گهمائڻ وٺي ويندو هو ۽ سندس ڳالهين منجهان مون تي
شين ۽ دنيا متعلق سندس خيال آشڪار ٿيندا هئا. تڏهن
اهڙي ڪنهن موقعي تي هن مون کي اهو ڏيکارڻ لاءِ
هڪڙي ڪهاڻي ٻڌائي هئي ته ”جڏهن مان (منهنجو والد)
جوان هوندو هوس، تن ڏينهن ۾ شيون ڪيتريون نه سٺيون
هونديون هيون،“ هن چيو، ”اهو ڇنڇر جو ڏينهن هو جو
مان تنهنجي ڄمڻ واري جاءِ تي گهمڻ ويو هوس، مون کي
سٺا ڪپڙا پهريل هئا، مٿي تي نئون فر جو ٽوپ پاتل
هو. اوچتو هڪڙو عيسائي آيو ۽ مون کي ڌڪ هڻي منهنجو
ٽوپ لاهي گپ ۾ اڇلائي ڇڏيو، چوڻ لڳو: ”او يهودي،
رستي تان هٽي وڃ.“ ”پوءِ تو ڇا ڪيو؟“ مون پڇيو.
”مون وڌي وڃي ٽوپ کنيو ۽ رستو ڇڏيو هليو ويس.“ هن
چيو. ڪنهن وڏي جو ٽوپ لاهي اڇلائڻ، مون کي ڄڻ
اڻوڻندڙ عمل لڳو، هڪ مضبوط ماڻهو، ۽ سندس هٿ جهلي
هلندڙ هڪڙ ننڍڙو ٻار..... مان ان صورتحال کي ڪنهن
ٻي صورتحال سان ڀيٽڻ لڳس، جنهن منهنجي احساسن کي
بحال ڪري ورتو. اهو منظر، جنهن ۾ ”هني بال“ جي
والد ”هملڪر برڪا“
(Hamilcar Barca)
،
پنهنجي ٻار کي پنهنجي ڪٽنب جي سامهون قسم ورتو هو
ته رومين کان پلاند وٺڻ لاءِ کيس قرباني ڏيڻي
پوندي. ان وقت کان هيل تائين ”هني بال“ منهنجي
تصور جي دنيا ۾ براجمان آهي.
مون کي يقين آهي ته مان ان ”قارطاجنائي فوجي
سربراهه“ بابت پنهنجي اندر جي ولولي کي، هڪ قدم
پوئتي پنهنجي ننڍپڻ مان ڳولهي وٺندس: ته جيئن هڪ
ڀيرو ٻيهر انهيءَ بدل سدل جو رڳو اهو سوال پيدا ٿي
سگهي ٿو جيڪو پهرين کان ئي هڪ نئين موضوع سان
جذباتي تعلق جي صورت کي جوڙي وٺي ٿو. مطالعي جي
ابتدا ۾ مون جيڪو پهريون ڪتاب پڙهيو هو اهو ”ٿاير“
(Thaier)
جو ”قونصل جو عهدو ۽ مملڪت جي تاريخ“
(History of Consulate and Impire)
هو. مون کي اڃان تائين ياد آهي ته مان ڪاٺيءَ جي
ٺهيل سپاهين جي پٺين تي نيپولين جي فوجين جا نالا
لکندو هوس. ۽ ان وقت منهنجي پسند جو واضع سپاهي
”مسينا“، (يا يهودي لهجي وارو نالو مانسيه) هو.
ان ۾ شڪ نه هو ته اها اهميت به جزوي طور تي ان
حقيقت ذريعي واضع پئي ٿي ته اٽڪل سَوَن سالن
کانپوءِ، هنجي ڄمڻ جو ڏينهن به ساڳئي منهنجي جنم
ڏينهن تي پئي آيو.
خود ”نيپولين“ به سئٽزرلينڊ جي اونچي پهاڙي سلسلي
کي پار ڪرڻ لاءِ ”هاني بال سان صف بندي ڪئي هئي ته
جيئن هو ٻئي اها اونچائي پار ڪري سگهن. ٿي سهگي ٿو
ته ان فوجي آدرش جي ارتقائي صورتون پڻ منهنجي
ننڍپڻ مان ڪجهه وڌيڪ لڀي پون: ان وقت جڏهن مان ٽن
سالن جو هوس ته هڪڙي ڇوڪري سان مان نهايت گهرو
هوندو هوس، پر ڪڏهن دوستي ته ڪڏهن جنگ واري حالت
هوندي هئي، هو مون کان هڪ سال وڏو هوندو هو، ۽
خواهشون: اسان ٻنهي گڏ کيڏندڙ ساٿين مان ڪمزور
ساٿيءَ جي تعلق ۾ ”مسئلي يا مصيبت“ کي وڌائڻ
واريون ثابت ٿينديون هيون، (هن جو مڪمل احوال اڳتي
باب پنجين (خواب جي ڪم) ۾ ڏسو).
ڪا ”اونهي ڳالهه“ خواب جي تجزيي کي ساڻ کڻندي آهي،
جا گهڻو ڪري ننڍپڻ جي تجربن مان رستو ٺاهي ايندي
آهي ۽ اها ئي ان خواب جي بنيادن ۾ ڳجهي مواد جو
ڪردار ادا ڪندي آهي.
اسان پهرين به (باب پهرين جي حصي ٻئي ۾) ڏسي آيا
آهيون ته خواب، يادگيرن کي ان صورت ۾ ٻيهر ورلي ئي
پيش ڪندو آهي، جيڪو بنا ڪنهن اختصار يا مخفف ۽
ترميم جي، سندس سموري مواد جي وضاحت کي تشڪيل
ڏيندو هجي. جيتوڻيڪ ان ڏس ۾ ڪي يقيني مثال به ملن
ٿا: ان حوالي سان مان پنهنجي ننڍپڻ جي منظرن جا
ڪجهه وڌيڪ مثال پيش ڪري سگهان ٿو. منهنجي هڪڙي
مريضه جي خواب ۾ ٻيهر ۽ صفا چٽو پٽو جنسي واقعو
پيش آيو، جنهن جي شاخت به سندس حقيقي يادگيرين مان
پئي ٿي، ان واقعي جي يادگيري، يقينن سندس جاڳ واري
حالت ۾ مڪمل طور تي مٽجي ڪا نه وئي هئي، پر اهو اڻ
چٽو ٿي ويو هو، پر ان جي ٻيهر پيش اچڻ، ان تجزيي
جو نتيجو هو، جنهن تي هڪ ڏينهن اڳ ۾ ڪم ڪيو ويو
هو. هوءَ جڏهن ٻارهن سالن جي هئي ته هڪ دفعي
پنهنجي هڪ اسڪولي دوست جي گهر گهمڻ وئي هئي، جيڪو
بستري تي ستل هو، بعد ۾ شايد اتفاق سان هن پنهنجي
ڪپڙا لاهي ڇڏيا، جنهن تي هن به ناقابل مزاحمت
نفسياتي خواهش تحت پنهنجا ڪپڙا لاهي کيس جهلي
ورتو، سندس دوست ڏانهس غصي ۽ عجب وچان نهاريو، ۽
جذبات ۾ اچڻ بجاءِ پريشانيءَ وچان پاڻ ڇڏائي ورتو.
”اهو منظر وري اٽڪل ٽيويهن سالن کان پوءِ بلڪل
انهيءَ تفصيل ۽ ساڳئي احساس سان سندس خواب ۾ نظر
آيو هو، پر ان ۾ ٿوري ترميم ٿيل هئي ته خواب ڏسندڙ
پاڻ کي متحرڪ ڏسڻ بجاءِ غير متحرڪ حالت ۾ ڏٺو ۽ ان
ڇوڪري بجاءِ هن هاڻوڪي زندگيءَ جي ڪنهن همعصر شخص
جي صورت ڏٺي.“ (ڏسو پڻ باب پنجين جي حصي ٻئي
”خوابن جي بنياد ۾ ٻالڪپڻي جو مواد.“)
اها حقيقت آهي ته اصولي طور ننڍپڻ جا منظر ئي تصور
جي ذريعي، خواب جي متن ۽ مواد جي نمائندگي ڪندا
آهن، ۽ اهي اهڙي انداز سان ايندا آهن جن کي خواب
جي تجزيي ذريعي آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو. اهڙا
واقعا، جيڪي جڏهن محفوظ ٿيندا آهن ته پاڻ سان گڏ
ڪو مضبوط ويساهه نه کڻي ايندا آهن، اصولي طور هيل
تائين، ننڍپڻ جي انهن ظاهر ٿيندڙ تجربن بابت ڪا ٻي
شاهدي موجود نه هوندي آهي، اهي جيڪڏهن تمام گهڻي
ابتدائي عمر جا هوندا آهن ته اهي يادگيرين جي
حوالي سان سڃاڻپ ۾ گهٽ ايندا آهن. خوابن مان
ٻالڪپڻي جي انهن تجربن جي انومان ظاهر ٿيڻ مان
ڪنهن عام قسم جو جواز ڪڍڻ، نفسياتي تجزيي جي انهن
سمورن عنصرن کي استعمال ۾ آڻڻ ذريعي ممڪن ٿي سگهي
ٿو، جيڪي باهمي طور ۽ گڏيل مفاد جي ڪري خاص جزن
يا عنصرن تي ٻڌل هجن ۽ اهڙيءَ ريت ئي اهي يقين ڪرڻ
جوڳا ثابت ٿي سگهن ٿا. جيڪڏهن ٻالڪپڻي جي تجربن
بابت نڪتل ڪجهه انومان، خواب جي تشريح جي خيال
کان، انهن جي مضمون مان چورائي محفوظ ڪريان ته ٿي
سگهي ٿو ته اهي ڪو سٺو تاثر پيدا ڪري نه سگهن،
حالانڪ ائين ڪرڻ کان مون کي ڪو روڪي نه ٿو سگهي پر
مون ته اڳ به ڪڏهن اهڙي سطحي تشريح تي ٻڌل مواد
پيش نه ڪيو آهي.
الف
منهنجي هڪ مريضه جا سمورا سپنا سندس ئي تيز رفتار
طبيت تي ٻڌل هئا: هوءَ ڪٿي پهچڻ لاءِ تمام گهڻي
تيزيءَ سان ويندي هئي ته متان ريل نه ڇٽي وڃي.
هڪڙي خواب ۾ هن ڏٺو ته: ”هڪ ڪنهن ساهيڙيءَ جي سڏ
تي وڃي رهي آهي، کيس ماءُ چيو: ته ڪا ٽئڪسي ڪري
وڃجانءِ، پنڌ نه وڃجانءِ.“ پر هوءَ ڪنهن سواريءَ
تي وڃڻ بجاءِ پنڌ وڃڻ لڳي ته ڪري پئي.“
تجزيي ۾ جيڪو مواد سندس يادگيرين جي رهنمائي ڪندي
سامهون آيو اهو ساڳيو تڪڙ ڪرڻ بابت هو، جيئن ڪو
ٻار گوڙ شور ڪندي کيڏندو ۽ نچندو ٽپندو آهي.
(توهان کي خبر آهي ته ”وينسي“
(Vennese)
”ايني هيز“
(Eine Hetz)
کي ڇا سڏندي هئي،]ڇتي،
چرين وانگر ڊوڙندڙ.[
هن خاص خواب جي ڪري هڪڙو مشهور ٻاراڻو ٻول ذهن تي
تري آيو آهي ته:
”ڍڳو تيسيتائين پئي ڊوڙيو جيسيتائين ترڪي ڪري نه
پيو.“
اهو جملو به ايترو ته تڪڙو ۽ هڪ آواز ۾ گڏجي چئبو
آهي جو ٻڌندي به بيهودو لڳندو آهي، حقيقت ۾ اها به
هڪ قسم جي تڪڙ ئي آهي. اهي سموريون معصوم ڊڙون،
پاڻ جيڏين سان کيڏڻ ڪڏڻ به ياد ايندو رهندو آهي،
ڇاڪاڻ ته اهو به ٻين گهٽ معصوميت وارين ڳالهين جي
جاءِ والاريندو آهي.
ب
هتي هڪ ٻي مريضه جو خواب پيش ڪجي ٿو: ”هوءَ هڪ وڏي
ڪمري ۾ موجود آهي جتي هر قسم جون مشينون بيٺل آهن،
جنهن کي ڏسندي کيس لڳو پئي ڄڻ ڪو هڏين جوڙڻ وارو
(Orthopadic)
ادارو هجي. هوءَ چوي ٿي ته وٽس وقت نه آهي، هڪدم
سندس علاج ڪيو وڃي، ساڳئي وقت پنج ڄڻا ٻيا به
موجود هئا. هن اُن لاءِ کين منع ڪيو ۽ بستري تي به
سمهڻ انڪار ڪيو، جيتري قدر به ٿي سگهي، اڳ ۾
منهنجو علاج ڪريو، هوءَ ڪنڊ ۾ وڃي بيٺي ۽ مون کي
چوڻ لاءِ منهنجو انتظار ڪرڻ لڳي ته ڇا اهو سچ نه
آهي، ساڳئي وقت ٻيا مٿس کلڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا ته هن
جو حمايت حاصل ڪرڻ جو اهو ئي طريقو آهي.“ ساڳئي
وقت جيتوڻيڪ هن ڪيترائي ننڍا ننڍا گول دائرا ٿي
ٺاهيا.“
هن خواب جو پهريون حصو، علاج ۽ مون ڏانهن منتقل
ٿيڻ بابت آهي، ٻيو حصو ننڍپڻ جي منظر جي ڪنايي تي
مشتمل آهي. ٻئي حصا وري بستري جي ذريعي پاڻ ۾
ڳنڍيل آهن.
هڏين جي جوڙڻ واري اداري بابت مون اڳ ۾ به نشاندهي
ڪئي هئي، جنهن ۾ مون علاج کي، ان جي طوالت ۽ ان جي
فطري هڪجهڙائيءَ سان ڀيٽيو هو. مون جڏهن سندس علاج
شروع ڪيو هو ته مون کيس نهايت پنهنجائپ سان چيو هو
ته مون وٽ هن لاءِ ايترو وقت نه آهي، جڏهن ته
روزانو پورو ڪلاڪ مان کيس ڏيندو هوس، جنهن سندس
پراڻي احساس کي اڀاري ورتو هو، جيڪو گهڻو ڪري ٻارن
جي ڪردار ۾ زناني جسماني بيماري ”رحم جي روڳ“
(Hysteria)
جهڙي اهم ترين وصف هوندي آهي: اهي پيار حاصل ڪرڻ
لاءِ نهايت بي صبر ۽ لالچي هوندا آهن. منهنجي
مريضه پنهنجي خاندان جي ڇهن ٻارن مان سڀني کان
ننڍي هئي، (ان ڪري: ساڳئي وقت پنج ڄڻا ٻيا به
موجود هئا) ۽ پنهنجي پيءُ کي پياري به هئي، پر
پوءِ به هن کي اهو احساس هو ته سندس پيار ڏيندڙ
پيءُ ڏانهس گهٽ ڌيان ڏئي رهيو آهي، ”۽ مون کي چوڻ
لاءِ منهنجو انتظار ڪرڻ لڳي ته ڇا اهو سچ نه آهي.“
جو تعلق به اصل حقيقت سان هو. ڪنهن درزيءَ جي ڪم
واري ننڍڙي ڇوڪري کيس ڪپڙا آڻي ڏنا هئا ۽ هن ان
سيبي جا کيس پئسا ڏنا هئا. پوءِ هن پنهنجي مڙس کي
چيو هو ته جيڪڏهن ڇوڪري کان پئسا گم به ٿي ويا ته
هوءَ کيس ٻيا پئسا ڏئي ڇڏيندي، جنهن تي سندس مڙس
کيس چڙ ڏياريندڙ جملو چيو هو، (خواب ۾ مٿس کلڻ
لڳا، هن جو بار بار پڇڻ ۽ مون کي چوڻ لاءِ منهنجو
انتظار ڪرڻ لڳي ته ڇا اهو سچ نه آهي)، اهڙي صورت ۾
اهو انومان ممڪن آهي ته خواب جي ڳجهي مواد ۾ سندس
اهو خيال هجي ته جيڪڏهن مان کيس ٻيهر به وقت ڏيندس
ته هوءَ مون کي پئسا به ٻيهر ڏيندي. هڪڙو خيال،
جنهن ۾ هوءَ ڪجهه حريص يا ڪجهه فحش پئي لڳي،
(ننڍپڻ واري گندگي، خوابن ۾ گهڻو ڪري پئسي جي لالچ
جي صورت ۾ جاءِ والاريندي آهي ۽ ٻنهي جي وچ ۾ جنهن
لفظ جو تعلق آهي اهو آهي ”فحش يا گندو)،.
جيڪڏهن ان پوري جملي (مون کي چوڻ لاءِ انتظار ڪرڻ)
کي خواب ۾ ڪنهن خيال جي اظهار لاءِ ضرورت کان وڌيڪ
لفظ استعمال ڪرڻ جو ارادو لفظ ”فحش يا گندي“ لاءِ
آهي ته سندس ”ڪنڊ ۾ بيهڻ ۽ بستري تي نه سمهڻ“،
سندس ننڍپڻ واري منظر جي انتخاب ۾ مدد ڏيڻ واري
صورت ۾ بلڪل پورو ٿو اچي: هڪڙو منظر جنهن ۾ هوءَ
پاڻ کي پلنگ سان ٻڌي، سزا طور ڪنڊ ۾ بيهي رهي هئي،
۽ سندس احتجاج اهو هو ته سندس پيءُ ساڻس پيار نه
ٿو ڪري، جنهن تي سندس ڀائر ۽ ڀينرون مٿس کليا ٿي.
ننڍا گول دائرا سندس ننڍڙ ڀائٽيءَ سان وابستا هئا،
جيڪا انگي حساب جا ڪرتب ڪندي نَوَن دائرن کي ترتيب
ڏئي کيس ڏيکاري رهي هئي، (مون کي يقين آهي ته اها
ڳالهه درست آهي) جن جي جوڙ مان هر پاسي کان پندرهن
جو انگ ٿي آيو.
ٻ
هڪڙي شخص هن ريت خواب ڏٺو: ”هن ڪنستر ٺاهيندڙ جي
ٻن ڇوڪرن کي پاڻ ۾ وڙهندي ڏٺو، فيصلي لاءِ زمين تي
هٿ وارا ڪي اوزار به رکيل هئا، هڪڙي ڇوڪري ٻئي کي
زمين تي ڪيرائي ڇڏيو، هيٺ ڪريل ڇوڪري کي ڪنن ۾
نيري رنگ جي موتين وارا ايرنگ پيل هئا، هو پنهنجي
مد مقابل تي لٺ اڀي ڪري کيس مارڻ لاءِ ڊوڙيو. بعد
۾ ان عورت کي بچائڻ لاءِ، جيڪا ڪاٺيءَ جي جهنگلي
وٽ بيٺي هئي، ائين ٿي لڳو ڄڻ اها سندس ماءُ هجي.
هوءَ ملازمت ڪندڙ طبقي جي عورت پئي لڳي، هوءَ خواب
ڏسندڙ کي پٺي ڏيو بيٺي هئي، وري جڏهن هن منهن
ورائي ڏانهس نهايت ڊيڄاريندڙ نظرن سان نهاريو ته
ڊپ وچان هو ڀڄڻ لڳو. سندس اکين مان ڳاڙهي رنگ جا
شعاع نظر پئي آيا.“
هن خواب گذريل ڏينهن جي معمولي واقعن جو ثبوت پيش
ڪيو آهي، هن گهٽيءَ ۾ ٽين جا ڪنستر ٺاهيندڙ ٻن
ڇوڪرن کي وڙهندي ڏٺو هو، جنهن مان هڪڙو هيٺان ڪريل
هو ته ٻيو سندس مٿان پيل هو. هن جڏهن انهن کي وڙهڻ
کان روڪيو ته ٻئي ڄڻا به کڙين زور تي ڏئي وٺي ڀڳا.
هن جي رڳو زمان ۽ مڪان جي حوالي سان بعد ۾ نظر آيل
خواب ذريعي تشريح ڪري سگهجي ٿي، جنهن ۾ اهو اصطلاح
استعمال ٿيو آهي: ”ٽين کڙڪائي ڇڏڻ.“ پنهنجي تجربي
مان هو اها ڳالهه مڃي ٿو ته نيري رنگ جا ايرنگ
گهڻو ڪري ڪڃريون پائينديون آهن. ٻن ڇوڪرن جي باري
۾ هڪڙي تمام مشهور پر بي وزن شاعره سندس خواب ۾
پيش ٿي آهي. ٻئي ڇوڪر کي ”ميري“ سڏيندا آهن (جيڪا
اصل ۾ ڇوڪري آهي)، عورت بيٺي هئي. ان منظر کانپوءِ
ٻئي ڇوڪرا گهمندي ”ڊانوبي“
(Danube)
جي بئنڪ جي ڀرسان لنگهيا ۽ اڪيلائيءَ جو فائدو
وٺندي ڪاٺيءَ جي جهنگلي مٿان مُٽڻ لڳا. اڳتي جو
بيان هن ريت آهي ته عمدي پوشاڪ پهريل وڏڙي عمر جي
هڪ عورت، دوستاڻي انداز ۾ ڏانهنس مرڪي نهاريو هو ۽
سندس خواهش هئي ته هوءَ کيس پنهنجو ملاقاتي ڪارڊ
ڏئي. اها عورت سندس خواب ۾ ان حالت ۾ بيٺي هئي،
جنهن حالت ۾ هن ڇوڪري کي پيشاب ڪندي ڏٺو هو. هتي
يقينن عورت جي پيشاب ڪرڻ وارو سوال پيدا ٿئي ٿو.
هن ڏانهس ڊيڄاريندڙ نظرن سان نهاريو، منجهائس
ڳاڙها شعاع ٿي نڪتا، جنهن جو تعلق رڳو سُسيل
مرداڻي عضوياتي خلل سبب ٿي سگهي ٿو. اهو منظر سندس
ننڍپڻ جو آهي، جيڪو پراڻين يادگيرن مان ٻيهر ظاهر
ٿيو آهي. ”چڀندڙ شعاع“ ڪنهن زخم سان سلهاڙيل آهن.
هن خواب ٻن مفادن کي پاڻ ۾ ڳنڍيو آهي، جهڙوڪ ننڍي
ڇوڪري، ننڍين ڇوڪرين جا عضوا ڏٺا: جڏهن کيس هيٺ
ڪيرايو ۽ جڏهن انهن پيشاب ڪيو. ۽ ٻئي حصي جي مضمون
مان خواب اهو شامل ڪيو ته جن موقعن تي هو پنهنجي
جنسي شوق کي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته سندس
پيءُ جو ساڻس ”مارڻ ۽ ڌمڪين ڏيڻ“ جو سلسلو به جاري
رهندو هو.
ڀ
هن خواب جي پويان (وڏڙي عمر جي عورت جي) ننڍپڻ جي
يادن جا سمورا نشان موجود آهن، جيڪي ڏاڍي سٺيءَ
ريت پاڻ ۾ گڏجي هڪ تصور پيش ڪن ٿيون:
”هوءَ پنهنجو اختيار استعمال ڪرڻ لاءِ هڪ وڳوڙ مان
نهايت تيزيءَ سان نڪتي. ”گرابن“
(Graben)
۾ هوءَ گوڏن ڀر ڪري پئي هئي، جو ڏاڍي گهٻرايل ۽
مايوس
(Broken down)
پئي لڳي، ڪيترائي ماڻهو سندس چوگرد گڏ ٿي ويا هئا،
خاص طور ٽئڪسيءَ وارو، پر ڪنهن به کيس اٿارڻ ۾ مدد
ڪا نه پئي ڪئي، هن اٿڻ لاءِ گهڻيون ڪوششون ڪيون پر
سڀ بيڪار ٿي ويون، بهرحال هوءَ اٿڻ ۾ ڪامياب ٿي
وئي ۽ ان ٽئڪسيءَ تي چڙهي گهر پهتي. کيس ستائڻ
لاءِ ڪنهن بازاري سامان کڻن واري وڏي ۽ ڳوري
ٿيلهي، گاڏيءَ جي دريءَ کان ڏانهنس اڇلائي هنئي.“
هيءَ اها عورت هئي، جيڪا خوابن ۾ سدائين ”ڊوڙندي“
محسوس ڪندي هئي، بلڪل ائين جيئن ننڍي هوندي ٽپندي
ڪڏندي هئي. هن خواب جو پهريون منظر واضع طور تي
”گهوڙن جي ڪرڻ“
(A horse Falling down)
واري نظاري مان آيل ۽ ساڳي ئي انداز واري لفظ
(Broken down)
جيان، گهوڙن جي ڊوڙ جو حوالو بڻجي ٿو. هن پنهنجي
جوانيءَ ۾ گهوڙي سواري ڪئي هئي، ۽ ظاهر آهي ته
جڏهن عمر ۾ ڪجهه وڌيڪ ننڍي هوندي ته پاڻ به گهوڙي
بڻي هوندي. ”ڪري پوڻ،“ صفا ٻاراڻي عمر دوران
گهريلو سامان ڍوئيندڙ جي سترهن سالن جي پٽ جي ڪري
پوڻ واري ياد سان ڳنڍيل آهي، جيڪو مرگهيءَ جي دوري
سبب گهٽي ۾ ڪري پيو هو، جنهن کي ٽئڪسيءَ ۾ کڻي گهر
پهچايو ويو هو. هن ان بابت رڳو ٻڌو هو، پر مرگهيءَ
جي دوري (بيماريءَ سبب ڪري پوڻ) وارو خيال سندس
تصور تي ڄمي ويو هو، جيڪو بعد ۾ سندس ”رحم جي روڳ“
جي حملي جي صورت ۾ اثر انداز ٿيو هو. جيڪڏهن ڪا
عورت خواب ۾ پاڻ کي ڪرندي ڏسي ٿي ته اهو گهڻو ڪري
بنا تبديليءَ جي جنسي منظر کي ظاهر ڪري ٿو: هوءَ
پاڻ کي ”هيٺ ڪري پيل“ عورت جيان تصور ڪري ٿي. هي
خواب خاص طور تي ڪنهن به قسم جو شڪ پيدا نه ٿو
ڪري. اها جاءِ جتي منهنجي مريضه ڪري پئي هئي، اها.
”گرابن“
(Graben)
هئي، يعني ويانا جو اهو بدنام حصو جيڪو جسم فروش
عورتن جو نمائش گاهه آهي. ”بازاري سامان کڻن واري
ٿيلهي“
(Korb)
هڪ کان وڌيڪ تجزيي جي طلب ڪري ٿي، جا کيس ڪيترن ئي
”ٿيلهن (ڌڪي ڏيڻ جي عمل
(Rebuff
جي ياد ڏياري ٿي، جيڪي ساڻس شادي ڪرڻ جي سلسلي ۾
ملندا رهيا هئا، جن مان اڃان به کيس تازي مليل
انڪار
جي شڪايت هئي. اها پڻ ان حقيقت سان ڳنڍيل هئي ته
”کيس اٿارڻ لاءِ ڪو به تيار نه هو.“ جنهن کي هن
پاڻ ڌڪن ڏيڻ جي لفظن ۾ بيان ڪيو. بازاري ٿيلهي کيس
تصوراتي دنيا جي وڌيڪ يادگيري ڏياري، جيڪا اڳ ۾ ئي
سندس تجزيي ۾ اچي چڪي آهي، جنهن ۾ هن پاڻ کي شادي
ڪري، خاص طور گهٽ حيثيت سان رکيو هو، ۽ بازار به
پاڻ ويندي هئي ۽ ٿي سگهي ٿو ته هوءَ ملازم واري
صورت ۾ پنهنجو ڪم سرانجام ڏيندي هجي. ان نڪتي تي
ننڍپڻ جون ڪجهه ٻيون يادون به شامل ٿيون.
پهريون:
اهو بورچي جنهن کي چوريءَ جي ڪري نوڪريءَ مان ڪڍيو
ويو هو ۽ ان پنهنجي گوڏن تي بيهي کانئس معافي گهري
هئي، تڏهن هوءَ پاڻ به ٻارهن سالن جي هئي. جنهن
کان پوءِ وري گهر جي ڪم ڪندڙ مائيءَ کي ڪوچوان سان
عشق ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڪڍيو ويو، (اتفاق سان تنهن
کانپوءِ هن ساڻس شادي ڪئي هئي.) اهڙيءَ ريت اها
يادگيري پڻ ”ٽئڪسي ڊرائيور (ڪوچوان)
]خواب
۾ جيڪو اصل ڪوچوان جي برخلاف هو، جيڪو ڪِريل عورت
کي اٿارڻ ۾ ناڪام ٿيو هو[
جي سلسلي جو بنياد بڻجي ٿي. باقي دريءَ مان مٿس
اڇلايل ٿيلهي جي حقيقت بيان ڪرڻ جو معاملو اڃان
رهيل هو. جنهن کيس ياد ڏياريو ته هوءَ ريل رستي
آيل ڪو سفري سامان کنيو پئي وئي، ديسي رواج مطابق
هر ڪو پنهنجي پيارن سان گڏ ريل تي چڙهيل هو، اها
”دري“ ۽ ان ديس ۾ گذاريل زندگي، ۽ ٻيا به اهڙا
مختصر حصا هن لاءِ يادگار هئا، ڪيئن نه سندس پاسي
کان هڪڙي شخص، ”دريءَ“ مان هڪ عورت ڏانهن نيري
رنگ جا خشڪ انگور اڇلايا هئا، خود سندس ننڍي ڀيڻ،
ڳوٺاڻن بيهودن ڇوڪرن کان پاڻ بچايو هو، جن ”دريءَ
مان“ ڏانهنس گهوري گهوري ٿي نهاريو. سندس ڏهن سالن
جي اها اڻ چٽي يادگيري، سندس خواب ۾ داخل ٿيڻ لڳي
هئي. شهر ۾ هڪ گهريلو ڪم ڪرڻ واري عورت، جنهن وٽ
پيار جا منظر هجن، (ان ڇوڪريءَ ضرور اهڙا منظر
اکين سان ڏٺا به هوندا)، گهريلو ملازمن مان هڪ
يعني، پنهنجي محبوب سان گڏ هجي ۽ ان ڪجهه اڇلائي
کيس هنيو هجي، (خوابي منظر جي ابتڙ ڏانهنس موڪليو
هجي)، ان ڳالهه تائين اسان اڳ ۾ ئي ڪيترن ٻين
زاوين سان پهچي چڪا آهيون. ملازم جو سفري سامان يا
صندوق، ويانا ۾: ”ستن انگورن“ جيان حقارت جوڳو
حوالو آهي: چوڻي آهي ته ”سهيڙ
پنهنجا ست انگور ۽ ٽري وڃ اکين اڳيان.“
منهنجو محفوظ ڪيل ڪم، جيڪو تمام گهڻن مريضن بابت
گڏ ڪيل مواد تي مبني آهي. انهن خواب جو تجزيو، اڻ
چٽي يا صفا وساري ڇڏيل ننڍپڻ جي يادگيرين جي
رهنمائي ڪندڙ آهي، گهڻو ڪري عمر جي پهرين ٽن سالن
تائين موٽائي وٺي ويندڙ آهي، پر انهن کي خوابن مان
ڪنهن نتيجي ڪڍڻ لاءِ استعمال ڪرڻ بهتر نه آهي.
لاڳاپيل شخص سدائين، هر موقعي تي اعصابي مونجهاري
۽ خاص طور عورتون رحم جي روڳ ۾ مبتلا هوندا آهن، ۽
اهو ممڪن آهي ته ننڍپڻ جا جيڪي منظر سندن خوابن
ذريعي پنهنجو ڪردار ادا ڪندا آهن ته ٿي سگهي ٿو ته
اهي، خوابن جي فطرت بجاءِ، انهن جي اعصابي طبيعت
ذريعي تعين ڪندا هجن. ان جي باوجود منهنجي پنهنجي
خوابن جي تجزيي ۾، ۽ بهرحال مون مرض جي مجموعي
اهڃاڻن تي انحصار نه ڪيو آهي، ائين اڪثر گهٽ ٿيندو
آهي ته خواب ۾ پيش ٿيل ڪنهن لڪل مضمون ذريعي اتفاق
سان، مان ننڍپڻ جي منظر تائين پهچي ويندو آهيان ۽
اهڙيءَ ريت هڪدم منهنجي سمورن خوابن جا سلسلا،
منهنجي ننڍپڻ جي تجربن مان شاخون ڪري هڪ ٻئي سان
جڙي ويندا آهن، جنهن جا مون ڪجهه مثال ڏنا به آهن
۽ اهڙن ڳانڍاپن بابت قسم قسم جا ڪجهه ٻيا مثال به
پيش ڪريان ٿو، ڇاڪاڻ ته مان نه ٿو ڀانيان ته
پنهنجي انهن هڪ يا ٻن خوابن جي ذريعي هن حصي کي
چڱيءَ ريت ختم ڪرڻ بهتر ٿيندو، جن ۾ ويجهن واقعن ۽
پراڻن وساريل ننڍپڻ جا تجربا، گڏجي خواب جو بنياد
ٻڌن ٿا.
I
سفر تان موٽڻ بعد انتهائي ٿڪ ۽ بک جي باوجود مان
سمهي پيس، ۽ حياتيءَ جي اهم ضرورت، منهنجي ننڊ ۾
پنهنجي موجودگيءَ جو اعلان شروع ڪيو، جو مون هن
انداز جو خواب ڏٺو:
”مان باورچي خاني ۾ ڪنهن مٺي طعام جي ڳولها ڪرڻ
لڳس، ڏٺم ته ٽي عورتون اتي بيٺيون هيون، انهن مان
هڪڙي رنڌڻي کي سنڀاليندڙ بورچياڻي هئي، جيڪا
پنهنجي هٿ ۾ ڪنهن شيءَ کي ائين ڦيرائي رهي هئي، ڄڻ
سندس هٿ ۾ اٽي جو چاڻو
(Knodel)
هجي. هن وراڻيو ته هو تيسيتائين انتظار ڪري،
جيسيتائين هوءَ تيار ٿي وٺي (اهي باقاعدي ڳالهايل
لفظ نه هئا)، مان پنهنجو وڏو ڪوٽ کڻي پاتو، پر اهو
مون کي گهڻو ڊگهو لڳو، ان ڪري مون اهو لاهي ڇڏيو،
مان اهو ڏسي حيرت ۾ پئجي ويس ته اهو بج
(Fur)
سان سنواريل هو، ۽ ٻيو ته مون ان تي تُرڪي انداز
واري پٽي وڌي. ڊگهي ٻوٿ ۽ ننڍي چاپئين ڏاڙهيءَ
وارو هڪ اجنبي وڌي آيو ۽ مون کي ان ۾ پٽي وجهڻ کان
بچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. جنهن تي مون هن کي ڏيکاريو
ته اهو سڄو ترڪي ثقافت واري برٿ سان ڀريل هو. هن
پڇيو: ترڪي انداز جي پٽين جي برٿ تو سان ڪهڙي ويڌن
ڪئي آهي؟ پر پوءِ اسان هڪ ٻئي جا دوست ٿي وياسين.“
جڏهن مون هن خواب جو تجزيو شروع ڪيو ته اوچتو مون
کي اهو ناول ذهن تي تري آيو جيڪو مان سدائين پيو
پڙهندو هوس، (تڏهن مان لڳڀڳ تيرهن سالن جو هوس)،
حقيقت اها آهي ته مون ان جي پهرين حصي جي آخر کان
پڙهڻ شروع ڪيو هو، مون کي ان ناول ۽ سندس ليکڪ جو
نالو ياد نه آهي، پر مون کي ان جي پڄاڻي، پوري طرح
ياد آهي. ان جو نائڪ چريو آهي ۽ سدائين انهن ٽن
عورتن جا نالا وٺندو رهندو هو، جن کيس تمام وڏا ڏک
۽ سک ڏنا هئا. انهن مان هڪ جو نالو ”پيلاگي“
(Pelagie)
هو. مون کي وهم گمان ۾ به نه هو ته اها يادگيري،
تجزيي ۾ منهنجي ڪهڙي رهنمائي ڪندي! ٽن عورتن جي
حوالي سان مون کي انهن ٽن ديوين (ڪلوٿو
(Clotho)،
ليڪيسس
(Lachesis)،
ايٽروپوس
(Atro Pos)
جو خيال آيو جن ماڻهوءَ جو مقدر اُڻيو هو، ۽ مان
ڄاڻان ٿو ته انهن ٽنهي عورتن مان، خواب ۾ آيل
بورچياڻي، اها ماءُ آهي، جيڪا حياتي بخشي ٿي، ۽
وڌيڪ اها (جيئن منهنجي پنهنجي معاملي ۾) ڌرتيءَ
تي، غذا ۽ خوراڪ ذريعي پاليندڙ پهريون جيوُ آهي.
پيار ۽ بک جو اصل عڪس عورت جو ٿڻ آهي، جنهن مان
ٻار ڌانئجي، پيٽ به ڀري ٿو ته پيار به حاصل ڪري
ٿو. هڪ شخص، عورتاڻي حسن جو شائق هو، سندس ڪنهن
سان ملاقات ٿي ۽ ائين ڪهاڻي وڌي اتي وڃي پهتي جو
هن، ان سهڻي عورت کي پنهنجي اها کير پيئارڻ واري
دائي سمجهيو، جنهن کيس ٽن سالن جي عمر ۾ کير
پيئاريو هو، ”معاف ڪجو.“ هن کيس چيو: ”مان هن
موقعي جي سٺي استعمال کي وڃائڻ نه ٿو چاهيان.“
منهنجي عادت هئي ته مان ڪنهن ملتوي ڪيل عمل
(Defered Action)
جي نسلي يا موروثي خاصيتن بابت نتيجي اخذ ڪندڙ
عنصر کي واضع ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪري، خوف ۽ گهٻراهٽ
سبب پيدا ٿيندڙ انهن مختلف جسماني شڪايتن (نفسي
خلل
[Psychoneuroses]
جن جو ڪو طبعي سبب نه هوندو آهي) جي جوڙجڪ جي
روايت بيان ڪندو هوس.
اهو طبعي تقدير جي فيصلن مان هڪڙو هو جنهن تي،
افسوس وچان هن پنهنجا ٻئي هٿ پئي مهٽيا، ائين جيئن
اٽي جو چاڻو مهٽبو آهي، جيڪو قسمت جي تسلط تي عجب
کائڻ جو نتيجو آهي، جنهن مان هر ڪو مطلب اخذ ڪري
سگهي ٿو، اها پڻ منهنجي ننڍپڻ جي هڪ ٻي يادگيريءَ
مان مهيا ڪيل آهي، جڏهن مان ڇهن سالن جو هوس ته
مون پنهنجي والده کان پهريون سبق اهو سکيو هو ته
اسان سڀئي مٽيءَ جي پيداوار آهيون ۽ هڪ ڏينهن وري
مٽيءَ ۾ ئي ملي وينداسين، پر اها ڳالهه مون کي
وڻندي ڪا نه هئي، جنهن ڪري ان عقيدي تي مان شڪ جو
ئي اظهار ڪندو هوس، جنهن تي منهنجي والده پنهنجا
ٻئي هٿ مَليندي هئي، بلڪل ائين، جيئن اٽي جو چاڻو
مَلبو آهي، پر سندس هٿن جي وچ ۾ ڳوهيل اٽو ڪو نه
هوندو هو ۽ مون کي چمڙيءَ جي ٻاهرين حصي تي ڪاري
رنگ واريون ڦهليل رڳون ڏيکاري ثابت ڪرڻ جي ڪوشش
پئي ڪندي هئي ته اسان مٽيءَ مان ٺهيل هئاسين. هن
جي ان ريت اکين سان ڏيکارڻ واري سمجهاڻيءَ تي
منهنجي حيرانيءَ، معاملي کي يقيني طور سمجهڻ نه
ڏنو ۽ مان ان عقيدي کي چپ چاپ مڃي ورتو هو، جنهن
کي پوءِ مون انهن لفظن ۾ اظهاريو ته: تنهنجي نهايت
رحمدل فطرت، موت آهي، (ف-س).
سو اهي ئي اهي حقيقي نتيجا هئا، جن کي جڏهن باورچي
خاني ۾ ويس ته ڏٺم، جن کي ننڍي هوندي، جڏهن مان
بکيو هوندو هوس ته ڏسندو هوس، حالانڪ منهنجي والده
باهه جي ڀرسان بيٺي هوندي هئي جيڪا مون کي فهمائش
ڪندي هئي ته تيسيتائين انتظار ڪري جيسيتائين ماني
تيار ٿي وڃي.
۽ هاڻي اٽي جي چاڻي
(Dumplings)
يعني ”نوڊل“
(Knodel)
بابت وضاحت: يونيورسٽيءَ ۾ منهنجو هڪڙو استاد
هوندو هو، جنهن سان مان گهڻو ڪري اوڄي گهرڙن جي
اڀياس متعلق
(Histological)
معلومات تي، خاص طور چمڙيءَ جي ٻاهرين تهه (کل)
(Epidermis)
متعلق پابنديءَ سان خيالن جي ڏيوٺ ڪندو هوس، اهو،
ان ”نوڊل“
(Knodl)
نالي واري شخص کي ان ڪري سدائين پيو ياد ڪندو هو،
ڇاڪاڻ ته هو سندس خيالن ۽ تخليقن کي پنهنجي نالي
پيو ڇپرائيندو هو، جنهن جو هو سدائين پيو ذڪر ڪندو
هو ته جيڪر هو سندس ناجائز ادبي چوريءَ تي مٿس
قانوني ڪاروائي ڪري. ان ادبي چوريءَ جي خلاف خيال
جي اها دعويٰ گهڻو ڪري مناسب ۽ موزون ٿي سگهي ٿي،
ڀلي ته اها ڪنهن ٻئي شخص سان ئي وابستا ڇو نه هجي،
واضع طور تي ان خواب جي ٻئي حصي جي رهنمائي ڪري
ٿي، جنهن جو ورتاءُ ڪجهه اهڙو هو، ڄڻ اهو چور مان
هئس جنهن، ڪنهن زماني ۾ پڙهڻ وارن ڪمرن ۾ چورايل
ڪوٽن جو ڪاروبار ڪيو هو، مون اهو لفظ ”ادبي چوري“
سوچڻ کانسواءِ ئي لکيو هو، ڇاڪاڻ ته اهو منهنجي دل
تي تري آيو هو، پر هاڻي مان ڌيان ڏيان ٿو ته لڳي
ٿو ته ان لفظ، خواب جي (سٽاءَ ۽ متن جي) مختلف حصن
جي وچ ۾ پل جوڙي هئي. اهي هم خيال ڪڙيون: کير پياڪ
جانور جي کل
(Pelage)،
ڪنهن جي خيالن يا تخليق کي چورائي ناجائز طور تي
استعمال ڪرڻ، يا ادبي چوري ڪرڻ، ۽ سامونڊي مڇيءَ
جا ڀاڱا
(Plagiostomes)،
يا شارڪ
(Haifische)
جي تلاءُ
(Fischblase)
؛
”اٽي جي چاڻي“
(Knodl)
۽ ”اوور ڪوٽن“ جي معاملي ۾ هڪ پراڻي ناول سان
ڳنڍيل آهن، جيڪي جنسي اسلوب ۾ نهايت چٽائيءَ سان
تعميل جو حوالو بڻجن ٿا، اهڙو مثال مائوريءَ جي
تجنيسي خوابن ۾ به آهي، جن ۾ صنعت جنس کان ڪم ورتل
آهي، ان ۾ شڪ نه آهي ته اهو نهايت نه مڃڻ جوڳو
نهايت بيڪار خيال آهي، پر مون جاڳ جيون ۾
تيسيتائين ڪڏهن به نه اڻيو آهي، جيسيتائين اهو
خواب پاڻ نه جوڙيو آهي، ۽ جيتوڻيڪ انهن طاقتور
لاڳاپن کي ترتيب ڏيڻ جي ضرورت وارو رويو مقدس يا
پاڪ به نه هوندو آهي، ان ڏس ۾ انتهائي اعزاز وارو
نالو ”ارنيسٽ بروڪي“
(Ernest Brucke-1819)
جو آهي، جنهن انهن خيالن بابت پل تعمير ڪئي آهي،
جنهن جو تربيت گاهه مون کي اڃان تائين ياد آهي،
جتي مون پنهنجي شاگرديءَ واري زندگيءَ جو ڪنهن به
خواهش کانسواءِ، بلڪل آزاد ۽ نهايت خوشگوار وقت
گذاريو هو.
”اهڙيءَ ريت ادراڪ جي ڇاتين کي مضبوطيءَ سان
جهليندي تون، هر ڏينهن بي خوديءَ ۽ سرمستي پئي
حاصل ڪئي.“
اها آزادگي، خواهشن ڏانهن هڪ مڪمل تضاد بڻجي
منهنجي خوابن ۾ هاڻي مشڪل پيدا ڪرڻ لڳي هئي.
آخرڪار مون کي هڪ ٻيو محترم استاد به ياد اچي ويو،
ان جو نالو ”فليچل“
(Fleischl)
]فليچ
=
گوشت[
هو، جئين ”نوڊل“
=
اٽي جو چاڻو هو، جيڪو بهرحال ڪجهه کائڻ جو ئي
حوالو بڻجي ٿو، ۽ ڏک پهچائيندڙ منظر، جنهن ۾
چمڙيءَ جي ٻاهرين حصي تي ڪاري رنگ وارين ڦهليل رڳن
پنهنجو ڪردار نباهيو، (منهنجي والده رنڌڻي کي
سنڀاليندڙ= بورچياڻي هئي)، جهڙيءَ ريت ناول
”چريائپ“
۽ ”دواخاني واري دوا“
جيڪا ناريل جي ست مان تيار ڪيل نشي جي اشتها کي
ختم ڪندڙ هئي.
مان خيالن جي انهن پيچيدن قافلن بابت ڪجهه اهڙي
ترتيب سميت گڏوگڏ ان دليل تي به يقينن زور ڏيندي،
خواب جي حصي جي مڪمل طور تي وضاحت ڪندس، جنهن جي
تشريح مون نه ڪئي آهي، پر مان ان جي هڪڙي نڪتي تان
دستبردار ضرور ٿيندس، ڇاڪاڻ ته ان سلسلي ۾ ذاتي
قربانيءَ جي تقاضا ڪجهه وڌيڪ اهم آهي. ان ڪري مان
رڳو هڪڙو ڌاڳو وٽيندس، جيڪو اسان کي خواب جي انهن
خيالن مان ڪنهن هڪ ڏانهن سڌيءَ طرح رهنمائي ڪندو،
جيڪو مونجهاري جو سبب بڻيو بيٺو آهي. ڊگهي ٻوٿ ۽
چاپئين ڏاڙهي وارو اجنبي، جيڪو مون کي اوورڪوٽ کڻي
پائڻ کان بچائي ٿو، اهو بيزار ڪندڙ حُليي وارو
”سپالاٽو“ جو دڪاندار هو، جتان منهنجي زال ترڪيءَ
وارو برٿ خريد ڪري آئي هئي، جنهن کي هن ”پوپووڪ“
(Popovic)
ٿي سڏيو، جيڪو هڪجهڙو نالو آهي
جنهن تي معروف مزاح نگار ”اسٽيٽن هيم“ (Stettenheim)
پڻ هڪ ڪارائتي ڳالهه ڪئي آهي ته: ”هن مونکي پنهنجو
نالو ٻڌايو ۽ منهنجي هٿ کي گرمجوشيءَ سان دٻايو.“
مان سمجهان ٿو ته هڪ ڀيرو ٻيهر مان نالو غلط پيو
کڻان، جڏهن ته مان اڳ ۾ ئي ”پيلاگي،“ ”نوڊل“،
بروڪي“ ۽ ”فليچل“ جا نالا کڻي چڪو آهيان. ان ڳالهه
جي ترديد ڪرڻ مشڪل به آهي ته ان ريت نالن سان کيڏڻ
به هڪ قسم جي ٻاراڻي حرڪت ئي آهي، پر جيڪڏهن مان
ان ۾ شامل به ڪريان ته اهو هڪ قسم جو انتقام ٿي
پوندو، ۽ خود منهنجو پنهنجو نالو برباديءَ جو شڪار
بڻجي ويندو ۽ بيشمار موقعن تي منهنجو مذاق اڏايو
ويندو.
مون کي ياد آهي ته ”گوئٽي“ ڪنهن جاءَ تي ”ماڻهن
جي، پنهنجي نالي متعلق ڏاڍي حساس هجڻ“ جي نشاندهي
ڪئي آهي: اسان انهن ۾ پنهنجي کل سمجهي، ڪيئن نه
گهڙندي نظر ايندا آهيون“ هن اهو چيو ته ”اها سٽ
”هيرڊر“
(Herder)
پاران گوئٽي جي نالي ۾ لکي آهي:
. مان سمجهان ٿو ته منهنجو پنهنجي اصل موضوع کان
هٽڻ جو عمل، ۽ نالن جو غلط استعمال ڪرڻ ئي منهنجي
لاءِ شڪايت جوڳو معاملو بڻجي ٿو، پر مان ان ڳالهه
کي اتي ختم ٿو ڪريان. منهنجي زال جو خريد ڪيل،
”سپالاٽو“ جو ٺهيل ترڪيءَ واري برٿ، مون کي
”ڪاٽارو“
(Cattaro)
مان ڪيل هڪ ٻي خريداري ياد ڏياري ڇڏي
جن متعلق مان نهايت خفي هوس، جنهن جي ڪري مان اتان
ڪا عمدي فائدي واري شيءَ وٺڻ جو موقعو به وڃائي
ويٺس، (پويان ذڪر ڪيل: پاڻيءَ ۾ ڀنل نرس کي
نظرانداز ڪرڻ وارو موقعو). منهنجي خيالن مان جنهن
منهنجي ”بک“ کي خواب ۾ متعارف ڪرايو هو، اهو هي هو
ته: ”ماڻهوءَ کي موقعو نه وڃائڻ گهرجي، پر ان جو
فائدو حاصل ڪجي، ڀلي ته ڪنهن ننڍڙي غلطيءَ ۾ ملوث
ٿي وڃڻ جو سبب ئي ڇو نه بڻجي. ماڻهوءَ کي موقعو نه
وڃائڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته زندگي مختصر آهي ۽ موت اڻٽر
آهي.“ ڇاڪاڻ ته هي سبق ”ڪارپ ڊيم“
(Carpe diem)
جو ڏنل آهي، جيڪو لڳڀڳ جنسيات جي معنائن ۾ ڪم اچي
ٿو. ڇاڪاڻ ته خواهش جڏهن اظهار ڪري ٿي ته ڪجهه غلط
ڪرڻ کانسواءَ به رڪجي نه ٿي، هن کي احتساب جو خوف
به رهي ٿو، جيڪو مخفي نموني سان خواب ۾ پنهنجو
مطلب پورو ڪري وٺي ٿو. هر قسم جي خيالن ۾ مختلف
ادراڪ ۽ احساس ٿين ٿا ۽ اهي پوءِ آواز جهٽين ٿا:
ان وقت جون يادون، جڏهن خواب ڏسندڙ روحاني طور
کاڌل خوراڪ مان آسودگي حاصل ڪري ٿو، ۽ هر قسم جا
روڪي ورتل خيال يا خود جنسي جذبن کي اڀاريندڙ باغي
سوچن جي سزائن جا خوف به سندس خوابن تي اثرانداز
ٿين ٿا.
ii
ٻئي خواب لاءِ هڪ ڊگهي ديباچي جي ضرورت آهي: مان
ويانا ۾ اولهه پاسي واري اسٽيشن ڏانهن سفر پئي ڪيو
ته ريل تي چڙهي سياري جي موڪل وارا ڏينهن مان
”آئوسي“ ۾ گذاريان، پر جڏهن پليٽفارم تي پهتس،
جيئن ته سوير واري گاڏي ”اشل“
(Ischl)
وڃڻ لاءِ تيار بيٺي هئي، اتي مون ”ڪائونٽ ٿن“(Count
thun)
کي ڏٺو جيڪو شهنشاهه جو خطاب
ٻڌڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ”اشل“ ٿي ويو. حالانڪ ان
وقت مينهن پئي وسيو، پر هو کليل بگيءَ ۾ آيو هو،
هو سڌو مقامي گاڏيءَ واري رستي کان داخل ٿيو،
دروازي تي بيٺل ٽڪيٽ چڪاسڻ واري به کيس ڪو نه
سڃاتو، جنهن سندس ٽڪيٽ به بي ڌيانيءَ وچان ڏٺي،
ساڳئي وقت هن بنا ڪنهن پڇا ڳاڇا جي ڀرسان بيٺل شخص
ڏانهن نهاري مختصر نموني هٿ لوڏايو. پوءِ جڏهن ريل
”اشل“ طرف رواني ٿي ته مون پهرين انتظارگاه ۾ وڃي
ويهڻ مناسب سمجهيو، پر پوءِ مون پليٽ فارم تي ئي
ترسڻ بهتر ڄاتو ۽ مان پليٽفارم تي ئي هيڏانهن
هوڏانهن نهاريندي، وقت گذارڻ لڳس ته جيئن ڪنهن جي
لاءِ محفوظ ڪيل دٻي ۾ انهن سان گڏجي وڃي ويهان، پر
جيڪڏهن ڪو پنهنجي لاءِ محفوظ ڪرايل دٻي ۾ ويهڻ نه
ڏئي ته منهنجو اراد هو ته هڪ جيترن حقن هجڻ جي ڪري
وڏي آواز سان احتجاج ڪندس. بهرحال مان ”لي نوزي جي
مهارت وارو تمثيلي گيت“
(Nozze di Figaro)
گنگنائڻ لڳس:
جيڪڏهن اسان جي امير کي نچڻ جو شوق هجي ته مان هن
لاءِ هڪ ڌن وڄائڻ لاءِ تيار آهيان. (ج-س: مون کي
البت ان ۾ ٿورو شڪ آهي، ڇاڪاڻ ته متان ڪنهن ٻئي کي
ان ڌن جي پوري خبر هجي.)
انهيءَ شام جو مان مڪمل طور وڙهڻ جهڙڻ لاءِ تيار
هوس، مون پنهنجي خادم ۽ بگيءَ واري کي به جهڻڪيو
هو، بنا سبب جي، ۽ مون کي اميد آهي ته مون انهن جي
دل آزاري ڪا نه ڪئي هئي. ۽ هاڻي ان گيت جي انهن
لفظن جي حوالي سان ۽ ”بيومارچائي“
(Beaumarchai)
جي مزاحيه يادگيرين سان، هر قسم جا سرڪش ۽ انقلابي
خيال منهنجي ذهن ۾ ڦرڻ لڳا، جيڪي مان ناٽڪ
”فرانڪيس جي مزاح“
(Comedie Francaise)
۾ ڏسي چڪو هوس. مان ان عظيم شخص جي گفتگو متعلق
پئي سوچيو، جنهن دنيا ۾ اچڻ سبب مشڪلاتون پئي
برداشت ڪيون، ۽ ”ڪائونٽ الماويوا“
(Almaviva Count)،
ان شخص ”سينيور“
(Seigneur)جي
قانوني حق لاءِ (جنهن کي جاگيراري نظام تحت جاگير
ملندي هئي) ”سوسانا“
(Susanna)
مٿان دعوي‘ ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. مان اهو به پئي
سوچيو ته اسان جي اختلافي سوچ رکندڙ، بدنيت
صحافين، ”ڪائونٽ ٿن“ جي نالي ۾ ڪيئن نه سطحي قسم
جا مذاق گهڙيا هئا ۽ کيس سندس نالي بجاءِ ”ڪائونٽ
نش ٿن“
(Count
nichtsthun)
پئي سڏيو، اصل ۾ مان ان کي ان جو ڏوهي نه پيو
سمجهان. هو ته حڪومت لاءِ مشڪلات پيدا ڪندڙ عوام
سان پنهنجي طريقي سان پئي هليو، جڏهن ته حقيقت ۾
پنهنجي موڪلن جي گذري وڃڻ ۽ موڪلن دوران سمورن
وڻندڙ منصوبن تي پاڻي ڦري وڃڻ سبب، مان پاڻ کي پئي
بيڪار سمجهيو. ان نڪتي تي سوچيم ئي پئي ته هڪ
نوجوان پليٽفارم تي چڙهندي ڏٺم، مون هن کي سڃاتو،
هو طبي چڪاس تي مقرر سرڪاري نگران هو، پر اهم
حيثيت جي باوجود پنهنجي سرگرمين سبب ”سرڪار سان
همبستر ٿيل“
(Beischlafer)
جي نالي سان مشهور هو. هن پنهنجي سرڪاري حيثيت
سبب، پنهنجي لاءِ ريل جي پهرين درجي جي، رعايتي اڌ
ٽڪيٽ سان گڏ اڌ دٻي جي گهر ڪئي، ۽ مون پنهنجي ڪنن
سان ٻڌو، ريل جي هڪ شخص ٻئي کي پئي چيو: ”هن
ڪاموري شخص کي ريل جي پهرين درجي جي، اڌ ٽڪيٽ ڏئي
ڪٿي اڇلينداسين؟“ ۽ منهنجي لاءِ فائدي وٺڻ جو اهو
سٺو موقعو هو، ڇاڪاڻ ته مون پهرين درجي جو پورو
ڀاڙو ڀريو هو، اها به حقيقت هئي ته ان جي ڪري مون
کي سمورو دٻو ملڻ کپندو هو، نه ڪي ريل جي ورانڊي ۾
جتي رات جي وڳڙي ۾ بيت الخلا به موجود نه هجي! مون
کي ڪاميابيءَ جي اميد ڪا نه هئي پر فرش تي سمهڻ
بجاءِ مان سٺي جاءِ تي ستس، جو اٽڪل پوڻين ٽين وڳي
پيشاب جي زور سبب جاڳيس، ۽ فارغ ٿي اچي سمهيس ته
هي خواب ڏٺم:
”ماڻهن جو انبوهه آهي، شاگردن جي ڪا گڏجاڻي آهي،
امير (”ٿن“ يا ”تافي“)
ڪجهه ڳالهائي رهيو هو. هن للڪارڻ واري انداز سان
جرمنيءَ جي رهواسين جي خلاف ڪجهه ڳالهايو پئي، ۽
وڏي حقارت جوڳي شڪل ٺاهيندي اهو اظهار پئي ڪيو ته
انهن جو پسنديده گل ”خچر جو سنب“
(Colt`s Foot)
آهي ۽ ٽوڙيل مروڙيل پن يا پن جو ڀوريل حصو سندس
ڳچيءَ جي بٽڻ ۾ لڳل هو. مون کي ڪاوڙ لڳي وئي، ۽
مان ڪاوڙجي ويس
، حالانڪ مان پنهنجي ان رويي تي حيران به هوس.“
ان کانپوءِ ٿورو گهٽ نيارو خواب هن ريت هو:
”هميشه جيان مان ”اولا“
(Aula)
۾ هوس، اچڻ وڃڻ وارو دروازو هڪ ريشمي حفاظتي پٽيءَ
سان روڪيل هو ۽ اسان ڀڄڻ جي چڪر ۾ هئاسين، مون
پنهنجو رستو، سينگاريل سهڻن ڪمرن جي قطار منجهان
ٺاهي ورتو، چٽي ريت ڪي وزارتي يا عوامي عمارتون
هيون، جنهن جي فرنيچر جو رنگ به لڳڀڳ خاڪي ۽
واڱڻائي مائل هو، آخرڪار مان ورانڊي ۾ پهچي ويس،
جتي گهر جي مالڪياڻي ويٺل هئي، ڪا ٿلهي متاري
پوڙهي عورت هئي. مون ساڻس ڳالهائڻ کان لنوايو، پر
هن ڄاڻي ورتو هو ته مان اتان لنگهي وڃڻ وارو
آهيان، جنهن لاءِ مون کانئس پڇيو ته ”ڇا هوءَ
بتيءَ جي روشنيءَ سان مون کي رستو ڏيکاريندي؟“ مون
هن کي نشاندهي ڪئي، لفظ چيو يا اشارو ڪيو ته هوءَ
ڏاڪڻ تائين اچي بيهي رهي ۽ مون محسوس ڪيو ته مان
ڪنهن حرفت سان، ٻاهر وڃڻ وقت هيڏي هوڏي ڏسڻ کان
لنوائي رهيو آهيان، مان ڏاڪڻ لهي هيٺ آيس ته مون
هڪ سوڙهو پيچرو ڏٺو، جتان مان وڃي رهيو هوس.“
وري هڪ غير واضع خواب جو ظاهر ٿيڻ:
”اڳ جيان، ٻيو مسئلو شهر کان نڪرڻ جو هو، بلڪل
پهرين وانگر جيئن گهر مان نڪرڻ جو مسئلو هو. مان
بگيءَ ۾ سفر ڪري رهيو هوس ۽ بگيءَ واري کي اسٽيشن
تائين رسائڻ لاءِ چئي رهيو هوس: ”ته مان توسان گڏ
ريلوي لائين تائين گاڏي نه ٿو هلائي سگهان. جڏهن
هن اعتراض اٿاريو ته مون چيو. پوءِ مون اڳ جيان
وري به هن کي ٿڪائي ڇڏيو، اها ڳالهه ائين جئين ڪو
عام طور تي ريل جو سفر ڪندو هجي ۽ مان هن سان گڏ
ٿوري مفاصلي تائين گاڏي هلائيندو هجان. اسٽيشن جي
داخلا واري دروازي جي حفاظت لاءِ ٻڌل پٽيون به
کليل هيون، مان اچرج ۾ پئجي ويس ته آيا مان
”ڪريمز“
(Krems)وڃان
يا ”زنيم“
(Znaim)
وڃان
پرخيال اچي ٿو ته عدالتي رهائش موجود آهي، ان ڪري
گريز“
(Graz)
يا اهڙي ڪنهن شهر بجاءِ اوڏانهن وڃڻ جو فيصلو
ڪريان ٿو، هاڻي مان ريل جي گاڏي ۾ ويٺل آهيان،
جيڪا ”اسٽيڊبان“
(Stadtbahn)
يعني مضافات ۾ هلندڙ مال گاڏي پئي لڳي. ۽ منهنجي
بٽڻ واري ڪاج ۾ ور وڪڙ ڊگهي ڪا خاص شيءَ اٽڪيل
هئي، جنهن جو ٻاهريون حصو واڱڻائي مائل خاڪي هو،
واڱڻائي لڳڀڳ ڪنهن سخت ڌاتوءَ مان ٺهيل هو، جيڪو
گهڻو ڪري ماڻهن لاءَ وڻندڙ هو.“ ان سان گڏ منظر
ختم ٿي ويو.
هڪ ڀيرو ٻيهر مان اسٽيشن جي سامهون بيٺو هوس، پر
هن ڀيري ڪنهن جهوني شخص سان گڏ هوس، مان اڃان به
ڪنهن اڻڄاتل منصوبي تي سوچي رهيو هوس، ۽ پوءِ ڏٺم
ته اهو منصوبو اڳ ۾ ئي، اهو ائين هو جيئن ڪو سوچي
۽ تجربو ڪري وٺي، بلڪل ساڳئي طريقي سان اثرانداز
ٿي چڪو هو. هو اکين کان جڏو ٿي لڳو، شايد هڪ اک
منجهان ڏسي پيو، مان کيس مرداني بيت الخلا ڏانهن
وٺي ويس (جيڪو اسان پنهنجي ڳوٺ ۾ خريد ڪيو هو يا
خريد ڪرڻو هو)، پوءِ مون ساڻس پيشاب ڪرائڻ ۾ مدد
ڪئي ڇاڪاڻ ته هو اکين کان نابينا هو. جيڪڏهن ٽڪيٽ
چڪاسڻ وارو اسان کي هن حالت ۾ ڏسي وٺي ها ته جيڪر
بنا ڪنهن پڇا ڳاڇا جي ڇڪي دروازي کان ٻاهر ڪري ڇڏي
ها. هتي وري حالت اها هئي جو ان شخص جو عضوو رٻڙ
جيان پئي لڳو. (ان وقت مان جاڳي پيس ۽ اٿندي ئي
پيشاب ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪيم).
هي خواب مجموعي طور تي هڪڙي، ان تصوراتي دنيا جو
فطري تاثر ڏئي رهيو آهي، جنهن ۾ خواب ڏسندڙ کي
1848ع جي انقلابي سال ڏانهن پويان وٺي ويو آهي. ان
سال جون يادگيريون مون کي 1898ع دوران شهنشاه
فرانسس جوزف جي جوبلي جشن واريون آيون هيون، جيئن
ته مان مختصر دوري تي، ويانا کان پنجاه ميلن تي هڪ
وسيع ۽ ٻٽي ماٿريءَ تي ڦهليل ”واشَو“
(Wachao)
ويو هوس، ان سلسلي ۾ جو مون کي، ”فيخوف“
(Fischhof)
نالي شاگرد اڳواڻ جي پناهه وٺڻ واري جاءِ ”ايمرس
ڊارف“
(Emmersdorf)
وڃڻو هو.
خواب جي متن ۾ ڪجهه عنصر ان سلسلي جا ٿي سگهن ٿا.
شخصي واسطيداريءَ سبب منهنجا خيال مون کي انگليڊ
به وٺي ٿي ويا، جتي منهنجي ڀاءُ جو گهر هو، جيڪو
گهڻو ڪري پنهنجي زال کي ”پنجاه سال اڳ“ جو جملو
(لارڊ ٽينيسن جي ڪنهن شعر جو عنوان) چئي چيڙائيندو
هو، جڏهن ته ٻار سندس جملي کي درست ڪري ائين چوندا
هئا: ”پندرهن سال اڳ“.
ان انقلابي انداز جي خيالي اڏام بهرحال مون ۾
”ڪائونٽ ٿن“ جي ڏسڻ کانپوءَ پيدا ٿي هئي، ائين
جيئن اٽليءَ واري گرجا گهر جي مهاڙيءَ جو ان ڳالهه
سان واسطو نه آهي ته پويان جڙيل عمارت ۾ ڇا پيو
وهي واپرجي، پر اهو انهن مهاڙين کان مختلف آهي، جن
۾ نقص رهجي ويو آهي يا انهن ۾ جاءِ جاءِ تي خال ٿي
پيا آهن. ۽ اها حقيقت آهي ته اندروني اوساري،
پنهنجي انداز سان عمارت سازيءَ جي ڪيترن نڪتن بابت
اختلاف جو بنياد فراهم ڪري ٿي.
خواب جي پهرين صورتحال ڪيترن منظرن جي رلمل صورت
هوندي آهي، جنهن کي هتي مان علحدو ڪريان ٿو. خواب
۾ ڪائونٽ جي غرور وارو رويو اختيار ڪرڻ، منهنجي
اسڪول واري زماني جي منظرن جو نقل آهي، جڏهن مان
پندرهن سالن جو هوس. اسان پنهنجي هڪڙي غير مشهور ۽
نظرانداز ڪندڙ جرمني زبان جي استاد جي خلاف هڪڙي
سازش سٽي هئي. جوش ڏياريندڙ اسان جي اسڪول ۾
پڙهندڙ ڇوڪرا هئا، انهن ڏينهن ۾ سندن پسنديده
شخصيت ”هينري اٺون“
(Henry VIII)
هوندي هئي. ان حملي جو اڳواڻ مون کي مقرر ڪيو ويو
هو. ان دشمنيءَ جو اشارو اسان جي ان بحث مان ظاهر
ٿيو، جيڪو اسان خاص طور ”ڊونابي کان آسٽريا“ يعني
”واشو“ تي پئي ڪيوسين. اسان جي سازش ڪندڙ ڪلاسي
ساٿين مان هڪڙو ڇوڪرو، شرافت جي حمايت ڪندڙ هوندو
هو، پنهنجي ڊگهي قد ڪاٺ جي ڪري هرڪو کيس ”زراف“
(Giraffe)
سڏيندو هو. هو منهنجي خواب ۾ ڪائونٽ وانگر اٿي
بيٺو ڪنهن وڏي ظالم فرمانروا جيان ذمو کنيائين.
اهو جرمني زبان جو استاد هو. پسنديده گل ۽ قميص جي
ڪاج ۾ ڪنهن شيءَ جو هجڻ به گل کي ئي ظاهر ڪري ٿو
(جنهن کي گذريل ڀيري مون ڪاسني رنگ جي گل خريدڻ
لاءِ سوچيو هو، جيڪو مان ساڳئي ڏينهن تي پنهنجي هڪ
عورت دوست جي لاءِ خريد ڪري آيو هوس ۽ پاڻيءَ ۾
رکڻ سان تازو رهڻ ۽ نوان گونچ ڪڍڻ وارو گل
(Jericho)
پڻ خريد ڪيو هو.) اهو مون کي شيڪسپيئر جي تاريخي
ڊرامن منجهان ڪنهن منظر (3 هينري
VI
ايڪٽ
Iمنظر
(I
جي ياد ڏياري ٿو، جنهن جي ابتدا ”ڳاڙهن ۽ اڇن گل
جي جنگين“ بابت پيش ڪيل آهي (هينري اٺين ۾ شامل،
جيڪو ان جي يادگيرين جو رستو کولي ٿو.) ان حوالي
سان، اڇن ۽ گلابي رنگ جي گلن جو اهو هڪڙو ننڍڙو
قدم هو. ان ڏس ۾ جرمنيءَ ۽ لاطيني زبان جي هڪ هڪ
سٽ، ان نڪتي جي وضاحت لاءِ ڏجي ٿي:
ترجمو: ”گلاب، ڪنول يا قرنڦل، هرهڪ گل مرجهائجي
ويندو آهي.“
ترجمو: ”ايسا بيليٽا
(Isabelita)
نه رو، ڇاڪاڻ ته گل مرجهائجي ئي ويندا آهن.“
لاطيني زبان جي سٽ جو ظاهر ٿيڻ مون کي تمثيلي گيت“
(Figaro)
ڏانهن موٽائي وٺي آيو، هتي ويانا ۾ اڇن گلن جي
جهڳٽي کي، يهوديت پرستيءَ جي خلاف
(Anti-Semitism)
۽ ڳاڙهن گلن کي سماجي جهوريت
(Social Democrats)
جي علامت سمجهيو ويندو آهي.
ان معاملي جي پويان يهودين جي خلاف مشتعل ڪندڙ
ڪجهه يادگيريون ڦهليل آهن، جيڪي انگلستان جي پياري
شهري علائقي واري ريلوائي سفر دوران پيش آيون
هيون. (انگلستاني يعني جيڪي جرمنيءَ جي اترين
علائقن ۾ رهندا هئا ۽ پنجين ۽ ڇهين صديءَ ۾
انگلستان تي چڙهائي ڪري فاتح بڻيا
(Anglo- Saxon)،
ٽيون منظر منهنجي شاگرديءَ وارن اوائلي ڏينهن
جوڙجڪ سان سان وابستا آهي. تڏهن جرمنيءَ جي شاگردن
سان ”فطرت جي حڪمت عملي جي اڀياس“ بابت بحث ٿيو
هو، تڏهن مان ڳڀرو نوجوان ۽ مادي نظرين سان ٽمٽار
هوندو هوس، ۽ ڪنهن به نڪتي جي اختلاف ۾ هڪ طرفو
ڳالهائڻ ۽ مداخلت ڪرڻ ۾ ڏاڍو ڀڙ هوندو هوس، نتيجي
۾ جيڪو مونکان مٿين درجي ۾ پڙهندو هو ۽ منهنجو
مربي به هو، جنهن کي ڪنهن سندس، وڏي هجوم جي
اڳواڻيءَ ۽ ان جي انتظامي امور هلائڻ جي صلاحيت جو
باور به ڪرايو هو، (اتفاق سان ان جو نالو به
جهنگلي جيوت جي بادشاهيءَ سان منسوب هو).
اٿي بيٺو ۽ اسان کي ٻڌائڻ لڳو: ”هو پڻ!“ چوڻ لڳو،
”جوانيءَ ۾ جهنگ وارو جانور (خنزير-(Swine
ٿي ويو هو ۽ وري پنهنجي پيءُ جي گهر به سدائين
موٽي ايندو هو.“ هن جي جملي تي مون ڪاوڙ جو (جيئن
خواب ۾) اظهار ڪيو، ۽ مون ڏاڍي غير مهذب انداز سان
کيس جواب ڏنو: ”خنزير جهڙو خودغرض“
(Saugrob).
مان کيس تڏهن کان سڃاڻان ته جوانيءَ ۾ سندس لاڙو
لالچ ۽ خود غرضيءَ ڏانهن هوندو هو، ان ڪري مان
سندس تقريرن مان بلڪل به متاثر نه ٿيندو هوس،
(خواب ۾ مان پنهنجي جرمن قوم پرستيءَ تي حيران ٿيو
هوس (خواب اڳتي پڙهندا.) ائين به ٿيندو هو ته
ڪيترن طرفن کان اهو گوڙ شور اڀرندو هو ته جئين مان
پنهنجي ڪيل گفتگو تان هٿ کڻي وڃان پر مان ائين ڪرڻ
کان بنهه انڪار ڪر ڇڏيندو هوس. اهو ماڻهو جنهن کي
مان بيمانو ڪندو هوس، نهايت عقل وارو هوندو هو ۽
تيستائين مقابلي لاءِ موقعي جي تلاش ۾ رهندو هو،
جيسيتائين معاملو ختم نه ٿي وڃي.
خواب ۾ ان پهرين صورتحال جا بچيل عنصر پاتال جي
گهرائين مان اڀري آيا هئا. پوءِ ”خچر جي کُر“ بابت
امير جي بيان جو ڪهڙو مطلب؟“ ان جي جواب ڳولهڻ
لاءِ مان لاڳاپن جي پٽڙيءَ تي هلڻ لڳس:
”خچر جو کُر،“..... ”ڪاهوءَ جو چنبو (مُٺ)،
(Huflattich).......
سلاد لاءِ ڪم ايندڙ سبزيءَ جو قسم، انتظام
سنڀاليندڙ جي اندر ۾ ڪتو، ڪتي جو کاڄ
(Salathund)،
ان سان گڏ ڪيترين ئي يادگار گارين جا انبار: بن
مانس
(Affe)،
خنزير
(Swine)،
سوئر جي مادي
(Sow)
ڪتو، ۽ ائين مان وڃي گڏهه تائين پهتس. اهڙيءَ ريت
جيڪڏهن مان ڪنهن ٻئي نالي جي ڳولها ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر
ڪو چڪر ڏئي ڏسان ته ٻئي ڪهڙي استاد جي بيعزتي ڪئي
اٿم ۽ گڏوگڏ مان خچر جي کُرَ جو به ترجمو ڪندس ته
درستيءَ يا غلطيءَ وچان، بهرحال مان ان جو نالو
فرانسيسي زبان ذريعي نه ٻڌائي سگهندس، جيڪو لڳڀڳ
”گل قاصدي“
(Pisse-en-lit)
جيڪو هيڊن رنگن واري عام گاهه جهڙو ٿئي ٿو.
ان قسم جي معلومات مون کي ”زولا“
(Zola)
جي نظريي: ”ڦٽندڙ يا تخم گهرڙن جي واڌ“، جي پهرين
مرحلي
(Germinal)
مان ملي آهي، جنهن ۾ ٻار کي سلاد لاءِ ڪنهن ٻوٽي
پٽي اچڻ لاءِ چيو ويو آهي. ”ڪتي جي هڏيءَ“ لاءِ
استعمال ٿيندڙ فرانسيسي لفظ
(Dog- Chien)
مون کي ان جو مخصوص ڪم ياد ڏياري ڇڏيو (فرانسيسي
زبان ۾ لفظ پيازي
(Chier)
کي هلڪي گلابيءَ
(Pisser)
سان به ڀيٽ ڏني وڃي ٿي.)
جلد ئي سوچڻ لڳس ته مان انهن ٽنهي حالتن (ٺوس،
پاڻي ۽ هوا) متعلق ڪي درست مثال گڏ ڪري نه سگهيو
آهيان. ان ساڳئي ڪتاب
(Germinal)
جي ذريعي، جنهن سان هوا جهڙي شيءَ جي خارج ڪرڻ جي
انهيءَ عمل بابت ڀيٽ تي ٻڌل، نهايت نياري قسم جو
انقلابي مقصد حاصل ڪري سگهجي ٿو، جيڪو ”ريح“
(Flatus)
جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو.
هاڻي مون کي اندازو ٿيو ته جنهن رستي، مون کي ريح
(هوا) ڏانهن پئي ڇڪيو، تنهن، اصل ۾ مون کي هينري
اٺين بابت لکيل انگريزي تاريخ: ”ازابيليٽا“
ازابيلا“ ۽ ”فريڊيننڊ“ واري فرانسيسي شعر ذريعي،
گلن جي خوشبو کان دور پئي ڪيو، ۽ ملڪه ايلزبيٿ
پهرين جي عهد (1588) ۾ انگستان تي حملي ڪرڻ لاءِ
تيار ڪيل ”ارميڊا“
(Armada)
جنهن انگليڊ جي خلاف سامونڊي سفر پئي ڪيو، ان جي
شڪست کانپوءِ انهن جو اهو عهدنامو ختم ڪيو ويو،
جنهن تي:
”هو غلطيءَ وچان ڪاميابيءَ جو موقعو وڃائي ويٺا ۽
اهي ٽڙي پکڙي ويا“ تحرير ٿيل هو.
ايستائين جو طوفاني ڌماڪي، هسپانوي مسلح بحري
جهازن جي سلسلي کي ئي ٽيڙي پکيڙي ڇڏيو. علم علاج
جي باب جي، عنوان رکڻ بابت مون کي، انهن لفظن جي
استعمال ڪرڻ جو خيال سنجيدگيءَ سان نه اچي ها،
جيڪڏهن مون کي زناني جنسي بيماريءَ جي علاج ۽ ان
جي معلومات جي باري ۾ تفصيل پيش ڪرڻ جي ضرورت
محسوس نه ٿئي ها. هاڻي اسان خواب جي ٻئي حصي ڏانهن
ٿا موٽي هلون. پهرين ته مان اها ڳالهه واضع ڪري
ڇڏيان ته مان اهڙي قسم جي تفصيل ڏيڻ کان بنهه قاصر
آهيان، جنهن بابت غور ڪرڻ کانسواءِ ڇنڊ ڇاڻ ڪيل
هجي. جيڪڏهن مان پاڻ کي ان انقلابي دور جي انهن
ڪامران ۽ انفرادي شخصيتن جي مالڪن جي جاءِ تي رکي
ڏسان، ”ايڊلر“ چواڻيءَ: جن ڪنهن عقاب جيان جان
جوکي ۾ وڌي، پر پنهنجي عياشيءَ سبب آنڊن جي
بيمارين ۾ به مبتلا رهيا. منهنجو خيال آهي ته مان
ان نڪتي تي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ کان لنوائڻ ۾ حق بجانب نه
ٿو ٿي سگهان، ڀل ته ان ڪهاڻي جو وڏو حصو مون کي
”هوفراٽ“ نالي ڪورٽ جي ڪائونسلر ئي ڇو نه ٻڌايو
هجي. خواب ۾ عوام جي استعمال وارن ڪمرن جي سلسلي
جو نظر اچڻ، شاهي سواريءَ کي کڻڻ، نيڻ لاءِ
استعمال ٿيندڙ ڪمرن سان وابستا هوندا آهن، جن جي
جهلڪ ڏيڻ ۾ مان ڪامياب ويو آهيان. پر ”ڪمرا“
(Zimmer)
جن جو مقصد پڻ ”عورتون“ (حقارت جي خيال کان ڪتب
آيل لفظ
(Frauenzimmer
آهي، ۽ گهڻو ڪري خوابن جي معاملي ۾ ائين ئي ٿيندو
آهي، حالانڪ هن واقعي ۾ اها ”عوامي عورت“ آهي.
جڏهن جن ته گهريلو عورت جي حيثيت ۾ مان، ان حاضر
جواب ٻڍڙي عورت جي طرف پنهنجي احسانمنديءَ جو
اظهار گهٽ ئي ڪري رهيو هوس ۽ سندس خدمت ۾ دلچسپي
به گهٽ وٺي رهيو هوس، ۽ جڏهن کيس گهر ڇڏڻ ٿي ويس
ته مون کانئس ڪيتريون ئي سٺيون ڪهاڻيون به ٻڌيون
فانوس جو اولڙو معروف آسٽرين ڊراما نگار ”گرل
پارزر“
(1791-1872- Grillparzer)
جي ان حقيقي تجربي جي پاسي موٽي ٿو اچي جنهن،”سمنڊ
جون ڇوليون ۽ محبت“ (ارماڊا ۽ طوفان) ۾ ”هيرو“ ۽
”لينڊر“ جي دکڙي بابت ان ئي قسم جو هڪ وڻندڙ واقعو
بيان ڪيو آهي.
مان خواب جي باقي بچيل ٻن حصن جي تفصيلي تجزيي کان
به پاسو ڪري، ان بابت اڳتي لکندس. ان خواب تي بحث
ڪرڻ لاءِ مان هتي رڳو انهن عنصرن کي کڻندس، جيڪي
ٻالڪپڻي جي انهن ٻن منظرن جي رهنمائي ڪن ٿا. درست
نموني ۾ ڌڪي هڻن جي صورت ۾ اها ڪهڙي ڳالهه آهي جا
لڪائڻ لاءِ مون کي مجبور ڪري رهي آهي ته اها
”لِڪَ“ جنسي معاملو آهي، پر هتي ان جي وضاحت جي ڪا
خاص ضرورت به نه آهي. بهرحال ڪيتريون ئي ڳالهيون
هونديون آهن جيڪي ٻين کان لڪائبيون آهن. سوال اهو
ناهي ته مان ان جي وضاحت کي مخفي ڇو ٿو رکان، پر
مان سمجهان ٿو باطني احتساب جي تقاضا ئي اها آهي،
جا خواب جي حقيقي مواد کي لڪائڻ لاءِ مون تي زور
ڀري رهي آهي. مان بهرحال اهو واضع ڪري ڇڏيان ته
خواب جي انهن پوين ٽن حصن، اهو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي
ته اهي غير متعلق لٻاڙ واريون ڳالهيون هيون، ۽ اهو
پنهنجي متعلق صلاحيتن يا اهميت جي باري ۾ مبالغي ۽
برتريءَ وارو
(Megalomania)
اجايو ۽ بيهودو معاملو هو، جيڪو منهنجي جاڳ جيون ۾
پڻ دٻيل رهيو آهي، جنهن جا ڪجهه گوشا وري پنهنجو
پنهنجو رستو ٺاهي، خواب جي مواد جو سٽاءُ ڪندا آهن
(مثال طور: مون محسوس ٿي ڪيو ته مان وڏو چالاڪ
هوس)، اتفاق سان خواب ڏسڻ کان هڪ شام اڳ منهنجي
زنده دل هجڻ واري قوت ۾ اضافو ٿيو هو. اصل ۾ ڊاڙ
ٻٽاڪ يا فخر وڏائيءَ جي ڦهلجڻ جو دائرو گهڻو وسيع
آهي، مثال طور ”سائي گاهه تي چرڻ“ کي شامل ڪجي ۽
ان لهجي ۾ پڇجي ته ”گاهه جي قيمت ڪيتري آهي؟“ ته
اها ان ماڻهوءَ جي شخصي تسڪين کي ظاهر ڪري ٿي،
جيڪو پاڻ کي ڏاڍو خوش قسمت ٿو سمجهي. خواب جو
پهريون حصو به وچ ۾، فحش مزاح ۽ شعوري طنز جي
خاصيتن جي حامل فرانسسي مصنف ”فرانڪو رابلي“
(Rabelais-1483-1533)،
يا ان جي پڙهندڙ يا ان جهڙي لکندڙ، ڪنهن اهڙي شخص
جي ٻٽاڪ يا وڏائيءَ جي ذريعي معاملي کي شامل ڪري
ٿو، جنهن جي دماغ ۾ زندگيءَ ۽ ضرورتن جي پورائي
لاءِ ديوقامت شخص ۽ سندس پٽ وٽ فحاشي ۽ طنز کي
لڪائيندڙ، تمام اونچن خيالن جو بي مثال خزانو ڀريل
آهي.
هي آهي اهو مواد، جيڪو ٻالڪپڻي جي ٻن منظرن کي پاڻ
۾ ملائي ٿو، جنهن جو مون پنهنجي پڙهندڙن سان وعدو
ڪيو هو: مون سفر لاءِ هڪ نئين صندوق خريد ڪئي هئي،
جا ڀوري واڱڻائي رنگ جي هئي، اهو رنگ هڪ کان وڌيڪ
ڀيرا خواب ۾ نظر آيو هو: اهو واڱڻائيءَ ۽ ناسي رنگ
ڪنهن ٺوس مواد مان جڙيل هو ۽ گڏوگڏ اها شيءَ جنهن
جي سڃاڻپ ”ڇوڪري ڦاسائيندڙ“
(Madchenfanger)
واري هئي.
۽ فرنيچر اهو هو جيڪو وزيراڻن گهرن ۾ هوندو آهي.
عام طور ٻارن جي حوالي سان اها ڳالهه مڃڻ جوڳي آهي
ته ماڻهو کين ڪنهن به نئين شيءَ سان ماري سگهن ٿا.
منهنجي ننڍپڻ جي ان منظر مون تي واضع ڪري ڇڏيو ۽
منهنجي ذهن تي تري آيو ته جڏهن مان ٻن سالن جو هوس
ته ڪڏهن ڪڏهن مُٽي بسترو آلو ڪري ڇڏيندو هوس، ۽
جڏهن مان اهو ڪنهن کي ٻڌائيندو هوس ته منهنجو پيءُ
کي تسلي ڏيڻ لاءِ وعدو ڪندو هوس ته ڀر واري شهر
مان کيس ڳاڙهي رنگ جي سهڻي پين وٺي ڏيندس. اها
ڳالهه خواب ۾ وچ ۾ ٽپي پوڻ واري انداز سان آئي
هئي، اهو تاثر ڏيڻ لاءِ ته اسان شهر مان پيشاب
لاءِ ڪموڊ وٺنداسين يا ورتو آهي: جيئن چئبو آهي ته
ماڻهوءَ کي پنهنجو وعدو پاڙڻ گهرجن.
”علامتن جي ذريعي رلمل ٿيڻ واري عمل ۾ مرداڻي
پيشاب جي جاءِ ۽ عورت جي صندوق يا دٻلي پڻ ڌيان
طلب آهي: (ڏسو باب چوٿون: خوابن ۾ تاثر جو بگڙجي
وڃڻ). ان وعدي منهنجي ننڍپڻ وارين صلاحيتن يا
اهميت جي باري ۾ سموري مبالغي کي ظاهر ڪري ڇڏيو
هو. پيشاب ڪرڻ جي حوالي سان اسان اڳ ۾ ئي ٻارن جي
انهن مسئلن تي بحث ڪري آيا آهيون، جيڪي سندن خوابن
۾ خاص حصو وٺن ٿا (هڪڙو خواب ڏسو: باب پنجون:
خوابن جو مواد ۽ ماخذ: خوابن جي بنياد ۾ ٻالڪپڻي
جو مواد). اسان اعصابي موضوعن جي نفسياتي تجزيي
مان پڻ بستري ۾ مٽڻ ۽ شديد خواهش جي ڪرداري خصلت
جي وچ واري لاڳاپي بابت به سکي آيا آهيون.“
مان جڏهن ستن يا اٺن سالن جو هوس ته هڪ ٻيو گهريلو
واقعو ٿيو هو، جنهن کي مان نهايت چٽيءَ طرح ياد
ڪري ٿو سگهان. هڪ ڏينهن اڳ ۾ مون کي ڪاڪوس لڳو هو
ته مان، بي حجابيءَ ۽ بيپرواهيءَ وچان مائٽن جي
موجودگيءَ ۾ سندن سمهڻ واري ڪمري جي پائخاني ۾
هليو ويس، ان ڳالهه تي تنبيهه ڪندي منهنجي پيءُ هي
لفظ چيا: ”ڇوڪرو ڪجهه ڪرڻ نه آيو هو.“ اهو جملو
منهنجي خيال کان گهٽ ۽ خوف ڏياريندڙ هو، ان منظر
جو حوالو مسلسل منهنجي خوابن ۾ اڃان تائين ايندو
رهندو آهي، ۽ اهو منهنجي ڪارنامن ۽ ڪاميابين سان
شمار ٿيندو آهي، جڏهن ته مان چوڻ چاهيان ٿو ته:
”توهان ڏسو، مان ڪجهه ڪرڻ ئي آيو آهيان.“ ان منظر
پوءِ خواب جي آخري حصي کي مواد مهيا ڪيو، جنهن
”بدلي“ جي صورت اختيار ڪري ورتي، ۽ اصولن پنهنجي
مٽا سٽا ڪري ورتي. پوڙهو ماڻهو (چٽيءَ ريت منهنجو
پيءُ هو، جڏهن ته سندس هڪ اک جي بينائي، سائي
موتيي جي بيماريءَ جو هڪ طرفو حوالو هئي.
جيڪو هاڻي منهنجي سامهون بيهي ائين پيشاب ڪري رهيو
هو جيئن مون ننڍي هوندي ڪيو هو. اک جي بيماريءَ جي
حوالي سان مان کيس ناريل جي ست مان ٺهيل، بيهوش
ڪندڙ دوا
(Cocaine)
ياد ڏياري رهيو هوس، جيڪا مون سندس آپريشن دوران
ڪتب آندي هئي. ۽ ان ريت مان پنهنجي وعدي جو پورائو
ڪري رهيو هوس. گڏوگڏ مان ساڻس مذاق به ڪري رهيو
هوس جو مون سندس عضوي ۾ هٿ وڌو، ڇاڪاڻ ته هو انڌو
هو ۽ مان زناني جنسي بيماري (هيسٽيريا) جي نظريي
جي حوالي سان تصور ۾ ڏسي رهيو هوس، جنهن تي مان
فخر محسوس ڪري رهيو هوس.
تجزيي جي سلسلي ۾ ڪجهه وڌيڪ مواد هن ريت آهي ته
”سندس هٿن ۾ جهليل عينڪ (پيشاب واري عضوي جي
علامت) مون کي اکين واري ڊاڪٽر وٽ، ان ”ڳوٺاڻي
هاريءَ“ جي ڪهاڻي ياد ڏياري ڇڏي، جيڪو مختلف نمبرن
وارين عينڪن پائڻ جي باوجود خواب جي باقي حصي ۾
مثال طور پيش ڪيل لفظ: ”هاريءَ کي ڦاسائيندڙ“،
بنائڻ سنوارڻ وارو“
(Bauernfanger)،
”ڇوڪري ڦاسائيندڙ“
(Madchenfanger)
پڙهي ڪونه پئي سگهيو. ساڳيءَ ريت پيءُ به ”ايمل
زولا“ جي ڪتاب ”لاتيري“
(La terre)
۾ به آهي ته هارين جي درميان علاج ڪرائڻ کانپوءِ
ذهني طور ضعيف ٿي ويو هو. دکدائڪ تلافي اها هئي ته
عمر جي آخري ڏينهن ۾ بستري تي سمهيل هئڻ جي ڪري،
منهنجو پيءَ، ٻارن وانگر غلاظت سان بسترو خراب ڪري
ڇڏيندو هو، ان ڪري خواب ۾ منهنجي موجودگي، بيمار
نرس جي صورت ۾ پيش ٿي هئي. هتي سوچ ۽ تجربو ڪرڻ هڪ
ئي، يعني ساڳئي ڳالهه هئي. ان ڳالهه مون کي ”آسڪر
پنيزا“
(Oskar Panizza-1895)
جو تمام زبردست انقلابي ۽ ادبي ڊرامو ”داس ليبي
شونزل“
(Das Liebeskonzil)
ياد ڏياري ورتو، جنهن ۾ ”ديني پيءُ، اڌرنگ ورتل
پوڙهي شخص جيان نهايت نفرت جوڳو ورتاءُ ڪري ٿو. ان
معاملي ۾ خواهش، ارادي ۽ نمايان عمل کي ساڳئي ۽ هڪ
شيءَ هجڻ جي صورت ۾ منتقل ڪري ٿو ۽ هن کيس پٽ
پاراتي ڪرڻ کان منع ڪئي هئي، ۽ هن پنهنجي ان بلند
مرتبي واري فرشتي ذريعي قسم کنيو هو، جيڪو کيس
شراب پيئاري مست ڪندو هو، ڇاڪاڻ ته سندس بددعا
ڏاڍو جلد اثر ڪندي هئي. “
منهنجي منصوبا بندي ڪرڻ به پوين عرصي ۾ منهنجي
والد کي نه وڻندي هو ۽ مون کي نهايت گهٽ وڌ
ڳالهائيندو هو، ۽ خواب جو سمورو مزاحمتي مواد سچ
پچ ته اعليٰ اختيارين سان بغاوت ۽ طعني تي ٻڌل هو
جنهن جو رخ پويان، منهنجي پيءُ سان بغاوت ڪرڻ
ڏانهن هو. هڪ شهزادو، پنهنجي راڄڌانيءَ جو پيءُ
ليکبو آهي، جڏهن ته سندس حڪمراني يا ٻيا سماجي
اختيار، انساني تهذيب جي تاريخ جي طور تي ارتقا
ڪندا آهن. جتي شجره نسب عورتن جي نسبت سان هلندو
آهي، اتي اهو قاعدو لاڳو نه ٿيندو آهي. ان جملي:
”سوچڻ ۽ تجربو ڪرڻ هڪ ئي ڳالهه هئي“ کي زناني
بيماريءَ (هيسٽيريا) جي علامتن جي وضاحت جو حوالو
هو، ۽ پيشاب واري مرداڻي عضوي جو به ساڳيو تعلق
هو، مان ويانا وارن جي تڪليف ڏيڻ واري اصول جي
(Gschnas)
جي وضاحت ڪرڻ ضروري نه ٿو سمجهان. جوڙجڪ ۾ انهن
سان مناسبت رکندڙ شيون، ڇاڪاڻ ته اتفاقي ۽ انمول
بجاءِ خسيس ۽ گهڻو ڪري مذاق ۽ انتهائي بيڪار مواد
جي انداز ۾ ظاهر ٿي سگهن ٿيون، مثال طور ڪنهن شيءَ
جي ترڻ واري ٿانءَ بجاءِ دفاعي اوزار (زرهه)، شربت
پيئڻ واري نلڪين جا ڇڳا، مانيءَ جا گول گرهه ۽
ويانا ۾ غير روايتي طور رهندڙ بوهيمين جي رهاڪن
جون دعوتون نظر اچي سگهن ٿيون. مون مشاهدو ڪيو آهي
ته خاص طور هيسٽيريا جو موضوع ٺيڪ، پورو يا هوبهو
ڇا ٿو پيش ڪري، گڏوگڏ اهو به ته حقيقت ڇا هئي جو
اهي لاشعوري طور اوچتي خوف کي اڀارين ٿا يا محفوظ
سادن تصوري واقعن ۽ سندن روزمره جي تجربن جي مواد
کي تعمير ڪن ٿا. جيڪي ان حقيقي يادگيرين جي خزاني
مان کنيل نه پر تصوراتي دنيا جي خيالي اڏام آهن جن
جون علامتون ابتدائي حالتن ۾ ئي لاڳاپجي وڃن ٿيون،
ڀلي ته اهي سنجيده قسم جون هجن يا بلڪل ساديون ۽
معصوم. اهڙي قسم جي پڌرائيءَ منهنجي ڪيترين ئي
مشڪلاتن ۾ مدد ڪئي آهي، ۽ مون کي خاص اطمينان پئي
بخشيو آهي. خواب جي عنصر جي خيال کان ”پيشاب واري
مرداڻي عضوي“ جي حوالي ڏيڻ ۾ منهنجي لاءِ جيڪا
ڳالهه ممڪن ٿي سگهي پئي، اها ان ريت هئي.
مان ٻڌائي آيو آهيان ته انهيءَ پريشانيءَ ۽ تڪليف
(Gschnas)
واري رات ”لوڪريزيا بورگيا“
(Locrezia Borgia)
سان منسوب زهريلي شراب واري ڪٽوري جي نمائش ڪئي
وئي هئي، ان جو مرڪزي خيال ۽ ان جي طرز ۽ تشڪيل
اسپتالن ۾ استعمال ٿيندڙ ”پيشاب واري مرداڻي عضوي“
جهڙي هئي.
منهنجي ننڍپڻ جا ٻئي پيشاب ڪرڻ وارا منظر، پنهنجي
صلاحيت يا اهميت جي باري ۾ مبالغي
(Megalomania)
جي موضوع جي نهايت ويجها آهن، پر اهي اوچتو تڏهن
ظاهر ٿيا جڏهن مان ”آئوسي“ ڏانهن سفر ڪري رهيو
هوس، اتفاق سان وڌيڪ مددگار اها صورتحال ٿي، جو ان
مون واري گاڏي ۾ غسل خانو شامل ڪونه هو، انڪري مون
کي اها پريشاني لاحق هئي، جيڪا آخر صبح جو پيدا ٿي
پئي، جو جسماني ضرورت سبب مان جاڳي پيس. مان
سمجهان ٿو ته اهڙي قسم جي ضرورت جي پورائي، خواب
کي حقيقي طور تي چوريو هو، پر مان وري به هڪ ٻي
راءِ کي اهميت ڏيندس ته اصل ۾ پيشاب ڪرڻ جي خواهش
ئي خواب جو سٽاءُ جوڙيو هو. ائين گهٽ ئي ٿيو هو جو
ڪنهن جسماني ضرورت سبب، ان ريت منهنجي ننڊ ڦٽي وئي
هجي، جڏهن ته ان ڪم لاءِ صبح جي پوڻين ٽين وڳي،
منهنجي اٿڻ جو وقت مقرر هوندو هو. ۽ منهنجو هڪ ٻئي
اٿندڙ اختلاف سان به واسطو پئجي سگهي ٿو ته نهايت
آرام واري سواريءَ تي مشڪل سان ئي رفع حاجت محسوس
ٿي هوندي جڏهن ته مان صبح جو سوير به اٿندو هوس!
پر ان نڪتي کي ڇڏي ڏيڻ ۾ ڪو حرج به نه آهي.
خوابن جي تشريح جي تجربي منهنجو ڌيان ان حقيقت
ڏانهن ڇڪايو هو ته خيالن جي ريل، موٽي وري به
ننڍپڻ ڏانهن ويندي آهي، جنهن جي ابتدا پڻ خوابن
کان ٿيندي آهي، ۽ اهي پهرين سٽ ۾ ئي مڪمل تشريح
ٿيل نظر ايندا آهن، جن جي سرچشمن ۽ ڀڙڪائيندڙ
خواهش کي ڳولهڻ مشڪل نه هوندو آهي. بهرحال مان پاڻ
کي مڃائي سگهان ٿو ته جيڪڏهن اهي خصلتون، خواب جي
صورتحال کي اڳ ۾ تيار ڪرڻ لاءِ وڌيڪ اهم نه آهن،
ته عام اصطلاح ۾ ائين چئجي ته اها تجويز ڏيڻ يا
اهو مفهوم ڪڍڻ دراصل، هر خوابن پنهنجي پيشڪش جي
سٽاءَ ۾ ويجهن تجربن ۽ پنهنجي تمام اوائلي تجربن
اندر لڪل متن سان سلهاڙيل هوندا آهن، ۽ مان بهرحال
هيسٽيريا جي تشريح ۾ اهو ظاهر ڪرڻ جي قابل ٿي ويو
آهيان ته اهي اوائلي تجربا، بچائي رکڻ يا جاري رکڻ
جي معقول حس رکن ٿا، جيڪي اڳتي ويجهڙائيءَ واري
وقت تائين هلن ٿا. بهرحال اها مشڪل اڃان تائين
موجود آهي ته ان شڪ شبهي کي سچ ڪيئن ثابت ڪجي، ۽
مان هڪ ٻئي لاڳاپي (باب ستين: خوابن جي عمل جي
نفسياتي پهلو: حصو ٽيون: ”خواهشن جي پورائي) ڏانهن
ان تي غور ڪرڻ لاءِ مڙان ٿو، ته ٻالڪپڻي جا اوائلي
تجربا، خواب جي جوڙجڪ ۾ ڪهڙو ممڪن ڪردار ادا ڪن
ٿا.
يادگيريءَ جي ٽن ڪرداري وصفن کي باب جي ابتدا ۾
شامل ڪيو ويو هو، هڪ ته خوابن جي متن ۾ غير ضروري
مواد جي ترجيح هئي، جنهن جي ذريعي خواب جي بگاڙي
کي اطمينان ڏياريندڙ چٽائيءَ سان ڳولهي سگهجي ٿو،
۽ اسان ٻن ٻين حصن يعني، ويجهڙائيءَ دوران ڳالهائڻ
۾ ڪنهن لفظ يا فقري تي زور، اهميت ۽ ٻالڪپڻي جي
مواد جي موجودگيءَ جي تصديق ڪرڻ جي قابل ٿي
وياسين، پر اسان مقصد يا نيت جي بنياد تي انهن جي
عمل جا سبب ٻڌائڻ يا انهن کي پڄاڻيءَ تي پهچائڻ جي
لائق نه ٿيا آهيون جيڪي خواب جي اڳواڻي يا رهنمائي
ڪن ٿا.
اها ڳالهه ذهن ۾ ضرور رکڻ گهرجي ته انهن ٻنهي
ڪرداري وصفن جي وضاحت ۽ تعريف اڃان دريافت ٿيڻي
آهي، انهن جي اصل جاءِ اڃان ڪنهن ٻئي هنڌ آهي،
پوءِ اها ننڊ جي حالت بابت نفسيات هجي يا ذهن جي
ساخت ۽ ان جي ڪمن تي بحث هجي، جن تي اسان اڳتي هلي
گفتگو ڪنداسين. ان کانپوءِ واضع ٿي سگهنداسين ته
خواب جي تشريح، تجزيو يا تعبير هڪ اهڙي دري آهي
جنهن مان نهاري، استعمال ٿيندڙ اندروني سامان جي
جهلڪ ڏسي سگهنداسين. (ڏسو باب ستون: خوابن جي عمل
جو نفسياتي پهلو).
هتي بهرحال ان پوئين خواب جي تجزيي مان هڪ ٻيو
انومان به نڪري ٿو، جنهن لاءِ مان ڌيان ڇڪائڻ
چاهيان ٿو. خوابن مان گهڻو ڪري هڪ کان وڌيڪ مطلب
نڪرندا آهن، رڳو ائين به نه جيئن اسان جي ڏنل مثال
مان ظاهر ٿئي ٿو، ٿي سگهي ٿو انهن سان گڏ، ٻيون به
ڪيتريون خواهشون ۽ انهن جي پورائي جون ڳالهيون
رلمل ٿيل هجن، پر معنوي ورثي جو حق يا خواهشن جو
پورائو ٿي سگهي ٿو هڪ ٻئي تي مڙهِجي، مرتب ٿي ويو
هجي. بنياد ۾ خواهشن جي پورائي جو معاملو وري به
وڃي ننڍپڻ ۾ ڪيل خواهشن سان ملي ٿو. ۽ هتي وري هڪ
ٻيو سوال اڀري ٿو ته ٿي سگهي ٿو ته اها دعويٰ گهڻي
درست نه هجي ته اهي اڪثر يا لڳاتار اچڻ جي بجاءِ
بنا تبديليءَ جي ظاهر ٿيندا آهن.
حقيقت اها آهي ته خوابن جي معنيٰ مڙهيل ۽ مرتب ڪيل
تهن ۾ سليقي ۽ نهايت نفاست سان ۽ ڏاڍي دلچسپ نموني
متعين ٿيل هوندي آهي، ان ڪري به خوابن جي تشريح
ڪرڻ ۾ مشڪل پيش ايندي آهي. جيڪڏهن ڪو به اهو امڪان
وساري ڇڏيندو ته پڪ ئي پڪ ۽ آسانيءَ سان گمراه ٿي
ويندو ۽ خوابن جي فطرت لاءِ ڪنهن درست دعويٰ جي
دليل ڏيڻ جي قابل نه رهندو. اها به حقيقت آهي ته
ان ڏس ۾ ڪيتريون ئي نه مڃڻ جوڳيون کوجنائون اڃان
به ٿي رهيون آهن. هيل تائين مثاني جي دٻاءَ سبب
بيدار ڪرڻ وارن خوابن ۾ علامتن جي عام درجي بندي
بابت رڳو ”اوٽو رئنڪ“
(Otto Rank, 1912)
جي مختصر کوجنا جو حصو، سراسري طور ۽ ٺيڪ انداز جو
ملي ٿو.
|