ضميمو 1909ع
حقيقت اها آهي ته مون خوابن سان وابستا مسئلن بابت
ادبي ڄاڻ واري مواد کي، پهرين ۽ ٻئي ايڊيشن جي وچ
واري عرصي جي احاطي ڪرڻ يا ان عرصي دوران پيدا ٿيل
صورتحال جي جواز ڏيڻ لاءِ وڌائڻ نه ٿي چاهيو، ٿي
سگهي ٿو ته پڙهندڙن کي به پوريءَ ريت اطمينان نه
ٿيو هجي، پر منهنجي لاءِ اها ڳالهه گهٽ تڪراري نه
هئي. ان سلسلي ۾ خوابن متعلق، هر ڳالهه جي وضاحت
ڏيڻ بابت انهن ئي ڳالهين مون کي اڀاريو، جن کي اڳ
جي ليکڪن ان تعارفي باب جي مڪمل ٿيڻ تي، ڏاڍو
ٿڪائيندڙ ۽ مونجهارو پيدا ڪندڙ انداز اختيار ڪيو
آهي؛ ان ڪري پنهنجي ذميداريءَ کي نڀائڻ لاءِ مون
کي ڪجهه وڌيڪ ئي ڪوشش ڪرڻي پوندي ۽ نتيجو وري به
هڪ مختصر هدايتن جي استعمال جو نڪرندو. انهن نوَن
سالن جي مداخلت سبب ڪا به نئين يا اهميت جوڳي شيءَ
پيش نه ٿي سگهي آهي، نه ئي ڪو حقيقي مواد يا رايو
پيش ٿي سگهيو آهي، جيڪو ان موضوع تي روشني وجهي
سگهي. ان عرصي دوران شايع ٿيل ڪيترن رسالن ۾
منهنجي ڪم تي نه صحيح نموني سان غور ڪيو ويو آهي
نه ئي ان کي شامل ڪيو ويو آهي. ان ڪري ظاهر آهي ته
تمام گهٽ ماڻهن جو ڌيان ان پاسي کڄيو آهي، خاص طور
انهن جو، جيڪي تحقيق جي ڪم ۾ رڌل آهن ۽ جن جي ڪم
کي ”خوابن جي تحقيق“ جي نالي ۾ بيان ڪيو ٿو وڃي، ۽
اهڙيءَ ريت اهي پنهنجي ناگوار ۽ متضاد مثالن کي
نهايت روشني ڏيندڙ ۽ شاندار ڪري پيش ڪري رهيا آهن،
جن منجهان ڪا نئين شيءَ پڙهڻ لاءِ ملي به ٿي ته
اها به انهن تجربا ڪندڙ، شخصيتن جي پنهنجي خاصيتن
جي تعريفن بابت آهي. ”ايناتولي فرانس“ هڪ هنڌ چٿر
ڪندي چيو آهي ته: ”پاڻ کي علامه سمجهڻ وارن کي،
علم جي طلب گهٽ ٿيندي آهي“
(les Savant ne sont pas Curious)
واقعي جيڪڏهن تجربي جي نالي ۾ اهڙيون شيون ٿيڻ لڳن
جو بدلي وٺڻ واري رويي کي به درست قرار ڏنو وڃي
ته مان يقينن پنهنجي پَر ۾ جائز آهيان ته اهڙي ادب
کي مان غير مستعمل يا متروڪ قرار ڏيان، جيڪو هن
ڪتاب جي شايع ٿيڻ بعد لکيو ويو آهي. ان سلسلي ۾
ڪجهه ڌيان ڏياريندڙ ڳالهيون، چند سائنسي رسالن ۾
ضرور شايع ٿيون آهن، پر انهن ۾ به سوچ ۽ سمجهه جو
تمام گهڻو فقدان آهي ۽ انهن ذريعي انتهائي غلط
فهميون پيدا ڪيل آهن جو مان، پنهنجي نقاد کي جواب
۾ رڳو اها صلاح ڏيندس ته اهي منهنجي ڪتاب کي ٻيهر
پڙهي ڏسن، يا وري رڳو ٻين کي ئي صلاح ڏين ته ڀلا
اهي پڙهي ڏسن.
رسالن ۾ گهڻن ليکڪن جي ڀيٽ ۾، ڪيترن علاج ڪندڙن جي
پاران، خوابن جو وڏو تعداد، منهنجي ئي هدايتن
مطابق ڪيل تجزيي جي آڌار تي شايع ٿيو آهي، جن
تحليل نفسي واري علم علاج جي اصول کي اختيار ڪيو
آهي. جيستائين انهن تحريرن جو معاملو آهي ته اهي
منهنجي خيالن جي محض منظوري يا تصديق کان به گهڻو
دور آهن، ان ڪري مون انهن جي عقل ۾ آيل سوچ کي
پنهنجي تفصيلي وضاحت يا تشريح ذريعي پيش ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ مون ڪتاب جي آخر ۾ انهن
سمورن ناليوارن ۽ اهم ليکڪن تي مشتمل هڪ ٻي ڪتابي
فهرست به شامل ڪئي، جن هن ڪتاب جي پهرين اشاعت
کانپوءِ اهميت وارو ڪم ڪيو هو. سئنڪتس جي ”سينٽ“
(Sante de Sanctis. 1899)
جو خوابن متعلق هڪ طويل مقالي جو، اطالوي زبان مان
جرمن زبان ۾ ڪيل ترجمو به لڳڀڳ ساڳئي وقت منهنجي
هن ڪتاب (خوابن جون تعبيرون) سان گڏ شايع ٿيو هو،
ان مان ظاهر هو ته اٽليءَ جو هڪ ليکڪ منهنجي ڪم تي
ڪهڙو رايو ڏئي ٿي سگهيو ۽ يا مان سندس ڪم تي ڪهڙي
قسم جو رايو ڏئي ٿي سگهيس. پر اتفاق سان مان، ان
مان نتيجو اخذ ڪرڻ کان لنوائي نه ٿي سگهيس ڇاڪاڻ
ته سندس وڏي جاکوڙ ڪري لکيل طويل مقالي ۾ ويچارن
جي تمام گهڻي گهٽتائي هئي، ايتري قدر جو، جن مسئلن
سان مون پئي منهن ڏنو، انهن مان ڪنهن هڪ جي لاءِ
به رهنما ثابت نه ٿي ٿيا.
رڳو ٻه ڪتاب اهڙا هئا جيڪي منهنجي خوابن جي مسئلن
سان ورتاءَ بابت ٿورو ويجها هئا. ”هرمن سووبودا“
هڪ نوجوان دانشور، ويلهيلم فليس جي تيار ڪيل،
”حياتياتي معياد جي مقرر وقفي“ (23 ڏينهن ۾ ۽ 28
ڏينهن جي عرصي ۾ ايندڙ) واري نظريي
جي اڳڀرائي ڪندي، نفسياتي واقعن جي کوج لڳائڻ جي
ذميداري سر تي کنئي آهي. انهيءَ انتهائي تصوراتي
ڪم جي سلسلي ۾ هن نهايت سنجيده ۽ عقلي ڪوشش ڪري،
ٻين مسئلن کي حل ڪرڻ سان گڏوگڏ، خواب جي پيروليءَ
کي سلڻ لاءِ به ان چاٻيءَ کي استعمال ڪيو آهي. پر
سندس تلاش، اصل ۾ خواب جي مطلب، اهميت يا خاصيت
بابت گهٽ تخمينو لڳايو آهي؛ خواب جي موضوعاتي مواد
متعلق راءِ ڏيندي هن ان کي يادن جي مجموعي جيان
بيان ڪيو آهي، جيڪو رات جو، هڪ مڪمل حياتياتي
معياد يا ماهواري
(Periods)
وانگر، پهريون ڀيري يا ڀلي ته نائين ڀيري ئي،
بهرحال خواب جو موضوع ضرور بڻجي ٿي. ليکڪ پاران،
شخصي طور خيالن جي ڏيوٺ واري عمل، پهرين ته مون کي
ان ڳالهه لاءِ اڀاريو ته هن ان نظريي کي پاڻ ئي
گهڻي سنجيدگيءَ سان نه ورتو آهي، البت منهنجي حساب
۾ ائين به ٿو نظر اچي ته ان نتيجي ڪڍڻ ۾ غلطي ڪئي
وئي آهي. هڪ وڏي پيماني تي (ڏسو باب پنجين جو حصو
پهريون) مون چند مشاهدا بيان ڪيا هئا، جيڪي مون
”سووبودا“ جي مشوري ذريعي ڪيا هئا، پر اهي مون کي
قائل ڪندڙ نتيجي ڪڍڻ بابت رستو ٻڌائي نه سگهيا.
مان جيڪر ڏاڍو خوش ٿيان ها! جڏهن مان خوابن جي
کوجنا جي رستي تي اوچتو موقعو حاصل ڪري وٺان ها،
جيڪو منهنجي نظريي جو انتهائي اهم حصو ثابت ٿئي
ها! تاريخوار سبب جي ڪري اهو ناممڪن آهي، ڇاڪاڻ ته
ان اعلان سبب خود منهنجو ئي ڪتاب اثرانداز ٿي سگهي
ٿو، ان ڪري مون کي، ادب ۾ انهيءَ اڪيلي، آزاديءَ
سان سوچيندڙ مفڪر جي دريافت ڪيل تجربي جي آجيان
ڪرڻ گهرجي جنهن جي، منهنجي خوابن جي نظريي جي جوهر
يا محرڪ سان هم آهنگي آهي. خوابن متعلق آيل حصا،
منهنجو خيال آهي ته سندس ڪتاب جي ٻئي شماري 1900ع
۾ ”لينڪس“ جي لکيل، ”وهم جي حقيقت“
(Phantasien eines Realisten, by Lynkeus)
جي عنوان هيٺ شايع ٿيا هئا. (پهريون ڀيرو 1899ع ۾
شايع ٿيو هو.
ضميمو 1914ع
پويون تائيدي ثبوت ڏيندڙ دليل، 1909ع ۾ لکيو ويو
هو، مان اهو مڃڻ لاءِ تيار آهيان ته ان کانپوءِ
صورتحال ڪجهه تبديل ٿي هئي، مون کي يقين آهي ته
خوابن جي تشريح جي سلسلي ۾ منهنجي حصي کي، ان
موضوع جا ليکڪ، گهڻي دير تائين نظر انداز ڪري نه
سگهندا. نوَن لاڳاپن جي صورتحال، هاڻي ڪافي حد
تائين ٺيڪ ٿي وئي آهي، جنهن جي ڪري منهنجي لاءِ
ادب جي پراڻي سوچ تي مٿو کپائڻ يا ان تي سوچڻ
اجايو آهي. خوابن جي تشريح، ان سموري سلسلي کي هڪ
تازي غور ويچار سان روشناس ڪرايو آهي، ۽ جيڪي
مسئلا هئا، انهن تي به هڪ وسيع ۽ مختلف طريقن سان
بحث ٿي رهيا آهن، مان انهن ڪمن کي ڳڻائڻ نه ٿو
چاهيان، بهرحال اڳ ۾ مان انهن خيالن کي کولي
سمجهائڻ ضرور چاهيان ٿو جيڪي منهنجي ويچارن تي ٻڌل
آهن. جديد ادب جي سلسلي ۾ ٿيل بحثن جي جيتري قدر
اهميت نظر اچي ٿي، مان بهرحال انهن کي به پنهنجي
صحيح جڳهه ڏيندس جن جي اڄڪلهه پوئواري ڪئي وڃي ٿي.
باب ٻيو
خوابن جي تعبير جو طريقو:
THE METHOD OF INTERPRETING DREAMS:
مون پنهنجي ڪم کي سڌي ۽ صاف رکڻ لاءِ جنهن عنوان
جي چونڊ ڪئي آهي. ان حوالي سان خوابن جي مسئلن جي
روايتي تجويزن ڏانهن جهڪاءَ کي پيش ڪري رهيو
آهيان. مقصد! ته مون اڳ ۾ ئي سوچي ورتو هو ته مان
ثابت ڪندس ته خوابن ۾ به تجزين يا تعبيرن لاءِ
نهايت اهم خوبيون موجود هونديون آهن. ان حوالي سان
گذريل باب ۾ خوابن جي انهن ”مسئلن“ جي حل بابت هر
هڪ جي ڪيل ڪم کي اهميت سان شامل ڪيو آهي، جيڪي
منهنجي پاڻ تي رکيل ذميداريءَ جي ڏس ۾ پيدا پئي
ٿيا. منهنجو خيال آهي ته خوابن جو تجزيو ٿي سگهي
ٿو، پر تجزيو ڪندي ئي هڪدم خوابن جي ”رائج نظريي“
سان مخالفت ۾ وڃي پوندس، حقيقت اها آهي ته خوابن
جي هر نظريي لاءِ ”شيرنر“ جو رڳو هڪڙو اعتراض ئي
ڪافي آهي ته هڪ خواب، ”تجزيي“ لاءِ معنيٰ يا ”مقصد
جي تجويز ڏيڻ“ سان ئي منسوب هوندو آهي، جيڪو پاڻ
کي ڪنهن اهڙي سٽاءُ ۾ بدلائيندو آهي، جيڪو اسان جي
ذهني عمل سان پوريءَ ريت ٺهڪيل هوندو آهي، جنهن جي
هر ڪڙيءَ کي هڪ جواز ۽ برابريءَ جي بنيادن تي
اهميت هوندي آهي. جيئن اسان ڏٺو آهي ته خوابن جي
مشاهدي ۽ مطالعي مان حاصل ڪيل ڄاڻ ڏيندڙ نظرين؛
انهن جي تجزياتي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪا واٽ نه
ڇڏي آهي. سندن دليلن جي پيش نظر، خواب، ڪو ذهني
عمل نه آهي، پر اهو، طبعي يا جسماني جيو گهرڙن جو
عمل آهي جيڪو، پنهنجي اظهار لاءِ انهن اشارن ذريعي
نشانبر
(Signalize)
يا نمايان ڪري ٿو ۽ ڌيان ڇڪائي ٿو، جيڪي دماغي
سرشتي جي محفوظ کاتي ۾ موجود آهن. هر دور ۾ عام
راءِ ان کان بنهه مختلف رهي آهي، ۽ گهڻو ڪري غير
مستقل مزاج يا پورالي رويي واري، پر ڏاڍي اٽل قسم
جي مشق رهي آهي.
جيتوڻيڪ اهي، اها ڳالهه مڃين ٿا ته خواب، سمجهه ۾
نه ايندڙ ۽ اجايا هوندا آهن، پر اهي اهڙي ڳالهه به
ثابت نه ڪري سگهيا آهن ته آخرڪار انهن جي پنهنجي
به ڪا اهميت يا معنيٰ آهي. چند مبهم احساسن ڏانهن
وٺي ويندڙ راهه جي رهنمائيءَ هيٺ به اهو گمان نظر
اچي ٿو ته هر شيءِ جي باوجود، هر خواب کي پنهنجي
معنيٰ هوندي آهي، ڀلي ته اهو مبهم يا اڻ چٽو ئي ڇو
نه هجي، پوءِ به خواب، بهرحال خيالن جي ڪنهن ٻئي
عملي سٽاءَ جي جاءِ والاريندا آهن، ۽ اسان انهن جي
درست هجڻ واري متبادل کي رڳو رد ڪرڻ جي ڪري، انهن
جي اڻ چٽي معنيٰ تائين رسڻ جي ڪوشش نه ڪندا آهيون.
آڳاٽي دور کان وٺي دنيا وارا، عام طور خوابن جي
”تجزين يا تعبيرن“ سان سلهاڙيل رهيا آهن، ۽ اهڙين
ڪوششون ۾ انهن خاص طور تي ٻن مختلف قسمن جي طريقن
کي استعمال ڪيو آهي.
انهن مان خوابن جي مواد متعلق پهرين پيشڪش ڪرڻ
وارا، ان کي مجموعي طرح سان پرکيندا هئا، ۽ انهن
کي ڪنهن ٻئي مواد ۾ بدلائي ڇڏيندا هئا، جيڪو نهايت
ذهانت وارو طريقو هو، ۽ ڪن حالتن ۾ اصل مواد سان
هڪ جهڙائي پيدا ڪندڙ يا مشابهت رکندڙ تجزيو ڪندا
هئا. اهو خوابن جي تجزيي جو ”علامتي“
(Symbolic)
طريقو هو، ۽ جڏهن خوابن سان واسطو پيو ته ان جي
تجزين، اڻٽر نموني جو خلل پيدا ڪري ڇڏيو، جيڪي نه
رڳو سمجهه ۾ نه ايندڙ هئا پر اهي مونجهارو پيدا
ڪندڙ به هئا. اهڙي پيشڪش ڪندڙن جو مثال مقدس انجيل
۾ آيل ”فرعون“ جي خواب جي وضاحت ۾ نظر اچي ٿو،
جيڪو تعبير لاءِ حضرت يوسف عليھ السلام جي اڳيان
پيش ڪيو ويو هو ته: ”هن ست سهڻيون ۽ ٿلهيون
متاريون ڍڳيون ڏٺيون، پوءِ هن ست ٻيون ڪاريون ۽
ڏٻريون ڍڳيون ڏٺيون، جن انهن ٿلهين ڍڳين کي کائي
ڇڏيو.“
فرعون جي ان خواب جي تجزيي جو اهو سمورو معاملو
پيغمبراڻي بشارتي صلاحيت جو هڪ علامتي متبادل هو،
جيڪو مصر جي زمين تي ستن سالن جي ڏڪار جي صورت ۾
اچڻو هو، جيڪو ايندڙ ستن سالن جي خوش حالي، سک ۽
آرام کي برباد ڪرڻ لاءِ اچي رهيو هو. ڪن تخليقي
ليکڪن ته خاص ڪري اهڙي قسم جي علامتي تعبيرن لاءِ
ڪيترائي هٿراڌو خواب به جوڙيا آهن، انهن، ڪجهه
ليکڪن جي اصل خيالن کي لڪائي، خوابن جي مڃيل
خاصيتن سان هم آهنگي پيدا ڪرڻ لاءِ انهن کي نئين
روپ ۾ ۽ ٻيهر به پيش ڪيو آهي،
خوابن جي رٿا جو بنيادي طور تي واسطو مستقبل ۽ ان
جي اڳڪٿيءَ سان آهي، ۽ اهو خوابن جي اهميت جو هڪ
پراڻو ۽ پيغمبراڻو يادگار آهي، اهو جڏهن ”علامتي
تعبيرن“ جي ذريعي زمان ماضيءَ کان هلي زمان مستقبل
تائين پهتو ته خوابن جي معنيٰ کي بدلائڻ جا سبب به
مهيا ڪيائين. علامتي تعبيرن جي طريقي يا اسلوب جي
اچڻ تي يقينن ڪي هدايتون ڏيڻ ممڪن نه آهي. ظاهر
آهي ڪاميابي نهايت اعليٰ فڪري سوچ ۽ سڌي سنئين
الهامي صلاحيت تي ٻڌل هئي، جنهن جي ڪري علامتي
نظريي مطابق خوابن جي تعبير ڪرڻ ممڪن هو، جنهن خود
فني سرگرميءَ تي آڌارڪ، هڪ انمول تحفي جي صورت ۾
وڏي حيثيت حاصل ڪئي.
.
خوابن جي تجزيي متعلق ٻن طريقن مان ٻيو مشهور
طريقو، اهڙي قسم جي دعويٰ کان دور آهي، جنهن کي
”رمز واري پيغام پڙهڻ يا اصل حالت ۾ نقل ڪرڻ“
(Decoding)
جي طريقي جيان بيان ڪري سگهجي ٿو، جيڪو خوابن سان
لڳاتار، ڳجهي تحرير يا اشارن ۾ پيغام لکڻ جي فن
(Cryptography)
واري نموني ورتاءُ ڪري ٿو، جنهن ۾ هر هڪ نشانيءَ
کي، هڪ مقرر ڪنجيءَ مطابق، ڪنهن ٻيءَ ڄاتل سڃاتل
معنيٰ واري نشانيءَ ۾ منتقل ڪيو ويندو آهي. مثال
طور: ”مون هڪڙي خواب ۾ خط ۽ وري ڪفن دفن وارو عمل
ڏٺو.“ ان سلسلي ۾ مان جيڪڏهن ”خواب نامو“ کڻي
ڏسندس ته مون کي ”خط“ جي تعبير ۾ ”مسئلو“ ۽ ڪفن
دفن واري عمل لاءِ ”مڱڻي جي پڌري“ لکيل ملندو.
پوءِ مان انهن لفظن کي پاڻ ۾ ملائي هڪ مقصد وارو
جملو تيار ڪري ان ريت خواب جي ڳجهارت کي ڀڃي
وٺندس، ۽ نتيجي کي هڪ ڀيرو ٻيهر زمان مستقبل سان
ادل بدل ڪري ڇڏيندس. ”رمز واري پيغام پڙهڻ يا اصل
حالت ۾ نقل ڪرڻ“
(Decoding)
جي طريقي جو دلچسپ ترميمي عمل، ڪنهن حد تائين، ادل
بدل ڪرڻ جو اهو طريقو، جذبن ۽ احساسن کان وانجهيل
خاصيت کي درست به ڪري ٿو، جنهن جو ذڪر، اسان کي
خوابن جي تعبيرن جي سلسلي ۾ ”آرٽيميڊورس“ جي لکيل
ڪتاب ”خوابن جي تشريح“
(Oneirocritica)
۾ ملي ٿو.
”ڊالڊس جو ”آرٽميڊورس“
(Artemidorrus of Daldis)
جيڪو لڳ ڀڳ ٻي صدي عيسويءَ جي شروع ۾ پيدا ٿيو. هن
اسان لاءِ خوابن جي مطالعي تي مڪمل ۽ انتهائي اڻٿڪ
مطالعو ڇڏيو آهي، جيڪو حوالي ۽ مشق طور يونان ۽
روم ۾ رائج رهيو آهي. جنهن جي متعلق ”ٿيوڊور
گومپرز“
(Theodor Gomperz. 1866.7)
نشاندهي ڪئي آهي ته ”هن خوابن جي تجزيي متعلق
مشاهدي ۽ تجريي جي بنيادي اهميت تي زور ڏئو هو، ۽
پنهنجي ۽ ٻين جي فن ۾ فرق ڪندي سندس رويو نهايت
سختگير هو، جيڪو پڻ تصوراتي هو. ”گومپرز“ چواڻيءَ
ته سندس تجزياتي فن جو اصول، ”جادوءَ“ ۽ ”تعلق جي
اصول“ سان مشابهت رکي ٿو. خواب ۾ ڪنهن شيءِ جي نظر
اچڻ جو مطلب ته اهو نڪتو ته دماغ ڇا ياد ڪيو؟ پر
خواب جي تعبير ڪندڙ جي ذهن لاءِ اهو ٻڌائڻ مشڪل
هو. ان جي ڪري حقيقت منجهان، مات نه کائيندڙ
زورآوري ۽ غيريقينيءَ جا ڪارڻ پئي اڀريا، ڇاڪاڻ ته
خواب جا جزا ته خواب جي تعبير ڪندڙ جي ذهن ۾ مختلف
شيون ياد ڏياري پئي سگهيا، ۽ جيڪڏهن مختلف شيون
ياد اينديون ته انهن جي تعبير به پڪ سان مختلف ئي
ٿيندي. گذريل صفحن ۾ مون جيڪو طريقو بيان ڪيو آهي،
اهو پراڻي طريقي سان هڪ ضروري معاملي ۾ فرق رکي
ٿو. اهو خواب جي تعبير جي ذميداري، خود خواب ڏسندڙ
تي رکي ٿو. ان ڳالهه جو ان سان ڪهڙو تعلق آهي ته
خواب جي تعبير ڪرڻ واري کي خواب جي مخصوص جزن مان
ڇا ٿو نظر اچي! پر اهو ڏسڻ گهرجي ته خواب ڏسندڙ کي
ڇا نظر آيو. بهرحال هڪ عيسائي پادري ”ٽفنجي“
(Tfinkdji-1913.561 -17,523)
جو لکيل تازو احوال اهو ظاهر ٿو ڪري ته مشرق جا
جديد تجزيو ڪندڙ پڻ خواب ڏسندڙ جي مدد کي آزاديءَ
سان استعمال ڪندا آهن. اها ڳالهه هن ميسوپوٽيميا
جي عرب تعبيرون ڪندڙن جي حوالي سان لکي آهي. خواب
جي جامع تعبير ڪندي، ڪيترائي ذهين، الهامي تعبيرون
ڪندڙ، انهن جي معلومات هٿ ڪندا آهن جيڪي کين
پنهنجي سمورين حالتن کان واقف ڪندا آهن، ۽ درست
وضاحت تائين پهچڻ لاءِ ان کي تمام ضروري سمجهندا
آهن. مختصر ته الهامي تعبيرون ڪندڙ، ڪنهن هڪڙي
نڪتي جي لڪائڻ تي به تنبيهه ڪندا آهن، ۽ سموري پڇا
ڳاڇا کان پوءِ اهي پنهنجي استاديءَ جا جوهر
ڏيکاريندا آهن. انهيءَ پڇا ڳاڇا دوران سندن عادت
مطابق خواب ڏسندڙ کان ڪيل ويجهن خانداني لاڳاپن
جهڙوڪ، سندس مائٽن، زال، ٻارن متعلق، مخصوص لهجي ۾
ڪيل سوال: (ڇا توکي زال سان سنجوڳ ڪرڻ واري ساڳئي
رات اهو خواب آيو يا بعد ۾؟) مقصد ته خوابن جي
تعبير ڪرڻ ۾ اصولي سوچ، خود خواب ڏسندڙ جي وضاحتن
۽ ڏنل تفصيلن تي منحصر رهي آهي.“
”ڊاڪٽر الفريڊ روبيٽ سيڪ“
(Dr. Alfred Robitsek)
مون کي نشاندهي ڪندي ٻڌايو آهي ته ڪيترائي مشرقي
”خواب ناما“ (اسان جا ته نهايت مايوس ڪندڙ ۽ جڙتو
آهن) جن جون خوابن جي جزن متعلق لاتعداد تعبيرون،
آوازن جي هڪجهڙاين ۽ لفظن جي وچ ۾ مشابهت تي مبني
آهن. اها حقيقت آهي ته پيشڪش جي ناسمجهيءَ جي ڪري،
اسان جي پنهنجي مشهور خواب نامن ۾ اهي لاڳاپا،
الٿو ڪرڻ جي صورت ۾ مونجهارو پيدا ڪندڙ ۽ صفا گم
ٿيل هوندا آهن.
مشرق جي آڳاٽين تهذيبن ۾ ٻٽي مفهوم وارا لفظ ۽
لفظن جي الٽ ڦيرحد کان وڌيڪ اهم ڪردار ادا ڪندا
هئا، جيڪو ٿي سگهي ٿو ته آثار قديمه جي مشهور
ماهر ”هيوگو ونڪلر“
(Hugo Winckler)
جي تحريرن جي اڀياس ۾ شامل هجي.
خوابن جي تعبيرن جو بهترين مثال، جيڪو آڳاٽن وقتن
کان هلندي اسان تائين پهتو آهي، تنهن جو بنياد به
لفظن جي راند تي ٻڌل آهي. اها ڳالهه اسان کي
آرٽيميڊورس“ پنهنجي پنجين ڪتاب جي حصي 24 ۾ ٻڌائي
ٿو، جنهن جو ترجمو ”ڪروس“ (صفحو 225) ڪيو آهي: مان
اهو پڻ سوچيندو آهيان ته ”آرسٽينڊر“
(Aristander)
ميڪڊونيا جي سڪندراعظم کي ڏاڍي خوشي واري تعبير
ٻڌائي هئي جڏهن هن ”ٽاير“
(Tyre)
کي گهيرو ڪيو هو، پر محاصرو ڪرڻ کانپوءِ ٿورو
فڪرمند ۽ ٿڪل هو، ڇاڪاڻ ته محاصرو ڪندي کيس وڏو
وقت لڳو هو. سڪندر اعظم خواب ڏٺو ته ”ڪا وئيشا
(Satyr)
سندس ڍال تي رقص ڪري رهي آهي.“ ”آرسٽينڊر“ کي لڳو
ته اها شايد، شام جي معرڪي ۾ بادشاهه جي حاضريءَ
دوارن ”ٽاير“ جي اوسي پاسي ۾ موجود هجي، سو هن
”ساتر“ جي اکرن جو اشتقاق ڪيو: ”سا“ ۽ ”تر“ ۽ ان
جو مطلب ڪڍيو ”ٽاير تنهنجو آهي“ ۽ بادشاهه تي زور
ڀريو ته حملو ڪري ڇڏي، ڇاڪاڻ ته هو ان شهر جو مالڪ
ٿي ويندو.“ اتفاق سان خواب زباني ادا ٿيندڙ لفظن
جي تاثر سبب نهايت ويجهڙائيءَ سان وابستا هو،
انڪري ”فرينزي“
(Ferenczi. 1910)
واقعي درست نشاندهي ڪئي آهي ته هر زبان جي، سپنن
جي ٻولي به پنهنجي هوندي آهي.“ اصولي طور ان کي
ڪنهن ڌارئي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻ ناممڪن آهي، ۽ اهو
بلڪل سچ آهي. مان پنهنجي مطالعي جي ذوق خاطر اهڙي
ڪتاب کي پسند ڪندو آهيان. (1930 ۾ شامل ڪيل):
جيتوڻيڪ نيويارڪ جي ”ڊاڪٽر اي اي برل“
(Dr. A .A. Brill)
۽ ان کان پوءِ ٻين خوابن جي تجزين کي ترجمو ڪرڻ ۾
ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن.
هي طريقو نه رڳو خواب جي مواد جي معاملي ۾، پر
خواب ڏسندڙ جي ڪردار ۽ سندس حالتن سان به لاڳو ڪري
سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته ساڳين خوابي جزن جو مطلب ڪنهن
شاهوڪار شخص لاءِ مختلف ٿيندو ته ڪنهن شادي شده
مرد لاءِ الڳ، يا جيئن ڪنهن مقرر جو، جنهن وٽ ڪنهن
غريب کي ڏيڻ لاءِ رڳو ڪي چند لفظ يا جملا موجود
آهن، ڪنهن ڪنواري يا ڪنهن واپاريءَ جو.... ”رمز
واري پيغام پڙهڻ يا اصل حالت ۾ نقل ڪرڻ“
(Decoding)
جو اصل يا محرڪ طريقو، ان ڳالهه تي مدار ٿو رکي
ته تجزيي ڪرڻ جو ڪم، سموري خواب تي لاڳو ڪرڻ نه
آهي، پر خوابي مواد جي هرهڪ حصي جو بلڪل الڳ الڳ
تجزيو ٿيڻ گهرجي، ائين جيئن زميني
(Geological)
لحاظ کان هڪ مادي ۾ گڏ ڪيل مادن، خاص طور پٿر جي
ٽڪرن، مٽيءَ واريءَ يا بجريءَ وغيره سان جوڙيل شڪل
(Conglomerate)
هجي، جنهن ۾ هر پٿر جو ڪاٿو الڳ الڳ گهربل هوندو
آهي. اهو ته سوال ئي نه ٿو اٿي ته تجزيي ڪرڻ لاءِ،
رمز وارو پيغام پڙهڻ يا اصل حالت ۾ اتارڻ يا نقل
ڪرڻ جي طريقي جي ايجاد، لاتعلق ۽ مونجهارو پيدا
ڪندڙ خوابن لاءِ هجي.
هڪ لمحي لاءِ به ان ۾ شڪ نه ٿو ڪري سگهجي ته ٻنهي
مشهور پيشڪش ڪندڙن، خوابن جي تجزيي لاءِ، مطالعي،
مشاهدي ۽ تجربي مان حاصل ڪيل ڄاڻ جي
(Scientific)
ذريعي موضوع سان نه نڀايو آهي. علامتي طريقو، ان
تي عملي پابندي وجهي ٿو ۽ اهو عام طريقي کي رد ڪرڻ
لاءِ به نااهل قرار ڏنل آهي. ”نقل ڪرڻ“ واري طريقي
جي صورت ۾ به هر شيءِ، خواب نامن جي ان ”ڪنجيءَ“
تي ڀروسو ڪري ٿي، جنهن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ مون وٽ ته
ان جي ڪا ضمانت موجود نه آهي. اهڙيءَ ريت ڪو به
شخص، فلسفين يا نفسياتي طور علاج ڪندڙن يا اهڙن ڪن
ٻين جي برغلائڻ واري عمل سان سهمت ٿئي ٿو، ۽ خوابن
جي تجزيي جي مسئلي کي حل ڪري وٺي ٿو ته اهو خيال
سندس ئي خيالي ذميداري آهي.
مون جڏهن پنهنجو مسودو مڪمل ڪري ورتو ته ”اسٽمف“
(Stumpf. 1899)
جي ڪيل ڪم جي پڙهڻ جو موقعو مليو، جيڪو منهنجي
انهن دليلن سان بلڪل سهمت نظر آيو، جن جي ثابت ڪرڻ
لاءِ هن به ڳولها پئي ڪئي ته خوابن کي معنيٰ ٿيندي
آهي ۽ انهن جو تجزيو ڪري سگهجي ٿو. بهرحال تمثيلي
ڪردار کي علامتن جي نظريي مطابق، پنهنجي طريقي جي
جواز يا معقوليت جي ضمانت ڏيڻ کانسواءِ هو پنهنجي
تجزيي جو نتيجو ڪڍي ٿو.
پر مون تمام سٺا ڪتاب پڙهيا آهن. مان اها ڳالهه
مڃيندو پيو اچان ته انهن قديم زماني جي معاملن مان
جيڪي محض اتفاقي نه آهن، هتي هڪ ڀيرو ٻيهر اسان کي
انهن سان منهن ڏيڻو آهي، جن ۾ اڄ جي مطالعي،
مشاهدي ۽ تجربي ذريعي مقبول ٿيندڙ فتويٰ جي بجاءِ،
ساڙ ۽ حسد تي ٻڌل مشهور عقيدو ئي سچ جي ويجهو نظر
اچي ٿو. مان ويساهه سان چوان ٿو ته خوابن کي واقعي
معنيٰ ٿيندي آهي ۽ سائنسي طريقي ذريعي، تجزيو ڪرڻ
بلڪل ممڪن آهي.
ان عملي طريقي متعلق منهنجي پنهنجي ڄاڻ به انهن
حالتن ۾ پهتي آهي. مان ”علم علاج“ کي ذهن ۾ رکندي،
ڪيترائي سال ذهني بيمارين جي تجرباتي علاج جي
(Psychopathological)
جوڙجڪ ۾ مونجهارو پيدا ڪندڙ چند حالتن، جهڙوڪ: رحم
جي روڳ واري
(Hysterical)،
خوف يا خوف واري
(Phobias)،
۽ وهم گمان وارن خيالن جي غلبي
(Obsessional ideas)
وغيرهه مون نڪرڻ لاءِ مان پنهنجي ڪم ۾ مصروف رهيس،
حقيقت اها آهي ته مون ”جوزف براير“ جي اهم بحثن ۽
مقالن منجهان گهڻو پرايو، جيڪي ذهني بيمارين جي
تجرباتي علاج، ان جي نشانين ۽ جوڙجڪ جي سلسلي ۾
هئا ۽ جن ۾، انهن منجهيل حالت کي ختم ڪرڻ لاءِ
ٺهڪندڙ ويچار به هئا.
ان قسم جي ذهني بيمارين جي تجرباتي علاج جي خيال
کان، مريض جي ذهني زندگيءَ ۾ شامل انهن جزن کي
ڳولهي سگهجي ٿو، جيڪي سندس بيماريءَ جو بنياد آهن.
گڏوگڏ علاج وارين، اسان جي پنهنجين ٻين اهم ڪوششن
تي غور ڪرڻ ذريعي، اهي به ڇڻي پرزا پرزا ٿي وڃن ۽
مريض کي ڇوٽڪارو ملي وڃي. علم علاج يا دوائن وسيلي
جيسيتائين مان بدنظمي پيدا ڪندڙ ان منجهائيندڙ
فطرت جي وضاحت ۽ حل تائين، مڪمل طور تي پهچي نه ٿو
وڃان، تيسيتائين هر تڪليف جي باوجود مون ”براير“
جي ڏسيل رستي مطابق ڪم ڪرڻ جو سوچيو آهي. مان ان
طريقي کي اختيار ڪندي پنهنجي ڪوششن ۽ ان جي نتيجن
بابت، مڪمل تفصيل مان ڪنهن ٻئي موقعي تي پيش ڪندس.
جڏهن مان خوابن جي تجزيي تائين پهچندس ته ان کي
تحليل نفسي يا نفسياتي تجزيي
(Psychoanalysis)
جي مطالعي جي سلسلي ۾ شامل ڪندس. منهنجا مريض مون
کان قول قرار ۽ ضمانت وٺي پنهنجا سمورا احساس ۽
ويچار مون سان ونڊيندا هئا، جيڪي ڪنهن خاص موضوع
جي حوالي سان مٿن ظاهر ٿيندا هئا. ٻين ڳالهين سان
گڏوگڏ اهي مون کي پنهنجا خواب به ٻڌائيندا هئا، جن
منجهان مون پرايو ته خواب، هڪ نفسياتي سلسلي ۾
داخل ٿي سگهي ٿو، جيڪو ذهني بيمارين جي تجرباتي
علاج واري خيال ذريعي، ان جي ياداشت مان ڳولهي
سگهجي ٿو. ان سلسلي ۾ خواب تي ڪم ڪرڻ لاءِ، ان جي
نشانين يا علامتن ذريعي رڳو هڪ ننڍڙو قدم کڻڻو
پوندو، اهو خوابن جي تجزيي بابت لاڳو ٿيندڙ اهو
طريقو هوندو جيڪو نشانين، ارڪانن يا علامتن جا
نتيجا ڪڍڻ لاءِ وضع ڪيل هوندو.
ان ۾ مريض جون چند نفسياتي تياريون به وابستا آهن،
اسان جو مقصد انهن ۾ اٽڪل ٻه تبديلون آڻڻ آهي: هڪ
ته سندس ان ڌيان کي وڌائڻ، جنهن سان هو پنهنجي
نفسياتي ادراڪ ڏانهن پنهنجو ڌيان ڏئي، ۽ ٻيو ته
تنقيد کي بيڪار تصور ڪري ڇڏي ڏئي، جنهن سان هو
پنهنجي اندر ۾ پيدا ٿيل سوچن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ لڳندو
آهي. ان حوالي سان هو پنهنجي ذاتي مشاهدن تي ڌيان
ڏيڻ ۽ انهن تي غور فڪر ڪرڻ جي قابل ٿي ويندو، اها
ڳالهه هن لاءِ فائديمند آهي ته هو رد ڪرڻ واري
رويي تي ڪاربندر رهي ۽ پنهنجو اکيون ٻوٽي ڇڏي.
اهو ضروري آهي ته پنهنجي ادراڪ يا سمجهه تي ٿيندڙ
تنقيد کان ڊڄڻ بجاءِ، صاف گوئيءَ کان ڪم وٺي، ان
کان لاتعلقيءَ جو اظهار ڪري. پوءِ اسان هن کي اهو
ٻڌائيندا آهيون ته نفسياتي تجزيي جي ڪاميابي سندس
ڌيان ڏيڻ ۽ پنهنجي ذهن ۾ آيل هر ڳالهه کي کوکي
بيان ڪرڻ تي مبني آهي ۽ ان سلسلي ۾ غلط بياني بلڪل
به نه ڪرڻ گهرجي. مثال طور ڪنهن خيال کي رڳو انڪري
دٻائي ڇڏجي ڇاڪاڻ ته اهو کيس غير اهم يا اڻ
لاڳاپيل يا بي معنيٰ ٿو لڳي. مٿس جيڪي ڪجهه ظاهر
ٿئي ٿو، ان لاءِ کيس مڪمل طور تي غير جانبدار رويو
اختيار ڪرڻو پوندو، عام شين جي معاملي ۾ به پاڻ کي
بيڪار سمجهڻ لاءِ ۽ خواهشن کي پوري ڪرڻ جي ذميداري
به سندس ئي تنقيدي رويي تي آهي.
مونجهارن مان نڪرڻ لاءِ ڪيل خواهشن جي پورائي يا
وهم گمان واران خيالن جي غلبي مان جند ڇڏائڻ، يا
ڪنهن ٻيءَ ڳالهه جي لاءِ ڪا پيش رفت سندس سپنا ئي
ڪندا آهن.
مان پنهنجي نفسياتي تجزيي جي عملي ڪم دوران اهو
ڏٺو ته ماڻهوءَ جي دماغ جي پوري سانچي ۾ جهڙيءَ
ريت عڪس يا اولڙو پوي ٿو، اهو ان ماڻهوءَ جي
پنهنجي نفسياتي عملي مشاهدي کان بنهه مختلف آهي.
ان اولڙي ۾ سندس تمام گهڻي ذاتي مشاهدي بجاءِ،
منجهس هڪ ٻي نفسياتي سرگرمي ڪم ڪرڻ لڳندي آهي،
جيڪا سخت ذهني دٻاءَ سبب پريشان نظرن ۽ نراڙ جي
گهنجن جي ڪري کيس ٻين شين ۾ نظر ايندي آهي، جنهن
جي ڪري ذاتي مشاهدو ڪندڙ شخص جا اهي اولڙا کيس
پرسڪون احساس تي اتساهيندا آهن. انهن ٻنهي معاملن
۾ غور فڪر يا ڌيان ۾ يڪسوئي هجڻ ضروري آهي.
پر جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو تنقيدي شعبو ئي اولڙن
جي مشق ۾ مشغول هوندو، ته اهو معاملو کيس، ڪيترن
خيالن کي رد ڪندو رهڻ لاءِ ئي رهنمائي ڪندو رهندو،
جيڪو منجهس، ادراڪ يا سمجهه ۾ اچڻ کانپوءِ ظاهر
ٿيندو. بجاءِ خيالن جي ان قافلي جي ڪڍ لڳڻ، جيڪو
مٿس پنهنجا رستا ڪشاده ڪري سگهي ٿو، هو ٻين کي
ٺونٺيون هڻي رستو ٺاهي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪندو آهي،
۽ ٻين سان اهڙي هلت هلندو آهي ڄڻ اهي ٿورو به عقل
شعور نه رکندا هجن ۽ سوچ سمجهه کان وانجهيل هجن.
ٻئي طرف شخصي مشاهدو ڪندڙ کي رڳو پنهنجي تنقيدي
مزاج کي دٻائڻ جي تڪليف ڪرڻ پوندي، جيڪڏهن هو ائين
ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي ته لاتعداد خيال ۽
منصوبا سندس شعور ۾ پيدا ٿيڻ لڳندا، جيڪي ٻيءَ
صورت ۾ ڪڏهن به حاصل ڪري نه ٿو سگهي ان رستي سندس
سوچ سمجهه لاءِ جيڪو مواد تازگيءَ سان کيس حاصل ٿي
سگهي ٿو، اهو سندس مرض جي حوالي سان آيل سوچن توڙي
خوابن جي جوڙجڪ جي سلسلي ۾، يعني ٻنهي صورتن ۾
تجزيو ڪرڻ ممڪن ٿي سگهي ٿو.
سوال ڇا آهي؟ رڳو نفسياتي حالت جو چٽي ريت قائم
ٿيڻ آهي، جنهن ۾ سندس نفسياتي قوت (جيڪا هلندڙ
ڦرندڙ ڌيان آهي). ننڊ اچڻ کان اڳ ۾، پاڻ سان ٿوري
هڪ جهڙائي پيدا ڪندڙ يا مشابهت رکندڙ صورتحال کي
سهارو ڏيڻ يا ان کي ڏيکارڻ ۽ بيشڪ خوابيده ٿيڻ
لاءِ به ساڻ کڻندي آهي. جڏهن اسان سمهي پوندا
آهيون ته چند اڳ رٿيل/ غور ڪيل اطمينان جوڳين
سرگرمين (ڀلي اهي تنقيدي ئي ڇو نه هجن) جو ٿورائتو
ٿيڻ لاءِ ”مجبوريءَ وچان يا غير ارادي طور تي آيل
خيال“
(Involuntary Ideas)
نروار ٿيڻ لڳندا آهن، جن کي، اسان پنهنجي خيالن جي
سلسلي تي اثرانداز ٿيڻ جي اجازت جاڳ دوران ئي ڏئي
چڪا هوندا آهيون، ان سڪون واري خوبي يا لياقت کي
اسان سدائين ٿڪ،خفو يا ماندائي
(Fatigue)
سمجهندا آهيون. ”مجبوريءَ وچان يا غير ارادي طور
تي آيل خيال“ جيئن ئي ظهور ۾ اچڻ لڳندا آهن ته اهي
تصويري ۽ آواز جي
(Acoustic)
عڪسي عمل ۾ تبديل ٿي ويندا آهن.
خوابن ۽ مرض جي حوالي سان آيل سوچن بابت تجزيي ڪرڻ
لاءِ استعمال ڪيل حالت ۾ مريض، اها سرگرمي ڪنهن
مقصد تحت يا ڄاڻي ٻجهي ترڪ ڪري ڇڏيندو آهي ۽
نفسياتي قوت کي استعمال ڪرڻ لڳندو آهي، اهڙيءَ ريت
غير ارادي طور تي آيل خيالن کي (يا ان جي ڪجهه حصن
کي) وڏي ڌيان سان بچائيندو آهي، جيڪي ان وقت
پنهنجي ارتقائي صورت ۾ نروار ٿي چڪا هوندا آهن، ۽
ائين اتي صورتحال، ننڊ واري حالت کان مختلف ٿي
ويندي آهي، ۽ خيالن جو ورتاءُ ذهن نشين ٿيندو
ويندو آهي. ان طريقي سان غير ارادي طور تي ايندڙ
(Involuntary)
خيال پاڻ بدلائي ”ارادي“ سان هلندڙ
(Voluntary)
ٿي پوندا آهن.
دماغ جو انهن سوچن ڏانهن، گهربل رويو پسند ڪرڻ يا
اختيار ڪرڻ
جيڪو ”سندن آزاد اختياري ارادي“ سبب پڌرو ٿئي ٿو ۽
تنقيدي رويي جو ترڪ ڪري ڇڏڻ، جيڪو عام طور تي ڪجهه
ماڻهن جي طبيعت جي خلاف هوندو آهي ۽ جنهن کي ڇڏڻ
وڏو ۽ مشڪل مسئلو نظر ايندو آهي.
غير ارادي طور تي ايندڙ خيال وڏي وڳوڙي مخالفت،
مزاحمت يا مقابلي جي امڪان کي روڪڻ جو ڪارڻ به
هوندا آهن، جيڪي پنهنجي اوچتي اظهار کان بچڻ جي
ڪوشش ڪندا آهن. جيڪڏهن اسان يقين ڪريون ته بهرحال
وڏي شاعر ۽ دانشور ”فريڊرڪ شلر“
(Friedrich Schiller)
جي شاعراڻي تخليق بلڪل ساڳي ئي رويي جي تقاضا ڪري
ٿي. ”ڪورنر“
(Corner)
سان لکپڙه دوران سندس هڪ حصي ۾، جنهن لاءِ اسان
”اوٽو رئنڪ“
(Otto Rank)
جا ٿورائتا آهيون جو هن کيس منظر تي آندو آهي.
”شلر“ (پهرين ڊسمبر 1788ع تي لکيل) پنهنجي دوست جي
اڻ پوري پيداواري صلاحيت
(Insufficient Productivity)
جي شڪايت جي جواب ۾ لکي ٿو:
”اوهان جي شڪايت جي بنياد تي، مون کي نظر ٿو اچي
ته اوهان پنهنجي تخيل تي پنهنجي غير فطري سببن جي
ڪري پابندي مڙهي آهي، مان پنهنجي ”خيال“ کي تشبيهه
جي ذريعي بلڪل حقيقي انداز ۾ جوڙي وٺندو آهيان،
ظاهر ته اها شيءَ خراب نظر ٿي اچي، پر ذهن کي،
تخليقي ڪم جي لاءِ پُر عزم ٿي لڳي، جهڙيءَ ريت
خيال پنهنجو رستو ٺاهيندي، مسلسل وهڪري جيان
پنهنجو بي ڊپو اظهار ڪندا ٿا رهن ته اهڙي صورت ۾
جيڪڏهن ”ڪارڻ“ ڪن خيالن جي پرک کي تمام ويجهو ڪري
ٿو ته پوءِ اهڙي ڳالهه ڇو نه ڪجي جو اهي خيال به
جيئن جو تيئن ئي نظر اچن. ڏٺو ويو آهي ته تنهائيءَ
۾، خيال نهايت خسيس، غير ضروري يا وري ڏاڍا عمدا ۽
حيرت انگيز لڳندا آهن. پر اهي اهم تڏهن ليکبا آهن
جڏهن انهن کانپوءِ ايندڙ ڪن ٻين خيالن سان ملندا
آهن، ۽ ٻين خيالن جي لفظن، اصطلاحن يا فقرن سان
ٺهڪندڙ هجن، جيڪي ڀلي ته برابريءَ جي بنياد تي
بلڪل نامناسب يا کل ڏياريندڙ ڇو نه هجن، ٿي سگهي
ٿو اهي ئي تعلق پيدا ڪندڙ تاثر ۾ تبديل ٿيندا هجن.
سبب يا ڪارڻ، انهن سمورن خيالن تي تيسيتائين پاڻ
ڪا به راءِ نه جوڙيندو آهي، جيسيتائين انهن خيالن
کي ذهن نشين نه ڪري وٺي ۽ انهن کي ٻين خيالن جي
لاڳاپي لاءِ استعمال نه ٿو ڪري. ٻئي طرف، جتي
تخليقي ذهن هوندو آهي، اتي ”سبب يا ڪارڻ“ مون کي
اطمينان ڏياريندڙ لڳندو آهي، دروازن ڏانهن تڪيندي
به پرسڪون بنائيندڙ، ۽ خيال.... تڙتڪڙ ۾ اچي
ڪڙڪندا آهن ۽ ان کانپوءِ انهن کي رڳو جهجهي مقدار
۾ جاچي ڏسڻ گهرجي. اوهان تنقيد ڪندڙ يا اوهان پاڻ
کي ڪجهه ٻيو ئي سڏيو، اوهان پل اپل لاءِ شرمنده
ٿيندا آهيو يا ڊڄندا آهيو ۽ لفظن جو عارضي ۽ فضول
خرچ ڪندا آهيو، جيڪا ڳالهه سمورن تخليقي ذهنن ۾
ڏٺي وئي آهي، ۽ جن جي لفظن، اصطلاحن يا فقرن جو
ننڍڙو يا وڏڙو عرصو ئي، ڪنهن سوچيندڙ فنڪار کي،
خواب ڏسندڙن کان مختلف ڪندو آهي. اوهان جي خيالن
جي لاڀدائڪ يا زرخيز نه هجڻ جي شڪايت به ان ڪري
آهي، ڇاڪاڻ ته اوهان تمام جلدي ”رد“ ڪري ڇڏيندا
آهيو ۽ شديد قسم جو مت ڀيد پڻ رکندا آهيو.“
جيتوڻيڪ ”شلر“ ڪارڻ جي دروازن تي نگاهه رکڻ يا
جاچڻ متعلق ڪجهه ٿڌائيءَ کان ڪم وٺڻ لاءِ وضاحت
ڪئي آهي. پنهنجو تجزيو ڪرڻ يا پاڻ تي تنقيد ڪرڻ
کانسواءِ شخصي مشاهدي واري رويي کي قبول ڪري وٺڻ
ڪو مشڪل نه هوندو آهي. منهنجي ڪيترن مريضن، پهرين
هدايت تي عمل ڪرڻ سان ئي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي
آهي. مون به پنهنجي سر پنهنجي خيالن کي، جيئن ئي
ظاهر ٿيندا هئا ته لکڻ جي مدد سان باقائدگيءَ سان
ڪري ڏٺو آهي. ان تنقيدي سرگرميءَ جي هدايتن سبب،
نفسياتي شدت جو گهڻو مقدار، گهٽجڻ ممڪن ٿئي ٿو ۽
شخصي مشاهدي جي قوت ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ موضوع جي
مطابق مٽ سٽ به ان انداز سان ٿئي ٿي، جنهن سان
ڪنهن جو ڌيان ڇڪائي سگهجي ٿو.
ان طريقي کي لاڳو ڪرڻ لاءِ اسان جو پهريون قدم،
اسان کي اهو ٿو سيکاري ته اسان پنهنجي ذهني
يڪسوئيءَ لاءِ ڪهڙي ”مقصد“ کي اڳيان رکون، جيڪو
مجموعي طور تي خواب نه آهي، پر اهي ان جي مواد يا
سٽاءَ جا الڳ حصا آهن. جيڪڏهن مان مريض کي چوان ته
اڃان تائين سيکڙاٽ يا نئون آهي: ”ان خواب جي سلسلي
۾ توهان تي ڪهڙي ڳالهه عيان ٿئي ٿي؟“ اصول آهي ته
سندس ذهني افق بلڪل خالي خالي هوندو. جيڪڏهن، خيرن
سان، مان خواب کي حصن ۾ ورهائي سندس سامهون رکان
تڏهن ئي وڃي، هو هر حصي سان لاڳاپيل تعلق جي سلسلي
کان آگاهه ڪندو، ان صورت ۾ ممڪن آهي ته اهو بيان
سندس خواب جي ان خاص حصي متعلق ”خيالن جي پس منظر“
کي واضح ڪري سگهي. اهڙيءَ ريت خوابن جي تعبير يا
تجزيي جو طريقو، جنهن تي مان عملي طور ڪم ڪري چڪو
آهيان، اهو سندن خوابن جي علامتي ۽ ”ٻئي“ سان
ملندڙ جلندڙ يا رمز واري پيغام پڙهڻ يا اصل حالت
۾ اتارڻ يا نقل ڪرڻ واري مشهور، تاريخي ۽ عظيم
الشان تجزياتي طريقي جي اولين ۽ اهم هجڻ کان بنهه
مختلف آهي. بعد ۾ ڪيل تجربن مطابق، تعبير يا تجزيي
سان لاڳو طريقو، تفصيلي آهي، نه ڪي مجموعي طور
وارو طريقو رائج آهي. بعد ۾ ڪيل تجربا به خوابن جي
نفسياتي جوڙجڪ کي ابتدائي مجموعي ڪردار جي حوالي
سان هڪ مادي ۾ گڏ ڪيل مادن
(Conglomerate)
جيان پرکيو ويو آهي.
اعصابي
(Neurotics)
مريضن جو نفسياتي تجزيو ڪندي، مون پاڻ به هزارين
خوابن جا تجزيا ڪيا آهن، پر مون خوابن جي تجزيي جي
طريقي جي عملي توڙي نصابي مواد کي پنهنجي تازي
تعارف ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ نه سوچيو هو. جڏهن ته
حقيقت اها آهي ته اهڙي قسم جو عملي سلسلو، پڪ ئي
پڪ اعتراضن کي اٿاريندو ته اهي خواب ته ”اعصابي
مريضن“ جا آهن، جن مان ڪنهن صحتمند ماڻهوءَ جي ڀيٽ
۾ ٿورو به اعتبار جوڳو انومان يا نتيجو نه ٿو ڪڍي
سگهجي، ان جو هڪ ٻيو سبب آهي جنهن ان قسم جي فيصلي
لاءِ مون تي دٻاءُ وڌو هو. اهو، اهو موضوع هو،
جنهن جي ڪري سدائين منهنجي مريضن جي خوابن منهنجي
رهنمائي پئي ڪئي آهي، جن ۾ يقينن معاملي جي
واقعاتي حقيقت
(Case History)،
جيڪا موجود پر هڪدم نظر نه ايندڙ اعصابي مرض کي ئي
ظاهر ڪندي آهي. هر هڪ خواب کي بهرحال نفسياتي
اعصابي مرض واري حالت جي حوالي سان، طبعي يا فطري
لاڙن ۽ عارضي جي سببن جي هڪ طويل ۽ تفصيلي تعارف ۽
پرک جي ضرورت هوندي آهي. پر انهن سوالن ۾ پاڻ ۾
جدت سان گڏ تمام وڏي مونجهاري ۾ مبتلا ٿي وڃڻ ۽
خوابن جي مسئلن تان ڌيان هٽائڻ جي صورت به موجود
هوندي آهي. ان جي ابتڙ، اعصابي مرض جي حوالي سان
نفسيات جي تمام مشڪل مسئلن کي حل ڪرڻ جي ابتدائي
قدم طور ان کي پنهنجي تازي، خوابن جي وضاحت لاءِ
استعمال ڪرڻ جو منهنجو پنهنجو به ارادو آهي.
بهرحال جيڪڏهن مان پنهنجي اعصابي مريضن جي خوابن
جي بنيادي مواد کي ڇڏي ڏيندس ته تفصيلي طور تي
بيان ڪرڻ لاءِ مون وٽ ڪجهه به نه بچندو. اهڙي قسم
جي خوابن لاءِ جيڪو مواد مون وٽ موجود آهي اهو
مون کي منهنجي ڄاڻ سڃاڻ وارن صحتمند ماڻهن، وقت
بوقت پئي ٻڌايو آهي، اهڙن چند ٻين جا مثال به جيڪي
خواب جيون جي سلسلي ۾ ادبي طور آيل آهن، حوالي طور
کنيا اٿم. پوءِ به بدقسمتيءَ سان انهن خوابن مان
ڪو به تجزبي بابت مددگار ثابت نه ٿو ٿئي،
جيسيتائين انهن منجهان خوابن جي معنيٰ کي مان پاڻ
نه ڳولهيان. منهنجو طريقو، نقل واري انداز ۾ پيش
ڪرڻ جي ان مشهور طريقي جيان آسان نه آهي، جيڪو
ڪنهن به خوابي مواد جي ڏنل حصي جو ترجمو ڪنهن خاص
يا مقرر ڪيل چاٻيءَ ذريعي ڪري وٺجي. ان جي برعڪس
مان! مواد جي ان حصي کي ڳولهڻ لاءِ تيار آهيان،
جيڪو ٿي سگهي ٿو ته جڏهن اهو مختلف ماڻهن کي نظر
ايندو هجي يا تحرير يا تقرير جي مختلف انداز ۾ نظر
اچي ته سندن مختلف معنيٰ کي مخفي ڪري ڇڏي. جيڪڏهن
اهو معاملو ائين ئي رهندو ته مان پنهنجي ئي خوابن
جي رهنمائيءَ جي طريقي سان ڪم ڪندس، جيڪو نه رڳو
وسيع هوندو پر ان جو مواد، مڃڻ جهڙو ۽ آسان به
هوندو، جيڪو لڳڀڳ عام ۽ صحتمند ماڻهوءَ پاران
هوندو ۽ روزاني زندگيءَ جي ڪيترن ئي عنصرن ۽ عددن
تي ٻڌل مختلف واقعن سان لاڳاپيل هوندو.
ان ۾ ٿورو به شڪ نه آهي ته ان قسم جي ”ذاتي تجزيي“
جي اعتبار جوڳين ڳالهين تي به مان شڪ شبهي واري ئي
نظر رکندس، تڏهن مان ٻڌائڻ جهڙو ٿيندس ته اهي
تجزيا، ريچڪ تي ٻڌل يا آمراڻن نتيجن لاءِ دروازي
کي کليل ضرور ڇڏيندا. ٻين جي ڀيٽ ۾ منهنجي ڪڍيل
نتيجي ۾، شخصي مشاهدي بابت صورتحال يقيني طور تي
فائديمند ثابت ٿيندي، اسان سمورن واقعن تي تجربو
ڪنداسين ۽ ڏسنداسين ته ذاتي تجزيو اسان کي، خوابن
جي تجزيي کان ڪيترو پري ڪري ٿو ڇڏي، پر مون کي
ڪجهه ٻين مشڪل مسئلن کي به ختم ڪرڻو آهي، جيڪي
منهنجي پنهنجي اندر ۾ پيدا ٿيل آهن. ڪنهن جي ذهني
زندگيءَ جي انهن جڙتو حقيقتن کي کولي ظاهر ڪرڻ
بابت، ساڻ ساڻ ڪا فطري هٻڪ به موجود آهي، ڇاڪاڻ ته
ڪو به انهن اجنبين پاران ڏنل غلط تجزين ۽ ناقص
تعبيرن جي خلاف، ضمانت ڏئي نه ٿو سگهي، پر مان
سمجهان ٿو ته اهڙي قسم جي هٻڪ تي قابض ٿيڻ ممڪن
آهي. نفسياتي دلالي ڪندڙ ”ڊيلبوايوف“ لکي ٿو ته:
”هر ماهر نفسيات، پنهنجي ڪمزورين جو اعتراف ڪرڻ
لاءِ اخلاقي طور پابند هوندو آهي. جيڪڏهن هو ائين
سوچي ٿو ته اهو ڪجهه لڪل مسئلن تي به روشني وجهي
سگهي ٿو.“ (ف-س).
اهڙيءَ ريت اهو سمجهڻ سولو ٿي پوي ٿو ته منهنجا
پڙهندڙ پڻ، پنهنجي اياڻپ يا ناسمجهيءَ ۾، ابتدائي
دلچسپيءَ کي جلدي ڳولهي وٺندا، ۽ سندن نفسياتي
مسئلن تي روشني وجهندي، انهن لاءِ قبول ڪرڻ جهڙي
تاثر کي منتقل ڪرڻ لاءِ مان پابند آهيان.
ان ريت، مان پنهنجي شخصي خوابن مان ڪنهن هڪ کي
منتخب ڪندس ۽ ان کي، پنهنجي تجزيي جي طريقي سان
سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندس. اهڙي هر قسم جي خواب جي
وضاحت، پيش لفظن ذريعي ڪرڻ ضروري آهي، ۽ هاڻي مان
پنهنجي پڙهندڙن کان پڇي سگهان ٿو ته سندن مقصد
واسطي، منهنجي دلچسپيءَ کي برقرار رکندي ڪجهه
گهڙيون خاموش رهي سگهندا، ۽ منهنجي زندگيءَ جي صرف
هڪ لمحي جي تفصيل بابت ڊوڙ پڄائڻ ۾ منهنجو ساٿ
ڏيندا، ان قسم جي بدل سدل، بهرحال اسان جي خوابن
جي لڪل معنائن ۾ اسان جي ئي دلچسپين جي ڪري، آخري
يا قطعي گهر ڪري ٿي.
نمائنده خواب جو تجزيو
AN ANALYSIS OF A SPECIMEN DREAM
پيش لفظ
1895ع جي ساوڻ جي موسم ۾ هڪ جوان عورت ”ارما“
(Irma)
کي سندس نفسياتي تجزيي/ تحليل نفسيءَ ذريعي علاج
ڪرڻ لاءِ منهنجي حوالي ڪيو ويو، جنهن جا منهنجي
خاندان وارن ۽ مون سان نهايت ويجها رستا هئا. اهڙي
صورت ۾ جلدي سمجهي سگهجي ٿو ته اهڙي قسم جا ويجها
لاڳاپا، ڪنهن معالج ۾، خاص ڪري نفسياتي علاج جي
صورت ۾ ڪيترن ئي مونجهارو پيدا ڪندڙ احساسن جو
بنياد بڻجي سگهن ٿا. حالانڪ علاج ڪندڙ جي شخصي
دلچسپي هڪ وڏي مقصد کي حاصل ڪرڻ هوندي آهي، پر
سندس اختيار ڪافي گهٽجي ويندو آهي، اهڙيءَ حالت ۾
ڪو به ناڪام معالج، مريض جي خاندان سان پراڻي وقت
کان قائم ٿيل تعلق سبب دهمان ٻڌي سگهي ٿو. ان قسم
جو علاج پنهنجي جزوي يا اڻ پوري ڪاميابيءَ سبب نيٺ
پڄاڻيءَ تي ئي پهچي ٿو. مريض عورت، پنهنجي ”رحم جي
روڳ واري ڳڻتيءَ“
(Hysterical anxiety)
مان ته نڪري آئي پر سندس طبعي يا جسماني جيو گهرڙن
جون سموريون نشانيون ختم ٿي نه سگهيون. ان وقت
تائين مان ذهني طور تي ايترو واضح نه هوس، جنهن جي
ڪسوٽيءَ اها نشاندهي ٿي ڪئي ته ”رحم جي روڳ جي
معاملي جي واقعاتي حقيقت
(Case history)
کي آخرڪار ٺپي رکيو ويو هو، ۽ مون ان عورت کي هڪڙي
”حل“ جو مشورو ڏنو، ڏٺم ته ان کي هن نهايت بيدليءَ
سان قبول ڪيو. اهڙيءَ ريت اسان اختلاف کانپوءِ،
رضامنديءَ تي رسياسين ته اسان انهيءَ اونهاري جي
موڪلن دوران علاج ڪرڻ کي روڪي ڇڏيون. هڪ ڏينهن مان
جڏهن پنهنجي نوجوان ساٿي وٽان ٿيو پئي آيس، جيڪو
منهنجو پراڻو دوست به هو ۽ منهنجي مريضا سان گڏ
ترسيل هو، ”ارما“ ۽ سندس خاندان هڪ ئي شهر جا
رهندڙ آهن. مون کانئس پڇيو ته تون هن کي ڪيئن ٿو
ڀانئين؟ ته هن جواب ڏنو ته: ”هو چاق ته آهي پر
باقائدي تندرست نه آهي.“ مان هڪدم ڇرڪي ويس جو مون
کي پنهنجي دوست ”اوٽو“ جا لفظ ياد اچي ويا، ۽ جنهن
لهجي ۾ هن اهو جملو چيو، سو بهرحال چڙ ڏياريندڙ
هو. مون منجهس پيدا ٿيل وهم گمان جي کوج لڳائي ۽
ان کي اهڙي ئي تاثر ذريعي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،
ڇاڪاڻ ته مون مريضا سان ڪي پڪا وعدا به ڪيا هئا،
پوءِ اهي درست يا غلط. مون اهي ”اوٽو“ جي ڏسيل
انهن ئي حقيقتن ڏانهن منسوب ڪري ڇڏيا، جيڪي هن
منهنجي مريضا جي مائٽن تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ، منهنجي
خلاف ڳالهايا هئا، جيڪي منهنجي علاج جي سلسلي ۾
بلڪل ئي فائديمند نظر نه ٿي آيا، بهرحال منهنجي نه
مڃڻ وارو تاثر به مون تي پوريءَ ريت واضح ڪو نه
هو. مون مٿس اوڳاڇڻ جي به ڪا نشاني ظاهر نه ڪئي.
ساڳئي ڏينهن جي شام جو مون، ”ڊاڪٽر ايم“ (اسان جو
گڏيل دوست هو جيڪو ان وقت اسان جي حلقي ۾ اڳوڻ
واري حيثيت رکندو هو) جي ڏنل مشوري مطابق پاڻ کي
حق بجانب قرار ڏيڻ لاءِ، ”ارما“ جي معاملي جي
واقعاتي حقيقت لکڻ شروع ڪئي. ان رات (يا شايد ٻي
ڏينهن جي صبح جو) مون اهو خواب ڏٺو، جنهن کي مون
اٿندي ئي ڪاپيءَ تي اتاري ورتو.
خواب
23- 24 جولاءِ 1895ع
هڪ وسيع هال هو، لاتعداد مهمان هئا، اسان جن جو
آڌر ڀاءُ ٿي ڪيو، انهن ۾ ”ارما“ به هئي، ان وقت
مان کيس هڪ پاسي تي وٺي ويس، ڄڻ مون کي سندس خط جو
جواب ڏيڻو هجي ۽ کيس شرمندي ڪرڻ لاءِ ته هن منهنجي
ڏسيل ”حل“ کي اڃان تائين قبول نه ڪيو هو. کيس چيم:
”جيڪڏهن تون اڃان به سور سهندينءَ ته ان ۾ يقينن
تنهنجو ئي ڏوهه آهي.“ جواب ڏنائين: ”جيڪڏهن تون
رڳو اهو ٿو ڄاڻين ته هاڻي منهنجي نڙيءَ، معدي ۽
پيٽ ۾ ڪهڙا سور آهن، ته منهنجو دم ٿو ٻوساٽجي.“
چوڪس ٿي ويس ۽ سندس منهن ۾ نهاريم. هوءَ پيلي ۽
ڦيڦي نظر پئي آئي. مون پنهنجي منهن سوچيو ته لڳي
ٿو ته مان ڪنهن عضوياتي مسئلي کي وڃائي ويٺو
آهيان. مان هن کي دريءَ واري پاسي وٺي ويس ۽ سندس
نڙيءَ کي چڪاسڻ لڳس ته هن هٿراڌو ٻٽيهيءَ لڳل عورت
جيان ڏند ڀيڪوڙي، ضد ۽ اعتراض جو اظهار ڪيو، مون
سوچيو ته هن کي ائين ڪرڻ جي ڪا ضرورت ڪانه هئي.
پوءِ جڏهن هن صحيح نموني پنهنجو وات کوليو ته سا
ڄي پاسي مون کي هڪ اڇو جوڙ نظر آيو، هڪ ٻيءَ جاءِ
تي مون ڀرجي ويل زخم جو، هڪ غير معمولي ۽
گهنگهريالي نوع جو اڇو پر ميرانجهڙو ڇوڏو ڏٺو،
جيڪو هوبهو نڪ جي هڏين جهڙو هو. مون هڪدم ڊاڪٽر
ايم کي سڏيو ۽ هن به ساڳيءَ ريت کيس چڪاسي ڏٺو ۽
پڪ ڪئي ته..... ڊاڪٽر ايم هميشه کان ٿورو مختلف
پئي لڳو، هو پڻ نهايت پيلو پئي لڳو، هو منڊڪائڻ
واري انداز سان وڃي رهيو هو ۽ سندس ڏاڙهي مڇون به
ڪوڙيل هيون.... منهنجو دوست ”اوٽو“ به ”ارما“ جي
ڀرسان بيٺو هو ۽ منهنجو دوست ”ليوپولڊ“ سندس
انگيءَ
(Bodice)
۾ هٿ وجهي ڪنهن ڳالهه لاءِ اتساهي چئي رهيو هو:
”هن عورت جا هي کاٻي پاسي جي هيٺان وارا حصا ته
بلڪل بي حس آهن.“ هو سندس کاٻي ڪلهي واريءَ کل تي
هٿ ڦيرائيندي ان جي نشاندهي به ڪري رهيو هو (سندس
لباس جي باوجود مون هن جي چرپر کي ائين ئي ڌيان ۾
رکيو جيئن هن ڪيو ٿي)، ڊاڪٽر ايم چيو: ”ان ۾ شڪ نه
آهي ته اهو زخم آهي، پر ڪا ڳالهه نه آهي، پيٽ جي
بيماري (آنڊن جي سوج جنهن ۾ پيٽ جو سور ۽ خوني
پيچش
(Dysentery)
ٿيندي آهي) اوچتو ظاهر ٿي آهي، ۽ جيوڙن جي ذريعي
جسم ۾ پهچندڙ زهر کي بيڪار سمجهڻ گهرجي“.... ان
زخم جي اصل بنياد کان اسان باقائدي واقف پڻ آهيون،
گهڻو اڳ کان نه پر جڏهن هن پاڻ کي ناچاق سمجهيو
ته. منهنجي دوست ”اوٽو“ پيٽروليم ۾ موجود گئس،
(هائيڊرو ڪاربان جيڪا گهريلو ٻارڻ جي ڪم ايندي
آهي.
(Propyl)
جي تيار ڪيل سرنج ڀري لڳائي.... يا شايد تيزاب،
ڪلورو فارم يا الڪوحل ۾ شامل ٿيندڙ عطر
(Propionic Acid)
.... چند وصفن ۾ طبع يا عضوياتي بنيادن سان ملندڙ
نائٽرجن ۽ هائيڊروجن جو مرڪب
(Trimethylamin)....
۽ مون اهو نسخو ڪافي وڏن اکرن ۾ ڇپيل صورت ۾
پنهنجي اکين اڳيان ڏٺو.... ان قسم جون سيون
(Injections)
بي خياليءَ يا لاپرواهيءَ سان تيار ڪيل نه هيون ۽
گهڻو ڪري اها سرنج صاف نه هئي.“
هن خواب مان ٻين جي بنسبت ڪيترائي فائدا آهن. هڪ
ته هي هڪدم چٽو پٽو آهي ته گذريل ڏينهن جا ڪهڙا
واقعا اسان جي ڪم جي شروعات لاءِ ابتدائي نڪتا
آهن، منهنجي پيش لفظن ان کي به واضع ڪري ڇڏيو آهي.
”اوٽو“ جيڪا ”ارما“
جي حالت جي سلسلي ۾ مون کي خبر ڏني هئي ۽ سندس
معاملي جي واقعاتي حقيقت بابت جيڪو ڪجهه لکڻ ۾
مصروف هوس، اهي مسلسل رات تائين منهنجي ذهني
سرگرميءَ کي والاري چڪا هئا، ايستائين جو اهي سمهڻ
کان پوءِ به نظر پئي آيا. پر جيڪڏهن ڪنهن اهي پيش
لفظ نه به پڙهيا هجن ته به خواب جي مواد ۾ ئي ٿورو
گهڻو گمان موجود آهي ته خواب جو مطلب ڪهڙو آهي.
مون کي پاڻ کي ته اهڙو ڪو وهم گمان به ڪو نه هو.
مان ته انهن علامتن تي ئي عجب ۾ پئجي ويس ته جيڪي
”ارما“، خواب ۾ مون کي ٻڌايون، اهي علامتون اهي نه
هيون، جن جي متعلق مان سندس علاج پئي ڪرڻ چاهيو.
مان تيزاب، ڪلورو فارم يا الڪوحل ۾ شامل ٿيندڙ عطر
(Propionic Acid)
واري سئي ۽ ڊاڪٽر ايم جي همٿ ٻڌائڻ لاءِ ڏنل
بيعقلي واري راءِ تي مرڪي ويٺس. ان خواب جي پڄاڻي،
ان جي ابتدا کان بلڪل مبهم ۽ ڪافي سوڙهي ٿيل پئي
لڳي. بهرحال ان خواب جو مطلب ڪڍڻ لاءِ ان جي سموري
سٽاءَ جو تفصيل سان تجزيو ڪرڻ ضروري آهي.
تجزيو
”وسيع هال، لاتعداد مهمان، اسان جن جو آڌرڀاءُ ٿي
ڪيو“، اسان اهو اونهارو ”بيلي ويو“
(Bellevue)
۾ پئي گذاريو. اهو گهر خود ”ڪهلين برگ“
(Kahlenburg)
سان لڳ پهاڙين تي ٺهيل هو.
گهر هڪ عام طرز تي ۽ خاص موڪلن دوران تفريح لاءِ
ايندڙن جي لحاظ کان ٺهيل هو. ان جا مهمان خانا هڪ
سلسلي ۾، وڏا ويڪرا، غير معمولي ۽ نهايت اعليٰ قسم
جا هئا. اهو ”بيلي ويو“ ۾ هو، جنهن جي متعلق مون
خواب ڏٺو هو، ان ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ، منهنجي زال جي
سالگرهه ملهائي وئي هئي. ان کان هڪ ڏينهن اڳ ۾
منهنجي زال مون کي ٻڌايو هو ته سندس سالگرهه جي
دعوت ۾ چند دوستن ۽ مهمانن سان گڏ ”ارما“ جي شريڪ
ٿيڻ جي به اميد آهي. منهنجي خواب واقعي جي پيش
بندي ڪجهه اهڙيءَ ريت ڪئي: اها منهنجي زال جي
سالگرهه هئي ۽ ”بيلي ويو“ جي ان وسيع هال ۾ ”ارما“
سميت ڪيترن ئي دوستن ۽ مهمانن جو آڌرڀاءُ ڪيوسين.
”هن منهنجي ڏسيل ”حل“ کي اڃان تائين قبول نه ڪيو
هو. کيس چيم: ”جيڪڏهن تون اڃان به سور سهندينءَ ته
ان ۾ يقينن تنهنجو ئي ڏوهه آهي.“ اصل ۾ اهو جملو
مان کيس جاڳ دوران چئي پئي سگهيس، ۽ حقيقت ۾ مون
ائين ڪيو به سهي، پر ان وقت اها رڳو منهنجي راءِ
هئي (جيتوڻيڪ مان اڃان به سمجهان ٿو ته اها راءِ
غلط هئي) ته منهنجي ذميداري تڏهن پوري ٿي سگهي
پئي، جڏهن مان پنهنجي مريضا کي سندس لڪل علامتن جي
معنيٰ کان آگاهه ڪريان. مون سوچيو ته مان ان ڳالهه
جو ذميدار نه آهيان ته هوءَ منهنجي ”حل“ کي قبول
ڪري ٿي يا نه. اهڙيءَ ريت ڪاميابيءَ جو مدار به
مٿس ئي هو. مان ان غلطيءَ کي مڃان ٿو، جنهن کي
هاڻي مون ڄاڻي واڻي درست پئي ڪيو ته منهنجي زندگي
ان وقت بلڪل آسان بڻيل هئي، جڏهن منهنجي سموري
اڻٽر نموني جي لاپرواهيءَ جي باوجود مون کي علم
علاج يا دوائن وسيلي علاج ذريعي ڪاميابيءَ جي اميد
هئي. مون ڌيان ڏنو ته بهرحال جيڪي لفظ مون ”ارما“
سان خواب ۾ ڳالهايا هئا اهي، اهو ظاهر ڪن ٿا ته
مان پريشان ته هئس پر سندس ان سور جي سلسلي ۾
ذميوار نه هوس، جيڪو کيس اڃان به ٿيو پئي. ان ۾
جيڪڏهن سندس قصور به هو ته به ان جو ذميوار واقعي
مان نه هوس. ان ڪري ٿي سگهي ٿو خواب جو مقصد ان ڏس
۾ هجي؟
ارما جواب ۾ چيو: ”جيڪڏهن تون رڳو اهو ٿو ڄاڻين ته
هاڻي منهنجي نڙيءَ، معدي ۽ پيٽ ۾ ڪهڙا سور آهن، ته
منهنجو دم ٿو ٻوساٽجي.“ پيٽ ۾ سور جي شڪايت منهنجي
مريضن ۾ عام هئي پر اها ايتري ڌيان جوڳي ڳالهه نه
هئي. هن کي گهڻي شڪايت اوڪا اٻڪا
(Nausea)
۽ ڪراهت يا بڇان ڏياريندڙ احساسن جي هئي. نڙيءَ،
پيٽ جا سور ۽ نڙيءَ ۾ سوڙهه يا ساهه جي منجهڻ،
سندس بيماريءَ ۾ پڪ سان ڪو ڪردار ادا ڪري رهيا
هئا. حيران هوس ته خواب ۾ مون علامتن جي چونڊ ڪرڻ
جو فيصلو ڇو ڪيو هو، پر ان وقت انهن جي وضاحت ڇو
نه ڪري سگهيو هوس.
”سندس منهن ۾ نهاريم. هوءَ پيلي ۽ ڦيڦي نظر پئي
آئي.“ منهنجي مريضن جو رنگ هميشه گلابي رهيو آهي،
مون کي شڪ ٿيڻ لڳو ته ان جي رنگ ۽ ڦيڦي هجڻ لاءِ
ڪو ٻيو نعم البدل ڳولهي سگهجي ٿو.
”ڪنهن عضوياتي مسئلي جي منصوبي کي وڃائي ويهڻ لاءِ
مان چوڪس ٿي ويس.“ منهنجو يقين آهي ته گهڻو ڪري ان
قسم جي اعصابي حالت ۾ مبتلا مريضن جي مخصوص ماهر
معالج لاءِ، فڪر ڳڻتي جو هڪ مستقل ڪارڻ هوندو آهي،
۽ اهي، جن ۾ ”رحم جي روڳ“ جي لاتعداد علامتن ۽
نشانين بيان ڪرڻ جي عادت هوندي آهي، جن کي ٻيا
معالج رڳو عضوياتي بيماري سمجهي علاج ڪندا آهن.
ٻئي طرف الائي ڪٿان هڪ اڻلکو شڪ منهنجي ذهن ۾ پيدا
ٿيو، جو مان چئي نه ٿو سگهان ته اهو چوڪس ٿيڻ
واقعي ڪو درست هو يا ترڪيبي هو. جيڪڏهن ”ارما“ جي
سورن جو سبب عضوياتي هو، ته به انهن کان بچائڻ
لاءِ مان ٻڌل نه هوس؛ منهنجو علاج ته رڳو سندس
”رحم جي روڳ“ جي تڪليفن کي دور ڪرڻ لاءِ هو.
بهرحال اهو مون تي انڪشاف ئي ٿيو، حقيقت ۾ ته
منهنجي اصل خواهش اها هئي ته اها تفتيش غلط ثابت
ٿئي ۽ جيڪڏهن ائين ٿي ٿو وڃي ته مون تي لڳل
ڪوتاهيءَ جو الزام رد ٿي سگهي ٿو.
”مان هن کي دريءَ واري پاسي وٺي ويس ۽ سندس نڙيءَ
کي چڪاسڻ لڳس ته هن هٿراڌو ٻٽيهيءَ لڳل عورت جيان
ڏند ڀيڪوڙي، ضد ۽ اعتراض جو اظهار ڪيو، مون سوچيو
ته هن کي ائين ڪرڻ جي ڪا ضرورت ڪانه هئي.“ ان کان
اڳ مون کي ”ارما“ جي ڏند جي خال يا سوراخ
(Cavity)
کي چڪاسڻ جو موقعو نه مليو هو. خواب ۾ جيڪي ٿيو
هو، ان مون کي ڪجهه عرصو اڳ، گهر ۾ ٻارن کي سکيا
ڏيندڙ هڪ عورت جي ڪيل چڪاس ياد ڏياري ڇڏي، پهرين
ئي نظر ۾ هوءَ مون کي هڪ ڦوهه جوانيءَ واري صورت ۾
نظر آئي هئي، پر هن پنهنجي وات کولڻ کان پهرين
ڄاڙين ۾ ڦاٿل نقلي ڏندن کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
ان ڳالهه ڪنهن ٻئي قسم جي طبي چڪاسن متعلق يادگيري
پئي ڏياري، جنهن سلسلي ۾ انهن مريضن کي اطمينان
ڏياريندي ڪجهه نيون ۽ ڪافي لڪل ڳالهيون سامهون
آيون هيون. ”هن کي واقعي ائين ڪرڻ جي ڪا ضرورت
ڪانه هئي.“ ”ارما“ جي گرمجوشيءَ جي ڪري بيشڪ اهو
ارادو اڳ ۾ ڪيل نه هو؛ پر مون ڄاتو پئي ته ان جي
پويان ڪو ٻيو مطلب آهي، (جيڪڏهن ڪو هن تجزيي تي
ڌيان ڏيندو ته ان کي اهو احساس ضرور ٿيندو ته هجي
نه هجي ڪو به شخص انهن پس پرده خيالن سبب بيزار ٿي
سگهي ٿو جن جي گهڻي اميد آهي.) ”ارما“ دريءَ جي
جنهن پاسي بيٺل هئي، ان اوچتو مون کي هڪ ٻئي تجربي
جي ياد ڏياري ڇڏي. ”ارما“ ان عورت جي به سٺي
ساهيڙي آهي،جنهن لاءِ منهنجي راءِ به نهايت سٺي
آهي. هڪ ڀيري شام جو مان جڏهن طبي چڪاس لاءِ ان
عورت وٽ ويو هوس ته مون ان کي به اهڙيءَ ريت خواب
۾ ٻيهر پيش آيل منظر جيان، دريءَ وٽ معالج سان گڏ
بيٺل ڏٺو هو، اهو ساڳيو ”ڊاڪٽر ايم“ هو، جيڪو چئي
رهيو هو ته ”مريضا کي خناق (ڳلي ۾ سوزش پيدا ڪندڙ
هڪ وبائي مرض
(Diphtheria
جي ڪري ڳلي ۾ هڪ سنهو تهه
(Membrane)
ڄمي ويو آهي. ڊاڪٽر ايم ۽ ان سنهي تهه جي شڪل بعد
۾ خواب ۾ پيش ٿي هئي. اها ڳالهه هاڻي مون تي ائين
پئي عيان ٿي ته چند گذريل مهينن لاءِ مون کي ائين
سمجهڻ لاءِ هڪڙو جواز هو ته اها ٻي عورت به ”رحم
جي روڳ“ ۾ مبتلا هئي. سچ ته ”ارما“ پاڻ پنهنجي
حقيقتن کي منهنجي آڏو رڳو ٿي ٿڏيو. ان صورت ۾ مان
سندس حالت جو اندازو ڪيئن ٿي لڳائي سگهيس. هڪڙي
شيءَ بهرحال خواب جيان هوبهو هئي ته هوءَ رحم جي
روڳ ۾ مبتلا هئي ۽ سندس دم ٻوساٽبو هو. ۽ مان خواب
۾ سندس ساهيڙيءَ بجاءِ پنهنجي مريضا کي ڏٺو. هاڻي
مان ياد ڪرڻ لڳس ته مان به گهڻو ڪري ان منصوبي تي
ڪم ڪري رهيو هوس ته جيئن هوءَ پنهنجي علامتن جي
حوالي سان پاڻ چوي ته هن کي سندس مرض مان ڇڏاءِ.
بهرحال نه چاهيندي به مان پاڻ ان خيال جو هوس.
جيئن ته هوءَ نهايت سنجيده طبيعت واري عورت هئي، ۽
جيئن خواب ۾ نظر آئي، تيئن ضدي به هئي. ٻيو سبب
اهو هو ته ”هن کي واقعي ائين ڪرڻ جي ڪا ضرورت ڪانه
هئي. پر چڪاس ڪرائڻ لاءِ ڪنهن به ٻاهرين مدد وٺڻ
بجاءِ، هن پاڻ کي ڪنهن حد تائين سخت مزاج بڻائي
ڇڏيو هو، حالانڪ اڃان ٻيون به ڪي خاصيتون هيون،
جيڪي مان، ”ارما“ يا ان جي ساهيڙيءَ سان به وابستا
ڪري نه سگهيو آهيان، مثال طور: پيلي، بي رونق،
ڦيڦي ۽ نقلي ڏند وغيره. نقلي ڏندن وارو معاملو ته
گهر ۾ ٻارن کي سکيا ڏيندڙ هڪ عورت سان وابستا هو،
جنهن جو ذڪر مان اڳ ۾ ئي ڪري آيو آهيان. هاڻي مان
پنهنجي مطمئن ٿيڻ لاءِ خراب ڏندن ڏانهن جهڪاءَ
محسوس ڪري رهيو آهيان. ان کانپوءِ مان ڪنهن ٻئي
پاسي ڌيان ڪرڻ لڳس، ته جيئن انهن ۾ ان قسم جون
خاصيتون، منهنجي لاءِ اشارو ڪنايو ثابت ٿي سگهن.
هوءَ منهنجي مريضن منجهان نه هئي ۽ نه ئي مان کيس
مريضا سمجهيو هو، پر جڏهن کان مون ان ڳالهه ڏانهن
ڌيان ڏنو هو ته هوءَ منهنجي موجودگيءَ ۾ ڏاڍي
چيڙاڪ طبيعت جو مظاهرو ڪري ٿي ۽ مون اهو به نه ٿي
سوچيو ته هوءِ ڪا فرمانبردار مريضا هوندي. هوءَ
سدائين زرد ۽ بي رونق لڳندي هئي، پر ڪنهن زماني ۾
جڏهن هوءَ بلڪل صحتمند هوندي هئي تڏهن به ڦيڦي نظر
ايندي هئي.
اهڙيءَ ريت مان پنهنجي مريض ”ارما“ کي ٻن ٻين
ماڻهن سان مشابهت پئي ڏني، جيڪي به علاج جي سلسلي
۾ ضدي هئا. خواب ۾ ”ارما“ جو سندس ساهيڙيءَ ۾ مٽ
سٽ ٿي وڃڻ جا ڪهڙا ڪارڻ ٿي سگهن ٿا؟
شايد اهو ان ڪري ٿيو هجي جو مان پاڻ کيس ”مٽ سٽ“
ڪرڻ ٿي چاهيو، يا ته مان سندس ساهيڙيءَ ۾ همدردي،
ڪجهه وڌيڪ محسوس ڪري رهيو هوس يا مون وٽ سندس
ذهانت متعلق ڪا اعليٰ قسم جي راءِ هئي. ”ارما“ مون
کي بيوقوف پئي لڳي، ڇاڪاڻ ته هن منهنجي ”حل“ کي
قبول ڪو نه ٿي ڪيو. سندس ساهيڙي ڪجهه وڌيڪ سياڻي
هئي، ان ڪري جو هوءَ جلدي ڳالهه مڃيندڙ هئي. ”پوءِ
هن صحيح نموني پنهنجو وات کوليو“ ۽ هن مون کي
”ارما“ جي بنسبت ڪجهه وڌيڪ ئي ٻڌايو هو.
”مون هن جي نڙيءَ ۾ ڇا ڏٺو: ساڄي پاسي هڪ اڇو جوڙ،
هڪ ٻيءَ جاءِ تي ميرانجهڙو ڇوڏو ڏٺو، جيڪو هوبهو
نڪ جي هڏين جهڙو هو.“ اڇي جوڙ“، مون کي ”ارما“ جي
ساهيڙيءَ جي ڳلي ۾ سوزش جي ڪري پيدا ٿيل سنهو تهه
ياد ڏياري ڇڏيو، ۽ خود منهنجي وڏي ڌيءَ جي خناق
واري حالت به اهڙي رهي هئي، جنهن جا ٻه ابتدائي
سال، بيماريءَ جي خوف سبب انتهائي پريشانيءَ ۾
گذريا هئا. انهن ڏينهن ۾ نڪ جي سوزش سبب پيدا
ٿيندڙ سور کي گهٽائڻ لاءِ ناريل جي ست مان تيار
ڪيل، بيهوش ڪندڙ دوا
(Cocaine)
جو استعمال ڪرائيندو هوس. ان کان ڪجهه ڏينهن اڳ ۾
مون ٻڌو ضرور هو ته منهنجي هڪڙي مريض عورت منهنجي
ئي تجربي جي پوئواري ڪندي، نڪ جي بلغمي تهه
(Nasal mucous membrane)
جي ناڪاري حصي تي ارتقائي ۽ جامع ڪم ڪيو هو.
پر مان پهريون شخص هوس جنهن 1885ع ڌاري، بيهوش
ڪندڙ دوا کي استعمال ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي.
۽ ان تجويز جي ڪري مون کي نهايت سنجيدگيءَ سان گهٽ
وڌ ڳالهايو ويو. ان دوا جي غلط استعمال سبب،
منهنجي تمام پيارن دوستن جو موت واقع ٿيو هو ۽ اهو
سڀڪجهه منهنجي خواب کان اڳ يعني 1885ع ڌاري ٿي چڪو
هو.
”مون هڪدم ڊاڪٽر ايم کي سڏيو ۽ هن به ساڳيءَ ريت
کيس چڪاسي ڏٺو.“ ڊاڪٽر ايم جي ٻيهر چڪاسڻ وارو
معاملو، اسان جي حلقي ۾ سندس حيثيت سبب هو، پر
”هڪدم“ واري ڳالهه يقينن هڪ مخصوص وضاحت طلب ضرور
آهي. مون کي ان ”هڪدم“ واري لفظ منهنجي،عملي ڪم
دوارن پيش ايندڙ، انتهائي ڏکوئيندڙ واقعو ياد
ڏياري ڇڏيو. اهو هڪ اهڙي موقعي جو ذڪر آهي، جڏهن
مون هڪ مريض عورت ۾ پيدا ٿيل علامتن سبب، انتهائي
زهريلي قسم جي
(Toxic)
دوا کي استعمال ڪيو هو، ڇاڪاڻ ته بيماريءَ جي
تدارڪ لاءِ، ان وقت اها نقصانڪار نه هئي. هٿراڌو
طور تي بيهوش ڪرڻ لاءِ ڪم ايندڙ اهي دوائون، کار
جهڙي يعني نرم چانديءَ جهڙو اڇي ڌاتوءَ/ ڪيميائي
مرڪب ۽ گندرف جي پاڻيءَ مان تيار ڪيل
(Sulphonal)
هونديون آهن. جن جي استعمال لاءِ وڌيڪ تجربيڪار
ساٿيءَ جي مدد جي ”هڪدم“ ضرورت پوندي آهي. اصل ۾
ان ئي تفصيل جو تعلق، خواب ۾ هڪدم سڏڻ واري خيال
جي پڪ ڏئي ٿو ته اهو ئي واقعو منهنجي ذهن ۾ هو.
منهنجي اها مريض، جيڪا زهر جي استعمال سان فوت ٿي
وئي هئي، ان جو ۽ منهنجي وڏي ڌيءَ جو نالو
”ميٿلڊي“ به ساڳيو ئي هو. اها ڳالهه مون کي اڳ
ڪڏهن نظر نه آئي هئي پر هاڻي مون کي ياد اچي ٿو ته
اهو شايد مقدر جو کيل هو. اهڙيءَ ريت هڪ بجاءِ ٻئي
شخص ۾ بدلجي وڃڻ، هڪ ٻيءَ مقصد جي تسلسل سان ڳنڍيل
هو، ڄڻ هڪ ميٿلڊي (ڌيءَ) هڪ ٻيءَ ميٿلڊي (مريضا)
لاءِ، هڪ اک، ٻئي جي اک لاءِ، هڪ جو ڏند ٻئي جي
ڏند لاءِ هجي. ان حوالي سان دل ته ائين ٿي چوي ته
جيڪر مان اهي سمورا واقعا گڏ ڪريان، جيڪي مون کي
منهنجي طبي اصول پسنديءَ
(Conscientiousness)
جي خلاف ڪمي ڪوتاهيءَ جي شاهدي ڏئي سگهن ٿا.
ڊاڪٽر ايم نهايت پيلو پئي لڳو، هو منڊڪائڻ واري
انداز سان وڃي رهيو هو ۽ سندس ڏاڙهي مڇون به ڪوڙيل
هيون.“ ڪنهن حد تائين اها ڳالهه درست هئي ته سندس
اڻ سڌريل صحت سبب سندس دوستن کي به گهڻي ڳڻتي
هوندي هئي. پر ٻه ٻيون خاصيتون وري ڪن ٻين سان
وابستا هيون. هڪ ته منهنجو خيال پنهنجي وڏي ڀاءُ
ڏانهن ڇڪجي ويو، جيڪو اسان کان پري ولايت ۾ رهندو
هو، ان جون ڏاڙهي مڇون ڪوڙيل هونديون هيون، ۽ مون
کي پوريءَ ريت ياد آهي ته سندس شڪل خواب ۾ نظر
ايندڙ ڊاڪٽر ايم سان ڏاڍي ملندڙ آهي. چند ڏينهن اڳ
اسان کي هڪ خبر ملي هئي ته سَنڌن جي سور
(Arthritic)
سبب، هو ”منڊڪائي ٿو هلي،“ ان ڪري پڪ ئي پڪ اهو
اولڙو، خواب ۾ ٻن صورتن کي هڪ شڪل ۾ ملائڻ جو سبب
بڻيو هو. ان کانپوءِ مون ياد ڪيو ته ساڳئي ئي سبب
جي ڪري مون کي مٿن ڦڪي کل به اچي وئي، ڇاڪاڻ ته
انهن ٻنهي ڄڻن منهنجي چند اهڙن مشورن کي رد به ڪيو
هو، جن لاءِ مون کانئن صلاح ورتي هئي.
منهنجو دوست ”اوٽو“ ڀرسان بيٺو هو ۽ منهنجو دوست
”ليوپولڊ“ چئي رهيو هو: ”هن عورت جا هي کاٻي پاسي
جي هيٺان وارا حصا ته بلڪل بي حس آهن.“ منهنجو
دوست ”ليوپولڊ“ به هڪ معالج ۽ ”اوٽو“ جو مائٽ آهي.
اهي ٻئي طب جي هڪ ئي شاخ جا ماهر هئا، ۽ انهن جي
قسمت به ڪا اهڙي هئي جو ٻنهي جي پاڻ ۾ چٽاڀيٽي به
ڪافي رهندي هئا ۽ ٻنهي جي وچ ۾ ڀيٽ وارو معاملو به
بلڪل ثابت قدميءَ سان هلندو ٿي آيو، جن ڏينهن ۾
مون وٽ ويانا جي ”ڪاسووز“ انسٽيٽيوٽ ۾ ٻارن جي
شعبي ۾ ٻاهرين اعصابي مريضن جي شعبي کي سنڀالڻ جي
ذميداري هوندي هئي، ته ڪيترائي سال ٻئي ڄڻا معاون
طور مون سان گڏ ڪم ڪري چڪا هئا. خواب ۾ پيش ٿيندڙ
منظرن مان هڪڙو گهڻو ڪري ان مان استعمال ٿيل هو،
جڏهن مان ”اوٽو“ سان هڪ مرض کي سڃاڻڻ لاءِ بحث
مباحثو ڪري رهيو هوس، ان وقت ”ليوپولڊ“ هڪ ٻار کي
ٻيهر چڪاسڻ لڳو هو، ۽ ان دوران هن اوچتو اسان جي
لاءِ هڪڙو نتيجو ڪڍي ورتو هو. انهن ڪردارن جي وچ ۾
فرق ائين هو جيئن ”بئلف براسگ“
(Bailiff Brasig)
۽ سندس دوست ”ڪارل“
(Karal)،
انهن ڪردارن مان هڪڙو وڌيڪ تکو تڪڙو آهي، جڏهن ته
ٻيو سست پر يقيني سوچ رکندڙ آهي. ان حوالي سان
”اوٽو“، ٿڌي دماغ واري ”ليوپولڊ“ جي بلڪل ابتڙ هو،
۽ مان پنهنجي ڪم جي سلسلي “ ”ليوپولڊ“ جي طبيعت
مان چٽي ريت فائدو وٺندو رهيو آهيان. مشابهت به
ساڳي ئي آهي، منهنجي مريضا ”ارما“ جي نافرمانيءَ ۽
ان دوست جي وچ ۾، جيڪو مون کي کانئس وڌيڪ سياڻو
لڳندو هو.
هاڻي مان خواب ۾ پيش ٿيل خيال جي زنجير جي هڪ ٻيءَ
۽ الڳ ٿي ويل ڪڙيءَ کي سمجهڻ لڳو آهيان، جيڪو ٻارن
جي اسپتال ۾ بيمار ٻار جا: ”کاٻي پاسي وارا هيٺيان
حصا بي حس،“ نظر پئي آيا، مان ان جي هر تفصيل سان
سهمت هوس، جيڪا ”ليوپولڊ“ سندس مڪمل چڪاس کانپوءِ
منهنجي ڌيان تي آندي هئي. مرض جي تبديليءَ
(Metastatic)
جي مصنوعي فطرت متعلق مون وٽ به هڪ قسم جو غير
واضع خيال هو، پر ان مريض جو بهرحال اهو مثال ته
موجود هو، جنهن کي مون ”ارما“ جي جاءِ تي رکڻ پئي
چاهيو. ڪنهن حد تائين جيئن مان نتيجو ڪڍي سگهيو
آهيان ته ”ارما“ ۾ سلهه جو مرض
(Tuberculosis).
پيدا ٿي چڪو هو.
”سندس کاٻي ڪلهي واريءَ کل هوريان هوريان ڇڻڻ لڳي
هئي.“ مون هڪدم ڌيان ڏنو ته اهو ته منهنجي پنهنجي
ڪلهي ۾ سنڌن جي سور جو آزار هو، جيڪو، جڏهن رات جو
اٿي ويهندو هوس ته بلڪل واضع طور تي محسوس ٿيندو
هو. ان کان علاوه خواب ۾ خود اکر به گهڻو ڪري، اڻ
چٽا ۽ ٻن کان وڌيڪ معنائون رکندڙ هئا. ”مون هن جي
چرپر کي ائين ئي ڌيان ۾ رکيو جيئن هن ڪيو ٿي،“ مون
کي لڳو پئي ته اهو ڌيان مون پنهنجي جسم ڏانهن پئي
ڏنو، مون کي اهو انوکي قسم جي لفظ سازيءَ يا جملي
جي جزن کي بنائڻ جو عمل پڻ لڳو: ”ڪلهي واريءَ حصي
وٽان کل هوريان هوريان ڇڻڻ لڳي هئي.“ اسان کي
”مٿان ٽپي پوڻ، کاٻي پاسي کان يا پويان ڪلهو هڻي
ڳالهائڻ جي عادت هوندي آهي.“ اهو پڻ ڦڦڙن جي حوالي
سان سلهه جو مرض ئي آهي.
”سندس لباس جي باوجود.“ اهو ته وچ ۾ ٽنبڻ وارو عمل
يا هٿ چراند ڪرڻ جو معاملو ٿو لڳي، اصل ۾ ته اسان
اسپتال ۾ ان ٻار کي ڪپڙن کانسواءِ ئي پئي چڪاسيو!
۽ ظاهر آهي ته اهو عمل ڪنهن جو ان عورت يا مرد جي
تپاس ڪرڻ جي ناتي ته بنهه غير اصولي آهي. مون کي
ياد آهي ته اهو انهن نامي گرامي معالجن جو ڪم آهي
جيڪي پنهنجي مريضن کي، بغير ڪپڙن جي چڪاسيندا آهن،
بهرحال اها ڳالهه مون پنهنجي اکين سان ڪا نه ڏٺي
آهي. سچ پڇو ته مون کي ان معاملي ۾ وڌيڪ گهري ٿيڻ
جي خواهش به ڪا نه آهي.
ڊاڪٽر ايم چيو: ”ان ۾ شڪ نه آهي ته اهو زخم آهي،
پر ڪا ڳالهه نه آهي، پيٽ جي بيماري (آنڊن جي سوج
جنهن ۾ پيٽ جو سور ۽ خوني پيچش ٿيندي آهي) اوچتو
ظاهر ٿي آهي.“ پهرين ته مون کي اها ڳالهه ئي اجائي
ٿي لڳي، پر ان جي باوجود ٻين سمورين ڳالهين جيان
ان جو به احتياط سان جائزو وٺبو. مان جڏهن ان کي
ويجهڙائي کان ڏسان ٿو ته ان جو مطلب به ٻين سمورين
ڳالهين جهڙو ساڳيو ئي نڪري ٿو، جنهن حوالي سان،
مون عام خناق (ڳلي ۾ سوزش پيدا ڪندڙ هڪ وبائي مرض)
جي تفتيش ڪئي هئي. اها مون کي پنهنجي ڌيءَ جي
بيماريءَ واري وقت کان وٺي ”خناق ۽ ڳلي ۾ سوزش ۽
زخم جي ڪري اندروني طور پيدا ٿيل بخار“ ٿيڻ تائين،
۽ ان متعلق ڪيل بحث مباحثو به چڱيءَ ريت ياد آهي.
ان قسم جي زخم جي هجڻ ۽ ان جي بي حس ٿي ويل حصي جي
نشاندهي ”ليوپولڊ“ ڪئي هئي. جا ٿي سگهي ٿو ته مرض
جي تبديليءَ
(Metastatic)
کي ظاهر ڪندي هجي، مون سوچي ڏٺو ته مون کي اها
ڳالهه بلڪل درست لڳي ته مرض جي تبديليءَ جو اهڙو
عمل، اصل ۾ خناق سان ظاهر نه ٿيندو آهي: تڏهن مون
سوچي ورتو ته اهو رت ۾ جيوڙن جي گهڙي اچڻ
(Pyaemia)
جي ڪري آهي.
”ڪا ڳالهه نه آهي.“
اهو ته خير تسليٰ ڏيندڙ جملو آهي، جيڪو معاملي جي
نوعيت سان بلڪل ٺهڪندڙ جملو آهي. خواب جي مواد جو
باقي حصو اهو آهي ته منهنجي مريضا جا سور، شديد
اعصابي مرض جي ڪري هئا. مون کي احساس هو ته مان
پاڻ تان بهتان لاهڻ جي ڪوشش، شايد ان طريقي سان
پيو ڪريان. ڇاڪاڻ ته خناق جي شديد تڪليفن جي
ذميداري بهرحال، نفسياتي علاج جي طريقي تي عائد نه
ٿي ٿئي. ان کانسواءِ مون کي اهو بلڪل به خراب پئي
لڳو ته ”ارما“ جي ان شديد تڪليف جي باوجود مان
پنهنجي وضاحت پيش ڪريان، اهو به مون کي ظالماڻو
انداز پئي لڳو، اهڙيءَ ريت مون کي ان يقين جي
ضرورت هئي ته آخرڪار سڀڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو، ۽ مون
کي ائين ٿي لڳو ته ان قسم جي همٿ جي حوالي سان،
”ڊاڪٽر ايم جي واتان چوڻ واري چونڊ ۾ ڪا خرابي ڪا
نه هئي، پر خواب جي طرف، مان ٿورو مٿانهون رويو
پئي رکيو، جيڪو پاڻ وضاحت طلب معاملو هو. پر اهو
همٿ ٻڌي چوڻ وارو معاملو ايترو خراب ڇو پئي لڳو؟
”خوني پيچش جي بيماري.“ ڪا پرانهين، ڇڊي، غير عملي
۽ گماني شيءَ پئي نظر آئي. ان ڏکوئيندڙ روڳ جي
مواد کي آنڊن مان ڪڍڻ ذريعي ئي ان مان ڇوٽڪارو
حاصل ڪري سگهجي ٿو، ڪٿي ائين ته نه هو ته مان
ڊاڪٽر ايم جي علاج جي سلسلي ۾ نااميد ڪندڙ ۽ الائي
ته ڪٿان آندل وضاحتن سبب، سندس زرخيز ذهن تي چٿر
ڪري رهيو هوس؟ خوني پيچش جي روڳ جي باري ۾ ڪا ٻي
ڳالهه به منهنجي ذهن ۾ اچي ٿي:
”چند مهينا اڳ مان هڪ نوجوان جي بيماريءَ تي ڪم
ڪري رهيو هوس، جيڪو جلاب رستي ڪاڪوس ڪڍڻ جي عمل
(Defaecating)
سان لاڳاپيل انتهائي شديد تڪليف ۾ مبتلا هو، جنهن
جو دوا درمل ڪنهن ٻئي معالج پئي ڪيو، ”هو اڻ پوري
خوراڪ
(Malnutrition)
۽ رت جي گهٽتائيءَ جي ڪري، منهن ۾ ظاهر ٿيل ڦڪاڻ
(Anaema)
جو به شڪار هو،“ جنهن کي مون ”رحم جي روڳ“
(Hysteria)
جي صورت ۾ شناخت ڪيو، پر مون غير ارادي طور تي
سندس علاج، نفسياتي طريقي سان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽
هن کي سامونڊي سفر تي اماڻي ڇڏيو. چند ڏينهن پهرين
مون کي هن جو نراسائيءَ مان لکيل خط مليو، جيڪو هن
مصر مان موڪليو هو. لکيائين ته هتي مٿس تازو حملو
ٿيو هو ۽ ڊاڪٽر پڌرو ڪيو آهي ته اها ”خوني پيچش جي
بيماري“ آهي. مان شڪجي ويس ته هن جي تپاس ۾ سندس
علاج ڪندڙ کان ڪا غلطي ٿي وئي آهي، جنهن کيس رحم
جي روڳ بجاءِ ان مرض ۾ مبتلا ڏيکاريو آهي. پر مان
سندس ڪا به مدد نه ڪري سگهيس، نه ئي کيس ڪو دڙڪو
دهمان ڪري سگهيس، ۽ کيس پنهنجي ان حال تي ڇڏي ڏنم
جنهن ۾ هو ”آنڊي جي روڳ“ جي چند وڏين عضوياتي
تڪليفن جي ذميواري کڻڻ ۾ ملوث ٿئي ها. ساڳيءَ ريت
(جرمنيءَ زبان ۾) خوني پيچش جو آواز خناق جهڙو نه
نڪرندو آهي. بيماريءَ بابت اڳڪٿيءَ جو ڪو اکر.....
بهرحال خواب ۾ ظاهر نه ٿيو.“
جي ها!
مان پنهنجي متعلق سوچيان ٿو ته ڊاڪٽر ايم کي آٿت
ڏيڻ لاءِ، مرض جي سلسلي ۾ پيشنگوئي ڪندي، ڪا
ورونهن ئي ڪري رهيو هوس ته ”رحم جو روڳ اوچتو ظاهر
ٿيندو وغيره.“: ان سلسلي ۾ ڪجهه سال اڳ، هو مون وٽ
موٽي آيو هو ۽ ڪنهن ٻئي ڊاڪٽر جي هڪ وڻندڙ ۽ بلڪل
ساڳئي ئي قسم جي ڪهاڻي اچي ٻڌائي هئائين. ان مريضا
جي، جيڪا سخت بيمار هئي، ان جي طبي مشوري لاءِ
ڊاڪٽر ايم کي به سڏايو ويو هو، ان مريضا جي پيشاب
۾ اڇا جزا
(Albumen)
ڏسي، پنهنجي هم پيشي ساٿيءَ جي ڪڍيل نتيجي سان
اخلاقي طور سهمت ٿيندي، هن نهايت خوش خيال پيش
ڪيو. ان حوالي سان خواب ۾ سندس همٿ ڏياريندڙ جملو
به اهو ئي هو ته ”ڪا ڳالهه ناهي“ هن چيو: اڇا جزا
جلدي ختم ٿي ويندا.“ مان وڌيڪ ڪنهن شڪ ۾ مبتلا نه
ٿو ٿي سگهان، جڏهن ته خواب جو هي حصو، ان معالج تي
چٿر وارو اظهار هو، جنهن رحم جي روڳ کي درگذر پئي
ڪيو، ۽ جڏهن ته اهو بلڪل يقيني هو. ان وقت هڪ ٻيو
خيال منهنجي دماغ ۾ آيو ته ”ڇا ڊاڪٽر ايم ”ارما“
جي ساهيڙيءَ جي مرض جي علامتن کي قبول ڪيو هو،
جيڪي ”سلهه“ جي ڊپ جا بنياد فراهم ڪري رهيا هئا،
جڏهن ته ساڳئي وقت ان ۾ رحم جي روڳ جا به بنياد
شامل هئا. ڇا هن، ان جي، رحم جي روڳ طور نشاندهي
ڪئي هئي؟ يا ڳالهه جو رخ بدلائي ڇڏيو هو؟
پر پنهنجي دوست جو اهڙي خراب طريقي سان علاج ڪرڻ
جو، منهنجو ڪهڙو مقصد هو؟
ته ان کي سمجهڻ بلڪل آسان آهي.
ڊاڪٽر ايم اصل ۾ ”ارما“ جيان، منهنجي ”حل“ سان
ٿورو گهڻو متفق هو. انڪري هن خواب ۾ انهن ٻن مريضن
جي سلسلي ۾ مان اڳي ئي پاڻ کان انتقام وٺي چڪو
هوس، ”ارما، جي سلسلي ۾ ان جملي ذريعي ته: ”جيڪڏهن
تون اڃان به سور سهندينءَ ته ان ۾ يقينن تنهنجو ئي
ڏوهه آهي.“ ۽ ڊاڪٽر ايم جي انهن واهيات قسم جي همٿ
افزائي ڪندڙ لفظن جي ذريعي، جيڪي مون هن جي واتان
چورايا. ”اسان ان زخم جي اصل بنياد کان باقائدي
واقف پڻ آهيون،“ خواب ۾ ان قسم جي سڌيءَ ريت
معلومات واقعي حيرت ۾ وجهندڙ هئي. ٿورو وقت اڳ به
اسان کي ان ڳالهه جي خبر ڪا به هئي. زخم جي ڳالهه
به رڳو ”ليو پولڊ“ جي ذريعي پڌري ٿي هئي.
”جڏهن هن پاڻ کي ناچاق سمجهيو ته منهنجي دوست
”اوٽو“ سرنج ڀري کيس لڳائي.“
اصل ۾ اوٽو ٻڌايو هو ته ارما جي خاندان سان ٿورا
ڏينهن گڏ رهڻ دوران، جڏهن اوچتو ڪنهن جي طبيعت
خراب ٿي پئي هئي ته کيس، سئي هڻڻ لاءِ ڀر واري
هوٽل مان سڏايو ويو هو. سئيءَ واري ڳالهه تي مون
کي هڪ بد نصيب دوست جي ڳالهه به ياد اچي وئي جنهن،
ناريل جي ست مان ٺهيل، بيهوش ڪندڙ دوا
(Cocaine)
ذريعي آپگهات ڪيو هو، مون کيس دوا به پيئڻ لاءِ ئي
ڏني هئي، جڏهن ته اها، آفيم جي ست سان مليل دوا
(Morphia)
جي بند ڪرڻ کان پوءِ استعمال ڪرڻي هئي، پر هن
ناريل جي ست مان تيار ڪيل بيهوشيءَ جي داو سان
ڀريل سيون پاڻ کي لڳائي ڇڏيون هيون.
”پيٽروليم ۾ موجود گئس، (هائيڊرو ڪاربان جيڪا
گهريلو ٻارڻ واري
(Propyl)
جي تيار ڪِيل سرنج ڀري لڳائي يا شايد اها تيزاب،
ڪلورو فارم يا الڪوحل ۾ شامل ٿيندڙ عطر
(Propionic Acid)
جي سرنج هئي.“ اها ڳالهه مان ڪيئن ٿي سوچي سگهيس؟
گذريل ڏينهن جي شام جو، ”ارما“ جي معاملي جي
واقعاتي حقيقت لکي پوري ڪرڻ کان ۽ خواب ڏسڻ کان اڳ
۾ منهنجي زال، اسان جي دوست ”اوٽو“ پاران مليل
تحفي واري شراب جي بوتل کولي هئي، بوتل کولڻ وقت
منهنجي زال هڪڙو آواز ڪيو: ”ايناناس.“
اوٽوءَ جي اها عادت هئي ته اهڙن موقعن تي ڪونه ڪو
تحفو ضرور آڻيندو هو. مون پنهنجي منهن سوچيو ڇاڪاڻ
ته مون کي اميد هئي ته هڪ نه هڪ ڏينهن کيس اهڙي
زال ضرور ملندي جا سندس ان عادت کان کيس پاسو
ڪرائي وٺندي.
انهيءَ شراب جي بوءِ ڪنهن ٻرندڙ تيل جهڙي تيز هئي،
جنهن کي هٿ لائڻ کان به مون انڪار ڪيو هو، منهنجي
زال اسان جي ڏنل بوتل لاءِ مشورو ورتو ته: ”ڇا اها
ڪم وارن نوڪرن کي ڏئي ڇڏي،“ ۽ مان.... خلق جي خدمت
جي جذبي کي شامل ڪندي، نهايت ٿڌائيءَ سان سندس
مشوري تي حامي ڀرڻ جي باوجود چيو ته انهن ويچارن
کي زهر ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. اها ٻرندڙ تيل جهڙي
(هم ترڪيبي ترميمي صورتن ۾ موجود، هائيڊروجن ۽
ڪاربان جي جزن
(Amyl)،
جن جا مرڪب الڪوحل، تيل ۾ ملندا آهن) بوءِ هئي.
مون کي ان سلسلي جي سموري چوريندڙ يا اڀاريندڙ
مواد جي چٽائي ذهن ۾ اچي وئي، ته اهو پيٽروليم ۾
موجود گئس، (هائيڊرو ڪاربان جيڪا گهريلو ٻارڻ واري
(Propyl
۽ دوائن ۾ ڪم ايندڙ ڦودني جي شفاف عرق
(Menthol)
۾ ملندڙ هائيڊرو ڪاربان جو اصل
(Methyl)
وغيرهه هو، ۽ اهو هو خواب ۾: ”پيٽروليم ۾ موجود
گئس، (گهريلو ٻارڻ واري هائيڊرو ڪاربان
(Propyl
جي تياريءَ جو“ دليل. اهو سچ آهي ته مان ان عملي
ڪم ۾ ڪو متبادل ڪڍي رهيو هوس، جنهن ڪري دوائن ۾ ڪم
ايندڙ ڦودني جي شفاف عرق
(Methyl)
جي بوءَ جي اچڻ کانپوءِ، هائيڊرو ڪاربان متعلق
خواب ڏسي رهيو هوس. پر ان قسم جا متبادل گهڻو ڪري
عضوياتي عنصرن جي ترڪيبي مرڪبن جي امتزاج
(Organic Chemistry)
۾ جائز هوندا آهن.
”چند وصفن ۾ طبع يا عضوياتي بنيادن سان ملندڙ
نائٽرجن ۽ هائيڊروجن جو مرڪب
(Trimethylamin).“
مون خواب ۾ ڪيميائي عمل مان حاصل ٿيندڙ مادي مان
تت ڪڍڻ جي ترڪيب ڏٺي، جيڪا منهنجي پنهنجي ورتل
ڪوششن بابت ياداشت جي شاهد هئي، ۽ اها ترڪيب ڪافي
وڏن اکرن ۾ شايع ٿيل هئي. ڇاڪاڻ ته منهنجي خواهش
هئي ته ان تحرير جي ڪجهه حصن جي جيڪا اهميت آهي،
ان جو قدر به ايترو ئي ٿئي. اهو ڇا هو جو منهنجو
ڌيان طبع يا عضوياتي بنيادن سان ملندڙ نائٽرجن ۽
هائيڊروجن جي مرڪب
(Trimethylamin)
طرف کڄي ويو هو؟ اهو اصل ۾ هڪ ٻئي دوست سان ڪيل
بحث هو، جيڪو ڪيترن سالن تائين، منهنجي سمورين
تحريرن سان وابستا رهيو هو. سندن ڪنهن منصوبي کي
مڪمل ڪرڻ واري عرصي دوران مان ساڻس گڏ هوندو هوس.
ان وقت هو جنسي عمل جي ذريعي ترڪيبي مرڪباتي
امتزاج جي تحقيق
(Chemistry of Sexual Process)
جي موضوع تي ڪي اعتبار جوڳا نڪتا منهنجي حوالي
ڪندو هو ۽ جن مشاهدن ۽ تجربن تي سندس اعتقاد هوندو
هو ته انهن ٻين شين جي معلومات به ڏيندو هو، خاص
طور سندس چوڻ هو ته: جنسي عمل، زنده گهرڙن جي
تحليل يا تبديل ٿيڻ
(Sexual Metabolism)
جي پيداواري صلاحيت آهي، جنهن جي ذريعي خواراڪ؛
حياتين ۽ بيڪار مادي ۾ تبديل ٿيندي آهي، اهڙي عمل
۾ خوراڪ جو حياتين وارو حصو، جسم جي ضروري گهرج
پوري ڪري ٿو، باقي ٻيو مواد ڦوڳ ۽ بيڪار پاڻيٺ جي
صورت ۾ خارج ٿئي ٿو ۽ اهو ئي، طبع يا عضوياتي
بنيادن سان ملندڙ نائٽرجن ۽ هائيڊروجن جو مرڪب
(Trimethylamin)
آهي. اهڙيءَ ريت ان جي لازمي ۽ حقيقي حصي مون کي
جنسي صلاحيتن کي سمجهڻ ڏانهن راغب ڪري ورتو. اهو
ئي سبب هو جو مون ”تنتي بکيڙي“
(Nervous Disorders)
جي بنيادي عنصرن کي تمام وڏي اهميت ڏني، ۽ اهو
منهنجو مقصد هو ته مان ان جي بچاءَ لاءِ ڪي اپاءَ
ضرور دريافت ڪريان. منهنجي مريضا ”ارما“ هڪ نوجوان
بيوهه هئي، جيڪڏهن مان سندس علاج جي سلسلي ۾ ناڪام
ٿيڻ لاءِ ڪو عذر پيش ڪرڻ چاهيان ها ته به سندس
بيوهه هجڻ واري حقيقت سبب مان کيس ڪهڙي طريقي سان
درخواست ڪريان ها، جيڪا سندس دوست منجهس خوشيءَ
واري تبديلي ڏسي سگهن ها. ۽ مون دل ۾ سوچيو ته اهو
ڪيڏو نه عجيب هو، جو ان قسم جي ”خواب“ ٻنهي ڳالهين
کي گڏ ڪري ورتو، ڇاڪاڻ ته خواب واري ”ارما“ جيان،
جيڪا ٻي مريضا هئي، اها به بيوهه هئي.
مان نتيجو ڪڍڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو ته آخر طبع يا
عضوياتي بنيادن سان ملندڙ نائٽرجن ۽ هائيڊروجن جي
مرڪب جي ترڪيب ئي ڇو خواب ۾ ايتري واضع هئي.
ڪيترائي اهم موضوع، ان هڪڙي لفظ تي اچي ڇوڙ ڪن ٿا.
طبع يا عضوياتي بنيادن سان ملندڙ نائٽرجن ۽
هائيڊروجن جو مرڪب هڪ تصور آهي، جنس ڪو بيحد
طاقتور عنصر نه آهي، پر جڏهن به مان پنهنجي راءِ ۾
ويڳاڻپ محسوس ڪندو آهيان ته ان شخص کي به جنهن جي
هم آهنگيءَ کي مان نهايت اطمينان سان ياد ڪندو
آهيان، يقينن، جنهن دوست منهنجي زندگيءَ ۾ تمام
وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي، اهو ٻيهر منهنجي خيالن جي
سفر ۾ ڪنهن به صورت ۾ ۽ ڪنهن به وقت ياد اچي سگهي
ٿو. جي ها! ڇاڪاڻ ته هو نڪ ۽ ساڻس وابستا خال ۽
سوراخن جي مرضن ۽ انهن جي نتيجن بابت خاص علمي ڄاڻ
رکندو آهي، هن نڪ جي هڏين ۽ زنانن جنسي عضون جي وچ
۾ ڳانڍاپي متعلق، تجربي، مشاهدي ۽ مطالعي مان حاصل
ڪيل ڄاڻ تي وڏو اثر ڇڏيو آهي، (ارما جي نڙيءَ ۾ ٽي
وروڪڙ ميرانجهڙا ڇوڏا). مون کي ارما جي چڪاس ڪرڻي
هئي ته کيس معدي ۽ آنڊن جي سوڄ وارن سورن
(Gastric Pains)
جو اصل ڪارڻ نڪ جي ڪري ته نه آهي! پر هوءَ نڪ جي
سوڄ يا سوزش سبب پونءِ جي وهڻ/ ڪرڻ جي تڪليف ۾
مبتلا هئي، جنهن مون کي ڳڻتيءَ ۾ وجهي ڇڏيو هو، ۽
ان ۾ شڪ نه آهي ته رت ۾ جيوڙن جي گهڙي اچڻ جو رڳو
خيال هو، جيڪو خواب ۾ مرض جي تبديليءَ جي صورت ۾
ائين ئي منهنجي دماغ ۾ اچي ويو هو.
”ان قسم جون سيون
(Injections)
بي خياليءَ يا لاپرواهيءَ سان تيار ڪيل نه هيون.“
هتي ان لاپرواهيءَ جو الزام، سڌو سنئون منهنجي
دوست ”اوٽو“ جي خلاف پئي ثابت ٿيو. مان ان جي باري
۾ ڪجهه ياد ڪندي سوچ ۾ پئجي ويس ته ان ڏينهن شام
جو سندس ڪهڙا لفظ هئا، جن جي اظهار منجهان، مخالفت
جو گمان ظاهر ٿي سگهيو ٿي. اهو گمان ڪجهه هن ريت
به ٿي سگهيو پئي ته: ڪهڙي آسانيءَ سان سندس خيال
اثرانداز ٿيا هئا! هو ڪهڙيءَ ريت ان بي ڌيانيءَ جي
نتيجن تي پهتو هو! ان کانسواءِ، خواب واري ان جملي
تي مون کي هڪ ٻئي گذاري ويل دوست جي ياد اچي وئي،
جيڪو نهايت اُٻهرائيءَ وچان، ناريل جي ست مان
ٺهيل، بيهوش ڪندڙ دوا جون سيون لڳائيندو هو، جڏهن
ته مون کيس ائين ڪرڻ کان جهليو هو. مان ڪڏهن به
سئي ذريعي ان دوا کي استعمال ڪرڻ متعلق سوچيو به
نه هو. مون اهو به ڏٺو ته ”اوٽو“ جي، ڪيميائي جوهر
کي لاپرواهيءَ وچان استعمال ڪرڻ تي مون کي بدنصيب
”ميٿلڊي“ جي ڏکوئيندڙ ڪهاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر، ياد
ڏياري ڇڏي، جنهن وٽ به منهنجي خلاف ساڳئي الزام جو
بنياد هو. هتي مان چٽي ريت پنهنجي اصول پسنديءَ جي
واقعن کي ياد ڪرڻ لڳس، پر اهي به نهايت محدود هئا.
”۽ گهڻو ڪري اها سرنج صاف نه هئي.“ اهو ٻيو الزام
به ”اوٽو“ جي خلاف هو، پر اهو ڪنهن ٻئي ذريعي سان
آيو هو. هڪ ڏينهن اڳ، منهنجو ٻياسي سالن جي پوڙهي
عورت جي ان پٽ سان ملڻ ٿيو هو، جنهن کي مان ڏينهن
۾ ٻه ڀيرا نشي جي سئي هڻندو هوس.
اتفاق سان هوءَ شهر ۾ هئي ۽ چوڻ لڳي ته هوءَ ڪنهن
رڳ جي اندرين تهه ۾ سوزش
(Phlebitis)
ٿي پئي آهي. مون کي اچانڪ خيال آيو ته يقيناً اها
ڪنهن اڻ ڌوتل ۽ گندي سرنج جي ڪري ٿي هوندي. مان ان
حقيقت سبب فخر ڪريان ٿو ته ٻن سالن ۾ ڪا به اڻ
ڌوتل سرنج استعمال ڪا نه ڪئي هئي: سرنج جي صاف
هجڻ جي پڪ ڪرڻ لاءِ مان اها تڪليف ضرور ۽ سدائين
ڪندو هوس، مختصر ته مان اصول پسند رهيو آهيان. رڳ
جي اندرين تهه ۾ سوزش واري ياد مون کي هڪ ڀيرو
ٻيهر زال ڏانهن گهلي وئي، جيڪا هڪڙي ڀيري ڳورهارپ
دوران ڪنهن شريان ۾ رت جي ڄمي وڃڻ،
(Thrombosis)
جي تڪليف ۾ مبتلا ٿي وئي هئي؛ سو هاڻي منهنجي زال،
”ارما“ ۽ منهنجي فوت ٿي ويل ڌيءَ ”ميٿلڊي جي سلسلي
۾ ٽي ساڳيون صورتون منهنجي يادن ۾ شامل ٿي ويون.
انهن حالتن جي چٽائي، مون کي ان ڳالهه جي اهل
بڻايو جو اهي ٽئي صورتون پاڻ ۾ رلمل ٿي، نعم البدل
بڻجي خواب ۾ ان ريت نظر آيون.
هاڻي مون ان خواب جي تجزيي کي مڪمل ڪيو آهي.
سمورن خيالن کي ڪاميابيءَ سان پيش ڪرڻ سبب جيڪڏهن
ڪا تڪليف ٿي آهي، ته اها خواب جي مواد ۽ انهن جي
پويان لڪل خيالن جي وچ ۾ اها مشابهت آهي جيڪو خود
خفو ڏياريندڙ عمل آهي، ۽ ساڳئي وقت خواب جي
”معنيٰ“ ڪرڻ وارو معاملي، مون ۾ برداشت جو مادو
پيدا ڪيو آهي، مان پنهنجي ان ارادي کان به ڀلي ڀت
واقف آهيان، جيڪو خوابن جي ذريعي اثر انداز ٿيندو
۽ خوابن جي باري اها ئي منهنجي نيت آهي. خواب ڪن
خواهشن جو پورائو به ڪندو آهي، جيڪي گذريل شام
واري واقعي کانپوءِ مون ۾ به پيدا ٿيڻ شروع ٿيون
آهن، (اوٽو طرفان ڏنل خبر ۽ منهنجو ”معاملي جي
واقعاتي حقيقت“ کي لکڻ) خواب جو نتيجو اهو ٿو
ٻڌائي ته: ”ارما“ جي شديد تڪليف جو ذميدار مان نه
هوس، پر اهو ”اوٽو“ هو، حقيقت ۾ ”اوٽو“ مون کي
”ارما“ جي باقائدي علاج بابت جملو چئي، چيڙائي
ڇڏيو هو ۽ خواب! سندس بيعزتي ڪندي مون کي ان کان
انتقام وٺي ڏنو هو. خواب مون کي ”ارما“ جي تڪليف
جي الزام يا ذميواريءَ کان آجو ڪيو هو، اهو ڏيکاري
ته اهي ڪي ٻيا سبب هئا، جن ان قسم جي سموري سلسلي
کي پيش ڪيو هو. خواب انهن خاص لاڳاپن جي صورتحال
جي نمائندگي ڪري رهيو هو، جن جي مان خواهش ڪري
رهيو هوس. اهڙيءَ ريت هن خواب جو سٽاءُ، انهيءَ
خواهش جو ئي پورائو ڪري رهيو هو ۽ ان جي نيت رڳو
”خواهش“ هئي.
اهڙيءَ ريت اهو اکين جو گهڻي شوق ۽ بيچينيءَ سان
قبول ڪرڻ وارو معاملو آهي، پر خواب جي گهڻي تفصيل،
خواهش جي پورائي جي حوالي سان، اڃان به مون لاءِ
چٽي ۽ ظاهر ظهور آهي، مان نه رڳو ”اوٽو“ کان،
منهنجي خلاف ڳالهائڻ ۽ طبي علاج ۾ اٻهرائي (سئي
لڳائڻ) سبب، پنهنجي سر انتقام پئي ورتو؛ پر مان
پاڻ به هن کان سندس بدبودار شراب ڏيڻ تي انتقام
پئي ورتو، جنهن ۾ سڙيل تيل جي بوءِ هئي. ۽ خواب ۾
مون ٻن قسمن جي بيعزتين کي يڪجا ٿيل، هڪڙي تاثر ۾
ڏٺو: جيڪو پيٽروليم ۾ موجود گئس (هائيڊرو ڪاربان
جيڪا گهريلو ٻارڻ واري
(Propyl
واري سئيءَ جي تيار ڪرڻ جو هو. ان مون کي مطمئن
نه ڪيو ۽ مان هن سان سندس اعتبار جوڳي مقابلي باز
جي ڀيٽ ۾ انتقامي ڪاروائيءَ ۾ ٿورو وڌيڪ ئي ڪڍ
پئجي ويس. مان اهو چوندي نظر پئي آيس: مان ”هن“ کي
توکان وڌيڪ ٿو چاهيان.“ پر رڳو ”اوٽو“ ئي اهو شخص
نه هو جيڪو منهنجي ڪاوڙ کان ڊنل هو. مان اهو
انتقام، مون پنهنجي نافرمان مريضا جي بدلي ۾ سياڻي
۽ گهٽ مٿي ڦريل واري مٽ سٽ ذريعي به پئي ورتو. نه
ئي مان ڊاڪٽر ايم کي سندس تضادن جي نتيجن جي اجازت
پئي ڏني، پر اظهار نهايت واضع صورت ۾ پئي ڪيو ته
هو ان موضوع تي بلڪل ڪورو ڄٽ آهي، (خوني پيچش
اوچتو ظاهر ٿي آهي.) سچ پچ ته مان ڪنهن وڏي ڄاڻ
حاصل ڪرڻ لاءِ، هن جي پاران ڪنهن ٻئي کي درخواست
ڪندي پئي نظر آيم (ان دوست کي، جنهن مون کي چند
وصفن ۾ طبع يا عضوياتي بنيادن سان ملندڙ نائٽرجن ۽
هائيڊروجن جو مرڪب
(Trimethylamin)
ٻڌايو هو.) ائين جيئن مان ”ارما“ کان سندس
ساهيڙيءَ طرف ۽ ”اوٽو“ کان ”ليوپولڊ“ جي پاسي رخ
ڦيرايو. ”انهن ماڻهن کي مون کان پري ڪريو، ۽ ان جي
بجاءِ مون کي ٽي ٻيون چونڊون ڪرڻ ڏيو، ان کانپوءِ
ئي مان انهن اجاين دڙڪن دهمانن ۽ بيعزتين کان آزاد
ٿيندس!“ بي بنياد قسم جا دڙڪا، نهايت سهڻي ۽
تفصيلي سٽاءَ ذريعي، مون لاءِ خواب ۾ ثابت ٿي چڪا
هئا، مان ”ارما“ جي تڪليفن جو الزام پاڻ تي ڌرڻ نه
پئي چاهيو، جڏهن ته هوءَ علاج کان انڪار جي صورت ۾
پاڻ ئي پنهنجي سورن تڪليفن جي ذميوار هئي. ظاهر هو
ته ”ارما“ جي تڪليف سان منهنجو تيستائين واسطو به
نه هو، جيستائين اهي ”عضوياتي انداز جا يا نفسياتي
طور علاج“ ڪرڻ جهڙا نه هئا. ”ارما“ جي سورن متعلق،
سندس بيوه هجڻ (طبع يا عضوياتي بنيادن سان ملندڙ
نائٽرجن ۽ هائيڊروجن جي مرڪب) ئي اطمينان ڏيندڙ
ڪارڻ هو، جنهن کي گهٽائڻ يا ان ۾ ڦير گهير ڪرڻ سان
منهنجو ڪو به واسطو نه هو. ”ارما“ جي سورن جو سبب
”اوٽو“ جي لاپرواهيءَ وچان هڪ اڻ سهائيندڙ دوا
واري لڳايل سئي هئي، جيڪا مان ڪڏهن به نه ٿي ڪري
سگهيس. ”ارما“ جون تڪليفون، رڳ جي اندرين تهه ۾
سوزش واري منهنجي پراڻي مريضا جيان، سرنج جي خراب
هئڻ جي ڪري به هيون، جڏهن ته مان ڪڏهن به سئيءَ جي
ڪري ڪنهن کي نقصان نه رسايو هو. مون هميشه ان
ڳالهه تي ڌيان پئي ڏنو آهي، اهو بلڪل سچ هو ته
”ارما“،مون کي ڏوهه کان آجو ڪرڻ لاءِ راضي هئي،
سندس سورن جون وضاحتون هڪ ٻئي سان بلڪل به ٺهڪندڙ
نه هيون، ۽ سچ پچ ته اهي امتيازي طور تي ڀاڱي
ڀائيوار هيون. خواب لاءِ، پنهنجي بچاءَ ۾ اهو ئي
مڪمل دليل هو، ٻيو ڪجهه به نه هو. سواءِ ان شخص جي
بچاءَ لاءِ مضبوط يادگيري ڏيارڻ جي، جنهن تي هڪ
پاڙيسريءَ جو الزام عائد ٿيو هو، جنهن چانهن لاءِ
اڌاري ورتل ڪيتليءَ کي ڀڳل صورت ۾ واپس ڪيو هو.
جوابدار اڳ ۾ ئي پنهنجي بچاءَ ۾ چيو هو ته هن کيس
ثابت ڪيتلي موٽائي ڏني هئي. ٻيو ته ڪيتليءَ ۾ ان
وقت ئي ٽنگ ٿيل هو جڏهن هن کانئس اڌاري گهري هئي.
۽ ٽيون ته هن پنهنجي پاڙيسريءَ کان ڪڏهن ڪيتلي
اڌاري ورتي ئي ڪانه هئي. ۽ چڱائي به ان ۾ ئي هئي.
جيڪڏهن ڪو به شخص پنهنجي بچاءَ ۾. انهن ٽن سٽن مان
ڪنهن به هڪ کي جائز سمجهي قبول ڪري ته ماڻهو الزام
کان آجو ٿي ويندو.
ڪجهه ٻين موضوعن به خوابن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو
هو، جن جو تعلق شايد ”ارما“ جي بيماريءَ جي حوالي
سان مون کي بي ڏوهي ثابت ڪرڻ سان نه به هجي: پر
منهنجي ڌيءَ ۽ ان ساڳئي نالي واري مريضا، بيهوش
ڪندڙ دوا جي استعمال سان ٿيندڙ نقصان، مصر ڏانهن
سفر ڪري ويندڙ مريض جي بيماري، منهنجو منهنجي زال
جي بيماريءَ سان واسطو، منهنجي ڀاءُ ۽ ڊاڪٽر ايم
بابت، منهنجي پنهنجي جسماني ناچاقي ۽ بي آرامي،
پنهنجي غير حاضر دوست بابت منهنجي پريشاني، جيڪو
نڪ واري تهه جي ورم
(Rhinitis)
سبب پونءِ جي گڏ ٿي وڃڻ وارين انهن سمورين ڳالهين
تي غور ڪيو ته اهي سڀئي خيالن ۽ نشانن جي هڪ ئي
مجموعي ۾ يڪجا ٿي ويا. اهي جيئن هئا، ”انهن جو
تعلق مون سان ۽ ٻين ماڻهن جي صحت سان هو، جنهن کي
پيشيوراڻي اصول پسندي چئجي ٿو “
جڏهن ”اوٽو“ مون کي ”ارما“ جي بيماريءَ واري حالت
جي خبر ڏني هئي ته مون پنهنجي ذهن ۾ اڻ چٽي
ناخوشگوار تاثر کي آندو هو. خيالن جو اهو مجموعو،
جيڪو منهنجي خواب ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو هو،
اهو مون کي ان ڳالهه جي اهل بڻائي رهيو هو ته مان
عارضي طور پيدا ٿيل گذريل واقعن تي نظر وجهندي
انهن کي لفظن جو روپ ڏيان. اهو ان ريت هو ڄڻ چوندو
هجي: ”تون پنهنجون طبي ذميداريون صحيح نموني ادا
نه پيو ڪرين، تون اصول پسند بلڪل به نه آهين، تون
اهو ڪجهه نه ٿو ڪرين جنهن جو تو ذمو کنيو آهي.“ ان
جي نتيجي طور خيالن جو اهو مجموعو، سڀڪجهه منهنجي
مرضيءَ تي ڇڏيندي نظر ٿي آيو، ته جيئن مان ثابت
ڪري سگهان ته مان ڪيتري قدر وڏو اصول پسند هوس، ۽
پنهنجي مائٽن، دوستن ۽ پنهنجي مريضن جي صحت جي
باري ۾.... ڪيتري ويجهڙائپ سان وابستا هوس. اها
ڌيان جوڳي حقيقت هئي ته اهو مواد، ڪجهه ناخوشگوار
يادن سان به ڳنڍيل هو، جيڪو منهنجي حمايت بجاءِ
منهنجي دوست ”اوٽو“ جي الزام تراشيءَ جي پٺڀرائي
ڪندڙ هو. اهو مواد ائين هو ته جيئن ڪو ”منصف مزاج“
چئي سگهي. پر ان جي باوجود انهن وسيع خيالن جي
مجموعي جي وچ ۾ هڪ واضح ڳانڍاپو هو، جيڪي خواب ۾
موجود پر هڪدم نظر نه ايندڙ هئا ۽ خواب جي محدود
ترين موضوع، ”ارما“ متعلق، ”معصوميت يا بيگناهيءَ
جي خواهش“ کي اڀاريو. مان نه ٿو سمجهان ته مان
خواب جي معنيٰ کي مڪمل طور تي ظاهر ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر
ڇڏي آهي، يا ان جي تجزيي ۾ ڪو خال ڇڏيو آهي، مون
ان تي تمام گهڻو وقت صرف ڪيو آهي، انهن مان وڌيڪ
معلومات ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ انهن مان تازن پيدا
ٿيندڙ مسئلن تي به بحث ڪيو آهي. مان پنهنجي سر به
منجهائن، انهن نڪتن کي ڄاڻان ٿو، جن جي ذريعي ٻين
خيالن جي مجموعن تائين به رسي سگهجي ٿو، پر غور
ڪرڻ جون اهي ڳالهيون جيڪي هر قسم جي خواب جي
معاملي پيدا ٿين ٿيون، اهي ئي منهنجي تجزيي بابت
جاکوڙڻ لاءِ پاڻ تي پابنديءَ جي عملي حد مقرر ڪرڻ
۾ مدد ڪن ٿيون. جيڪڏهن ڪو به شخص، تڪڙ ڪري منهنجي
ان ريت ماٺيڻي انداز سان ڪيل ڪم جي آزمائش ڪندي
نندڻ جي ضرورت محسوس ڪري ته مان ان کي صلاح ڏيندس
ته مون وانگر بنا معاوضي کنيل ذميداريءَ کان هڪ وک
اڳتي ڪو تجربو ڪري ڏسي. في الحال مان هن تازي علمي
ڄاڻ جي ڪاميابيءَ تي مطمئن آهيان. جيڪڏهن اسان
خوابن جي تجزيي لاءِ اهو اصول اختيار ڪنداسين،
جنهن جي مون هتي نشاندهي ڪئي آهي ته اسان ڏسنداسين
ته خوابن کي واقعي ڪا معنيٰ هوندي آهي، ۽ جيئن
بااختيار ماڻهن جي دعويٰ آهي ته: اهي ذهن جي ان
ريت ٽڪرن ٽڪرن ۾ ڪيل سرگرميءَ جي اظهار کان دور
هوندا آهن. جڏهن خوابن جي تجزيي جو ڪم پڄاڻيءَ تي
پهتو ته اسان ڏٺو ته خواب، خواهشن جو پوائو ڪندڙ
هوندو آهي.
|