هاڻي اچو ته هن خواب کي پهرين نيپولين سان ڀيٽ
ڪريون، جيڪو اتفاق سان پرسڪون ننڊ ڪرڻ جو عادي هو،
۽ سندس ننڊاکڙي شاگرد، جنهن کي سندس گهر جي
مالڪياڻيءَ جاڳائي ڏانهنس موڪليو هو ته کيس ٻڌائي
ته اسپتال وڃڻ جو وقت ٿي ويو آهي، ۽ هن خواب ۾ پاڻ
کي اسپتال جي ئي بستري تي ستل پئي ڏٺو، ۽ شاگرد کي
عذر ٿي ڏنائين ته هو اڳي ئي اسپتال جي بستري تي
ستل آهي، ان ڪري کيس اسپتال هلڻ جي ڪا ضرورت نه
آهي. (اهڙي وضاحت باب ٽئين: ”خواب خواهشن جو
پورائو ڪندڙ هوندا آهن“ ۾ آندل آهي). هي تن آساني
يا سنجهائيءَ کي چٽيءَ طرح ظاهر ڪندڙ خواب آهي،
خواب ڏسندڙ ڪنهن به لڪ ڪرڻ يا بهاني بنائڻ جي
بجاءِ پنهنجي ارادي جو اقرار ڪري رهيو آهي، پر
ساڳئي وقت ڏٺو وڃي ته هو خواب جي راز کان پاڻ
بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
سمورا خواب سهوليت جي خيال کان ايندا آهن، جيڪي
ننڊ ڦٽائڻ جي ڀيٽ ۾ ننڊ جي پُرسڪون مقصد کي ڊگهو
ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. خواب ننڊ جي سنڀال ڪندا
آهن، ۽ ننڊ ۾ رخنو نه وجهندا آهن. خوابن جي ان
نڪتي متعلق اسان ڪنهن ٻيءَ جاءِ تي ان جو جواز پيش
ڪنداسين، خاص طور جاڳي پوڻ جي سببن ۽ ذهني صلاحيت
جي قسمن متعلق جنهن کي اسان اڳتي باب ستين: خوابن
جي عمل جو نفسياتي پهلو: جي حصي ٽئين: ”خواهشن جو
پورائو“ ۾ پيش ڪيو آهي.
پر اسان اڳي ئي اها ڳالهه ظاهر ڪرڻ جي قابل ٿي ويا
آهيون ته ٻاهريون تحرڪ پيدا ڪندڙ صورتحال ئي ننڊ
ڦٽائڻ جو سبب بڻجندي آهي. گهڻو ڪري ننڊ دوران ذهن
انهن واقعن جي احساس کي اڀارڻ ڏانهن ٿورو به ڌيان
نه ڏيندو آهي. ان جي باوجود به جيڪڏهن ٻاهرين تحرڪ
جي اهميت يا شدت، جيڪا سندس مٿي جو سور بڻجي وڃي
ته ان کي محسوس ڪرڻ جي قابل ٿي وڃي. يا ان تحرڪ کي
خواب جي لاءِ لنوائي ڇڏڻ ضروري هجي، ته ذهن انهيءَ
پيدا ٿيل شديد صورتحال جي عنصرن جي تشريح ڪندو
آهي، جيڪي ننڊ جي خواهش سان موافقت رکندڙ هوندا
آهن. اهڙي ريت تازو پيدا ٿيل متحرڪ احساسن جا
ڌاڳا، خواب ۾ حقيقت جي لباس جو سيبو ڪندا آهن.
نيپولين به ان ارادي سان ستو هو، ته ڏسان ته
بندوقن ۽ توپن جي ڪن ڦاڙيندڙ آوازن کانسواءِ ڪهڙي
ڳالهه ٿي سندس ننڊ ۾ رخنو وجهي.
ساڳيءَ ريت جيڪڏهن ننڊ ڪرڻ جي خواهش هجي، جنهن تي
شعوري آپي
(Ego)
جو ڌيان هجي ۽ جيڪو خواب جي ڇنڊڇاڻ ۽ ٻيو ڀيرو
ورجائي ڏسڻ سان سلهاڙيل هجي، ان کي مان اڳتي باب
ڇهين: ”خوابن جو عمل“ جي حصي: ٻارهين ”ثانوي
نظرثاني“ ۾ شامل ڪندس، ته شعوري آپو خوابي سٽاءِ ۾
ڪهڙي نمائندگي ڪري ٿو، جيڪو خوابي سٽاءِ جي جڙڻ
واري هر معاملي تي، ان جي هڪ عملي عنصر جيان
انحصار ڪري ٿو ته هر ڪامياب خواب ان خواهش جو
پورائو هوندو آهي.
مٿين پيرا پهرين ۽ ٻي ڇاپي (1900 ۽ 1909) ۾ شامل
نه آهي ۽ هي سٽون: ”ته شعوري آپو ان تي ڌيان ڏيندو
آهي، ۽ جيڪو خواب جي ڇنڊڇاڻ واري عمل سان سلهاڙيل
هوندو آهي، ۽ ان شعوري آپي جي نمائندگي خوابي
سٽاءَ جو حصو هوندي آهي،“ 1911ع ۾ شامل ڪيون ويون
آهن، البت ”ثانوني نظرثاني“ متعلق اڳتي لکندس،
جنهن کي مون 1914ع ۾ شامل ڪيو هو. جنهن کي باب
ستين: ”خوابن جي عمل جو نفسياتي پهلو“ جي حصي
ٽئين: ”خواهشن جو پورائو“ ۾ بحث هيٺ آندو آهي.
زنده هجڻ جا جيڪي لاڳاپا، هن ڪائنات سان ڳنڍيل
آهن، اهي مختلف اندازن سان پيش ايندا آهن، ۽ ننڊ
جي نه تبديل ٿيندڙ يا شديد خواهشن يا ڪي ٻيو
خواهشون، جيڪي ڪڏهن هڪ ته ڪڏهن گهڻيون ٿي وينديون
آهن سي سڀئي خوابي سٽاءَ ۾ ڀرجي وينديون آهن،
ساڳئي وقت اها وضاحت اسان کي ننڊ جي خواهش ۾ نتيجو
اخذ ڪندڙ حالت ”اسٽرومپيل“ ۽ وونٽ“ واري نظريي جي
خال کي ڀرڻ جي قابل نظر اچي ٿي، جنهن مان خودسر ۽
پورالن روين، جي خارجي رغبت جي وضاحت ٿئي ٿي. درست
تشريح، جنهن کي ننڊ پيل دماغ نهايت خالص طريقي سان
ڪرڻ جي قابل هجي، اها ڪنهن متحرڪ دلچسپيءَ ۾ ملوث
هجي ۽ ان کي اها ضرورت پيش هجي ته ننڊ کي آخر
تائين ڇڪي وڃجي ته اهڙيءَ صورت ۾ انهن سمورين ممڪن
تشريحن منجهان رڳو انهن کي قبول ڪيو ويندو آهي
جيڪي ننڊ جي خواهش جي ڪارڪردگي جي ذريعي محض
ڇنڊڇاڻ سان مناسبت رکنديون آهن. شيڪسپيئر چواڻيءَ
(روميو ۽ جيوليٽ: ايڪٽ ٽيون، منظر پنجون): ”اها ڪا
بلبل آهي ۽ ڪو چنڊول ناهي“.
جيڪڏهن ننڊ جي خواهش ڪنهن چنڊول پکيءَ جهڙي هئي ته
ان جو مطلب ٿيو ته محبت ونڊيندڙن جي رات جو وقت
پورو ٿيو آهي. تحرڪ يا اڀار پيدا ڪندڙ تشريحن جي
دوران اهي طريقا اصولي طور قبول ڪرڻ جي قابل هوندا
آهن، جن مان هڪ اهڙي خيال جي چونڊ ٿيندي آهي، ۽
انهيءَ خواهش ڪيل من اڇل سان بهترين قسم جو واسطو
رکندي آهي، جيڪا ذهن جي ڪنڊ ۾ لڪل هوندي آهي.
اهڙيءَ ريت هر شيءِ ٻن کان وڌيڪ معنائون رکندڙ يا
مبهم نه هوندي آهي ۽ پويان ڪنهن به قسم جي ريچڪ يا
ٽياڪڙ جي ٻڌايل فيصلي تي انحصار نه ڪندي آهي.
ساڳيءَ ريت اها ڪا غلط تشريح يا ڪو غير حقيقي يا
گمراهه ڪندڙ تصور نه هوندو آهي پر ڪو ماڻهو ائين
چئي سگهي ٿو ته اهو مڙئي حيلو بهانو ڏيڻو آهي. پر
پوءِ به بهرحال اهو چئي سگهجي ٿو ته خاص طور خوابي
ڇنڊڇاڻ جي حق ۾ ذري گهٽ نوڙت ۽ لحاظ وارو رويو
هوندو آهي، ها البت حقيقت جو ماڳهين گم ٿي وڃڻ جي
ڪري ڦيرگهير يا هڪ مان ٻئي ۾ تبديليءَ جو عمل
اثرانداز ضرور ٿيندو آهي، ۽ اسان کي مڃڻو پوندو ته
اسان هڪ اهڙي عمل سان مهاڏو اٽڪايو آهي، جيڪو عام
نفسياتي عمل کان ٿورو پاسيرو آهي.
جڏهن تنتي سرشتي جي ٻاهرين جوش ۽ اندريون طبعي
جوش، پاڻ ۾ تمام سخت جذباتي شدت سان نفسياتي ڌيان
ڇڪائيندو هجي، ته پوءِ نتيجي جو اهتمام به سندن
جاڳ واري حالت بجاءِ خوابن ۾ ئي ٿيندو آهي. اهي
خوابن جي سٽاءِ ۾ هڪ مقرر ڪيل نڪتي جيان پنهنجو ڪم
سرانجام ڏيندا آهن، اهي پنهنجي مواد ۾ ان عصبي
مرڪز وانگر هوندا آهن، جيئن گردي جي چوڌاري بدن جا
ٻيا حصا به ڳنڍيل هوندا آهن، اهڙي صورت ۾ خواهشن
جو پورائي وارو عمل انهن سان لهه وچڙ ۾ ايندو آهي،
جيڪي بدن جي مرڪزي حصي سان ڳنڍيل هوندا آهن، جيئن
اسان باب پنجين: ”خوابن جي مواد ۽ ماخذ“ جي حصي
ٽئين: ”خوابن ۾ جسماني جيوگهرڙن جو بنياد“ ۾ چئي
آيا آهيون. ثانوي يا وچ وارا خيال، خواب جي ٻن
نفيساتي تحرڪن/ رغبتن جي وچ ۾ واجهائيندا آهن. ان
گنجائش جي ڪري اها حقيقت آهي ته گهڻن خوابن ۾ خواب
جو متن جسماني جيوگهرڙن جي عنصرن جي هدايتن ۽ حڪمن
ذريعي جوڙيل هوندو آهي. ان آخري مثال جي حوالي سان
ائين به ٿي سگهي ٿو ته اها خواهش ڪنهن تازي تحرڪ
سبب پيدا نه ٿي هجي، ۽ جنهن کي رڳو خواب جي جڙڻ
لاءِ چونڊيو ويو هجي.
بهرحال خواب جو ڪو بدل نه آهي، پر خواهش کي پوري
ٿيڻ جي صورتحال ۾ پيش ڪرڻ، ائين آهي جيئن خواهش جي
پورائي لاءِ ڪنهن اهڙي مسئلي سان منهن ڏيڻ جو عمل
هجي، جيئن ڪنهن ويجهي متحرڪ احساس جي پورائي جي
نمائندگي ٿي سگهي. جيڪڏهن اهو ثانوي مواد ڏکوئيندڙ
يا ايذاءِ رسائيندڙ قسم جو هوندو آهي ته ضروري نه
آهي ته اهو خواب جي جڙڻ ۾ به استعمال ٿئي! ذهن ۾
پيدا ٿيندڙ خواهشون نيڪال جو رستو ڳولهينديون
رهنديون آهن، ۽ جن جي پوري ڪرڻ لاءِ ماڻهو سدائين
بي سڪون ۽ ڳڻتين ۾ هوندو آهي، ۽ اها ئي ڳالهه
بنيادي طور ماڻهوءِ جي طبيعت کي جهول ۾ وجهي
ڇڏيندي آهي، پر تڏهن اسان نفسياتي اختيار ۽ وسيلن
۽ ڇنڊڇاڻ جي موجودگيءَ سبب نهايت سياڻپ ۽ تحمل سان
قدم کڻندا آهيون.
جيئن اسان ڏٺو ته اسان جي مغز ۾ مايوسيءَ وچان
”دٻائي ڇڏيل“ خواهشون گهڻيون گڏ ٿي وينديون آهن،
جيڪي پهرين اختياري وسيلن
سان وابستا
هونديون آهن، ۽ انهن جي پورائي لاءِ وري ٻيا
انتظامي وسيلا مخالفت يا مزاحمت ڪندا آهن. ان قسم
جي ڪجهه خواهشن جي نتيجي متعلق مان ڪو تاريخي بيان
نه ٿو ڏيان ته اهي هڪ ڀيرو پيدا ٿينديون آهن ۽
پوءِ اهي وري ختم ٿي وينديون آهن. ”خواهشن کي
دٻائي ڇڏڻ جي نظريي“ متعلق اعصابي نفسيات جو
مطالعو ڪرڻ ضروري آهي، ته جيئن يقين سان چئي سگهجي
ته اهي ”دٻايل خواهشون“ سدائين موجود رهنديون آهن،
ساڳئي وقت ڪنهن لاڙي، جذبي يا سوچ کي روڪيندڙ ذهني
عمل به جاري هوندو آهي جيڪو انهن جي شدت کي هلڪو
به ڪندو آهي. ٻوليءَ جو استعمال به انهن دٻايل
خواهشن جي ڳالهائڻ ۾ پنهنجا نشان ڇڏيندو آهي، ۽
اهو به انهن کي ٿورو گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي.
نفسياتي بندوبست به انهن جي حقيقت کي محسوس ڪرڻ تي
زور ڏيندو آهي ۽ اهڙن لاڙن جي نيڪال جي طريقيڪار
کي ممڪن بڻائيندو آهي. ائين ٿيندو آهي، بهرحال ان
قسم جي دٻايل خواهش، نتيجي جي پاسي منتقل ٿي ويندي
آهي ۽ اهو ٻئي طريقي ذريعي روڪيندڙ ذهني عمل ٿئي
ٿو، يعني اهو طريقو جيڪو سرت يا شعور لاءِ قبول
ڪرڻ جهڙو هوندو آهي. ۽ اهوئي ان کي شڪست ڏيندو
آهي. اها شڪست انهن اڻ وڻندڙ يا بي سڪون ڪندڙ تاثر
منجهان ڳولهي وٺندي آهي. نتيجي طور اهي اڻ وڻندڙ
تاثرن کي قبول ڪري وٺڻ جا احساس جيڪڏهن ننڊ دوران
طبعي سببن جي ڪري ظاهر ٿيا آهن ته خواب جو سٽاءُ
انهن سببن جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ خاص ڇنڊڇاڻ جي
تسلسل کي گهٽ يا وڌ صورت ۾ برقرار رکڻ لاءِ انهن
کي استعمال ڪندو آهي، اهڙيءَ صورت ۾ ڪن خواهشن جي
پورائي جو خيال عام طور تي دٻجي ويندو آهي. هن
موضوع تي اڳتي باب ستين: ”خوابن جي عمل جو نفسياتي
پهلو“ جي حصي ٽئين: ”خواهشن جو پورائو“ ۾ خاص طور
تي بحث ڪيو ويو آهي.
ان قسم جو وهنوار ”ڳڻتيءَ وارن خوابن“ جي سلسلي ۾
ڪهڙا ممڪن اُپاءَ وٺي ٿو؟ خوابن جي جوڙجڪ يا تربيت
وارو عمل، خاص طور خواهش کي پوري ڪرڻ واري نڪتي
تحت نهايت سازگار ۽ رحم ڪندڙ هوندو آهي. انهن ٻئي
گروهه وارن خوابن جي جوڙجڪ مختلف طريقي سان ظاهر
ٿيندي آهي، مثال طور ”خوابن ۾ پيدا ٿيندڙ ڳڻتي“ ٿي
سگهي ٿو اعصابي نفسياتي مونجهارن سبب پيدا ٿي هجي،
جيڪي اصل ۾ جنسي رغبت سبب وڌيل جذبن مان اڀريا
هجن، اهڙن معاملن ۾ ”ڳڻتي“ روڪيل يا دٻايل لذت
واري شديد جنسي خواهش سان لهه وچڙ ۾ ايندي آهي،
اتي اها سموري ڳڻتي، لذت سان ڀرپور خواب وانگر ئي
موجود هوندي آهي. جنهن ۾ اعصابي مونجهارن جا اهڃاڻ
نهايت اهم نظر ايندا آهن، جنهن ڪري اسان ان حد
تائين رسي ويندا آهيون جتي خواهشن کي پوري ڪرڻ
وارو مقصد پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچندو آهي، (ڏسو باب
چوٿون: ”خوابن ۾ تاثر جو بگڙجي وڃڻ“ ۽ باب ۽ باب
ستين: ”خوابن جي عمل جو نفسياتي پهلو“، حصو چوٿون:
”خوابن ذريعي احساسن جو اُڀار“، ”خوابن جو ڪم“،
”فڪر ۽ ڳڻتيءَ جا خواب“). پر فڪر ۽ ڳڻتيءَ جا
پهرين گروهه وارا ڪجهه خواب اهڙا به ٿين ٿا، جن ۾
ڳڻتيءَ جو احساس جسماني جيوَگهرڙن جي چرپر ذريعي
مقرر ٿيندو آهي، جتي مثال طور ماڻهوءَ کي ڦڦڙن جي
تڪليف جي ڪري ساهه کڻڻ ۾ تڪليف هجي يا دل جي تڪليف
هجي ته اهڙن معاملن ۾ ”ڳڻتي“ خواهش جي پورائي جي
امڪاني مدد ۾ انهن دٻجي ويل طاقتور خواهشن جي
سلسلي ۾ خوابن جي تشڪيل ڪندي آهي، انهن مان جيڪڏهن
ڪي خواب نفسياتي سببن جي ڪري جڙندا آهن ته اهي به
ڳڻتيءَ کي ساڳيءَ طرح گهٽائڻ جي اڳواڻي ڪندا آهن.
ان حوالي سان ٻنهي مختلف قسمن (پهرين ۽ ٻئي گروهه)
جي خوابن جي هڪجهڙائيءَ کي سمجهڻ ۾ ڪا مشڪل پيش نه
ايندي آهي. انهن ٻنهي گروهن جي خوابن ۾ ٻن قسمن جي
نفسياتي عنصر شامل هوندا آهن:
1. جذبن کي گرمائڻ وارو لاڙو.
2. تصور يا تمثيل واري انداز جو مواد.
اهي ٻئي پاڻ ۾ تمام گهڻا ويجها ۽ هڪ ٻئي کان واقف
هوندا آهن. جيڪڏهن انهن مان هڪڙو هلندڙ وقت دوران
متحرڪ هوندو آهي ته اهو ٻئي کي به سڏيندو آهي ۽ ان
حوالي سان تصور واري انداز ۾ سانڍيل يا دٻايل
مواد، جنسي جوش سان گڏجي، ڇوٽڪاري جو رستو
ڳولهيندو آهي. اسان ان کي پهرين گروهه وارن يعني
”طبعي طور طئي ٿيل“ خوابن جي ذمري ۾ رکي سگهون ٿا،
جيڪي جذبا گرمائيندڙ نفسي جوش جو اظهار ڪن ٿا، پر
ٻين معاملن ۾ جيتوڻيڪ اهي مڪمل طور تي نفسياتي
مناسبت رکن ٿا، جن جي دٻايل خواهشن جو متن،
”ڳڻتيءَ“ جي طبعي تشريح ذريعي آساني، سان تبديل ٿي
سگهي ٿو. اهي ان حقيقت مان پيدا ٿين ٿا، اسان هتي
ڳڻتي جي نسل در نسل مسئلن ۽ دٻايل خواهشن متعلق
انهن موضوعن کي ڇهيو آهي، پوءِ به مشڪل اها آهي ته
اهو سڀ ڪجهه اڃان به مختصر آهي.
ان ۾ ٿورو به شڪ نه آهي ته جسماني طور اها جسم جي
اندرين عضون جي چرپر واري احساسن جي تجربي مان
لنگهڻ واري گڏيل صلاحيت (Coenaesthesia)
آهي، يا اڻ چٽو عام ادراڪ آهي (ڏسو باب پهرين:
”خوابن جي مسئلن سان سائنسي ادب جو رويو/ تعلق“ جو
حصو ٽيون: ترغيب ۽ خوابن جا ماخذ/ بنياد)، جنهن ۾
ڏيکاريو ويو آهي ته جسم جو اندروني تحرڪ به خواب
جي مواد کي ڳولهي وٺندو آهي. اهو ائين ڪري سگهي
ٿو، پر ان خيال کان نه ته اهو رڳو خواب جو مواد
مهيا ڪري ڏيندو آهي، پر ان خيال کان ته جيئن اهو
انهن خوابي خيالن تي زور ڀري سگهي، ۽ خواب جي ان
مواد جي نمائندگي ڪندڙ سامان جي چونڊ ڪري، ان جو
هڪڙو حصو جيڪو سندس ڪرداري وصف سان ٺهڪندڙ هجي، ان
ٻئي حصي ڏانهن واپس موٽائي موڪلي، جنهن وٽ اهو
مواد گڏ ٿيل آهي. ان کان علاوه جسم جي اندرين
عضوياتي چرپر واري احساسن جي تجربي مان لنگهڻ واري
گڏيل صلاحيت، سندس گذاريل ڏينهن جي ڪار گذاري ۽
باقيات جي احساس کي به مٿس طاري رکندي آهي. ان ۾
شڪ نه آهي ته ڪارگذاريءَ جي نتيجي مان نڪتل
نفسياتي پاڇيءَ جو به خواب تي وڏو اثر موجود رهندو
آهي، ۽ اهو عام رويو به مخالفت جي باوجود
ثابت قدم
رهڻ ۽ تبديل نه ٿيندڙ عمل ۾ مشغول رهندو اهي، جيڪو
خوابن جي مواد لاءِ موجود هوندو آهي يا ٿي سگهي ٿو
اهو خودسريءَ وچان ائين نه ڪري، ۽ اهڙيءَ طرح
جيڪڏهن اهو اڻ وڻندڙ هوندو ته ٿي سگهي ٿو ته تبديل
ٿي ان جي اُبتڙ وڻندڙ ٿي وڃي.
بهرحال! منهنجي خيال مطابق: جيستائين ننڊ دوران
طبعي طور اُڀار پيدا ڪندڙ يعني ننڊ دوران احساس ۽
ادراڪ پيدا ڪندڙ هوندا آهن ته انهن ۾ غير معمولي
قوت هوندي آهي ته اهي احساس خوابن جي جوڙجڪ ۾ به
ساڳيو ڪردار ادا ڪندا آهن، خاص طور ويجهي واقعي
وانگر پر گذريل ڏينهن واري ڇڏيل تاثر کان مختلف.
مون کي اهو يقين آهي ته اهي احساس ان خواب جي
جوڙجڪ جي مدد ۾ ڪردار ادا ڪندا آهن، پر جيڪڏهن اهي
ان ۾ درست طريقي ۽ تمثيلي انداز سان خواب جي
نفسياتي وسيلن مان اچي ان جي متن ۾ سمائجي ويندا
آهن، نه ته ٻي صورت ۾ نه!
انهن وٽ سدائين ڪنهن غير معياري سامان، ماحول ۽
خيالن سان پيش اچڻ جو طريقو موجود هوندو آهي، جيڪو
ضرورت وقت مهيا ٿي ويندو آهي، ان جي ابتڙ اهو
ڪارائتو ۽ عمدو مواد پاڻ هرتو ڄاڻايل رستي جي
نشاندهي ڪندو آهي، جيڪو استعمال ڪرڻ جي قابل هوندو
آهي. جيڪڏهن کيس ڀيٽ ۾ ايندڙ ٻه هڪ جهڙيون شيون
کڻڻيون پونديون آهن ته ڪنهن ماهر بت تراش جي ڪنهن
بهترين ۽ مختلف رنگدار تهن واري پٿر مان ٽڪيل فن
پاري جي نقش نگارن ۽ ڪنهن حسين عقيق (سليماني پٿر)
جيان پيش ڪندو آهي، ۽ ان کي انهيءَ مان کيس فن جو
شاهڪار ٺاهڻ لاءِ چوندو آهي. پوءِ ان پٿر جي
سائيز، رنگ ۽ ان جا نقش يا نشان سندس فيصلي ڪرڻ ۾
مدد ڪندا آهن ته ان مان ڪهڙو مرڪزي نڪتو ظاهر ڪجي
۽ ان مان ڪهڙو احساس پيدا ڪجي جيڪو ان جي نمائندگي
ڪندڙ هجي. جڏهن ته هڪ جهڙائيءَ ۽ سک آرام رسائڻ
واري مواد جي معاملي جو مثال هن ريت آهي ته جيئن
اهڙي قسم جي سنگ مرمر يا ريتيلي پٿر مان ڪنهن بت
تراش جي ذهن ۾ محض ڪنهن خيال کي تخليق ڪرڻ جو
منصوبو هوندو آهي. اهو بلڪل ان ئي طريقي سان ٿيندو
آهي، ۽ ان ئي حوالي سان مان سمجهان ٿو ته اسان ان
حقيقت جي وضاحت به ڪري سگهون ٿا ته خواب جو مواد
طبعي تحرڪ جي ذريعي مهيا ٿئي ٿو ۽ هر رات ان
گهڙائيءَ ۽ ڪٽائيءَ سبب خواب ۾ ڪا غير رواجي شدت
به پنهنجي اظهار ۾ ناڪام ٿيندي آهي، ڏسو باب
پنجين: ”خوابن جو مواد ۽ ماخذ“ جي حصي ٽئين:
”خوابن ۾ جسماني جيوگهرڙن جو بنياد“.
هن سلسلي ۾ ”رئنڪ“ جي 1910ع ۽ 1912ع دوران شايع
ٿيل ڪيترن ئي مضمونن ۾ ڄاڻايل آهي ته: ”شدت سان
اڀرندڙ احساس ”اعصابي تحرڪ“ جي ڪري خوابن ۾ ظاهر
ٿيندا آهن، مثال طور ”خواب ۾ پيشاب ڪرڻ جي شديد
ضرورت محسوس ٿيندي آهي، تڏهن گهڻو ڪري ”نيڪال/ڇٽڻ
(Emission)
يا جنسي ميلاپ جي پڄاڻي (Orgasm)
جا خواب ايندا آهن، جيڪي گهڻو ڪري ننڊ جي خواهش ۽
اعصابي ضرورتن جي وچ ۾ جدوجهد جي تشريح سبب خوابن
جي مواد تي اثر انداز ٿيندا آهن.
ممڪن آهي ته مان پنهنجي انهيءَ مثال ذريعي پنهنجو
مطلب آسانيءَ سان بيان ڪيو هجي، جيڪو خواب جي
تشريح طرف همسفر ٿي هلي ٿو. هڪ ڏينهن مون ان ڳالهه
جي کوج لڳائڻ جي ڪوشش پئي ورتي ته ”ڪنهن لاڙي،
جذبي يا سوچ کي روڪيندڙ ذهني عمل سبب پيدا ٿيندڙ
احساسن“ جو مقصد ڪهڙو آهي؟ جو ان نڪتي تي چنبڙي ٿا
پون، ۽ ڪجهه ٻيو ڪرڻ جي قابل نه ٿا ڇڏين ۽ ڳڻتيءَ
جي احساسن متعلق خوابن ۾ لڳاتار هڪجهڙين خصلتن سان
ظاهر ٿين ٿا، هڪ رات مون خواب ڏٺو:
”مان اڌوگابرن ڪپڙن ۾ ماڙيءَ جي ڏاڪڻ ذريعي مٿي
چڙهي رهيو آهيان، ماڙيءَ جي بنياد ۾ هيٺ زمين تي
هڪ وڏو گهر ٺهيل آهي، مان اٽڪل ٽي ٽي ڏاڪا ڪري ٿو
مٿي چڙهان، ۽ پنهنجي چستيءَ تي دل ئي دل ۾ سرهو به
پيو ٿيان، اوچتو ڏسان ٿو هڪ ڪم واري نوڪرياڻي ڏاڪا
چڙهندي مون ڏانهن اچي رهي آهي، ته مون کي شرمندگي
محسوس ٿيڻ لڳي، ته مان تڪڙ ڪرڻ لڳس، تڏهن ان ۾ مون
کي جذبي يا سوچ کي روڪيندڙ ذهني عمل جو احساس ٿيڻ
لڳو، منهنجا پير ڏاڪي سان چنبڙي ٿا پون، ۽ ان جاءِ
تان چرڻ پرڻ جي به قابل نه ٿو رهان.“
تشريح: خواب جو واقعو روزاني پيش ايندڙ حقيقت مان
کنيل آهي. ويانا ۾ مون وٽ رهڻ لاءِ ٻه ماڙيون
هيون، جيڪي عام ماڻهن جي اچڻ وڃڻ واري ڏاڪڻ سان
ڳنڍيل هيون، منهنجي پڙهڻ ڳڙهڻ لاءِ نويڪلو ڪمرو
مٿين منزل تي هو ۽ منهنجي رهڻ ڪرڻ جا ڪمرا هڪ منزل
مٿي ٺهيل هئا، شام جو دير سان جڏهن پنهنجو ڪم پورو
ڪري وٺندو هوس ته سمهڻ واري ڪمري ڏانهن چڙهي ويندو
هوس، هڪ شام اڳ ۾ مون اهو خواب ڏٺو، حقيقت ۾ مان
اهو سفر اڌوگابرن ڪپڙن ۾ يعني قميص جي ڪالر، نيڪ
ٽاءِ ۽ ٻانهن جي ڪفن کانسواءِ وارن ڪپڙن ۾ ڪندو
هوس، جنهن کي خواب جي سٽاءَ هميشه جيان، مبهم ۽
وڌائي، ڦيرائي اڌ گهاڙو ڪري ڏيکاريو، ڏسو باب
پنجين: خوابن جو مواد ۽ ماخذ جي حصي چوٿين: مثالي
يا خاص قسم جا خواب.
مان هونئن به ٻه ٻه ٽي ٽي ڏاڪا ڪري مٿي چڙهي ويندو
آهيان، اهو جيئن جو تيئن ئي هو، جيڪو منهنجي
هيانءَ جي ٻل جو اظهار هو، ٻيو ته خواب جي ٻئي حصي
۾ ”مٿي چڙهڻ وارو اصول“ سوچ کي روڪيندڙ ذهني عمل
جي نتيجي جي برعڪس هو. ان مون کي ڏيکارڻ ٿي چاهيو
ته ”خواب ڪنهن معاملي جي پورڻتا جي نمائندگي ڪرڻ ۾
دقت محسوس نه ڪندا آهن، ائين جيئن ماڻهو پنهنجي
ترقيءَ جي خواهش جي پورڻٿا ۾ خواب دوران پاڻ کي
اڏامندي ڏسندا آهن، ۽ اهڙا خواب انهن کي ياد به
رهندا آهن.“
مٿي ويندڙ ڏاڪڻ تي، جنهن تي مان چڙهي رهيو هوس، ان
ماڙيءَ ۾ اها هڪڙي ئي ڏاڪڻ نه آهي، ۽ جيڪا
نوڪرياڻي مون کي ملي هئي، ان کي به سڃاڻي نه سگهڻ
جي حوالي سان اها جاءِ به ايتري واضح نه هئي، پر
مون کي لڳي ٿو ته اها ان عورت مريضه جي ملازم هئي،
جنهن کي مان ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا سئي هڻڻ ويندو هوس.
هاڻي سوال اهو ئي ٿو اٿي ته اها ڏاڪڻ ۽ اها عورت
جي صورت منهنجي خواب ۾ ڪيئن نظر آئي؟ اڌ اگهاڙي
هجڻ تي شرم اچڻ جي ڳالهه ته واضح آهي ته اها
ماڻهوءَ جي جنسي فطرت ٿئي ٿي، پر اها نوڪرياڻي مون
کان عمر ۾ ٿوري وڏي پئي لڳي، يعني پڪ سان منهنجي
لاءِ هن ۾ ڪا جنسي ڪشش ڪانه هئي، پر ان مسئلي جو
رڳو هڪڙو جواب آهي، جيڪو مون کي خواب ۾ نظر آيو
آهي ته صبح جو جڏهن مان ان مريضه جي گهر ڏانهن
ويندو آهيان ته خواهش ٿيندي اٿم ته پنهنجي نڙي به
صاف ڪندو وڃان، پوءِ جيئن مان ڏاڪڻ چڙهڻ لڳندو
آهيان ته نڙيءَ ۾ گڏ ٿيل پنهنجو بلغم به ڪڍي
اڇلائيندو ويندو آهيان، ڇاڪاڻ ته ڏاڪڻ تي ٿوڪدان
جو ڪوبه بندوبست ٿيل ڪونه هو، ۽ منهنجو خيال هو ته
اهو ٿوڪدان مان پنهنجي پئسن سان خريد ڪري ڇو اچان،
ان جو بندوبست ته عوام جي خرچ سان ٿيڻ گهرجي. هن
خواب ڏسڻ کان اڳ هڪ ڀيري ان نوڪرياڻيءَ مون کي گهر
۾ گهڙندي ئي تنبيهه ڪندي چيو هو ته: ”ڊاڪٽر صاحب!
اندر اچو ته مهرباني ڪري پنهنجا جوتا صاف ڪري
ايندا ڪريو، اڄ به اوهان هي قالين خراب ڪري ڇڏيو
آهي.“
منهنجي خواب اها ئي ڳالهه ياد ڏيارڻ لاءِ
نوڪرياڻيءَ کي خواب ۾ ڏيکاريو هو. اصل ۾ منهنجو
ڏاڪڻ تي تڪڙي تڪڙي چڙهڻ ۽ ڏاڪڻ تي ٿڪ اڇلائڻ جي وچ
۾ هڪ اندروني ڳانڍاپو آهي، نڙگهٽ وارو مسئلو هجي
يا دل جي عارضي جو مسئلو هجي! ٻنهي جو واسطو گهڻو
ڪري سگريٽ ٻيڙي ڇڪڻ واري ظلم سان ڳنڍيل آهي، ۽
منهنجي ان عادت جي ڪري اختياريءَ وارن وٽ منهنجي
ناماچاري ايتري نه هئي جيتري منهنجي گهر يا اوڙي
پاڙي ۾ هئي. اهڙيءَ ريت اهي ٻئي ڳالهيون گڏجي
منهنجي خواب ۾ هڪ صورت ۾ نظر آيون هيون.
مون کي في الحال خوابن جي تشريح متعلق وڌيڪ بيان
ڪرڻ کان اڳ ۾ ”اگهاڙي هجڻ“ واري خاص خواب جي وجود
۾ اچڻ بابت تشريح ڪرڻ گهرجي. هن خواب جي سلسلي ۾
مان رڳو هڪ پيشيور ڊاڪٽر واري نڪتل نتيجي يا نچوڙ
جي نشاندهي ڪندس ته ڪنهن لاڙي، جذبي يا سوچ کي
روڪيندڙ ذهني عمل جو احساس خواب ۾ تڏهن ظاهر ٿيندو
آهي، جڏهن ان کي ڪنهن مخصوص تحرير يا تقرير جي
ضرورت هجي. خواب جي متن يا مواد جي ان حصي جو سبب
هلندڙ حالتن ۾ ڪنهن مخصوص قسم جي ترميم جي قوت
منهنجي ستل جسم جي تحرڪ جي ڪري نه هو پر اهو تحرڪ
هو جيڪو مون ٿورو وقت اڳ، حقيقت کي تسليم ڪرڻ جيان
پنهنجي اکين سان ڏٺو هو. ان کي اسان وڌيڪ تفصيل
سان باب ڇهين: ”خواب جو عمل“ جي حصي ٽئين: ”خوابن
۾ نمائندگيءَ جو مقصد“ ۾ بيان ڪيو آهي.
( 4 )
مثالي يا خاص
قسم جا خواب
TYPICAL DREAMS
اسان عام طور
تي ٻين ماڻهن جي خوابن جي تشريح ڪرڻ جي تسيتائين
همٿ نه ڪندا آهيون، جيستائين اهو پاڻ پنهنجي
لاشعوري خيالن کي اظهارڻ لاءِ تيار نه ٿو ٿئي، ته
سندس مواد جي پويان ڇاهي؟ خوابن جي تشريح متعلق
اسان جي لاڳو ڪيل عملي طريقي تحت ان جي نتيجي کي
ظاهر ڪرڻ جي سخت منع آهي.
اسان ان ڳالهه کي مڃون ٿا ته ماڻهوءَ کي پنهنجي
شخصي گڻن، لڇڻن ۽ ڪردار مطابق سپنن جي دنيا اڏڻ ۽
ٻين کان لڪائڻ جي آزادي آهي، پر خوابن ۾ اهي ان جي
صفا ابتڙ انداز ۾ نمودار ٿين ٿا، ۽ ڪيترا اهڙا
خواب به آهن جيڪي هر ماڻهو ڏسڻ چاهيندا آهن، جن
مان اسان سندس عام رواجي ڳالهين ۽ عادتن جو اندازو
لڳائي وٺندا آهيون، ان حوالي سان انهن جي خوابن
مان هڪجهڙو ئي مطلب نڪرندو آهي. اهڙن مخصوص خوابن
۾ سندن ڪا خاص دلچسپي، اضافي طور ساڻن سلهاڙيل
هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته اهي هر معاملي ۾ ساڳين سببن
ذريعي اڀرندا آهن. اهي خواب جي ڪارڻن ۾ هڪ خاص
طريقي ۽ ذهانت سان روشني وجهندا آهن. اهڙيءَ ريت
اسان اهڙن مخصوص قسم جي خوابن جي تشريح لاءِ
پنهنجي طريقي سان ڪوشش ڪندا آهيون، پر جيڪڏهن اهڙي
قسم جي خوابن متعلق خواب ڏسندڙ پنهنجي واسطيدار
معاملن کان آگاهي نه ڏيندو ته اسان خوابن جو اهو
مسئلو حل نه ڪري سگهنداسين.
( الف )
اگهاڙپ جا
پريشان ڪندڙ خواب
EMBARRASSING DREAMS OF BEING NAKED
ڌارين ماڻهن جي اڳيان اگهاڙي هجڻ يا اڻپوري لباس ۾
نظر ايندڙ خواب ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن اضافي خوبين جي
موجودگيءَ سبب ظاهر ٿين ٿا، جڏهن ته خواب ڏسندڙ ۾
اهڙو احساس موجود ئي نه هوندو آهي، جنهن تي کيس
شرم ايندو هجي. پر اسان هتي رڳو ان معاملي سان
واسطو ٿا رکون ته اگهاڙي هجڻ وارن اهڙن خوابن ۾ جن
۾ ڪو شخص شرم ۽ ذهني انتشار محسوس ٿو ڪري، ۽ ان
کان بچڻ ۽ ڀڄڻ جي ڪوشش ٿو ڪري، ۽ پوءِ به اڻڄاتل
روڪيل جذبي جي وسيلي اهو احساس مٿس حاوي ٿئي ٿو، ۽
ان جي هلچل، سندس تڪليف رسائڻ واري حالت کان بچائڻ
۽ گهٽائڻ جو ڪم ڪري ٿي ته اها حالت رڳو سندس سنگت
جي ڪري آهي ته خواب هڪ ”خاص قسم“ جو آهي، ان
کانسواءِ سندس موضوع ۽ مواد جو مرڪزي نڪتو ٿي سگهي
ٿو ان جي هر قسم جي عبارت ۾ شامل هجي، يا ٿي سگهي
ٿو ته ڪنهن زيور وانگر سينگاريل سندس شخصي سجاوٽ
هجي. جنهن جو محرڪ، پنهنجي خاص انداز ۾، تڪليف
رسائڻ واري احساس کي، شرم ڏيارڻ واري طريقي سان
ٽيڪ ڏيندو آهي، ۽ حقيقت اها آهي ته هڪ هنڌ کان ٻئي
هنڌ وڃڻ واري چرپر يا حرڪت
(Locomotion)
جي اصول مطابق اها سندس اگهاڙي ٿيڻ کي لڪائڻ جي
خواهش آهي، پر هونئن کيس ائين ڪندي نه ڏٺو ويو
آهي، ۽ مون کي يقين آهي ته منهنجي گهڻن پڙهندڙن
پاڻ کي به خواب ۾ اگهاڙو ضرور ڏٺو هوندو.
اگهاڙپ جو رجحان رواجي طور تي چٽي طريقي سان نظر
نه ايندو آهي، جنهن لاءِ خواب ڏسندڙ چئي سگهي ٿو
ته: ”مان پنهنجي ڍلي چولي ۾ هوس.“ پر اها ڪڏهن
ڪڏهن نياري انداز جي تصوير هوندي آهي. اگهاڙپ جا
قسم اصل ۾ ايترا ته مبهم هوندا آهن جو ان جي تصوير
ڪشي ڪنهن نعم البدل وسيلي ئي اظهاربي آهي، جنهن جو
مثال اهو آهي ته: ”مان صفا ڍلي چولي ۾ هوس يا رڳو
گنجيءَ ۾ هوس.“ اصول آهي ته خواب ڏسندڙ جي غسل
خاني ۾ ڪنهن کڏ يا قبر وانگر ڪا خرابي نه هوندي
آهي جيڪا سندس شرم کي پرچائڻ جي ثبوت ڏيڻ لاءِ
اظهاريندي هجي. ان ماڻهوءَ جي معاملي ۾ جنهن ڪنهن
بادشاهه وارو لباس پاتو هجي ته ”اگهاڙپ“ گهڻو ڪري
ڪپڙن پائڻ واري اصول جي ڀڃڪڙيءَ واري انداز سان
بدلجي ويندي آهي، مثال طور: ”مان پنهنجي مڙيل نوڪ
واري تلوار کانسواءِ گهٽيءَ ۾ پئي گهميس ته مون ڪي
آفيسر ايندي ڏٺا.“ يا ”مون کي نيڪ ٽاءِ پاتل نه
هئي.“ يا ”مون کي شهري ماڻهن واري پٽاپٽي شلوارون
پاتل هيون.“ وغيره. ماڻهو! جن شخصن جي موجودگيءَ
سبب شرم محسوس ڪندو آهي، اهي گهڻو ڪري اجنبي هوندا
آهن، انهن جو حليو سڃاڻپ ۾ نه ايندو آهي، خاص قسم
جي خواب ۾ ائين نه ٿيندو آهي ته ڪپڙا ئي ڪنهن جي
پريشانيءَ جو سبب بڻجندا هجن، يا گهوريندڙ جي ڌيان
ڏيڻ سبب ڪو ذهني انتشار پيدا ٿيندو هجي، پر ان جي
ابتڙ اهي ڪو ٻيو طريقو اختيار ڪندا آهن يا جيئن
مون پنهنجي چٽي خواب منجهان نهايت گنڀير ۽ شوخ شڪل
جي تاثر جو مشاهدو ڪيو آهي. اهو نڪتو هڪ مشوري جي
صورت ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
خواب ڏسندڙ جي ذهني پريشاني ۽ تماشائيءَ يا گهوري
ڏسندڙ جو اختلاف اسان کي اهو ٿو محسوس ڪرائي ته
ورتاءَ هڪ جهڙو هجي ته به اختلاف جو انداز خوابن ۾
عام جام نظر ايندو آهي. جيڪڏهن اجنبي ڏانهنس حيرت
منجهان ٿو نهاري، ٺٺوليءَ يا بيعزتيءَ وچان ٿو
نهاري ته اها ڪيفيت بهرحال خواب ڏسندڙ جي احساس
سان ئي سلهاڙيل هوندي آهي، پر اهڙي اعتراض جوڳي
صورتحال متعلق مان سمجهان ٿو ته اها خواهش جي
پورائي جي ذريعي ڇوٽڪاري يا بچاءِ جو سبب آهي،
جڏهن ته ڪي قوتون، حافظي ۾ برقرار رهجي ويل ٻين
خاصيتن ۽ خاڪن جي اڳواڻي ڪنديون آهن، ۽ نتيجي ۾
خواب جا ٻه حصا هڪ ٻئي سان هم آهنگي پيدا ڪرڻ کان
علحدا هوندا آهن. اسان شاهديءَ طور هڪ دلچسپ حصو
ڳولهيو آهي ته خواب جنهن سٽاءَ يا جوڙجڪ ۾ نظر اچي
ٿو، اهو خواهش جي پورائي جي بگڙيل صورت ۾ ۽ اڻپوري
انداز ۾ نظر ٿو اچي، جيڪو پوريءَ ريت سمجهه ۾ نه
ٿو اچي. اهو ڪن پرين جي آکاڻين وانگر، جن کان اسان
اڳي ئي واقف هوندا آهيون، نظر ايندا آهن، مثال
طور: ”هنس اينڊرسن“ وغيره. ”بادشاهه جون نئون
لباس“: جنهن کي ويجهڙائي ۾ جرمنيءَ جي معروف ڊراما
نگار ”لڊونگ فلڊا“ (1939ع-1862ع) منظوم ڊرامي
“Der Telisman”
جي صورت ۾ آندو آهي. هنس اينڊرسن جي پرين واري
آکاڻي اسان کي ٻڌائي ٿي ته: ”ڪيئن نه ٻن پاکينڊين،
بادشاهه جي قيمتي لباس کي سبيو هو جنهن جي متعلق
هنن جو چوڻ هو ته بادشاهه جي لباس کي اهو شخص ڏسي
سگهي ٿو، جيڪو نيڪ صالح، ايماندار ۽ پارسا هوندو،
سو بادشاهه سلامت جڏهن ان نظر نه ايندڙ لباس ۾
گهمڻ نڪتو ته سمورا تماشائي سندس لباس جي ڪرشمي کي
ڏسي ڊڄي ويا، پر انهن جو ڌيان بادشاهه جي اگهاڙپ
ڏانهن نه ويو.“
اها ساڳيءَ صورتحال اسان جي خوابن ۾ هوندي آهي.
تڪڙ ۾ ۽ بنا سوچڻ جي ان ڳالهه کي سمجهڻ ڏاڍو مشڪل
آهي ته خواب جو مبهم ۽ نه سمجهه ۾ ايندڙ متن، جيڪو
سندس يادن ۾ محفوظ آهي، ان مواد کي ترميم ڪيل صورت
۾ ڪيئن ٿو پيش ڪري، ۽ ڪهڙيءَ ريت صورتحال جي احساس
کي ساڳئي انداز سان تشڪيل ٿو ڪري! ان صورت ۾
بهرحال، خواب جو عملي ڪم ان جي حقيقي مقصد کان
پاسيرو ٿي، بنهه اڻ لاڳاپيل سٽاءَ ۾ استعمال ڪندو
آهي، پر اسان اڳتي ڏسنداسين ته ٻئي دماغي سرشتي
تحت خواب جي متن سان اختلاف يا تڪرار ڪرڻ شعوري
خيالن جي سرگرميءَ لاءِ عام رواجي ڳالهه آهي. ۽
اهو تڪرار ئي خواب ڏسندڙ جي انومان کي سمجهڻ لاءِ
آخري رخ ڏيڻ ۾ مدد ڪندو آهي، ان طريقي ۽ موضوع کي
اسان باب ڇهين: ”خواب جي عمل“ جي حصي ٻارهين:
”ثانوي نظرثاني“ ۾ وري پيش ڪيو آهي. ان کانسواءِ
به اسان اهڙن ساڳين تڪرارن يا غلطفهمين (هڪ ئي
شخصيت جي دماغ ۾ جاءِ والارڻ، ٻيهر ظاهر ٿيڻ)
متعلق اڳتي به پڙهنداسين، جيڪي خيالن يا سوچ جي
غلبي ۽ خوف وارين حالتن بابت تمام وڏو ڪردار ادا
ڪن ٿيون.
اسان هاڻي ان صورتحال تائين رسيا آهيون جو پنهنجي
خواب جي معاملي ۾ ان مواد جي نشاندهي ڪري سگهون،
جنهن جو بنياد غلط تشريح تي ٻڌل آهي. هاڻي توهان
سمجهي ويا هوندا ته منهنجو مطلب آهي ته: ”روپ
مٽائڻ“ وارو ”مڪار“ خود ”خواب“ آهي، ته ”بادشاهه“
وري خواب ڏسندڙ ”پاڻ“ آهي.
خواب جو اخلاقي مقصد حقيقت کي اڻ چٽي نموني پيش
ڪرڻ آهي، يعني خواب جو ڳجهو مواد، منع ڪيل يا
روڪيل انهن خواهشن سان سلهاڙيل هوندو آهي، جيڪو
تڪليف ڏيندڙ سوچن يا خيالن سبب متاثر ٿيل يا قربان
ٿيل هوندو آهي ،اعصابي مرضن جي تجزيي مان مون کي
اهو معلوم ٿيو آهي ته متاثر ٿيل يا قربان ڪري ڇڏيل
سوچن وارا مضمون، ان قسم جي خوابن ۾ ان ڪري ظاهر
ٿين ٿا، ڇاڪاڻ ته اهي ابتدائي ٻالڪپڻي جي يادن تي
ٻڌل هوندا آهن. اهو سڀڪجهه اسان رڳو ننڍپڻ ۾ ڪندا
آهيون جو پنهنجن توڙي پراون جي وچ ۾ به نهايت غير
مناسب طريقي جي ڪپڙن ۾ هوندا آهيون، ڀلي ته اهي
نرسون هجن، نوڪرياڻيو، يا مهمان هجن، انهن جي
موجودگيءَ ۾ اسان پنهنجي اگهاڙپ جي سلسلي ۾ ڪوبه
شڪ شرم محسوس نه ڪندا آهيون. اسان اهو مشاهدو ڪري
سگهون ٿا ته اگهاڙپ واري مستي گهڻن ئي ٻارن کي
متاثر ڪندي آهي ۽ پوءِ وڌندڙ عمر ۾ به شرم محسوس
ڪرڻ بجاءِ اگهاڙپ واري اها سرشاري به منجهن موجود
هوندي آهي. اهي ان حالت ۾ کلندا آهن، کيڏندا ڪڏندا
آهن ۽ پاڻ کي ماريندا ڪُٽيندا آهن، اهي ايتري قدر
ان ۾ محو ٿي ويندا آهن جو آخرڪار سندن ماءُ يا ڪو
ٻيو اچي کين جهليندو آهي ۽ شرم ڏياريندي چوندو آهي
ته: ”شابس اٿوَ، اها ڪا راند آ، وري ٻيهر نه ڪجو.“
پر ٻارن ۾ پاڻ کي اهڙي قسم سان جنسي طور پڌرو ڪرڻ
جو لاڙو يا خواهش موجود رهندي آهي. هن ڪتاب جو
پڙهندو ڪڏهن ڪنهن سفر تي ويو هوندو ته ان به ڪٿي
نه ڪٿي ڪنهن ٻار کي اگهاڙو ضرور ڏٺو هوندو.
منهنجي هڪ مريض جي شعور ۾ پنهنجي اٺن سالن وارو هڪ
منظر موجود هو، ته: ”رات جو سمهڻ وقت هن کي ٻئي
ڪمري ۾ وڃي نچڻ جي خواهش پيدا ٿي هئي، جتي سندس
ننڍي ڀيڻ پنهنجي رات جو پائڻ واريءَ چوليءَ ۾ ستل
هئي، پر نوڪرياڻيءَ کيس چادر سان ڍڪي وئي هئي.“
اعصابي معاملن متعلق اوائلي تاريخي مطالعي مان
معلوم ٿئي ٿو ته اعصابي طور ٻارن جي پنهنجي مخالف
جنس ڏانهن رغبت، اهم ڪردار ادا ڪري ٿي: ”خود ڪپڙن
۾ هجڻ يا اگهاڙپ واري وهم، وسوسي يا مغالطي ۾ به
اهڙي قسم جي تجربن جو مشاهدو ڪيو ويو آهي: جن
ماڻهن ۾ هوڏ، خودپسندي ۽ گمراهه ڪندڙ خيال گهڻا
هوندا آهن، انهن ۾ هڪڙا اهڙا به هوندا آهن جن ۾
”ٻاراڻي جنسي عمل“ واري من اڇل موجود هوندي آهي،
اهي انهن علامتن جي انتها تي پهچي ويندا آهن، جنهن
کي اسان ”نماءُ يا پاڻ کي جنسي طور پڌرو ڪرڻ جي
لاڙي“ واري ذمري ۾ رکندا آهيون. گمراهه ڪندڙ تصور
اصل ۾ ننڍپڻ جي جنسي سرگرميءَ جا بچيل ۽ يادگار
لمحا هوندا آهن.
اسان جڏهن پويان مڙي، پنهنجي بي شرم ۽ بيباڪ
ٻالڪپڻي وارين حرڪتن کي ڏسندا آهيون ته اسان کي
اهي بهشت جي نظاري وانگر فرحت ڏيندڙ محسوس ٿينديون
آهن، پر اهو فرحت ڏيندڙ بهشت فرد جي ٻالڪپڻي جي
اجتماعي تصوراتي دنيا کان وڌيڪ ڪا حيثيت نه رکندو
آهي، شايد ان ۾ ماڻهوءَ جو خيال اهو به هجي ته
”بهشت ۾ به انسان اگهاڙو رهندو هو ۽ ٻئي جي
موجودگيءَ ۾ شرم به محسوس نه ڪندو هو، پر جڏهن
اهڙو وقت آيو جو منجهس شرم ۽ پريشانيءَ جو احساس
جاڳايو ويو، ۽ کيس بهشت مان نيڪالي ڏني وئي، ۽
پوءِ جنسي عملي زندگيءَ جو آغاز ٿيو ۽ معاشرتي
ذميدارين ۽ تمدني سرگرمين جي شروعات ٿي.“ ۽ اسان
رات جو اهڙي بهشت کي پنهنجي خوابن ۾ بار بار ڏسندا
رهندا آهيون. مان ان تي اڳ به باب پنجين: ”خوابن
جو مواد ۽ ماخذ“ جي حصي ٻئي: ”خوابن جي بنياد ۾
ٻالڪپڻي جي مواد“ ذريعي اهو انومان ظاهر ڪيو ته
آهي ته ابتدائي ٻالڪپڻي جي خوابن جا نظارا ۽ نقش،
عمر جي ٽن سالن تائين ديومالائي صورت ۾ نظر ايندا
آهن، جنهن کان پوءِ سندس فطرت منجهان ۽ فرق ڪرڻ
کانسواءِ لڳ ڀڳ پنهنجي اصلوڪي مواد ذريعي ٻيهر
پيدا ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، ۽ انهن جو ”ورجائجڻ“،
خواهش جي پورائي واري اصول تحت هوندو آهي. اهڙيءَ
ريت اگهاڙپ يا پاڻ کي جنسي طور پڌرو ڪرڻ جي لاڙي
وارا خواب ايندا آهن.
نمائشي سطح تي نظر ايندڙ خواب جي مرڪزي يا انتهائي
اهم حصي ۾ خواب ڏسندڙ پاڻ کي (ننڍپڻ واري صورت ۾
نه پر موجوده وقت واري صورت ۾) ڏسي ٿو ۽ هن جو
ڪپڙن کانسواءِ هجڻ يا ته سندس ننڍپڻ دوران اگهاڙپ
وارين بيشمار يادن جي تهن کي هڪ ٻئي مٿان چاڙهي
ڇڏڻ، يا وري ڇنڊڇاڻ واري اصول تحت غير واضح انداز
۾ شامل ڪري ٿو ۽ انهن ماڻهن جي شڪلين کي شامل ڪري
ٿو جن جي موجودگيءَ ۾ هن کي شرم محسوس ٿيو هو.
مان سمجهان ٿو ته اهڙا مثال گهٽ ٿا ملن، جو ننڍپڻ
دوران جنسي نماءِ واري منظر دوران موجود اصلي
تماشائي خواب ۾ نظر ايندا هجن! خواب گهڻو ڪري
دلچسپيءَ، تجسس ۽ شوق وارا ورق ورائيندو آهي پر
سادي ياد کي ورلي ئي چونڊيندو آهي.
اهڙن ماڻهن جي ننڍپڻ جون ”جنسي دلچسپيون“، خاص طور
زناني جنسي بيمارين ۽ وهم گمان وارن خيالن جي
اعصابي مونجهارن جي غلبي سبب خوابن ۾ ٻيهر اٿل
کائي، نئين نئين سٽاءَ ذريعي ظاهر ٿينديون آهن.
اهي ڏسڻ وارا يا تماشائي رڳو وسوسي يا ماليخوليا
جي ڪري ٻيهر ظاهر ٿيندا آهن، ۽ جڏهن ته اهي مسلسل
پوشيده رهندا آهن، انهن جي موجودگي، ڪٽر قسم جي
عقيدي جي انومان يا نتيجي سان قائل ٿيڻ لاءِ هوندي
آهي.
خوابن ۾ اها ان ريت جاءِ والاريندي آهي جيئن:
”تمام گهڻا اجنبي“، جن کي عينڪ ڏيان ٿو پر اهي
ڌيان نه ٿا ڏين“ اهو هڪ ڄاتل سڃاتل فرد جي پاڻ کي
پڌري ڪرڻ واري خواهش جي ضد جي گهٽ وڌ هجڻ کانسواءِ
ٻيو ڪجهه به نه آهي. اتفاق سان ”تمام گهڻا اجنبي“
ٻين واسطن جي ڪري به خوابن ۾ بار بار نظر ايندا
آهن، ۽ اهي سدائين خواهش جي پورائي جي خلاف ڳالهين
کي ڳجهو رکڻ لاءِ آڏو اچي بيهندا آهن. ساڳيءَ ريت
خواب ۾ ”سموري خاندان جي موجودگيءَ“ جون به ساڳيون
نشانيون هونديون آهن.
اهو به ڏٺو ويو آهي ته خود وسوسا يا ماليخوليا ۾،
اصلوڪين يا ابتدائي شين کي اصل حالت تي واپس آڻڻ
جو عمل هجي ته خواب لڪل شين کي غير موافق يا
برخلاف شين جي ذريعي ظاهر ڪندو آهي، ان جو مطلب
اهو هوندو آهي ته هو (مريض) بهرحال اڪيلو نه آهي.
ان ۾ شڪ نه آهي ته هن کي ڪيترا ئي ماڻهو ڏسن پيا،
البت ڏسڻ وارا ”تمام گهڻا اجنبي آهن“ جن جي سڃاڻپ
غير يقيني پر دلچسپي پيدا ڪندڙ تاثر ڇڏيندي آهي.
ان حوالي سان پنهنجي جنسي نماءِ وارن خوابن ۾
تڪليف رسائڻ وارين سوچن کي پوئتي ڌڪي ڇڏڻ جو عمل
وڏو ڪردار ادا ڪري ٿو:
اهڙن خوابن ۾ ڏک يا ايذاء جو احساس اصل ۾ جنسي
نماء واري ان مواد ۽ منظر جي رد عمل طور، ان تي
بندش هجڻ جي باوجود ان جي تاثر کي ڳولهڻ لاءِ
ايندو آهي. جيڪڏهن ڏک يا ايذاء لنوائي ڇڏڻ جهڙو
هوندو آهي ته منظر نئين سري سان پيش نه ٿيندو آهي.
ڪنهن لاڙي، جذبي يا سوچ کي روڪيندڙ ذهني عمل ۽
احساس متعلق اسان اڳتي باب ڇهين: ”خواب جي عمل“ ۾
ذڪر ڪنداسين. خواب ”اختلافي ارادي“ يا ”منفي“ جذبن
۽ سوچ کي روڪيندڙ لاڙي جي ساراهه ۽ ان لاءِ احترام
وارين ضرورتن کي پوري ڪرڻ جي نمائندگي ڪندو آهي.
شعوري تقاضا ان جو نماءُ چاهيندي آهي، جڏهن ته
ڇنڊڇاڻ جو عمل ان کي روڪڻ جي تقاضا ڪندو آهي.
ان ۾ شڪ نه آهي ته اسان جي خاص يا مثالي خوابن ۽
پرين وارين آکاڻين ۽ ٻئي قسم جي ڪنهن تخليق تحريري
مواد جي وچ ۾ جيڪو ڳانڍاپو آهي، اهو نه ته ٿورڙو
آهي نه ئي ڪو حادثاتي يا اتفاقي آهي. ڪڏهن ڪڏهن
ائين ٿيندو آهي ته ڪنهن تخليقي ليکڪ جي تيزنگاهه ۾
تبديليءَ جي عمل کي تسليم ڪرڻ ۽ تجزياتي حقيقت
پسندي موجود هوندي آهي، ۽ اها هن جي وضع بڻجي
ويندي آهي، ايتري قدر جو ان لاءِ تجزيو ڪرڻ، عام
ڳالهه بڻجي ويندي آهي. ائين ئي هو عملي طريقي
ذريعي پهرين ابتي پاسي رخ ڪندو آهي ۽ خواب جي باري
۾ تخيلاتي لکڻين طرف موٽ کائيندو آهي. منهنجي هڪ
دوست ”گاٽ فرائيڊ ڪيلر“
(Gottfried Keller. 1619, 1890)
جي مشهور ڪتاب: دي گروني هينرخ
(Der Gruni Henrich)
جي باب ٽئين جي: حصي ٻئي، منهنجو ڌيان ڇڪايو:
”منهنجي پياري ”لي“ مان سمجهان ٿو ته تون پنهنجي
شخصي تجربن ذريعي ڪڏهن به سکي نه سگهندينءَ،
جيستائين تون ”اوڍيسيءَ“ (هڪ طويل نظم
Odyssey)جي
اهم، دلچسپ ۽ دکدائڪ سچائيءَ جو مشاهدو نه
ڪندينءَ، جيڪو جڏهن اوڊيسس يا پوليسس جي سياحت ۽
مهم جوئي دوران پيش آيل سختيون ڏٺيون ۽ ٽراءِ کان
اٿاڪا تائين پنهنجي واپسيءَ جو سفر ڪيو، موٽيو هو
ته ڪيئن نه اگهاڙو هو جنهن ”نئوسيڪا“ ۽ ان جي
نوڪرياڻيءَ جي سامهون پاڻ کي گپ ۽ گاري سان ڍڪيو
هو. ڇا مان توکي نه ٻڌايان ته اهو سڀ ڪجهه ڪيئن
ٿيو؟ ان لاءِ تون اسان جي تجربي ڏانهن نظر ڪر!
جيڪڏهن ان تجربي لاءِ تون پنهنجو گهر ۽ شهر کي به
ڇڏي ويندينءَ، پنهنجي دوستن ۽ پيارن کان پري ٿي
ويندينءَ، جيڪڏهن تون ڪي ڏکيا ڏينهن به ڏسندينءَ،
اداس گذاريندينءَ ته نيٺ تون هڪڙيءَ رات جو خواب
ڏسندينءَ ته تون پنهنجي گهر جي ويجهو پئي اچين،
توکي گهر ڏانهن ايندي خوشگوار رنگ، سهڻا ۽ پيارا
ٻنيون ٻارا توڏانهن وڌندا ٿا اچن ،۽ اوچتو توکي
احساس ٿيندو ته تون گهر ۾ بستري تي سوڙ ۾ ستي پئي
آهين، ڌوڙ ۾ اٽيل ۽ اگهاڙي . تڏهن تون ڪو شرم
محسوس ڪندينءَ ۽ پاڻ کي لڪائڻ لاءِ ڪو ڪپڙو
ڳولهيندينءَ، ۽ ائين تو جاڳي پوندينءَ ۽ پوءِ
پيارو پيارو تڙ ڪندينءَ....“ خواب ۾ اهو سڀ ڪجهه
ايترو جلدي ٿي ويندو آهي، جيترو ڪو ماڻهو هڪڙو
ساهه کڻي... ۽ هومر! پنهنجي ان دکدائڪ تصوير کي
نهايت فطرت جي انتهائي گهرائيءَ سان پڪارڻ لڳو
هو.“
ماڻهوءَ جي گهري ۽ لافاني فطرت، ٻڌڻ وارن کي پڪارڻ
تي منحصر رهي آهي، ۽ شاعر ان کي پنهنجي ادراڪ سان
پيش ڪندو آهي، اهي ذهن جي لاڙن يا من اڇل تي ٻڌل
هوندا آهن جن جون پاڙيون ٻالڪپڻي ۾ کتل هونديون
آهن، جيڪي ديومالائي صورت ۾ رهجي وينديون آهين.
ننڍپڻ جون دٻايل يا لڪل خواهشون به خوابن ۾ لڀي
پونديون آهن، جيڪي ناقابل اعتراض خواهشن جي نيڪالي
ڏنل هنڌ جي پويان لڪل هونديون آهن، اهي شعور ۾
داخل ٿيڻ جي قابل هونديون آهن، ان ڪري، عظيم
”نئوسيڪا“ جي سلسلي ۾ خواب بلڪل مضبوط قسم جو تاثر
ڳولهي ورتو هو، جنهن جو اختتام ”ڳڻتيءَ واري خواب“
جي اصول تحت ٿيو.
مٿي ڏنل منهنجي پنهنجي خواب ۾ ”ڏاڪڻ تي مٿي ڊوڙڻ
دوران پاڻ کي هڪدم پاڻ کي ڏاڪڻ تي کونئر سان
چنبڙيل ڏٺم“ اهو به ”نماءَ“ يا پاڻ کي پڌري ڪرڻ“
وارن خوابن جهڙو ئي آهي. ٿي سگهي ٿو اهڙي ڪا ڳالهه
منهنجي ننڍپڻ ۾ ٿي هجي، پر گلم جي خراب ڪرڻ سبب
نوڪرياڻيءَ جي ”منع ڪرڻ“ وارو حوالو منهنجي خواب ۾
ضرور آيو. نفسياتي تجزتي ۾ ڪو شخص ”پرچائڻ، راضي
ڪرڻ يا ٺارڻ“ جي تشريح ذريعي، اصل مواد سان
ڳانڍاپن جو پيش ٿيڻ سمجهي سگهجي ٿو. ٻه خيال! جيڪي
ڪنهن هڪڙي تسلسل ۽ ترتيب سان هڪدم اچي سگهن ٿا،
بنا ڪنهن ظاهري ڳانڍاپي جي! بلڪل هڪڙي اڪائيءَ ۾،
هڪڙي ئي انداز سان معلوم ٿي سگهندا آهن، مثال طور
مان لفظ
a
۽
b
هڪ هنڌ گڏائي لکان ٿو يعني کي ته اهو هڪڙي ئي اچار
تحت
ab
پڙهي سگهجي ٿو. جيڪڏهن اسان ان کي سنڌيءَ ۾ اب
لکنداسين ته اهو الف بي ۽ اردو وارو اچار ”اب“
يعني هاڻي وارو لڳي ٿو، ساڳئي صورت خوابن سان به
لاڳو آهي. ”ڏاڪڻ وارو خواب“ جيڪو مون مثال طور
آندو آهي، اهو به خوابن جي اهڙي ئي سلسلي سان
وابستا آهي:
مان اٽڪل اڍائي سالن جو هوس ۽ مون کي ياد آهي ته
منهنجي ماءُ گهر ۾ ڪم ڪندڙ پوڙهي عورت کي بار بار
سمجهائيندي هئي ڇاڪاڻ ته اها گهڻي قدر گندگيءَ ۾
ڀريل رهندي هئي، پر هئي نهايت تيز ۽ قابل. منهنجي
خوابن ۾ سندس ان رويي جو نتيجو ظاهر ٿيندو رهيو
آهي، خاص طور صفائيءَ جي معاملي ۾ هوءَ مون کي به
سختيءَ سان سمجهائيندي هئي ۽ دڙڪا به ڏيندي هئي.
هن جي انهيءَ تيز طبيعت جي باوجود مون کي ننڍپڻ جي
اها پوڙهي عورت سدائين ياد رهندي آهي، ڇاڪاڻ ته هن
مون کي صفائيءَ جي سلسلي ۾ تمام گهڻو سمجهايو ۽
سيکاريو هو.
|