سيڪشن: علميات

ڪتاب: خوابن جي تشريح

باب:

صفحو:20 

( 2 )

موٽ کائڻ وارو عمل

REGRESSION

اسان جي خلاف جيڪي اعتراض اٿيا هئا، ته ڇا انهن جي رد ڪرڻ ۾ ئي اسان مصروف ٿي وڃون يا اسان بچاءَ وارن هٿيارن متعلق معلومات ڏيون ته اهي ڪٿي رکيل آهن، بهرحال اسان نفسياتي تحقيق لاءِ پنهنجي کنيل ذميداريءَ کان منهن موڙي نه ٿا سگهون، جنهن لاءِ اسان هڪ طويل سفر ۾ پاڻ کي هٿياربند ڪندا رهيا آهيون. هاڻي اچو ته پنهنجي کوجنا جي اصولن کي مختصر ڪريون:

خواب هڪ نفسياتي عمل آهي، ۽ اهو ايترو ئي اهم آهي جيترو ڪو ٻيو. ان جي تحرڪ جا وسيلا هر واقعي سان، خواهش کي پوري ڪرڻ لاءِ سلهاڙيل هوندا آهن، پر ان جي حقيقت کي ”خواهشن واري صورت ۾“ چٽي نموني شناخت ڪري نه سگهبو آهي، ان ۾ ڪيترين نيارين يا نج سان گڏوگڏ اجايون، نامناسب ۽ بيهوديون ڳالهيون به شامل هونديون آهن، جيڪي نفسياتي ڇنڊڇاڻ جي ڪوشش ۽ اثر رسوخ جي ڪري هونديون آهن، جيڪي، ڇنڊڇاڻ کان گسائڻ کي ضروري سمجهي، پنهنجي جڙڻ واري عمل دوران موضوع بڻيل هونديون آهن، ان ڪري نتيجو آڻيندڙ ٻيا جزا جيڪي پنهنجي جڙڻ جي لاءِ حصو ڳنڍيندا آهن، اهي ئي پنهنجي نفسياتي مواد جي ڪاٽ ڪوٽ جي ضرورت بڻجي پوندا آهن، ۽ سندن ممڪن صورت سبب اهي حواسي/ دماغي عڪسن ۾ پيش ٿيندا آهن، ان جي باوجود اهي بنا تبديليءَ جي نه هوندا آهن ۽ سندس گهُر اها ئي هوندي آهي ته خواب جي جوڙجڪ جو ٻاهريون ڏيک عقل ۾ ايندڙ ۽ سمجهه ڀريو هجي. انهن جي ڏيتي ليتيءَ جو هر معاملو تازي/ ويجهڙائيءَ واري نفسياتي دليل جي بنياد تي سچ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ خيالن جا رستا کوليندو آهي: خواهش جي وچ ۾ گڏيل رشتو، جيڪو خواب جي متحرڪ قوت هوندو آهي، ۽ اهي چار حالتون هونديون آهن، جن جي ذريعي خواب جي جڙڻ جو بنياد بڻبو آهي، ائين جيئن رشتن جي وچ ۾ گذريل ڳالهين جي ڳولهڻ جي ضرورت پوندي آهي ۽ شين جي انهن واسطن ۽ انهن جي ڪڙين ۾ خوابن جون جايون اڏبيون آهن، جيڪي ذهني زندگيءَ طرفان گڏ ڪيل ۽ سونپيل هونديون آهن.

مان اوهان کي ياد ڏياريندو هلان ته خوابن جو اهو مسئلو اڃان حل ڪرڻو آهي، جنهن جي لاءِ مون هتي هن موضوع کي آندو آهي. اهڙن خوابن جو تجزيو ڪرڻ مشڪل نه آهي، پر مثال طور ”ٻار جي سڙڻ“ واري خواب تي اسان اڃان تفصيلي گفتگو نه ڪئي آهي. ان کي سمجهڻ لاءِ مان اڳ ۾ هڪڙو سوال ٿو ڪريان ته اهو منظر خواب ڏسندڙ جاڳ ۾ ڏسڻ بجاءِ خواب ۾ ڇو ڏٺو ۽ پنهنجي خواهشن منجهان هڪ جي شناخت ڪيئن ڪئي، جنهن سندس مئل پٽ کي زندهه ڪري پيش ڪيو؟

ان تي وڌيڪ بحث اسان تي اها ڳالهه ظاهر ڪندو ته هڪ ٻي خواهش به هئي جنهن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. خواهش جي پورائيءَ بابت اهو پهريون موقعو هيو، جيڪو سمهڻ دوران سوچن جي عملي تسلسل واري صورت ۾ خواب ۾ بدلجي ويو هو. جيڪڏهن اسان خواهشن جي پورائي کي بيڪار تصور ڪري ڇڏي ڏيون ته اسان ڏسنداسين ته رڳو هڪڙي خاصيت، ٻن نفسياتي واقعن جي ترتيب ۾ فرق ڪرڻ يا ورهائڻ جي عمل کي ڇڏي ڏيندي.... خوابي خيال ڊوڙڻ لڳندو: ”مان ڪمري مان روشني ايندي ڏسان پيو، جتي هڪ مئل ٻار جو لاش سڙڻ وارو آهي.“

خواب! روشنيءَ جي انهن ترورن کي اڻ مٽيل انداز ۾ ورجائي رهيو هو، پر انهن کي ان ئي حالت ۾ پيش پئي ڪيائين، جيئن ان وقت واقعي موجود هئا ۽ جن کي جاڳ واري حالت جيان ئي، حواسن جي ذريعي پئي شناخت ڪيائين. هتي اسان کي خواب جي عملي طريقي جي نفسياتي خاصيت واري نهايت ئي عام ۽ نهايت ئي حيرت انگيز ڳالهه هٿ آئي آهي:

هڪڙو خيال! ۽ جيئن اصول آهي ته ”ڪنهن شيءِ جي متعلق خيال“ اصل ۾ اهو ”خواهش ڪيل/ چاهيل“ هوندو آهي، ۽ خواب ۾ ٺوس  (Objectified)شڪل ۾ پيش ٿيندو آهي: هڪ منظر جيان نمائندگي ڪندڙ يا ائين چئجي ته اسان کي پنهنجي ڪيل تجربي وانگر لڳندو آهي.

پوءِ به ڪيئن؟ ڇا اسان ان کي خوابي ڪم جي نياري، نج يا اهم ”ڪرداري وصف“ (Characteristic) وانگر وضاحت ڪندا آهيون يا ڪنهن ڏاڍي سهڻي ڍنگ سان ڪو سوال ڪندا آهيون؟ آخر نفسياتي عملي طريقي ذريعي شين جي جوڙ يا زنجير جي ڪڙين کي ڪيئن ڳولهي هٿ ڪندا آهيون؟

جيڪڏهن اسان مواد تي گهرائيءَ سان غور ڪنداسين، ته اسان کي مشاهدو ٿيندو ته ”لڳڀڳ ٻه نمايان ۽ آزاد خاڪا، جوڙجڪ جي ڪرداري وصف جي صورت ۾ خواب جي ذريعي کنيل هوندا آهن. هڪڙي ”حقيقت“ ته اها آهي ته خيال ”شايد، متان، مبادا، لڳڀڳ، ممڪن آهي، ٿي سگهي ٿو“ (Perhaps) جهڙي لاپرواهه انداز سان، ۽ ويجهي صورتحال جيان پيش ايندو آهي. ٻي حقيقت اها آهي ته ”خيال“ تصويري عڪسن ۽ آوازن (گفتگو) ۾ بدلجي ويندا آهن.

ذڪر ڪيل ان خاص خواب ۾ خيالن جي تبديلي، پنهنجي ئي خيالن ۾ ڪيل زمان حال واري پر اميد گفتگو ئي اظهار ڪيو هو، جيڪو خاص طور نمايان نظر نه ٿي آيو، اهو ان ڪري ٿيو جو هن خواب ۾ خواهش جي پوري ٿيڻ ذريعي ڪنهن ٻئي تي غور ڪرڻ بجاءِ رڳو اهو غير معمولي ماتحت حصو ئي ڪردار ادا ڪري پئي سگهيو، جنهن ۾ تصور ڪيل خواهش، جاڳ وارن خيالن مان ڇڄي نه سگهي هئي. جيڪا پوءِ ننڊ تائين کڄي آئي هئي، مثال طور ”ارما جي سئيءَ وارو خواب“، جنهن جي خوابي خيال ۾ ”تمنائي اظهار“ جي نمائندگي هئي: ”جيڪڏهن رڳو ”اوٽو“ ئي ارما جي بيماريءَ جو ذميدار هو،“ ته خواب تمنا جي اظهار کي دٻائي ڇڏي ها ۽ ان کي بدلائي سڌو سنئون زمان حال ۾ ئي کڻي اچي ها: ”جي ها، اوٽو ئي ارما جي بيماريءَ جو ذميدار آهي.“ تبديلين منجهان هيءَ پهرين تبديلي آهي، جيڪا پڻ اڻ بگڙيل خواب جي ذريعي سوچن ۾ هلي آئي هئي.

اسان کي خوابن جي ان پهرين خصوصيت متعلق وڌيڪ ڊيگهه ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. اسان تصويرن ذريعي سمجهاڻي ڏئي سگهون ٿا: شعوري خيالن جي اڏام واري ڪائنات جي پاسي لڳل ڌيان کي ۽ خوابي خيالن کي، جيڪي پنهنجي تصوراتي انداز جي مواد ۾ ساڳئي طريقي سان لهه وچڙ ڪندا آهن. جيئن ”ڊائوڊيٽ مونسيئر جويوس“ (Daudet Monsieur Joyeuse) ڪم ڇڏي، پيرس جي ڳلين ۾ ڀٽڪندو رهندو هو، جڏهن ته سندس ڌيئرن کي اهو ئي گمان هو ته هو ڪا ملازمت ڪري رهيو آهي ۽ پنهنجي آفيس ۾ ويٺو آهي. هو پنهنجي ترقيءَ جا خواب پيو ڏسندو هو، ته ڪڏهن نه ڪڏهن هو ڪا ملازمت ڳولهي وٺندو ۽ ان لاءِ کيس ڪو هلندي پڄنديءَ وارو به کيس مدد ضرور ڪندو.“(1) هو اهي خواب زمان حال ۾ ڏسندو هو، اهڙيءَ ريت خواب ۾ به ساڳي ئي نموني زمان حال جو ئي استعمال ڪندو هو ۽ بلڪل ڏينهن جي خوابن (سوچن) جيان. اهو زمان حال ئي آهن، جنهن ۾ خواهشون، تڪميل واري اميد ذريعي پيش ٿينديون آهن.

پر خواب پنهنجي ٻي ڪرداري وصف ۾ ڏينهن وارين سوچن سان شامل راءِ ٿيندو آهي: خاص طور تي پنهنجي تصور واري مواد جي حقيقت جي لاءِ خيالن مان حواسي/ دماغي عڪسن ۾ منتقل ڪرڻ واري حالت ۾، جنهن ۾ اعتقاد شامل هوندو آهي ۽ اهو ٿيل تجربي جيان ئي ظاهر ٿيندو آهي. مان بنا ڪنهن دير جي اهو شامل ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان ته هر خواب، خيال مان کڻي حواسي/ دماغي عڪسن ۾ منتقل ڪرڻ جو مظاهرو نه ڪندو آهي. اهي خواب ئي هوندا آهن جيڪي رڳو خيالن تي ئي ٻڌل هوندا آهن، پر اهي خوابن جي لازمي فطرت جي لحاظ کان رد نه ٿي سگهندا آهن. منهنجو ”آٽو ڊڊاسڪر“ (Autodidasker) (ص 440) پروفيسر اين سان ”ڏينهن جي خيالن جي اڏام“ وارو خواب به ساڳئي قسم جو آهي، جنهن ڏينهن دوران آيل خيالن جي مواد منجهان مس مس ڪجهه وڌيڪ حواسي/ دماغي عنصر ان ۾ شامل ڪيا هئا، ۽ هر خواب ۾ ڪنهن به قسم جي خيال تي ويچار ڪيل ڊيگهه جي حوالي سان، اصل ۾ اهي هڪڙا اهڙا ترڪيبي عنصرن هوندا آهن، جن وٽ آرام سڪون جهڙي ڪا ڳالهه نه هوندي آهي جو اهي، سوچن کي حواسي شڪل ڏئي سگهن، پر اهي ان قسم جي رستي سان رڳو خيال واري سادي انداز ۾ هوندا آهن يا ڄاتل سڃاتل هوندا آهن، جن کي اسان جاڳ واري حالت ۾ معمول مطابق سمجهندا ۽ سڃاڻيندا آهيون. هتي اهو به ضرور ياد رکڻ گهرجي ته اهڙي قسم جي خيالن جو تبادلو رڳو خوابن ذريعي ئي حواسي/ دماغي عڪسن ۾ ظاهر نه ٿيندو آهي: اهي سوداءَ، وهم (Hallucination) ۽ ادراڪ وسيلي ڪنهن شيءِ کي سمجهڻ يا ڪشف (Vision) جي صورت ۾ به ۽ ٻين خودمختيار وجود رکندڙ شين جيان به ظاهر ٿيندا آهن، جن لاءِ ائين چئجي ته اهي تندرستيءَ ۾ به ته اعصابي خلل جي نشانين ۾ به ظاهر ٿيندا آهن. مختصر ته هاڻي جنهن تعلق کي اسان چڪاسيون پيا، اهو ڪو الڳ ٿلڳ نه آهي، ان جي باوجود به اهو سچ آهي ته خوابن جي اها ڪرداري وصف جيڪا وقت سر پيش ٿيندي آهي ته اسان جو به ڌيان ڇڪائي وٺندي آهي، انڪري اسان لاءِ خوابن جي دنيا متعلق، ان کانسواءِ تصور ڪرڻ ناممڪن ٿي پوندو آهي، پر جڏهن اها دنيا اسان کي سمجهه ۾ اچي ويندي آهي ته اسان بحث مباحثي جو سفر ڪرڻ شروع ڪندا آهيون، جيڪو اسان کي تمام گهڻي ڏورانهين ملڪ تي رسائي ڇڏيندو آهي.

خوابن جي نظريي متعلق جن ليکڪن پنهنجا رايا ڏنا آهن، پنهنجي پڇا ڳاڇا ڪرڻ لاءِ ابتدائي نڪتي طور، انهن منجهان مان ڪو نه ڪو رايو ضرور کڻندو آهيان. خوابن جي موضوع بابت ڪيل مختصر بحث جي سلسلي ۾ اسان جي عظيم شخصيت ”فيڪنر“ (Fechner-1889,2,520-21) اهو خيال ڏيکاريو آهي ته:

”خوابن جو عملي منظرنامو، جاڳ واري تصور يا تمثيل جي بلڪل مختلف هوندو آهي.“

اها رڳو قياس آرائي آهي، جيڪا خوابي حيات کي خاص طور تي نيارو سمجهڻ تي ٻڌل آهي.

انهن اکرن منجهان، ”نفسياتي علائقي“ (Psychical locality) متعلق اسان کي ڇا ٿو حاصل ٿئي! مان ان حقيقت کي صفا رد ڪندس ته ميڄالي! (mental appartus) جنهن سان اسان جو هتي واسطو آهي، ان متعلق اسان کي اها پڻ خبر آهي ته اهو عضوياتي تشريحي انداز سان ڪم ڪرڻ لاءِ هردم تيار هوندو آهي، ۽ مان ذهن جي ”نفسياتي حصن ۾ موجود رغبت يا برغلائيندڙ لاڙي متعلق عضوياتي تشريح جي تعين ڪرڻ ۾ نهايت احتياط کان ڪم وٺندو آهيان. مان گهڻو ڪري نفسياتي بنيادن تي ڀاڙيندو آهيان ۽ رڳو چند ڳالهين تي عمل ڪرڻ جو مشورو ڏيندو آهيان، ته جيئن اسان ان اوزار جي تصوير جوڙي سگهون، جيڪا اسان جي ذهني ڪارڪردگيءَ لاءِ ڪنهن خوردبينيءَ (Microscope) جيان آهي، يا تصوير ڪشيءَ جي ڪنهن اوزار وانگر آهي، يا اڃان ئي ڪنهن ٻئي قسم جو اوزار آهي! جنهن بنياد تي نفسياتي علائقي جو مواد ان اوزار جي اندروني معاملن سان ڳنڍيل رهي ٿو، ۽ ان جا عڪس ابتدائي مرحلن ۾ آڻي پيش ڪري ٿو. اسان کي خبر آهي ته خوردبيني يا دوربينيءَ (Telescope) جي ذريعي ڪنهن به شيءِ جي اهم نڪتن جا حصا تمام باريڪيءَ سان ظاهر ٿيندا آهن ۽ ائين اسان انهن عنصرن کي حتمي قرار ڏيندا آهيون. ساڳيءَ ريت انهيءَ سلسلي ۾ ڪنهن ڪميءَ/ اوڻائيءَ يا ان جي ڪنهن سان مشابهت رکندڙ عڪس جي صورت ۾ مون کي معافي وٺڻ جي ضرورت ڪا نه پوندي آهي. ان قسم جون مشابهتون اسان کي اسان جي ڪوشش ۾ رڳو مدد ڪنديون آهن ۽ اسان جي ارادي کي مضبوط بڻائينديون آهن، جنهن جي ڪري اسان ذهن جي مونجهارو پيدا ڪندڙ عمل کي نهايت چٽيءَ ريت سمجهي سگهندا آهيون. ان حوالي سان ڪنهن اڻ ڄاتل معاملي کي سمجهڻ لاءِ اسان پهرين مدد انهن عارضي خيالن کان وٺڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، ان لاءِ مان پهرين موقعي تي اڌوري، خام يا ڪچي پڪي قياس آرائيءَ کي اهميت ڏيندو آهيان  ۽ ائين مان نهايت مضبوط قسم جو مواد هٿ ڪري وٺندو آهيان.

اهڙيءَ ريت اسان ذهني ڪم جي تصوير ڪشي، هڪ جامع اوزار جيان ڪندا آهيون، جن جي جزن، ڀاڱن يا عنصرن کي اسان ”شعبن“  (agencies)جو نالو ڏيندا آهيون(1)، يا وڌيڪ واضح ڪرڻ لاءِ ان کي ”حقيقتن، اصولن ۽ نظرين/ تدبيرن جو ڳنڍيل مجموعو يا نظام“ (System) سڏيندا آهيون، سو به ٻي جاءِ ۾ منتقل ٿيڻ جي پيش بندي ڪندو آهي ته جيئن اهي رٿون، هڪ ٻئي سان ماحولي ڪشادگيءَ جي مسلسل جاري هجڻ تي لڳڀڳ بيهڻ جهڙيون ٿي سگهن، ان ساڳئي انداز سان، جيئن دوربينيءَ ۾ ترتيب سان لڳايل آتشي شيشا هڪ ٻئي پويان لڳل هوندا آهن: قطعي طور تي چئي سگهجي ٿو ته ان لاءِ ڪنهن به دليل يا قياس آرائيءَ جي ضرورت نه هوندي آهي. جيئن ته ”نفسياتي نظام“ ماحولي ڪشادگيءَ جي حوالي سان رٿابندي ڪندو آهي، تيئن ان لاءِ ايترو ئي ڪافي هوندو آهي، پر جيڪڏهن مقرر ٿيل هدايتون حقيقت جي حوالي سان قائم هونديون آهن ته ميسر ٿيل ”نفسياتي عمل ۾ جوش يا ولولو“ ان نظام منجهان، خاص طور عارضي ترتيب سان گذرندو آهي. البت ٻين عملي طريقن ۾ ترتيبي سلسلو مختلف به ٿي سگهي ٿو ۽ اهو به ممڪن آهي ته اسان ان کي ائين ئي ڇڏي ڏيون. تت/ خلاصي جي حوالي سان اسان دماغي سرشتي جي انتظامي عنصرن متعلق، آئيندي ڳالهائينداسين.

پهرين شيءِ جنهن اسان جو ڌيان ڇڪايو آهي ته: ”هي ”سرشتو“  (Apparatus) تدبيرن، حقيقتن، نظرين ۽ نظامن جو مرڪب سرشتو آهي، ان کي پنهنجو هڪ ادراڪ آهي، هڪ رخ آهي.“ اسان جي هر نفسياتي سرگرميءَ جي ابتدا، اندروني توڙي بيروني جوش ۽ جذبي سان ٿيندي آهي، ۽ پڄاڻي، بدن جي تنتي تحرڪ ذريعي ”عصبي اضافي گرماڻ“ (Innervation) تي ٿيندي آهي.(1)

اهڙيءَ ريت اسان ان کي حواسي/ دماغي (Sensory) ۽ خواهشن کي منتقل ڪندڙ اڀار جي مقصد (Motor end) سان منسوب ڪندا آهيون. حواسن يا مشڪن جي چرپر جو مقصد (Sensory end) هڪ اهڙي طريقي تي ڪاربند هوندو آهي، جيڪو علم، ادراڪ ۽ دريافت جي آجيان ڪندو آهي ۽ خواهشن کي منتقل ڪندڙ اڀار يا تحرڪ ڪنهن ٻي جاءِ تي ٽيڪ ڏيندو آهي، جيڪو تحرڪ پيدا ڪندڙ سرگرميءَ جا دروازا کولي ڇڏيندو آهي. نفسياتي عمل، عام طور تي، ادراڪي مقصد کان منتقل ٿيندڙ اڀار ڏانهن اڳڀرو ٿي ويندو آهي. اهڙيءَ ريت نفسياتي ڪاروهنوار هلائيندڙ سرشتي جي رٿا واري تصوري خاڪي (Schematic picture) جيان صفا عام قسم جي تصويري نمائندگي ڪري سگهندو آهي.

 

بهرصورت نفسياتي ڪاروهنوار هلائيندڙ سرشتو (Psychical apparatus)  هڪ اولڙي وارو سرشتو (Reflex apparatus) جوڙيندو آهي ۽ اولڙي وارا عملي تسلسل ئي هر قسم جي نفسياتي عمل جو مثالي نمونو بڻجندا آهن.

ٻيو ته حسي/ حواسي/ دماغي يا مشڪن جي چرپر جي تعارف لاءِ اسان وٽ پهريان فرق ڏيکاريندڙ بنياد موجود هوندا آهن. اسان جي نفسياتي سرشتي جي ادراڪ/ دريافتن ۾، نقل يا نشان (Trace) پري ٿي ويندو آهي ۽ انهيءَ تي ڪو تصور جوڙيندو آهي. ان طريقي کي اسان ”يادن جو نشان“ (Memmory trace) چئي سگهون ٿا: ۽ ان جي ڪم جي وابستگيءَ کي اسان ”يادگيرين“ جي نالو ڏئي سگهون جيڪڏهن اسان نفسياتي عمل کي سرشتي سان ڳنڍڻ واري ارادي ۾ يقيني هوندا آهيون، ته يادگيرين جا نقش ۽ نشان سرشتي جي رڳو مستقل ترميمي جزن يا عنصرن تي انحصار ڪندا آهن، پر جيڪڏهن ڪنهن ٻئي هنڌ تي، اڳ ۾ ئي انهن جي نشاندهي ٿيل هوندي ته ظاهر آهي، انهن کي ”فرض ڪري وٺڻ“ ۾ مشڪل ضرور پيدا ٿيندي، ڇاڪاڻ ته هڪ يا ساڳيو طريقي ڪار پنهنجي موافق يا مناسب ماحول جي حقيقت پٽاندر ترميمن کي استعمال ڪري سگهي ٿو ترميم لاءِ تازن واقعن جي آڌرڀاءَ ۾ مستقل طور تي دروازا کولي رکي ٿو. ان عملي اصول سان هم خيال ٿيڻ لاءِ، جيڪو اسان جي تجربن تي حڪمراني ڪري ٿو، اسان انهن ٻنهي عملي طريقن کي، ان ڪري مختلف ترتيب ۾ ورهائيندا آهيون. اسان ڪنهن دليل يا وضاحت جي حوالي سان ڪنهن ڳالهه کي واقعي طور سمجهڻ لاءِ قياس آرائي به ڪندا آهيون ڇاڪاڻ ته نظام جي اڳياڙيءَ ۾ کيس مستقل طور تي اڀار يا تحرڪ ملندو رهندو آهي، پر انهن جو ڇڏيل نشان ذهن نشين نه ٿيندو آهي، ان ڪري اهو يادگيرين ۾ به موجود نه هوندو آهي، جيئن ته ان جي پويان هڪ ٻيو سرشتو به هوندو آهي، جيڪو پهرين طريقي ڪار جي پَل اَپل واري جذباتي اڀار کي، مستقل خاڪن/ نشانن ۾ تبديل ڪندو آهي. اسان جي نفسياتي ڪاروهنوار هلائيندڙ سرشتي جي رٿا وارو تصوري خاڪو (Schematic picture) هن ريت آهي:

 

اها ڄاتل سڃاتل حقيقت آهي ته اسان مستقل طور تي محض سمجهه/ فهم وارو مواد ئي نه پر ان کان گهڻو ڪجهه وڌيڪ به ذهن نشين ڪندا آهيون، جيڪو ادراڪي سرشتي تي اجائي مداخلت ڪندو آهي. اسان جو فهم يا ادراڪ اسان جي يادگيرين ۾ پهرين ۽ ان کان اڳ يا ساڳئي وقت ۾ ظهور پذير ٿيندڙ واقعن کي اظهار ڏيڻ واري انداز ۾ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هوندو آهي. اسان ان حقيقت کي ”ساٿ، حصيداري، ۽ خيالن جو ذهني ڳانڍاپو“ (Association) چوندا آهيون.

هاڻي اها ڳالهه چٽي ٿي وئي آهي ته جيڪڏهن ادراڪي سرشتي وٽ ڪا ٿوري به يادگيري نه هوندي ته اها حصيداريءَ وارن نشانن کي ذهن نشين به نه ڪري سگهندي، اهڙي صورت ۾ ڪي علحدهه ادراڪي عنصر پنهنجي عملي ڪم ۾ برداشت نه ڪري سگهڻ واري نموني، رنڊڪ وجهندا آهن، جيڪڏهن اوائلي ڳانڍاپن منجهان ڪجهه بچيل هوندو آهي ته اهو ان تازي سرت تي اثر انداز ٿيڻ جي مشق ڪندو آهي، تڏهن اسان سمجهندا آهيون ته انهن ڳانڍاپن جو بنياد گذاريل ڏينهن جي ياداشت ۾ مدد ڏيندڙ (Mnemic) نظام تي آڌاريل آهي. ڳانڍاپا اهڙيءَ ريت ان حقيقت ۾ هموار ٿيل هوندا آهن، جيئن مداخلتن جي ڪميءَ جي نتيجي ۾، سهوليت مهيا ڪندڙ دڳ سان سلهاڙ جي وڃجي، تڏهن جلد جوش ۾ اچڻ واري حالت، گذاريل ڏينهن جي ياداشت ۾ مدد ڏيندڙ عنصر سان گڏجي، هڪ جي بجاءِ ياداشت ۾ مدد ڏيندڙ ٻئي عنصر منجهان ڦڙتيءَ سان نشر ٿيڻ لڳندي آهي.

فيصلي لاءِ ڪنهن ڳالهه تي ويچار ڪرڻ وارو عمل، موجود شيءِ کي ضرورت جي حوالي سان، ڪنهن هڪ نه پر ڪيترن ئي ڏينهن جي ياداشت ۾ مدد ڏيندڙ انهن عنصرن منجهان ظاهر ڪندو آهي، جن ۾ هڪ ۽ ساڳيو جوش جذبو هوندو آهي؛ اهي مختلف ۽ مستقل طور محفوظ ٿيل دفتر کي ڇڏي، ادراڪي عنصرن جي ذريعي منتقل ٿيندا آهن.گذاريل ڏينهن جي ياداشت ۾ مدد ڏيندڙ سرشتا، پهرين ته فطري طور ڳانڍاپن جي دفتر تي مشتمل هوندا آهن، ته جيئن وقت سِر ظهور پذير ٿيندڙ واقعن سان منهن ڏئي سگهن، جڏهن ته ساڳيو ادراڪي مواد، ڪن ٻين قسمن جي حوالي سان، پوئين نظام سان مطابقت جو بندوبست ڪندو آهي، ان ڪري انهن پوين سرشتن منجهان هڪ جي: مثال طور ساڳئي قسم جي ڳانڍاپي جي شاهدي، ۽ ساڳيءَ ريت ٻئي ۾ به ملندي ته ان قسم جي سرشتي جي نفسياتي اهميت ۽ خاصيت کي لفظن ۾ ٽنبڻ جي ڪوشش ڪرڻ وقت جو زيان ٿيندو. ان جي ”ڪرداري وصف“ يادگيرين جي خام مواد جي مختلف ترڪيبي جزن منجهان، پنهنجي ڳانڍاپن جي ڄاتل سڃاتل ۽ تمام ويجهين تفصيلن تي انحصار ڪندي آهي. جڏهن ته اسان کي بنيادي قسم جي خيال تي ورتايل مزاحمت جي حدن تي ٻڌل اشارو ملندو آهي، جيڪو انهن موافق يا مناسب عنصرن منجهان جلد جوش اڀارڻ وارو رستو ٺاهي ڏيندو آهي.

هن نڪتي تي مان عام فطرت متعلق هڪڙي راءِ ڏيان ٿو، جيڪا اهم مقصد جي دلالت ڪري سگهي ٿي. اهو ادراڪي سرشتو آهي، جيڪو گنجائش کانسواءِ ترميمن کي استعمال ڪندو آهي، ۽ اهڙيءَ ريت انهن يادگيرين کانسواءِ پڻ، جيڪو سمورين حواسي/ دماغي لياقتن جي ڪيترن ئي قسمن سان، اسان کي ”شعور“ مهيا ڪندو آهي. ٻئي طرف اسان جون يادگيريون، انهن کي قبول نه ڪنديون آهن، جيڪي تمام گهري نموني اسان جي ذهنن تي ڇَپيل هونديون آهن، جن ۾ ”لاشعور“ به هوندو آهي. اهي ”شعور“ به جوڙي سگهنديون آهن، پر ان ۾ شڪ نه آهي ته اهي، جڏهن لاشعوري حالت ۾ هونديون آهن ته پنهنجا سمورا تاثر به پيدا ڪري سگهنديون آهن. اسان پنهنجي ڪرداري وصف متعلق جيڪو ڪجهه بيان ڪندا آهيون، اهو اسان پنهنجي يادگيرين ۾ محفوظ نقشن، نشانن جي بنياد تي ڪندا آهيون، ۽ ان کان علاوه جيڪي نشان يا تاثر اسان تي وڌيڪ اثرانداز ٿيندا آهن، اهي اسان جي جوانيءَ جي شروعاتي دور وارا هوندا آهن، انهن منجهان ڪجهه هوبهو انداز سان شعور ۾ سدائين پيا پلجندا رهندا آهن. پر جيڪڏهن يادگيريون هڪ ڀيرو ٻيهر شعور ۾ اينديون آهن ته اهي حواسي/ دماغي لياقت جو نماءُ نه ڪنديون آهن يا ادراڪ جي ڀيٽ ۾ تمام هلڪي نموني اظهار ڪنديون آهن، ۽ انهن حالتن جي پڪ ڏيارڻ لاءِ ٿوري روشني وجهنديون آهن، جيڪي اعصابي خلل جي اڀار ذريعي اڳواڻي ڪنديون آهن، جيڪڏهن اها ادراڪي سرشتي واري يادگيري ۽ ان جي لياقت ۾، تصديق ٿيل هونديون آهن ته امتيازي طور ”شعور“ تي گڏيل تنقيد ڪنديون آهن.(1)

اسان نفسياتي استعمال ۾ ايندڙ سامان جي تعمير جي سلسلي ۾ مشڪن جي چرپر ۽ حواسي/ دماغي ادراڪ جي مقصد متعلق هڪ مفروضو قائم ڪيو هو، ته اها ڪنهن به حوالي کانسواءِ ئي خواب ۾ يا نفسياتي معلومات جي وسيلي جڙندي آهي، جنهن منجهان نتيجو ڪڍڻ ۾ هاڻي اسان ڀڙ ٿي ويا آهيون. خوابن ذريعي شاهدين جي مدد سان اسان ان سرشتي جي ٻئي حصي کي به سمجهي ويا آهيون.

اسان اهو به ڏٺو ته اسان انهن ٻنهي نفسياتي شعبن بابت دعويٰ ۽ دليل جو خطرو کڻي به خوابن جي جوڙجڪ جي وضاحت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهيون، جن مان هڪڙي ته تنقيد جي حوالي سان سرگرميءَ کي وڌائيندي رهندي آهي، جنهن ۾ شعور جي روڪ ۽ برطرفي شامل هوندي آهي. تنقيد وارو شعبو جنهن کي اسان توڙ تائين رسايو آهي، اهو تنقيدي شعبي جي بنسبت، شعور جي تمام ويجهي تعلق ۾ هوندو آهي: اهو شعور ۽ ويجهڙائيءَ جي وچ ۾ هڪ پردي جيان بيٺل هوندو آهي. ٻيو ته اسان تنقيدي شعبي جي نشاندهي ڪرڻ جا سبب ڳولهيا/ لڌا، ان شعبي جي مدد سان جيڪو اسان جي جاڳ جيون جي رهنمائي ڪندو آهي، ۽ اسان جي شعوري عمل جو رضاڪارانه طور تي تعين ڪندو آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي مفروضن سان هم خيال ٿينداسين ته اسان انهن شعبن کي سرشتن ذريعي بحال به ڪري وٺنداسين، تنهن کانپوءِ اسان جو آخري فيصلو يقينن اسان کي، خواهشن کي منتقل ڪندڙ اڀار جي پڄاڻيءَ/ مقصد (Motor end) جي ان تنقيدي سامان کي ڳولهي لهڻ ۾ رهنمائي به ڪندو. اسان هاڻي پنهنجي نفسياتي سرشتي جي رٿا واري تصوري خاڪي جي ٻن طريقن کي متعارف ڪريون ٿا، جن کي اوهان شعوري ڳانڍاپن جي نالي سان واضح ڪري سگهو ٿا:

 

خواهشن کي منتقل ڪندڙ اڀار جي مقصد (Motor end) بابت مشيني سرشتي جي جٽاءَ کي، اسان ”شعور کان اڳ“(Preconscious) يعني ”تحت شعور“ طور بيان ڪنداسين،(1) ان ڳالهه جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ ته ان ۾ جيڪي جلد جوش ۾ اچڻ وارا عملي طريقا پيدا ٿيندا آهن، اهي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي شعور“ ۾ داخل ٿي ويندا آهن، ته جيئن ٻيون حالتون مهيا ڪري ان جو پورائو ڪري سگهن. مثال طور اهي جڏهن شدت جي ڪنهن درجي تي پهچندا آهن ته ان عملي تسلسل“ کي ”ڌيان ڏيڻ“ (Attention) چئبو آهي، جيڪو خاص رستن مان ورڇ ڪندو آهي. ساڳئي وقت تي، رضاڪاراڻي تحرڪ جي چاٻي به ان سرشتي وٽ هوندي آهي. ان جي پويان ڪم ڪندڙ نظام کي، اسان ”لاشعور“ (Unconsious) طور بيان ڪنداسين، ڇاڪاڻ ته ان کي، سواءِ ”تحت شعور“ (Preconscious) جو، ”شعور“ (Conscious) ڏانهن وڃڻ جو لنگهه نه هوندو آهي، ان وٽان گذرڻ وقت جوش جذبو اڀاريندڙ عمل، کيس ترميم جي لاءِ  سفارش ڪندو آهي.(2)

اسان پنهنجي ادراڪي نظام جي سادگيءَ جي ڪري انهن سرشتن ۾، لاشعور جي سرشتي پاران، خواب کي جوڙڻ وارن ڳانڍاپن جي محرڪن کي بعد ۾ ڳولهيندا آهيون؟

اصل ۾ اسان پنهنجي ايندڙ بحث جي حوالي سان اهو سمجهي وٺنداسين ته اها ڳالهه حقيقت پٽاندر درست نه آهي، ۽ اها ڳالهه به سمجهي وٺنداسين ته ”خوابن جي جڙڻ جو عملي طريقو، پاڻ کي انهن سوچن/ خوابي خيالن (dream- thoughts) سان ڳنڍڻ واري خدمت بجا آڻيندو آهي، جيڪي لاشعور جي نظام جي ملڪيت هوندا آهن. پر اسان جڏهن خوابي خواهش (Dream-wish) تي غور ڪنداسين ته اسان کي اهو نظر ايندو ته ”متحرڪ قوت“، خوابن کي وجود ۾ آڻڻ لاءِ خود ادراڪ منجهان آڻي ٿي پيش ڪري ۽ ان پوئين عنصر جي ٿورائتي هجڻ سبب، لاشعوري سرشتي کي اسان  خواب جي تعميري عمل جو شروعاتي نڪتو ڪري کڻندا آهيون. خيالن جي ٻي سموري جوڙجڪ جيان، خواب کي چورڻ/ ڀڙڪائڻ وارو عمل هڪ قدم اڳتي وڌي ادراڪ منجهان آڻيندو آهي، ۽ اتان آڻي شعور کي رستو ميسر ڪري ڏيندو آهي.

تجربي اسان تي انڪشاف ڪيو آهي ته اهو رستو لاشعور کان شعور ڏانهن  اڳواڻي ڪندي، خوابي خيالن کي، ڏينهن جي دوران ڇنڊڇاڻ جي مدافعتي قوت جي ذريعي ويڙهي ڇڏيندو آهي. رات جو وري اهي شعور ڏانهن ويندڙ رستو هٿ ڪري وٺندا آهن، پر سوال ٿو اٿي ته اهي ڪيئن ڪندا آهن، ۽ ترميم جي ڪهڙي مهرباني مڃيندا آهن. جيڪڏهن خوابي خيال ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪو وسيلو مهيا ڪري ڏيندو آهي ته اها ڳالهه ان ڪري به درست آهي جو رات جو لاشعور ۽ تحت شعور جي سرحدن جي وچ وارن محافظن جي مزاحمت/ مدافعت گهٽجي ويندي آهي، ان ڪري اسان اهي خواب ڏسندا آهيون، جن ۾ خيالن جي فطرت هوندي آهي ۽ جيڪي سودائن ۽ وهمن کانسواءِ هوندا آهن، ۽ گهڻو ڪري اهو ڪجهه ڏسندا آهيون جن ۾ اسان جا ذوق شوق سانڍيل هوندا آهن. اهڙيءَ ريت لاشعور ۽ تحت شعور جي ٻنهي سرشتن جي وچ ۾ ڇنڊڇاڻ جي گهٽجي. وڃڻ سبب انهن خوابن جي جوڙجڪ کي، ”آٽو ڊڊاسڪر“  (Autodidasker) لفظ واري خواب جيان واضح ڪري سگهجي ٿو، پر ٻار جي سڙڻ واري خواب جيان نه، جنهن کي اسان پنهنجي جاچ پڙتال لاءِ ابتدائي نڪتي جي صورت ۾ بيان ڪيو هو.

هڪڙو ئي رستو آهي جنهن جي ذريعي اسان بيان ڪري سگهون ٿا ته ”وهمن ۽ سوداءَ“ وارن خوابن    (Hallucinatory dreams) ۾ ڇا ٿو ٿئي جو اسان کي چوڻو ٿو پوي ته جلد جوش ۾ اچڻ واري حالت، پوئتي هٽڻ واري رخ ۾ وڃڻ لڳي ٿي ۽ اڳتي منتقل ڪرڻ جي بجاءِ خواهشن کي منتقل ڪندڙ اڀار جي مقصد (Motor end) بابت مشيني سرشتي جي استعمال جو سامان مشڪن جي چرپر جي مقصد (Sensory end) ڏينهن هليو وڃي ٿو، ۽ آخرڪار ادراڪي سرشتي تائين پهچي وڃي ٿو. اسان جيڪڏهن ان کي اڳتي وڌندڙ/ ترقي پذير (Progressive) چئون، يعني نفسياتي عمل جي ذريعي ورتل هدايتون، جاڳ دوران لاشعور منجهان اڀرنديون آهن ته پوءِ ان جي ابتڙ خوابن کي پويان کان موٽ کائيندڙ، رجعت پسند ۽ زوال پذير (Regressive) ڪرداري وصف وارو چوڻو پوندو.(1)

اهو ”پويان کان موٽ کائي اچڻ وارو عمل“ شڪ شهبي کانسواءِ خوابي عمل جي هڪ ”نفسياتي ڪرداري وصف“ بڻجي ويندو آهي، پر اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته ”پويان کان موٽ کائي اچڻ وارو“ عمل رڳو خوابن ۾ ئي ظاهر نه ٿيندو آهي. ڄاڻي ٻجهي جمع ڪيل يادون ۽ اسان جي عام رواجي سوچڻ جو ٻيو ترڪيبي عمل، نفسياتي عملي نظام ۾ پويان کان موٽي ايندڙ عمل کي به شامل ڪندي آهي، ۽ گڏوچڙ ٿيل تصوري انداز (جيڪو وٽس موجود هوندو آهي) کان کڻي، بي اعتبار يادن جي ڇڏيل نشانن/ عڪسن کي موٽائي ڏيڻ جو ڪم ڪندو آهي. جاڳ واري حالت ۾ بهرحال اها پوئتي موٽائڻ/ پويان کان کڻي اچڻ واري چرپر گذريل ڏينهن جي ياداشت ۾ مدد ڏيندڙ عڪسن کي پهچ کان وڌيڪ نه ڦهلائيندي آهي، اها چرپر ادراڪ ۾ آيل وهمن ۽ وسوسن جي عڪسن کي نئين سري سان پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيندي آهي.

پوءِ اهي خوابن ۾ ڪيئن ايندا آهن؟

اسان خوابن ۾ ڪاٽ ڪوٽ جي ڪم تي ان وقت غور ڪندا آهيون، جڏهن اسان خيالن سان شامل تيزيءَ ۽ شدت کي، مثال ڪري وٺڻ واري انداز سان سوچيندا آهيون، تيئن اها تيزي يا شدت خوابي ڪم ۾ مڪمل طور تي هڪ جي بجاءِ ٻي خيال ۾ منتقل ٿي ويندي آهي. اهو ممڪن آهي ته اها مٽ سٽ، عام رواجي نفسياتي عمل ۾، جيڪا ادراڪي سرشتي جي جذباتي حملي کي ممڪن بڻائيندي آهي، اها پوئتي موٽ کائيندڙ رخ ۾ خيال جي شروع کان، زندگيءَ سان ڀرپور چمڪندڙ مضبوط حواسي/ دماغي انتها تي رسندي آهي.

غور ڪرڻ واري عملي اهميت ۾ وڌاءُ ڪرڻ بابت اسان پاڻ کي ڪو فريب يا دولاب نه ٿا ڏيون. اسان ان کي ڳُوڙهي يا ناقابل وضاحت جي متي (Phenomenon) جي نالي ڏيڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪم نه ڪيو آهي. يعني هڪ خيال (جتان هو اصل ۾ هلي ٿو) جڏهن خواب جي حواسي/ دماغي عڪس ۾ تبديل ٿئي ٿو ته اسان ان کي ”واپسيءَ وارو عمل/ پويان کان موٽ کائي اچڻ وارو عمل“ (Regression) سڏيندا آهيون.(1)، پر اهو قدم پڻ جواز جي طلب ڪري ٿو.

اهڙن نالن جي فهرست (Nomenclature) ڏيڻ ۾ ڪهڙو نڪتو سمايل آهي. جڏهن ته اهي اسان کي ڪجهه به نئون نه ٿا سيکارين؟

مون کي يقين آهي ته اهو لفظ ”موٽ يا واپسي“ اسان کي گهڻو ڪجهه سمجڻ ۾ مدد ڪندو، خاص طور تي ان حقيقت سان ڳنڍيندِي، جنهن کان اسان پنهنجي ان ”تصوري خاڪي“ (Schematic Picture) جي حوالي سان اڳي ئي واقف آهيون، جنهن ۾ ذهني سرشتو اسان کي، ”ادراڪ/ حس“ يا ”رخ/ رهنمائي“ ڏيندو آهي، ۽ اهو ئي نڪتو آهي جنهن تي تصوير، ان جي جوڙجڪ جي حوالي سان، ان جي آزمائش جي لاءِ، اسان کي بنا ڪنهن وڌيڪ اولڙي جي، خواب جي جوڙجڪ جي وڌيڪ ڪرداري وصف، ٻيهر ڏيڻ/ واپس ڪرڻ شروع ڪري ٿي جيڪڏهن اسان خوابن جي عملي ڪم کي، پنهنجي ذهني دليل يا دعويٰ واري سرشتي ۾ زوال پذير اظهار سمجهنداسين، ته اسان اڳ ۾ ته ان حقيقت کي مشاهداتي وضاحت جي بنياد تي پرکينداسين، ته اسان جي سوچن سان تعلق رکندڙ سمورا منطقي واسطا خوابي سرگرميءَ دوران گم ٿي ويندا، يا ٿي سگهي ٿو ته وڏي ڪوشش کانپوءِ انهن کي ڳولهي لَهجي.

اسان جي ڏنل “تصوري خاڪي“ مطابق اهي واسطا، ”پهرين ياد“ (First Mnem) جي نظام تي ٻڌل نه هوندا آهن، پر ڪن ويجهڙين يادن تي ٻڌل هوندا آهن، ۽ ”واپسيءَ/ موٽائڻ“ واري عملي معاملي ۾ تاثر جي حوالي سان ادراڪي عڪسن کي ڇڏي باقي، ڪجهه نه ڪجهه نقصان ضرور ٿيندو آهي. واپسيءَ واري عمل ۾ سوچن جا تاڪيا، خام مواد جي رنگ ۾ حل ٿي ويندا آهن.

اها ڪهڙي ترميم آهي جيڪا ”واپسيءَ“ کي ممڪن پيشڪش ڪري ٿي. جيڪا ڏينهن جي وقت ۾ ظاهر نه ٿي ٿئي؟

ان نڪتي تي اسان کي، اڻپوري ثبوت منجهان نتيجو ڪڍڻ وارو متن هٿ ڪرڻو پوندو آهي. ان ۾ شڪ نه آهي ته هڪڙي ئي خيال تي غور جي نتيجي ۾ استعمال ٿيندڙ ذهني قوت ۾ اها تبديلي ايندي آهي، جيڪا مختلف سرشتن سان جڙيل هوندي آهي، اها انهن جذباتي شدت واري عملي سرشتن مان گذري تبديل ٿي سهوليت کي وڌائيندي آهي يا گهٽائيندي آهي. پر ڪنهن به قسم جي سرشتي منجهان ساڳي ئي نتيجي جو تاثر هڪ جي بجاءِ گهڻن رستن سان نڪرندو آهي. اسان جا پهريان خيال يقينن ننڊ جي حوالي سان هوندا آهن ۽ جذباتي ذميداريءَ تي غور ڪرڻ جي نتيجي ۾ استعمال ٿيندڙ ذهني قوت ۾ تبديليون، مشڪن جي چرپر يا حسي مقصد جي سرشتي (Sensory end) ڏانهن کڄي وينديون آهن. ڏينهن جي دوران، ادراڪي سرشتي پاران عام قبوليت وارو هڪ مسلسل رجحان، خواهشن کي منتقل ڪندڙ اڀار واري سرگرم رخ ۾ جاري رهندو آهي، پر اهو رجحان رات جو رڪجي ويندو آهي ۽ اها رنڊڪ جذبات جي ان رجحان کي گهڻي دير تائين روڪي نه سگهندي آهي، جيڪا مخالف مقصد ۾ روان رهندي آهي. هتي اسان کي ”ٻاهرين دنيا جا در ٻيڪڙجندي“ نظر اچن ٿا، جتي خوابن جي نفسياتي ڪرداري وصفن متعلق ڪن خيالن يا نظرين تي ٻڌل وضاحتن جهڙا اختيار به ٿين ٿا.

خوابن ۾ ”واپسيءَ“ جي وضاحت متعلق بهرحال اسان کي اهو ذهن ۾ ضرور رکڻ گهرجي ته ”واپسيءَ وارا عمل“ (Regressions) مرض جي حوالي سان جاڳ واري حالت ۾ پڻ ظاهر ٿيندا آهن. اهڙن معاملن ۾ ”واپسيءَ وارو عمل“ حسي رجحان جي ظاهر ٿيڻ جي باوجود بنا ڪنهن تشريح جي اڳيان واري رخ ۾ جاري رهندو آهي. ذهني/ اعصابي خلل جي حوالي سان جنسي بيمارين، هيجان، بيچيني، بي قابو جذبن، چريائپ جي دورن (Hysteria)، وسوسن ۽ ماليخوليا (Paranoia) ۽ خواب يا خيال تصور، ادراڪ وسيلي ڪنهن شيءِ کي سمجهڻ يا دورانديشيءَ وارين صلاحيتن يا ڪشف (Vision) بابت منهنجي ڏنل وضاحتن مطابق، ذهني عمل جا عام رواجي موضوع ان ڪري آهن جو حقيقت ۾ اهي پڻ ”واپسيءَ وارا عمل آهن،“ يعني ”خيال ۽ عڪسن ۾ تبديل ٿيندا آهن.“ پر اهي رڳو خيال ئي هوندا آهن جيڪي ان تبديليءَ جو ڪشالو ڪندا آهن، سي به اهي جيڪي يادگيرين جي گهڻو ويجهو سلهاڙيل هوندا آهن، ۽ اهي ئي پوشيده ٿي ويندا آهن يا دٻجي ويندا آهن يا ”لاشعور“ ۾ رهجي ويندا آهن.

مثال طور هيسٽيريا جو منهنجو هڪ نوجوان مريض، ٻارهن سالن جو ڇوڪرو هو، جيڪو گهري ننڊ منجهان ڇرڪ ڀري اٿي پوندو هو، کيس ”ساوا چهرا ۽ ڳاڙهيون اکيون“ نظر اينديون هيون، جيڪي کيس ڊيڄارينديون هيون. ان غير معمولي صورتحال جو ”ماخذ/ بنياد“ دٻايل هو، ان وقت جڏهن هو شعور ۾ هو ۽ هن اهو چار سال اڳ ۾ ڏٺو هو. ڇوڪري پاڻ کي ننڍپڻ جي خراب (مشت زنيءَ سميت) عادتن جي چتاءُ ڏيندڙ نتيجن ۾ پيش ڪيو هو. هڪ عادت، جنهن جي متعلق منهنجو مريض ماضيءَ جي تجربن تي هاڻي ندامت محسوس ڪرڻ لڳو هو. سندس ماءُ به سندس سست رويو، سائو چهرو ۽ ڳاڙهسريون اکيون ڏسي، ان وقت ئي نشاندهي ڪئي هئي.

اها هئي ان ڇوڪري جي ڇرڪڻ جي اصليت، جنهن جو مقصد رڳو ”ماءُ واري تنبيهه“ جو ياد ڏيارڻ هو، ڇاڪاڻ ته اهڙي قسم جا ٻار بڇڙاين ۾ پلجندا آهن، اسڪولن ۾ پڙهي به نه سگهندا آهن ۽ جوانيءَ ۾ ئي مري ويندا آهن. منهنجي ننڍڙي/ جوان ٿيندڙ مريض، اسڪولي تعليم ۾ ترقيءَ کي نه ڏسي ڄڻ ”اڳ ڪٿيءَ“ (Prophecy) جو هڪ حصو پورو ڪري ورتو هو.اهو سڀڪجهه هن کي پنهنجي غير شعوري خيالن منجهان نظر ٿي آيو، جيڪي هن تي ظاهر ٿي رهيا هئا، جڏهن ته هو ان جي ٻئي حصي کان ڊنل هو. مون ٿورو وقت سندس علاج ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هو ننڊ ڪرڻ جي قابل ٿي ويو. منجهانئس اها شرميلي عادت به نڪري وئي ۽ هو پنهنجي اسڪول ۾ تمام سٺن نمبرن ۾ ڪامياب به ٿي ويو.

ساڳئي طرح مان ڪشف/ خيال، تصور، ادراڪ وسيلي ڪا شيءِ سمجهڻ يا دورانديشيءَ واري صلاحيت (Vision) جي به وضاحت ڪندس، جيڪا هيسٽيريا جي هڪ ٻئي مريض جي حوالي سان مون تي ظاهر ٿي.

اها چاليهن سالن جي عورت هئي، هڪ ڏينهن صبح جو جڏهن هن جي اک کلي ته هن پنهنجي ڀاءُ کي ڪمري ۾ ڏٺو. حقيقت ۾ سندس ڀاءُ پاڳل خاني ۾ هو. عورت جو ننڍو پٽ سندس ڀر ۾ ستل هو، هن جڏهن پنهنجي ٻار جي مامي کي ڏٺو ته ان جي سخت گڙٻڙ جي ڊپ وچان پنهنجي پٽ کي بچائڻ لڳي، هن چادر ڇڪي ان ٻار جي منهن تي وڌي، ان ئي وقت عجيب نموني ۾ نظر آيل پاڇو سندس نظرن کان هڪدم غائب ٿي ويو.

اهو منظر ان عورت جي ننڍپڻ جي يادگيرين جو ترميم ٿيل ترجمان هو ۽ جيئن ته اهو ”شعور“ هو، جيڪو سندس ذهن جي تمام گهڻي ويجهي ۽ سموري ”لاشعوري مواد“ سان سلهاڙيل هو. سندس دائيءَ کيس ٻڌايو هو ته هن جي ماءُ جيڪا پنهنجي جوانيءَ دوران گذاري وئي هئي ۽ تڏهن هوءَ (منهنجي مريضه) اڃان ارڙهن مهينن جي مس هئي. هوءَ مورڇا روڳ/ مرگهيءَ يا زناني جنسي دوري (Hysteria) واري بيماريءَ ۾ مبتلا هئي، اها به اڳ پنهنجي ڀاءُ (خواب ڏسندڙ عورت جي مامي) جي ڪري ڊڄي وئي هئي، جنهن پاڻ کي ڀوت ڪري پيش ڪرڻ لاءِ پنهنجي مٿان چادر ويڙهي هئي. اهڙيءَ ريت اهو نظارو يادگيرين جي ساڳئي عنصر تي ٻڌل هو: ”ڀاءُ جو نظر اچڻ، چادر، ڊپ ۽ ان جو نتيجو.“ پر عنصر هڪ ٻئي انداز جي عبارت تحت جُڙيا هئا ۽ ٻين خيالن، يا دورانديشيءَ واري صلاحيت (Vision) ۾ تبديل ٿيا هئا. ”دورانديشيءَ“ يا ”خيالن“ جو ظاهري مقصد، جيڪو تبديل ٿيو هو، اهو ان عورت جي ننڍڙي ٻار سان وابستا هو، جنهن لاءِ هن سمجهيو ٿي ته اهو به پنهنجي مامي جي نقش قدم تي هلندو، ڇاڪاڻ ته ان جا مهانڊا به پنهنجي مامي جهڙا هئا.

”خيالن جي واپسيءَ واري عملي تبديليءَ جهڙن واقعن جي شاهديءَ لاءِ اسان کي يادگيرين جي اثر رسوخ کي، خاص طور ننڍپڻ جي يادن جي حوالي سان، نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي، جيڪي دٻيل رهجي وينديون آهن يا لاشعور ۾ تسلسل قائم رکيو ويٺيون هونديون آهن. جيڪي خيال، ان قسم جي يادن سان ڳنڍيل هوندا آهن ۽ جن ۾ ڇنڊڇاڻ واري روڪ ٽوڪ جو تاثر شامل هوندو آهي، اهي يادن جي موهه سبب، موٽ کائيندا رهندا آهن، ۽ ان ئي جوڙجڪ ذريعي نمائندگي ڪندا آهن، جن ۾ خود يادون پلجنديون رهنديون آهن.

مون کي پڻ ياد ٿو اچي ته اهڙي هڪڙي حقيقت مون کي ”براير“ واري ”جنسي دوري“ متعلق ڪيل اڀياس ۾ به نظر آئي هئي، ته: ”جڏهن ٻالڪپڻي جي ڪن منظرن کي ”شعور“ ۾ آڻڻ ممڪن ٿئي ٿو (ڀل ته اهي يادن ۾ هجن يا تصور ۾) ته اهي سوداءَ/ وهم جيان نظر ايندا آهن، ۽ رڳو بيان ٿيڻ واري عمل دوران پنهنجي ڪرداري وصف وڃائي ويهندا آهن.“ اهو هڪ اضافي ۽ گهڻو ويجهو مشاهدو آهي ته انهن ۾ پڻ، جن جون يادگيريون عام طور تي نظر ايندڙ طرز جون نه هونديون آهن، ته ٻالڪپڻي جون اوائلي يادگيريون، زندگيءَ سان ڀرپور صلاحيتن واري حس کان گهڻو دور رهجي وينديون آهن.

هاڻي اسان کي پنهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه واضع ڪرڻ گهرجي ته ننڍپڻ جي تجربن يا تصورن جي ذريعي سوچن ۾ ڪيڏيون نه وڏيون ۽ گهڻيون ڪرداري وصفون پيدا ٿين ٿيون، ڪيئن نه انهن جا ڪيترا ئي حصا خوابي متن ۾ ٻيهر داخل ٿيندا رهن ٿا ۽ اتان خوابي خواهشون پڻ پنهنجي منهن ڊوڙنديون اچن ٿيون. اسان انهيءَ ٿيڻ جهڙي ڳالهه کي رد نه ٿا ڪري سگهون ته خوابن ۾، خيالن جو عڪسن ۾ تبديل ٿيڻ، پڻ موهه/ ڪشش جي ڪري هوندو آهي، جنهن ۾ يادون بصري (Visual)صورت ۾ تربيت وٺنديون رهنديون آهن، ۽ نئين سِري سان پيش ٿيڻ جي شوق/ اوسيئڙي ۾ رهنديون آهن، خيالن تي انحصار ڪنديون آهن. شعور کان پاڻ کي ڪاٽي رکنديون آهن ۽ اظهار جي لاءِ رستي جي ڳولها ۾ رهنديون آهن.

ان حوالي سان ”خواب کي ٻالڪپڻي جي منظرن جي لاءِ متبادل طور بيان ڪري سگهجي ٿو، جيڪو تازن تجربن جي ترميمي صورت ۾ تبديل ٿئي ٿو.“ ڇاڪاڻ ته ٻالڪپڻي جا منظر پنهنجي اصل مادي صورت ۾ وري نه ٿا ڏسي سگهجن، ان ڪري اهي خوابن ذريعي موٽي ايندا آهن.

ان رستي جو اشارو، جن ۾ ننڍپڻ جا منظر يا تمثيلي انداز سان ٻيهر پيدا ٿيڻ واري قوت رکندڙ نظارن جا عڪس، خوابن جي متن ۾ ڪنهن مثالي (Model) نموني سان عمل ڪندا آهن، اهي هر قسم جي دعويٰ دليل جي ضرورت کي رد ڪري ڇڏيندا آهن، ان بيان کي ”شيرنر“ ۽ سندس پوئلڳن ”انساني اندروني جوشيلي اڀار جي وسيلن“ جي حوالي سان پيش ڪيو آهي. مطلب ته جڏهن خواب خاص طور تي چٽائي سان اظهار ڪندا يا بصري عنصرن کي چٽائيءَ سان ثابت ڪندا ته ان وقت ”جوش جي بصري“ حالت ئي پيش ٿيندي، جيڪا عضون ۾ اندروني طور اڀريل تحرڪ يا جوش جو عڪس هوندي آهي. اسان کي ان دليل تي ڪنهن بحث ڪرڻ جي ضرورت نه آهي پر ٿي سگهي ٿو ته اسان پاڻ مواد منجهان اهو اندازو لڳايو هجي ته ”اها جوش اڀاريندڙ حالت، رڳو نظر ايندڙ عضون (نڪ، ڪنن، اکين، هٿن، ٻانهن، پيرن يا آڱرين) جي نفسياتي ادراڪ جي سرشتي سان لاڳو ٿيندي آهي؛“ جڏهن ته وڌيڪ اها نشاندهي به ملي ٿي ته جوش واري اڀار يا تحرڪ جي حالت جو سٽاءُ يادگيرين جي ذريعي ٿئي ٿو، جيڪا بصري جوش جي ”وري استعمال ۾ اچڻ واري حالت“ آهي، جيڪا حقيقت ۾ هڪدم اڀري اچڻ وارين حالتن مان هڪ آهي. ٻالڪپڻي جي يادن ذريعي ان قسم جي نتيجي ظاهر ٿيڻ بابت مان پنهنجي تجربي منجهان ڪو سٺو مثال پيش نه ٿو ڪري سگهان. منهنجا خواب عام رواجي آهن، ۽ حسي عنصرن ۾ گهٽ امير آهن، ان ڪري مان ٻين جا مثال ٿو پيش ڪريان. پر مان پنهنجي هڪڙي نهايت چٽي ۽ سهڻي خواب جو مثال پيش ڪريان ٿو، جيڪو مون ڪجهه سال اڳ ڏٺو هو، ان جي خوابي مواد منجهان مان وهم ۽ سوداءُ جي چٽائيءَ کي، حسي لياقتن جي تازين يا ٿورو ويجهين نشانين ذريعي آسانيءَ سان ڳولهي سگهان ٿو، جيئن مون صفحي 533 تي آندو آهي.

مون هڪ خواب قلمبند ڪيو هو، جنهن ۾ گهرو نيرو پاڻي ۽ ڀورو ناسي دونهون، جيڪو جهاز جي چمنيءَ مان نڪري رهيو هو، ۽ گهٽيون ناسي ۽ ڳاڙهيون عمارتون، جيڪي مون کي پويان ويندي محسوس پئي ٿيون، جن مون تي ڳوڙهو اثر ٿي ڇڏيو. هن خواب ۾ جيڪڏهن ڪو بصري اڀار ڳولهي سگهي ٿو ته ٻڌائي ته اهو ڇا هو جن منهنجي نظر ايندڙ عضون کي اهڙي قسم جي اڀار جي حالت ۾ پيش ڪيو؟

يقينن اهو تازو تاثر هو جيڪو پاڻ اڳ وارن ڪيترن ئي تاثرن سان وڃي مليو هو. مون جيڪي رنگ پهرين موقعي تي ڏٺا هئا، اهي رانديڪن جي پيتيءَ سان وابستا هئا، جنهن کي مون خواب ڏسڻ کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ ڏٺو هو، اصل ۾ منهنجي ٻارن انهن رانديڪن وارين سِرُن منجهان، هڪ تمام سهڻي عمارت تيار ڪئي هئي، ۽ مون کان تعريف ڪرائڻ لاءِ مون کي ڏيکاري هئي. وڏيرڙيون سرون ساڳئي گهاٽي ناسي ۽ ننڍيون سرون اهڙي ئي نيري ۽ هلڪي ڀوري رنگ واريون هيون.

انهن رنگن جو تعلق منهنجي اٽليءَ ۾ ڪيل پوئين سفر سان هو: نيري رنگ جي دل کي موهيندڙ ”ايسونزو“ (Isonzo) ندي ۽ سمنڊ جو اهو پاڻي جيڪو واريءَ جي دڙن سبب جدا ٿي بيٺل هو، ۽ ”ڪارسو“ (Carso) جو رنگ.(1) خواب ۾ رنگن جي سونهن جو ورجاءُ منهنجي يادن منجهان نظر آيو هو.

اچو ته هاڻي ان معاملي کي گڏ کڻي هلون ته اسان خوابن جو ڪهڙو نيارو ميلاپ ڳولهي لڌو، جيڪو پنهنجي تمثيلي مواد کي، حواسي/ دماغي عڪسن منجهان آڻي ٻيهر نشر ڪري ٿو. اسان خوابي ڪم جي ان خاصيت جي وضاحت نه ڪئي آهي، ۽ اسان ان کي ڪنهن ڄاتل سڃاتل نفسياتي اصول تحت به نه ڳولهيو آهي، پر اسان ان کي اهڙي انداز سان کنيو آهي، جنهن ۾ اڻڄاتل مفهوم ڪڍڻ جي صلاح شامل رهي آهي، ۽ اسان ان جي ڪرداري وصف لفظ ”واپسيءَ واري عمل“ (Rrgression) سان ڪندا آهيون. هڪڙي تجويز آهي ڇاڪاڻ ته مون کي لڳي ٿو ته ”موٽ کائڻ واري سموري عمل“ جو ممڪن هجڻ، ڪهڙي به جاءِ تي ظاهر ٿيندو هجي، اهو ان مزاحمت جو نتيجو آهي جيڪو شعور منجهان ان وڌندڙ خيال جي ڪنهن عام رواجي رستي سان مخالفت ڪندڙ آهي، ۽ يادگيريءَ جي موجودگي جي ذريعي، ساڳئي ئي وقت واري ڪشش تمام وڏي حواسي/ دماغي قوت سان، خيال تي مشق ڪري ٿي.(1)

خوابن جي معاملي ۾، موٽ کائڻ وارو عمل، ٿي سگهي ٿو ته اڳتي وڌندڙ/ ”گردش ڪندڙ رجحاني وهڪري“ جي خاتمي ذريعي وڌيڪ سهوليت پيدا ڪندو هجي، جيڪو ڏينهن جي دوران حواسي عضون منجهان، ”موٽ کائڻ واري“ ڪنهن ٻي صورت ۾ وَهي آيو هجي، ان مددگار ڪار وهنوار جي غير موجودگي، يقيني طور تي موٽ کائڻ وارن ٻين مقصدن جي لاءِ، تمام گهڻي شدت سبب جڙندي آهي. بهرحال اسان کي اهو وسارڻ نه گهرجي ته ”خيالن جي موٽ کائڻ جي حوالي سان نفسياتي مرض وارن معاملن ۽ خوابي عمل طرفان منتقل ٿيندڙ قوت ۾ اسان جي عام رواجي ذهني زندگيءَ ۾ ياد ايندڙ/ ظاهر ٿيندڙ گذريل خيالن ۾ فرق آهي. انهن پراڻن خيالن جي معاملن ۾ ادراڪي سرشتو، سوداءَ يا وهم کي پيش ڪرڻ ۾  مڪمل طور تي ممڪن بڻائيندو آهي، جنهن کي اسان تشريح ذريعي خوابي ڪم متعلق ”پيش ٿيڻ/ نمائندگي ڪرڻ جي قابليت جي غور فڪر“ (Considerations of Representability) طور بيان ڪيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته اهي ”منتخب موهه“ جي ان لاڳاپي سان کڄي ايندا هجن، جن جي تجربي يا تاثر بصري/ عڪسي طور گڏ ٿيل نظارن ذريعي، خوابي خيالن (سوچن) کي ڇهيو هجي.

وڌيڪ اها نشاني به اڳيان اچي سگهي ٿي ته اعصابي خلل جي نشانين/ علامتن جي جڙڻ واري نظريي ۾ بنسبت خوابن جي، ”واپس آڻڻ وارو عمل“ اهم ڪردار گهٽ ٿو ادا ڪري. اصل ۾ ”واپسيءَ وارو عمل“ ٽن قسمن ۾ ورهايل آهي:

الف: نقشن/ خاڪن يا مقام نگاريءَ وسيلي واپسيءَ جو عمل“ (Topographical regression)، ادراڪي سرشتي جي تصوري رٿا واري تصويري (Schemaitic Picture) خيال کان، جنهن کي مٿي بيان ڪيو ويو آهي.

ب: عارضي يا محدود ڪيل واپسيءَ جو عمل“ (Temporal regression) ان حد تائين، جيستائين پراڻي نفسياتي جوڙجڪ جو سوال/ معاملو آهي.

ٻ: ”مقرر رسمن يا قاعدن پٽاندر واپسيءَ جو عمل“ (Regression)، جنهن ۾ اظهار جي اوائلي زمانن وارين علامتن/ نشانين جي طريقي تحت، عام رواجي انداز سان جاءِ والارينديون آهن.

واپس اچڻ جا اهي ٽئي قسم اهي آهن، جن منجهان هڪ ته تري ۾ هوندو آهي، ۽ گڏجي ڪنهن اصول جيان اظهاربو آهي، ته پراڻي وقت ۾ ڇا هو! ۽ اڳوڻين صورتن ۾ ان جي جوڙجڪ ڪيئن هئي! ۽ نفسياتي نقش نگاريءَ ۾ اهي، ادراڪي سرشتي جي مقصد جي ڪيترو ويجهو هئا!

اسان ”خوابن ۾ واپسيءَ جي عمل“ متعلق موضوع کي ائين ڇڏڻ وارا نه آهيون، حالانڪ اسان اڳي به گهڻو ڪجهه بيان ڪري آيا آهيون ته واپسيءَ جي صورت ۾ گهڻيون ڳالهيون ننڍپڻ جي يادگيرين منجهان داخل ٿين ٿيون، جن جي اظهار جو طريقو ٿورو بدليل هوندو آهي ۽ وقت جي گذرڻ سان انهن جي شدت ۾ به ڪافي ڪمي پيشي ٿي ويندي آهي. ننڍپڻ جي انهيءَ انفراديت جي پويان اسان ننڍپڻ جي حوالي سان نسلي ارتقا جي هڪ تصوير جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، انساني نسل جي ارتقا جو اهو سلسلو فرد جي ذهني ترقيءَ ۾، زندگيءَ جي مختلف موقعن تي، عروج/ پهچ جي اختصار ذريعي اثرانداز ٿئي ٿو. ان حوالي سان اسان ”نطشي“ (Nietzsche) جي اثباتي دعويٰ تي به سوچي سگهون ٿا ته ”خوابن ۾ انسانيت جا ڪجهه اڳوڻا آثار ڪيئن ڪم ڪندا آهن، ”جن تائين هاڻي اسان ڪنهن ڊگهي سفر جي بجاءِ سڌي سنئين ۽ ويجهي رستي سان پهچي سگهون ٿا“ ۽ اسان کي اها اميد آهي ته خوابن جي تشريح اسان کي ماڻهوءَ جي اصلوڪي ورثي کي سمجهڻ ۾ وڏي رهنمائي ڪري سگهي ٿي ته هن ۾ پيدائشي/ فطري نفسياتي مونجهارا ڪهڙا آهن. اسان جي تصوري امڪان جي ڀيٽ ۾ ”خواب ۽ اعصابي خلل“ ماڻهوءَ جي ماضيءَ جي ڪيترين ئي يادگار نشان کي سنڀاليندي نظر اچن ٿا، ان ڪري تحليل نفسي، تجرباتي سائنس جي وچ ۾ اها دعويٰ ڪري سگهي ٿي، جيڪا آڳاٽين عمارتن جي ٻيهر تعمير سان ۽ انساني نسل جي ابتدائي ڌنڌلن دورن سان سلهاڙيل آهي.

 

ٿي سگهي ٿو ته اسان جي ڪيل، خوابن جي نفسياتي اڀياس جي هن حصي اسان کي گهڻو مطمئن نه ڪيو هجي، پر اسان پاڻ کي ان خيال تحت همٿ ڏياريندا رهون ٿا ته اسان هڪ گهور اونداهيءَ مان هڪ رستي جي تعمير ڪئي آهي. اسان جيڪڏهن مڪمل طرح غلطيءَ تي نه آهيون ته ٻين رستن تي هلڻ واري رهنمائي اسان کي رڪجڻ تي مجبور ڪري نه سگهندي ۽ ائين هڪ وقت اهڙو ايندو جو اسان پاڻ کي ڳولهي لهڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين.

  

(3)

خواهش جو پورائو

WISH- FULFILMENT

 

باهه ۾ سڙندڙ ٻار واري خواب، ”خواهشن جي پورائي“ جي نظريي متعلق، پيش ايندڙ مشڪلاتن تي غور ڪرڻ ۽ انهن مسئلن سان منهن ڏيڻ لاءِ اسان جي آجيان ڪئي آهي. ان ۾ شڪ نه آهي ته ابتدا ۾ اسان ان ڳالهه تي حيران ٿيا هئاسين ته خواب، خواهشن جي پورائي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهن ۽ نه ئي ”ڳڻتيءَ جي خوابن“ جي حوالي سان پيدا ٿيل اختلافي صورت وارا آهن.

جڏهن تشريح ڪندڙ ماهرن، اسان تي پهريون ڀيرو خوابن جي پويان ان جي لڪل معنيٰ ۽ نفسياتي اهميت کي پڌرو ڪيو هو ته اسان ان جي هڪ جهڙائيءَ واري ڪرداري وصف جي معنيٰ ڳولهڻ لاءِ واقعي تيار نه هئاسين. ارسطوءَ جي چوڻ مطابق، جيڪا هڪ سادي سودي وضاحت آهي ته:

”خواب سوچيندو آهي ته ننڊ ۾ ماڻهو ڪيڏي نه پرسڪون حالت ۾ آهي (جيئن اسان به ننڊ ۾ هوندا آهيون)، جنهن کانپوءِ اسان جي ڏينهن واري سوچ، مختلف قسم جا نفسياتي ڪردار ادا ڪندي آهي: جهڙوڪ فتويٰ/ فيصلا (Judgment)، انومان (Inference)، ترديد يا نفس مارڻ واري حالت (Denail)، اميدون (Expectations)، ارادا، نيت (Intention) وغيرهه.

ته پوءِ پاڻ کي، رات جي وقت ۽ اڪيلي سِر خواهشن کي پيش ڪرڻ ۾ پابند هجڻ تي ڇو ٿي آماده ڪري؟ يا ائين نه آهي؟ جڏهن ته ٻين گهڻن خوابن منجهان، اسان کي ڪجهه ٻين قسمن جي نفسياتي ڪردار ادا ڪندي نظر ٿا اچن، مثال طور ”پريشانيون“ (Worries)، خواب جي صورت ۾ تبديل ٿي وڃن ٿيون؟ ۽ اهو خواب نه هو جنهن جي مثال سان اسان هي حصو شروع ڪيو آهي، (پنهنجي پَر ۾ نهايت صاف ۽ چٽو) پر اسان جو مقصد فقط اهڙي قسم جي خواب سان آهي. ستل پيءُ تي جڏهن روشنيءَ جا ترورا پيا ته هن پريشانيءَ وچان نتيجو اخذ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پڪ ئي پڪ موم بتي ڪري پئي هوندي جنهن جي ڪري، ٿي سگهي ٿو ته باهه لاش کي وڪوڙي وئي هجي. پوءِ هن جي ذهن خواب ۾ ئي پنهنجي فيصلي/ خيال کي بدلايو، ۽ ”ڪفن جي سڙڻ“ سندس حواسن کي زمان حال جي صورت ۾ تحرڪ ڏنو.

پر وري ڳالهه اها ئي ٿي سامهون اچي ته ان ۾ خواهش جي پورائي ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو؟

ڇا اسان ان ۾ ”خيال جي فوقيت وچان اثرانداز ٿيڻ“ کي ڏسڻ کان قاصر آهيون، جيڪو جاڳ واري حالت ۾ جٽاءُ ڪري بيٺل هو، يا سندس جاڳ دوران ڪنهن نئين امڪان جي نشاندهي جو اڀرندڙ تاثر سندس من ۾ پيدا ٿيل هو؟

اهو سمورو سچ آهي، ۽ اسان کي مڃڻ تي مجبور ڪري ٿو ته خواب ۾ خواهشن جي پورائي متعلق ادا ٿيندڙ ڪرداري وصف کي وڌيڪ ويجهڙائيءَ سان جاچيون ۽ خود ”جاڳندڙ/ جاڳيل خيالن“ (Waking thoughts) جي اهميت تي به سوچيون، جيڪي رڳو ننڊ ۾ به جاري ٿا رهن.

اسان اڳ ۾ ته پاڻ ئي خواهشن جي پورائي جي پويان هلندا ڦرندا رهندا آهيون، جيڪو خوابن ۾ ٻن ٽولين ۾ ورهائجي ويندو آهي. اسان ڪجهه خواب ته اهڙا به لڌا آهن جيڪي خواهشن جي پورائي جو چٽو اظهار آهن ۽ ٻيا وري اهڙا آهن، جن ۾ خواهشن جو پورائو سڃاڻپ ۾ نه ٿو اچي، ۽ ممڪن مقصد ڪڍڻ جي حوالي سان اصل حالت کي ظاهر ڪرڻ بجاءِ ڳجها ٿي وڃن ٿا. ان پوئين انداز وارن خوابن ۾ اسان خوابي ڪاٽ ڪوٽ جي ڪم کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. اصولي طور ڌنڌلي قسم جي ”خواهشن جو پورائو“ اسان کي ٻارن جي خوابن منجهان ملندو آهي: اهي بلڪل مختصر، صاف ۽ اظهار ۾ آزاد خواهشن وارا خواب ڏسندا آهن، ۽ مان ته ان ڳالهه تي زور ڏيندس ته اهڙين لياقتن وارا خواب وڏن ۾ به ظاهر ٿيندا آهن.

اسان ٻيو سوال اهو ٿا ڪريون ته اهي خواهشون اصل ۾ ڪٿي هونديون آهن جو خوابن ۾ اچي سچ ثابت ٿيڻ لڳنديون آهن؟

ممڪنات کي ڪهڙي ڀيٽ يا اختلاف آڏو اچي ٿو؟ يا ان قسم جي اڀرندڙ سوال متعلق، اسان جي ذهن ۾ ڪهڙا نعم البدل پيدا ٿين ٿا؟

مان سمجهان ٿو ته: ڏينهن دوران حياتيءَ جي شعوري طور ادراڪيل معاملن ۽ نفسياتي سرگرميءَ جي وچ ۾ اهو فرق ظاهر ڪرڻ يا اختلاف ڏيکارڻ، ”تضاد“ (Contrast) آهي، جيڪو لاشعوري طور مسلسل موجود رهي ٿو، جنهن کان اسان رڳو رات جو واقف ٿيندا آهيون. مان ان قسم جي خواهش جي وجود کي ٽن ممڪن ذريعن ۾ ورهائي سگهان ٿو:

(1) هن قسم جي خواهش ڏينهن جو اڀريل هوندي آهي: جيڪا خارجي سببن جي ڪري مطمئن نه هوندي آهي، ان صورت ۾ اعترافي/ قبول ڪيل خواهش، جنهن سان سندس ڪو خاص وهنوار ٿيل نه هوندو آهي، اها رات جي لاءِ وقف ٿي ويندي آهي.

(2) هيءَ خواهش به ڏينهن دوران ئي پيدا ٿيل هوندي آهي پر ڪجهه به ڪرڻ کان انڪاري هوندي آهي، جنهن جي ڪري اها شيءِ سَڌَ ئي رهجي ويندي آهي، پر ڪنهن به وهنوار ۾ شامل نه ٿيڻ سبب دٻجي به ويندي آهي.

(3) هن خواهش جو ڏينهن واري اٿڻي ويهڻيءَ سان تعلق نه هوندو آهي، ۽ اها ذهن جي دٻجي ويل/ دٻائي ڇڏيل حصن ۾ شامل خواهشن منجهان هڪ هوندي آهي، جيڪا اسان کي رات جو متحرڪ ڪندي آهي.

اسان جيڪڏهن نفسياتي سرشتي جي تصوري رٿا واري تصوير ڏانهن وري موٽي اينداسين ته اسان پهرين قسم جي خواهشن کي ”تحت شعور“ (Pcs) جي حد ۾ رکنداسين. اسان قطعي طور تي اهو ئي سمجهون ته ٻئي قسم واريون خواهشون تحت شعور“ (Pcs) واري سرشتي منجهان هلي ”لاشعور“ (Ucs) ڏانهن اچن ٿيون:

جيڪڏهن ائين آهي ته پنهنجي هجڻ کي ڪٿي قائم رکن ٿيون؟ جو اسان اهو نتيجو ٿا ڪڍون ته ٽئين قسم جي خواهشن وارو جوش يا محرڪ گڏجي، ”لاشعور“ (Ucs) جي سرشتي کي اورانگهي وڃڻ جي قابل نه هوندو آهي. مطلب اهو ٿيو ته جيڪڏهن خواهشون انهن مختلف سرچشمن منجهان ٿيون اچن ته اهي خوابن جي لاءِ به ته هڪ جيتري ئي اهميت ٿيون رکن ۽ انهن کي تحرڪ لاءِ اڀارڻ جي قوت به منجهن هڪ جيتري ٿئي ٿي.

اسان جيڪڏهن خوابن جي سلسلي ۾ پنهنجي ذهنن کي ڪنهن نڪتي تي آڻينداسين ته ان سوال جو جواب به اسان کي ملي ويندو، ۽ اسان کي هڪدم خيال اچي ويندو ته اسان، کي ”تازي طلب جي محرڪن“ (Current Wishful impulses) جي نالي ۾ خوابي خواهشن جي چوٿين سرچشمي/ ماخذ جو به واڌارو ضرور ڪرڻو پوندو، جيڪو رات جي وڳڙي ۾ (اڃ يا جنسي ضرورت تحت) متحرڪ ٿيندو آهي.

هاڻي ٻئي نڪتي متعلق هڪ رايو اهو جوڙينداسين ته شايد خوابي خواهشن جي اصل ٺڪاڻي تي، خوابن کي چورڻ واري اهليت جو اثر رسوخ نه هلندو آهي. مان اوهان کي ننڍڙي ڇوڪريءَ وارو خواب، ياد ڏياري سگهان ٿو، جنهن ڍنڍ واري سئر جي عرصي کي ڊگهو ڪري ڇڏيو هو، جنهن سئر ۾ کيس ڏينهن دوران رخنو پئجي ويو هو، يا ٻارن جا ڪي ٻيا خواب به جيڪي مان اڳ (ص: 206 تي) بيان ڪري آيو آهيان. انهن جون اهي گذريل ڏينهن واريون خواهشون بيان ڪيل آهن، جيڪي اڻپوريون ته هيون پر ذهن مان نڪتل به نه هيون. آرزو وارا واقعا، جيڪي ڏينهن دوران دٻجي ويندا آهن اهي، خوابن ۾ پنهنجو رستو ڪيترين ئي شين تي مشتمل ۽ گهڻي وڌاءَ واري نموني ٺاهي وٺندا آهن. ان سلسلي ۾ مان هڪ سادو مثال پيش ڪندس:

خواب ڏسندڙ هڪ عورت هئي، جيڪا ماڻهن سان مذاق ڪندي هئي، خاص طور پنهنجي دوستن سان، ۽ هڪ ٻي عورت جيڪا هن کان ننڍي هئي، ازدواجي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي. سارو ڏينهن هوءَ پنهنجي هڪ نوجوان واقف شخص متعلق پڇندي رهي، جنهن کي ان سڃاتو به پئي پر هن خيال ڪيو ته اهو شخص ڇا سوچيندو، ان ڪري هن کي ڪو جواب ته نه ڏنائين، پر ان جي حقيقي تعريف ڪري کيس چپ ڪرائي ڇڏيائين، ته اهو ”ٻارهن“ ماڻهن جيترو طاقتور آهي، ۽ سچ به اهو هو ته اهو شخص اٽڪل ”ٻارهن“ ماڻهن جيترو ئي طاقتور هو. ان رات اهڙي ئي قسم جو ڪو شخص کيس خواب ۾ نظر آيو ته هن ان کان به ساڳيو سوال پڇيو، ۽ هن کيس ساڳئي عدد واري انداز سان ئي جواب ڏنو.

اسان ٿورو پويان ”عددي تجزيي“ متعلق پڙهي آيا آهيو ته جڏهن به ڪو خواب بگڙجي وڃڻ جي صورت مان گذرندو آهي ته خواهش ”لاشعور“ مان اڀري ايندي آهي، ۽ انهن منجهان خاص هڪڙي، جيڪا ڏينهن واري وقت دوران ادراڪيل نه هوندي آهي. اهڙيءَ ريت پهرين جهلڪ ۾ ائين نظر ايندي آهي، ڄڻ اهي سڀئي خواهشون هڪ جيتريون اهم هجن ۽ خوابن ۾ هڪ جيتري قوت رکندڙ هجن.

مان هتي ڪا ثابتي ڏيڻ نه ٿو چاهيان ته ڇاڪاڻ ته سچ اهو ئي آهي، پر مان اهو ضرور چوندس ته مان فرض ڪري وٺڻ وارو ڀرپور لاڙو رکان ٿو، ته خوابي خواهشون رخ ڏيڻ يا تعين ڪرڻ لاءِ پابند هونديون آهن. اهو سچ آهي ته ٻارن جا خواب خواهش کي، شڪ کانسواءِ ثابت ڪندا آهن، اها خواهش جيڪا ڏينهن دوران لهه وچڙ نه به ڪندي آهي، ته به اها خواب کي چورڻ جو ڪم ڪري سگهندي آهي. پر اهو هرگز وسارڻ نه گهرجي ته اها ٻار جي خواهش هوندي آهي، هڪ آرزومند محرڪ جي طور تي، جيڪا مڪمل نموني ٻار جي ئي سگهه/ شدت تي مدار رکي ٿي. منهنجو خيال آهي ته اها گهڻي بي يقيني ڳالهه آهي ته جيڪڏهن ڪنهن نوجوان جي معاملي ۾ جيڪا خواهش ڏينهن دوران پوري ڪانه ٿي سگهندي آهي، اها خواب کي جنمڻ ۾ گهڻي طاقتور هوندي آهي! ان جي ابتڙ مون کي ائين ٿو لڳي ته اسان جي خيالن جي سرگرمي جي ذريعي اسان جي جبلتي حيات مٿان، اڳتي وڌائڻ وارو ضابطو مشق/ عمل ڪندو رهي ٿو، ان جي ڪري اسان اهڙين شدت واري خواهشن جي جوڙجڪ ڪرڻ ۽ قائم رکڻ کي جيئن ٻار بي لاڀ سمجهندا آهن، تيئن گهڻي کان گهڻي لاتعلقيءَ ۽ دستبرداريءَ ڏانهن جهڪاءُ رکندا آهيون. ان معاملي ۾ انفرادي فرق به ممڪن آهي، ۽ اهو به ڏٺو ويو آهي ته ڪيترا ئي ماڻهو ٻين جي مقابلي ۾ پنهنجي ٻاراڻي طرز واري ذهني رويي کي گهڻي عرصي تائين ذهن نشين رکندا آهن. اهڙيءَ ريت انهن جي تصور ۽ بصيرت ۾ ڪمي رهجي ويندي آهي، اهي ائين ئي جيئندا آهن، جيئن ابتدائي سالن ۾ گذاريندا هئا.

پر مان سمجهان ٿو ته عام طور تي ڪا خواهش، جيڪا پوين ڏينهن ۾ اڻ پوري يا اڌوري رهجي ويندي آهي، اها نوجوانن جي حوالي سان خواب کي وجود ۾ آڻڻ لاءِ ناڪافي هوندي آهي. مان بلڪل مڃان ٿو ته آرزومند محرڪ جوش/ اڀار) ابتدائي طور شعور ۾ وجود رکي ٿو، جيڪو خواب جي ڀڙڪائڻ ۾ حصو وٺي ٿو، پر اهو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به نه ڪندو آهي. خواب تيستائين مادي صورت اختيار نه ٿو ڪري سگهي جيستائين تحت شعور (Pcs) ۾ موجود خواهش، ڪنهن ٻي جاءِ تان کڻي آڻڻ واري عمل ۾ ڪامياب نه ٿي ٿئي.

حقيقت ۾ ”لاشعور“ (Ucs) منجهان آڻڻ بابت: منهنجو دليل اهو آهي ته شعوري خواهش، خواب کي ڀڙڪائيندڙ تڏهن ٿي سگهي ٿي، جڏهن اها ”تحت شعور“ ۾ ڪنهن خواهش کي ان ساڳئي روش تحت جاڳائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ۽ کيس وڌيڪ طاقتور بنائڻ جي قوت حاصل هجي.

اعصابي خلل جي نفسياتي تجزيي تحت جيڪي نشانيون ظاهر ٿين ٿيون، انهن تي مان غور ڪندو آهيان ته اهي لاشعوري خواهشون سدائين چوڪس رهنديون آهن، ۽ پنهنجي اظهار جي سلسلي ۾ پنهنجو رستو ڳولهڻ لاءِ هر وقت تيار هونديون آهن، ۽ جيئن ئي شعور منجهان، پنهنجي محرڪ جي شدت کي ٿڌو ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي، ته پنهنجي وڏي زور کي پنهنجين ننڍين توڙي پوين/ گذريل وقتن جي خواهش جي پاسي منتقل ڪرڻ لاءِ تيار رهنديون آهن، بعد ۾ اهي ائين ظاهر ٿينديون آهن ڄڻڪ ”شعوري خواهش“، خواب ۾ اڪيلي سر پاڻ مڃرايو هجي. خواب جي ظاهري صورت ۾ سڙڪن تي رهنمائيءَ لاءِ لڳل نشان (Finger- Post) جيان رڳو ڪجهه ننڍڙيون ۽ نراليون نشانيون خدمت سرانجام ڏينديون آهن ۽ ”لاشعور“ پاران اسان کي تسڪين واري طاقتور رستي تي اچي ڇڏينديون آهن.

گذريل وقتن واريون يا ننڍڙيون خواهشون، پنهنجي سموري ذهني عمل سان لافانيت (Indestructibility) واري ڪرداري ونڊ ورڇ ڪنديون آهن، جيڪي حقيقت ۾ لاشعوري هونديون آهن، اهي رڳو لاشعوري سرشتي (Ucs) سان وابستا هونديون آهن. اهي هڪ قسم جون سڙڪون هونديون آهن، جن تي جيڪا شيءِ هڪ ڀيرو رهجي وئي سا سڄي ڄمار لاءِ اتي ئي رکي هوندي، اها ڪڏهن به بيڪا نه ٿيندي آهي، ۽ جڏهن به جلد جوش ۾ اچڻ وارو لاشعوري اڀار انهن کي ٻيهر نفسياتي قوت ڏيندو آهي ته اهي سدائين نيڪال وارو لاشعوري اڀار انهن کي ٻيهر نفسياتي قوت ڏيندو آهي ته اهي سدائين نيڪال وارو جوشيلو عمل ڪرڻ لڳنديون آهن. جيڪڏهن مان ڪا تمثيل استعمال ڪريان ته ائين چئي سگهان ٿو ته اهي رڳو تباهيءَ ۽ برباديءَ جي ان ساڳئي طريقي تحت قابل هونديون آهن، جيئن ڪو ڀوت رت چوسڻ لاءِ ٻي زندگي وٺي، جاڳيو هجي. هڪ ٻئي خيال کان تحت شعور جو سرشتو (Pcs) فاني قسم جو هوندو آهي، ۽ اعصابي خلل جي تحليل نفسيءَ وارو علاج ان ئي تفاوت تي ٻڌل هوندو آهي.

جيڪا خواهش خواب ۾ پيش ٿيندي آهي، اها گهڻو ڪري ننڍي هوندي واري عمر سان وابستا هوندي آهي ۽ جوان ماڻهوءَ جي معاملي ۾ اها تحت شعور منجهان وجود ۾ ايندي آهي، ٻارن جي معاملي ۾ جيڪڏهن تحت شعور (Psc) ۽ لاشعور (Usc) جي وچ ۾ ونڊ ورڇ جو اختلاف يا ڪاٽ ڪوٽ جو معاملو نه هوندو آهي يا اها ونڊ ورڇ رڳو آهستي آهستي ئي پنهنجو خاڪو جوڙيندي آهي ته اها جاڳ جيون منجهان آيل اڻپوري، اڻ دٻيل خواهش هوندي آهي. مان ڄاڻان ٿو ته اها دعويٰ، سموري ڪائناتي ثابتيءَ تي پوري نه ٿي لهي، پر اها منطقي طور تي ڪنهن اختلاف کانسواءِ، ڪنهن عام رواجي ڏيتي ليتيءَ جيان ۽ انهن بنا شڪ شبهي وارن معاملن ۾ پڻ اڪثر پوري لهندي آهي.

منهنجي خيال ۾، آسائتا محرڪ (Wishful impulses) شعور منجهان ان ڪري نڪري ويندا آهن جو جاڳ جيون انهن کي خوابن جي جڙڻ لاءِ ثانوي حيثيت ۾ ڄڻ ديس نيڪالي ڏئي، ثانوي درجي طور خوابن جي حوالي ڪري ڇڏيندو آهي. مان انهن خيالن جي ساڳئي انداز سان پوئواري ڪندو آهيان، جيڪي خوابن کي نفسياتي طور چورڻ يا ڀڙڪائڻ لاءِ غور ڪرڻ ڏانهن موٽ کائيندا آهن، جيڪي خيال جاڳ جيون ۾ بچيل هوندا آهن، اهي خواهشن کان علاوه هوندا آهن. اسان جڏهن سمهڻ جو فيصلو ڪندا آهيون ته اسان ڪنهن خيال تي غور ڪرڻ جي نتيجي ۾ استعمال ٿيندڙ ذهني قوت کي عارضي طور تي ڏينهن وارن خيالن سان ڳنڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهيون. جيڪڏهن واقعي ڪو ائين ڪري سگهي ٿو ته اهو سٺي ننڊ ڪندڙ هوندو آهي، ان ذمري ۾ پهريون مثال اسان کي ”نيپولين“ (Napoleon) جو ملي ٿو.

پر اسان ائين ڪرڻ ۾ سدائين ڪامياب نه ٿيندا آهيون، نه ئي اسان مڪمل طور تي ڪامياب ٿي سگهندا آهيون. حل نه ٿيل مسئلا، پيڙا، پريشانيون، تباهه ۽ برباد ڪندڙ تاثر/ احساس.... خيالن جون اهي سڀئي سرگرميون ننڊ ۾ کڄي اينديون آهن ۽ ذهن جي عملي طريقن جي مدد سان سرشتن ۾ شامل ٿي وينديون آهن، جنهن کي اسان ”تحت شعور“ (Preconscious) جو نالو ڏيندا آهيون. جيڪڏهن خيالن جي جوش يا اڀار جي درجي بندي ڪرڻ جو خيال ڪريون، جيڪا ننڊ ۾ مسلسل عمل پيرا رهي ٿي ته اسان ان کي هيٺ ڏنل ڪجهه ٽولين ۾ ورهائينداسين:

(1) ڏينهن دوران نتيجو اخذ ڪرڻ لاءِ ڪهڙي شيءِ نه ٿي سگهي يا ڪرڻ کان رهجي وئي، جو موقعي مان فائدو وٺڻ ۾ رڪاوٽ پئجي وئي.

(2) ڪهڙي شيءَ سان ڏيتي ليتي ڪا نه ٿي سگهي، جنهن ۾ پنهنجي ڪمزوري يا ڏاهپ جي ڪميءَ جو احساس پيدا ٿيو هجي، ڪهڙي ڳالهه حل نه ٿي سگهي.

(3) ڪهڙي شيءِ کي رد ڪيو ويو، ۽ ڏينهن دوران دٻائي ڇڏيو ويو. (اهي سڀئي اسان ضرور شامل ڪندا آهيون).

(4) ڏينهن دوران تحت شعور جي سرگرمين جي ذريعي، طاقتور گروهه جي عملي ڪردار اسان جي لاشعور تي ڪهڙو اثر ڇڏيو.

(5) ڏينهن دوران پيدا ٿيل تاثرن جو مجموعو، خاص طور اهي جن سان اسان پنهنجي بيپرواهيءَ سبب ڪا خاص سوچ ويچار نه ڪئي هجي.

منهنجو خيال آهي ته نفسياتي طور پيدا ٿيندڙ انهن سختين/ شدتن کي معمولي سمجهڻ نه گهرجي، جيڪي ڏينهن (جاڳ) واري حياتيءَ جي پونجيءَ جي ذريعي، ننڊ واري حالت ۾ متعارف ٿين ٿيون، ۽ خاص طور گڏ ٿيل انهن احساسن يا ڪيفيتن منجهان جيڪي حل نه ٿيل مسئلن جا مجموعا هوندا آهن. ۽ پوءِ اهي شدتون پنهنجي اظهار لاءِ رات دوران مسلسل جدوجهد ڪنديون رهنديون آهن ۽ اسان ان ساڳي ئي يقين سان اهو اندازو لڳائيندا آهيون ته ننڊ جي حالت، جلد جوش ۾ اچڻ واري عمل لاءِ ان کي، لاشعور ۾ اسان جي عادتن واري ممڪن انداز سان اتساهيندي آهي، ۽ ان جي شعوري نتيجي ڪڍڻ لاءِ، پڄاڻيءَ تائين کڻي آڻيندي آهي. جيتري قدر اسان جي سوچ جا عملي سلسلا، رات جو عام رواجي انداز سان شعور ۾ اچڻ جي قابل هوندا ته اسان پوريءَ ريت ننڊ ڪري نه سگهنداسين. مان اهو چوڻ جي قابل نه آهيان ته تحت شعور جي سرشتي ۾ ڪهڙي ترميم ٿيڻ لڳندي آهي، جيڪا ننڊ واري حالت جي ذريعي کڄي ايندي آهي،(1) پر ان ۾ شڪ گمان نه ٿو ڪري سگهجي ته ننڊ جون نفسياتي/ ڪرداري وصفون، ان خاص سرشتي جي جذباتي نتيجي ۾ وڏي ضرورت تحت ترميمن ڏانهن نهارينديون آهن، هڪ اهڙو سرشتو جيڪو چرپر جي قوت واري صورت ۾ پڻ پهچ جي اختيار ۾ هوندو آهي، جيڪو ننڊ دوران معذور هوندو آهي.

ٻئي پاسي خوابن جي نفسيات مون کي ڪو اهڙو سبب پيش نه ٿي ڪري جو مان چئي سگهان ته ننڊ ڪي ترميمون پيدا ڪندي آهي، ان کان سواءِ ته لاشعور جي سرشتي ۾ شين جي سرسي حاصل ڪرڻ ۾ ثانوي ڪردار ادا ڪندي آهي، ٻيو ڪو رستو نه آهي، سواءِ ان جي ته اها ان جوش يا اڀار تي انحصار ڪري جيڪو تحت شعور مان رات جو ظاهر ٿيندو آهي، بنسبت ان جي ته جلد جوش ۾ اچڻ واريون خواهشون، لاشعور مان اڀري اچن. تحت شعور وارا جوشيلا محرڪ، لاشعور منجهان سگهه وڌائڻ وارا رستا لازمي طور ڳولهي وٺندا آهن، ۽ لازمي طور تي لاشعوري جوشيلا محرڪ پنهنجي چوسول وارن رستن (Circuitous Paths) سان گڏجي ساٿ ڏيندا آهن.

پر تحت شعور جي پوئين ڏينهن جي باقيات جو خوابن سان ڪهڙو تعلق آهي؟

ان ۾ شڪ نه آهي ته اهي خوابن ۾ تمام گهڻي تعداد ۾ گڏجي، پنهنجو رستو ڳولهي وٺندا آهن، ۽ اهي خواب جي مواد کي استعمال ڪرڻ جي لائق بڻائيندا آهن ته جيئن رات جو پڻ انهن کي شعور ۾ داخل ڪري سگهجي. سچ پچ ته اهي موقعي محل سان خوابي مواد تي غلبو به حاصل ڪري وٺندا آهن، ۽ خود ڏينهن جي سرگرميءَ ڏانهن کڻي وڃڻ لاءِ زور بار وجهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.

اهو پڻ يقيني آهي ته ڏينهن جي باقيات، خواهشن جيان سمجهڻ ۾ آسان هوندي آهي، پوءِ ڀلي ته ڪنهن ٻي ڪرداري وصف واري ڇو نه هجي، پر ان جو ڳانڍاپو وڏي هدايت ڏيندڙ ضرور هجي، ۽ خواهشن جي پورائي واري نظريي لاءِ ان جي تڪراري اهميت مثبت انداز جي هجي، اهڙي صورتحال جو مشاهدو ڪرڻ، ان عمل ۾ شامل هوندو آهي، جنهن جي ذريعي اهي باقيات اڳتي روانو ٿينديون آهن ۽ ائين خواب تائين پهچي وينديون آهن.

ان سلسلي ۾ اسان هڪڙو خواب کڻون ٿا جيڪو اسان اڳي به بيان ڪري آيا آهيون، مثال طور هڪ خواب ۾، جنهن ۾ ”اوٽو“ منهنجو دوست (ڏسو باب پنجون: خوابن جو مواد ۽ ماخذ: حصو چوٿون: مثالي يا خاص قسم جا خواب (ص: 497) مون کي عارضي ۾ مبتلا نظر آيو هو. هڪ ڏينهن اڳ ۾ هن جي ڦوٽاريل اکين کي ڏسي ٿورو پريشان ٿي ويو هوس، ۽ ڄڻ هر شيءِ هن سان لاڳو هئي، ان جي پريشانيءَ مون کي وڏي ڳڻتيءَ ۾ وجهي ڇڏيو هو، ۽ ان ڳالهه مون تي ايترو اثر ڪيو جو مون کي لڳو ڄڻ مون ننڊ (سپني) ۾ اندازو پئي لڳايو. اصل ۾ مان ان جي کوج لڳائڻ لاءِ ڳڻتيءَ ۾ هوس ته هن سان اها ڪهڙي ويڌن ٿي هئي. ان پريشانيءَ رات جو خواب دوران ”تاثر“ کي ڳولهيو، جنهن کي مون بيان ڪيو هو، ان جو متن پهرين جاءِ تي بي معنيٰ هو، ۽ ٻي جاءِ تي ان ۾ خواهش جي پورائي لاءِ ڪا عزت ڪانه هئي. جنهن کانپوءِ مون پريشانيءَ جي ان نامناسب تاثر جي اصليت جي کوج  لڳائڻ شروع ڪئي، جنهن کي مون ڏينهن دوران محسوس ڪيو ۽ تشريح جي لاءِ مون ان لاڳاپي جي حوالي سان ان حقيقت کي ڳولهي ورتو جنهن مون کي منهنجي دوست سان ڪي قدر ”لارڊ بائرن“وارين نشانين سان مماثلت جو احساس ڏياريو ۽ منهنجي پنهنجي پروفيسر ”آر“، ڏانهن منهنجو ڌيان کڄي ويو. ڏينهن دوران آيل انهن ٻنهي خيالن منجهان مون کي ان جي متبادل جي لاءِ رڳو هڪڙي خيال جي چونڊ ڪرڻي هئي. ان لاءِ مان پاڻ کي پروفيسر ”آر“ جي تعلق متعلق سڄو وقت پنهنجي لاشعور ۾ سوچن کي گهڙيندو رهيس، ان دوران ننڍپڻ جي واقعي جي نشاندهيءَ جي حوالي سان منهنجي ذهن تي پنهنجي ننڍپڻ جي اڻ وسرندڙ/ جٽادار خواهشن مان هڪڙي مٿڀرائيءَ جي احساس واري (Megalomaniac) خواهش(1)  پوري ٿي هئي. نهايت بيهودن خيالن مون کي پنهنجي دوست جو دشمن بڻائي ڇڏيو هو، جنهن ڏينهن دوران ٻيو ڪجهه به ڪرڻ کان انڪاري ڪري ڇڏيو هو، جنهن خواهش جي ڪنهن ٻي جاءِ تي ترڪي وڃڻ جي موقعي وقت جهلي/ گرفتار ڪري ورتو ۽ ان کي خواب ۾ نمائندگيءَ لاءِ پيش ڪري ڇڏيو، پر منهنجي ڏينهن واري پريشانيءَ به خواب جي متن ۾ هڪ قسم جي تاثر لاءِ متبادل کي به پئي ڳولهيو.

ڏينهن وارن خيالن ۾ پنهنجي سِر ڪا خواهش موجود ڪانه هئي، پر ان جي ابتڙ هڪ پريشاني ضرور هئي، جنهن ڪنهن طريقي سان لاڳاپي جو رستو پئي ڳولهيو يا ننڍپڻ واري ڪنهن ٻي خواهش سان پئي پاڻ کي ڳنڍيو، جيڪا ان وقت ”لاشعوري“ يا دٻجي ويل هئي، جنهن هن کي وسيلو مهيا ڪري پئي ڏنو..... اهڙي سٺي نموني، جيئن ڪنهن جڙي ٻوٽيءَ کي اُٻاري ان مان ست يا عرق ڪڍبو آهي. اهو سچ آهي ته ان جي اصل جاءِ ”شعور“ هو.

وڌيڪ غلبو ڪندڙ پريشاني“ اها هئي، وڌيڪ مجبور يا لاچار اها ڪَڙي هئي، جنهن کي قائم ٿيڻو هو، ان لاءِ هن کي ڪنهن به ڳانڍاپي جي ضرورت ڪا نه هئي ته خواهش جي مواد ۽ ان پريشانيءَ جي وچ ۾ ڪهڙو لاڳاپو آهي، ان ۾ ڪو شڪ نه اهي ته اسان جي مثال ۾ ڪٿي به اهڙي ڳانڍاپي جو ذڪر ٿيل نه آهي.

اها ڳالهه ڪارائتي ٿي سگهي ٿي(2) ته اسان ان سوال جي جاچ پڙتال کي جاري رکون، ۽ ان تي غور ڪريون ته خواب ان وقت ڪيئن ٿو برتاءُ ڪري، جڏهن خوابي خيال پنهنجي ”مواد“ سميت وٽس اچي حاضر ٿين ٿا، جيڪو خواهشن جي پورائي لاءِ مڪمل طور تي محفوظ ٿيل هوندا آهن، اتي پريشانين کي، سٺو جواز آهي، پيڙا جا اولڙا، ايذائيندڙ حقيقت پسنديون پنهنجو پنهنجو جواز رکن ٿيون. ان قسم جي ڪيترن ئي ممڪن نتيجن کي ٻن درجن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:

الف: خوابي ڪم: ڪن غير موافق خيالن جي ذريعي، انهن سمورن ايذائيندڙ خيالن کي، انهن سان ڳنڍيل، دٻائي ڇڏيل ۽ ڏک رسائيندڙ تاثرات سان بدلائڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿو ۽ ان جو نتيجو سڌو سنئون خواب جي اطمينان جو نڪرندو آهي، يعني هڪ اهڙي پڌري خواهشن جو پورائو ٿي ويندو آهي، جنهن کي ڏسڻ کانپوءِ ان جي متعلق وڌيڪ چوڻ جي ضرورت نه پوي.

ب: ڏک ڏيندڙ يا اداس ڪندڙ خيال پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندا آهن، گهٽ يا وڌ ترميمي هوندا آهن، پر خوابي مواد جي وضاحتي پيشڪش ذريعي سڃاپجڻ ۾ گهڻا گهٽ نه هوندا آهن. اهو ئي معامو هوندو آهي جو خوابن جي ”خواهش واري نظريي“ جي جواز يا معقوليت متعلق شڪ شبها پيدا ڪندا آهن ۽ وڌيڪ جانچ جي ضرورت پوندي آهي. ان قسم جا خواب جن ۾ دک يا اداسيءَ جي عبارت هوندي آهي، اهي يا ته ڪنهن اختلافي تجربي سان سلهاڙيل هوندا آهن يا وري اهي، جيڪي انهن سمورن دکن دردن جو نچوڙ هوندا آهن، جيڪي پنهنجي تصور يا تمثيل واري انداز جي متن ذريعي تائيدي ثبوت ڏيندڙ هوندا آهن، يا اهي ڳڻتي کي وڌائيندڙ ۽ جاڳائڻ جو ڪم ڪندڙ به ٿي سگهن ٿا.

تجزيو! ذريعو ثابت ڪرڻ يا مثالن سان سمجهائڻ جي قابل هوندو آهي ته اهي دل ڏکائيندڙ خواب خواهشن جو پورائو ڪندڙ هوندا آهن، ۽ آرام ۽ اطمينان کان گهٽ نه هوندا آهن.

لاشعور ۽ دٻايل خواهشن، جنهن جي پوري ڪرڻ ۾ خواب ڏسندڙ جو آپو (Ego) ڏک رسائڻ جو تجربو ڪرڻ ۾ ناڪام نه ٿيندو آهي، ته اهو ان گذريل ڏينهن جي دکدائڪ باقيات جي جٽاءُ ڪيل جذباتي حملي کي ڏنل موقعي منجهان فائدو وٺندو آهي: هو انهن جي مدد لاءِ کين قرض ڏيندو آهي، ان مقصد لاءِ انهن جي ڪارگذاريءَ کي خوابن ۾ داخل ٿيڻ جي قابل بڻائيندو آهي.

پر جيئن ته ”الف“ واري مجموعي ۾ لاشعوري آرزو شعور سان هم زبان ٿيل هئي، ۽ ”ب“ واري مجموعي ۾ لاشعور ۽ شعور (دٻايل آرزو ۽ آپي) جي وچ ۾ تمام وڏو مفاصلو پڌرو پئي نظر آيو، ۽ پرين واري آکاڻيءَ جي صورتحال ۾ اهي ٽي خواهشون هيون، جيڪي پريءَ پاران هڪ زال ۽ مڙس کي انهن جي پوري ٿيڻ لاءِ تحفي طور ڏنيون ويون هيون.

ڪنهن دٻجي ويل خواهش جي پوري ٿيڻ وارو اطمينان ان ريت تمام وڏي انداز سان مُڙي سگهي ٿو، ته جيئن ڏينهن واري باقيات سان سلهاڙيل انهن ڏکوئيندڙ احساسن سان متوازن ٿي سگهي. ان معاملي ۾ خوابن جو احساساتي آواز مختلف ٿيندو آهي، ان جي باوجود سندس هڪ هٿ تي وٽس ان خواهش کي پورو ڪرڻ هوندو آهي ته ٻئي هٿ تي ڊپ جو پورائو ڪرڻ هوندو آهي. يا ائين به ٿيندو آهي ته ستل آپو (Sleeping ego) خواب جي جوڙجڪ ۾ وڏي حصي جو ونڊ ڪندو آهي، جيڪو دٻجي ويل خواهش جي اطمينان تي هڪ زورائتي پر جائز يا جڳائيندڙ ڪاوڙ ذريعي ردعمل ڏيندو آهي ۽ پنهنجي سِر پريشانيءَ يا ڳڻتيءَ جي اوچتي اخراج سان خواب جي پڄاڻيءَ ڏانهن وٺي ايندو آهي.

اهڙيءَ ريت ان ڳالهه کي ڏسڻ ۾ اسان کي ڪا تڪليف ڪانه ٿيندي آهي ته ناخوشگوار خواب ۽ ڳڻتيءَ يا پريشانيءَ وارا خواب اسان جي نظريي مطابق، اطمينان جا سچار ۽ سڌا خواب هوندا آهن ۽ جهجهي تعداد ۾ خواهشن جي پورائي جيان هوندا آهن.

ناخوشگوار خواب پڻ ”سزا وارا خواب“ (Punishment- dreams) هوندا آهن (ڏسو باب ڇهون: خوابن جو عمل، حصو ڏهون خوابن ۾ اثر انداز ٿيندڙ جذبا) (ص ڀ 688). اهو يقينن مڃڻ گهرجي ته انهن جي شناخت جو مطلب هڪ لحاظ کان خوابن جي نظريي ۾ هڪ نئون واڌارو آهي. انهن ۾ لاشعوري خواهش جيترو اهو ڇا ٿو ڀرجي! جنهن کي اسان وري به ”خواهش“ ئي ٿا سڏيون، جو خواب ڏسندڙ کي ڪنهن دٻجي ويل ۽ لڪل من اڇل جي ترغيب جي سزا ڀوڳڻي ٿي پوي! ان حد تائين جو ان قسم جا خواب ان حالت ۾ ايندا آهن، جن کي اتي هار مڃڻي پوندي آهي، خواب کي جوڙڻ لاءِ متحرڪ قوت، يقيني طور تي ان خواهش پاران مهيا ڪيل هوندي آهي، جيڪا لاشعور جي ميڙا چونڊي سان وابستا هوندا آهي.

ويجهڙائيءَ واري نفسياتي تشريح بهرحال اسان کي اهو ڏيکاري ٿي ته اهڙا خواب ٻين خواهشن وارن سپنن کان ڪيئن مختلف هوندا آهن.

”ب“ واري مجموعي جي تشڪيل جي معاملي ۾، خوابن جي تعمير ڪندڙ خواهش لاشعوري هوندي آهي، ۽ اها دٻجي ويل سامان ۾ سٿيل هوندي آهي، جيتوڻيڪ سزا وارن خوابن ۾ ”خيال“ لاشعور جهڙو ئي هوندو آهي، ۽ اهو يقينن ان سهيڙيل سامان جيان ئي شمار ٿيندو آهي، جيڪو دٻجي ويل سان نه پر ”آپي“ سان سلهاڙيل هوندو آهي. اهڙيءَ ريت سزا وارا خواب ان امڪان جو اشارو ڪندا آهن، ۽ خوابن جي تعمير ۾ بنسبت مناسب سمجهڻ يا قياس طور وٺڻ جي، آپي جو حصو وڌيڪ هوندو آهي. خوابن جي بناوٽ جو ڳانڍاپي وارو نظام عام طور تي نهايت چٽو ۽ نمايان هوندو آهي، ۽ جيڪڏهن ”شعور“ ۽ ”لاشعور“
جي وچ ۾ مخالفت هوندي آهي ته ان جي جاءِ تي اسان ان کي ”آپي“ ۽ ”تڪليف واري يا دٻايل سوچ“ چوندا آهيون.

معاملي جو نفسي اوڻائي/ اعصابي خلل (Psychoneurosis) تي منحصر هجڻ کانسواءِ بهرحال ائين ٿيندو ڪونهي، ۽ ان جي ڪري اها ڳالهه اسان جي هاڻوڪي ڪم ۾ کڄي ڪا نه آئي آهي. مان رڳو اهو اضافو ڪندس ته ”سزا وارا خواب“ ڏينهن جي موڙي يا پونجيءَ واري ان حالت جو عام طور تي موضوع نه بڻجندا آهن، جيڪي ڏک يا تڪليف رسائڻ جي قسم جا هوندا آهن. ان جي ابتڙ اهي نهايت آسانيءَ سان ظاهر ٿيندا آهن جتي ڪو معاملو سامهون هوندو آهي، جتي ڏينهن جي بقايا وارا خيال اطمينان ڏياريندڙ احساس جا هوندا آهن، پر جنهن اطمينان جو اهي اظهار ڪندا آهن، اهو ڳجهو رهجي ويندو آهي، جيڪڏهن اتي ڪا فطري مخالفت هوندي آهي ته ”الف“ واري مجموعي سان وابستا خوابن جيان رڳو انهن خيالن جو ڇڏيل نشان يا نقل ئي خوابي پيشڪش ۾ اظهاربو آهي.

”سزا وارن خوابن“ جي انتهائي لازمي ڪرداري وصف ان جي معاملي ۾ ائين هوندي آهي جو خواب جي بناوٽ ڪندڙ خواهش، ”لاشعوري خواهش“ نه هوندي آهي، جيڪا دٻجي ويل سامان منجهان (لاشعوري سرشتي Psc منجهان) هلي آيل نه هوندي آهي، پر هڪ تعزيري يا سزا ڏيندڙ (Punitive) خواهش ان جي خلاف ردعمل ڏيندي آهي ۽ ”آپي“ جي ميڙي چونڊيءَ سان سلهاڙيل هوندي آهي، ان هوندي به ساڳئي وقت، اها ”لاشعوري“ به هوندي آهي.(1)

هتي مان پنهنجو هڪڙو خواب پيش ڪريان ٿو ته جيئن مان سمجهائي سگهان ته مان ڇا ٿو چوڻ چاهيان، خاص ان رستي سان، جنهن ۾ خواب جو ڪم، پوئين ڏينهن واري تڪليف سان وابستا پيشبنديءَ جي پونجيءَ سان، وهنوار ڪندي نظر اچي ٿي:

غير واضع ابتدا:

”مون پنهنجي زال کي چيو ته مون وٽ تولاءِ هڪ نئين شيءِ آهي، بلڪل خاص. هن خطري جو چتاءُ ڏنو ۽ ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. مون کيس يقين ڏياريو ته ان ڪاوڙ جي بدلي ۾ ڏاڍي سرهي ٿيندي ، جڏهن هوءِ مون کي ٻڌندي، ۽ مان هن کي ٻڌائڻ شروع ڪيو ته اسان جي پٽ جي آفيسرن جي روز ماني کائڻ واري هنڌ (Mess) تان ڪجهه رقم (اٽڪل 5000 ڪرون)(2) آيا آهن..... ڪنهن اعزاز جي حوالي سان.... تقسيم.... ساڳئي وقت مان هڪ ننڍي ڪمري ۾ هليو ويس، اهو سامان سڙي واري ڪمري جيان هو.... ڪجهه ڏسڻ لاءِ..... اوچتو منهنجو پٽ ظاهر ٿيو. هو پنهنجي ڪاموري واري لباس ۾ نه هو، پر کيس سوڙهي راند واري (سامونڊي مڇيءَ جهڙي) پوشاڪ پهريل هئي، مٿي تي هڪ ننڍي ٽوپي. هو هڪ پيتيءَ تي چڙهي بيٺو، جيڪا الماريءَ جي ڀرسان پيل هئي، ائين ٿي لڳو ڄڻ الماريءَ تي ڪا شيءِ رکندو هجي. مون هن کي سڏ ڪيو: هن ڪو جواب نه ڏنو. مون کي ائين ٿي نظر آيو ڄڻ سندس منهن يا نراڙ تي پٽي ٻڌل هجي، هو پنهنجي وات ۾ ڪنهن شيءِ ماپائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، ڪا شي اندر ڊوهي رهيو هو. ۽ هن جي وارن تي ڀوري رنگ جا داغ لڳل هئا. مون سوچيو: ’ڪٿي هو ٿڪل ته نه آهي؟ ۽ هن کي ڪُوڙا ڏند پيل آهن.‘

هن کي ٻيهر سڏڻ کان اڳ ۾ مان جاڳي پيس. مون ۾ ڪنهن به ڳڻتي جو احساس ڪو نه هو، پر منهنجي دل گهڻي ڌڪ ڌڪ پئي ڪئي. منهنجي سامهون لڳل گهڙيال ڏيکاري پيو ته اهو ساڍن ٽن جو وقت هو.

هڪ ڀيرو ٻيهر منهنجي لاءِ مڪمل تشريح پيش ڪرڻ ناممڪن ٿي پيو آهي. مان پاڻ کي بهرحال پابند ٿو ڪريان ته ڪجهه ماٺيڻن نڪتن تي ڪجهه ضرور لکان ته هڪ ڏينهن اڳ واري ڏکوئيندڙ صورتحال کي خواب ڪهڙي طرح اڀار ڏئي ٿو! حقيقت اها آهي ته بنا ڪنهن خبر ڏيڻ جي اسان جو پٽ هڪ هفتي جي لاءِ محاذ تي ويل هو. هاڻي اهو ڏسڻ آسان آهي ته خواب جي متن، قائل ٿيڻ جي احساس کي اظهاريو آهي ته هو اتي فوت ٿي ويو آهي يا زخمي ٿي پيو آهي. خواب جي ابتدا هڪ سگهاري ڪوشش کي، ڏکوئيندڙ خيالن کي الٽي جوڙ ذريعي چٽيءَ ريت منتقل ڪري ڏيکاريو آهي. مون وٽ سمجهائڻ لاءِ ڪجهه وڏيون ۽ قبول ڪرڻ جهڙيون خبرون آهن، ”ڪجهه موڪليل رقم جي متعلق.... اعزاز..... تقسيم.... (رقم: منهنجي طبي پيشي جي مڃيل اظهار مان هلي آئي هئي: ۽ اها اصل ۾ موضوع کان بنهه ڦيرائي ڇڏڻ جي ڪوشش هئي)، پر اهي ڪوششون ناڪام ويون. منهنجي زال ڪنهن خوف سبب بدگمان هئي، ان ڪري منهنجي ڳالهه نه پئي ٻڌائين. لڪل حالتون پڻ ڪجهه نازڪ هيون، ۽ دٻجي ويل حوالا هر پاسي کان ان ۾ داخل ٿيڻ جي تلاش ۾ هئا. جيڪڏهن منهنجو پٽ مارجي ويندو ته ان جو آفيسر سندس سامان سڙو ضرور موڪليندو، ۽ مون کي هن جي ڀائرن، ڀينرن ۽ ٻين ماڻهن ۾ اهو ڇڏيل سامان ورهائڻو به پوندو. هڪ اعزاز! به گهڻو ڪري اهڙي آفيسر کي ضرور ملندو آهي، جيڪو جنگ جي ميدان ۾ مارجي ويندو آهي. اهڙيءَ ريت خواب سٽاءُ ڪري، پهرين سٽ ۾ ترديد جو سڌو سنئون تاثر ڏنو، ان هوندي به بگڙجي وڃڻ واري ڪم ۾ خواهش جي پورائي جي طرف جهڪاءُ پوءِ به پئي ڏيکاريو. خواب دوران علائقي جي تبديلي سمجهه ۾ ايندڙ آهي، جيئن ”سلبرر“ منڍ جو علامتي نظريو (Threshold Symbolism) بيان ڪيو آهي. (ص 612)

اسان ٻڌائي نه ٿا سگهون، اهو سچ آهي، منهنجي ايذاءُ رسائيندڙ خيالن کي اهڙي قسم جي تاثر ڏيڻ جي لاءِ اهو ڇا هيو! جيڪو ڪنهن عمل يا مقصد واسطي متحرڪ قوت، خواب کي مهيا ڪيو هو. منهنجو پٽ ڪٿي ڪِرندي به نظر نه آيو هو، پر هو ته ڪنهن وانگر ”مٿي پئي چڙهيو.“ هو پنهنجي سپاهيءَ واري لباس ۾ به نه هو، پر راندين واري پوشاڪ ۾ هو: ان جو مطلب ته حادثي جو هنڌ، جنهن جي متعلق مان هاڻي ڳڻتي محسوس ڪريان ٿو، اهو شروعاتي راندين منجهان کنيل هو، ان دوران هو ڪنهن پهاڙيءَ تي چڙهيو هو ۽ سندس سٿر واري هڏي ڀڄي پئي هئي. ٻي ڳالهه ته جنهن قسم جي پوشاڪ هن کي پهريل هئي، جنهن منجهان هو دريائي مڇيءَ وانگر پئي لڳو، ته ان تي اوچتو مون کي ڪنهن جو ننڍپڻ ياد اچي ويو. اهو اسان جو ننڍڙو حرڪتي ڏوهٽو هو. جڏهن ته ڪَڪَن وارن تي مون کي پنهنجي ڄاٽي جو مرهيات پيءُ ياد اچي ويو، جنهن پنهنجي سموري ڄمار جنگ وارين حالتن ۾ گذاري هئي.

ته پوءِ ان جو مطلب ڇا ٿيو؟

پر مان ته ان متعلق گهڻو ڪجهه چئي آيو آهيان.

سامان سڙي واري ڪمري جو هنڌ، جتي هڪ الماري رکيل هئي ۽ هن اتان ڪجهه کڻڻ ٿي چاهيو. (پر خواب ۾ هن الماريءَ تي ڪجهه رکڻ پئي چاهيو)، انهن تصورن اتفاق سان مون کي منهنجو اهو حادثو ياد ڏياري ڇڏيو! جڏهن مان اڃان ٽن سالن(1) جو مس هوس ته مان سامان سان سٿيل ڪمري ۾ اسٽول رکي ان تي چڙهي، ڪجهه کڻڻ ٿي چاهيو، اها ڪا الماري هئي يا ٽيبل، پر اسٽول ترڪي ويو ۽ مان ڦهه ڪري اچي هيٺ پٽ تي ڪريس ۽ ان اسٽول جي ڪنڊ منهنجي ٻوٿ تي، هيٺين ڄاڙيءَ وٽ لڳي هئي.

يادگيري ”نصيحت ڀرين“ خيالن جي ذريعي ڳنڍيل هئي:

”ته تون ڪم درست نموني ڪندو ڪر.“

يعني ڪنهن دلير سپاهيءَ جي دل ۾ آيل ڪنهن ورڌي جذبي ڏانهن به اشارو آهي.

گهري تجزيي آخرڪار مون کي ان ڳالهه تي آماده ڪري ورتو ته مان ان جي کوج لڳايان ته اها ڳجهي ترغيب ڪهڙي هئي، جنهن منهنجي پٽ جي خوفناڪ حادثي ۾ اطمينان ڳولهيو هو:

اهو اصل ۾ ساڙ (Envy) هو، جيڪو جوانن جي جواني ڏسي ڪراڙن ماڻهن کي محسوس ٿيندو آهي، ۽ پوءِ به منجهن هوڏ هوندي آهي ته اهي اڃان به ڪنهن کي ڪيرائي، گهوگهو ڏئي مارڻ جهڙا آهن.

هتي انڪار ڪرڻ جو سوال ئي نه ٿو اٿي سگهي ته اها هوبهو ”ڏکوئيندڙ جذبن“ جي شدت هئي، جيڪا ان ڪري اڀري آئي هئي ته جيڪڏهن اهڙي ڪا اڀاڳي ڳالهه واقعي ٿي ٿي وڃي ته ان جو نتيجي اهو نڪرندو ته ”جذبو“ ان قسم جي دٻجي ويل خواهش جي پورائي کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪندو، ان حوالي سان ته ان لاءِ ڪنهن همٿ يا آٿت کي ڳولهجي.

لاشعوري خواهش جي ذريعي خوابن ۾ جيڪو ڪردار ادا ٿئي ٿو، هاڻي مان ان جي اختصار ڏيڻ جي صورتحال تي پهچي ويو آهيان. مان اهو مڃڻ لاءِ تيار آهيان ته سمورن درجن وارا خواب، ڏينهن واري حياتيءَ جي اصولي يا خصوصي پونجيءَ منجهان اڀري آيل معاملن کي چورڻ يا ڀڙڪائڻ جو ڪم ڪندا آهن، ۽ مان سمجهان ٿو ته منهنجي خواهش به ٿي سگهي ٿو ديرپا هجي، جو جڏهن مان هڪ اعليٰ پيماني جو پروفيسر هوس، ته ان مون کي رات جو سک سان سمهڻ واري اجازت به ڏئي ڇڏي هجي، جيڪڏهن منهنجي دوست جي صحت جي پريشاني، مون کي پوئين ڏينهن کان ثابت قدم رهڻ تي نه اڀاري ها (ص: 498-497 ۽ 543)، پر اها پريشانيءَ اڪيلي سِر خواب کي جوڙي نه پئي سگهي. ڪنهن عمل يا مقصد واسطي اندر ۾ موجود نيت واري سگهه، جنهن جي گهرج خواب کي هئي، اها ”خواهش“ جي ذريعي مهيا ڪيل هئي. پريشانيءَ جو اهو ڪاروبار آهي: ڪنهن خواهش کي جهلي وٺڻ، ۽ ڪنهن عمل يا مقصد واسطي اندر ۾ موجود نيت واري سگهه جيان خواب ۾ ڪردار ادا ڪرڻ.

صورتحال! هڪ جهڙائي پيدا ڪرڻ جي ذريعي واضع ٿي سگهي ٿي. ڏينهن جي وقت وارا خيال، خواب جي لاءِ سيڙپڪار (Entrepreneur) وارو ڪردار تمام سٺي نموني نباهي سگهن ٿا، پاڻ سيڙپڪار ائين هوندو آهي، جيئن ماڻهو چوندا آهن ته: هن وٽ منصوبا به هوندا آهن ته اڳڀرائيءَ جا گُر به هوندا آهن پر سرمايي کانسواءِ ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهجي. ان کي سرمائيدار (Capitalist) گهرجي، جيڪو رقم لڳائي، خرچ برداشت ڪري سگهي، ۽ اهو سرمائيدار جيڪو خوابن جي لاءِ نفسياتي خرچ مهيا ڪندو آهي، اهو ثابت طور تي ايترو ئي غير متنازع هوندو آهي، جيتري قدر گذريل ڏينهن جا خيال ٿي سگهن ٿا، ۽ اها آهي ”لاشعور منجهان آيل خواهش“.(1)

ڪڏهن ڪڏهن سرمائيدار پاڻ ئي سيڙپڪار هوندو آهي ۽ سچ پچ ته خوابن جي معاملي ۾ اهو واقعو عام جام هوندو آهي. ”لاشعوري خواهش“، ڏينهن جي سرگرمين ذريعي چوريندڙ ۽ اڀاريندڙ ٿيندي آهي، ۽ خواب جي تعمير ۾ اڳڀرائي ڪندي آهي، ان ڪري اقتصادي صورتحال ۾ ٻين ممڪن لاهين چاڙهين يا مٽ سٽ کي مون خوابي عمل جي تسلسل سان تشبيهه ڏني آهي. سيڙپڪار هو پاڻ ٿي سگهي ٿو ۽ سرمايي جي حوالي سان ٿورو گهڻو سرمايو به لڳائي سگهي ٿو، پر گهڻا سيڙپڪار، سرمائيدار وانگر ئي سرمايو لڳائيندا آهن. ڪي سرمائيدار وري، سيڙپڪاريءَ جي ضرورتن لاءِ گڏجي به ڪم ڪري سگهندا آهن. بلڪل ساڳئي رستي سان، اسان خواب جي گذرگاهن کي پار ڪري آهيون، جيڪي هڪ جي بجاءِ ٻين گهڻين خوابي خواهشن جي ذريعي مدد ڪندڙ آهن، ۽ ائين ئي هڪ جهڙي لاهين چاڙهين تان به، جن تان آسانيءَ سان گذري يا ڊوڙي ڊڪي سگهجي ٿو، پر انهن ۾ اسان جي وڌيڪ دلچسپي ڪا نه آهي. پر اسان خواب جي خواهش کي سمجهڻ لاءِ پاڻ کي بهرحال وقف به ڪري ڇڏيو آهي.

ڪا شيءِ جا ڪنهن نه ڪنهن ريت ٻن شين سان واسطو رکندڙ هجي، پر الڳ هجڻ واري مشابهت (Tertium Comparationis) (مشابهت جو ٽيون ترڪيبي عنصر) ۾، جنهن مشابت کي مان استعمال ٿو ڪريان اها ”مقدار“ جي هڪ جيترائي هوندي آهي.(1) جهڙيءَ ريت مناسب حد تائين، سيڙپڪار کي رقم جي اڪلاءَ جو اختيار هوندو آهي، تيئن خوابن جي تعمير ۾ هيڪاري هڪ وڏي تفصيل ذريعي نروار ڪرڻ جو مقصد لاڳو ڪرڻ جي، قابل هوندي آهي. ڪيترن خوابن ۾ ان جي مرڪزي نڪتي کي ڳولهي وٺڻ آسان هوندو آهي، جيڪو خاص حواسي شدت ذريعي نشاندهي ڪندو آهي، جيئن مان صفحي 417 تي لکي آيو آهيان.

اهو مرڪزي نڪتو، اصولي طور خواهش جي پورائي جي نمائندگي ڪندڙ هوندو آهي، ان لاءِ ته جيڪڏهن اسان خوابي ڪم جي لاءِ آندل هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ واري مٽا سٽا يا گم ڪري ڇڏڻ وارا خيال، دل ۾ نه آڻيون ته اسان ڏسنداسين ته خوابي خيالن ۾ ترڪيبي عنصرن جي نفسياتي شدت به اصل خواب جي متن ۾ حواسي/ دماغي شدت وارن جزن جي ذريعي منتقل ٿي ويندي. جيڪي ترڪيبي جزا خواهشن جي پورائي جا پاڙيسري هوندا آهن، گهڻو ڪري ساڻس مطلب سان مطلب رکندا آهن، پر اخذ ڪيل ايذائيندڙ خيالن ۾ بدلجي ويندا آهن، جيڪي خواهش جي خلاف ڊوڙڻ لڳندا آهن، پر پنهنجي وجود ۾ پابند هجڻ جي باوجود مرڪزي نڪتي سان هٿراڌو طور ڳانڍاپو ڇو قائم رکندا آهن؟ اصل ۾ انهن کي تمام گهڻي شدت جي ضرورت پوندي آهي، جيڪا انهن کي خواب ۾ پيش ٿيڻ جي قابل بڻائيندي آهي. اهڙيءَ ريت خواهشن جي پورائي جي ”طاقت“ جو، نمائندگيءَ لاءِ ”عيوضي“ ٿي اچڻ، پنهنجي اوسي پاسي وارن انهن دائرن ۾ ڌنڌلو ٿي ويندو آهي، جن ۾ سمورا عنصر اچي وڃن ٿا ۽ اهي به جن جو انهن ۾ ڪو مطلب نه هوندو آهي. خوابن جي معاملي ۾ اهي عنصر جيڪي ڪيترين ئي خواهشن جي ذريعي ذهانت سان هلندا آهن، انهن جي لاءِ مختلف خواهشن جي پورائي جي حدن کي لاحد ڪرڻ آسان هوندو آهي، ۽ خوابن ۾ رهجي ويل خال، انهن دائرن/ مدارن ۾ گهڻو ڪري سرحدي دائرن/ مدارن جيان سمجهه ۾ ايندڙ هوندا آهن.

جيتوڻيڪ اسان مثال طور پيش ٿيندڙ ڳالهين جي ڪري، غور فڪر وارن انهن معاملن جي اهميت کي گهٽائيندا آهيون، جيڪي خوابن ۾ ڏينهن جي باقيات جي ذريعي ڪردار ادا ڪن ٿا، پر اهي، انهن ڏانهن ڌيان ڏيڻ لاءِ ڪجهه وڌيڪ ڪارائتا ٿين ٿا. مان ان خيال جو آهيان ته اهي خواب جي جڙڻ جو لازمي جزو هوندا آهن. هيل تائين جيڪي تجربا پڌرا ٿيا آهن، انهن جي حيرتناڪ حقيقت اها آهي ته هر ڪنهن خواب جي متن ۾ ويجهي ڏينهن واري وقت جي تاثرن جو ڪو نه ڪو واسطو ضرور آهي، گهڻو ڪري غير اهم يا ناقص قسم جو ئي سهي، پر اهو ڳولهي لهڻ جهڙو هوندو آهي. اسان هن وقت تائين ان خوابي نظام جي آميزش جي وضاحت جي ضرورت متعلق ڪو اضافو نه ڪيو آهي، ۽ ائين ڪرڻ رڳو ان طرح ممڪن آهي ته جيڪڏهن اسان پنهنجي ذهنن ۾ مستحڪم خيال قائم ڪريون ته لاشعوري خواهش جي ذريعي جيڪو حصو پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿو، اهو اعصابي خلل واري نفسي عمل کان معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اسان اڳ ۾ اهو سکي آيا آهيون ته لاشعوري خيال، پنهنجي شدت کي منتقل ڪرڻ جي ذريعي، ۽ پاڻ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ تحت شعور ۾ داخل ٿيڻ جي قابل هوندا آهن ۽ اهو به ته ڪنهن به اهڙي خيال سان واسطي قائم ٿيڻ جي ذريعي، اتي جي ڪنهن به تاثر جي رڳو ذهني سرگرمي يا مشق ٿي سگهي ٿي، جيڪو خيال اڳ ۾ ئي تحت شعور جي ملڪيت هوندو آهي. هتي اسان کي انتقال (Transference) جي حقيقت(2) حاصل ٿئي ٿي، جيڪا اعصابي خلل واري ذهني زندگيءَ متعلق ڪيترين ئي حيرت ۾ وجهندڙ منطقي مشاهدن جي وضاحت مهيا ڪري ٿي.

لاشعوري رِٿ، جيڪا اهڙيءَ ريت شدت جي غير مستحق (Undeserved) حرارت حاصل ڪري ٿي، اها ”انتقال“ جي ذريعي، يا ته اڻ مَٽيل (Unaltered) ڇڏي ڏيندي آهي يا جيڪو خيال جي ان متن منجهان اچي ٿو ان تي، ترميمي طريقي جو دٻاءُ وجهي سگهي ٿي، جيڪو ”انتقال“ کي اثر انداز ڪري ٿو. مون کي اميد آهي ته اوهان روز مره زندگيءَ طرفان مشابهت رکندڙ تصوير ڏيڻ تي مون کي درگذر ڪندا، پر مان اهو چوڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو ته ڪنهن ”دٻجي ويل خيال“ جي صورت ان سان مشابهه آهي، جيئن اميريڪا جي ڏندن جو ڊاڪٽر جرمنيءَ ۾، جنهن کي تيستائين ڪنهن به عمل جي اجازت نه هوندي آهي جيستائين اصولي طور تي طبي پيشي ۾ سند يافته نه هوندو ۽ ڪاٺيءَ جي گهوڙي وانگر خدمت نه ڪندو ۽ خاص طور تي قانون جي نظرن ۾ پناه ورتل نه هوندو. ۽ جهڙيءَ ريت ائين ڪڏهن نه ٿو ٿي سگهي ته ڪي جسماني علاج ڪندڙ ڪنهن وڏي سطح واري پيشي جي لاءِ ڏندن واري ڊاڪٽر سان ان قسم جو الحاق ڪري سگهي، بلڪل ائين، ”تحت شعوري“ يا ”شعوري“ خيال، جنهن ”ڌيان“ جو ڪشش ڪندڙ تمام گهڻو ذخيرو اڳ ۾ ئي گڏ ڪري ورتو هجي، ان جو تحت شعور ۾ هٿ وجهي، ڪنهن دٻجي ويل خيال کي انفرادي طور چونڊڻ تيستائين ممڪن نه ٿو ٿي سگهي. جيستائين ان جي ڍڪ (Cover) جي صورت ۾ عمل نه ڪندو. لاشعور پنهنجي نسبتن کي تحت شعور جي چوڌاري موجود تاثرن، خيالن ۽ احساسن کي اڻڻ جي اهميت ڏيندو آهي، جيڪي يا ته ”اڻ ڌريا“ هوندا آهن، جن تي گهڻو ”ڌيان ڏنل نه“ هوندو آهي، يا وري اهي جيڪي ”رد ٿيل“ هوندا آهن، جن تي باقاعدي ڌيان ڌري، پوءِ ”هٿ کڻي ورتل“ هوندو آهي.

اسان جيڪڏهن دعويٰ ڪريون ته دٻجي ويل خيالن جي ”انتقال“ لاءِ ساڳئي ضرورت، جنهن کي اسان اعصابي خلل وارين بيمارين جي تجزيي ذريعي دريافت ڪيو آهي، سا پڻ خواب جي ڪم ۾ رڌل رهندي آهي، ته بلڪل هيٺين سطح تي خواب جون ٻه ڳجهارتون سَلجي ٿيون وڃن: ڄڻ ته هڪ حقيقت سامهون اچي ٿي وڃي ته خوابن جو هر تجزيو ”تازي تاثر“ کي ظاهر ڪندو آهي، جيڪو پنهنجي تاڃي پيٽي ۾ اهڙيءَ ريت ئي اڻيل هوندو آهي، ۽ اهو به ته: تازو عنصر گهڻو ڪري نهايت خسيس قسم جو هوندو آهي. ان متعلق اسان اڳ ۾ به چئي آيا آهيون ته ڪهڙو سبب آهي جو اهي تازا ۽ خسيس قسم جا جزا خوابن ۾ سمورن ۽ تمام آڳاٽي ۽ اوائلي خوابي خيالن لاءِ ڪنهن متبادل جيان لڳاتار پنهنجو رستو ڳولهي وٺندا آهن، ۽ اهو به ته: اهي انهيءَ ڪاٽ ڪوٽ يا ڇنڊ ڇاڻ جي خطري کان به بيپرواهه هوندا آهن، جيڪا ”مدافعتي قوت“ مٿن مڙهيندي آهي.

پر جيئن حقيقت اها آهي ته غير ضروري يا معمولي عنصرن کي به ڇنڊ ڇاڻ طرفان ڪيل وضاحت سبب، آزاد هئڻ جي ترجيح مليل هوندي آهي، ان جي ڪري ئي ته ويجهڙائيءَ وارا عنصر منتقل ٿيڻ جي عملي ضرورت لاءِ اهڙن ئي اصولي سٽاءَ وارن نڪتن سان ظاهر ٿيندا آهن. تاثرن يا نشانن جا ٻئي ٽولا، انهن دٻجي ويل خيالن جي گهرج کي، مواد لاءِ مطمئن ڪندڙ هوندا آهن. انهن جو رشتو واضع طور تي، انهن خسيس قسم جي خيالن سان اڃان  قائم هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته انهن وٽ تشڪيل ڏيڻ لاءِ واقعا/ موقعا نه هوندا آهن، ۽ ويجهڙائيءَ وارن عنصرن وٽ انهن کي جوڙڻ جو به وقت نه هوندو آهي.

پوءِ اهو ڏسي سگهجي ٿو ته ڏينهن واري بچت سچت، جن منجهان اسان هاڻي خسيس تاثرن يا نشانن جي درجي بندي ڪري سگهون ٿا، نه رڳو لاشعور کان ڪجهه اڌارو وٺڻ سان، جڏهن اهي خوابن جي جوڙجڪ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا، ته لڳي ٿو ته ڄڻ جبلتي زور دٻجي ويل خواهش جي رحم ڪرم تي هجي، پر اهو پڻ ”منتقل“ ڪرڻ لاءِ ڳانڍاپي جي ضروري نڪتن سان لاشعور کي ڪجهه نه ڪجهه پيش ضرور ڪندو آهي.

جيڪڏهن اسان جي اها خواهش هجي ته ذهني عملي نڪتن تي اڃان وڌيڪ گهرائيءَ سان نظر ڪريون، ته اسان کي تحت شعور ۽ لاشعور جي وچ ۾ جلد جذبات ۾ اچڻ واري حالت جي هڪ ٻئي تي، اثرانداز ٿيڻ واري معاملي تي وڌيڪ روشني وجهڻي پوندي. ان موضوع جي اڳڀرائي، جيڪا نفسي/ اعصابي مرض جي صورت ۾ اسان تشڪيل ڏني آهي پر انهيءَ تي، جيئن اڳڀرائي ٿيڻ گهرجي، ان سلسلي ۾ اڃان خوابن اسان کي ڪا خاص مدد ڪا نه ڪئي آهي.

مون وٽ ”ڏينهن واري پونجيءَ“ جي سلسلي ۾، شامل ڪرڻ لاءِ رڳو هڪڙي شيءِ وڌيڪ آهي: ان ۾  ڪو به شڪ نه آهي ته ”اها ئي هڪڙي شيءِ آهي“ جنهن ۾ سمايل ايتريون سچيون پچيون ۽ بيزار ڪندڙ ڳالهيون به موجود هونديون آهن جيڪي ننڊ ئي حرام ڪري ڇڏينديون آهن، پر اهي خوابن کي تنگ نه ڪنديون آهن، پر اهي ان جي ابتڙ هڪ ”محافظ“ جيان تعلق رکنديون آهن. مان ان نڪتي تي اڳتي موٽي ايندس.

اسان ڪنهن حد تائين خوابي خواهشن جو اڀياس ڪيو آهي: اسان انهن کي انهن جي اصلي صورت ۽ لاشعور جي علائقن ۾ ڳولهي ورتو آهي، اسان انهن جو ڏينهن جي باقيات سان تعلق جو تجزيو ڪيو آهي، جن ۾ انهن جو مُڙڻ: يا ته خواهشن جي پاسي يا ڪن ٻين قسمن جي نفسي من اڇل ڏانهن، يا وري ويجهڙائيءَ وارن نشانين جي طرف ٿيو ٿي. ان رستي سان اسان هر ڪنهن جي دعويٰ لاءِ هڪ خالي جاءِ به ڇڏيسين ته متان ڪيترن ئي عنصرن ۽ عددن تي ٻڌل (Multifarious) سجاڳ خيالي سرگرميون، خوابن جي تشڪيلي عمل جي سلسلي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ واري اهميت جي حمايت ۾ نه اڀري اچن. اهو ناممڪن ته نه آهي، تنهن هوندي به اسان جو کاتو کليل هجي ته جيئن انتهائي معاملن جون اهي سمجهاڻيون ۽ وضاحتون به شامل ٿي سگهن، جن ۾ هڪ خواب ڏينهن وارين سرگرمين ڏانهن راغب ٿيندو آهي ۽ جاڳ جيون جي انهن چند اڻ حل ٿيل مسئلن جو خوشگوار حل ڪڍي ڏيڻ لاءِ اچي رسندو آهي.

اسان سڀني کي ان قسم جي مثال جي ضرورت آهي، ته جيئن اسان ان جو تجزيو به ڪري سگهون ۽ ٻالڪپڻي وارن اصل سببن يا دٻجي ويل خواهشن جا سرچشما ڳولهي سگهون، جن جي مدد ڪنهن مقصد سان واڳيل هجڻ ۽ تحت شعور جي سرگرمين جي ڪوششن کي سگهارو بنائڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿي. پر اها سموري مدد اسان کي ان پيروليءَ کي ڀڃڻ ڏانهن هڪ قدم به اڳتي وٺي نه ٿي هلي ته ائين ڇو آهي جو لاشعور وٽ سواءِ خواهش جي پورائي جي مقصد واري سگهه جي، ننڊ دوران ڏيڻ لاءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. ان سوال جو جواب يقينن خواهشن جي نفسي فطرت تي روشني وجهڻ سان ملندو ۽ ان جي جواب ڏيڻ جو مقصد، نفسي/ ذهني ڪار وهنوار هلائيندڙ سرشتي متعلق تصوري رٿا واري خاڪي (Schematic Picture) جي حوالي سان پيش ڪيل آهي.

ان ۾ شڪ نه آهي ته نفسي/ ذهني ڪار وهنوار هلائيندڙ سرشتو پنهنجي حال (Present) واري پورڻتا، ارتقا جو تمام ڊگهو عرصو لتاڙي پهتو آهي. اچو ته ان کي، ان جي عملي وسعت جي ابتدائي مرحلي ڏانهن، پوئتي کڻي هلڻ جي ڪوشش ڪريون. دليل اهو آهي ته: ان جي جواز کي ٻين رخن ۾ ڏسڻ، اسان کي ٻڌائي ٿو ته پهرين نفسي/ ذهني ڪار وهنوار هلائيندڙ سرشتي جون ڪوششون ان تسلسل واري پاسي هيون، جيڪي جوش اڀاريندڙ تحرڪ لاءِ به ممڪن حد تائين آزاد هيون(1) نتيجي ۾ ان جو پهريون ڍانچو، ”اولڙو ڪندڙ“ وهنواري منصوبي تي هلڻ لڳو ته جيئن حواسي/ دماغي جذبات ان تي بيجا مداخلت ڪري، ۽ خواهش کي منتقل ڪندڙ اڀار سان گڏجي ٺهه پهه نيڪال ڪري سگهي. پر زندگيءَ جي تڪڙي ڌيان طلبيندڙ حالتن، ان سادي عملي تسلسل ۾ رڪاوٽ ٿي وڌي، ان ڪري ان وهنوار جي وڌيڪ ترقيءَ لاءِ ان کي ”محرڪ“ تي پابند ڪيو ويو. زندگيءَ جي هنگامي حالتن پهرين ته جسماني جيو گهرڙن جي اهم ضرورتن جي صورت ۾ ان سان مهاڏو اٽڪايو. اندروني ضرورتن جي ذريعي جلد جوش ۾ اچڻ واريون حالتون يا جذبا پيدا ٿيا، جن نيڪال/ اظهار لاءِ تحرڪ جي تلاش ڪئي، جن کي ”اندروني تبديلي“ يا ”جذبن جي اظهار“ طور بيان ڪيو ويو جهڙوڪ: بک وگهي هڪ ٻارڙيءَ جو رڙيون ڪرڻ يا بيڪسيءَ وچان دڙها/ ٿڏا هڻڻ.

پر صورتحال ساڳي اڻ مَٽيل رهي، جلد جوش ۾ اچڻ واري حالت لاءِ، جيڪا اندروني ضرورت تحت اڀري ٿي آئي، اها گهڙي پل واري تاثير يا احساس جي پيدا ٿيل زور جي ڪري نه هئي، پر ان لاءِ هئي، جنهن لاءِ هڪ مسلسل ڪاروائيءَ جي ضرورت هئي. تبديلي رڳو ان صورت ۾ اچي سگهي پئي، جيڪڏهن ڪنهن طريقي (جيئن ٻارڙيءَ پئي ڪيو) يا ٻئي ”اطمينان جي تجربي“ جي ذريعي حاصل ڪري سگهجي ها، جيڪا اندروني طور اڀرندڙ تحريڪ کي پڄاڻيءَ تي رسائي پئي سگهي. ان ”اطمينان جي تجربي“ جو لازمي عنصر هڪ ”خاص ادراڪ“ آهي (اسان جي مثال مطابق اها ”خوراڪ“ آهي)، گذاريل ڏينهن جي ياداشت ۾ مدد ڏيندڙ (Mnemic) اهو تصور! جيڪو تڏهن کان وٺي ماڻهوءَ سان واڳيل رهيو آهي، جڏهن کان ”ضرورت“ جي ڪري جذبن جي پيداوار ٿي آهي ۽ ماڻهوءَ ئي ان کي دريافت ڪيو آهي ۽ يادگيرين جي ذريعي سانڍيو آهي. ان سلسلي جو نتيجو آخرڪار قائم ٿي ويو، ان کانپوءِ ٻيو وقت اهڙو آيو جو ان ”ضرورت“ نفسي من اڇل/ ذهني ترغيب کي ٽيڪ ڏني ۽ اها بنا دير جي انساني سوچ ۾ داخل ٿي وئي، جنهن نفسي/ دماغي قوت ذريعي گذاريل ڏينهن جي ياداشت ۾ مدد ڏيندڙ ادراڪيل تصوراتي عڪسن/ منظرن کي ٻيهر ڳولهڻ ۽ ٻيهر سڏڻ ۽ پڪارڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي ”اصلوڪي اطمينان جي صورتحال کي ٻيهر بحال ڪرڻ“ سڏيو ويو.

ان قسم جي ”من اڇل“ کي اسان ان ڪري ”خواهش“ سڏيون ٿا جو اهو ادراڪيل من اڇل جو ٻيهر اظهار ئي ته ”خواهش جو پورائو“ آهي، ۽ خواهش جي پوري ٿيڻ جو رستو به ڪيڏو نه مختصر آهي، ۽ هي اهو ئي رستو آهي، جيڪو ادراڪ/ سمجهه جي مڪمل نفسي/ ذهني قوت جي ضرورت جي ذريعي، پيدا ٿيل جذبن جي اڀار واري علائقي کان سڌي سنئين رهنمائي ڪندو آهي. اسان کي اهو تسليم ڪرڻ کان ڪو به روڪي نه ٿو سگهي ته اتي نفسي/ ذهني ڪار وهنوار هلائيندڙ سرشتي جي هڪڙي تمام اوائلي قسم جي وادي هوندي آهي، جنهن ۾ اهو رستو اصل ۾ واديءَ منجهان آڏي ترڇي انداز سان ٺهيل هوندو آهي، جنهن ۾ خواهشون سواداءَ پيون پچائينديون رهنديون آهن. اهڙيءَ ريت ان نفسي سرگرميءَ جو پهريون مقصد ”ادراڪيل شناخت“ (اطمينان جي تجربي سان هوبهو انداز ۾ ادراڪيل) کي پيش ڪرڻ هوندو آهي، ۽ ادراڪ جو ورجاءُ جيڪو ضرورت جي مطمئن ٿيڻ سان ڳنڍيل هوندو آهي.

زندگيءَ جي تمام سخت تجربي، ان آڳاٽي قسم جي خيالن جي سرگرميءَ کي، هڪ وڌيڪ ڪارائتي ۽ ٻيءَ تدبير ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. ”ادراڪيل شناخت“ (Perceptual identity) جو، ”واپسيءَ“  (Regression) واري ننڍڙي عملي رستي سان گڏجي نفسي/ ذهني ڪار وهنوار هلائيندڙ سرشتي ۾ قيام، ذهن جي ڪنهن به پاسي ساڳيو نتيجو نه ٿي ڏنو، جيئن خيال تي غور ڪرڻ جي نتيجي ۾ استعمال ٿيندڙ ذهني قوت يا جذباتي حملي (Cathaxis) جي ادراڪ منجهان ٿي نڪتو. ”اطمينان“
مخالفت جي باوجود ثابت قدم رهڻ جي ضرورت جي پيروي ڪا نه ٿي ڪئي. اندروني ذهني قوت کي به بيروني عضوياتي قوت جيان پنهنجي هڪ اهميت ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن ان کي برقرار رکڻ لاءِ ڪا روڪ ٽوڪ نه هجي، جيئن وهم ۽ سوداءَ جي ذهني انتشار واري مرض
(Hallucinatory Psychoses) ۾ ۽ بک ۾ تصوراتي دنيا جا فڪر (Phantasies) ظاهر ٿيندا آهن، جيڪي ماڻهوءَ جي سمورين نفسي/ ذهني سرگرمين کي برباد ڪري ڇڏيندا آهن ۽ خواهش جي حاصلات جي مقصد سان جذباتي طور واڳي ڇڏيندا آهن. ڪنهن نتيجي تي پهچڻ جي حوالي سان نفسي قوت جي تمام گهڻي قابل قدر خرچ لاءِ ”واپسيءَ“ کي، ان جي پوري خرچ ٿي وڃڻ کان اڳ روڪڻ جي عمل کي به ڌيان ۾ رکڻ ضروري هوندو آهي، ته جيئن اها گذري ويل ڏينهن جي ياداشت ۾ مدد ڏيندڙ تصوراتي صورت کان اڳتي نه نڪري وڃي ۽ ٻين رستن جي ڳولها ڪرڻ جي قابل ٿي سگهي، جيڪي آخرڪار انهيءَ گهربل ”ادراڪيل شناخت“ تائين سندس رهنمائي ڪندا آهن، جيڪا بيروني دنيا جي هدايتن پاران قائم ٿيل هوندي آهي.(1)

”واپسيءَ“ جو ڪنهن لاڙي، جذبي يا سوچ کي روڪيندڙ ذهني عمل ۽ تنهن کانپوءِ جلد جذبات ۾ اچڻ واري حالت جو موڙ ان ٻئي سرشتي جو ڌنڌو هوندو آهي، جيڪو غير ارادي/ حادثاتي تحرڪ جي قبضي ۾ هوندو آهي، جيڪو پنهنجي پهرين ڀيري لاءِ چرپر جو استعمال انهن مقصدن لاءِ ڪندو آهي، جيڪي کيس اڳ ۾ ياد ڪيل هوندا آهن. پر مونجهارو پيدا ڪندڙ سموريون سرگرميون، ان وقت جي چرپر لاءِ نفسي/ ذهني قوت ذريعي ياداشت ۾ مدد ڏيندڙ ادراڪيل تصوراتي عڪسن/ منظرن منجهان ڪتجي (Spun Out) ايندا آهن، اتي اها ادراڪيل شناخت، بيروني دنيا جي ذريعي قائم ٿيل هوندي آهي.

خيالن جي اها سموري سرگرمي، خواهشن جي پورائي ڏانهن وڃڻ واري رستي جي لاءِ رڳو هڪ ”چوسول“ کي قائم ڪندي آهي، جيڪو يقيني طور تي تجربي جي بنياد تي جڙيل هوندو آهي.(1)

خواب اصل ۾ پاڻ ڪجهه به نه هوندو آهي، بس رڳو وهم، ”سوداءَ يا پورن پچائڻ وارين خواهشن جو نعم البدل“ هوندو آهي، ۽ اهي خواهشون خود ئي شاهد هونديون آهن ان ڪري خواب به خواهشن جي پورائي وارا ٿي ويندا آهن، تيستائين ڪجهه به نه هوندو آهي جيستائين اسان جي ڪا خواهش، اسان جي ذهني سرشتي کي ڪم ڪرڻ لاءِ ترتيب نه ٿي ڏئي. خواب! اصل ۾ پنهنجي خواهش کي پورو ڪرڻ لاءِ، ”موٽ کائڻ“ واري ننڍڙي رستي سان گڏجي، اسان لاءِ رڳو محفوظ ڪندو آهي، ان حوالي سان اهو نفسي/ ذهني سرشتي جي، وهنوار جي ابتدائي اسلوب جو هڪ نمونو هوندو آهي، هڪ اهڙو اسلوب! جيڪو پنهنجي قابليت ۾ تمام گهڻو اڌ ۾ ڇڏيل هوندو آهي. جاڳ جيون کي ڪهڙي ڳالهه غلبو ڪيو! جيتوڻيڪ ذهن به تيستائين جُوان هو ۽ منجهس سوچڻ سمجهڻ جي قابليت به گهٽ هئي، پر هاڻي اهو ائين نظر ايندو آهي، ڄڻ رات جي وڳڙي ۾ تمام آڳاٽن هٿيارن، جهڙوڪ تيرن، تلوارن ذريعي کيس ڏيهه نيڪالي ڏني وئي هجي، جنهن کي ڪي جوڌا جوان اڌ رستي تي ڇڏي آيا هجن، اهو وري هڪ ڀيرو اهڙي جاءِ تي موٽي ايندو آهي جتي، جيئن ٻارڙن کي وقتي طور سنڀالڻ لاءِ رکبو آهي يا جتي ننڍا ننڍا ٻوٽا رکبا آهن ته جيئن انهن جي پيوندڪاري ڪجي.

”سپنا ڏسڻ ٻاراڻي ذهني زندگيءَ جو حصو هوندو آهي، جيڪو دٻجي ويندو آهي.“

نفسي/ ذهني سرشتي جي حوالي سان ان قسم جي ڪم جا اصول، جيڪي عام طور تي ڏينهن وارن وقتن ۾ دٻجي ويندا آهن، اهي ذهني انتشار واري نفسي مرض ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ويجهڙائي وارا بڻجي ويندا آهن، ۽ ان کانپوءِ اسان جي ضرورتن ۽ خواهشن جي اطمينان لاءِ بيروني دنيا جي تعلق سان، عدم حيثيت يا موزونيت جي گهٽتائيءَ جو اظهار ڪندا آهن.

لاشعوري، آرزومند سوچن واريون ترغيبون، گهڻو ڪري ڏينهن جي وقت ۾ پاڻ کي، چٽيءَ ريت اثرائتو ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن، ۽ ”انتقال“ (Transference) جي حقيقت اها آهي، جيئن اسان کي ذهني انتشار واري نفسي مرض (Psychoses)، ۾ نظر ايندو آهي، جيڪي تحت شعور جي سرشتي تي پنهنجي سنجيده ڪوشش جو زور لڳائي شعور ۾ داخل ٿيندو آهي ۽ پوءِ چرپر جي قوت جو قبضو هٿ ڪري وٺندو آهي. اهڙيءَ ريت لاشعور ۽ تحت شعور جي وچ ۾ انهن دليلن جي ڇنڊڇاڻ ٿيندي آهي، جن جي هئڻ جو عمل، اسان جي خوابن تي هڪ مثبت قوت بڻجي ايندو آهي، اسان جي ذهني صحت لاءِ شناخت جو حق ادا ڪرڻ ۽ نگهبان جيان عزت ڏيڻ جو ڪم ڪندو آهي. اسان بهرحال پنهنجي لاپرواهيءَ جي ڪري ان نگهبانيءَ واري ڪردار جي عزت نه ڪندا آهيون حالانڪ رات جو ان جون سرگرميون اسان کي سڪون بخشينديون آهن، هو ته دٻجي ويل چاهتن کي لاشعور ۾ اچڻ جي اجازت ڏيندو آهي، گم ٿي ويل نشان ڳولهيندو آهي، ۽ انهن پورن انهن سورن کي، موٽائي ٻيهر پيش ڪرڻ کي ممڪن بڻائيندو آهي؟

مان سمجهان ٿو ته صفا ائين به نه آهي! جو اهو نگراني ڪندڙ تنقيدي چوڪيدار رڳو آرام ڪندو هجي، ۽ اسان وٽ ثبوت به آهي ته هن جي ننڊ ايڏي گهري نه هوندي آهي يا هو چرپر واري سگهه جا دروازا به ٻيڪڙي ڇڏيندو آهي. هن کي انهيءَ جي پرواهه نه هوندي آهي ته عام رواجي طور لاشعور جون ڪهڙيون چاهتون، ڪنهن لاڙي، جذبي يا سوچ کي روڪيندڙ ذهني عمل واريون آهن، جيڪي گهوڙي وانگر داسوڙا هڻي منچ تي چڙهي سگهن ٿيون، اسان ان تعلق جي ضرورت کي محسوس نه ڪندا آهيون، اهي تيستائين بي ضرر هونديون آهن، جيستائين اهي متحرڪ سرشتي جي چرپر کي حرڪت ۾ نه آڻين، جنهن جي ذريعي اڪيلي سِر ٻاهرين دنيا ۾ ترميم ڪري سگهنديون آهن. ننڊ جي حالت، ڪنهن ڪوٽ ۾ پناهه ڏيڻ جي ضمانت ڏيندڙ هوندي آهي، ان جي ڪري ان جي سنڀال انتهائي اهم ٿي ويندي آهي.

صورتحال ان وقت گهٽ بي ضرر هوندي آهي، جڏهن خواب وڃايل شين جي عيوض ڪجهه ٻيون اهڙيون شيون آڻيندو آهي جيڪي تنقيدي  ڇنڊڇاڻ جي اخراجي قوت جي ڪري، رات جي آرام جو سبب نه بڻجنديون آهن، پر مرض جي حوالي سان ان قوت ۾ گهٽتائي اچي ويندي آهي، يا ائين چئجي ته اهو لاشعوري جذبن جي اڀارن کي، مرض جي حوالي سان زور وٺائڻ يا تيز ڪرڻ جو عمل هوندو آهي، جيتوڻيڪ تحت شعور اڃان نفسي قوت (Cathect) جي ذريعي طاقت حاصل ڪرڻ ۾ رڌل هوندو آهي ۽ پنهنجي ڀرسان بيٺل چرپر جي قوت کي گذرڻ لاءِ رستو ٺاهي ڏيندو آهي. جڏهن ائين ٿيندو آهي ته نگراني ڪندڙ اڃان وڌيڪ طاقتور ٿي ويندو آهي، تڏهن لاشعوري (Usc) جذباتي اڀار، تحت شعور (Psc) تي غلبو ڪري وٺندو آهي، بعد ۾ اسان جي ڳالهائڻ ۽ چرپر تي ضابطو حاصل ڪري وٺندو آهي: يا زوريءَ سوداءَ وارن خيالن کي موٽائي آڻيندو آهي. ۽ ذهني ڪار وهنوار هلائيندڙ سرشتي کي (جيڪو ان جي استعمال لاءِ تشڪيل ڏنل نه هوندو آهي) ادراڪ جي تجرباتي موهيندڙ مهارت جي ذريعي، اسان جي نفسياتي قوت جي تقسيم کي هدايتون ڏيندو آهي. ان قسم جي حالت ۾ ٿيندڙ معاملن کي اسان ”ذهني انتشار وارو نفسي مرض“ (Psychoses) چوندا آهيون.

هاڻي اسان ان رستي تي پهتا آهيون جتان پاڻ ”اڀي ٿيڻ“ (Erection) متعلق نفسياتي عمارت جي اڏڻ ۾ ڪتب ايندڙ ڪوازن ۽ ٻئي سامان سان گڏ اڳتي هلنداسين، جنهن کي اهڙي نڪتي تي روڪي آيا هئاسين، جتي هڪڙا ٻه سرشتا ”لاشعور“ (Usc) ۽ تحت شعور (Psc) متعارف ڪرايا هئا. پر هتي ان کي توسيح ڏيڻ جا ڪجهه ٻيا سبب آهن ته جيئن اسان ”خواهشن“ متعلق، خوابن جي تعمير لاءِ اڪيلي سِر ڪم ڪندڙ نفسي/ ذهني متحرڪ قوت تي ٿورو وڌيڪ غور ڪريون. اسان اهو خيال به قبول ڪيو آهي ته اهو ڪهڙو سبب آهي جو خواب بنا تبديليءَ جي يا ثابت طور تي ”خواهشن جو پورائو“ ڪندا آهن، ائين ته نه آهي ته اهي لاشعوري سرشتي جي پيداوار هجن، جن جي سرگرميءَ کي، خواهشن جي ”پوري ڪرڻ کان سواءِ“ ٻيو ڪجهه سمجهڻ جي نيت ئي نه هوندي آهي، ۽ جنهن وٽ چاهت وارين ترغيبن کان سواءِ ڪنهن ٻين قوتن تي اختيار نه هوندو آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي ڳالهه تي زور ڏينداسين، ته ان جي باوجود ته اسان جي درست بنيادن ٻَڌل، خوابن جي تجزيي متعلق، نفسي/ ذهني سوچن يا ڪلپنائن (Speculations) جي دور رس نتيجن سبب ڪا ڊگهي هلچل شروع ٿئي ته ان کي ثابت ڪري ڏيکارڻ لاءِ اسان پابند به آهيون ته اهي نفسي/ ذهني سوچون يا ڪلپنائون اسان کي اسان جي رابطن منجهان ئي، خوابن ۾ داخل ڪرڻ لاءِ وسيلا مهيا ڪنديون آهن، جيڪي ڪن ٻين نفسي/ ذهني جوڙجڪ وارن معاملن کي به شامل ڪري ڇڏينديون آهن. جيڪڏهن اهڙي ڪا شيءِ لاشعور وٽ موجود هوندي آهي، يا ڪنهن لحاظ سان ان جهڙي، (اسان جي بحث جي حوالي سان) ڪا ٻي شيءِ هوندي آهي ته خواب! رڳو پنهنجي طرفان اها وضاحت ڪري نه سگهندا آهن ته هر خواب، خواهشن جو پورائو هوندو آهي، پر خوابن کان سواءِ، ٻيون به ڪيتريون صورتون آهن، جن ۾ ماڻهن جون غير رواجي طريقن سان اونڌيون سڌيون خواهشون پوريون ٿينديون رهنديون آهن. ۽ اها حقيقت آهي ته جيڪو نظريو: سمورين دماغي بيمارين، نفسي/ اعصابي خلل وارن اهڃاڻن کي پڄاڻيءَ تائين پهچائڻ جو انتظام هڪڙي ئي رٿيل منصوبي تحت سنڀاليندو آهي، اهو پاڻ اعلان ڪندو آهي ته: اهي پورائي جي حوالي سان تحت شعور جون ئي خواهشون آهن.(1) اسان جي وضاحت خواب کي رڳو پنهنجي طبقي/ درجي ۾ پهريون ڪارڪن بڻائي ٿي، جيڪو نفسيات جي ماهرن لاءِ نهايت وڏو اظهار ڪندڙ هوندو آهي، جنهن ۾ هڪ سمجهه هوندي آهي، جيڪا، خالص طور تي نفسي/ دماغي طب جي مسئلن جي، نفسياتي رخ ذريعي نتيجي (هڪ کي ٻئي کان جدا ڪرڻ جي عمل) تائين رسائيءَ جي دلالت ڪندي آهي.(1)

خواهشن جي پورائي جي ان طبقي/ درجي جو ٻيو ڪارڪن، مثال طور جنسي بيماريءَ، بيچيني يا ڇتپڻ (Hysteria) ۾ مبتلا آهي ته ان ۾ هڪ لازمي قسم جي ڪرداري وصف هوندي، پر مان ان کي خوابن منجهان ڳولهي نه سگهندس. مان تحقيق مان سکيو آهي، جنهن کي مان هن ڪم جي دوران ڪيترا ڀيرا شامل به ڪيو آهي ته هيسٽيريائي مرض جي اهڃاڻي جوڙجڪ جي سلسلي ۾ ڪنهن ڄاڻايل شيءِ کي آڻڻ واري صورت، اسان جي ذهن جي انهن ٻنهي رجحانن جو هڪ راءِ ٿي، هڪ نڪتي تي اچي گڏ ٿيڻ هوندو آهي. مرض جو ڪو به اهڃاڻ، لاشعوري خواهش جو رڳو تسليم ڪيل تاثر نه هوندو آهي، تحت شعور منجهان هڪ خواهش، جيڪا مرض جي ساڳئي ئي اهڃاڻ/ آثار ذريعي پوري ٿي سگهندي آهي، اها پڻ موجود هوندي آهي. جيئن ته مرض جي اهڃاڻ/ آثار وٽ، هر حالت ۾ تعين ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻه عنصر هوندا آهن: هڪڙو هر ان سرشتي منجهان شامل هوندو آهي، جيڪو تضاد سان واڳيل هوندو آهي. جيئن ته خوابن جي معاملي ۾ قطعي طور تعين ڪندڙ عنصرن جي اهڃاڻن/ آثارن جي گهڻن جوازن پيدا ڪرڻ جي وڌيڪ گنجائش نه هوندي آهي جو حاضر ٿي سگهن. ان ڪري اهي! هر حالت ۾ تعين ڪندڙ عنصر، بنا تبديليءَ جي لاشعور (Usc) منجهان نه اڀرندا آهن، جيتري قدر مون کي معلوم آهي ته خيالن جو وهڪرو لاشعوري خواهش جي خلاف رد عمل ڏيندو آهي، جهڙوڪ ”پاڻ کي پاڻ سزا ڏيڻ.“ ان ڪري مان بهرحال هڪ عام دليل ڏيندو آهيان ته هيسٽيريا جا اهڃاڻ رڳو اتي وڌڻ لڳندا آهن، جتي ٻن مخالف خواهشن کي پورو ڪرڻو هوندو آهي، ۽ اهي مخالف خواهشون ڌار ڌار ۽ مختلف نفسي/ ذهني سرشتي منجهان اڀرنديون آهن، ۽ هڪ ئي تاثراتي نڪتي تي گڏ ٿيڻ جي قابل هونديون آهن (ان سلسلي ۾ منهنجي لکيل مقالي: ”جنسي بيمارين بيچيني ۽ ڇتپڻ جي اهڃاڻن“ جي متعلق منهنجي ويجهڙائيءَ واري ”هيسٽريائي تصوراتي دنيا“ جو ”ٻه طرفي جنسي رويي (Bisexuality) سان تعلق جي نسخي/ ترڪيب کي ڀيٽائي ڏسو.) هتي مثال ذريعي مختصر نموني مقصد کي پيش ڪري سگهجي ٿو. منهنجي هڪ مريض خاتون جنهن کي جڏهن دورو پوندو هو ته اوڪارا ڏيندي هئي، ۽ الٽيون ڪندي هئي. هن کي لاشعوري طور ڊپ ويڙهي ويو هو ته پنهنجي دوست سان ملاقات ڪرڻ سبب ڍڪي ٿي وئي آهي. انهن الٽين سبب هوءَ تمام گهڻو ڪمزور ٿي وئي ۽ سندس سونهن به جهڪي ٿي وئي. اهڙا اهڃاڻ خاص طور پاڻ کي سزا ڏيڻ وارن خيالن جي وهڪرن لاءِ مڃڻ جهڙا هوندا آهن ۽ خود ”ٻٽي جنسي رويي“ جي حقيقت کي به ظاهر ڪن ٿا.

خواهش جي پورائي جو عملي طريقو به لڳڀڳ ساڳيو آهي، جيئن اوائلي ايراني (Parthian) راڻيءَ قديم روم جي ”ڪراسس“ واري جوڙيل ٽن حڪمرانن تي مشتمل سياسي نظام (Triumvirate) کي پئي هلايو.

ڪراسس جو اعتقاد هو ته هو سيڙپڪاريءَ واري مهم ۾ دلچسپي ان ڪري ٿو رکي جو هن کي سون سان پيار آهي، ۽ هن جي مرڻ کانپوءِ سندس دولت سان موهه سبب ايراني راڻيءَ سندس نڙيءَ ۾ سون پگهاري وجهرايو هو. ۽ ان وقت چيو هو:

”اچي هي وٺ! جنهن کي تو چاهيو پئي!“

پر انهن سڀني ڳالهين جي باوجود اسان خوابن جي متعلق ان حد تائين ڄاڻي آيا آهيون ته اهي خواهش جي پوري ڪرڻ جو اظهار لاشعور منجهان ڪندا آهن، جيتوڻيڪ اهو مٿڀرو ۽ نمايان غلبو ڪندڙ نظر ايندو آهي، پر تحت شعور جو سرشتو ان ڳالهه ۾ مطمئن ٿيندو آهي، جڏهن بگڙجي وڃڻ وارن معاملن جي ڪجهه وڌيل تعداد کانپوءِ مٿس زور ڀريندو آهي. عام اصول تحت اهو ممڪن نه آهي ته خيالن جي وهڪري کي ڳولهي لهجي، جيڪو خوابي خواهش جي مخالفت ڪندو آهي، ۽ خواب ۾ تسليم ڪرائيندڙ خيال! ان جي نقل يا ان سان گهڻي ملندڙ شيءِ يا ماڻهوءَ کي پڻ ڳولهي لهڻ مشڪل آهي. ها البت هتي هتي پکڙيل خوابي تشريحن کي اسان تخليقي ردعمل جي نشاني سمجهندا آهيون، جيئن هڪڙو مثال ڏنو اٿم ته منهنجي ”چاچي جي خواب ۾ (پيلي رنگ جي ڏاڙيءَ سان نظر آيل) منهنجي دوست ”آر“ لاءِ منهنجا ڏکارا احساس“ (ڏسو باب چوٿون: خوابن ۾ تاثر جو بگڙجي وڃڻ: ص 272). پر اسان تحت شعور منجهان ڪٿان نه ڪٿا ان جو گم ٿي ويل ڀاڱو ڳولهي سگهون ٿا، جڏهن ته لاشعور منجهان آيل خواهش، هر قسم جي بگاڙي جي ڪشالي ڪڍڻ کانپوءِ پنهنجو اظهار خواب ۾ ڳولهي وٺڻ جي قابل هوندي آهي، تڏهن مٿڀرو غلبو ڪندڙ سرشتو، ننڊ جي ڪري، خواهش منجهان هٿ ڪڍي وٺندو آهي، اهو تسليم ڪندَي ته جيڪا خواهش ترميم جي حوالي سان کڄي آئي آهي، ته اها جذباتي حملي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ذهني قوت کي نفسياتي سرشتي جي عمل دوران پيش ڪرڻ جي قابل هوندي آهي، ۽ مخالفت جي باوجود اها قوت، ان خواهش ۾ ننڊ دوران، سموري رات ثابت قدم رهندي آهي.(1)

تحت شعور جي حوالي سان اها تعين ڪيل خواهش، ننڊ جي تجربي لاءِ خواب جي تعمير ۾ هڪ عام سهوليت پيدا ڪندڙ نتيجو ڏيندي آهي. ٿورو ترسو! مون کي اهو خواب ياد ڪرڻ ڏيو... جيڪو هڪ شخص ڏٺو هو، جنهن کي ٻئي ڪمري منجهان ايندڙ روشنيءَ جي ترورن نتيجي ڪڍڻ جي رهنمائي ڪئي هئي، جتي مئل ٻار جو لاش سڙي رهيو هو (ص: 740). پيءُ اهو نتيجو خواب ۾ ڪڍيو، ان جي بجاءِ جو روشنيءَ جي ترورن ذريعي پاڻ ئي سجاڳ ٿي پوي ها، پر هو سجاڳ تڏهن ٿيو جڏهن پنهنجي مئل پٽ کي مٿان بيهي سڙڻ واري دانهن ڏيندي ڏٺو هئائين. ۽ اسان اهو به مشورو ڏنو هو ته نفسياتي قوتن منجهان هڪڙي ئي ذميدار هئي، جنهن اهو نتيجو ڪڍيو هو، جنهن ان هڪڙي لمحي کي، ٻار جي زندگيءَ جي تصوير ڏيکارڻ لاءِ ٿورو ڊگهو ڪري ورتو هو. ٻيون خواهشون، ”لاشعور ۾ دٻجي ويل“ بنيادن منجهان اينديون آهن، جن کان اسان گهڻي حد تائين محتاط رهندا آهيون، ان ڪري اسان خوابن جي تشريح ڪرڻ جي قابل نه هوندا آهيون، پر اسان اها دعويٰ ڪري سگهون ٿا ته هن شخص جي خواب جي پيداوار ۾ وڌيڪ متحرڪ قوت پيءُ جي ننڊ ڪرڻ واري هئي، ٻار جي حياتيءَ جيان، جيڪا خواب لاءِ، هڪ لمحي لاءِ ڊگهي ٿي وئي هئي، ۽ سندس ارادي تحت خواب هلندو رهيو، يا ”مان اٿي پونديس،“ هر ٻئي خواب ۾ جيئن ٿيندو آهي ته ننڊ جي خواهش لاشعور کي سهارو ڏيندي آهي. صفحي 251 تي مان ڪجهه خواب بيان ڪري آيو آهيان، جن ۾ خوابن جي طرفان ڏنل چٽي آسانيءَ جو اظهار آهي، پر حقيقت ۾ سمورا خواب اهڙي ساڳي ئي تصويرڪشيءَ جي دعويٰ ڪندڙ هوندا آهن. ننڊ کي جاري رکڻ جي خواهش جي سلسلي ۾ ڏاڍي آسانيءَ سان جاڳ واريءَ حالت جيان خواب نظر ايندا آهن، جيڪي بيروني حواسي/ عضوياتي اڀار يا جوش ۾ اهڙي ٺهڪندڙ طريقي سان ردوبدل ڪندا آهن ته جيئن ننڊ جو تسلسل جاري رهي، اهي انهن بيروني حواسن کي ڄڻ رسين سان ٻڌي ڇڏيندا آهن، ان حوالي سان انهن کي ٻاهرين دنيا جي عملي امڪاني يادگيرين کان محروم ڪري ڇڏيندا آهن. اها ساڳي خواهش يقينن، بهرحال ٻين سمورن خوابن کي ظاهر ٿيڻ جي منظوريءَ ۾ هڪ جيترو ڪردار ادا ڪندي آهي، ڀلي ته اها رڳو جسم جي چرپر منجهان آئي هجي، پوءِ به اهي ان جي موضوع کي، ننڊ کان ٻاهر ئي دهمان ۽ لوڏو ڏئي پري ڪري ڇڏيندا آهن. ڪجهه معاملن ۾ جڏهن خواب شين کي گهڻو پري کڻي ويندو آهي ته لاشعور شعور کي چوندو آهي:

”ڪا ڳالهه ناهي، ڀلي ستل ئي هجين، آخرڪار اهو رڳو خواب ئي ته آهي.“ (ص: 735). پر اها ڳالهه خوابن جي حوالي سان اسان جي ذهني سرگرميءَ تي غلبي جي مجموعي رويي طور بيان ڪيل آهي، جڏهن ته ان کي چٽي نموني اظهاريو نه ويو آهي.

مان ان نتيجي تي پهتو آهيان ته: ”ننڊ واري سموري حالت دوران اسان اعتبار جوڳي انداز سان ائين سمجهندا آهيون ته اسان خواب پيا ڏسون، جيئن اسان سمجهندا آهيون ته اسان ننڊ پيا آهيون.“

اسان ان مخالف دليل تي پڪ سان ڪو خاص ڌيان ڪو نه ڏنو آهي، ته اسان جو شعور ايندڙ وقت جي معلومات کي نه آڻي سگهندو آهي، البت اهو پراڻي معلومات کي آڻڻ تي اڪتفا ڪندو آهي، خاص انهن واقعن تي جڏهن انهن متعلق ڇنڊڇاڻ جو عمل ان جي هجڻ متعلق ڪجهه محسوس ڪندو آهي، ۽ جيئن اهي موجود هئا، انهن تان نگرانيءَ جو هٿ هٽائي ڇڏيندو آهي.

ٻئي پاسي ڪجهه ماڻهو اهڙا ٿين ٿا، جيڪي رات دوران به باشعور هوندا آهن ته اهي ننڊ پيا آهن ۽ خواب ڏسي رهيا آهن ۽ اهي ئي پنهنجي خوابن جي شعوري حقيقت کي رخ ڏيندي نظر ايندا آهن. مثال طور جيڪڏهن ان قسم جو خواب ڏسندڙ خواب جي رخ مٽائڻ سبب مطمئن نه ٿيندا آهن ته اهي، جاڳڻ کانسواءِ ئي ان کي اتي روڪي سگهندا آهن ۽ پنهنجي رخ ۾ ٻيهر شروعات ڪندا آهن، جهڙيءَ طرح هڪ مشهور ڊراما نگار پنهنجي ذهني دٻاءَ جي باوجود ان ڊرامي جي پڄاڻيءَ کي خوشگوار بڻائي سگهي ٿو. يا ٻئي ڀيري جڏهن خواب کيس جنسي جوش واري ڪنهن حالت ۾ مبتلا ڪري ٿو ته هو پنهنجي منهن سوچي سگهي ٿو:

”مان اهڙي خواب سان وڌيڪ گڏ هلي نه ٿو سگهان، ۽ نه ئي مان پاڻ کي جنسي لذت ڏيندڙ اخراج ذريعي برباد ٿو ڪري سگهان. مان ان کي روڪي وٺندس ۽ موٽائي ان پاسي وٺي ايندس جتي حقيقي صورتحال موجود آهي.“

”مارڪئس ڊي هيروي ڊي سينٽ ڊينيَس“ (Marquis d'Hervey de Saint-Danys,1867, 268  ”واشيدي“ (Vaschide- 1911,139) جي قول جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته: ”خوابن جي سلسلي ۾ ڪنهن عمل جي رفتار وڌائڻ جي قوت کي حاصل ڪرڻ ته جيئن هو راضي ٿي وڃي، ۽ انهن کي اهو رخ ڏئي سگهي، جنهن جي هو چونڊ ڪري. هن معاملي ۾ ائين ٿو لڳي ته ”ننڊ ڪرڻ جي خواهش“ ڪنهن ”ٻي تحت شعوري خواهش“ کي جاءِ ڏئي ٿي، ڄڻ ان جي خوابن جو مشاهدو ڪندي هجي، ۽ ان مان لطف حاصل ڪندي هجي. ننڊ پنهنجي پَر ۾ خواهش سان گڏ ائين هلي سگهندڙ/ پاڻ نسرندڙ هوندي آهي، جيئن جاڳڻ لاءِ ذهني طور محفوظ ڪيل مقصد سان هلندي آهي، ڪن خاص حالتن کي پورو ڪرڻو هوندو اٿس، جيئن ٻار کي سنڀاليندڙ ماءُ يا ٿڃ ڌارائيندڙ دائي (ص: 432). ان کانسواءِ اها هڪ مشهور حقيقت آهي ته جن ماڻهن جي خوابن ۾ دلچسپي هوندي آهي ته جاڳڻ کانپوءِ وٽن غور ڪرڻ لاءِ خوابن جو وڏو تعداد موجود هوندو آهي.

”فرينزي“ (Ferenczi. 1911) خوابن جي رخ ڏيڻ جي چند ٻين مشاهدن متعلق هڪ بحث مباحثي ۾ اها نشاندهي ڪئي ته: ”خواب انهن خيالن تي ڪم ڪندو آهي، جيڪي ذهن کي والاري وٺندا آهن، ان وقت هر پاسي کان: اهي هڪڙي خوابي عڪس کي روانو ڪري ڇڏيندا آهن، جيڪڏهن اهو خواهش جي پورائي واري ڪاميابيءَ ۾ خطرو يا گمان پيدا ڪندڙ هوندو آهي ۽ ڪنهن نئين حل جي تجربي منجهان گذرڻ لڳندو آهي، تيستائين اهي خواهش جي پورائي جي تعمير ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن، جيڪي آخرڪار ذهن جي ٻنهي سرشتن کي، هڪڙي سمجهوتي تحت مطمئن ڪري ڇڏيندا آهن.


 

 

(4)

خوابن ذريعي احساسن جو اڀار،

AROUSAL BY DREAMS

خوابن جو ڪم،

THE FUNCTION OF DREAMS

فڪر ۽ ڳڻتيءَ جا خواب

ANXIETY- DREAMS

 

هاڻي ته اسان اهو سمجهي ورتو ته سموري رات دوران لاشعور ننڊ جي خواهش تي ڌيان ڏيندو آهي. هاڻي اسان ان رستي تي پهچي ويا آهيون جو خوابن جي عملي ڪم واري سمجهه کي ساڻ کڻي هڪ قدم اڳتي وڌون، پر منهنجو خيال آهي ته اڳ ۾ اسان ان جو خلاصو بيان ڪريون ته اسان ڇا سمجهي/ سکي آيا آهيون!

صورتحال هيءَ آهي ته: يا ته پوئين/ گذريل ڏينهن جون بچيل سچيل ڳالهيون، جاڳ جيون جي سرگرميءَ منجهان نڪري ٿيون وڃن! ۽ اهو صفا ممڪن نه آهي ته ان مان جذباتي حملي جي نتيجي ۾ استعمال ٿيندڙ سموري ذهني قوت پوئتي هٽي وڃي! يا وري ڏينهن دوران جاڳ جيون جي سرگرمي، لاشعوري خواهش کي ڪنهن مسئلي يا مصيبت ۾ مبتلا ڪري ڇڏي، يا اهي ٻئي واقعا ڪو اتفاق يا مطابقت وارو معاملو جوڙيندا هجن (اسان ان ڏس ۾ هر قسم جي امڪانن متعلق اڳ ۾ ئي بحث ڪري آيا آهيون.) لاشعوري خواهش ڏينهن جي بچت سچت سان، پاڻ ئي منسلڪ ٿي ويندي آهي، ۽ مٿن بدل سدل واري صورت ۾ اثرانداز ٿيندي آهي. ائين يا ته ڏينهن جو ٿيندو آهي، جيڪا تازي مواد منجهان منتقل ٿي آيل هوندي آهي، يا تازي خواهش جيڪا دٻايل هوندي آهي، لاشعور پاران ڏنل سگهه جي ذريعي هڪ نئين حياتي حاصل ڪندي آهي. اها ”خواهش“ پنهنجي زور ۽ جوش جو پيچرو، ان عام رواجي پيشقدميءَ ذريعي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪندي آهي، جيڪو خيالن جي عمل ذريعي، لاشعور کان شعور طرف ويندڙ چونڊيل رستو هوندو آهي (ان ڏانهن، جنهن سان خواهش حقيقي طور وابستا هوندي آهي)، پر اها ڇنڊڇاڻ جي خلاف اٿي بيهندي آهي، جيڪا تيستائين عمل ۾ مشغول هوندي آهي ۽ ٻين تي اثرانداز ٿيڻ جي سگهه، اڳڀرائي ڪندي آهي. هن نڪتي تي، اها بگڙجي وڃڻ تي ردعمل ڏيکاريندي آهي، جنهن لاءِ خواهش جي تازي مواد سان مٽا سٽا ذريعي، رستي جي فرش بندي اڳ ۾ ئي ٿيل هوندي آهي، نتيجي ۾ ڪنهن حد تائين اها وهمي غلبي واري (Obsessive) ارادي يا مغالطي (Delusion) يا اهڙي ئي قسم جي ڪنهن رستي تي هوندي آهي.

۽ اها ”سوچ“ آهي جيڪا منتقل ٿيڻ يا بدل سدل جي ذريعي آخر تائين تاڻيل هوندي آهي ۽ ڇنڊڇاڻ جي ڪري پنهنجي اظهار ۾ بگڙيل هوندي آهي. ان جي اڳتي وڌندڙ وک بهرحال تحت شعور جي سمهڻ واري حالت جي ذريعي رڪجي ويندي آهي. (امڪان اهو آهي ته اهو سرشتو ان حملي جي خلاف، پنهنجي پاڻ ۾ گهٽجڻ سبب پنهنجو بچاءُ ڪندو هجي.) نتيجي طور خوابي طريقو واپسيءَ واري پيچري ۾ داخل ٿيندو آهي، اهو ان تي انحصار ڪندو آهي، جنهن کي ننڊ واري حالت ۾ نج يا اهم هڪجهڙائيءَ سان پيش ٿيڻ جي فطري صلاحيت هوندي آهي، اهو ان پيچري تي اڳواڻي ڪندو هلندو آهي، جنهن تي يادن جي مجموعي ذريعي ڪشش يا موهه واري مشق ٿيل هوندي آهي. انهن مان ڪجهه يادگيريون، رڳو جذباتي ذميداريءَ واري عڪسي صورت ۾ پنهنجو وجود رکنديون آهن، پر پوين يا گذريل سرشتن جي محاورن جيان ترجمي جي صورت ۾ نه هونديون آهن (ص: 764-763). ان پيچري سان واپس اچڻ جي سلسلي ۾ خوابي عمل جي تسلسل کي نمائندگيءَ جي قابليت بيان ڪرڻ سان واسطو ظاهر ڪرڻو هوندو آهي (مان انهيءَ دٻاءَ، سوڙهه جي سوال تي اڳتي هلي لکندس: ص 864-863 تي).

هاڻي ٻئي حصي جو انگڙونگڙ سفر مڪمل ٿيو.

پهريون حصو ارتقا جو حامي هوندو آهي، لاشعوري منظرن يا تحت شعور  جي خيالي اڏام جي حوالي سان اڳواڻي ڪندو آهي. جڏهن ته ٻيو حصو ڇنڊڇاڻ جي سرحدن پاران اڳواڻي ڪندو آهي ۽ وري موٽي ادراڪ ڏانهن هليو ويندو آهي، پر جڏهن خوابي عمل جو متن ان حقيقت جي ڪري ادراڪيل هوندو آهي ته جيئن هوندو آهي، تيئن ئي ڇنڊڇاڻ ۽ ننڊ دوران تحت شعور جي ذريعي پيل رنڊڪن کان نٽائڻ جو رستو ڳولهيندو آهي (ڏسو ص: 731) اهو ڌيان ڇڪائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي ۽ شعور پڻ ان ڏانهن ڌيان ڏيندو آهي.

شعور! جنهن کي اسان حواسي عضون جي روشنيءَ ۾ نفسي/ ذهني قابليتن جي ادراڪ جي حوالي سان ڏيندا آهيون، اهو جاڳ جيون ۾ جوش جذبن کي ٻن رخن ۾ حاصل ڪرڻ جي قابل هوندو آهي. هڪڙي جاءِ تي هو جوش جذبن کي ادراڪ جي سرشتي جي سموري دائري منجهان حاصل ڪندو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ خوشيءَ ۽ اڻ وڻندڙ جوش جذبن کي به حاصل ڪري سگهندو آهي، جيڪو گهڻو ڪري رڳو ان نفسياتي صلاحيت کي ثابت ڪندو آهي، جيڪو ان سرشتي جي اندر ئي، قوت جي ترتيب بدلائڻ سان سلهاڙيل هوندو آهي. پر لاشعور جي سمورن عملي سلسلن ۾، تحت شعور سميت، نفسي/ ذهني قابليت گهٽ هوندي آهي ۽ انڪري شعور سان (ادراڪ جي خوشيءَ يا غم کانسواءِ) ڪو اختلاف نه ڪندو آهي. ان ڪري اسان نتيجي تي پهچي ويندا آهيون ته: ”خوشيءَ يا دک کي ٻاهر ڪڍڻ جو سلسلو، نفسي/ ذهني قوت ذريعي پاڻ مرادو پر اهو به وڌيڪ نفيس نموني ۾ آهنگ بنائڻ واري، امڪاني ڪردار ادا ڪرڻ جي ذريعي، حرڪت ڪندڙ هوندو آهي.“ پوءِ هن لاءِ ضروري ٿي پوندو آهي ته ”سوچن جي سلسلي کي“ حاضر يا غير حاضر ناخوشگواريءَ مٿان گهٽ ڀاڙيندڙ بڻائي. ان مقصد لاءِ، تحت شعور جي سرشتي کي، پنهنجي قابليت کي استعمال ڪرڻ جي ضرورت پوندي آهي، جيڪا شعور لاءِ موهيندڙ هوندي آهي: ۽ اها تمام گهڻي منطقي نظر ايندي آهي، جيڪا ان کي تحت شعور جي عملي سلسلي جي ڳانڍاپي ذريعي، آوازي اهڃاڻن واري ياداشت ۾ مدد ڏيندڙ سرشتي سان ملائيندي آهي، اهو نظام اهليت کانسواءِ نه هوندو آهي (ص: 920). ان سرشتي جي لياقتن جي وسيلي، شعور، جنهن کي هيل تائين اڪيلي سِر حسي عضون جو ادراڪ هو، اهو پڻ اسان جي خيالن جي عملي سلسلي جي هڪ حصي لاءِ محسوس ڪندڙ عضوو بڻجي پوندو آهي. ان ڪري ”هتي آهن“، ”جيئن جتي هيا،“ ٻه حواسي/ دماغي سطح: هڪڙي سطح جو رخ ادراڪ جي پاسي هوندو آهي، ۽ ٻي سطح جو رخ تحت شعوري سوچ جي عملي سلسلي ڏانهن هوندو آهي.

مان يقين سان چوان ٿو ته ”ننڊ جي حالت ئي، شعور جو اهو حواسي/ دماغي سطح جوڙيندي آهي، جنهن جو رخ بي اثر جوش جذبي کان گهڻو دور، ادراڪي سرشتي جي پاسي رخ ڪرڻ جي ڀيٽ ۾ تحت شعور جي پاسي هوندو آهي. گڏوگڏ رات جي وقت سوچن جي عملي سلسلي جي دلچسپيءَ کي تياڳي ڇڏڻ جو هڪ مقصد هوندو آهي: سوچ! ننڊ جي ضرورت سبب، تحت شعور جي لاءِ روڪ/ جهل جي پاسي ايندي آهي. پهرين ڀيري، خواب بهرحال ادراڪ جي صورت ۾ هوندو آهي، ۽ اهو ان ڪيفيت ۾ هوندو آهي جو شعور کي انهن صلاحيتن جي ذريعي جلد جوش ڏياري سگهي، جن جي هن کي ضرورت هوندي آهي. اهو حواسي/ دماغي جوش جذبو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ/ مسئلو اٿارڻ لاءِ اڳيان وڌندو آهي ته سندس لازمي عمل ڪهڙو آهي: هو تحت شعور ۾ موجود نفسي/ ذهني قوت ذريعي سگهه حاصل ڪرڻ واري حصي کي هدايتون ڏيندو آهي، ان ڌيان سان ته جوش جذبي جو ڪارڻ ڪهڙو آهي ص: 890). بهرحال اها ڳالهه مڃيل آهي ته هر هڪ خواب کي ان جو اڀاريندڙ تاثر به ٿئي ٿو، جيڪو تحت شعور جي ساڪن قوت واري حصي کي ترتيب ڏئي ٿو ۽ ان کي عملي قدم  کڻڻ لاءِ اڀاري ٿو، جنهن کي اسان سلسليوار ۽ چٽي نموني غور ڪرڻ کانپوءِ ان کي ”ثانوي جائزي“ جو عنوان ڏنو آهي. ان ڪري چوان ٿو ته خواب ان جي ذريعي ائين وهنوار ۾ رهندو آهي جيئن ڪنهن ٻئي ادراڪيل مواد سان وهنواريل رهندو آهي. انهن جو ميلاپ، جيتري قدر انهن جو مواد کين اجازت ڏيندو آهي، ته ساڳين اميد ڀرين سوچن جي ذريعي ٿيندو آهي، ايتري قدر جو خوابي عملي سلسلي جي ان ٽئين حصي کي ڏنل ڪو به رخ هڪ ڀيرو ٻيهر اڳتي وڌندڙ يا ارتقا جو حامي بڻجي ويندو آهي.

”غلط فهميءَ کي دور ڪرڻ“، خوابن جي عملي تسلسل جي تاريخوار تعلق، متعلق هڪ لفظ آهي، جيڪو پنهنجي جاءِ تان نه هٽندو آهي. اڻپوري ثبوت منجهان هڪ نهايت من موهيندڙ نتيجو ڪڍڻ جي حوالي سان ”گوبلوٽ“  (Goblot- 1806,289) مشورو ڏنو آهي ته ان ۾ شڪ نه آهي ته پيروليءَ جي ذريعي نظر آيل ”مائوريءَ جي سسيءَ جو ڌڙ کان ڌار ٿيڻ وارو خواب (ص:78)، جنهن ۾ هن سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته خواب! ڪيئن نه ننڊ ۽ جاڳ جو عمل ڪري ڏيکاريو. ننڊ مان جاڳڻ وارو عمل ٿورو وقت وٺندو آهي، ۽ ان گهيرٽ دوران خواب به ظاهر ٿيڻ لڳندو آهي. اسان سمجهندا آهيون ته آخري خوابي عڪس ايترو ته سگهارو هوندو آهي جو اسان کي اٿارڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو آهي. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته اهو رڳو ان ڪري سگهارو هوندو آهي جو اسان ان وقت پاڻ به سجاڳ ٿيڻ لاءِ تيار هوندا آهيون.

”سپنا ته جاڳ ئي هوندا آهي، پر اها ابتدا هوندي آهي.“

ان نڪتي کي ”ڊوگاس“ (Dugas-1897) ۾ ئي بيان ڪري ويو آهي ته ”گوبلوٽ“ پنهنجي نظريي جي بچاءَ ڪرڻ کان اڳ، گهڻين ئي حقيقتن کي رد ڪري سگهيو ٿي.

خواب ان عرصي ۾ ظاهر ٿيندا آهن جڏهن اسان سجاڳ نه هوندا آهيون، مثال طور ڪڏن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ”اسان خواب ۾ ڏسون پيا ته اسان خواب پيا ڏسون!“

خوابي ڪم متعلق اسان پنهنجي معلومات جي حوالي سان، ٿي سگهي ٿو اسان ان سان سهمت نه ٿيندا هجون ۽ چئون ته اهو ته رڳو سجاڳيءَ واري عرصي جو احاطو ٿو ڪري، ۽ اهو اسان کي ان وقت ان جي ابتڙ! ”هئڻ جوڳو نظر ايندو آهي.“ ڇاڪاڻ ته خوابي ڪم جو پهريون حصو، تحت شعور جي ضابطي هيٺ، ڏينهن دوران اڳ ۾ ئي شروع ڪندو آهي. ان جو ٻيو حصو: جنهن تي ڇنڊڇاڻ جي ذريعي ترميم مڙهيل هوندي آهي، مٿس شعوري حواسن جي ذريعي موهه جي مشق ٿيل هوندي آهي، ۽ پنهنجي طريقي سان ادراڪ تي زور وجهندو آهي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته انهن سڀني جو اڳتي وڌڻ، رات جو ئي ٿيندو آهي، ۽ ان حوالي سان اسان پاڻ کي سدائين درست ڀائيندا آهيون، جڏهن احساسن جو اظهار خواب جي ذريعي ساري ساري رات پيا ڏسندا آهيون، تڏهن ته اسان ائين نه چوندا آهيون ته اهو ڇا آهي! (ص: 666).

پر ائين فرض ڪري وٺڻ، مون کي غير ضروري ٿو نظر اچي ته خوابن جا عملي سلسلا، ڪنهن تاريخوار/ زمانن وارن واقعن جي سلسلي سان، شعور ۾ اچڻ واري لمحي تائين، واقعي ڪي بحال رکندڙ ٿيندا آهن! جن جي مون وضاحت ڪئي آهي ته: ”پهرين ظاهر ٿيندڙ شيءِ، تبديل ٿيل خوابي خواهش هوندي آهي.“ ان ۾ بگاڙو ڇنڊڇاڻ جي ذريعي ٿيندو آهي، بعد ۾ ”زوال پذير“ تبديلي ان رخ ۾ هلڻ لڳندي آهي. مون پنهنجي تحقيق ۾ انهن ڳالهين کي ئي اختيار ڪيو آهي، پر حقيقت ۾ ڇا ٿو ٿئي، بيشڪ ائين ٿئي ٿو ته هڪ ساڳئي دور ۾ ٿيندڙ کوجنائون، هڪ رستي کان ٻئي رستي تي، جذباتي چيڪلن تي پيون ڦيرا پائن، هاڻي هي آهي ته وري ڪجهه دير ۾ ائين نه آهي وارو معاملو جاري آهي. ان ڏس ۾ هڪ خاص موقعي پرست ٽولو مستقل طور تي پنهنجي هدايتن جا ڳٽڪا جاري ڪندا رهندو آهي. منهنجي ڪجهه شخصي تجربن مون کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته خوابن جي عملي ڪم جا نتيجا هڪ رات يا هڪ ڏينهن ۾ اخذ نه ٿا ڪري سگهجن، ان لاءِ هڪ عرصو گهرجي ۽ منهنجي راءِ آهي ته خود خواب جي گهرج جي لاءِ ان کي ظاهر ظهور سمجهه ۾ ايندڙ بڻائجي، جهڙيءَ ريت هڪ ادراڪيل واقعو خود خواب ڏسڻ کان اڳ شعور کي موهيندو آهي، ان کانپوءِ بهرحال وک تيز ٿي ويندي آهي، ان ساڳئي نڪتي تي خواب ساڳيو ئي رواج اختيار ڪندو آهي، جيئن حواسن جي مدد سان ڪجهه ٻين ڳالهين کي به ساڃاهيندو آهي. اهو ڪنهن آتشبازيءَ وانگر هوندو آهي، جنهن جي تياريءَ ۾ ته ڪافي وقت لڳي ويندو آهي پر اهي ڦٽاڪا ٺڪ ٺوٺا ڪري، هڪ لمحي ۾ سڙي ويندا آهن.

خوابي ڪم جي عملي سلسلي کي ان وقت يا ته شعور جو ڌيان ڇڪائي تحت شعور کي ڀڙڪائڻ لاءِ خوابي ڪم منجهان وقت ۽ ننڊ جي گهرائيءَ کان هٽي ڪري، مناسب مقدار ۾ توانائي/ سگهه گهربل هوندي آهي، يا ان ۾ ڪاميابي ماڻڻ لاءِ سندس توانائي/ سگهه مناسب مقدار ۾ هوندي آهي، ۽ اها جاڳڻ کان هڪ پل اڳ ۾ تائين فراهميءَ واري حالت ۾ رهندي آهي ۽ جاڳ سان لاڳاپجڻ لاءِ وڌيڪ ڌيان سان حرڪت ڪندي آهي. گهڻا خوب ان جي ڀيٽ ۾ گهڻو ڪري گهٽ نفسياتي سگهه/ شدت سان ظاهر ٿيندا آهن، اهڙي صورت ۾ سپنا ماڻهوءَ جي جاڳڻ جو انتظار ڪندا آهن. پر اها حقيقت به واضح ڪرڻ ضروري آهي ته جيڪڏهن اسان گهري ننڊ منجهان اوچتو جاڳي پوندا آهيون ته اسان ڪجهه ائين محسوس ڪندا آهيون، ته ڄڻ! اڃان به خواب ئي پيا ڏسون. اهڙن معاملن ۾ اسان جڏهن پنهنجي مرضيءَ سان جاڳندا آهيون ته اسان جيڪا پهرين شيءِ ڏسندا آهيون، اهو اهو ادراڪيل مواد هوندو آهي، جيڪو خواب جي ذريعي تعمير ڪيل هوندو آهي، ۽ هڪدم پوءِ اسان ان ادراڪيل مواد متعلق سوچيندا آهيون جيڪو اسان کي ٻاهرين دنيا کان آڇيل هوندو آهي.

وڏي نظرياتي دلچسپي بهرحال سپنن سان سلهاڙيل هوندي آهي، جن ۾ ننڊ جي وچ ۾ ئي اسان کي اڀارڻ يا اسان ۾ جوش پيدا ڪرڻ جي سگهه هوندي آهي. دماغ ۾ ڪنهن خاص مقصد لاءِ مصلحت يا ذاتي مفاد هوندو آهي، جيڪو هر هنڌ جو رواج رهيو آهي، پوءِ اسان سوچيندا آهيون ته خواب ۾ ڇو نظر آيو؟

ته اها ”لاشعوري خواهش“ هئي، جنهن کيس ”تحت شعور ۾ سانڍيل خواهش“ کي پوري ڪرڻ لاءِ ننڊ ۾ مداخلت جو اختيار ڏنو هو. ان ۾ ٿورو به شڪ نه آهي ته اها ”وضاحت“ ان توانائيءَ تي مدار رکي ٿي، جنهن جو اسان کي علم نه هوندو آهي. اسان جيڪڏهن اهڙي معلومات حاصل ڪرڻ چاهيون ته مممڪن آهي ته اسان ڳولهي وٺون ته خواب کي اجازت ڏيندڙ توانائي، پاڻ ئي معاملو هٿ ۾ کڻي ٿي ۽ ان منجهان ڪجهه اهو حصو خرچ ڪري ٿي، جيڪو ٿورو يا گهڻو ان توانائيءَ جي ورهاست واري ڌيان کان ڌار ٿيل هوندو آهي ۽ لاشعور ۾ رکيل معاملي سان ڀيٽائي، ڏينهن واري حوالي سان سوگهو ڪيل هوندو آهي، جنهن کانپوءِ رات جو پيش ٿيندو آهي. تجربو اهو ٻڌائي ٿو ته خواب ننڊ سان نسرندو آهي، حالانڪ رات دوران گهڻا ڀيرا ننڊ به ڦٽائيندو آهي. ڪي ماڻهو تڪڙو جاڳي پوندا آهن، ته وري ٻيهر هڪدم گهري ننڊ به پئجي ويندا آهن. ڄڻ ننڊ ۾ ڪنهن جي منهن تان مک اڏري وئي هجي، اهو عارضي طور جاڳ جو معاملو آهي ۽ جيڪڏهن ڪو ٻيهر گهري ننڊ پئجي ٿو وڃي ته مداخلت به ڄڻ ڇوٽڪارو حاصل ڪري ٿي وٺي، جيئن باب پنجين: خوابن جو مواد ۽ ماخذ حصي ٽئين: خوابن ۾ جسماني جيو گهرڙن جي بنياد، (ص: 425). ۾ ٻار سنڀاليندڙ نوڪرياڻيءَ يا کير ڌارائيندڙ دائيءَ جي ننڊ، واري مشهور محاوري ذريعي سمجهايو ويو هو. ننڊ جي خواهش کي پورو ڪرڻ جو عمل، خاص ڪنهن رخ ۾ ڌيان ڏيڻ واري مقدار ذريعي برقرار رکڻ سان ئي گڏ هلي سگهڻ جهڙو ٿيندو آهي.

ان نڪتي تي اعتراض ضرور اٿي ٿو، جيڪو لاشعوري عمل جي وڌيڪ سٺي معلومات جي بنياد تي ٻڌل آهي. ۽ مون کي، پاڻ کي به اها دعويٰ آهي ته شعوري خواهشون سدائين متحرڪ هونديون آهن. پر ان جي باوجود اهي ايتريون سگهاريون نظر نه اينديون آهن جو ڏينهن جي دوران اهي پاڻ کي ادراڪ جي قابل بڻائي سگهنديون هجن. جيڪڏهن، بهرحال، جيتوڻيڪ ننڊ جي حالت غلبو ڪندي آهي، تڏهن به لاشعوري خواهش، خواب جي تعمير ۾ پاڻ کي سگهارو ظاهر ڪندي آهي، ۽ ان سگهه سان تحت شعور کي اڀاريندي آهي. پوءِ خواب جي اچڻ سان ان جو ٻل ڇو ناڪام ٿي ويندو آهي، جڏهن ته ان جي علم ۾ به هوندو آهي؟ ڇا خواب ادراڪي طور تي ٻيهر رونما ٿيڻ واري عمل ۾ اڳتي نڪري وڃڻ کي موٽائي، ماکيءَ جي ڏنگ جي سور جيان تسلسل نه ٿو ڏئي؟ اسان کي ڪهڙو حق آهي جو اسان اها دعويٰ ٿا ڪريون ته خواب ننڊ ۾ رخني وجهڻ کي پري ٿو اڇلائي ڇڏي؟

اهو بلڪل سچ آهي ته لاشعوري خواهشون سدائين متحرڪ هونديون آهن، اهي انهن پيچرن جي نمائندگي ڪنديون آهن، جيڪي سدائين ”منجهان يعني آرپا گذريل“ هوندا آهن، تڏهن جذبات جو پيمانو به انهن جو ئي استعمال ڪندو آهي. (ڏسو باب ستون: خوابن جي عمل جو نفسياتي پهلو، حصو ٽيون: خواهش جو پورائو ص: 813). سچ پچ ته اها لاشعور جي عملي سلسلي جي نهايت واضح خصوصيت آهي، ڇاڪاڻ ته خواهشون ناس نه ٿي سگهنديون آهن. لاشعور ۾ ڪا به شيءِ انهن کي پڄاڻيءَ تائين رسائي/ پهچائي، ورائي/ موٽائي يا ڀلائي/ وسارائي نه سگهندي آهي. جڏهن ڪو به شخص اعصابي/ نفسي خلل (Neuroses) ۽ خاص طور جنسي بيماريءَ (Hysteria) جو مطالعو ڪري ڏسندو ته ان کي، اها زندگيءَ سان ڀرپور انداز سان سندس اندر ۾ گهر ڪري ويٺل نظر ايندي. سوچن جي تحت شعور وارو پيچرو، جڏهن جذبات جو چڱو خاصو مقدار هڪ هنڌ گڏ ٿي ويندو آهي ته جنسي بيماريءَ جي حملي جي نيڪال ۾ اڳواڻي ڪندو آهي، اهو هڪدم، هڪ ڀيرو ٻيهر آرپار اچڻ وڃڻ جهڙو ٿي ويندو آهي، ٽيهه سال اڳ بيعزتيءَ يا خواريءَ جو تجربو به بلڪل ساڳئي انداز سان ڪردار ادا ڪندو آهي، جيئن ٽيهه سال اڳ ٿيل هوندو آهي. تيئن ئي جذبن جي لاشعوري ماخذن منجهان لنگهڻ جو رستو هٿ ڪري وٺندو آهي. جيئن ئي سندس يادگيري ان کي ڇهندي آهي ته اها تڪڙي ٻرانگهه ڀري ٻيهر زندگيءَ ڏانهن موٽي ايندي آهي، ۽ پاڻ کي جذبات سان نفسي/ ذهني قوت ذريعي طاقت حاصل ڪندڙ بڻجي پوندي آهي، جيڪا پوءِ حملي ذريعي نيڪال جو تحرڪ ڳولهي وٺندي آهي.

هي اهو ساڳيو نڪتو آهي، جتي نفسياتي علاج، مداخلت ڪندو آهي. علاج ڪندڙ جي ذميداري، ان نڪتن کي لاشعوري عملي سلسلن لاءِ ممڪن بڻائڻ آهي. يادگيرين جو ڌنڌلو ٿي وڃڻ ۽ نقشن يا تاثرن جون جذباتي ڪمزوريون، گهڻو ڪري ديرپا نه ٿينديون آهن، جن ڏانهن اسان جو جهڪاءُ پنهنجي ئي شاهديءَ/ مشاهدي سبب هوندو آهي، جن کي اسان پنهنجي ذهني يادن جي تهن ۾ نقش ٿيل، ابتدائي دور جي تاثرن، نشانن جي صورت ۾ بيان ڪندا آهيون، اهي حقيقت ۾ ثانوي طور ٿيل ترميمون هونديون آهن، جيڪي گهڻو ڪري جسماني پورهيي جي ذريعي ياد ڪندا آهيون. اهو ادا ٿيندڙ سمورو ڪم ”تحت شعور“ آهي، ۽ نفسياتي علاج جو طريقو تحت شعور جي ئي اثر/ غلبي هيٺ، سواءِ لاشعوري ڪرداري رويي جي، ڪنهن ٻئي معاملي کي جاري رکي نه سگهندو آهي (ڏسو ص: 774).

اهڙيءَ ريت ڪن خاص لاشعوري جذبات جي عملي طريقن لاءِ ٻه ممڪن نتيجا هوندا آهن، يا ته اهي پاڻ ڇڏائي وڃن، جن جي معاملي ۾ پوئواري ڪندڙ جزا چند معاملن تي آخرڪار رستو ڇڏي وڃن، ۽ اهو ”اڪيلو موقعو“ جذبات جي نيڪاليءَ لاءِ تحرڪ جو ڳولهائو هجي، يا وري اهو بجاءِ نيڪال ٿيڻ جي، تحت شعور ۽ پنهنجي جذباتي اثر هيٺ آيو هجي، يا ٿي سگهي ٿو تحت شعور جي ذريعي محدود ٿي ويو هجي. اهو انهن منجهان ٻيو نعم البدل آهي، جيڪو خواب ڏسڻ جي عمل دوران ظاهر ٿيندو آهي. تحت شعور طرفان نڪتل جذباتي نتيجو، ادراڪجڻ کانپوءِ، خواب واري لاشعوري جذباتي شدت کي هدايتون ڏيڻ ۽ ڪنهن رخني کان بي طاقت ڪرڻ واري پابندي مڙهي، شعوري جذبات جي ذريعي، خواب سان ملڻ لاءِ اڌ رستي تائين ويندو آهي. جيڪڏهن ائين واقعي هوندو آهي ته خواب ڏسندڙ ننڊ منجهان ٿوري هڪ معمولي پل لاءِ جاڳي پوندو آهي، ۽ واقعي ڄڻ منهن تا مک اڏامي وئي هجيس، جنهن جي ڪري سندس ننڊ ڦٽي وئي هجيس. هاڻي اسان تي پرهه ڦٽڻ شروع ٿي آهي، ڇاڪاڻ ته اصل ۾ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ اهو ئي وڌيڪ ڪارائتو طريقو آهي ۽ لاشعوري خواهش کي پنهنجي واٽ اختيار ڪرڻ لاءِ واپسيءَ واري رستي تان هٽي، ان تي ظاهر ٿيڻ جي وڏي رعايتي اجازت هوندي آهي ته جيئن خواب جي تعمير ٿي سگهي ۽ جنهن کانپوءِ خواب کي پابند ڪري سگهي، ۽ تحت شعور جي ڪم لاءِ گهٽ خرچ ۾ ان جو نيڪال ڪري سگهي، ۽ تسلسل جي صورت ۾، ننڊ جي سموري عرصي لاءِ، لاشعور تي لغام وجهي قابو ڪري ٻڌي ڇڏي (ص: 826).

سچ پچ ته اها اميد هئي ته خواب ڏسڻ، ان جي باوجود ته اهو هڪ حقيقي عملي سلسلو آهي، پر اهو ڪنهن ڪارائتي با مقصد عمل کان به ڪنهن صورت ۾ گهٽ نه آهي، جيڪو پاڻ کي ذهني قوتن/ وسيلن جي گڏيل عمل کي مهيا ڪري ڏيڻ ۾ هٿ ونڊائي ٿو. ۽ هاڻي اسان ڏسي سگهون ٿا ته اهو ڪهڙو عمل ڪندو آهي. خواب ڏسڻ جو عمل، لاشعور ۾ موجود ان جذبات کي، تحت شعور جي ضابطي هيٺ موٽائي آڻڻ جي ذميداري سنڀاليندو آهي، جيڪي ڇڙو اڳ ڇڏيل هيون، ۽ ائين ڪندي هو لاشعوري جذبات کي هڪ طرفي سوراخ (Safety-valve) منجهان خارج ڪرڻ جي خدمت سرانجام ڏيندو آهي، ۽ ساڳئي وقت تي، ان جي موٽ ۾ ننڊ منجهان سجاڳ ٿيڻ جي سرگرميءَ جو معمولي مقدار خرچ ڪري، تحت شعور واري ننڊ جو بچاءُ به ڪندو آهي. اهڙيءَ ريت ٻين سمورين نفسياتي اڏاوتن جي انهيءَ سلسلي سان جڙيل، جزي سان سمجهوتي جو طريقو جوڙيندو آهي.

اهڙيءَ ريت هو انهن ٻنهي سرشتن جي خدمت ۾ رڌل رهندو آهي، ۽ جڏهن هو ڪنهن وقت ٻن خواهشن کي انهن سرشتن ۾ ڀرڻ لڳندو آهي ته تيسيتائين اهي ٻئي هڪ ٻئي سان ٺهڪندڙ/ گڏ هلي سگهندڙ ٿي ويندا آهن. اسان جيڪڏهن خوابن جي ”نيڪال جي نظريي“ (Excretion theory) طرف پويان هلنداسين، جنهن کي ”رابرٽ“ (Robert-1886) پيش ڪيو هو، جنهن جي وضاحت مون صفحي 173 تي ڪئي هئي ته اسان هڪ جهلڪ ۾ ڏسي سگهنداسين ته ان جي جوهر/ محرڪ جي حوالي سان اسان کي، خوابن جي عملي سلسلي جي ان ڳڻ ڳوت کي مڃڻو پوندو، حالانڪ ”رابرٽ“ سان سندس خيالن جي دائري سان اختلاف به ڪري سگهجي ٿو (باب پنجون: خوابن جو مواد ۽ ماخذ: حصو پهريون: خوابن ۾ تازو ۽ غير متعلق مواد. ص: 354).

ڇا رڳو اهو ئي عملي سلسلو آهي، جيڪو خوابن کي سونپيل نظر اچي ٿو؟ جي ها! مان ڪنهن ٻئي کي نه ٿو سمجهان. اهو سچ آهي ته ”ميڊر“  (Maeder-1912) اهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته خوابن کي اظهارڻ جو هڪ ٻيو عملي سلسلو به آهي، يعني ”ثانوي عملي سلسلو.“ هن هڪ درست مشاهدي منجهان نتيجو ڪڍيو هو ته ڪجهه خوابن جو مواد ”تضادن“ کي حل ڪرڻ جي ڪوشش به ڪندو آهي، جن منجهان حقيقتون، بعد ۾ ظاهر ٿيل هونديون آهن، ۽ اهڙيءَ طرح جن جو رويو ڪجهه اهڙي قسم جو هوندو آهي جو لڳندو آهي ڄڻ اهي ننڊ مان جاڳڻ لاءِ ان جا پيرا ڳولهڻ جي ڪوشش ڪندو هجي، ان ڪري هو خوابن ۾ جانورن يا ٻارن جي راندين جي وچ ۾ هڪ جهڙائيءَ وارن عڪسن کي ٻاهر آڻيندو آهي، ٿي سگهي ٿو ته اهي پيدائشي/ فطري جبلتن واري عملي ڪاروائيءَ جي طور تي شناخت ٿيندڙ هجن، ۽ بعد ۾ ڪنهن سنجيده سرگرميءَ جي تياريءَ جيان نظر ايندا هجن، ۽ دليل جي صورت ۾ اڳتي وڌي آيل هجن، جنهن تي خواب پنهنجو عملي ڪردار ادا ڪيو هجي. ”ميڊر“ ۽ ان کان ٿورو پوءِ ان کي ”الفريڊ ايڊلر“ (Alfred Adler- 1911) به ان تي زور ڏنو هو ته خواب پنهنجي عملي سلسلي ۾ ”اڳتي جي لاءِ به سوچڻ جو ڪم ڪندا آهن“ ان قسم جي تشريح مون 1905ع ۾ ”هيسٽيريا دوران اڻ پوري حصي جي تجزيي“ جي صورت ۾ ڏني هئي، جنهن ۾ خواب رڳو ارادن جو اظهار ڪندو آهي ۽ انهن کي هر رات پيو ورجائيندو آهي، جيستائين اهو ٻاهر نه نڪري وڃي.

ان صورت ۾ هڪ معمولي اولڙو به اسان کي متاثر ڪندو آهي. ان وقت خوابن جو ”ثانوي جائزي وارو عمل“ ان تي، خواب جي تشريحي موضوع جيان، ان متعلق ”غور ڪيل“ جو اعلان نه ڪندو آهي، پر اڳتي جي ڳڻتي ڪندو آهي، ارادن ۽ نَيتن کي جوڙيندو آهي، مسئلن کي حل ڪرڻ وارين ڪوشش کي صورت ڏيندو آهي، جيڪي بعد ۾ جاڳ جيون ۾ مڃڻ جهڙيون ثابت ٿينديون آهن. اهي سڀئي، ۽ ٻيون به ڪيتريون هڪ جهڙيون شيون، لاشعور ۽ تحت شعور جي ذهني سرگرمين جي پيداوار هونديون آهن، اهي ڏينهن جي پونجيءَ جيان، ننڊ جي حالت ۾ جٽاءُ ڪري بيٺل هونديون آهن، ۽ لاشعوري خواهش سان ملي وينديون آهن ۽ خواب کي اطلاع ڪنديون آهن. اهڙيءَ ريت خواب جو اڳتي جي لاءِ سوچڻ جو عملي سلسلو گهڻو ڪري تحت شعور جي سجاڳ سوچ جو سلسلو هوندو آهي، جنهن جا پيداواري فائدا، اسان کي خوابن جي تجزيي جي ذريعي، يا ڪنهن ٻئي انداز سان اسان تي آشڪار ٿيندا آهن. اسان پنهنجي عادت مطابق خوابن ذريعي پڌري ٿيندڙ متن کي ”هوبهو/ ساڳيو (Identical) سمجهندا آهيو، پر اسان کي خوابن جي متعلق محتاط ٿيڻ گهرجي ۽ مونجهارو پيدا ڪندڙ خوابن کي خوابن جي لڪل خيالن سان ڀيٽڻ جي غلطي نه ڪرڻ گهرجي.

جيتري قدر ٻن خواهشن جي خصلتن جو تعلق آهي ته اهي پاڻ ۾ هم آهنگ هونديون آهن، ۽ ان ممڪن معاملي ۾ اشارو ڏينديون آهن، جنهن ۾ خوابن جو عملي سلسلو صدمي يا ڏک ۾ مبتلا ٿي سگهي ٿو. خوابي عمل لاشعور جي ان خواهش جي منشا پوري ڪرڻ لاءِ آجيان ڪندو آهي، پر جيڪڏهن اها ڪوشش تحت شعور جي مٿان زورائتي انداز سان ٽڪراءُ پيدا ڪندي آهي ته ان صورت ۾ ننڊ کي جاري رکڻ ممڪن نه هوندو آهي، پوءِ خواب ڪنهن طريقي سان سمجهوتي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ۽ ننڊ جي ٻئي اڌ واري ذميداريءَ کي ساڻ کڻي هلڻ ۾ ناڪام ٿي ويندو آهي. ان معاملي ۾ خواب هڪدم ٽٽي پوندو آهي ۽ پاڻ کي مڪمل طور تي جاڳ واري حالت ۾ بدلائي ڇڏيندو آهي. ٻيهر ننڊ نه اچڻ وارو سمورو ڏوهه حقيقت ۾ خواب جو ڏوهه نه هوندو آهي، اهو بجاءِ ان جي جو ننڊ کي پناهه ڏيندڙ ثابت ٿئي، پر هو ننڊ ڦٽائڻ واري ڪردار ۾ ظاهر ڪيئن  ٿو ٿئي! جڏهن ته ان جي اسان سان رنج يا ڪا ڪاوڙ به نه آهي، جو پنهنجي مقصد کي پوري ڪرڻ لاءِ ننڊ حرام ڪري ڇڏي هجيس. اهو رڳو عضون جي اندروني چرپر جي اٽڪل هلائڻ يا ڪا تدبير ڪرڻ جي حالت ۾ نه ٿيندو آهي، جيڪو عام طور تي ڪارائتي مان ڦري بيڪار ٿي ويندو آهي، ۽ جيترو جلد ممڪن ٿي سگهندو اٿس ته حالتن ۾ رخنو وجهندڙ ثابت ٿيندو آهي، ۽ اهڙي ڪنهن معاملي کي اڀاري وٺندو آهي، جيڪو ٿورو گهڻو ترميم ٿيل هوندو آهي، ۽ آرام ۾ پيل خلل آخرڪار ترميم لاءِ هڪ نئين مقصد ڏانهن ڌيان ڇڪائيندو آهي، ۽ ان جي خلاف تحرڪ ذريعي، عضون جي چرپر جي ڪم جي باقاعدي نگرانيءَ واري سرشتي کي ترتيب ڏيندو آهي.

منهنجي ذهن ۾ ڳڻتيءَ وارن خوابن متعلق اها ئي ته ڳالهه آهي، ۽ ان حوالي سان ته مان خواهشن جي پورائي جي نظريي جي خلاف ان خيال جي شاهديءَ کان لنوائڻ وارو نه ٿو ٿي سگهان، مان ته اڃان اهو ٿو سمجهان ته مان ڪيتريون ئي حدون پار ڪري آيو آهيان، وچ وچ ۾ واقعا، اشارا ڪنايا ۽ انهن جون وضاحتون ڏيندو آيو آهيان. ان اعتقاد جي متعلق اسان وٽ وڌيڪ اختلاف جي گنجائش نه آهي ته نفسياتي طور حرڪت ڪندڙ يا تبديل ڪندڙ سگهه، جيڪا ڳڻتيءَ کي وڌائي ٿي، ان جي باوجود خواهش جي پوري ڪرڻ واري نه ٿي ٿي سگهي. اسان ڄاڻون ٿا ته اها، ان حقيقت جي ذريعي واضع ٿي سگهي ٿي ته خواهش هڪ سرشتي سان سلهاڙيل ٿئي ٿي، جيڪو لاشعوري سرشتو آهي. جيتوڻيڪ اها ڪجهه به ڪرڻ کان انڪاري هوندي آهي ۽ ٻين سرشتن جي ذريعي دٻايل هوندي آهي، ۽ اهو تحت شعور هوندو آهي.(1)

ڪو به نتيجو آڻيندڙ هڪ ٻيو وهنوار، جيڪو اڃان وڌيڪ اهم هوندو آهي، ۽ دور رس به هوندو آهي پر اهو گهڻو ڪري عام ماڻهوءَ جي ذريعي نظرانداز به ڪيل هوندو آهي. ان ۾ شڪ نه آهي ته خواهش جو پورائو هڪ راحت ڏيندڙ احساس پيدا ڪري ٿو، پر پوءِ اتي هڪ سوال پيدا ٿئي ٿو ته ”ان جو واسطو ڪنهن سان آهي؟“ ڇا ان ماڻهوءَ سان جنهن خواهش ڪئي هئي! جي ها، يقينن! پر جيتري قدر اسان جي معلومات آهي ته ”خواب ڏسندڙ جو پنهنجي خواهشن سان تعلق مخصوص انداز ۾ ٿئي ٿو. مختصر طور تي هو انهن کان انڪاري به هوندو آهي، هو انهن جي ڇنڊ ڇاڻ به ڪندو آهي، هن کي انهن سان ڪو خاص چاهه به نه هوندو آهي. ان ڪري انهن جو پورائو کيس گهڻي راحت به نه ڏيندو آهي، البت ان جي برعڪس: ۽ تجربو اهو ٿو ٻڌائي ته سندس اهو برعڪس احساس، ڳڻتيءَ جي صورت ۾ بدلجي ويندو آهي، ۽ ان حقيقت جي وضاحت اڃان ٿيڻي آهي.

اهڙيءَ ريت خواب ڏسندڙ پنهنجي خوابي خواهش سان ناتو، اٽڪل اهڙن ٻن مختلف ماڻهن، (جن جو تعلق عام طور تي ڪجهه مضبوط خصلتن سان هوندو آهي) سان ڀيٽ ڪري ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ان جي مٿان ڪنهن اضافي وضاحت جي سلسلي ۾ مان توهان کي مشهور پرين جي آکاڻي ياد ڏياريان، جنهن جو حوالو مان صفحي 459 تي ڏئي آيو آهيان، جنهن ۾ توهان ڏسندا ته ساڳي ئي صورتحال ورجايل آهي. هڪ سٺين خصلتن واري پري، هڪ شادي شده غريب جوڙي کي ٽن خواهشن پوري ٿيڻ جو تحفو ڏئي ٿي، اهي تمام گهڻو خوش ٿين ٿا، ۽ انهن ٽن خواهشن جي چونڊ لاءِ انتهائي احتياط سان پنهنجي ذهن کي تيار ڪن ٿا. پر سندن ڀر واري گهر منجهان مصالحيدار قيمي جي رڌجڻ جي خوشبو اچي ٿي ته سندس وات پاڻي پاڻي ٿئي ٿو تڏهن عورت انهن منجهان ڪجهه ڪبابن کائڻ جي خواهش ڪري ٿي، ته ان مهل ئي سندن دسترخوان تي اهي ڪوفتا ڪباب اچي وڃن ٿا، ائين انهن جي پهرين خواهش پوري ٿي وڃي ٿي. پر مرد ڪاوڙجي وڃي ٿو ۽ خواهش ڪري ٿو ته اهي ڪوفتا ڪباب منهنجي زال جي نڪ تي چنبڙي وڃن. ۽ ائين ٿئي ٿو جو اهي سمورا ڪباب هن جي نڪ تي چنبڙي وڃن ٿا، ۽ ائين سندن ٻي خواهش به پوري ٿي وڃي ٿي. پر مرد جي خواهش، سندس زال جي لاءِ نهايت اڻوڻندڙ هئي، باقي ڪهاڻي ته اوهان ضرور پڙهي هوندي ته ٽين خواهش اها ئي ٿيڻي هئي ته اهي ڪوفتا ڪباب زالس جي نڪ تان لهي وڃن! ان نيڪ پريءَ ته انهن کي ڪيترين ٻين واسطن سان استعمال ڪرڻ لاءِ تحفو ڏنو هو. ان مثال ڏيڻ جو مقصد رڳو اهو هو ته ان ذريعي ان امڪان جي وضاحت ٿي سگهي ته جيڪڏهن ٻن ماڻهن جو پاڻ ۾ ايڪو نه آهي ته هڪڙي شخص جي خواهش جو پورائو ٻئي کي به راحت رسائي نه سگهندو.

ماڻهو ڀلي ته نفسياتي صحت ۾ ڪامل به هجي، پوءِ به تحت شعور جي ذريعي لاشعور جي محڪوميت مڪمل نه هوندي آهي: دٻاءَ/ ضبط جي گنجائش، اسان جي صحيح حالت واري، نفسي/ ذهني حرارتي ڪيفيت جي درجي جو اشارو ڪندي آهي. اعصابي خلل جون علامتون اهو ظاهر ڪنديون آهن ته ٻه سرشتا هڪ ٻئي سان تضاد ۾ هوندا آهن، اهي ان سمجهوتي جي پيداوار هوندا آهن جيڪي تضاد کي وقتي طور تي پڄاڻيءَ ڏانهن کڻي ايندا آهن. هڪ پاسي اهي، پنهنجي جذبات جي نيڪاليءَ جي لاءِ لاشعور کان ٻاهر نڪرڻ جي اجازت ڏيندا آهن، ۽ هن کي گڏيل نيڪال وارو بندرگاهه مهيا ڪندا آهن، جڏهن ته ٻئي پاسي اهي تحت شعور لاءِ ڪنهن حد تائين لاشعور کي، ضابطي ۾ آڻڻ کي ممڪن بڻائيندا آهن. اهو غور ڪرڻ لاءِ هدايتون جاري ڪندو آهي، جهڙوڪ: جنسي بيماريءَ سبب پيدا ٿيندڙ خوف واري حالت (Hysterical Phobia) يا انبوه ۾ وڃڻ يا اڪيلي گهٽيءَ ۾ وڃڻ جي ڊپ جي عارضي (Agoraphobia) ۾.

اچو ته هڪڙو مثال ٿا وٺون ته اعصابي/ نفسي خلل ۾ مبتلا مريض اڪيلي سِر گهٽي پار ڪرڻ کان ڊڄي ٿو (ان حالت کي ”علامتون، آثار يا اهڃاڻ“ (Symptoms) چوندا آهيون) ته جيڪڏهن اسان ان جي ان عمل کي ڪڍي ٻاهر ڪرڻ لاءِ، ان تي دٻاءُ وجهي، ان جي اهڃاڻ کي مِٽائي ڇڏيون، جنهن جي متعلق هن کي يقين آهي ته هو دماغي طور ڪمزور آهي، جنهن جي نتيجي ۾ مٿس ڳڻتيءَ جو حملو ٿيندو آهي. ۽ حقيقت به اها آهي ته خالي گهٽي مان گذرڻ واري ڳڻتيءَ جو حملو ٿيندو آهي. ۽ حقيقت به اها آهي ته خالي گهٽي مان گذرڻ واري ڳڻتيءَ يا خوف جو حملو گهڻو ڪري ان جي ڳاٽي ڀر ڪِري پوڻ سبب ظاهر ٿيندو آهي. ان ڪري اسان کي نظر ايندو آهي ته: ڳڻتيءَ جي اهڃاڻن جي اوچتي ظاهر ٿيڻ کي درگذر ڪرڻ وارو معاملو به ڪنهن ترتيب سان تعمير ٿيل آهي، خوف واري حالت (Phobia) به ڳڻتيءَ جي خلاف سرحدي مورچا بنديءَ جيان کڙي ٿي بيهندي آهي.

هن عملي سلسلي ۾ تاثرن منجهان آيل نتيجي ذريعي ڪردار ادا ڪندڙحصن جي جانچ کان سواءِ اسان جو بحث اڳتي وڌي نه ٿو سگهي، پر اسان ائين رڳو هاڻوڪي وقت سان واسطو رکندڙ نقص جي حوالي سان ڪري سگهون ٿا. اسان جيڪڏهن اندازو لڳايون ته لاشعور جو دٻاءُ، سڀني جي مٿان ان ڪري ضروري آهي ته جيڪڏهن لاشعور ۾ سوچن جو مجموعو پنهنجي سِر هليو ويو هجي، ته اهو ڪو نتيجو ڪڍي سگهي ٿو، جيڪو اصل ۾ راحت ڏيندڙ فطري وصف وارو هوندو، پر ٻيهر روڪڻ واري عمل يا ضبط (Repression) جي ظاهر ٿيڻ کانپوءِ اهو  نتيجو ناخوشگواريءَ ۾ تبديل ٿي ويندو آهي ۽ ذهن مان زوريءَ ڪڍي ڇڏڻ واري زور يا دٻاءَ (Suppression) جو مقصد ۽ نتيجو پڻ ناخوشگواريءَ جي خارج ٿيڻ جو بچاءُ ڪندو آهي. ذهن مان زوريءَ ڪڍي ڇڏڻ يا دٻائڻ جي ڪوشش لاشعور جي تمثيلي يا تصور واري مواد مٿان تيسيتائين ڦهلجڻ لڳندي آهي، جيسيتائين متن منجهان ناخوشگواري خارج ٿيڻ شروع ٿيندي آهي. اهو ڪنهن پروڪي واقعي ڏانهن اشارو ڪرڻ، نتيجو اخذ ڪندڙ تاثرن جي فطري وصفن جي پيداوار جي هڪ باقاعدي مخصوص مفروضي جيان آهي (ڏسو ص: 687 حاشيو.) اهو خواهش کي منتقل ڪندڙ اڀار يا رطوبت ساز (Secretory) عمل جيان، لاشعور ۾ موجود سوچن کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ چاٻيءَ جو ڪم ڪندو آهي. تحت شعور جي ذريعي قائم ڪيل غلبي جي طاقت تي پابند رهڻ واريون سوچون اهي، اهي ئي آهن، جيڪي اڳ هونديون هيون، ٻنجو ڏنل (Inhibited)، من اڇل طرفان اماڻي ڇڏيل، ساهه ۾ سوڙهه پيدا ڪندڙ، نڙگهٽ ۾ سور جو احساس اڀاريندڙ جيڪي نتيجو ڏيندڙ تاثرن کي وڌائينديون رهنديون آهن. انڪري جيڪڏهن تحت شعور طرفان هڪ ئي خيال تي غور ڪرڻ جي نتيجي ۾ استعمال ٿيندڙ ذهني قوت رڪجي وڃي ته خطرو اهو هوندو آهي ته لاشعوري جذباتي اڀار اهڙي قسم جي تاثراتي زور کي خارج ڪرڻ لڳندا آهن (جيڪي اڳ ۾ ئي ٻيهر دٻائڻ/ ضبط واري نتيجي جيان، ظاهر ٿيل هوندا آهن)، جيڪي ڳڻتيءَ جيان، رڳو ناخوشگواريءَ جي تجرباتي ڪيفيت ۾ ٿيندا آهن.

جيڪڏهن خوابي عملي سلسلو ان کي شامل ڪرڻ جي اجازت ڏيندو آهي ته هڪ خطري واري صورت پيدا ٿي پوندي آهي. حالتون: جيڪي ان جي حقيقت پسنديءَ کي طئي ڪنديون آهن يا ان کي رخ ڏينديون آهن ته دٻاءَ/ ضبط واريون ڪيفيون يقيني طور تي ظاهر ٿينديون آهن ۽ دٻايل يا دٻجي ويل خواهشن جون ترغيبون گهڻي قدر سگهاريون ٿي وينديون آهن. اهڙيءَ ريت اهي طئي ڪيل حدون خوابن جي جوڙجڪ جي نفسياتي دائري کان ٻاهر هونديون آهن. جيڪڏهن ڳڻتيءَ جي اڀرڻ متعلق اسان جي موضوع جو واسطو ننڊ دوران لاشعور جي آزادگيءَ واري عنصر سان نه هجي ها ته اسان ڳڻتيءَ جي خوابن متعلق بحث کي ضرور ڇڏي ڏيون ها.

ڳڻتيءَ جي خوابن جي نظريي متعلق جيئن ته مان ان جي اعصابي نفسي خلل جي نفسياتي عملي سلسلن ۽ حصن جي حوالي سان اڳي ئي بيان ڪري چڪو آهيان، پر رڳو هڪڙي شيءِ وڌيڪ آهي جيڪا مان ڪري سگهان ٿو. هيل تائين مان اهو پئي سمجهيو ته اعصابي ڳڻتي ”جنسي ڪارڻن“ جي ڪري وڌي ٿي، هتي مان ڳڻتيءَ وارا چند خواب تجزيي لاءِ ان حوالي سان پيش ڪريان ٿو، جن منجهان جنسي رجحان واري مواد جو خوابي خيالن ۾ ظاهر ٿيڻ جو عمل نظر اچي ٿو. مون وٽ هن هلندڙ موضوع جي هڪڙي پاسي تي ڇڏي ڏيڻ لاءِ هڪڙو سٺو سبب به آهي جو منهنجي ”اعصابي خلل وارن مرضن“ جا ڪجهه اهڙا مثال موجود آهن، جيڪي ”نوجوان ماڻهن جي ڳڻتيءَ جي خوابن“ جي حوالي سان آهن.

ڪي درجن سال اڳ، جڏهن مون پاڻ سچو پچو ڳڻتيءَ جو خواب ڏٺو هو، پر مون کي هڪڙو خواب چٽيءَ طرح ياد آهي، تڏهن مان ستن يا اٺن سالن جي ڄمار جو هوس، جنهن کي مون تجزيي لاءِ ٽيهه سال پوءِ پيش ڪيو هو، اهو هڪڙو نهايت زندگيءَ سان ڀرپور خواب هو، جنهن ۾ مون:

”پنهنجي پياري ماءُ کي ڏٺو هو، سندس چهري تي ننڊ جا خاص پرسڪون تاثرات هئا، ٻن يا ٽن ماڻهن پکين جي چهنبن سان کيس کڻي ڪمري ۾ آندو ۽ بستري تي ليٽائي ڇڏيو.“

جاڳندي ئي منهنجي اکين ۾ ڳوڙها هئا ۽ ڍنڍڪارون ڀري روئڻ لڳس ۽ مون مائٽن جي ننڊ ڦٽائي ڇڏي.

اهي عجيب قسم جا ۽ غير فطري طور قداور ۽ ڊگهين چهنبن وارا پکي، صيهونيت جي مقدس لکڻين (انجيل) ۾ ڏنل پکين جي تصور منجهان آيل هئا، (اهڙي قسم جي مٿي وارو ”شهباز پکي“ مصر جي خدائن ذريعي به ڏيکاريل آهي، جيڪو مرڻ واري جي تابوت تي به ٺهيل هوندو آهي) منهنجي ماءُ جي منهن تي پرسڪون تاثر منهنجي ڏاڏي جي حوالي سان نظر آيا هئا، جنهن جو ڪجهه ڏينهن اڳ انتقال ٿي ويو هو. هن خواب جي تشريح، ثانوي تجزيي مطابق هن ريت آهي ته ”منهنجي ماءُ مري چڪي هئي ۽ مان ان ڳڻتيءَ وچان جاڳي پيو هوس، جيڪا تيستائين منهنجي اندر ۾ رڪيل هئي، جيستائين مون پنهنجي مائٽن جي ننڊ نه ڦٽائي. مون کي ياد آهي ته مون جڏهن پنهنجي ماءُ کي جيئرو ڏٺو ته مان پاڻ کي ٻيهر دلجاءِ ڏيڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ته هوءَ مري نه وئي آهي. پر خواب جو اُهو ”ثانوي جائزو“ پڻ ڳڻتيءَ جي اثر هيٺ تيار ڪيو ويو هو، جنهن کي هاڻي وڌايو ويو هو. مان ان ڪري ”پريشان“ نه هوس ته ڪا منهنجي مري وئي آهي، پر مون خواب جو تجزيو پنهنجي تحت شعور جي نظرثانيءَ جي خيال کان ڪيو هو ڇاڪاڻ ته مان اڳ ۾ ئي ”ڳڻتيءَ“ ۾ مبتلا هوس. ڳڻتيءَ کي پويان کان ڳولهي سگهجي ٿو، جڏهن شعور مان ڪڍي ڦٽو ڪرڻ يا ضبط جو عمل دليل جي دنيا ۾ داخل ٿئي ٿو، تڏهن خواب جي عڪسي متن ۾ جنسي خواهش جو چٽو يا اڻ چٽو تاثر به ملي ويندو آهي.

ستاويهن سالن جو هڪ ماڻهو، اٽڪل هڪ سال کان سخت بيمار هو، ٻڌايائين ته هو جڏهن يارهن ۽ پندرهن سالن جي وچ واري ڄمار جو هو ته هُو مسلسل سخت ڳڻتيءَ وارا خواب ڏسندو هو، ٻڌائڻ لڳو ته:

”هڪ ماڻهو ڪهاڙيءَ سان ڪنهن ڳالهه لاءِ مون کي رانئي پيو. مان ڀڄڻ جي ڪوشش پئي ڪئي پر ڏٺم ته ڄڻ مان ساڻو/ اڌ مئو ٿي ويو هجان، جو ان جاءِ تان چري ئي نه پئي سگهيس.“

هي عام قسم جي ڳڻتيءَ واري خواب جو سٺو مثال آهي، جنهن ۾ ڪنهن به ريت جنسيت جو شڪ نه ٿو ڪري سگهجي. هاڻي اچو تشريح جي طرف: خواب ڏسندڙ! خواب ڏسڻ کان اڳ پنهنجي چاچي کان ٻڌو هو ته: ”هڪ رات ڪيئن هڪ گهٽيءَ ۾ چند مشڪوڪ قسم جي ماڻهن کيس سوڙهو ڪيو هو.“ خواب ڏسندڙ ان جي تعلق پاران اهو نتيجو ڪڍيو هو. جيتري قدر ڪهاڙي جو معاملو هو ته هڪ ڀيري وڻ ڇانگيندي سندس هٿ زخمي ٿي پيو هو، جنهن کان پوءِ هو پنهنجي ننڍي ڀاءُ سان گڏجي مائٽن ڏانهن آيو. هڪ ڀيري هو پنهنجي ڀاءُ سان وڙهيو هو ۽ کيس بوٽ سان ٿڌو هنيو هئائين، جنهن جي ڪري ان جي مٿي مان رت ته نه ڳڙيو هو پر ماڻس سختيءِ سان کي چيو هو ته:

”مان سمجهان ٿي ته هڪ ڏينهن تون هن کي ماري ئي ڇڏيندين!“

ان وقت کان وٺي هن جي ذهن تي، ان فساد، جهيڙي ۽ ڪاوڙ جو خيال موجود هو. هن جي ذهن تي نوَن سالن وارو اهو واقعو به بيٺل هو، انڪري اهو ننڍي عمر جو واقعو اوچتو خواب ۾ ظاهر ٿيو هو. هن جا مائٽ گهر دير سان آيا هئا ۽ هن اهو سمجهيو هو ته اهي ايندي شرط سمهي پيا هئا. ٿوري ئي دير ۾ هن کي سهڪڻ جا ۽ ڪجهه ٻيا آواز ٻڌڻ ۾ آيا جيڪي هن کي عجيب ۽ ڀوائتا پئي لڳا، ۽ هن پنهنجي بستري ۾ پاسا پئي بدلايا. هن جي خيالن مان اهو ٿو نظر اچي ته هن پنهنجي ڀاءُ جي حوالي سان، مائٽن ۽ پنهنجي وچ ۾ رشتن جو سنڌو ڪڍي ورتو هو. هن جهيڙي ۽ جدوجهد جي نظريي تحت پنهنجي ۽ پنهنجي مائٽن جي وچ ۾ هڪ گروهي اڻبڻت وارو خيال ذهن ۾ رکيو هو، ۽ هن هڪ ڀيري پنهنجي ماءُ جي بستري تي رت جا ڇنڊا به ڏٺا هئا.

منهنجو چوڻ اهو آهي ته اهو ته روز مره جي تجربي منجهان ئي معلوم ٿئي ٿو ته وڏن جي وچ ۾ جنسي سنجوڳ جو اثر ننڍن تي به پوندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي شخصي تجربي کان اڳ ۾ ان کي ڪا پراسرار ڳالهه سمجهندا آهن. ۽ مان جنسي اڀار جي موضوع سبب اها وضاحت ڪرڻ ٿو چاهيان ته اهي شڪ به ٻارن کي ڳڻتيءَ جي پاسي ڇڪي ويندا آهن، جڏهن ته تجربي ٿيڻ کان اڳ ۾ ٻار اهڙيون جنسي حرڪتون ڪندي ڪو به شرم محسوس نه ڪندا آهن ۽ خاص طور وڏن جي جهلڻ کانپوءِ منجهن سنجيدگي ۽ ڳڻتيءَ جو احساس به پيدا ٿيندو آهي.

خاص طور تي رات جي دوران ڊپ جي متعلق به مان ساڳئي قسم جي وضاحت ڏيندي ڪا هٻڪ محسوس نه ٿو ڪريان، ته اونداهيءَ ۾ ڊپ جي حملي ۾ سوداءَ يا وهم جو حملو ٿيندو آهي، جيڪو ٻارن جي معاملي ۾ گهڻو ڏٺو ويو آهي. ۽ ان حوالي سان جنسي لذت واري ڪشش کي نه سمجهي سگهڻ، پڻ ڏٺو ويو آهي، کوجنا يقينن اسان کي، ان حملي جي ڪيفيت جي ظاهر ٿيڻ کي ثابت ڪري ڏيکاري سگهي ٿي، ته تيسيتائين لذت واري شديد جنسي خواهش (Sexual libido) ۾ نه رڳو اتفاقي جذباتي اڀار جي تاثرن ذريعي واڌ ٿيندي آهي، پر ڪاميابي ماڻڻ واري لهرن جي اوچتو پيدا ٿيڻ سبب به واڌ وارا عمل ورجائجڻ لڳندا آهن. بهرحال ان مشاهدي جي بنياد تي وڌيڪ مواد نه هجڻ سبب مان ان وضاحت جي ثابتي ڏيڻ جي قابل نه آهيان.

ٻئي پاسي ٻارن جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن (Paediatricians) مقصد جي رسائيءَ جي ذريعي رڳو هڪڙي پاسي ڪمي ڪئي آهي، جيڪا انهن سمورن مشاهدي ۾ ايندڙ واقعن يا حقيقتن کي سمجهڻ کي آسان بڻائي ٿي، ڀلي ته اهي جسماني جيوَ گهرڙن (Somatic) منجهان يا نفسياتي حوالي سان هجن. ڪنهن کل جهڙي واقعي کي اهڙي رستي سان پيش ڪرڻ تي مان زور نه ٿو ڏئي سگهان، جنهن ۾ طبي ڏندڪٿائن واري هوشياريءَ جي حد محدود ٿي وڃڻ جو ڪارڻ بڻجي. منهنجو پيش ڪيل واقعو ”ڊي بيڪر“ (Debacker-1881,66) جي تحريري دستاويز ”بستري ۾ پيشاب وهي وڃڻ جي علامت“ (Pavor Nocturnus) تان ورتل آهي.

تيرهن سالن جي ڄمار جو ڇوڪرو، نزاڪت ۽ نفاست وارو، تندرست! پورن پچائڻ ۾ گرفتار ٿي ويو. هن جي ننڊ ۾ خلل پوڻ لڳو، ائين هفتي ۾ هڪ ڀيرو مٿس ڳڻتيءَ ۽ وسوسي جو حملو ٿيڻ لڳو. هو پنهنجي خوابن کي سدائين سانڍي رکندو هو، هو چوندو هو ته ”ڪو ڀوت وٽس اچي واڪا ڪري چو ٿو ته: ”اسان توکي هٿ ڪري ورتو آهي، هاڻي اسان توکي هٿ ڪري ورتو آهي.“

جنهن کانپوءِ ڏامر ۽ گندرف جي بوءِ ۽ سندس کل ڄڻ باهه جي اُلي سان سڙڻ لڳندي هئي. هو ڊپ وچان خواب مان جاڳي پوندو هو، پر ان وقت ڊپ جي باوجود هو ڪا به رڙ نه ڪندو هو، پوءِ جڏهن هو پنهنجي آواز ڏانهن ڌيان ڏيندو هو ته کيس پنهنجو جملو ائين ٻڌڻ ۾ ايندو هو:

”نه نه! مون نه ڪيو آهي، اهو مون کان نه ٿيو آهي، مون ڪجهه به نه ڪيو آهي.“

يا: ”مهرباني ڪري ائين نه ڪريو، ٻيهر مان ائين نه ڪندس.“

يا ڪڏهن ڪڏهن: ”البرٽ ائين ڪڏهن نه ٿو ڪري سگهي.“

پوءِ هن ڪپڙا لاهي سمهڻ ڇڏي ڏنو، ڇاڪاڻ ته باهه جو اهو اُلو کيس تڏهن پڪڙيندو هو جڏهن هو ڪپڙا لاهي سمهندو هو. ان جي باوجود کيس اهي جنن وارا خواب نظر ايندا هئا، جنهن سندس صحت کي لوڏو ڏئي ڇڏيو. پوءِ هن کي شهر موڪليو ويو، جتي هن کي تندرست ٿيڻ ۾ ارڙهن مهينن جو عرصو لڳو. پوءِ هڪ  ڀيري، جڏهن هو پندرهن سالن جو ٿيو ته وري لفظ "Parties" (دعوتون) ٻڌي پريشان ٿي ويو. پوءِ هن ٻڌايو ته:

”ان کي مڃڻ جي مون ۾ ٿوري به همٿ نه آهي، پر مون کي هڪ احساس سدائين ڪنهن ڪنڊي وانگر چڀندو رهندو آهي ۽ منهنجي بدن ۾ جذبات جو تمام وڏو جوش پيدا ٿيندو آهي، ۽ پوءِ هڪ وقت اهڙو ايندو آهي جو دل چوندي اهي ته گهر جي دريءَ کان ٽپو ڏئي ڇڏيان.“

حقيقت اها آهي ته نتيجي ڪڍڻ ۾ هتي هڪڙي ننڍڙي مشڪل پيش آهي، مثال طور:

(1) ته ڇوڪرو پنهنجي ابتدائي عمر ۾ پاڻ مان جنسي لذت حاصل ڪرڻ جو شڪار هو، جنهن کان هو بلڪل انڪاري هو: ”البرٽ ائين ڪڏهن نه ٿو ڪري سگهي.“ جيڪا ڳالهه کيس ايندڙ مصيبت ۽ خطري جو احساس پيدا ڪندي هئي. ان بري عادت جي عيوض رات جو سندس بسترو خراب ٿي ويندو هو.

(2)جوان ٿيندي ئي هن پنهنجي جنسي عضوي کي کنهڻ سان ابتدا ڪئي هئي، پر.....

(3) ضبط ڪرڻ جي ڪوشش سندس اندر ۾ ٽٽڻ لڳي ۽ هو لذت واري شديد جنسي خواهش کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، جيڪا فڪر ۽ ڳڻتيءَ ۾ تبديل ٿي وئي، ۽ سندس ڳڻتيءَ ۽ پريشانيءَ کيس آڻي ان رستي تي اچي بيهاريو، جنهن تي کيس جنن ڀوتن جا آواز اچڻ لڳا هئا.

هاڻي اچو ته اصل ليکڪ ”ڊي بيڪر“ (Debacker-1881,66) جي ”شديد جنسي طلب“ (Libido) جي پيش ڪيل مشاهدي منجهان اخذ ٿيندڙ نتيجن تي غور ڪريون:

(1) ڇوڪر تي اها جوانيءَ واري اثرانداز ٿيندڙ سگهه هئي، جنهن کيس عمدي صحت کي قائم رکڻ بجاءِ ڪمزوريءَ ڏانهن ڌڪي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ سندس دماغي قوت ۽ خون ۾ ڳاڙهن جزن جي گهٽتائي ٿيڻ لڳي ۽ هو ڪمزور ۽ لاغر ٿي پيو.

(2) دماغي قوت ۽ خون ۾ ڳاڙهن جزن جي گهٽتائيءَ (Cerebral Anaema) سندس ڪرداري وصفن ۾ تبديلي پيدا ڪري ڇڏي، ۽ هن جو ذهن جنن ڀوتن جي اولڙن ۽ وسوسن جي ور چڙهي ويو ۽ رات جو فعال ٿيڻ واري ذهني وڳوڙي خيالن ۾ ڦاسي پيو. لڳڀڳ ڏينهن جو به انهن وسوسن ۽ پريشانين ۾ گذاريندو هو.

(3) ڇوڪر جي جنن ڀوتن وارو خيال سندس پس منظر ۾ مذهبي خيالن جي ڪري پيدا ٿيو هو، ڇاڪاڻ ته اڃان هو ٻار هو.

(4) سندس ذهن مان اهي سڀ خيال ۽ نقش گم ٿي ويا، جڏهن هو جسماني طور ڪوشش وٺي شهر پهتو، ۽ پنهنجي جوانيءَ کي بچائڻ ڏانهن ڌيان ڏنائين.

(5) ڪشش واري اثر رسوخ جو بنياد ٻار جي ذهني حالت تي مدار رکندو آهي، جيڪو سندس خانداني لڳ لاڳاپن، يا پويان سندس پيءُ کي پرميل يا سوزاڪ جو مرض رهيو هجي.

۽ هاڻي اچو آخري نتيجي تي: اسان هن معاملي جي درجي بندي، کاڌي خوراڪ جي گهٽتائيءَ سبب نيم بيهوشيءَ (Deliria) دوران جسم جي حرارت (Apyretic) جي حوالي سان ڪندا آهيون، جنهن کي اسان آڪسيجن جي ڪميءَ سبب خون جي رڪاوٽ (Ischaemia) دوران ظاهر ٿيندڙ حالت سان منسوب ڪندا آهيون.


 

 

(5)

ابتدائي ۽ ثانوي عمل:

(ٻيهر دٻائڻ وارو عمل/ ضبط)

THE PRIMARY AND SECONDARY PROCESSES, REPRESSION

 

خوابن جي عملي نفسياتي سلسلي متعلق وڌيڪ گهرائيءَ سان جرعت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مان پاڻ کي سخت ذميداريءَ ۾ مبتلا ڪري رهيو آهيان، جڏهن انهن منجهان ڪنهن هڪ جي معاملي ۾ ممڪن آهي ته منهنجي ذهني قوتن جو تفصيلي اظهار مشڪل سان ٿي سگهيو هجي. مجموعي طور تي ان مونجهاري ۾ جيڪي ترڪيبي جزا موجود آهن، سچ پچ ته انهن جي هر هڪ نڪتي کي ڪاميابيءَ سان واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم، مون کي انهن بنيادن منجهان اميد رکڻ کان يقينن لنوائڻ گهربو هو، جن تي اهي اڳ ۾ ئي ٻَڌل آهن، ۽ پنهنجي استادن طرفان ورتل اهڙي قسم جون تڪليفون وٺڻ، منهنجي وس کان ٻاهر آهن.

حقيقت ۾ مان خوابن جي نفسيات جي حوالي سان، انهن سڀني جي باري ۾ ڏنڊ ڀري رهيو آهيان، ڇاڪاڻ ته مان پنهنجي خيالن جي تاريخي ارتقا جي پوئواري ڪرڻ نه ٿو چاهيان، جيتوڻيڪ خوابن جي موضوع متعلق، مقصد حاصل ڪرڻ جو منهنجو پنهنجو طريقو آهي، جنهن جو دائرو اعصابي خلل/ مرض متعلق گذريل نفسياتي ڪم تي منحصر نه آهي. منهنجو ڪو رٿيل ارادو نه آهي ته مان ويجهڙائيءَ وارين تحقيقن کي پنهنجي تازي ڪم جو بنياد بڻايان، توڙي جو مان پنهنجي خواهشن مطابق، عملي طور طريقن جي بجاءِ خوابن کي، اعصابي خلل/ مرضن بابت نفسياتي علاج جي مقصد حاصل ڪرڻ جي خيالن کان ان جي مخالف رخ ۾ ائين به ڪيو آهي. مان انهن سمورين پريشاني کان به واقف آهيان، جن ۾  منهنجا پڙهندڙ مبتلا هوندا، تنهن هوندي به مان گهڻين حقيقتن کي واضع ڪرڻ کان منهن ڦيرائي نه ٿو سگهان.

ان حالت ۾ شين جي متعلق پنهنجي اطمينان کي ڏسي مان ٿوري دير جي لاءِ هڪ ٻي ڳالهه تي غور ڪرڻ سبب خوش به ٿيو آهيان، ته منهنجي محنت کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويو آهي. مون ابتدا ۾ ئي هن موضوع سان منهن ڏيڻ وقت ائين محسوس ڪيو هو، جيئن منهنجي پهرين باب منجهان نظر ايندو، خوابن متعلق ماهراڻي راءِ جو اختيار رکندڙن، خوابن جون ڪرداري وصفون نهايت حرفت واري انداز سان بيان ڪيون هيون، جن ۾ گهڻا ئي اختلاف هئا. خوابن جي مسئلن تي منهنجي طريقي ڪار، وڌ ۾ وڌ اختلافي سوچ فڪر لاءِ هڪ ويڪري جاءِ خالي ڇڏي آهي. مون ان جي پيش ڪرڻ کي، ان ڪري ضروري سمجهيو آهي ته جيئن انهن ٻنهي نظرين متعلق غير مشروط ترديد جو رستو کلي پوي. هڪڙو خيال اهو هو ته خواب ڏسڻ هڪ بي معنيٰ سلسلو آهي (ڏسو باب پهريون: خوابن جي مسئلن سان سائنسي ادب جو رويو/ تعلق، حصو پنجون: خوابن جي نفسياتي خاصيتن جي سڃاڻپ/ فرق، ص: 129). ٻيو خيال اهو هو ته خواب! جسماني جيوَ گهرڙن جي چرپر سبب نظر اچن ٿا (ڏسو باب پهريون: خوابن جي مسئلن سان سائنسي ادب جو رويو/ تعلق، حصو ستون: خوابن جا نظريا ۽ انهن جو ڪم ص: 170). ان کانسواءِ مان انهن قائم ڪيل سمورن اختلافي عقيدن جو جواز ڳولهي انهن کي گڏيل مفاد جي حوالي سان هڪ نڪتي تي گڏ ڪرڻ جي قابل ٿي ويس، يا ائين چئجي ته مان پنهنجي مونجهارو پيدا ڪندڙ نظريي کي سمجهڻ ۽ اهو ڏسڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهيان: ته اهي حقيقت جي ڪنهن حصي تي روشني به ڪري سگهن ٿا.

اهو خيال! ته خواب ڏينهن وارين دلچسپين ۽ ڪم ڪار وارين ڳالهين کي کڻي ايندا آهن (ص: 45-46)، ته اهو ڳجهن خوابي خيالن جي دريافت ذريعي مڪمل طور تي تصديقي رايو ثابت ٿيو آهي. اهي لڪل خوابي خيال انهن ڳالهين سان وابستا هوندا آهن، جيڪي اسان کي اهم نظر ايندا آهن، ۽ اسان ۾ تمام گهڻي دلچسپي پيدا ڪندڙ هوندا آهن. خواب ڪڏهن به معمولي قسم جي تفصيلن کي نه والاريندا آهن، پر جيئن ته آسان سببن کي ڳولهڻ ۾ اسان غير موافق خيالن کي به قبول ڪندا آهيون، ان ڪري اهو به سوچيندا آهيون ته خواب! گذريل ڏينهن جي خسيس ۽ اڻ ڌرين ڳالهين کي کڻڻ کان به انڪار ڪندو آهي (ص: باب پهريون: خوابن جي مسئلن سان سائنسي ادب جو رويو/ تعلق، حصو ٻيو: ”خوابن جو مواد، خوابن ذريعي يادگيرين جو اچڻ، ص: 64)، ۽ ڏينهن واري وڏي دلچسپيءَ تي سندس ضابطو نه هوندو آهي، جيستائين، يا ڪنهن حد تائين جاڳ واري سرگرميءَ منجهان هٿ نه ڪڍي (ص: 64). اسان کي نظر ايندو ته خواب جي متن کي سٺي نموني جهلي رکڻ وارو عمل، خوابي خيالن کي، ترميم واري تاثر ذريعي ان جي ڪري ڏيندو آهي، ته جيئن تعلق وارن مختلف حصن جو پاڻ ۾ ڳانڍاپي وارو نظام قائم هجي، جيئن اسان ڏٺو ته خواب جو عملي سلسلو ويجهڙي وقت واري، يا اڻ ڌريي تمثيلي مواد کي اختيار ۾ آڻڻ لاءِ اها آساني ڳولهيندو آهي، جيڪا جاڳ وارين سوچن جي سرگرميءَ جي ذريعي اڃان لازمي طور گهربل نه هوندي آهي، ۽ ان خيال کان به ته اهم ڇا آهي؟ البت جيڪي اڻ ڌرين سوچن لاءِ اعتراض جوڳيون هونديون آهن، انهن جي ڇنڊڇاڻ جي ڪري، پنهنجي نفسياتي شدت منتقل ڪندو آهي.

حقيقت اها آهي ته خواب غير معمولي درجي جي تفصيلي يادگيريءَ کي قائم رکندڙ (Hypermnesic) هوندا آهن. (ص: 52) ۽ ٻالڪپڻي جي مواد مان پوري ذميواريءَ سان ڪٿ ڪري کڻي ايندا آهن (ص: 60)، جيڪو اسان جي سکيا ۽ اڀياس جي لاءِ پيڙهه جو پٿر هوندو آهي. خوابن جي متعلق اسان جو نظريو آهي ته خواهشون ٻال جَتيءَ ۾ ئي، خوابن جي جوڙجڪ لاءِ اڻٽر منشا واري سگهه ذريعي وجود ۾ اچن ٿيون.

فطري طور! اهي اسان تي ڪنهن خاصيت يا مقصد تي شڪ شبهي پاران ظاهر نه ٿينديون آهن، جيڪي ننڊ دوران حواسي چرپر جي بيروني تجربي جي ذريعي محسوس ٿينديون آهن (ص: 72) پر اسان کي اهو مواد خوابي خواهش سان ساڳئي ئي تعلق سان بيٺل نظر ايندو آهي، ڄڻ ڏينهن وارين سوچن جي باقيات، ڏينهونڪين سرگرمين منجهان نڪري وئي هجي. اسان کي سوچ سان اختلاف جو ڪو سبب نظر نه ايندو آهي،جيئن خوابَ گهڻو ڪري غلط خيال واري تاثر جيان خارجي حواسي چرپر جي صورت ۾ تشريح ڪندا آهن، پر اسان اهو محرڪ ڳولهيندا آهيون، جيڪو ان تشريح لاءِ دليل مهيا ڪندو آهي، اهو دليل! جنهن کي ٻين ڪيترن ليکڪن تفصيل سان ٻڌائڻ کان سواءِ ئي ڇڏي ڏنو آهي. اها تشريح ان طريقي سان ٿيڻ لڳندي آهي، ته جيئن ادراڪيل شيون ننڊ ۾ مداخلت نه ڪري سگهن، ۽ اهي خواهش کي پوري ڪرڻ جي قابل به هجن. ننڊ دوران حواسي عضون ۾ جوش کائيندڙ جذبن جي داخلي/ ذهني حالت مطابق ٿيندڙ اظهار متعلق ”ٽرمبل لاڊ“ (Trumbull ladd- 1892) به ثابتي ڏني آهي (ڏسو باب پهريون: خوابن جي مسئلن سان سائنسي ادب جو رويو/ تعلق: حصو ٽيون: ترغيب ۽ خوابن جا ماخذ/ بنياد ص: 70)، ۽ اهو سچ آهي ته اسان ان کي خوابن جو خاص ماخذ سمجهيو ئي نه آهي، پر اسان هاڻي يادگيرين جي وري موٽي اچڻ واري نتيجي تي پهچي، خوابن جي پويان ڪم ڪندڙ سرشتي جي وضاحت ڪرڻ جي قابل ٿي ويا آهيون.

اندروني عضوياتي احساس، جيڪي وضاحت جي حوالي سان عام طور تي خوابن جي شهه رڳ جي اهميت رکندا آهن، اهي هڪ جاءِ تي ذهن نشين ٿيندا آهن، جيڪي اسان جي نظريي مطابق نهايت سٻاجها هوندا آهن. اهڙا احساس، مثال طور: هيٺ ڪِرڻ جا احساس، ترڻ يا ڪنهن جذبي کي روڪڻ جا احساس، جن کي خواب استعمال ڪندا آهن، اهي ئي اسان کي مواد اهو مهيا ڪندا آهن، جن جي حوالي سان، اسان اصل معاملي تائين سولائيءَ سان پهچي ويندا آهيون.

اهو خيال به! ته خواب جو عمل، تڪڙو ۽ اتي جو اتي نتيجو ڏيندڙ هوندو آهي، ته اسان سمجهون ٿا ته شعور جي اڳ ۾ تعمير ڪيل خوابي متن ذريعي حاصل ڪيل ادراڪ مطابق اها ڳالهه درست آهي. اهو بلڪل ممڪن ٿو لڳي ته خواب جي عملي سلسلي ۾ اڳوڻا يا مثال طور پيش ٿيندڙ حصا ٿورو آهستي ڊوڙندا آهن، ۽ ترورن وانگر چمڪا ڏيندا آهن. اسان ته سپنن جي اها پيرولي به سَلي ورتي آهي، جنهن ۾ مواد جو تمام وڏو دٻيل خزانو به، نهايت مختصر وقت ۾ اچي دڳو جهليندو آهي، ان ڪري اسان سمجهون ٿا ته اهڙن معاملن ۾ هٿ وجهڻ جو سبب به اهو ئي هوندو آهي ته ذهن ۾ مواد اڳ ۾ اڏيل، ٺهيل پيو هوندو آهي.

اها به حقيقت آهي ته يادگيرين جي ذريعي خواب ڀڃ ڊاهه به ڪندا آهن ته بگڙيل صورت به اختيار ڪندا آهن (ڏسو باب پهريون: خوابن جي مسئلن سان سائنسي ادب جو رويو/ تعلق، حصو چوٿون: جاڳڻ کانپوءِ سپنا وسري ڇو ويندا آهن؟ ص: 108) ۽ اسان طرفان خواب جي ”ويساري“ واري عمل کي قبول به ڪيو ويندو آهي، پر اسان جي راءِ ۾ ترتيب ڏيڻ واري عمل ۾ ڪا رنڊڪ يا رڪاوٽ لاءِ آخري ۽ متن وارو حصي جي ڀڃ ڊاهه واري سرگرميءَ کان وڌيڪ نه هوندي آهي، جيڪا خواب جي جڙڻ جي ابتدا کان عمل ڪرڻ لڳندي آهي.

ڇڪتاڻ وڌائڻ ۽ واضع طور تي نه سَرچي سگهڻ واري تڪرار جي حوالي سان توڙي جو ذهن رات جو ستل هوندو آهي، يا ائين چئجي ته رات جي وڳڙي ۾ هن جو اختيار پنهنجي جسماني شعبن تي ايترو نه هوندو آهي جيترو ڏينهن جو هوندو آهي (ڏسو باب پهريون: ”خوابن جي مسئلن سان سائنسي ادب جو رويو/ تعلق: حصو پنجون: خوابن جي نفسياتي خاصيتن جي سڃاڻپ/ فرق، ص: 116). ان حالت ۾ ٻئي ٽوليون صحيح هونديون آهن پر مڪمل طور تي صحيح نه هونديون آهن. اسان کي خوابي خيالن منجهان اهڙيون کوڙ پڌريون علامتون ملنديون آهن جيڪي انتهائي مونجهارن ۽ ڏاهپ واري عمل ۾ ملوث نظر اينديون آهن ۽ ذهني سرشتي جي سموري وسيلن کي هدايتن ڏيڻ جو ڪم سرانجام ڏينديون آهن، جيتوڻيڪ اهي خوابي خيالن جي ڏينهن دوران پيدا ٿيندڙ معاملن سان تڪرار نه ڪري سگهنديون آهن، تاڪيدي طور تي تسليم ڪنديون آهن ته اتي ذهن جي ستل حالت جيان ڪا اهڙي شيءِ ضرور موجود آهي. اهڙيءَ ريت اڻ پوري يا اڌ ننڊ اڌ جاڳ ۾ پڻ (ڏسو باب پهريون: ”خوابن جي مسئلن سان سائنسي ادب جو رويو/ تعلق“، حصو ستون: ”خوابن جا نظريا ۽ انهن جو ڪم“ ص: 169-170)، ان خاصيت جو اظهار ڪنديون آهن، حالانڪ اسان اهو ڏٺو آهي ته ننڊ جي حالت ۾ ڪهڙيون ڪرداري وصفون، ذهني ضمانت جي ٽوڙ ڦوڙ نه ڪنديون آهن، پر نفسي/ ذهني سرشتو انهن جو ڌيان رکندو آهي، جن جو ننڊ جي خواهش مٿان، ڏينهن دوران، اختيار يا قبضو هوندو آهي. بيروني دنيا کان هٿ کڻڻ يا هٽي وڃڻ وارا جزا، پنهنجي سڃاڻپ کي اسان جي منصوبي ۾ ذهن نشين ڪرائيندا آهن: مدد به اهي ڪندا آهن، باوجود ان جي ته اهي، خوابن ۾ نمائدگيءَ جي زوال پذير ڪرداري وصفن کي ممڪن بنائڻ لاءِ تَري يا هيٺين حصي تائين تعين ڪندڙ جزا نه هوندا آهن. خيالن جي قافلي جي غير ارادي دستبرداري وارو رخ، تڪراري نه ٿيندو آهي، پر اهو ذهني زندگيءَ جي سموري مقصد جي حوالي سان مايوس نه ڪندو آهي، جنهن کي اسان ڏسي آياسين ته اهو ڪنهن مقصد خاطر ترڪ ڪري ڇڏيل خيالن کانپوءِ مجبوريءَ ۾ يا غير شعوري طور آيل خيال ڪيئن ٿا واڳون سنڀالي وٺن.

اسان رڳو خوابن ۾ خيالن جي ذهني ڳانڍاپن جي ڍلي ٿي وڃڻ جي حقيقت کي ئي قبول نه ڪندا آهيون (ڏسو باب پهريون: خوابن جي مسئلن سان سائنسي ادب جو رويو/ تعلق، حصو پنجون: خوابن جي نفسياتي خاصيتن جي سڃاڻپ/ فرق، ص: 134) پر اسان ڏيکاريو آهي ته اهي بدگمانيءَ کان گهڻو وڌيڪ ڦهلاءُ ڪندا آهن. اسان اهو به ڏٺو ته اهي ڍلا ٿي ويل ذهني ڳانڍاپا، ٻين جي لاءِ ڪيئن نه رڳو خدمت بجا آڻيندڙ متبادل بڻجي ويندا آهن، جيڪي ڄاتل سڃاتل، معقول ۽ جواز وارا هوندا آهن. اهو بلڪل سچ آهي ته اسان خواب کي اجايو، نامناسب، گندو ۽ کل جهڙو به بيان ڪيو آهي، پر مثالن اسان کي اهو به سيکاريو ۽ سمجهايو آهي ته ”خواب ڪيترو نه باشعور ٿئي ٿو، ڀلي ته اهو گندو يا کل جهڙو نظر ايندو هجي.

خوابن کي سونپيل ڪمن سان اسان کي ڪو اختلاف نه آهي، ڇاڪاڻ ته خواب ذهن جي لاءِ بچاءَ واري هڪ طرفي سوراخ مان اخراج وارو ڪم ڪندو آهي ۽ ”روبرٽ“ جي لفظن ۾: نقصان رسائيندڙ سموريون شيون، خوابن ۾ پيش ٿيڻ لاءِ نقصانڪار ئي ٿي وينديون آهن، نه رڳو ائين ٿيندو آهي پر اسان اهو به مشاهدو ڪيو آهي ته اهي اسان جي ”ٻٽي خواهش جي پوري ٿيڻ“ واري نظريي سان به بلڪل ٺهڪندڙ انداز ۾، خوابن ذريعي کڄي اينديون آهن، پر انهن ۾ جنهن طريقي سان لفظ سازي ٿيندي آهي، يا ائين چئجي ته اهي جنهن انداز سان جملن جي جزن کي بنائڻ جو عمل ڪندا آهن، اها ڳالهه ”روبرٽ“ کان وڌيڪ اسان کي سمجهه ۾ آئي آهي. اها راءِ ته خواب پنهنجي عملي سلسلي ۾ آزاد هوندو آهي (ڏسو باب پهريون: ”خوابن جي مسئلن سان سائنسي ادب جو رويو/ تعلق، حصو ستون: ”خوابن جا نظريا ۽ انهن جو ڪم“ ص: 177) ۽ اسان جي انهن نظرين جي نمائندگي ڪندو آهي، جيڪي تحت شعوري سرگرمين جي حقيقتن ذريعي خوابن ۾ گهڙي اچڻ جا مجاز هوندا آهن.

جملي جي جزن کي بنائڻ جو عمل، جيئن: ”ٻار جي تخم (Embryo) واري نڪتي نظر سان، ذهن جو خوابن ۾ موٽائي اچڻ وارو عمل“ يا خوابن کي بيان ڪرڻ وارا ”هيولاڪ“ جا استعمال ڪيل لفظ: ”قديم دنيا جا وسيع جذباتي ۽ اڻپورا ۽ ناقص خيال، اسان جي پنهنجي اعتماد ۽ خوشين ۽ اميدن تي اثرانداز ٿيندا آهن. جيڪي اوائلي يا قديم سرگرميءَ وارا طريقا، جيڪي ڏينهن دوران دٻجي ويندا آهن، اهي خوابن جي جوڙجڪ سان جُڙيل هوندا آهن.“ اسان ”سولي“ (Sully- 1893,362) جي تحرير جيان اهو قبول ڪرڻ جي به قابل ٿي ويا آهيون ته: ”اسان جا خواب ڪاميابيون ماڻيندڙ انهن (آڳاٽين) شخصيتن کي محفوظ ڪرڻ جا وسيلا هوندا آهن. اسان جڏهن سمهندا آهيون ته پويان هليا ويندا آهيون، شين کي پراڻي انداز سان ڏسندا ۽ انهن جي متعلق محسوس ڪندا آهيون، اهي جذبا ، لاڙا، ترغيبون ۽ سرگرميون به! جيڪي گهڻو وقت اڳ اسان تي اثرانداز ٿيون هيون.“ اهو خيال به اسان لاءِ ڊيلاگي“ کان گهٽ نه آهي ته: ”ڪهڙيون ڪهڙيون شيون دٻجي ويون هيون، جيڪي وري خوابن جو متحرڪ ذريعو بڻجي اڀري اچن ٿيون.“

اسان ”شيرينر“ جي ”خوابي تصورن ۽ تمثيلن“ متعلق بيان ڪيل حصي جي اهميت، جي به ان جي پنهنجي ڪيل تشريح کان وڌيڪ تعريف ڪري آيا آهيون، پر اسان سندس خيالن کي، جيئن هئا، تيئن ئي، پر مسئلن مطابق مختلف صورتن ۾ پاڻ سان گڏ سفر ۾ ساڻ کنيو آهي.

نُڪتو اهو نه آهي ته خواب تصور تخليق ڪندا آهن، پر ڪنهن حد تائين تصورن يا تمثيلن جي شعوري سرگرميءَ جو خوابي خيالن جي تعمير ۾ تمام وڏو حصو هوندو آهي. اسان هيل تائين ”شيرينر“ جي اڌار لاهڻ جي ڪوشش ۾ به رُڌل رهيا آهيون، جنهن خوابي خيالن جي ماخذ ڏانهن نه رڳو اشارو ڪيو آهي، پر هر شيءَ جي ويجهڙائيءَ واري انداز سان، جيئن هن خواب جي ڪم کي بيان ڪيو آهي، ته ”اهو ماخذ ڏينهن دوران لاشعور جي سرگرميءَ جي سلسلي ۾ واقعي ساراهه جوڳو ڪم ڪندو آهي، ۽ اهو ئي خوابن کي چورڻ ۾ اعصابي خلل وارين علامتن کان گهٽ انتظامي مددگار نه هوندو آهي.“ اسان خوابن جي ڪم ۾ فرق واري گهڻي قدر مختلف معلومات فراهم ڪرڻ جي خدمت سرانجام ڏني آهي، البت تعبير واري حوالي سان ٿوري محدود ضرور آهي.

اسان جو مقصد بهرحال خوابن ۽ ذهني بگاڙي جي وچ واري تعلق کي ترڪ ڪرڻ نه آهي، پر اسان خوابن جي تشريح جي سلسلي ۾ هڪ مستحڪم سوچ ذريعي، نوان ۽ تازا ميدان هموار ڪيا آهن.

اهڙيءَ ريت اسان خوابن جي اڏاوت وارين جاين کي، خاص طور تي پنهنجي آڳاٽن ليکڪن جي متضاد کوجنا جي حوالي سان ڳولهڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون، مان خوابن جي تشريح واري نظريي متعلق پنهنجي ڪم جي جدت جو پاڻ ئي متعرف آهيان، جنهن اسان کي پاڻ ۾ ملايو آهي، جن منجهان ڪجهه نظرين کي مختلف استعمال لاءِ به چونڊيو آهي، ان حوالي سان اسان ڪجهه ليکڪن جي معلومات کي رد به ڪيو آهي، ان جي باوجود اسان جي تشريح جي ماڙي اڃان مڪمل نه ٿي آهي. ڪيترن ئي حيران ڪندڙ ۽ منجهائيندڙ سوالن کانسواءِ، جن ۾ اسان نفسي/ دماغي اڻ چٽائيءَ منجهان پنهنجو رستو ٺاهڻ ۾ ملوث به رهياسين ۽ اسان ويجهڙائيءَ وارين متضاد مشڪلاتون به ڏٺيون. هڪ پاسي اسان سمجهيو پئي ته خوابي خيال، مڪمل طور تي عام رواجي (Normal) ذهني سرگرميءَ منجهان اڀرن ٿا، پر ٻئي پاسي اسان خوابي خيالن ۾ سوچن جا ڪيترائي غير رواجي (Abnormal) عملي سلسلا به ڏٺا، جن خوابن جي متن ۾ واڌارو پئي ڪيو، جن کي اسان خوابن جي تشرح ۾ مختلف جاين تي ورجايو به پئي. اسان خوابن جي ڪم جي عملي سلسلي ۾ تمام گهڻيون شيون بيان ڪيون، جن تي آڳاٽن ليکڪن، نفسي/ ذهني عمل متعلق نهايت هيٺين سطح تي تمام وڏي ۽ سخت تنقيد پئي ڪئي، جيڪي عقلي سوچ واري عملي سلسلي جي وڏين وسعتن ۾ ڏور هليون ٿي ويون. ائين ٿي سگهيو ٿي ته اسان رڳو آگاهيءَ ۽ مدد وارا گهٽ ڳولهي، پنهنجي جاچ پڙتال جي ذريعي ان مشڪل کي حل ڪري ڇڏيون ها، پر مون تمام ويجهڙائيءَ کان ويهي، اڻ پورن ثبوتن منجهان خوابي جوڙجڪ جي معاملن جي جاچ پڙتال ڪئي آهي.

هڪ خواب، جيئن اسان ڳولهي لڌو آهي، اهو ڪيترين ئي سوچن منجهان قرار حاصل ڪري ٿو، جيڪي اسان جي روزمره جي زندگيءَ ۾ هڪ مڪمل دليل واري سلسلي سان جُڙي ٿو. ان ڪري اسان ان ۾ شڪ نه ٿا آڻيون، ڇاڪاڻ ته واقعي اهي سوچون اسان جي عام رواجي ذهني زندگيءَ جي پيداوار هوندا آهن. اسان جا سمورا لڳ لاڳاپا جن کي اسان پنهنجي سوچن جي وهڪري ۾ وڏو مان ڏيندا آهيون، اهي هڪ قسم جون ڪرداري وصفون بڻجي اسان جي ارادن، مونجهارن يا ڪاميابين تي اثر انداز ٿينديون آهن، جن کي  اسان سوچن ذريعي ورجائي به ڏسندا آهيون. ان ڪري ان ڳالهه کي تسليم ڪرڻ جي گهڻي ضرورت پيش نه ايندي آهي ته اها ئي سرگرمي ننڊ واري حالت ۾ پيش رفت ڪندي آهي. اهو به ممڪن آهي ته اسان جي نفسي/ دماغي ننڊ واري حالت! هيل تائين صفا روڙي بجريءَ سان ڀريل ۽ منجهيل قسم جون تصويرون گڏ ڪري رکيون هجن. حالانڪ اهي خيال گذريل ڏينهن جي ڪمن ڪارين منجهان ئي پيدا ٿيل هوندا آهن، پر ٿي سگهي ٿو ته اهي تصويرون شروع کان ئي اسان جي شعوري مشاهدي واري عمل مان نه گذريون هجن، ۽ ٿي سگهي ٿو ته ننڊ کان اڳ ۾ مڪمل ٿيون هجن، اسان گهڻو ڪري ان مان اهو نتيجو ڪڍي سگهندا آهيون ته ”سوچ جون تمام گهڻيون مونجهارو پيدا ڪندڙ پڄاڻيون، شعور جي مدد کانسواءِ ئي ممڪن بڻجي وينديون آهن.“ هيءَ هڪ حقيقت آهي ته اسان، جنسي بيماري، بي قابو جذبن (Hysteria) واري مريض يا وهم گمان وارن خيالن جي غلبي (Obsessions) ذريعي پيدا ٿيندڙ سوچن کي سمجهڻ ۾ اسان ڪڏهن به ناڪام نه ٿيا آهيون. اهي خوابي خيال، بلاشبهه شعور لاءِ ٻڌڻ جوڳا نه هوندا آهن، ان جا به ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، جو ڏينهن دوران اسان جي شعور ۾ نتيجي لائق نه ٿا بڻجن. شعور پاران ڪو نتيجو ڪڍڻ جو عمل، خاص طور تي نفسي/ دماغي طور تدارڪ واري سهوليت سان ڳنڍيل هوندو آهي (ڏسو باب ستون: ”خوابن هي عمل جو نفسياتي پهلو“ حصو ٻيو: ”موٽ کائڻ وارو عمل“ ص: 798-797)، اهو ”ڌيان ڏيڻ“ آهي، يعني اهڙو عمل جيڪو رڳو هڪ مخصوص مقدار ۾ موجود هوندو آهي، جيڪو سوچن جي وهڪري منجهان، چند خاص سببن ۽ سوالن جي ڪري رخ بدلائي سگهندو آهي.(1) هڪ ٻيو رستو به آهي، جنهن ۾ ان قسم جي سوچن جو قافلو شعور منجهان پاسو ڪري نڪري ويندو آهي. اسان جي شعوري اولڙن جي عمل جو سلسلو اسان تي ظاهر ڪندو آهي ته اسان پنهنجي ”ڌيان“ جي ڏسيل ان پيچري جي پويان پيا هلون، ان حالت ۾، جيئن اسان ان پيچري تي هلڻ لڳندا آهيون ته اسان هڪ سوچ/ خيال تائين پهچندا آهيون، جيڪا اڃان ڪنهن تنقيد جي سهاري تي بيٺل نه هوندي آهي، اسان پوءِ ان کي ٽوڙڻ مروڙڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون: ۽ اسان ”ڌيان“ جي جذباتي نتيجي لاءِ ذهني قوت کي استعمال نه ڪندا آهيون، اهڙيءَ ريت جنهن ”سوچ جي سلسلي“ اڳڀرائي ڪئي هئي، ۽ ان جي تاڃي پيٽي کي تڃڻ واري هڪ لڳاتار ڪوشش کي، بنا ڪنهن غور فڪر جي، برطرف ڪري ڇڏيو هو، اها سوچ وري موٽ کائيندي آهي، چند حالتن ۾، ڪجهه نڪتن تي، يا انهن ٻين تي، جيڪي خاص طور شدت جي ڪنهن سطح تي پهچي ويل هوندي آهي، ته اها ”ڌيان“ تي زور رکندي آهي. اهڙيءَ ريت جيڪڏهن سوچ جو سلسلو شروع ۾ ئي (لڳڀڳ شعوري طور) فيصلي يا فتويٰ جي ذريعي رد ٿي ويندو آهي ته اهو غلط ئي هوندو آهي، يا ان کانسواءِ اهو ڏاهپ واري تڪڙي خيال مطابق هوندو ته ان جو نتيجو اهو نڪرندو جو سوچ جو اهو سلسلو، شعور جي ذريعي نظر نه آيل يا مشاهدو نه ڪيل انداز وانگر اڳڀرائي ڪندو آهي، جيستائين ننڊ جي شروعات ٿئي.

خلاصو: اسان سوچن جي قافلي/ سلسلي (Train of thought) کي ائين بيان ڪيو آهي جيئن ”تحت شعور“ (Preconscious)، جنهن کي اسان عقلي ۽ مڪمل طور تي قبول ڪندا آهيون، ۽ اهو به مڃيندا آهيون ته يا ته اهو ”نظرانداز ٿيل“ (Neglected) هوندو آهي يا ”ٽٽي ويل يا دٻجي ويل (Suppressed) رهجي ويندو آهي.

هاڻي اچو ته آزاد انداز کي شامل ڪريون ته سوچن جي سلسلي متعلق اسان ڪهڙي قسم جي تصوير ڪشي ڪندا آهيون! اسان جو ويساهه آهي ته ڪنهن مقصد واري (Purposive) سوچ! ابتدا کان ئي هڪ جذباتي تحرڪ پيدا ڪندي آهي، جنهن کي اسان اصطلاحي طور ”نفسياتي سگهه ذريعي حاصل ڪندڙ قوت (Cathectic energy) سڏيندا آهيون، اها پنهنجي انهن واسطيدار پيچرن کان وڃائجي ويندي آهي، جيڪي مقصد واري سوچ جي ذريعي چونڊيل هوندا آهن. ”سوچن جو قافلو“ جيڪو نظرانداز ٿيل (Neglected) هوندو آهي، انهن ۾ هڪ اهو به هوندو آهي، جنهن وٽ سوچن تي غور ڪرڻ جي نتيجي ۾ استعمال ٿيندڙ اها قوت پهچي نه سگهندي آهي، ان ڪري ”سوچن جو قافلو/ سلسلو“ دٻيل (Suppressed) رهجي ويندو آهي يا ڪجهه به ڪرڻ کان انڪاري (Repudiated) ٿي ويندو آهي، اهو وري اتي هوندو آهي جتي غور ڪرڻ جي نتيجي ۾ استعمال ٿيندڙ قوت هٿ کڻي وٺندي آهي. انهن ٻنهي معاملن ۾ اهي ٻئي پنهنجي جذبات کي الوداع ڪري ويندا آهن. اڻ ٽر حالتن هيٺ سوچ جو سلسلو، مقصد خاطر استعمال ٿيندڙ سگهه، پاڻ ئي ”شعور“ جو ڌيان ڇڪائڻ جي قابل ٿي ويندي آهي ۽ ان موقعي تي، شعور جي انتظامي مددگار جي طرف کان حساس ۽ تمام گهڻي جذباتي سگهه پهچندي آهي. شعور جي فطرت ۽ عملي سلسلي متعلق اسان اڳتي صفحي 928-927 تي بيان ڪنداسين.

سوچن جو سلسلو يا ته خود بخود رڪجي ويندو آهي يا وري مخالفت جي باوجود ثابت قدم رهندو آهي. اسان انهن پهرين آيل سوچن جي نتيجي جي تصويرڪشي، سوچن جي سلسلي سان سلهاڙيل ان سگهه جي حوالي سان ڪندا آهيون، انهن سمورن منجهيل شراڪتي پيچرن سميت، جن منجهان روشني يا ان جا ڪرڻا خارج ٿيندا آهن. اها قوت! اڀرندڙ جذبن جي صورت ۾ سوچ جي، نشريات واري سموري نظام کي ترتيب ڏيندي آهي، ۽ طئي ٿيل وقت جي لاءِ آخر تائين هلندي آهي تنهن کان پوءِ مري ويندي آهي، جيئن جذبن جي شدت پنهنجي نڪرڻ لاءِ اطمينان ڏيندڙ قوت ۾ تبديل ٿي ويندي آهي.

جيڪڏهن اهو پهريون حاصل ٿيل نتيجو واضع ٿيڻ لڳندو آهي يا اچي مٿان پوندو آهي ته جيتري قدر خواب جي جوڙجڪ جو تعلق آهي ته روش، عمل يا ڪنهن به طريقي جي وڌيڪ اهميت نه رهندي آهي. اسان جي تحت شعور ۾ لڪي ويهي رهڻ يا تاڙ ۾ ويهڻ، بهرحال اتي مقصد حاصل ڪرڻ واريون ڪي ٻيون سوچون به هونديون آهن، جيڪي اسان جي لاشعور جي سرچشمن ۽ خواهشن منجهان اينديون آهن، ۽ اهي سدائين چوڪس رهنديون آهن. اهي، ”سوچن سان جذباتي لڳاءَ رکندڙ ٽولي“ تي قبضو ڪري وٺنديون آهن، جيڪي پنهنجا منصوبا ڇڏي ويندا آهن. اهي، ان ٽولي ۽ لاشعوري خواهش جي وچ ۾ پنهنجو تعلق قائم ڪري وٺنديون آهن، ۽ ان قوت کي ”منتقل“ ڪري سگهنديون آهن، جيڪا لاشعوري خواهش سان وابستا هوندي آهي. جيتوڻيڪ پهتل سگهه ان کي شعور ۾ داخل  ٿيڻ جو حق نه ڏيندي آهي، پر پوءِ به نظرانداز ڪيل يا دٻجي ويل سوچ جو سلسلو ثابت قدم رهڻ يا جٽاءُ ڪرڻ جي صورت وٺي وٺندو آهي. اسان ان کي هن ريت بيان ڪري سگهون ٿا ته ”تحت شعور واري سوچ جي سلسلي هيل تائين لاشعور منجهه جيڪي ڪجهه موجود هو اهو ان ڇڪي ڪڍي ورتو!

اڻپوري ثبوت يا اڳڪٿي ڪرڻ منجهان ڪجهه ٻيا به نتيجا نڪرندا آهن، جيڪي خوابن جي جوڙجڪ ۾ اڳڀرائي ڪندا آهن. تحت شعوري سوچ جو سلسلو، لاشعوري خواهش سان اڳ ۾ ئي منسلڪ ٿي سگهي ٿي، ۽ ان جي ڪري، ڪنهن مقصد خاطر غور ڪرڻ جي نتيجي ۾ استعمال ٿيندڙ قوت (Purposive Cathexis) جي غلبي جي سبب ڪجهه به ڪرڻ کان انڪاري هجي، يا لاشعوري خواهش، ڪن سببن جي ڪري (جسماني جيو گهرڙن جي چرپر  جي ڪري به) متحرڪ ٿي هجي، ته نفسي/ ذهني پونجيءَ جي منتقليءَ جي انهن اثرن کي، ساڻن ملڻ لاءِ سندن اڌ رستي تي اچڻ کانسواءِ ئي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿي، جيڪي تحت شعور جي ذريعي نفسي/ ذهني قوت حاصل نه ڪري سگهيا هجن، پر انهن ٽنهي معاملن جو آخري نچوڙ ساڳيو ئي هوندو آهي، ۽ سوچ جو سلسلو تحت شعور ۾ ان ريت وجود ۾ ايندو آهي، اهو تحت شعور جي ڪنهن سوچ تي غور ڪرڻ جي نتيجي ۾ استعمال ٿيندڙ ذهني قوت کانسواءِ هوندو آهي، پر اها ذهني قوت وٽس ”لاشعوري خواهش“ وٽان پهچندي آهي.

ان نڪتي کان اڳتي، سوچ جي قافلي کي تبديلين (Transformations) جي سنگهر مان گذرڻو پوندو آهي، جنهن کي اسان عام قسم جي نفسي/ ذهني عملي سلسلي کان وڌيڪ نه سڃاڻيندا آهيون، ۽ اهو ان نتيجي ڏانهن اڳواڻي ڪندو آهي جيڪو اسان کي هڪو ٻڪو ڪري ڇڏيندو آهي ۽ اسان مونجهاري ۾ مبتلا ٿي ويندا آهيون: نفسياتي علاج جو ڍانچو ان جوڙجڪ تي ٻڌل هوندو آهي. مان انهن عملي سلسلن کي به شمار ڪندس ۽ انهن جي درجي بندي به ڪندس.

 

(1)

ماڻهوءَ جي انفرادي سوچن جي توانائي يا سگهه جو مقدار ئي مجموعي طور تي ”نيڪال“ جي نتيجي ڪڍڻ جي قابل هوندو آهي، ۽ هڪ سوچ کي ٻي سوچ ڏانهن اڳڀرو ڪري ڇڏيندو آهي ته جيئن وڏين خوبين وارا ۽ ڀروسي جوڳا خيال جڙي سگهن (ڏسو باب ڇهون: ”خواب جو عمل“، حصو ٽيون: ”خوابن ۾ نمائندگيءَ جو مقصد“ ص: 575-576). جڏهن اهو عملي سلسلو ڪيترائي ڀيرا ورجائجڻ لڳندو آهي ته سوچ جي سموري سلسلي جي توانائي آخرڪار هڪڙي تصور واري يا تمثيلي خوبيءَ واري خاڪي تي ئي ڌيان ڏيندي آهي. هتي اسان وٽ ”دٻاءَ“، ”سوڙهه“ يا ”زور“ (Compression) ۽ ”اختصار ڪرڻ“، ”گهٽائڻ“ يا ”گهٽجڻ“  (Condensation) جي حقيقت موجود آهي، جيڪا خواب جي ڪم ۾ تمام ويجهي واقفيت رکندڙ آهي. اها اها آهي، جيڪا گهڻو ڪري پريشان ڪندڙ/ مونجهاري ۾ وجهندڙ انهن تاثرن جي ذميوار هوندي آهي، جيڪي اسان تي خوابن جي ذريعي اثرانداز ٿيندا آهن. اهي يا اهڙا تاثر اسان کي پنهنجي ذهني زندگيءَ ۾ ڪنهن به لحاظ سان ساڳيا يا هڪ جهڙا هرگز نه لڳندا آهن ۽ اهي بلڪل عام رواجي ئي لڳندا آهن ۽ شعور ڏانهن به سولائيءَ سان پهچڻ لائق هوندا آهن. عام رواجي زندگيءَ ۾ به اسان اهڙا اهڙا خيال ڳولهيندا آهيون جيڪي جوڙيندڙ نڪتن وارا يا سوچن جي سمورن سلسلن جو آخري نتيجو ڪڍندڙ هجن، جن ۾ نفسي/ ذهني تمام اعليٰ درجي جي خاصيت هجي، پر انهن جي خاصيت، ڪنهن اهڙي مهانڊي جي ذريعي واضع نه ٿيندي هجي، جيئن اندروني ادراڪ ۾ مشاهداتي طور تي حواسي/ دماغي اسلوب يا ورتاءَ واري هوندي آهي. انهن جي ساڃاهه/ ادراڪ واري نمائندگي، پنهنجي نفسي/ ذهني خاصيت واري حوالي سان وڌيڪ شديد نه هوندي آهي. گهٽائڻ يا گهٽجڻ واري عملي سلسلي ۾، ٻئي پاسي اندروني طور تي هر نفسي/ ذهني ڳانڍاپو تصور يا تمثيلي مواد زور وٺائڻ يا تيز ڪرڻ واري عمل ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. ڳالهه ساڳي آهي، ائين، جيئن جڏهن ڪتاب تيار ڪري، ڇپائيءَ لاءِ پريس ڏانهن موڪلبو آهي، جنهن ۾ مون سمجهڻ لاءِ ڪجهه اهم لفظ شامل ڪيا هجن، ۽ پريس ان کي پني جي خاص حصي تي، پنهنجي مضبوط قسم جي ڇپائيءَ ذريعي محفوظ ڪيو هجي يا مان ساڳيا لفظ پنهنجي زباني طور وڏي آواز ۽ ڌيرج سان ادا ڪندو هجان ۽ انهن جي شد مد کي واضع ڪندو هجان.

انهن ٻنهي هڪ جهڙاين مان، پهريان ڏنل ٻئي مثال اسان کي، هڪدم خوابي ڪم جي ذريعي هڪ مرڪب (1) لفظ ياد ڏياري ڇڏيندا.(2) فني تاريخ لکندڙن اسان جو ڌيان ان حقيقت ڏانهن ڇڪايو آهي ته آڳاٽن تاريخي مجسمن جي ذريعي به ساڳئي اصول تحت خدمت سرانجام ڏني وئي آهي، انهن ماڻهن جي مرتبي کي وڏو ڪري پيش ڪري سندن عظمتي سطح کي اجاگر ڪيو ويو آهي،. بادشاه کي به سندس اميرن وزيرن توڙي دشمنن جي قد بت جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو ٽيڻو وڏو ڪري پيش ڪيو ويو آهي. روم جي آڳاٽي دور ۾ ڪنهن مڪار دغاباز جو مجسمو ٺاهڻ به ساڳئي معنيٰ رکندڙ هو. بادشاه جو مجسمو شهر جي وچ چونڪ تي لڳايو ويندو هو، ۽ ان جي وڏي حفاظت ڪئي ويندي هئي، جيتوڻيڪ هن جا دشمن سندس پيرن ۾ ويهي سجدا ڪندا هئا، پر اهي پوءِ به انهن قداور ماڻهن جي اڳيان رواجي ۽ ننڍي قد وارا ڄامڙا ئي رهيا. عام ماڻهن جو وڏي مان مرتبي واري ماڻهوءَ سان جهڪي ملڻ جو رواج به آڳاٽن وقتن کان هلندو ٿو اچي، اهو انهن زمانن جو ئي اولڙو آهي، جيڪو اڄڪلهه به ڪمزور ۽ نادار ماڻهن تي پوندو ٿو رهي.

اهو رخ! جنهن ۾ خوابن ۾ گهٽائڻ يا اختصار جو عمل اڳڀرائي ڪندو آهي، اهو تحت شعور جي عقلي تعلق جي ذريعي، هڪ پاسي خوابي خيالن جو تعين ڪندو آهي ته ٻئي پاسي لاشعور ۾ عڪسي يادگيرين جي ڇڪ ۽ ورجاءَ جي ذريعي طئي ڪندو آهي. گهٽائڻ يا گهٽجي وڃڻ جي سرگرميءَ جو نتيجو جذباتي شدت جي ئي ڪاميابيءَ جو نتيجو هوندو آهي، جنهن کي ادراڪي نظامن جي رستي منجهان لنگهڻ جي قوت گهربي آهي.

(2)

آزاد ٿيڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر پابند ٿيڻ: جنهن سان جذباتي شدتون منتقل ٿي سگهن: اهي ”وچ واريون/ ثانوي سوچون“ (intermediate ideas) هونديون آهن، ملندڙ جلندڙ، سمجهوتو ڪندڙ هونديون آهن، اهي اختصار واري اثر رسوخ هيٺ تعمير ٿينديون آهن.

اهو! وري عام رواجي سوچن جو ڪو اڻ ٻُڌل سلسلو هوندو آهي، جتي مرڪزي دٻاءُ جو آڌار ان ”درست“ تصور يا تمثيلي عنصرن جي چونڊ ۽ برقرار رکڻ واري عمل تي هوندو آهي. ٻئي پاسي مرڪب جوڙجڪ ۽ سمجهوتا، جڏهن اسان تحت شعوري سوچن کي گفتگو جي انداز ۾ واضع ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون ته منتقل ٿيندڙ اشاري مطابق نهايت حيرت انگيز ۽ غير معمولي انداز ۾ اظهار ڪندا آهن. انهن کي اسان ”زبان جي ترڪي وڃڻ“ يا ”هٻڪڻ“ واري ذمري ۾ رکندا آهيون.

 

(3)

سوچون! جيڪي پنهنجون شدتون هڪ ٻئي ڏانهن منتقل ڪنديون آهن، صفا هيٺاهينءَ تي بيٺل ۽ گڏيل تعلق جي معمولي سطح تي بيٺل سوچن ڏانهن، ته اهي ان قسم جي ڳانڍاپي سان منسلڪ ٿي وينديون آهن، جيڪي اسان جي عام سوچن ۾ ڌڪار يا بڇان جو احساس/ جذبو اڀاري ڇڏينديون آهن، ۽ اسان کل مذاق واري ابتر حالت ۾ مبتلا ٿي ويندا آهيون. خاص طور تي اسان ساڳئي اچار وارا لفظ (Homonym) ڳولهيندا آهيون، جيڪي صورتخطيءَ ۾ مختلف هوندا آهن، پر انهن ۾ زباني هڪ جهڙائي هوندي آهي ۽ انهن جي معنيٰ به ٻي هوندي آهي.

 

(4)

اهي خيال! جيڪي گڏيل مفاد جي ڪري اختلافي هوندا آهن، اهي هڪ ٻئي کان پري ٿيڻ جي ڪوشش به نه ڪندا آهن، پر مخالفت جي باوجود ثابت قدم رهندا آهن، اهي گڏجي اختصار جي بناوٽ ڪندا آهن، ائين ڄڻ انهن جي وچ ۾ ڪا مخالفت ئي نه هجي، يا اهي سمجهوتو ڪرڻ لاءِ ائين پهچندا آهن جو اسان جون شعوري سوچون جيڪر انهن کي ڪڏهن برداشت نه ڪن، پر اسان جو عمل انهن جو سدائين خيرمقدم ڪندو آهي.

اهي آهن غير رواجي عملي سلسلي جا چند اثرائتا ۽ نمايان مثال، جن منجهان معلوم ٿيندو ته گذريل وقتن وارا، منطقي بنيادن تي تعمير ٿيل خوابي خيال، خوابي ڪم جي معاملي ۾ موضوع ڪيئن بڻجن ٿا. ۽ اهو به ڏسي سگهجي ٿو ته انهن عملي سلسلن جي مرڪزي ڪرداري وصف اها ٿي نظر اچي ته سمورو زور/ دٻاءُ نفسياتي قوت ذريعي جوڙيل سگهه جي حرڪت پذيريءَ تي رکجي، ۽ نيڪال جي قابل ٿجي. نفسي/ ذهني مواد ۽ ترڪيبي جزن جي باضابطه معنيٰ، جيڪا جذباتي نتيجي ۾ استعمال ٿيندڙ قوتن سان لاڳاپيل هوندي آهي، اها رڳو ننڍڙو نتيجو ڏيڻ وارو ڪم ڪندي آهي، جنهن لاءِ ائين چئجي ته اختصار ۽ سمجهوتي واري تشڪيل رڳو موٽ کائڻ واري عمل (regression) کي سهوليت ڏيڻ لاءِ کڄي ايندي آهي، ائين تڏهن ٿيندو آهي جڏهن سوچن جو عڪسن ۾ تبديلي آڻڻ جو عمل ٿيڻ لڳندو آهي.

پر تشريح، ۽ ڪجهه قدم اڳتي يعني خوابن جي ”گهڻن جزن جي ڪل ۾ امتزاج“ (Synthesis) جو عمل، جيڪو تصويرن ۾ موٽائي ڏيڻ وارو طريقو شامل نه ڪندو آهي، اهو ائين ئي آهي، جيئن پروفيسر اين سان ”آٽوڊڊاسڪر“ لفظ واري گفتگو (ڏسو باب ڇهون: خواب  جو عمل، حصو پهريون: ”اختصار يا گهٽائڻ جو عمل“ ص: 525 (V ۾ به اختصار (Condensation) ۽ گم ٿي وڃڻ (Displacement) جو ساڳيو عمل هو.

اهڙيءَ ريت اسان سفر ڪري ان نتيجي تي پهتا آهيون ته خوابن جي تشڪيل ۾ بنيادي طور ٻه مختلف قسم جا نفسي/ ذهني عمل وابستا آهن. جن مان هڪڙو باقاعدي منطقي طور تي خوابي خيالن کي پيدا ڪندو آهي، جن جي معقوليت (Validity) عام رواجي سوچن کان گهٽ نه هوندي آهي، جڏهن ته ٻيو انهن خيالن سان هلت هلندو آهي، جن ۾ تمام وڏي درجي جي پريشاني هوندي آهي ۽ اهي غير منطقي  هوندا آهن. ان حوالي سان اسان اڳي ئي باب ڇهين ۾ ان ٻئي نفسي/ ذهني عمل کي، خوابي ڪم جي درست انداز جيان الڳ ڪري پيش ڪيو آهي. هاڻي اسان ان جي اصلوڪي صورت تي ڪهڙي روشني وجهون؟

ان سوال جو جواب ڏيڻ اسان جي لاءِ ناممڪن نه آهي، جيڪڏهن اسان اعصابي مونجهارن بابت نفسياتي مطالعي ڏانهن پيش رفت نه ڪنداسين، خاص طور جنسي/ ذهني بيماري، بي چيني، چريائپ ۽ ڇتپڻ (Hysteria) بابت. انهن ۾ پڻ ساڳيا غير منطقي نفسي/ ذهني عمل ملن ٿا، ان کان علاوه ٻئي ڪنهن طريقي سان جنسي/ ذهني بيماريءَ جي غلبي تي پيدا ٿيندڙ ”علامتن“ متعلق، پيرائتي معلومات اسان کي ڪانه ٿي ملي. جنسي/ ذهني بيماريءَ ۾ پڻ اسان مڪمل منطقي خيالن جي قطار کي پار ڪري آيا آهيون، جيڪي اسان جي شعوري خيالن لاءِ هڪ جيترو جواز رکن ٿا. پر شروع ۾ اسان انهن جي موجودگيءَ کان، ان صورت ۾ باخبر نه هئاسين، ۽ تنهن کانپوءِ اسان انهن کي ٻيهر جوڙڻ جي رڳو ڪوشش ڪري ٿي سگهياسين. جيڪڏهن ڪنهن نڪتي تي اهي پاڻ اسان جي ڌيان ڏيارڻ تي زور ڀرين ها ته اسان تجزيي ذريعي کوج لڳائي وٺون ها ته مرض جا اهي ڪهڙا آثار يا اهڃاڻ آهن، جيڪي عام رواجي خيال پيدا ڪن ٿا، ۽ وري غير رواجي سلوڪ جي پاسي لاڙيا وڃن ٿا: اهي اختصار جي مقصد تحت ۽ سمجهوتي جي تشڪيل جي ڪري، هڪ اٻهري يا اڇاتري، سکڻي يا کوکلي (Superficial) وابستگيءَ جي ذريعي ۽ اختلافي بي پرواهيءَ واري طريقي سان علامتي تبديليءَ واري صورت اختيار ڪن ٿا، ۽ اهو عمل واپس ٿيڻ واري پيچري سان گڏگڏ هلندي به ٿي سگهي ٿو. ان حوالي سان خوابي ڪم جي ڪرداري وصف وارن عنصرن جي مڪمل شناخت جي وچ ۾ ۽ اهي نفسي/ ذهني سرگرمين وارا، جيڪي نفسي اوڻائي/دماغي بيماريءَ وارين (Psychoneurotic) علامتن ۾ خارج ڪن ٿا، اسان انهن کي، خوابن ڏانهن کڻي اچڻ واري صورت ۾ تائيدي ثبوت ڏيندڙ محسوس ڪريون ٿا، جنهن منجهان جنسي/ ذهني بيماريءَ جا نتيجا به نڪرن ٿا.

اسان ان ڪري اهو نظريو به جنسي/ ذهني بيماريءَ جي نظري اصولن کان اڌارو ورتو: ته رڳو عام رواجي قسم جي سوچن جو قافلو ئي غير رواجي قسم جي نفسي/ ذهني بيماريءَ جي علاج لاءِ پيش ٿيندو آهي، جنهن جي قسم کي هن ريت بيان ڪنداسين، ته جيڪڏهن ”لاشعوري خواهش“ ننڍپڻ واري دور کان هلي آئي آهي ۽ ”ضبط“ واري حالت ۾ آهي ته اها ان تي منتقل ٿي ويندي آهي. ان ريت ان نظريي سان اسان خوابن جي نظري اصول جي تعمير ان دليل تي ڪندا آهيون ته خوابي خواهش، جيڪا تحرڪ جي قوت اڻ لَکي انداز سان مهيا ڪري ٿي، جيڪا لاشعور جي ايجاد ڪيل هوندي آهي.

دليل: جنهن کي مان پنهنجي سِر جيئن جو تيئن ئي مڃڻ لاءِ تيار آهيان، ڇاڪاڻ ته دليل عام طور تي هر ڳالهه کي ثابت ڪري نه سگهندو آهي، پر اهو غير ثابت به نه هوندو آهي. پر جڏهن اسان اهو واضع ڪرڻ لڳنداسين ته ”دٻاءَ واري ڪيفيت يا ضبط“ جي معنيٰ ”هڪ اصطلاح“ آهي جنهن سان اسان الائي ڪيترا ڀيرا کيڏيو آهي، پر هاڻي ضروري ٿي پيو آهي ته ان کي اسان پنهنجي نفسياتي عمارت لاءِ تعميري سامان طور کڻي اڳتي هلون.

اسان هن کان اڳ ۾ آڳاٽي نفسي/ ذهني سرشتي متعلق ڳالهه ٻولهه ڪري آيا آهيون، جنهن جون ”سرگرميون/ مصروفيتون“ هڪ ڪوشش جي ذريعي ڍڳ ٿي ويل جذبات کان پاسو ڪرڻ جي نگراني ڪن ٿيون ۽ جيتري قدر ممڪن ٿي سگهي ٿو اهي جذبات کانسواءِ ڪيفيتن کي بحال رکڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون، ان جي ڪري اهي عڪسي تصوير ٺاهيندڙ اوزار/ سرشتي جي منصوبا بنديءَ تي ٺهن ۽ واڌ کائن ٿيون. تحرڪ جي قوت کي پهرين ڀيري ۾ آڻي وٺڻ، بدن ۾ اندروني ڦير گهير جي ڪري ٿئي ٿو، پوءِ اڪلاءُ به هن جي اختيار ۾ هوندو آهي ته اهو ڪهڙي پيچري جي ذريعي نيڪال ٿو ڪري. اسان اهو بحث ”اطمينان جي تجربي“ جي نفسي/ ذهني نتيجي تي ڪرڻ پيا وڃون، ۽ انهيءَ ناتي اسان اڳي ئي هڪ ٻئي دليل جي مدد پئي ورتي، سامهون آيل ان نتيجي جي ڪري ته ”جذبات جون ڳنڍيون ڀرجي وڃڻ“ (مختلف رستن سان اڀري آيل، جن سان اسان جو تعلق نه آهي) وارو معاملو بيقراري ۽ ناخوشگواري محسوس ڪرائيندو آهي ۽ اهو ئي ان سرشتي کي متحرڪ ڪندو آهي، ان خيال کان خوشگواريءَ يا اطمينان وارا اهي تجربا ورجائيندو آهي، جيڪي جذبات جي ڪمي يا گهٽتائيءَ سان منسلڪ هوندا آهن ۽ ٿوري گهڻي خوشي ڏيندڙ هوندا آهن. سرشتي ۾ ان قسم جي لاڙي جي شروعات ناخوشگواريءَ کان ٿيندي آهي، پر ان جو مقصد راحت ئي حاصل ڪرڻ هوندو آهي. اسان ان کي ”خواهش“ جي اصطلاح ۾ رکيو ۽ اسان اهو ساک سان ٿا چئون ته اها رڳو ”خواهش“ ئي هوندي آهي، جيڪا سرشتي کي متحرڪ ڪرڻ جي قابل بڻائيندي آهي، ۽ جذبات جي حوالي سان ان ۾ خوشيءَ ۽ غم جا احساس پاڻمرادو ۽ مناسب انداز ۾ ڦِرندا گهِرندا آهن. پهرين ڪيل خواهش، اطمينان جو احساس پيدا ڪندڙ ياد جيان هوندي آهي ۽ ڪنهن وهم يا سودائي نفسي/ دماغي قوت جيان لڳندي آهي، اهڙا سوداءُ بهرحال، جيڪڏهن نيڪال جي معاملي کي بحال يا برقرار رکي نه سگهندا آهن ته ”وهڪري جي خاتمي“ (Cessation) جي ضرورت ۾ اڻپورا/ ناڪافي ثابت ٿيندا آهن يا ان راحت جي پاسي هليا ويندا آهن، جيڪا اطمينان سان منسلڪ هوندي آهي.

ٻي مصروفيت يا سرگرمي: يا اسان ان کي ٻئي سرشتي جي مصروفيت يا سرگرمي چئي سگهون ٿا. جيسيتائين ادراڪ يا ساڃاهه جو تعلق آهي ته اهو سرشتو پويَن گذاريلَ ڏينهن جي ياداشت ۾ مدد ڏيندڙ جذباتي نتيجي (Mnemic Cathaxis) کي عمل ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو آهي ۽ اتان نفسي/ ذهني زوراورين کي پابند ڪندو آهي، عيوض ۾ ضرورت منجهان اڀرندڙ جذبات کي، چئني پاسي ويندڙ پيچرن سميت، جيڪي آخرڪار رضاڪاراڻي هلچل جي ذريعي ٻاهرين دنيا کي اهڙي طريقي سان گهٽائيندو آهي جو سندن اطمينان جي حقيقي ساڃاهه تائين پهچڻ ممڪن ٿي پوندو آهي. ان نڪتي تي اسان اڳي ئي نفسياتي ڪار وهنوار هلائيندڙ سرشتي جي رٿا وارو تصوري خاڪو (Schematic Picture) ڏئي آيا آهيون. ”اصل ۾ ٻه سرشتا ئي اهي جيوڙا آهن، جيڪي مڪمل طور تي ساري نظام کي هلائن ٿا، جن کي اسان ”لاشعور“ ۽ ”تحت شعور“ سڏيو آهي.“

ٻاهرين دنيا ۾ جوش جذبي جي قوت کي گهٽائڻ وارو عمل گهڻو موثر ٿيندو آهي، ۽ ان جي ڪري تمام گهڻن تجربن جو مواد به گذاريلَ عرصي وارين يادگيرين ۾ مدد ڏيندڙ سرشتن (mnemic systems) ۾ گڏ ٿيندو ويندو آهي، ۽ لاڳاپن جي مستقل دفتر ۾ جهجهي انداز ۾ جمع ٿيندو ويندو آهي، جيڪو ڪنهن مقصد خاطر گڏ ٿي ويل مختلف سوچن جي ذريعي رابطو ڪندو آهي (ڏسو باب ستون: ”خوابن جي عمل جو نفسياتي پهلو“ حصو ٻيو ”موٽ کائڻ وارو عمل“ ص: 654).

هاڻي اسان پنهنجي دليل جي سلسلي ۾ هڪ قدم اڳتي ٿا کڻون: ان ٻئي سرشتي جي سرگرمي، ثابت قدميءَ سان پنهنجي رستي جو ڌيان رکندي آهي، ۽ نعم البدل اماڻيندي آهي ۽ جذباتي نتيجي ۾ اڀرندڙ قوت کان هٽائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي، هڪ پاسي جي ضرورت تحت، يادن جو سمورو مواد آسانيءَ سان سندس قبضي ۾ اچي ويندو آهي، پر ٻئي پاسي قوت جو اجايو خرچ ٿيڻ لڳندو آهي، جيڪڏهن اهو هيل تائين نڪتل ڪيترن ئي جذباتي نتيجن جي آڌار تي، سوچن جي ٻين گهڻن پيچرن سميت، ۽ اهڙيءَ ريت نيڪال جو سبب بڻجي به پوي ته به ڪارآمد مقصد ۽ اهو موجود گهٽيل مقدار، ٻاهرين دنيا جي لاءِ به گهٽجي ويندو آهي. مان بهرحال دليل جي بنياد تي سچ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس ته پنهنجي اهليت يا خاصيت جي خاطر ٻيو سرشتو! هڪڙي ئي خيال تي غور جي نتيجي ۾ استعمال ٿيندڙ ذهني قوت جي مکيه حصي کي، ۽ گم ٿي ويل رڳو هڪڙي ننڍڙي حصي کي لاڳو ڪرڻ جي ذريعي، سڪون ۽ اطمينان واري حالت کي برقرار رکڻ ۾ ڪامياب ٿيندو آهي.

انهن عملي سلسلن جي ڄاڻ وارن حصن کان (جيڪي جسمن مٿان قوت ذريعي عمل جي نتيجي ۾ حرڪت ۽سڪون پيدا ڪندڙ آهن) مان اڻ واقف آهيان، جيڪڏهن ڪنهن جي خواهش هجي ته سنجيدگيءَ سان نفسي/ذهني هڪ جهڙائي رکندڙ يا پيدا ڪندڙ انهن خيالن کي کڻي ڏسي ۽ انهن جي تصويري چرپر جي مقصدن جي ڳولها ڪري، جيڪي پوري جسم جي نظام کي هلائيندڙ اعصابي تنتي گهرڙن (Neurones) سان گڏ هوندا آهن. منهنجو سمورو زور پهرين نفسي/ ذهني سرشتي جي ان سرگرميءَ تي ڏنل آهي، جنهن سرگرميءَ جو بنياد جذباتي مقدار جي آزاداڻي انداز سان نيڪال کي بچائڻ واري خيال تي ٻڌل آهي، جڏهن ته ٻيو سرشتو ان سرگرميءَ منجهان، جذباتي غور فڪر جي خيال کان نيڪال کي ٻنجو ڏيڻ ۽ جذباتي نتيجي ذريعي استعمال ٿيندڙ قوت کي سڪون ۽ اطمينان ۾ تبديل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندو آهي. بيشڪ اهو ساڳئي وقت پنهنجي سرگرميءَ جو درجو به ڪجهه مٿڀرو ڪري رکندو آهي. بهرحال مان اهو ٿو سمجهان ته ٻئي سرشتي جي غلبي هيٺ، جذبات جو نيڪال، پڪ سان انهن ٺوس يا جذبن، احساسن کان وانجهيل حالتن جي ذريعي انتظام هلائيندو آهي، جيڪي پهرين سرشتي جي اثر هيٺ پوري سگهه سان موجود هونديون آهن. جڏهن سرشتو هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي کوجنا واري سوچن جي سرگرميءَ منجهان مجموعي نتيجو اخذ ڪندو آهي ته اهو روڪيل ذهني عملن کي آزاد به ڪندو آهي، ته جذبات کي به پوئتي روڪي وٺندو آهي ۽ پوءِ انهن کي هلچل يا حرڪت ۾ اخراج جي اجازت ڏيندو آهي.

ڪي دلچسپ قسم جا اولڙا پوئواري ڪندا آهن، جيڪڏهن اسان اخراج جي ان لاڙي يا جذبي کي روڪيندڙ ذهني عمل جي، جيڪو ٻئي سرشتي جي ذريعي ۽ ناخوشگواريءَ واري اصول جي ذريعي، باقاعدي اثراندازيءَ جي وچ وارن رشتن متعلق غور ڪندا آهيون، تڏهن اسان خوشي، راحت يا اطمينان جي ابتدائي تجربن جي، متضاد جذبن، لفظن يا قوتن جي مخالفت (Antithesis) کي به جاچي ڏسندا آهيون، جهڙوڪ: ٻاهرين خوف يا ڪراهت ڏياريندڙ شين جا ڪيل تجربا. اچو ته مثال وٺون ته جيڪڏهن ابتدائي عملي اوزار (سرشتو) ساڃاهيل انهيءَ من اڇل ذريعي، بي جا مداخلت ڪري ٿو، جيڪو جذباتي تڪليف جو سبب بڻيل به رهي ٿو ته خواهش کي منتقل ڪندڙ غير مربوط اڀار واري پيشڪش يا وضاحتون، تيسيتائين پوئواري ڪنديون رهنديون، جيسيتائين انهن مان ڪا هڪڙي، ادراڪ منجهان ئي پوئتي هٽي وڃي، ۽ ساڳئي وقت تڪليف مان به جان ڇڏائي وڃي. جيڪڏهن ادراڪ ٻيهر ظاهر ٿئي ٿو ته چرپر يا هلچل به ان ئي وقت ورجاءُ ڪندي آهي (اها ڀڄڻ واري چرپر، ٿي سگهي ٿي) جيستائين هڪ ڀيرو ٻيهر ساڃاهه جي سرشتي منجهان هٽي نه ٿي وڃي. ان معاملي ۾ ڪو به لاڙو يا جهڪاءُ ادراڪ منجهان، درد/ تڪليف جي حوالي سان نفسي/ ذهني قوت ذريعي ٻيهر طاقت حاصل ڪرڻ کي جاري نه ٿو رکي، يا ته سوداءُ وٺي ٿو وڃيس يا وري ڪنهن ٻئي رستي سان اظهارجڻ ٿو لڳي. ان جي ابتڙ پراڻي سرشتي ۾ جيڪڏهن لاڙو يا جهڪاءُ، گذريل عرصي واري ياداشت ۾ رهجي ويل هوندو آهي ته ان جي تڪليف واري ڪيفيت کي هڪدم برطرف ڪري ڇڏيندو آهي. جيڪڏهن ڪا ڳالهه ان کي ورجائڻ جي ڪوشش به ڪرائيندي آهي ته اها به ان ئي سبب جي ڪري جو انهيءَ جي جذبات، ادراڪ ۾ اٿل کائڻ لڳندي آهي، ان ڪري اها ناخوشگواريءَ جي احساس کي ڀڙڪائڻ لڳندي آهي.

يادگيرين جو پاسو ڪري وڃڻ: ادراڪ ۾ رهجي ويل پوئين ”ڀاڄ“ (Flight) جي ”ورجاءَ“ کان وڌ نه هوندو آهي، اها پڻ ان حقيقت جي ذريعي سهوليت پيدا ڪري ڏيندي آهي ته ”يادون ادراڪ يا ساڃاهه کي پسند نه ٿيون ڪن، اهي وڌيڪ ڪنهن وابستگيءَ ۾ رهڻ نه ٿيون چاهين، انهن وٽ شعور کي جهنجهوڙڻ جي وڌيڪ قابليت نه آهي،“ ۽ اهڙيءَ ريت اهي نئين تازي خيال تي غور جي جذباتي نتيجي ۾ استعمال ٿيندڙ قوت ۾ ڪشش محسوس ڪنديون آهن.

ڪنهن به قسم جي يادگيرين جي نفسي/ ذهني عمل جي ذريعي، اها بيڪار ڪوشش ۽ مسلسل نٽائڻ يا پاسو ڪرڻ، اسان کي ساڳئي قسم جي پريشان ڪندڙ معاملي برداشت ڪرڻ ۾ مبتلا ڪندو آهي، جنهن جو پهريون مثال ”نفسي/ ذهني دٻاءَ/ ضبط“ آهي. اها هڪ ڄاتل سڃاتل حقيقت آهي ته اسان جڏهن ايذاءَ يا تڪليف جي احساس کي لنوائڻ/برداشت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون ته اها شترمرغ واري سوچ هوندي آهي، جيڪو واريءَ ۾ منهن وجهي سوچيندو آهي ته مون کي ڪوئي نه ٿو ڏسي، ۽ اهائي سوچ اسان کي خاص طور نوجوانن جي عام ذهني زندگيءَ ۾ اڃان تائين نظر اچي ٿي.

ناخوشگوار، اڻ وڻندڙ يا دل ڏکوئيندڙ اصول جو نتيجو، پهرين ته سرشتي جي حوالي سان، پنهنجي خيالن جي تحرير يا تقرير منجهان، ڪنهن به اختلافي شيءِ کي آڻڻ لاءِ مڪمل طور تي نااهل هوندو آهي، اهو ڪجهه به ڪرڻ جي قابل نه هوندو آهي، سواءِ ”خواهش“ جي. جڏهن شيون ان نڪتي تائين پهچنديون آهن ته ٻئي سرشتي جي سوچڻ واري سرگرميءَ ۾ تيستائين رنڊڪ پئجي ويندي آهي، جيستائين تجربي تي انحصار ڪيل، سندس سمورين يادن جي آزاديءَ سان لنگهڻ جي ضرورت پوي. هتي ٻه امڪان انهن کي پيش ڪري سگهن ٿا. يا ته ٻئي سرشتي جي سرگرمي، پاڻ کي اڻ وڻندڙ اصول کان باقاعدي آزاد صورت ۾ هم آهنگ ڪري، ۽ اڻ وڻندڙ يا ڏکوئيندڙ يادگيرين بابت بغير مشڪل جي اڳڀرائي ڪري يا وري ڏکوئيندڙ يادن جي لاءِ نفسي/ ذهني قوت حاصل ڪرڻ جو ڪو ٻيو رستو اختيار ڪري، جيڪو ڏک تڪليف جي اخراج کان پاسو ڪرڻ جي قابل هجي. پهرين ته اسان انهن اڻ وڻندڙ اصولن خاطر سمورن امڪانن کي معطل ڪري ڇڏيندا آهيون، جيڪي جذبات جي حوالي سان ٻئي سرشتي ۾ ايتري ئي چٽيءَ نموني نگراني ڪندا آهن، جهڙيءَ ريت پهرين سرشتي ۾.

تنهن ڪري اسان باقي بچيل امڪانن سان هلڻ لڳندا آهيون، جنهن رستي سان ڏکوئيندڙ يادن جي لاءِ نفسي/ ذهني قوت حاصل ڪرڻ وارو ٻيو سرشتو گڏ ويندو آهي، جنهن ۾ انهن جي نيڪال/ اخراج لاءِ جذبي يا سوچ کي روڪيندڙ ذهني عمل شامل هوندو آهي. بهرحال نيڪال کي روڪيندڙ ذهني عمل جو رخ ناخوشگواريءَ کي وڌائڻ جي پاسي هوندو آهي. اسان کي دليل يا دعويٰ لاءِ بهرحال نفسي/ ذهني قوت ٻئي سرشتي ذريعي، ٻن رخن کان رهنمائي ڪندي آهي، جنهن ۾ ساڳئي وقت جذبات جي نيڪال کي روڪيندڙ ذهني عمل هوندو آهي: اسان، ڏکوئيندڙ معاملن کي وڌيڪ اهميت ڏيندا آهيون ۽ انهن جي رهنمائيءَ هيٺ هلندا آهيون (جيئن گذريل جملن منجهان نظر اچي ٿو.) ۽ گڏوگڏ اعصابي ٻل“ يا همٿ جي گهٽ مقدار ۾ خرچ ڪرڻ واري اصول تي پڻ گامزن هوندا آهيون. اچو ته اسان ذهن ۾ انهيءَ ”ثابت قدميءَ “ (Firm)) کي کڻي هلون، جيڪا انهن سمورين دٻيل ڪيفيتن يا ضبط وارين حالتن جي ڪنجي آهي:

ٻيو سرشتو رڳو نفسي/ ذهني قوت ذريعي سوچ حاصل ڪري سگهي ٿو، جيڪڏهن اهو ڪنهن اڻ وڻندڙ لاڙي، جذبي يا سوچ کي روڪيندڙ ذهني عمل ۾ واڌاري جي صورت اختيار ڪندو ته ٿي سگهي ٿو ان مان نڪري وڃي. تڏهن هر ڪا شيءِ پاسو ڪري ويندي آهي، جيڪا ان جذبي يا سوچ کي روڪڻ جي عمل ۾ مصروف هوندي آهي، اها پهرين سرشتي جي ڀيٽ ۾ ٻئي سرشتي لاءِ بي پهچ هوندي آهي، ان ڪري ناخوشگوار يا ڏکوئيندڙ اصول جي حق ۾ هڪدم برطرف ٿي ويندي آهي. ايذاءَ يا ”ناخوشگواريءَ جي جذبي کي روڪيندڙ عمل،“ ان کي مڪمل ڪرڻ جي بهرحال ضرورت نه سمجهندو آهي، ان جي شروعات تيسيتائين يقينن اجازت جهڙي هوندي آهي، جيسيتائين ٻيو سرشتو ان واڳيل يادگيريءَ جي اصليت کان ۽ ان جي اڻ سونهائيندڙ امڪان کان، واقف نه ٿيندو آهي، ان مقصد تحت، جيڪو سوچن جي عملي سلسلي جي نظر ۾ رهيو هو. مان نفسي/ ذهني عمل جي ان سلسلي کي بيان ڪريان ٿو، جنهن کي پهريون سرشتو هڪ ”ابتدائي عمل“ (Primary Process) جيان اڪيلي سر تسليم ڪندو آهي ۽ ان عملي سلسلي کي جنهن جو نتيجو ٻئي سرشتي جي ذريعي، جذبن يا سوچن کي روڪيندڙ ذهني عمل پاران، ”ثانوي عمل“ (Secondary Process) جيان مڙهيل هوندو آهي. ابتدائي ۽ ثانوي عملي سرشتي ۽ دليل جي وچ ۾ فرق اهو آهي ته نفسي/ ذهني قوت جو مخصوص عمل به انهن ۾ مختلف انداز ۾ پنهنجو ڪم سرانجام ڏيندو آهي.(1)

اڃان هڪڙو ٻيو سبب به آهي، جنهن لاءِ، جيئن مان ٻڌائي سگهيو آهي ته ٻيو سرشتو ”ابتدائي عملي سلسلي“ کي درست ڪرڻ جو ڪم سرانجام ڏيندو آهي.  ابتدائي عمل، جذبات جي نيڪال جي سلسلي ۾ خود جذبات جي گڏ ڪيل مقدار جي مدد سان، اهڙيءَ ريت سنجيده ڪوشش وٺندو آهي، جيڪا ادراڪي شناخت کي، اطمينان جي تجربي ذريعي قائم ڪري سگهندي آهي. ثانوي عمل“ بهرحال ان ارادي کي ترڪ ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ان کي، ان جي ٻي جاءِ تي ڇڏي ايندو آهي، جتي ”سوچ جي شناخت“ جو (انهيءَ تجربي سان) انتظامي قيام هوندو آهي. سموري سوچ جو عمل، (اطمينان وارين يادگيرين منجهان) ساڳئي يادگيريءَ جي ساڳئي جذباتي ذميداريءَ ڏانهن، چئني پاسي چڪري (Circuitous) جيان هوندو آهي، ان کانسواءِ ان کي ٻي ڪا راهه نه هوندي آهي، (ياد! ڪنهن مقصد خاطر سانڍيل سوچ)، جنهن کي، ثانوي درجي واري متحرڪ تجربن ذريعي، خواهش کي منتقل ڪندڙ اڀار جي پهچڻ جي هڪ ڀيرو ٻيهر اميد هوندي آهي. ”خيال“ پاڻ ۾، انهن سوچن جي شدت جي ذريعي، گمراهه ڪندڙ اڳواڻيءَ کانسواءِ، پنهنجي لاڳاپيل پيچرن ۽ ”سوچن“ جي وچ ۾ يقيني واسطو رکندا آهن، پر اهو سمجهڻ سولو آهي ته سوچن جو اختصار (وچولو ۽ سمجهوتو ڪندڙ جوڙجڪ وارو)، شناخت جي مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ پوءِ به رنڊڪ وجهندڙ هوندو آهي. جيسيتائين اهي ڪنهن هڪ خيال لاءِ ٻئي جو متبادل بڻجن؛ اهي ان پيچري تان پاسيرا ٿي ويندا آهن، جنهن پيچري پهرين خيال مان سندس رهنمائي ٿي ڪئي. ان قسم جا عملي سلسلا ثانوي خيالن ۾ بهرحال وسوسي/ شڪ واري انداز ۾ ڦري وڃن ٿا. اهو ڏسڻ پڻ آسان آهي ته ناخوشگواريءَ وارو اصول، ٻين حوالن جي ڀيٽ ۾ خيالن جي سلسلي جي رسد نهايت اهم رهنمائيءَ جي ذريعي رسائيندو آهي، ۽ ”خيالن جي شناخت“ کي قائم رکڻ لاءِ ان جي راهه ۾ روڙا اٽڪائيندو آهي. اهڙيءَ طرح سوچڻ جو عمل، ناخوشگواريءَ واري اصول جي ذريعي، گهڻي کان گهڻو امتيازي ۽ باضابطي انداز سان پنهنجي آزادگيءَ جو مقصد ماڻيندو آهي ۽ خيالن جي سرگرميءَ ۾ اڪيلي سِر ڪردار نباهڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ضرورت جيان، تاثر جي وڌڻ تي پابندي لڳائيندو آهي.(1)

عملي ڪردار ادا ڪرڻ جي حوالي سان اها تمام وڏي عمدگي ۽ نرملتا جي حاصلات آهي، جنهن جو وڌيڪ مقصد جذباتي ذميداريءَ جو احساس اڀارڻ هوندو آهي، جيڪو ”شعوري سوچ، سرت يا ڌيان“ (Conciousness) جي ذريعي ايندو آهي. جيئن اسان ڄاڻون ٿا پربهرحال مڪمل طور تي ”مقصد“ ورلي ئي حاصل ٿيندو آهي، عام ذهني زندگيءَ ۾ به اسان جون سوچون، اڻ سهُائيندڙ اصولن جي مداخلت سبب به، سدائين غلط ثابت ٿينديون آهن.

اهو بهرحال اسان جي ذهني عملي سرشتي جي، عملي اهليت ۾ ڪو خال نه هوندو آهي، جيڪو ان کي خيالن لاءِ ممڪن بڻائيندو آهي، جيڪو پاڻ کي، ابتدائي نفسي/ ذهني ”سوچن جي حوالي سان ثانوي سرگرميءَ جي پيداوار“ طور پيش ڪندو آهي، ان لاءِ اهو ضابطو آهي، جنهن جي سلسلي ۾ اسان ان سرگرميءَ يا مصروفيت کي بيان ڪري رهيا آهيون جيڪا ”خوابن“ ۽ ”جسماني/ ذهني بيمارين جي علامتن“ جي اڳواڻي ڪري ٿي. نااهلي! انهن ٻن عنصرن جي ميلاپ منجهان اڀري ٿي، جيڪي اسان جي ارتقائي تاريخ مان سفر ڪري ايندا رهن ٿا. انهن مان ”هڪڙو جزو“ سموري ذهني سرشتي ۾ ويڙهجي وڪوڙجي ويندو آهي، هن جو ٻن سرشتن جي وچ واري تعلق تي تڪراري اثر رسوخ هلندو آهي. جڏهن ته ”ٻيو جزو“ پاڻ کي ٺاهي رکندو آهي ۽ ڦير گهير ۽ لاهه چاڙهه واري حرارت کي محسوس ڪندو آهي، ۽ ذهني زندگيءَ ۾ عضوياتي اصليت جي جبلتي قوتن کي پيدا ڪندو آهي. ٻئي عنصر ٻالڪپڻي دوران وجود ۾ ايندا آهن ۽ ترميمن جي اوچتي عمل کي، اسان جي ”ذهني ۽ بدن جي اندروني چرپر مان جڏهن ذهني سرشتي ۾ نفسي/ ذهني عمل جي اظهار منجهان هڪ کي: ”ابتدائي“ ڪري بيان ڪريان ٿو ته منهنجي ذهن ۾ ڪهڙي ڳالهه هئي، جنهن سراسري طور تي ”اهميت“ ۽ ”اهليت“ تي غور ڪرڻ سان واسطو نه ٿي رکيو. مان ارادو پڻ ڪيو هو ته ڪو اهڙو نالو چونڊيندس، جيڪو ان تاريخوار اهميت ڏانهن اشارو ڏئي سگهندو. اهو سچ آهي ته جيتري قدر اسان جي ڄاڻ آهي ته اهڙو ڪو به نفسي/ ذهني سرشتو موجود نه آهي، جيڪو رڳو ”ابتدائي عمل“ جي وابستگيءَ ۾ هجي، يا اهو سرشتو ڪنهن حد تائين ڪنهن نظريي/ خيال تي ٻڌل افسانو آهي؟ پر اها گهڻي قدر هڪ حقيقت آهي ته: ”ابتدائي عملي سلسلا“ ابتدا کان ئي ذهني نظام ۾ پيش ٿيندا آهن، جيتوڻيڪ اهو معاملو رڳو زندگيءَ جي وچ ۾ ئي هوندو آهي، جنهن دوران ”ثانوي عملي سلسلن“ جا راز عيان ٿيندا آهن، ۽ رڪجڻ يا روڪجڻ ۾ نه ايندا آهن، ۽ ”ابتدائي عمل“ کي ڍڪي ڇڏيندا آهن، ۽ ائين به ٿيندو آهي ته انهن جي مڪمل حڪمراني، زندگيءَ جي اڻ وسرندڙ حصي تائين نه پهچندي آهي. ”ثانوي عملي سلسلن“ جي سستيءَ يا دير سان ظاهر ٿيڻ جي نتيجي ۾، اسان جي وجود جا اهم حصا، لاشعوري آسن اميدن تي ٻڌل چاهتون، (Unconscious wishful impulse) اسان جي مخصوص سوچ سمجهه لاءِ بي پهچ ٿي وينديون آهن، ۽ تحت شعور جو جذبي يا سوچ کي روڪيندڙ ذهني عمل، انهن گذريل خواهشن جي ذريعي ڪردار نباهيندو آهي، جن تي هميشه لاءِ پابندي عائد ڪيل هوندي آهي، ۽ پوءِ لاشعوري من اڇل منجهان اڀاريل هدايت سميت مصلحت وارو رستو اختيار ڪندو آهي. اهي لاشعوري خواهشون، سمورين آڳاٽن ذهني رغبتن/ رجحانن کي مجبور ڪرڻ يا ماري مڃائڻ وارا تجربا ڪنديون آهن، ان زور جي ڪري اهي رجحان، خدمت بجا آڻيندا آهن، انهن سان شامل ٿيندا آهن يا جيڪي سنجيدگيءَ سان ڦيرو کائي ڪنهن وڏي مقصد جو رخ ڪندا آهن. ثانوي عملي سلسلي جي سستيءَ يا دير سان ظاهر ٿيڻ جو وڌيڪ نتيجو هڪ ٻي جاءِ تي اهو نڪرندو آهي جو گذاريل ڏينهن/ عرصي جي ياداشت ۾ مدد ڏيندڙ مواد جو وسيع دائرو ”تحت شعوري جذبات جي نتيجي ۾“ بي پهچ ٿي ويندو آهي.

ٻالڪپڻي کان آرزوئون سانڍي سفر ڪري آيل رجحان، جيڪي ڪڏهن به ناس نه ٿا ٿي سگهن نه ئي ڪنهن رنڊڪ جي باوجود رڪجي ٿا سگهن، انهن منجهان ڪجهه، جن جو ”ثانوي سوچ وارن“ خيالن جي ڪنهن مقصد خاطر پورائو اختلافي يا متضاد ٿي ويندو آهي. انهن خواهشن جو پورائو خوشي يا راحت جو تاثر گهڻي دير تائين پيدا ڪري نه سگهندو آهي البت ناخوشگواريءَ جي تاثر کي پيدا ڪري ڇڏيندو آهي: ۽ اها هوبهو ان ئي تاثر جي بدليل شڪل هوندي آهي، جيڪا ان محرڪ/ جوهر جو ڍانچو جوڙيندي آهي، جنهن کي اسان ”دٻيل ڪيفيت، ٻيهر دٻائڻ واري عمل يا ضبط“ (Repression) جي اصطلاح طور ڪتب آندو آهي.

دٻائڻ واري ڪيفيت يا ضبط جا مسئلا ان سوال تي مبني آهن ته اهي ڪيئن هوندا آهن، ۽ ڪهڙين متحرڪ قوتن سان پابند هوندا آهن جو اهڙي تبديلي ظاهر ٿيندي آهي: پر مسئلو اهو آهي ته هتي اسان ان کي رڳو ڇهي سگهون ٿا.(1) اسان لاءِ اها چٽائي ڪافي آهي ته ان قسم جي تبديلي، ارتقا جي حوالي سان ظاهر ٿيندي آهي، اسان رڳو ان رستي کي ياد ڪندا آهيون، جنهن ۾ ننڍپڻ جي دور واري بڇان يا ناراضگي داخل ٿي ويندي آهي، پوءِ اها جڏهن وسري ويندي آهي ته وري به اهڙي ئي ڪنهن تجربي دوران موٽي به ايندي آهي ۽ اها ئي ثانوي سرشتي جي سرگرميءَ سان سلهاڙيل هوندي آهي. يادگيريون ان بنياد تي، جنهن تي لاشعوري خواهش تاثر جي نيڪال متعلق رهنمائي ڪندي آهي، اها تحت شعور تائين ڪڏهن به نه پهچندي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ تاثر جو اخراج انهن يادگيرين سان وڃي ملندو آهي جيڪي ڪڏهن به روڪ ٽوڪ نه ڪنديون آهن. تاثرن جي ان پوري نسل/ اُپت وٽ اهو ئي سبب هوندو آهي ته اهي سوچون، خود تحت شعوري خيالن واري رستي ذريعي بعد ۾ بي پهچ ٿي وينديون آهن، جنهن جي ڪري اهي پنهنجي اشتياق ۽ خواهش جي زور کي بدلائي ڇڏينديون آهن. ان جي ابتڙ ناخوشگواريءَ وارو اصول واڳون سنڀاليندو آهي، جيڪو تحت شعور جو سبب ۽ اثر جي وچ ۾ رابطي جو ذريعو بڻيو آهي، جيڪو هن کي خيالن جي تبديليءَ کان پري ڪندو آهي. اهي خيال/احساس پاڻ کي به پوئتي ڪري ڇڏيندا آهن، جنهن کي اسان ”ضبط“ سڏيون ٿا. ۽ ائين آهي ته ٻالڪپڻي جي گڏ ٿيل يادگيريون، جيڪي اڳ ۾ تحت شعور منجهان موٽي آيون هيون، اهي ”دٻائڻ واري ڪيفيت يا ضبط“ جو لازمي شرط (Sin quq non) بڻجي وينديون آهن.

ڪيترا ئي مددگار معاملا: ناخوشگواريءَ جا همعصر معاملا، تحت شعور ۾ خيالن جي تبديليءَ پاران، جذباتي نتيجي ۾ استعمال ٿيندڙ قوت تان هٿ کڻڻ سان گڏ ۽ ان منجهان نڪرندڙ نتيجي جي، اها خاصيت آهي ته ناخشگواريءَ واري اصول جي مداخلت ڪارائتي مقصد واري خدمت سرانجام ڏيندي آهي. پر ان وقت اهو ٻيو معاملو هوندو آهي جڏهن ضبط ٿيل/ ڪيل لاشعوري خواهش کي، عضوياتي سگهه ملندي آهي، جيڪا ان کي تبديل ٿيندڙ خيالن ڏانهن اماڻيندي آهي، ان رستي سان اها انهن کي، ان حالت ۾ جاءِ ڏيندي آهي ته جيئن انهن جي جذبات جي ذريعي، انهن جي رستي تي زور ڀرڻ جي ڪوشش ڪري سگهن، باوجود ان جي جو جيڪڏهن تحت شعور مان نڪرندڙ جذبات جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ قوت وڃائي ويهن تڏهن به زور کي استعمال ڪري سگهن. ان کانپوءِ اهي خيال تحت شعور جي لاءِ پنهنجي بچاءَ ۾ جدوجهد ڪرڻ لڳندا آهن، موٽ ۾ ضبط وارن خيالن جي مخالفت ۾ سگهه وڌائڻ لڳندا آهن، يعني خيال تي غور ڪرڻ جي نتيجي ۾ استعمال ٿيندڙ مخالف ذهني سگهه Anticathaxis پيدا ڪندا آهن، جنهن کانپوءِ تبديل ٿيندڙ خيال، جيڪي ”لاشعوري خواهش جا ڦيٿا“ هوندا آهن، انهن جي رستي تي ڪنهن سمجهوتي واري نوع ۾ زور ڀريندا آهن، جيڪي علامتن جي پيداوار ذريعي پهچندا آهن. پر ان چرپر جي ڪري ضبط ڪيل خيال، هڪ پاسي لاشعوري آسن اميدن تي ٻڌل چاهتن جي ذريعي، ۽ ٻئي پاسي تحت شعور جي جذباتي نتيجي ۾ استعمال ٿيندڙ قوت جي ترڪ ڪرڻ جي ذريعي، انتهائي سختيءَ سان مقصد تي غور ڪرڻ لڳندا آهن. اهي پوءِ ابتدائي نفسي/ ذهني عملي سلسلي جو موضوع بڻجي ويندا آهن، جن جو هڪڙو مقصد خواهش کي، منتقل ڪندڙ اڀار جو نيڪال ڪرڻ هوندو آهي، يا جيڪڏهن پيچرو کليل هوندو آهي ته گهربل ادراڪي خاصيت/ شناخت تحت وهم ۽ سوداءَ وارو عمل نئين سِري سان پيش ٿيڻ لڳندو آهي.

اسان اڳي مشاهدو ڪري آيا آهيون ته اسان ماڻهوءَ جي بيهودي يا سمجهه کان وانجهيل عملي سلسلي کي رڳو دٻجي ويل يا دٻايل، روڪيل ڪيفيت ۽ صبر ۽ ضبط وارن خيالن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ بيان ڪيو هو. هاڻي اسان ان سموري صورتحال ۾ پنهنجو رستو ٿورو اڳڀرو ڏسي سگهون ٿا. نامعقول يا سمجهه واري سگهه جي کوٽ وارا عمل، جيڪي نفسي/ ذهني سرشتي ۾ ظاهر ٿيندا آهن، اهي ”ابتدائي“ هوندا آهن. اهي تڏهن پيش ٿيندا آهن، جڏهن سوچون! تحت شعور جي جذباتي ذميداريءَ واري سگهه جي ذريعي ترڪ ٿي وڃن ٿيون، ۽ پاڻ ئي ڇڏي وڃن ٿيون ۽ وري شعور جي طرفان، جذبي يا سوچ کي روڪيندڙ ذهني قوت سان ڀرجڻ لڳن ٿيون، جيڪي ٻاهر نڪرڻ لاءِ سخت جاکوڙ ڪنديون آهن. ان ڏس ۾ اسان لاءِ ڪجهه ٻيا مشاهدا به مددگار ثابت ٿيا آهن ته اهي عملي سلسلا جن کي اسان نامناسب ۽ نامعقول ڪري بيان ڪيا آهن، حقيقت ۾ اهي عام رواجي عملي سلسلن جون غلطيون نه آهن، يا ڏاهپ جي ڪا ڀل چڪ نه آهن، پر اهي نفسي/ ذهني سرشتي جي سرگرميءَ جا ڍنگ آهن، جيڪي روڪيندڙ ذهني عمل کان آزاد ٿي ويندا آهن. اهڙيءَ ريت اسان ڏسنداسين ته تحت شعور جي جذباتي اڀار مان پيدا ٿيندڙ مٽ سٽ واري عملي چرپر ساڳين ئي عملن جي ذريعي حڪمراني ڪندي آهي، ۽ تحت شعور جَي سوچن سان، لفظن جو ڳانڍاپو، وڃائجي وڃڻ ۽ مونجهارن جو ساڳي آسانيءَ سان مظاهرو ڪري سگهي ٿو، جيڪو پوءِ ارادي ۽ مقصد سان منسوب ٿي ويندو آهي. آخرڪار ان جي ”تصديق“ ان جي سرگرميءَ ۾ ”واڌ“ هوندي آهي، جيڪا بهرحال اهم ٿي پوندي آهي. جڏهن عمل جا اهي ”ابتدائي انداز“ رڪيل يا روڪيل هوندا آهن، جن کي ان حقيقت ذريعي ڏسي سگهبو آهي، جڏهن اسان کل مذاق وارا تاثر پيدا ڪندا آهيون، ته اهو قوت جو اضافو هوندو آهي، جيڪڏهن اسان سوچ جي انهيءَ ڍنگ کي، شعوري طور ان رستي سان ئي هلائڻ تي زور ڀريندا آهيون ته ان جو اخراج ٽهڪن (Laughters) جي صورت ۾ ئي ٿيندو آهي.

نفسي اوڻائي، اعصابي خلل يا دماغي بيماريءَ (Psychoneurosis) جي بچاءُ ڪرڻ جو نظريو، هڪ ناقابل ترديد ۽ ڏسڻ ۾ نه ايندڙ حقيقت جيان هوندو آهي، جيڪو رڳو ٻاراڻي عمر جي جنسي چاهت منجهان هوندو آهي، ۽ ان عمر ۾ ئي ضبط جي ڪيفيت کي (سندس تاثرن جي تبديليءَ سميت) ڀوڳي وٺندو آهي. ٻالڪپڻي جي عرصي کان اوسر تائين هو ضبط جي ڪيفيت تي به ظابطو ڪري وٺندو آهي پر ان جو نتيجو هن جو پاڻ کي تڪليف ۾ وجهڻ، ناگوار عمل منجهان راحت حاصل ڪرڻ به ثابت ٿئي ٿو، جنهن جي ڪري آهستي آهستي منجهس هر قسم جي نفسي اوڻائي ۽ اعصابي خلل جون علامتون پيدا ٿينديون آهن.(1)

مان هتي ان نڪتي کي اڌورو ئي ڇڏيان ٿو، ڇاڪاڻ ته مان خوابي خواهشن جي لاشعور منجهان اڻ لکي نموني هلي اچڻ متعلق اڳي ئي گهڻو مواد پيش ڪري چڪو آهيان.

نه ئي مان پنهنجي پڙهندڙن کي، خوابن جي جوڙجڪ ۽ جنسي بيمارين جي نفسي/ فطري قوتن متعلق وڌيڪ معلومات وٺڻ جي صلاح ڏيندس، في الحال ته اسان حقيقت پٽاندر ڪافي سٺي معلومات ڏئي آيا آهيون. بهرحال نفسي/ ذهني ڇنڊڇاڻ متعلق اسان جي اڀياس جي ڪري ڪيتريون ئي تبديليون رونما ٿينديون، ۽ خوابي مواد متعلق عقلي يا بي عقليءَ وارا معاملا ورجائجڻ لڳندا، ان جي باوجود اهو سچ آهي ته خوابن جي جوڙجڪ متعلق هن قسم جون ڪوششون جنسي بيمارين جي علامتن جي جوڙجڪ جي مشاهدن کي تمام ويجهڙائي کان ظاهر ڪن ٿيون.

خواب! بهرحال مرض جي حوالي وارو تشريحي ڏيک نه هوندو آهي پر اهو ڪنهن پهروڪي واقعي ڏانهن اشارو ڪندو آهي، پر نفسي/ ذهني توازن ۾ رخنو نه وجهندو آهي، هو پنهنجي پويان لياقت يا خاصيت جو نقصان نه ڇڏيندو آهي. اهو اندازو ڪري سگهي ٿو ته عام ماڻهن جي خوابن جو ڪو مجموعي نتيجو يا نچوڙ ، مريضن جي خوابن جهڙو نه نڪري، پر مان ائين سمجهان ٿو ته ڪنهن واريل اعتراض کي آسانيءَ سان رد به ڪري سگهجي ٿو. پوءِ جيڪڏهن اسان پويان کان ئي مشاهدي ۾ آيل واقعن ۽ انهن جي ذريعي تحرڪ پيدا ڪندڙ قوتن جي مخالفت/اختلاف ۾ دليل ڏيڻ شروع ڪيون ته به اسان کي يقينن اهو مڃڻو پوندو ته اعصابي خلل جي ذريعي لاڳو ٿيندڙ نفسي/ ذهني حصن جي حرڪت پذيريءَ جي نظام سبب ذهن ۾ رخني جو پيدا ٿيڻ، مرض جي حوالي سان نه ٿيندو آهي، پر اهو ذهني سرشتي جي عام رواجي جوڙجڪ سان، اڳ ۾ ئي موجود هوندو آهي.

ٻه نفسي/ ذهني نظام! يعني: ”هڪ کان ٻئي ڏانهن وڃڻ واري رستي تي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ“ ۽ ”ڪنهن جذبي يا سوچ کي روڪيندڙ ذهني عمل ۽ هڪڙي سرگرميءَ جي ذريعي ٻئي کي ڍڪي ڇڏڻ.“

ٻنهي جو شعور سان تعلق يا مشاهدي ۾ آيل حقيقتن جي جيتري قدر به درست تشريح ٿي سگهي ٿي، ته اها اها ئي آهي ته اهي سڀئي اسان جي ذهني سرشتي (ميڄالي) جو فطري حصو هوندا آهن، ۽ خواب اسان کي انهن منجهان هڪڙو رستو ڏيکاريندا آهن، جيڪو ان جي جوڙجڪ کي سمجهڻ ۾ مدد ڪندو آهي. جيڪڏهن اسان پاڻ کي ٿوري گهڻي نئين معلومات حاصل ڪرڻ جي حوالي سان پابند ڪنداسين، جيڪا يقين تي قائم هوندي ته اسان خوابن لاءِ پوءِ به ائين چئي سگهنداسين ته: ”اهي، اهو ثابت ڪري چڪا آهن ته ڪهڙي دٻيل/ لڪل شيءِ آهي جا ڪَل ٿڙيل ماڻهوءَ جيان، عام ماڻهوءَ ۾ به مسلسل ۾وجود رهي ٿي، ۽ نفسي/ ذهني عمل ۾ مصروف رهي ٿي.“

خواب پاڻ انهيءَ دٻجي ويل يا لڪل مواد جي وضاحت ۽ پيشڪش جي وچ ۾ رهي ٿو: اهو ان معاملي ۾ هڪ نظرياتي خيال تي ٻڌل هوندو آهي، ۽ ڪنهن به نظريي کي ملحوظ رکڻ کانسواءِ ان جي لاتعداد معاملن جو مشاهدو ڪري سگهي ٿو، خاص طور تي انهن معاملن ۾ جيڪي خواب زندگي جي ڇرڪائيندڙ خاصيتن جو نهايت چٽيءَ ريت اظهار ڪندا آهن. جاڳ جيون ۾ ذهن جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ دٻيل يا لڪل مواد پنهنجي تاثرات جي تلاش ۾ بچاءَ جا رستا ڳولهيندو رهندو آهي، ۽ پنهنجي اندروني ادراڪ کي ڪاٽي ڦٽو ڪري ڇڏيندو آهي، ۽ ان حقيقت تي پابند رهندو آهي ته انهن ۾ اختلافن جي موجودگي هڪ بيڪار ڳالهه آهي، ان صورت ۾ هڪ پاسو ٻئي جي حق ۾ ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺندو آهي، پر رات جي وڳڙي ۾ سمجهوتي واري جوڙجڪ جي حوالي سان زور يا اثر جي مقصد تحت، اهو دٻيل يا لڪل مواد، شعور جي رستي تي زور هلائڻ جا مقصد ۽ ڍنگ ڳولهڻ لڳندو آهي.

”جيڪڏهن مان ڪنهن وڏي طاقت کي جهڪائي نه سگهندس ته وڃي جهنم ۾ جاءِ ڪندس.“(1) ”خوابن جي تشريح: ذهن جي لاشعوري سرگرمين/ مصروفيتن جي معلومات جي هڪ عظيم الشان شاهراهه آهي.“

خوابن جي تشريح جي ذريعي اسان ان مرڪب کي سمجهڻ لاءِ هڪ قدم اڳتي کڻي سگهون ٿا، جيڪو پنهنجي سمورن اُپائن ۾ نهايت حيرت انگيز ۽ پراسرار ٿئي ٿو. رڳو هڪڙي ننڍڙي وک، بيشڪ رڳو هڪڙي وک ئي سهي: پر اها وري به هڪ شروعات ئي ٿيندي، ۽ اها شروعات اسان کي، ڀلي انهن ٻين اڏاوتن جي بنيادن تي ئي سهي، پر ان جي وڌيڪ تشريح پيش ڪرڻ جي لائق ضرور بڻائيندي، جيڪا وري به مرض جي حوالي تي ئي موٽي ايندي.

بيمارين کي سمجهڻ لاءِ: اهي جيڪي وڏا ”عمل ڪرڻ“ وارا ڏاها ٿا سڏجن، سي ذهن جي اهڙن ڪارنامن کي لنوائي نه ڇڏيندا، اميد آهي ته اهي وڏي ولولي سان انهن جي مختلف جزن جي سگهه، سختين شدتن ۽ ڪمزورين کي بيان ڪندا، جيڪي ظاهر ڏسڻ ۾ نه ايندا آهن.

مان ڪوشش ڪندس ته اڳتي هلي ڪٿي، انهن ٻنهي شعبن جي گڏيل عملي نظام کي بيان ڪريان، ته اهي عام قسم جي ذهن ۾ به ڪهڙي نه عمدگيءَ ۽ نفاست سان ڪم ڪن ٿا.(1)


 

 

(6)

لاشعور

۽

شعور

(سُرت ۽ بي سُرتيءَ جي حقيقت)

THE UNCONSIOUS AND CONSCIOUS- REALITY

 

اسان نهايت ويجهڙائيءَ سان ڏسنداسين ته گذريل حصي ۾ نفسياتي بحث اسان کي اهو تسليم ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي ته خواهشن کي ”منتقل ڪندڙ اڀار جي مقصد (Motor end) کي هلائيندڙ نظام جي حوالي سان ”ٻن سرشتن“ جو ڪو مادي وجود نه هوندو آهي، پر جذبات جي عملي سلسلي يا ان جي نيڪال جا، ”ٻن قسمن جا ڍنگ“ موجود هوندا آهن. اسان لاءِ اهو سمورو هڪ ئي آهي، جيڪڏهن اسان ان خيال کان اهو محسوس ڪيو ته اسان ان کي واپس، ”اڻڄاتل حقيقت“ جي ڪجهه وڌيڪ ويجهي جاءِ تي رکڻ جي حالت تي بيٺل آهيون ته ان سلسلي ۾ لڳي ٿو ته اسان پنهنجي نظرياتي عمارت جي سامان کي پاڻ ئي ڪٿي دور اڇلائي ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي ويا آهيون. سو اچو ته ڪجهه درست نظرين ذريعي ڪوشش وٺون، جيڪي ٿي سگهي ٿو اسان کي ان وقت کان منجهائي رهيون هجن، جڏهن کان ”ٻن سرشتن“ جي طرف، ذهني سرشتي ۾ ٻن علائقن جيان، جيئن جو تيئن (Literal) ۽ نهايت ڪچي مال واري خيال سان پئي نهاريوسين، ته جن نظرين پنهنجي اظهار جون علامتون ”تڪليف ۽ ضبط واري سوچ جي پاسي“ ڪنهن رستي جي ذريعي زور ڏيڻ تي،“ پئي ڇڏيو ته اسان لاشعوري سوچن جي متعلق پئي ڳالهايوسين، ته جيئن انهن معاملن کي به ڳولهجي جيڪي تحت شعور ڏانهن منتقل ٿين ٿا ۽ شعور جي پاسي کان آمدرفت جاري رکن ٿا. هاڻي جيڪا ڳالهه اسان جي دماغ ۾ آئي آهي، اها ائين نه آهي ته اسان ان سلسلي ۾ ڪا ٻي سوچ شامل ڪئي آهي، جنهن کي اسان ڪنهن تان نقل ڪري ان ٻي جاءِ تي رکڻ وارا آهيون! جيڪو اصل سان گڏوگڏ ۽ تسلسل سان موجود هوندو آهي ۽ وهمي/ گماني شيءِ جي زور تي ان کي شعور ۾ ٽنبي ڇڏيون، ظاهر آهي ته ان سلسلي ۾ يقيني طور تي اسان احتياط کان ڪم وٺي خيال جي آزادگيءَ سان علائقي/هنڌ جي تبديلي ڪنداسين. اسان وري به تحت شعور جي ان خيال متعلق ڳالهائينداسين، جيڪو ٻيهر دٻجي ويل آهي، يا ٻاهر نڪري ويو آهي، جنهن کي لاشعور جهلي ورتو آهي. اهي تصوراتي عڪس انهن سوچن جي مجموعي منجهان، ڪنهن ميدان جي ٽڪري هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ سفر ڪري ايندا آهن، اهي اسان کي مثال ڪري وٺڻ جي رغبت ڏيندا آهن ته اهي جيئن جو تيئن ئي سچا آهن، ڇاڪاڻ ته هڪ جاءِ ۾ ذهني گروهه بنديءَ واري صورتحال، انهن کي پڄاڻيءَ ڏانهن وٺي ايندي آهي ۽ پوءِ ڪنهن ٻي تازي علائقي ڏانهن وٺي ويندي آهي. هاڻي اچو ته اسان پنهنجا اهي استعارا بدلايون، ۽ انهن جي بدلي ۾ جيڪي حقيقي تعميراتي ڪمن سان سٺي نموني منسلڪ هجن، اها استعمال ٿيندڙ ذهني قوت به گڏ هوندي آهي، يا وري ان منجهان ٽارو ڪري ويندي آهي، ان ڪري واسطي واري اڏاوت ان خاص سگهه جي اثر هيٺ اچي ويندي آهي، يا ان کان پاسو ڪري ويندي آهي!

هتي اسان شين متعلق مقام نگاريءَ واري نمائندگيءَ کي ولولو پيدا ڪرڻ وارين ڳالهين جي ذريعي هڪ ڀيرو ٻيهر بحال ڪرڻ جي ڪوشش پيا ڪريون. اسان ته اهو به چيو پئي ته ”حرڪت پذيري“ پاڻ پنهنجي سِر نفسي/ ذهني نظام نه آهي، پر اهو بدن جي تنتي سرشتي کي متحرڪ ڪرڻ جو نظام آهي.(1)

ان جي باوجود مان ان کي مصلحت پسندي ٿو سمجهان ۽ ٻن سرشتن جي تمثيلي تصوير جي استعمال کي تسلسل سان رکڻ جي ڪري، تائيدي ثبوت ڏيندڙ ٿو سمجهان. اسان انهن گڏ ٿيل سوچن کي ٻيهر پيش ڪرڻ جي غلط استعمال واري ان ڍنگ کان اسان پاسو ڪري سگهون ٿا. سوچون ۽ نفسي/ ذهني تعميري سلسلا عام طور تي تنتي سرشتي جي عضوياتي جزن ۾ ڪنهن جاءِ تي محدود نه هوندا آهن، پر ڪنهن حد تائين، جيئن ماڻهو چئي سگهي ٿو ته ”انهن جي وچ ۾“ جتي مزاحمتي قوتون ۽ آسانيون، پاڻ ۾ ملائڻ واري مطابقت مهيا ڪنديون آهن. هر شيءِ اسان جي اندروني/باطني بصيرت جي حاصلات جي حقيقت هوندي آهي، جيئن روشنيءَ جي ڪرڻن جي مفاصلي ذريعي دوربيني عڪس کي پيدا ڪندي آهي، پر اسان سرشتن جي وجود کي، دوربينيءَ جي شفاف شيشن (Lenses) جيان، جيڪي عڪس اڇليندا آهن، تسليم ڪندڙ آهيون (جيڪي پاڻمرادو ڪنهن به ريت نفسي/ ذهني طور ڪو مقرر وجود رکندڙ نه آهن ۽ نه ئي ڪڏهن اسان جي نفسي/ ذهني ادراڪ وٽ سولائيءَ سان پهچي سگهندا آهن.) ۽ جيڪڏهن اسان ان هڪ جهڙائيءَ پيدا ڪندڙ عمل کي جاري رکون ته ڇنڊڇاڻ کي، عملي عڪسن جي موڙي آڻڻ وارن ٻن سرشتن جي وچ ۾ ڀيٽ ڪري سگهون ٿا، جيڪو ان وقت جاءِ والاريندو آهي، جڏهن روشنيءَ جو ڪرڻو هڪ نئين رابطي منجهان گذرندو آهي.

جهڙيءَ ريت اسان کي پنهنجي نفسياتي ماهر وارو معاملو هٿ ۾ آهي ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته نظرياتي خيالن تي غور ڪجي، جيڪي موجوده دور جي نفسيات تي راڄ ڪن ٿا ۽ انهن جي پنهنجي ”متي“ سان پرکي ڏسجي.

نفسيات جي علم ۾ ”لاشعور جو مسئلو“ ”لپس“ (Lipps- 1897) جا زوردار لفظ آهن. اهي نفسياتي مسئلن بجاءِ ”نفسيات جي مسئلن“ تي آهن. گهڻي وقت کان  ”نفسيات“ جو علم پڻ اهڙن مسئلن ۾ ڦاٿل رهيو آهي، ۽ عام طور تي اهو سمجهيو ويو آهي ته ”نفسي/ ذهني“ عمل معنيٰ ”شعور“ ۽ وري ”لاشعوري نفسياتي عمل“ کي به ساڳي ڳالهه سمجهيو پئي ويو، جيڪو حواسن ذريعي ڇُهي/ محسوس ڪري سگهڻ واري حوالي سان بلڪل غلط آهي. ڪنهن به ناموافق ذهني حالت متعلق طبعي علم جي ماهرن (Physicians) جي ذريعي ڪيل نفسياتي ارتقا جي مشاهدن جو ته سوال ئي نه ٿي اٿيو. طبعي علاج ڪندڙن ۽ زندگيءَ جي حڪمت ۽ ان جا معاملا حل ڪندڙ ماهر (Philosopher) جيڪڏهن رڳو گڏجي ايتري ڳالهه سمجهي وٺن ها ته ”لاشعور جي نفسي/ ذهني عملن“ جو اصطلاح بلڪل درست ۽ ٺوس طريقي سان قائم حقيقت جو تائيدي ثبوت ڏيندڙ اصطلاح آهي، پر طبعيات جي ماهرن شڪ کان رڳو ڪلها لوڏايا هئا، جڏهن انهن کي يقين ڏياريو ويو ته: ”شعور“ نفسي/ ذهني ورهاست ڪندڙ هڪ ڪرداري وصف آهي.“ ۽ جيڪڏهن هو تڏهن ئي زندگيءَ جي حڪمت ۽ ان جا معاملا حل ڪندڙ ماهرن جي قولن ڏانهن ڌيان ڏئي وٺن ها ته انهن کي اهو اندازو به ٿي وڃي ها ته سندن وهنوار ساڳي معاملي سان نه آهي يا علاج جي جن طريقن تي ڪم ڪري رهيا آهن، اهي نفسياتي علم وارا نه آهن. رڳو ذهني زندگيءَ جي هڪڙي اعصابي خلل يا نفسي اوڻائيءَ جو مشاهدو ڪري وٺن ها يا رڳو هڪڙي خواب جي تشريح ڪري وٺن ها ته به منجهن اڏول ويساهه پيدا ٿي پوي ها! جيئن ته اهو معاملو گهڻو مونجهارو پيدا ڪندڙ آهي، پر ساڳئي وقت نهايت سمجهه وارين سوچن جو عملي سلسلو به آهي، جيڪو ڪڏهن به نفسي/ ذهني عملي سلسلن جي عنوان کي رد نه ٿو ڪري، جيڪو ”شعور جي موضوع“ تي مبني هجڻ کانسواءِ ظاهر نه ٿو ٿي سگهي.(1) اهو سچ آهي ته طبعي علاج ڪندڙن، شعور جي انهن عملي سلسلن متعلق نه سکيو آهي، جيسيتائين انهن جي آڏو شعور مٿان پوندڙ اثرن کي نه آڻبو تيسيتائين انهن تي ڪنهن به قسم جو مشاهدو رَسي نه سگهندو. پر اها شعوري ڪوشش، ٿي سگهي ٿو نفسي/ ذهني عملي سلسلي جي ڪرداري وصف کي لاشعور جي عملي سلسلي منجهان ڪنهن ٻئي انداز سان ظاهر ڪري وٺي، ته جيئن اندروني ادراڪ امڪاني طور تي هڪ کي ٻئي جي لاءِ نعم البدل نه بڻائي سگهي.طبعي علاج ڪندڙن کي، شعوري تاثرن کان لاشعوري نفسي/ ذهني عمل طرف، نتيجي اخذ ڪرڻ جي سلسلي ۾ آزادي محسوس ڪرڻ گهرجي. انهن کي اهو به سکڻ گهرجي ته شعوري طور سامهون آيل نتيجو رڳو لاشعوري عمل جي لاڳاپن جو پرانهون نفسي/ ذهني نتيجو هوندو آهي ۽ پويون/ گذريل معاملو پنهنجي اصلي ڪيفيت جيان شعوري نه رهي سگهندو آهي، ۽ ان کان علاوه اهو به سمجهڻ گهرجي ته پويون يا گذريل معاملو وري پيش پڻ ٿيندو آهي ۽ ان جي وجود کان انڪار ڪرڻ جي باوجود ۽ هر صورت ۾ ”شعور“ ڏانهن عمل به ڪرڻ لڳندو آهي.

ذهن جي علائقي ۾ موجود اصلوڪي مقدار کان وڌيڪ شعوري جائداد کي، ڪنهن به درست حوالي سان ممڪن هجڻ کان اڳ ۾ ترڪ ڪري ڇڏڻ به لازمي آهي. ”لپس“ (Lipps- 1897,146) جا لفظ آهن ته: ”لاشعور يقيني طور تي نفسي/ ذهني زندگيءَ کي عام بنيادن تي تسليم ڪندو آهي. لاشعور هڪ تمام وڏو دائرو هوندو آهي، جنهن ۾ شعور جا ننڍا ننڍا دائرا سمايل هوندا آهن. هر شعوري شيءِ کي لاشعوري طور ابتدائي منچ/ تماشاگاهه هوندو آهي، جڏهن ته لاشعور ان منچ تي جيڪو ڪجهه جاري رکي سگهندو آهي، ۽ ان جي باوجود نفسي/ ذهني عمل جي ڪٿيل پوري ملهه وٺڻ جي دعويٰ به ڪندو آهي. لاشعور! هڪ سچي نفسي/ ذهني حقيقت آهي:

”ٻاهرين دنيا جي حقيقت جيان ان جي اندروني ۽ تمام ويجهي فطري نسبت کان اسان تمام گهڻو اڻ واقف رهيا آهيون، اها حقيقت شعور ۾ موجود تفصيل جيان، ائين ئي اڻپوري نموني پيش ٿيندي آهي، جيئن اسان پنهنجي حواسي عضون جي ذريعي ٻاهرين دنيا سان مواصلاتي سلسلي ۾ اڻپورا رهجي ويندا آهيون.“

هاڻي ته شعوري زندگيءَ ۽ خواب زندگيءَ جي وچ ۾ پراڻا متضاد جذبا، لفظ يا قوتون، لاشعور جي نفسي/ ذهني حقيقت جي قائم ٿي وڃڻ سبب، پنهنجي مناسب مقدار ۾ گهٽجي به ويا آهن، ڪيترن ئي خوابن جا مسئلا، ۽ انهن جي تفسيرن تعبيرن سان، جن سان اڳوڻن ليکڪن جا نهايت ويجها ۽ گهاٽا واسطا هئا، انهن جي سڄي ساري اهميت ختم ٿي وئي آهي. بس رڳو چند سرگرميون باقي بچيون آهن، جن جي ڪري به خوابن جي جلد جوش ۾ آيل سلسلي ۾ ڪامياب ڪارڪرگي اڃان حيران ڪندڙ رهي آهي، پر تن جو به هاڻي خوابن سان ديرپا لاڳاپو نه رهيو آهي، پر لاشعوري سوچ! جيڪا ڏينهن جي دوران سرگرم رهي آهي، ان ۾ رات جو گهڻي گهٽتائي ڪا نه ٿي اچي. ”شيرينر“ (Scherner-1861,114) جي چوڻ مطابق ته: ”خواب! بدن جي نمائندگيءَ جي علامتن کي ٺاهڻ ۾ مصروفيت نظر ايندا آهن.

هاڻي اسان اهو ڄاتو ته اهي نمائندگيون، لاشعور جي تصوراتي دنيا جي (جنسي چاهتن مان اخذ ڪيل، ۽ ممڪن هجڻ جوڳي) پرواز جي پيداوار آهن، جيڪي پنهنجي اظهار جو رستو ڳولهينديون آهن، نه رڳو خوابن ۾ پر جنسي بيماريءَ (Hysteria) دوران پيدا ٿيندڙ خوف واري حالت ۽ ڪجهه ٻين علامتن ذريعي به اظهار ڪنديون آهن. جيڪڏهن ڪو خواب ڏينهن وارين سرگرمين تي ڀاڙيندو آهي ۽ انهن کي مڪمل ڪندو آهي ته ڪن تازن ۽ اهم خيالن تي به روشني وجهندو آهي، اسان کي انهن سڀني جي ضرورت پوندي آهي جنهن تي خواب لڪائڻ واري عمل تحت ڪو پردو وجهي ڇڏيندو آهي، اهو خوابي پيداوار جو سلسلو هوندو آهي جو اهو ذهن جي گهرائيءَ مان، مبهم يا اڻ چٽين قوتن جي ذريعي، مددي معاملن جي ڪارگذاريءَ کي بيان ڪندو آهي، جيئن ”تارتينيءَ“ جي خواب ۾ ابليس اچي کيس وائلن تي راڳ جي ڌن ٻڌائي هئي. (1)

ڏاهپ واري ڪارنامي جي ڪاميابي به ساڳي ذهني قوت سبب ٿيندي آهي، جيڪا ڏينهن جو به ساڳي قسم جو نتيجو ڏيندي آهي. اسان جو ڏاهپ ۽ فني پيشڪش جي شعوري ڪرداري وصفن ڏانهن اندازي کان وڌيڪ جهڪاءُ هوندو آهي. تاريخ اسان کي اهڙن چند پيداواري صلاحيتون رکندڙ انسانن جي متعلق ٻڌائي ٿي، جن اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته ڇا ضروري آهي؟ ۽ انهن جي تخليقن ۾ ڪهڙي نواڻ آهي! جيڪا اڳ ۾ رٿيل سوچ کان به اڳ ۾ وٽن آئي هئي، ۽ سڀڪجهه ڄڻ ٺهيل ٺڪيل کين حاصل ٿيو هو. ان ۾ ڪو عجب ڪونهي جيڪڏهن اهڙي ڳالهه ڪنهن ٻئي جي معاملي ۾ ٿئي ٿي. جتي هر ڏاهي جي غور فڪر جو ذهني شعبو اهڙي ضرورت محسوس ڪندو آهي، ته اتي شعوري سرگرمي پڻ پنهنجو حصو ڳنڍيندي آهي، جيڪڏهن اسان خوابن جي تاريخي اهميت متعلق الڳ موضوع ڪري کڻون ته ان مشڪل کي شايد ئي منهن ڏئي سگهجي. هڪ ته لڳي ٿو ته ڄڻ خواب کي! ڪي سردار يا رئيس ڪاروباري سيڙپ جي سلسلي ۾ ڪنهن ڪاميابيءَ جي باهمٿ پيش رفت جي لاءِ کانئس انهن ڪمن ڪرائڻ تي مجبور ڪندا هجن، جيڪي تاريخ کي تبديل ڪري ڇڏيندا آهن.پر اهي رڳو تازو مسئلو اڀاريندا آهن. جيتري قدر خواب جو تعلق آهي ته هن وٽ ذهن جي ٻين واقف قوتن جي ڀيٽ ۾ هڪ عجب جهڙي سگهه هوندي آهي، ۽ پوءِ اهڙو ڪو به مسئلو باقي نه بچندو آهي، جڏهن خواب! انهن چاهتن يا ترغيبن کي تاثرات جي صورت ۾ شناخت ڪرائيندو آهي، جيڪي ڏينهن دوران قوت مدافعت جي دٻاءَ هيٺ رهنديون آهن، پر اهي رات جي وڳڙي ۾ من کي تقويت رسائيندڙ تاثرن جي سگهه کي ڳولهڻ جي به قابل هونديون آهن.(2)

خوابن جو ماضيءَ جي يادگار نشانن ذريعي مانُ ڏيڻ، درست نفسياتي بصيرت تي ٻڌل هوندو آهي ۽ ماڻهوءَ جي دماغ ۾ هٿ نه ايندڙ/ ڇڙواڳ ۽ لازوال قوتن کي عقيدت جو احساس ڏيارڻ هوندو آهي. ۽ روحاني قوت ڏانهن، جيڪا خوابي خواهش کي جنم ڏيندي آهي، ان ۾ اسان پنهنجي لاشعور جي ڪم کي ڳولهيندا آهيون.

اهو سڀڪجهه بنا ارادي جي نه ٿيندو آهي: مان پنهنجي وضاحت ڪيل لاشعور جي ڳالهه ٿو ڪريان. اصل ۾ مان فلسفين ۽ ”لپس“ جي لاشعور کي ساڳئي نموني بيان نه ڪيو آهي، انهن جي لاءِ اهو محاورو رڳو ”شعور“ سان تضاد جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو آهي، جنهن نظريي سان انهن جو اختلاف هو، اهو گهڻي گرميءَ ۽ بچاءَ تي مبني هو، اهي نظرياتي اختلاف ۾ ايترو ته ڪاوڙيل هئا جو ”شعور“ ۾ کانسواءِ انهن جو ”لاشعور جي نفسي/ ذهني عملي سلسلي تي به جهيڙو پئي هليو. ”لپس“ پنهنجي دليل سان ڪجهه شيون اڳڀريون ڪيون ته جيڪو سمورو نفسي/ ذهني عمل، ”لاشعور“ کي وجود ۾ آڻي ٿو ته ان جو ڪجهه حصو ”شعور“ ۾ موجود به رهي ٿو.“ پر ”لپس“ ان نظريي کي ائين ثابت نه ٿو ڪري جيئن، جنهن جو تت اسان خوابن جي حوالي سان ۽ جنسي بيماريءَ (Hysteria) جي علامتن جي بناوٽ بابت منطقي طور تي ڪڍيو هو.

”جاڳ جيون جو عام رواجي مشاهدو ضرورت مطابق، بنا ڪنهن شڪ جي، پاڻ ئي ثابت ڪندو آهي.“

نئين کوجنا ڪرڻ، جيڪا اسان نفسياتي جوڙجڪ جي تشريح جي ذريعي سکيا آهيون ۽ ان نوعيت جي سکيا جي پهرين شاگرد جي حيثيت ۾ مان ائين چئي سگهان ٿو ته: ”خواب حقيقت تي ٻڌل هوندو آهي ته مان اهو به چوان ٿو ته ”لاشعور“ (جيڪو نفسي/ ذهني عمل آهي) ٻن مختلف طريقن سان ڪم ڪندي نظر ايندو آهي، ۽ اهو جيئن عام روزمره زندگيءَ جي معاملن ۾ ڪم ڪندو آهي، تيئن ئي مرض جي حوالي سان به ڪندو آهي.“ اهڙيءَ طرح ”لاشعور“ جا ٻه قسم ٿين ٿا، جن جي متعلق اڃان تائين نفسيات جي ماهرن ڪو فرق ظاهر ڪري نه ڏيکاريو آهي.

اهي ٻئي ”لاشعور“ ئي آهن جيڪي نفسيات جي حوالي سان ئي استعمال ٿين ٿا، پر اسان جي خيال ۾: انهن منجهان هڪڙو، جنهن کي اسان اصطلاحي طور ”لاشعور“ سڏيو، اهو پڻ ”شعور“ جي لاءِ ناقابل شنوائي/ نه ٻڌڻ جوڳو هوندو آهي. ۽ اسان جڏهن ”تحت شعور“ جو اصطلاح ڪتب آڻيون ٿا، ته اهو ان ڪري جو ان ۾ جوش جذبات هوندا آهن. چند اصولن جي مشاهدي ڪرڻ کانپوءِ اهو سچ ثابت ٿيو آهي، ۽ ممڪن آهي ته رڳو تازي/ هلندڙ ڇنڊڇاڻ منجهان لنگهي پار پوڻ کانپوءِ به لاشعور جي قبوليت کانسواءِ ئي شعور تائين پهچڻ جي قابل ٿي وڃون. حقيقت اها آهي ته جذباتي اڀار جو شعور تائين پهچڻ به يقينن هڪ مقرر ٿيل تسلسل جي ذريعي، يا درجي وار ترتيب مقرر ڪندڙ شعبا (جيڪي اسان تي ان ترميم جي ذريعي ظاهر ٿيندا آهن. جن جي ترميم، ڇنڊڇاڻ جي ذريعي ٿيل هوندي آهي) اسان کي ماحولي ڪشادگيءَ متعلق هڪ جهڙائيءَ سان جڙي هلڻ جي لائق بڻائيندا آهن.

اسان انهن ٻنهي سرشتن جي هڪ ٻئي سان تعلق کي واضح ڪري آيا آهيون، ۽ ”شعور“ جي پاسي اهو چئي ته ”تحت شعور جو سرشتو“، ”لاشعور ۽ ”شعور“ جي وچ ۾“ عڪس ڏيکاريندڙ پردي (Screen) وانگر بيٺل هوندو آهي. تحت شعور جو سرشتو رڳو شعور جي رڪاوٽن منجهان لنگهڻ جي ڪوشش نه ڪندو آهي پر اهو ان لنگهه تي به رضاڪاراڻي تحرڪ جي قوت سان قبضو به ڪندو آهي، ۽ متحرڪ مقصد واري قوت جي ورهاست جو، ان جي ان حصي ۾، جنهن کان اسان واقف هوندا آهيون، ”ڌيان“ واري صورت ۾ اڪلاءُ به ڪندو آهي.

اسان کي ”مٿانهين شعور“ (Supraconscious) ۽ ”هيٺانهين شعور“ (Subconscious) ۾ ”فرق واري موضوع“ تي لکڻ کان ضرور پاسو ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اسان جي اڄوڪي دور ۾ نفسيات متعلق تحرير ٿيندڙ ادب ۾ اهي ٻئي اصطلاح تمام گهڻو مشهور آهن. جنهن ۾ اهڙي قسم جو ”فرق“ رڳو شعور جي نفسي/ ذهني عمل جي هڪ جهڙائي تي زور ڏيڻ لاءِ وڏي احتياط سان ڪٿيل/ سوچيل سمجهيل رٿابندي ٿو نظر اچي.(1)

هاڻي جيڪا شيءِ باقي رهي ٿي اها آهي: ”محسوس ڪندڙ عضون“ بابت نفسي/ ذهني عملي لياقتن جو ادراڪ.“ تصويري رٿا (Schematic Picture) ذريعي ڪيل ڪوشش مطابق اسان رڳو” شعوري ساڃاهه“ بابت هڪ خاص عملي سرشتي جي درست ڪم جي وضاحت پئي ڪئي، ۽ ان لاءِ شعور (Cs) جو مشاهدو بلڪل درست نظرآيو. ان جي ٺوس اثاثي ۾ اسان ان کي خوبين جي ذريعي، جذبات جي اثر پذيريءَ وانگر ”ساڃاهه واري سرشتي“ (Pcpt) سان ملندڙ جلندڙ سرشتو ٻڌايو، پر مٽ سٽ جي ذهن نشين ٿيل نقشن/ نشانن ۾ ڪمزوريءَ سبب چيوسين ته انهن وٽ پوري يادگيري نه هوندي آهي. نفسي/ ذهني عملي سرشتو جيڪو پنهنجي ”ساڃاهه واري سرشتي“ جي حواسي عضون سان ٻاهرين دنيا جي پاسي رخ ڪندو آهي، اهو پاڻ شعور (Cs) جي حواسي عضون ذريعي ٻاهرين دنيا سان لاڳاپيل هوندو آهي، جنهن جو ترتيبي/ ترڪيبي جواز انهن ئي حالتن ۾ رهندو آهي.

هتي اسان هڪ ڀيرو ٻيهر اختياري شعبن جي ڪيل درجي بندي واري اصول سان ملنداسين، جيڪو ان سموري سرشتي جي جوڙجڪ تي حڪمراني ٿو هلائي. جذباتي مواد ٻن پاسن کان شعوري حواسي عضون ۾ بنا رنڊڪ جاري رهندو آهي، هڪ ”ساڃاهه واري سرشتي“ جي، جنهن جا جذباتي اڀار ان جي گڻن جي ذريعي طئي ٿيندا آهن، اهو ممڪن هجڻ جوڳي ”تازي نظرثاني“ سندس سامهون رکندو آهي، جيڪا شعوري صلاحيت وارو احساس ٿي پوندي آهي، ۽ جنهن جا مقداري عمل به صلاحتي احساس رکندڙ هوندا آهن، اهي سرشتي منجهان اندران پاڻ ئي، راحت ڏيندڙ يا بيچين ڪندڙ سلسلو بڻجي پوندا آهن، تڏهن ڪجهه طئي ٿيل ترميمن جي حوالي سان، اهي پنهنجو رستو شعور جي پاسي ٺاهي وٺندا آهن.

اهي فلسفي! جيڪي انهن عقلي ۽ گهڻن منجهيل خيالن جي جوڙجڪ کان واقف آهن انهن لاءِ، شعور تي ذميداري رکڻ کانسواءِ شعور جي ڪنهن حصي ۾ پيدا ٿيندڙ مشڪل کي ڳولهڻ ممڪن آهي. انهن کي ڏيکاري سگهجي ٿو ته اهو مونجهارو پيدا ڪندڙ نفسي/ ذهني عمل، اجايو يا فالتو انداز ۾ اولڙو ڪندڙ تصوير کان گهڻو وڌيڪ نه ٿو ٿي سگهي. ٻئي طرف اسان پنهنجي شعوري سرشتي ۽ ادراڪي سرشتي جي وچ ۾ هڪ جهڙائي پيدا ڪندڙ انهيءَ پريشانيءَ يا ذهني انتشار کان بچيل آهيون. اسان ڄاڻون ٿا ته اسان جي حسي عضون جي ادراڪ جي نتيجي ۾، جذبات تي غور ڪندڙ ذهني قوت، انهيءَ ئي پيچري سميت رخ ڪندي آهي، جنهن منجهان آيل، حواسن جي جذباتي ڪيفيت ڦهلجڻ لڳندي آهي: ”ساڃاهه واري سرشتي“ (Pcpt) جي ڳڻن ڀري ”جذبات“! نفسي/ ذهني سرشتي ۾ متحرڪ مقدار جي نيڪال جي نگرانيءَ جو ڪردار ادا ڪندي آهي. اسان ساڳيو عمل، شعور (Cs) جي حسي عضون جي ڍڪي ڇڏڻ سان به منسوب ڪري سگهون ٿا: چند نيُن صلاحيتن کي ساڃاهڻ جي ذريعي، جيڪو جذباتي ذميداريءَ جي متحرڪ مقدار جي رهنمائيءَ لاءِ هڪ نئون حصو جوڙيندو آهي ۽ انهن کي گهربل نتيجي لاءِ فائديمند مصلحت سان ورهائيندو آهي. ان وڻندڙ يا اڻوڻندڙ ساڃاهه جي مدد جي ذريعي، اهو جذبات جي نتيجي ۾ خارج ٿيندڙ قوت تي اثرانداز ٿيندو آهي، نه ته ٻي صورت ۾ صلاحيتن کي غائب ڪرڻ، ”لاشعوري سرشتي“ جو ڪهڙو مقصد آهي! اهو ائين ممڪن ٿو لڳي ته پهرين ڀيري ۾ ناخوشگواري يا تڪليف پيدا ڪندڙ اصول، جذباتي نتيجي ۾ خارج ٿيندڙ قوت کي پاڻمرادو غائب ڪري ڇڏڻ جي نگراني ڪندو هجي، پر اهو به ممڪن آهي ته انهن صلاحيتن جو شعور مددي ۽ وڌيڪ تفاوتي نگرانيءَ هيٺ ڪجهه ٻيو متعارف ٿيندو هجي، ۽ پوئين/ گذريل جي مخالفت جي قابل پڻ هجي، ۽ جيڪو پنهنجي لياقت تحت سرشتي جي قابليت تي پورو لهندو هجي، ان جي اصلوڪي منصوبي جي تضاد ۾، نفسياتي قوت حاصل ڪرڻ ۽ ان تي ڪم ڪرڻ ته ناخوشگواريءَ جو اخراج ڪنهن سان لاڳاپيل آهي!

اسان اعصابي مونجهارن بابت نفسياتي تعليم منجهان سکيو آهي ته نگراني ڪندڙ يا ضابطو رکندڙ عملي سلسلو، حواسي عضون جي صلاحيتن جي حامل جذبن کي کڻي اچڻ جي ذريعي، سرشتي جي  عملي سرگرميءَ ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪندو آهي. ناخوشگواريءَ جي ابتدائي اصول جي پاڻمرادو مٿڀرائي ۽ نتيجي ۾ اهليت تي مڙهيل پابنديون، حواسي/ دماغي طريقي جي باقاعدي نگرانيءَ جي ذريعي مداخلت ڪنديون آهن، اهي پاڻ کي پنهنجي ليکي ئي تحرڪ ۾ تبديل ڪنديون آهن. اسان ڏٺو ته ”واپسيءَ وارو عمل“ (Regression) يادگيرين تي اثرانداز ٿئي ٿو، جيڪو، جيتوڻيڪ هڪ ڪارائتي خدمت سرانجام ڏيڻ سان شروعات ڪري ٿو، بنيادي طور تي ڪنهن لاڙي، جذبي يا سوچ کي روڪيندڙ ذهني عمل يا ذهني ضابطي تحت ٿيل نقصان جي اڳواڻي ڪندو آهي، اهو ادراڪ کان گهڻو وڌيڪ ۽ آسانيءَ سان سامهون آيل نتيجو ظاهر ڪندو آهي، ڇاڪاڻ ته پويان کان ئي نفسي/ ذهني حواسي عضوا (Psychial Sense- Organs)، کيس جذباتي نتيجو ڏيندڙ قوت وڌيڪ پهچائي نه سگهيا هئا. هڪ پاسي اهو سچ آهي ته هڪ ”خيال“، جيڪو محفوظ ٿيڻ کان رهجي ويندو آهي ته اهو شعور ۾ به اچي نه سگهندو آهي، ڇاڪاڻ ته ان جو دٻاءَ، ضبط (Repression) کي ڀوڳيل برداشت ڪيل هوندو آهي، پر ٻئي پاسي ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ان قسم جو ”خيال“ رڳو دٻيل ئي هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪجهه ٻين سبب جي ڪري شعوري ساڃاهه منجهان پاسيرو ٿي ويندو آهي. هتي ڪجهه ان قسم جا اشارا آيا آهن جن مان اسان، پنهنجي علم علاج جي (Therapeutic) طريقي جو فائدو وٺندي ضبط، روڪ، دٻاءَ جو خاتمو ڪري سگهون ٿا، جنهن کان اسان اڳي ئي گهڻا متاثر ٿيل آهيون.

جذباتي حملي کي وڌيڪ اڀاريندڙ ذهني سگهه (Hyper Cathaxis) جنهن جي متحرڪ منصوبابندي، نگران شعوري/ حسي عضون جي اثر پذيريءَ سبب، ان جي لياقتن جي نئين سلسلي جي ”تخليقي حقيقت“ ٿيندي آهي، جنهن جي ڪري باقائدي ضابطو رکندڙ نئون عمل، جيڪو ماڻهن جي جانورن کان اشرف هجڻ طرف اصولي شڪل ۾ ڍانچي ٺاهڻ جي ڀيٽ ۾  پنهنجي قدرتي مظهرن، علامتن ۽ مقصدن سان واسطو رکندڙ (Teleological) نقطه نظر کان، تفسير يا وضاحت سٺي نموني نه ڪري سگهندو آهي. منجهن خيالن جو عملي سلسلو خوشيءَ يا غم واري، جذباتي اڀار لاءِ ڳڻن کانسواءِ هوندو آهي، جيڪو ساڻن همنوا ٿيندو آهي ۽ جيڪو پنهنجي منجهائيندڙ ممڪن تاثرات جي حوالي سان سوچ مٿان يقيني حدن اندر جاري رهندو آهي. ان حوالي سان ته جيئن خيالن جا اهي عملي سلسلا صلاحيت حاصل ڪري سگهن، اهي انسان ذات سان زباني/ واتين ويڻي يادگيرن ذريعي سلهاڙيل هوندا آهن، جن جي ڳڻن جي باقيات، انهن ڏانهن شعور جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ڪافي هوندي آهي، ۽ سوچن جي سلسلي کي، شعور منجهان جذباتي نتيجي ۾ خارج ٿيندڙ هڪ نئين متحرڪ قوت حوالي ڪندي آهي.

شعور جي مسئلن جي سموري جهجهائي، رڳو هيسٽيريائي خيالن جي تجزيي جي ذريعي جهلي سگهجي ٿي. انهن جو هڪڙو تاثر (Impression) ته اهو ملندو آهي ته جيئن تحت شعور منجهان، شعوري طور غور فڪر جي نتيجي ۾ استعمال ٿيندڙ قوت جي ڦير گهير جي عمل جي نشاندهي، ڇنڊڇاڻ جي ذريعي ٿيندي آهي، تيئن لاشعور (Ucs) ۽ تحت شعور (Pcs) جي وچ ۾ به ٿيندي آهي، پر اها ڇنڊڇاڻ رڳو انهيءَ اهليت واري حد اندر حرڪت ۾ ايندي آهي ته جيئن گهٽ شدت وارن خيالن جو ڍانچو جان ڇڏائي نڪري وڃي.

هر قسم جا ممڪن مثال ڏئي سگهجن ٿا ته ڪو خيال شعور مان پاسو ڪري ڪيئن ٿو نڪري وڃي! يا ان کي ڪجهه پابندين تحت، شعور ڏي اماڻڻ لاءِ ڪيئن ٿو زور ڀريو وڃي! اهي به اعصابي خلل/ نفسي اوڻائيءَ واري منطقي تشريح جي بنيادي تاڃي پيٽي ۾ شامل ڏٺا ويا آهن: ۽ اهي سڀئي، ڇنڊڇاڻ ۽ شعور جي وچ ۾ تمام گهڻي ويجهڙائيءَ ۽موٽ ۾ نڀائيندڙ ساٿ واريون نشانيون آهن.(1) مان ان نفسياتي پاڇولن متعلق آخر ۾ ٻه مثال پيش ڪندس.

گذريل سال مون کي، هڪ ذهين ۽ بي فڪر قسم جي ڇوڪريءَ جي تپاس متعلق مشوري لاءِ سڏيو ويو هو، ڇوڪري نهايت عجب ۾ وجهندڙ لباس پاتو هو، جڏهن ته اصول اهو آهي ته عورت جو لباس به تفصيلي مطالعي لاءِ غور طلب هوندو آهي. هن هڪ ته پکين جي رنگين کنڀن وارا ڪپڙا پاتا هئا، مٿان سيني وارا ٻيڙا به بند ٿيل ڪو نه هئس. هن کي ڄنگهن ۾ سور جي شڪايت هئي، ۽ چوندي ئي هن پنهنجي ڄنگهه جي وچين حصي (Calf) وٽان ڪپڙو مٿي ڪري ڏيکاريو. اصل ۾ هن کي جيڪا تڪليف هئي، اها سندس بدن جي اندر ڪنهن شيءِ جي چنبڙڻ ۽ اڳتي پوئتي ٿيندڙ ڪنهن شيءِ متعلق هئي، جنهن جي ڪري کيس چڪر پئي آيا، ڪڏهن ڪڏهن سندس سمورو جسم آڪڙجي ٿي ويو. منهنجو هم پيشه ساٿي، جيڪو ان چڪاس دوران مون سان گڏ هو، منهنجي منهن ۾ نهارڻ لڳو، هن کي سندس تڪليف کي سمجهڻ ۾ ڪا دشواري ڪا نه پئي ٿي. پر جنهن حقيقت اسان کي حيرت ۾ پئي وڌو اها اها هئي ته ان ڇوڪريءَ جي ماءُ کي ڪا به پريشاني ڪا نه هئي، ڇاڪاڻ ته ڇوڪريءَ اهو سڀڪجهه پاڻ پئي ٻڌايو، ۽ ان دوران ان عورت ڪجهه به نه ڳالهايو. ان معاملي ۾ اهو ممڪن هو ته ڇنڊڇاڻ جو عمل، ڪنهن تصوراتي معاملي تي راضي ڪرڻ واري طريقي سان کيس بيوقوف بڻائيندو هجي، جيڪو عام طور تي تحت شعور ۾ ڪنهن به خلل يا خرابيءَ کانسواءِ جاري رکندو آهي ۽ نهايت معصوم طريقي سان اصل حالت کي لڪائي، شعور ۾ داخل ڪندو آهي، جنهن جي ڪري ماڻهو ۾ شڪايت جو پيدا ٿيڻ ممڪن ٿي پوندو  آهي.

هي هڪڙو ٻيو مثال آهي:

چوڏهن سالن جي عمر وارو هڪ ڇوڪرو تحليل نفسيءَ ذريعي ٿيندڙعلاج جي سلسلي ۾ مون وٽ آيو، جنهن کي مشڪن جي ڇڪ، پَٺن ۾ مروڙ (Tic- Convulsion) جنسي بيماريءَ واريون الٽيون، مٿي جو سور وغيره جي شڪايت هئي.

مون سندس علاج شروع ڪيو ۽ کيس يقين ڏياريو ته پنهنجون اکيون بند ڪري ۽ جيڪي تصويرون ڏسي يا سندس ذهن ۾ جيڪي خيال اچن، انهن متعلق مون کي ٻڌائيندو هلي ته جيئن مان علاج بابت سوچي سگهان. پوءِ هو مون کي تصويرن ذريعي ٻڌائڻ لڳو.

مون ڏي اچڻ کان اڳ هن جو آخري تاثر سندس يادگيريءَ منجهان تصويري انداز ۾ ورجائجي آيو. هن پنهنجي چاچي سان گڏ چوپڙ راند پئي کيڏي، هن پنهنجي سامهون چوپڙ راند وارو ڪپڙو وڇايل ڏٺو، هن کي راند جا مختلف انداز ۽ بار بار پاسا بدلائڻ نظر آيا، ڪڏهن خوش ته ڪڏهن بيزاري ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ڍاري جي چال تي ڪاوڙ. پوءِ هن چوپڙ واري ڪپڙي تي خنجر پيل ڏٺو، جنهن لاءِ هن جو خيال هو ته اهو سندس پيءُ جو هو، پر پوءِ به هن جو ڌيان چوپڙ واري ڪپڙي تي ڄميل رهيو. پوءِ هن ان ڪپڙي تي ڏاٽو پيل ڏٺو، ۽ ان کانپوءِ ڪوڏر ڏٺي. پوءِ هن جي اڳيان هڪ پوڙهي هاريءَ جي تصوير آئي، جنهن جي هٿ ۾ ڪوڏر هئي ۽ سندس گهر کان ٿورو پرڀرو گاهه جي مٿان وڃي رهيو هو.

ڪجهه ڏينهن کانپوءِ مون هن جي ڏٺل تصويري سلسلي جو مطلب ڪڍيو. ڇوڪرو پنهنجي خانداني ناخوشگوار حالتن سبب پريشان هو، هن جو پيءُ طبيعت ۾ سخت مزاج هو، پنهنجي ڪمن ۾ برجستو هو، پر ان ڇوڪري جي ماءُ سان شاديءَ جي سلسلي ۾ ناخوش هو، ڪاوڙ ۾ تپي ڳاڙهو ٿي ويندو هو، ٿوري ٿوري ڳالهه تي هُل هنگامو ڪندو هو، ۽ آخرڪار هن، ان عورت کي طلاق ڏئي ڇڏي هئي، ۽ هڪ نرم نازڪ ۽ پيار ڪندڙ جوان عورت سان شادي ڪئي هئي، ائين هوءَ هن ڇوڪري جي نئين ماءُ بڻجي وئي هئي ۽ اهو سڀڪجهه هن چوڏهن سالن جي ڇوڪري جي بيمار ٿيڻ کان ڪجهه عرصو اڳ ٿيو هو. هن جي اندر ۾ پنهنجي پيءُ لاءِ دٻيل ڪاوڙ سندس ذهانت واري تاثر سبب تصويري سلسلي ۾ جڙي وئي هئي، جنهن جو متن، سندس ڏندڪٿائن وارين يادگيرين ذريعي مهيا ٿيل هو. هڪڙو ”ڏاٽو“ ته اهو هو، جنهن سان ”زيوس ديوتا“ (Zeus) پنهنجي پيءُ کي خصي ڪري ڇڏيو هو، ۽ ”ڪوڏر ۽ پوڙهي هاريءَ جي تصوير“ ”ڪرونس“ (Kronos) (1) جي نمائندگي پئي ڪئي، ان پوڙهي فساديءَ (ڪرونس) جي، جنهن پنهنجي ٻارن کي ڳهي ڇڏيو هو، جنهن تي زيوس اهڙي لاپرواهه ”پيءُ“ سان پلاند ڪيو هو (ڏسو باب پنجون: ”خوابن جو مواد ۽ ماخذ“ حصو چوٿون: ”مثالي خاص قسم جا خواب“ ص: 404).

هن مريض ڇوڪري جي پيءُ کي شاديءَ کانپوءِ ٻار ڄائو هو، هن جي ذهن ۾ پنهنجي پيءُ واري خراب رويي جو ردعمل هن پنهنجي جنسي تباهيءَ سان پئي ڏنو، چوپڙ راند ”کيڏڻ“ سندس جنسي عضوي سان کيڏڻ جي علامت آهي. هن معاملي ۾ تمام پراڻيون دٻيل ياد گيريون اڳتي ايندي نظر اچن ٿيون، جيڪي به لاشعور منجهان، بي مقصد تصويرن جي هڪ چوواٽي تان ترڪي شعور ۾ آيل آهن.

اهڙيءَ ريت مان ان نفسياتي معلومات کي، (خوابن جي نظرياتي اهميت بابت مددي اڀياس کي ان ابتدائي روشنيءَ ۾ ڏسڻ ٿو چاهيان)، جيڪا نفسي اوڻائي يا دماغي خلل (Psychoneurosis) جي مسئلن تي پوي ٿي، پر ڪير ان جي نتيجي جي اهميت جو اندازو لڳائي سگهي ٿو جيڪا ”ذهني سرشتي جي جوڙجڪ“ پنهنجي سموري عملي سلسلي کان حاصل ٿي سگهي ٿي! هيل تائين اسان تائين پهتل تازي معلومات ڇا اسان کي اجازت نه ٿي ڏئي ته اسان دوائن جي وسيلي علاج جي علمي سهوليت ۽ اهليت جي حوالي سان، نفسي اوڻائي يا دماغي بيماريءَ کي علاج لائق بنائڻ تي زور لڳائي سگهون؟

پوءِ هن اڀياس جي عملي اهميت ڪهڙي هوندي؟

مان اهڙا سوال اڀرندي ٻڌان ٿو!

دماغ جي عملي سلسلي کي سمجهڻ لاءِ حاصل ڪيل وسيلن بابت، ماڻهوءَ جي انفرادي، لڪل ڪرداري وصفن طرف؟

ان اڀياس جي ڪهڙي اهميت هوندي؟

ڇا! خوابن جي ذريعي ظاهر ٿيندڙ لاشعوري چاهتن جي حقيقي جوش جو، ذهني زندگيءَ ۾ ڪو اهم ڪردار نه آهي؟

ڇا! دٻجي ويل خواهشن جا به ڪي اخلاقي قدر يا مطلب نه آهن؟ جيڪي انهن خواهشن تي روشني وجهن ٿا، جيڪي خوابن ۾ اڳڀرائي ڪن ٿا، ۽ ٿي سگهي ٿو اهي ڪنهن ڏينهن ڪنهن ٻي شيءِ ڏانهن اڳڀرائي ڪري وڃن؟

انهن سوالن جي جوابن ڏيڻ لاءِ مان پاڻ کي منصف نه ٿو سمجهان، مون کي خوابن جي انهن مسئلن طرف وڌيڪ غور ڪرڻو نه آهي. مان بهرحال اهو سوچيان ٿو ته روم جو شهنشاهه غلطيءَ تي هو، جڏهن هن پنهنجي ڪيترن موضوعن منجهان هڪڙي جي تعميل ڪئي هئي، ڇاڪاڻ ته هن خواب ڏٺو هو ته ڪو شخص بادشاهه کي قتل پيو ڪري (ڏسو باب پهريون: ”خوابن جي مسئلن سان سائنسي ادب جو رويو/ تعلق“، حصو ڇهون: ”خوابن ۾ اخلاقي شعور“ ص: 126). هو پهرين ته ان ڳالهه کي ڳولهيندو هو ته سندس خواب جو مطلب ڇاهي، پر گهڻو ڪري ان خواب جي اها معنيٰ نه هوندي هئي جيڪا کيس نظر ايندي هئي، يا هو سمجهندو هو. ان جي ڪري هو رڳو ماڻهن کي پيو مارائيندو هو. پر جيڪڏهن خواب ڪنهن ٻئي متن جو هجي ها ته به روم جو شهنشاهه پنهنجي معنيٰ جي لحاظ کان ذاتي زندگيءَ ۾ عملي طور گهٽ انصاف وارو هو.

ڇا اسان جي پنهنجي دماغ کي ”پلئٽو“ (Plato) جو قول ڪو سهارو نه ٿو ڏئي سگهي، جيڪو چوي ٿو ته: ”وڏين خوبين وارو (صالح، پارسا) ماڻهو خواب جو مواد جوڙيندو آهي، ۽ بڇڙو (بدڪار) ماڻهو خوابن ۾ به اها ئي بدڪاري ڪندو آهي، جيئن هو حقيقت ۾ هوندو آهي.“ مان سمجهان ٿو ته اهو مثال، بهرحال خواب جي ورتاءَ کي سمجهڻ لاءِ بي مثال آهي.

ائين ته نه آهي ته اسان لاشعوري خواهشن جي حقيقت سان واڳيل آهيون! مان چئي نه ٿو سگهان: خيالن جي هڪڙي حالت مان ٻي حالت ۾ وڃڻ/ مٽ سٽ جي عمل يا وچولي قسم جي سوچن جي ڪري مان يقينن ان جي ترديد ڪندس. جيڪڏهن اسان لاشعوري خواهشن ڏانهن، انهن جي سچي ۽ بنيادي شڪل ۾ گهٽجي وڃڻ واري صورت کي ڏسنداسين ته اسان ان نتيجي تي ضرور پهچنداسين. ان ۾ شڪ نه آهي ته نفسي/ ذهني حقيقت جي، ”وجود“ جي هڪ مخصوص شڪل آهي، پر ان لاءِ مادي حقيقت“ (Material Reality)واري سلسلي ۾ منجهڻ نه گهرجي.(1)

اهڙيءَ ريت ماڻهن کي، پنهنجي خوابن جي لافاني هجڻ جي ذميداري قبول ڪرڻ لاءِ غير رضامندي يا مخالفت جو ڪو جواز نظر نه ٿو اچي. جڏهن ته ذهني سرشتي جي ڪم ڪرڻ جو ڍنگ، شعور ۽ لاشعور جي وچ ۾ صحيح نموني جي هم آهنگي پيدا ڪرڻ آهي، هو احساس جي اثر هيٺ سدائين خبردار رهندو آهي ۽ شانائتي قدرداني ڪندو آهي، ۽ اسان جي خوابن ۾ جيڪي اخلاقي لحاظ کان، وڏن عيبن هاڻا حصا ۽ تصور پيش ٿيندا آهن، انهن کي خارج ڪرڻ ۽ ڪٿي غائب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ان سلسلي ۾ ”هنس سئش“ (Hans Sachs- 1912,569) جو چوڻ آهي ته: ”جيڪڏهن اسان پنهنجي شعور ڏانهن ڏسنداسين ته اسان کي لڳندو ته اهو پنهنجي خوابن جي ذريعي اسان کي، اسان جي همعصر (حقيقي) صورتحال متعلق ٻڌائيندا آهن، اسان کي اهو معلوم ڪرڻ لاءِ ان تي اچرج کائڻ نه گهرجي ته خواب ۾ ڏٺل ڪنهن قداور ديوَ کي ڏسون ته تشريح لاءِ آتشي شيشا کڻي ويهي ان کي ڳولهڻ ۽ ان جي جاچ پڙتال ڪريون.(1)

عملي ۽ شعوري طور اظهاريل خيال يا اصول، ماڻهوءَ جي ڪردار متعلق فيصلي ڪرڻ جي عملي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪافي هوندا آهن. ”عمل هميشه پهرين پرکبا آهن“:  ڪيترين ئي دلي چاهتن لاءِ، جيڪي شعور منجهان پنهنجو رستو تلاش ڪنديون آهن، جن کي ذهني زندگيءَ جون حقيقي قوتون نصيب نه ٿينديون آهن ۽ ائين اهي نسرندي ئي فنا ٿي وينديون آهن. حقيقت اها آهي ته اهڙيون دلربايون پنهنجي اڳڀرائيءَ ۾، ڪنهن نفسي/ ذهني رنڊڪن سان ميل نه کائينديون آهن، ان ڪري ته لاشعور يقيني هوندو آهي ته اهي ڪنهن نه ڪنهن مهل يا حالت ۾ ضرور رڪجي وينديون. اهو هر صورت ۾ هدايت يا ڄاڻ ڏيندڙ هوندو آهي، گهڻي لتاڙجي ويل ٻنيءَ تي ٻيهر ڌيان ڏيڻ لاءِ، ته جيئن ان منجهان اسان جون خوبيون فخر سان بهار جي گلن جيان مهڪڻ لڳن. ائين ڪڏهن ڪڏهن ٿيندو آهي جو ماڻهو پنهنجي ماضيءَ جي اخلاقيات جي وچ ۾، ڪنهن سامهون آيل سادي متبادل چونڊ تي يقين جي باوجود پنهنجي ڪرداري مونجهاري سبب سرگرم يا ولولو پيدا ڪندڙ قوتن جي ڪري، هِتي هُتي پيو نهاريندو آهي.

۽ اسان لاءِ ايندڙ وقت جي معلومات ڏيڻ جي حوالي سان ”خوابن جي اهميت“ ڪهڙي هوندي؟ يقينن ان جو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي (ڏسو باب پهريون: ”خوابن جي مسئلن سان سائنسي ادب جو رويو/ تعلق“ ص: 32) ته اهو ڪا سچي چوڻ بجاءِ اسان کي ايندڙ وقت جي ڪا ڄاڻ ضرور ڏيندو.(1)

خواب پنهنجي پراڻن زمانن کان وٺي سفر ڪندو رهيو آهي، ان جي باوجود آڳاٽو عقيدو ته: ”خواب وقت کان اڳ ۾ يعني مستقبل جي متعلق اڳڪٿي ڪندڙ هوندا آهن ته ان سچ کي رد نه ٿو ڪري سگهجي. پر هي مستقبل! جيڪو اڄوڪين خوابي تصويرن کي لافاني يا لازوال خواهش جي ذريعي ماضيءَ جي ڀرپور پسنديدگيءَ تحت پيش ڪري ٿو.

بيدل مسرور بدوي

بيدل مسرور هڪ آرٽسٽ آهي، هڪ ليکڪ، هڪ راڳي، حفيظ شيخ تي لکيل هن جو پورٽريٽ ”اولڙا اولڙا- زندگي اولڙا“ سنڌي ادب جي هڪ اهم تحرير آهي. حفيظ شيخ جي حوالي سان، اهڙي تحرير اڄ تائين نه لکي وئي آهي. مون ان کي ”مهراڻ“ ۾ ڇپيو هو. ان تي مون کي فخر آهي.

هڪ ليکڪ طور بيدل مسرور جي ڪرئڊٽ تي ڪهاڻيون، ناول، ناوليٽ، ڪالم ۽ تحقيقي مضمون آهن. ان ڏس ۾ ”ڪلياتِ مسرور“ جو مثال ڏئي سگهجي ٿو. بيدل مسرور جو، سنگيت جي حوالي سان، لطيف سائينءَ جي ڪلام کي نوٽيشن تي آڻڻ به هڪ اهم ڪارنامو آهي، جيڪو اڃا منظرعام تي نه آيو آهي.

بيدل مسرور هڪ پيدائشي آرٽسٽ آهي، هڪ گُني ڳائڻو آهي، خاص ڪري هن جديد شاعريءَ کي جيئن ڳايو آهي، ان سان جديد سنڌي شاعريءَ کي وڏي وسعت ملي آهي ۽ اها انهن ماڻهن تائين به پهتي آهي، جيڪي پڙهي نه ٿا ڄاڻن. هن منهنجا به ڪيترا ڪلام ڳايا آهن.

شاعريءَ ۾ به بيدل جي پنهنجي پسند آهي، هن جي ڳائڻ جو پنهنجو انداز آهي. بيدل ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙي ڏکئي فارميٽ کي ڳائڻ لاءِ چونڊيندو آهي ۽ ان کي جيئن نڀائيندو آهي ته ان تي حيرت ٿيندي آهي!

اياز جو مشهور نظم ”مان ڏوهي هان!“ هن ڏاڍي جذبي سان ڳايو آهي، ان ۾  ڪوبه شڪ نه آهي اياز جيڪي ڪجهه لفظن ۾ چيو آهي، بيدل جي سُرن ان کي ”دوآتشه“ ڪري ڇڏيو آهي- ان چوڻ ۾ به وڌاءُ نه ٿيندو ته هن جيڪي ڪجهه به ڳايو آهي، اهو جذبي سان ئي ڳايو آهي.

بيدل نه رڳو راڳي آهي، پر سنگيتڪار به آهي. هو ڪلام جي ڌُن به پاڻ ٺاهيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن مان کيس چوندو آهيان ته توهان ٻئي جي ڪمپوزيشن ۾ به ڳايو! پوءِ سوچيندو آهيان ته ”اهو ٻيو“ ڪمپوزر سنڌ ۾ آهي ڪٿي؟! ڪاش! اهو منهنجو سپنو ساڀيان بڻجي! پر شايد اهو ”ٻيو“ به هو پاڻ ئي آهي!

امداد حسيني

21- جولاءِ 2003ع

 


 

(1)  ”الفونس ڊائوڊيٽ“ (Alphonse Daudet) جي ڪهاڻي ”لي نباب“ (Le Nabab) جي نالي جي متعلق فرائيڊ پنهنجي ڪتاب: ”روزاني زندگيءَ جا نفسياتي علاج“ جي پهرين مسودي جي باب ستين ۾ بحث ڪيو آهي.

(1)  جرمني زبان ۾ اهو لفظ Instanzen استعمال ڪيل آهي، جنهن جي ادبي معنيٰ واقعا/ موقعا آهي. ”موقعو/ واقعو ”پهرين انصاف“ واري معنيٰ ۾ اصطلاحي طور استعمال ٿيندو آهي.

(1)  عصبي اضافي گرماڻ: اڻ چٽو يا ٻن کان وڌيڪ معنائون رکندڙ اصطلاح آهي. اهو گهڻو ڪري تعميري خيال کان استعمال ٿيندو آهي، يعني ڪجهه تنتن جي اندروني چرپر يا بدن جي حصن جي ”عضوياتي ورڇ“، يا تنتي سرشتي جي قوت جي نشريات (ان تازي واقعي جيان) خاص طور مرڪزي عضوي کان نيڪال ڪندڙ يا اتان آڻيندڙ نظام آهي.

(1)  حاشيو 1925 ۾ شامل ٿيل آهي: مون هيل تائين اهو مشورو پئي ڏنو آهي ته شعور اصل ۾ يادگيرين جي نقش قدم جي عيوض اڀرندو آهي، ان لاءِ ڏسو منهنجو مضمون: مافوق الفطرت لکڻيون (Mystic writing- pad, 1925)، ۽ ”مسرت واري اصول جي ٻئي پار“ (Pleasure 1920 Principle)، يادگيرين متعلق هي هاڻوڪو سمورو بحث، فرائيڊ جي ”خطن“ مان، انهن ٻنهي ٽڪرن کي پڙهڻ سان وڌيڪ چٽو ٿي سگهي ٿو. پر ان موضوع تي اڃان به وڌيڪ ”فليس“ سائنسي نفسيات“ ۾ لکيو آهي.

(1)  شعور کان پهرين سوچن يا خيالن لاءِ استعمال ٿيندڙ اصطلاح، جنهن کي ”تحت شعور“ به چيو ويندو آهي، يعني شعور جو اهو حصو جنهن ۾ جذبن ۽ يادن جو سلسلو روان دوان هوندو آهي، ان حوالي سان جيڪي ڪجهه ”لاشعور“ (Unconsious) ۾ هوندو آهي، اهو به شعور ۾ اچڻ لاءِ هميشه تيار رهندو آهي.

(2)  هي حاشيو 1919ع ۾ شامل ڪيل آهي: اسان جيڪڏهن نفسياتي ڪاروهنوار هلائيندڙ سرشتي جي رٿا وارو تصوري خاڪي (Schematic Picture) لاءِ اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪنداسين، جنهن ۾ حقيقتن ۽ اصولن جو مجموعو، لڪيرن جي طريقي وانگر ورثي کي ترتيب ڏيندو آهي، اسان رڳو ان حقيقت تي انحصار ڪندا آهيون ته سرشتو، ادراڪ جي پهچ کان گهڻو پري هوندو آهي، ۽ اهو ادراڪ ئي هوندو آهي جنهن ۾ ”شعور“ پاڻ کي ان جي حوالي ڪري ڇڏيندو آهي. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته ”ادراڪ“ جو مطلب ”شعور“ آهي. (ان حوالي سان فرائيڊ وڌيڪ بحث پنهنجي هڪ مضمون: ”آپي“ (Ego) ۽ ”هستيءَ“ (Id) ۾ ”ذهن جي نفسياتي سرشتي جو تصوري خاڪو“  (Schematic picture of the mind in the Ego and the Id, 1923) ۾ آندو آهي، ۽ ان کي ٻيهر نيون تعارفي تقريرون“ (New Introductory lectures-1933)  ۾ آندو آهي، جنهن ۾ وڌيڪ زور ”رواجي يا مخصوص عمل“ جي بجاءِ جوڙجڪ“ تي ڏنل آهي.

(1)  حاشيو 1914 ۾ شامل ڪيل: خوابن جي زوال پذير هئڻ جي حقيقت متعلق پهريون ڀيرو تيرهين صديءَ جي علمي نظرياتي ليکڪ ”البرٽس مئگنس“(Albertus Magnus) جو هڪڙو اشارو سندس تحرير: ”من ۾ خيالن جي اچڻ جو عمل“ (Imaginatio) ۾ ملي ٿو. هو ٻڌائي ٿو ته: ”ماڻهن يا شين جي ڌيان ڇڪائيندڙ عمل يا جذبن سبب پيدا ٿيندڙ احساسي تحرڪ ۽ مشڪن جي چرپر جي گڏ ٿيل تصور ذريعي خواب جُڙندا آهن، ۽ انهن جو عمل، جاڳ جيون واري حالتن منجهان ابتڙ يا پويان مڙيل رخ ۾ کڻي ايندو آهي.“ (آندل حوالو: ڊاءِ پين (Diepgen- 1912,14). ”هوبيس“ (Hobbes) پنهنجي ڪتاب: ”راڪاس/ آفت“ (Leviathan, 1651) حصي پهرين، باب ٻئي ۾ لکي ٿو ته: ”مجموعي طور تي اسان جا خواب، اسان جي جاڳ دوران جڙيل تصورن جي ابتڙ هوندا آهن، ۽ ننڊ اچڻ کان اڳ واري سوچ يا چرپر يا ننڊ ۾ غلطان هجڻ بعد تنتي سرشتي جي تحرڪ ذريعي خواب جو جڙڻ ٿيندو آهي.“ (آندل حوالو: ”هيولاڪ ايلس“ (Havelick Eliss- 1911,109) ۽ ”براير“ (Breuer) جي ”هيسٽيريا جو اڀياس“ حصو پهريون، باب ٽيون، ان کانپوءِ 1895ع ۾ ”براير“ ۽ ”فرائيڊ“ گڏجي: وهم ۽ سوداءَ جي وابستگين“ تي ڪيل گفتگو، جنهن ۾ ”پوئتي هٽڻ وارو عمل“ (Retrogressive)، ۽ جلد جوش ۾ اچڻ واري حالت (Excitation)، يادگيرين واري هنڌ تان اظهاريل ٻڌايا آهن ۽ انهن جو چوڻ آهي ته اهي پنهنجي منصوبي يا مطلب خاطر ادراڪي سرشتي مٿان اثرانداز ٿيندا آهن.

(1)  واپسيءَ جي ان عمل کي نفسياتي اصطلاح مطابق: اهڙي نفسياتي خرابي به چئبو آهي، جنهن ۾ هوشمند وڏي عمر جو ماڻهو ٻاراڻو رويو اختيار ڪندو آهي.

(1)  ٽريسٽي (Trieste) جي پويان پوٺو (Plateau)۽ چن جي ٽڪريءَ وارو حصو.

(1)  هي حاشيو 1914 ۾ آندل آهي: موٽ کائڻ يا موٽي اچڻ واري عمل جو هر نظريو ان ڳالهه تي ئي منحصر هوندو آهي ته خيال، نتيجو آڻيندڙ حالت وارن ٻن عنصرن جي گڏيل اثر رسوخ سبب دٻيل، دٻايل رڪيل يا روڪيل هوندا آهن، اهي هڪ پاسي کان (شعوري ڇنڊڇاڻ جي ذريعي) ڌڪبا آهن، ۽ ٻئي پاسي کان (لاشعور جي ذريعي) ڇڪجي ايندا آهن، ۽ ماڻهو ان وڏي عمارت (Pyrmaid) واري رستي سان چوٽيءَ تي پهچي ويندو آهي، جنهن جون چارئي ڪنڊون اوچائيءِ تي پاڻ ملنديون آهن.

(1)  خوابن جي نظريي جي حوالي سان مان پنهنجي مقالي: ”مافوق النفسيات جو اضافو“ (Meta- Psychological Suppliment) ۾ اهي وڌيڪ شيون به ضرور شامل ڪرڻ جي ڪوشش  ڪندس، جيڪي ننڊ دوران سرسي حاصل ڪن ٿيون ۽ سوداءَ يا وهم واري صورتحال جو تعين ڪن ٿيون.

(1)  برتريءَ جو احساس Megalomania هڪ اهڙي بيماري آهي، جنهن ۾ ماڻهو پنهنجي صلاحيت يا فرضي ڪارنامن جي احساس ۾  مبتلا ٿي ويندو آهي.

(2)  اهو ۽ ٻيا پنج جملا به 1919 ۾ شامل ڪيل آهن.

(1)  حاشيو 1930ع ۾ شامل ڪيل: اهو نڪتو تحليل نفسيءَ متعلق ويجهڙائيءَ وارين کوجنائن منجهان هڪ آهي ۽ ”ماڻهپي“ (Supper- ego) جي حوالي لاءِ بلڪل ٺهڪندڙ آهي. ”الف“ واري درجي وارا خواب، خواهش واري نظريي کانسواءِ آهن (خاص طور ڪنهن صدمي يا تشدد سبب لڳندڙ ذهني ڌڪ واري صورت ۾) جن جي متعلق اسان ”راحت ڏيندڙ اصول کان مٿانهان“ 1920ع ۽ ”نين تعارفي تقريرن“ 1933ع جي ذريعي بحث ڪيو آهي.

(2)  ڪرون (Krone) ناوري، ڊينمارڪ، سويڊن ۽ آئس لينڊ جو سڪو.

(1)  خواب منجهان جاڳڻ کانپوءِ گهڙيال ۾ ساڍن ٽن جي وقت جي، خواب ۾ ٽن سالن واري ياد سان وابستگي، امڪان جوڳي آهي.

(1)  مٿين تحرير جي انهن ٻنهي پوين نمايان ٽڪرن متعلق، فرائيڊ، ”ڊورا جي پهرين خواب“ جي آخر ۾ ڀرپور انداز سان تجزيو ڏنو آهي، جنهن ۾ پنهنجي راءِ جو واڌارو ڪري ان جي درست هجڻ جي پوري تصديق ڪئي آهي.

(1)  هڪجيتري مقدار يا هڪ جهڙائي پيدا ڪرڻ واري معاملي ۾ اهو ”سرمايو“ آهي، ۽ خواب جي سلسلي ۾ اها ”نفسياتي سگهه“ آهي.

(2)  فرائيڊ پنهنجي خطن ۾ سدائين اهو ساڳيو لفظ: ”انتقال يا بدل سدل“ (Ubertragung) استعمال ڪيو آهي، جيتوڻيڪ اهو نفسي عمل سان اڻ واڳيل نه آهي، پر هن ڪنهن حد تائين ”مختلف“ کي بيان ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو آهي. ان کي هن پهرين تحليل نفسيءَ جي طريقي سان ڪيل علاج دوران دريافت ڪيو هو، جنهن کي هن، انهن همعصر (ماڻهو يا شيون، جن جو عمل يا جذبا ڌيان ڇڪائين يا سامهون اچن) احساسن تي ”منتقل ٿيڻ“ جو عمل سڏيو هو، جيڪي اصل واري انداز سان ۽ جيڪي لاشعوري طور تي ٻاراڻي عمر وارن ڌيان ڇڪائيندڙ جذبن سان لاڳو ٿي ٿيا. اهو لفظ هڪ ٻئي حوالي سان هن ڪتاب ۾ ظاهر ٿيو آهي.

(1)  اهو هٿ ٺوڪيو ”استقلال وارو اصول“ آهي، جنهن کي ”مسرت کان مٿانهين اصول“ تحت بحث ڪيو ويو هو، پر اها بنيادي دعويٰ اڳي ئي موجود هئي، جنهن کي فرائيڊ پنهنجي نفسياتي تحريرن ۾ آندو آهي (مرتب جو نوٽ)

(1)  حاشيو 1919 ۾ شامل ڪيل: ٻين لفظن ۾، اها چٽائي ٿي ويندي آهي ته اتي يقينن حقيقي جاچ پڙتال جا اصول قائم آهن، ته جيئن ڏسي سگهجي ته شيون يا معاملا حقيقي آهن يا نه!

(1)  خوابن جِي، ”خواهشن جَي پورائي“ واري سرگرميءَ جي باري ۾ ”لي لورين“ (Le Lorain- 1895) واجبي طرح ساراهه ڪئي آهي: جنهن لاءِ هو چوي ٿو ته: ”خواهشن جي پورائي لاءِ ائين نه ٿيندو آهي، جيئن ٿڪ يا ماندائيءَ واري ڪيفيت ۾ سنجيدگيءَ سان ڪنهن اڻوندڙ شيءِ يا بار کڻڻ ۾ بيزاري ٿيندي آهي، يا جيئن سفر، سيڙپ يا ڪاروبار ڪرڻ لاءِ ڪا ڊگهي جدوجهد ڪرڻي پوندي آهي ۽ مختلف رستا اختيار ڪرڻا پوندا آهن، ۽ زندگيءَ جو سمورو لطف برباد ٿي ويندو آهي.

(1)  حاشيو 1914 ۾ شامل ڪيل: ”يا ائين چوڻ وڌيڪ درست ٿيندو ته: هڪ اهڃاڻي حصو لاشعوري خواهشن جي پورائي سان مطابقت ٿو رکي ته ٻيو حصو ذهني تعمير سان ٿو رکي، جيڪو خواهش جي خلاف ڪم ڪندو آهي.“

(1)  حاشيو 1914 ۾ شامل ڪيل: ”جيئن هگلنگس جئڪسن“ (Hughlings Jackson) چيو: ”توهان سپنن جي تلاش ۾ گهڻو ڪجهه ڪري وٺو، ته توهان وري به ڄڻ ڪنهن ديوانگيءَ کي ڳولهي وٺندا“ (ارنيسٽ جونز جو قول 1911، جنهن پهريون  ڀيرو هگلنگس جئڪسن جي واتان ٻڌو هو.)

(1)  مون هي خيال، ”ننڊ جي نظريي“ منجهان اڌارو ورتو آهي، جيڪو ”لي بيولٽ“ (Liebeault- 1889) جو انهن محققن لاءِ پيش ڪيل آهي، جيڪي هن موجوده ترقي يافت دور ۾  به ”منڊڻ يا هٿراڌو طور بيهوش ڪرڻ“ جي (Hypnotic) عمل کي ورجائي رهيا آهن.

(1)  حاشيو 1919 ۾ شامل ڪيل، جنهن جو مواد، متن سان گڏ رکيو ويو آهي. تحليل نفسيءَ متعلق ”تعارفي تقريرون“ فرائيڊ: 1916، 17ع.

(1)  ”ڌيان“ متعلق نظريو، فرائيڊ جي آخرين تحريرن ۾ گهڻو استعمال ٿيل آهي، ۽ ٻئي طرف  ان جي عڪسبندي سندس ڪتاب ”سائنسي نفسيات (1950) جي مطالعي“ ۾ ٿيل آهي.

(1)  مرڪب: چند وصفن ۾ طبع يا عضوياتي بنيادن سان ملندڙ نائٽروجن ۽ هائيڊروجن جو مرڪب (Trimethylamin).

(2)  ارما جي سرنج وارو خواب: ڏسو باب ٻيو: ”خوابن جي تعبير جو طريقو“، ”نمائنده خواب جو تجزيو“ ص: 204.

(1)  فرائيڊ جو بنيادي نظريو به اهو آهي، اهي ان نظريي سان سلهاڙيل هوندا آهن ته نفسي/ ذهني قوت ٻن طريقن سان ظاهر ٿيندي آهي: هڪ ”آزاد“ (Free) يا ”متحرڪ“ (Mobile) نموني، جيئن لاشعوري سرشتي ۾ ظاهر ٿيندي آهي، ٻيو ”ٺينگن، ٽپن“ (Bounds) يا ”پرسڪون، ساڪن“ (Quiescent) جيئن تحت شعوري سرشتي ۾ ان ڳالهه جو بحث فرائيڊ پنهنجي خطن ۾ ”شعور“ (1915) ۽ ”راحت کان مٿانهين اصول“ (Beyond the Pleasure Principall 1920) ۾ ڪيو آهي، فرائيڊ پنهنجي انهن خيال جو اظهار هيسٽيريا جي متعلق ”براير“ سان گڏجي ڪيل اڀياس جي ذريعي 1895 ۾ به ڪيا آهن.

(1)  ناخوشگواريءَ جي گهٽ مقدار وارو خيال، ”اڪيلي سِر“ ڪردار نباهڻ، اصل ۾ گهڻي ۽ مقدار جي ظاهر ٿيڻ کي بچائڻ جي ڪري، فرائيڊ استعمال ڪيو آهي، جيڪو هن گهڻا سال پوءِ ”ڳڻتيءَ“ جي مسئلن متعلق استعمال ڪيو هو. ڏسو ”سوچن کي روڪيندڙ عمل، علامتون ۽ ڳڻتي“ (Inhibitions, Symptoms and Anxiety-1926) باب يارهون.

(1)  ان موضوع تي فرائيڊ ”ضبط“ (Repression- 1915) متعلق هڪ الڳ مقالي ۾ سير حاصل بحث ڪيو آهي ۽ پنهنجي نين تعارفي تقريرن“ (New Introductory Lectures- 1933) جي تقرير نمبر 32 ۾ به بيان ڪيو آهي.

(1)  ان موضوع تي فرائيڊ: جنسي رجحان بابت ٽن مضمونن (Three Essays on the Theory of Sexuality- 1905) ۾ تفصيل سان لکيو آهي، جنهن ۾ هن جنسي لذت وارن معاملن ۽ خوابن ۽ انهن کان بچاءَ جا طريقا به بيان ڪيا آهن.

(1)  فرائيڊ جرمني زبان ۾ لکيل هڪ مقالي: (Geammelte Schriften) ۾ اهو حوالي طور آندو آهي، جيڪو هن ورجل“ (Virgil- Aeneid, vii, 312) جي تحرير تان، دٻيل يا لڪل جبلتي جوش جي ڪوشش جي تصوير جي ارادي/ رٿ کي اثرائتو ڪري پيش ڪرڻ لاءِ ڏنو آهي.“

(1)  خواب کي رڳو مشاهدي ۾ آيل اهو واقعو نه ٿو چئي سگهجي، جيڪو اسان کي، علاج جي حوالي سان مرض جي انهن بنيادن ڳولهڻ جي اجازت ڏيندو آهي، جيڪو نفسيات جي علم جي ذريعي، ذهني بيمارين جي نفسياتي/ تجرباتي علاج جي ذريعي ممڪن هوندو آهي. (مضمونن جو مختصر سلسلو 1898 ۽ 1999، تيسيتائين نامڪمل) فرائيڊ ان سلسلي ۾ روزاني زندگيءَ جي مشاهدن تي ڪيترائي مضمون لکيا ۽ انهن منجهان ساڳيو نتيجو ڪڍيو (1919) انهن سان گڏ ڪجهه ٻيا به مضمون هئا: ويسارو، زبان جو ترڪڻ، هٻڪڻ، گنديون حرڪتون، جيڪي ”روزمره جون ذهني/ نفسي بيماريون ۽ انهن جو علاج (The Psychopathology of Everyday- Freud, 1901)

(1)  حاشيو 1925 ۾ شامل ڪيل: ان راءَ کي ان شناخت کان پوءِ وڌيڪ تفصيل سان بيان ڪرڻ ۽ ان ۾ ترميم ڪرڻ ضروري ٿي پئي هئي، ڇاڪاڻ ته تحت شعوري سوچ جي لازمي جزي جي، زباني نمائندگين جي باقيات سان واڳجڻ، هڪ حقيقت هئي.

(1)  حاشيو 1914 ۾ شامل ڪيل: مان ان ليکڪ جي نڪتي کي سمجهائيندي نهايت خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان، جنهن خوابن جي اڀياس جي ذريعي ساڳيا نتيجا اخذ ڪيا آهن، جيئن مون شعوري ۽ لاشعوري سرگرميءَ جي وچ ۾ تعلق کي بيان ڪيو آهي. ليکڪ ”ڊو پريل (Du Prel- 1885, 47) لکي ٿو ته: ڪنهن معاملي لاءِ جيڪڏهن شعور ۽ ذهن جو سلسلو ساڳيو هوندو اهي ته دماغ جو فطري مسئلو اهو هوندو آهي ته اهو ابتدائي تحقيقات (Prelimnary investigation) لاءِ نهايت چٽيءَ ريت سجاڳ ڪندو آهي. ان ابتدائي سوال جو جواب خواب جي ذريعي ناڪاري هوندو آهي، جيڪو اهو ظاهر ڪندو آهي ته دماغ جو نظريو ان شعور جي ڀيٽ ۾ نهايت وسيع هوندو آهي، ان ساڳئي قسم جي رستي سان، جنهن ۾ طبعي طريقي جو ڪششي زور، نهايت اعليٰ طريقي سان روشني/ تاباني دائري جي پهچ کان ٻاهر ٿي ڦهلبو آهي ۽ ٻيهر (”موڊسلي“ (Maudsley- 1868, 15) جو ڏنل حوالو): ”اهو سچ آهي، جيڪو دماغ ۾ پڻ واضح طور تي برداشت نه ڪري سگهندو آهي ته شعور دماغ سان زمان ۽ مڪان جي لحاظ کان هڪ جيتري ڪشادگي نه رکندو آهي.

(1)  اٽليءَ جو معروف وائلن نواز ۽ ڪمپوزر جيوسيپي تارتيني (Giuseppe Tartini- 1692-1770)، جنهن پنهنجي موسيقيءَ جي سلسلي ۾ هڪ ڌن ”سوناتا“ (Sonata- G Minor) ٺاهڻ تي وڏي مٿي ماري ڪئي هئي، پر هڪ ڏينهن جڏهن هو ٿڪجي سمهي پيو ته خواب ۾ ڏٺائين ته ابليس وائلن تي اها ڌن وڄائي رهيو هو، جنهن جي وڄائڻ ۾ ڏينهن جو کيس مشڪل پيش آئي هئي، پوءِ هو خواب منجهان جاڳيو ۽ ان کي ياد ڪري لکي، وائلن تي وڄائڻ شروع ڪيائين. تارتيني جي اها ڌن ابليس جي عنوان (Trillo del Diavolo) سان ئي تمام گهڻي مشهور ٿي.

(2)  سڪندر اعظم خواب ڏٺو ته ”ڪا وئيشا (Satyr) سندس ڍال تي رقص ڪري رهي آهي.“ ”آرسٽينڊر“ کي لڳو ته اها شايد، شام جي معرڪي ۾ بادشاهه جي حاضريءَ دوارن ”ٽاير“ جي اوسي پاسي ۾ موجود هجي. سو هن ”ساتر“ جي اکرن جو اشتقاق ڪيو: ”سا“ ۽ ”تر“ ۽ ان جو مطلب ڪڍيو ”ٽاير تنهنجو آهي“ ۽ بادشاهه تي زور ڀريو ته حملو ڪري ڇڏي، ڇاڪاڻ ته هو ان شهر جو مالڪ ٿي ويندو.“ اتفاق سان خواب زباني ادا ٿيندڙ لفظن جي تاثر سبب نهايت ويجهڙائيءَ سان وابستا هو، ڏسو باب ٻيو: خوابن جي تعبير جو طريقو، ”الف“: نمائنده خواب جو تجزيو ص: 223)

(1)  مٿين يا مٿانهين شعور (Supraconscious) جو لفظ لاطيني زبان ۾ شعور جي مٿانهين درجي تي عقلي ۽ منطقي طور ڪم ڪندڙ ذهن جي حصي لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. عام طور تي شعور پنجن حواسن ۽ دماغ سان وابستا هوندو آهي، ماڻهن ائين سمجهندا آهن ته انهن جو شعور بيدار آهي، جيڪا ڳالهه غلط آهي، ڇاڪاڻ ته روزمره زندگيءَ ۾ ڪيترائي ماڻهو گهري ننڊ ۾ هوندا آهن. مٿانهون شعور ماڻهوءَ جي اندر (روح) الهام ۽ ڪشف سان لاڳاپيل آهي، جيڪڏهن ماڻهو پنهنجي مٿانهين شعور کي ڪشف لاءِ استعمال ڪري ٿو ته اهو وڏي قوت وارو آهي، ۽ اهو به ياد رکڻ گهرجي ته هيڻائيءَ ۾ ماڻهوءَ جا عضوا پوريءَ ريت ڪم نه ڪندا آهن، اهڙيءَ ريت جيڪي ماڻهو پنهنجي مٿانهين شعور کان ڪم نه وٺندا آهن، اهي به  اهڙي ئي هيڻائيءَ ۾ مبتلا هوندا آهن. ڳجهه اسرارن کي ڄاڻڻ هڪ لدني علم آهي، اندروني اک دماغ جي ان اندرورني صنوبري مادي کي ڳولهي لهندي آهي، جنهن جو پاڙون ڪنول جيان پاتار ۾ هونديون آهن. مٿانهون شعور اتي رهندو آهي، اهو مادو دماغ جي مٿانهين حصي تي هوندو آهي، جيڪو هڪ جوهر وانگر جسم جي هڪ حصي کان ٻئي حصي تائين منتقل ٿيندو آهي ۽ اتي اثر ڏيکاريندو آهي، اهڙي قسم جي مٿانهين شعور کي حاصل ڪرڻ لاءِ ”ڌيان لڳائڻ“ جي مشق ڪرڻي پوندي آهي، ائين اهو ماڻهو ان لافاني هيڪڙائيءَ سان رلمل ٿي ويندو آهي، جيڪا سندس ئي اندر ۾ رهندي آهي.

هيٺانهين شعور“ (Subconscious) کي پهريون ڀيرو 1893 ۾ استعمال ڪيو ويو هو، جنهن کي 1895 ۾ ”جنسي بيمارين جي اڀياس“ ۾ يعني دماغ جو حصو جيڪو شعوري ساڃاهه ۾ ناقص هجي، پيش ڪيو ويو هو. اڻپورو شعور يا جنهن شعور ۾ ڪا وِڏ هجي. ”ڪارل جونگ“ جو خيال آهي ته جيئن ته هڪ حد تائين ماڻهو پنهنجي نظر ايندڙ حد تائين سجاڳ هوندو آهي، پر ان سان گڏ ان جو هڪ متبادل گدام (Store) به هوندو آهي، جتي سندس معلومات ۽ تجربن جي ياداشت گڏ ٿيل هوندي آهي. نفسيات جي لغت ۾ ڏنل آهي ته: ”هيٺاهون شعور“ من اڇل جي زور وارو احساس آهي، جيڪو کل جي هيٺين تهه ۾ موجود هوندو آهي ۽ اهو تنتن سان گڏ هڏن تي به اثرانداز ٿيندو آهي. (انٽرنيٽ تان ورتل معلومات.)

(1)  تحت شعور ۽ شعور جي وچ ۾ ڇنڊڇاڻ متعلق فرائيڊ جي ويجهڙائيءَ وارين لکڻين ۾ گهڻو ذڪر نه ٿو ملي، البت ان بابت تفصيلي بحث سندس ”شعور“ متعلق لکيل مقالي (1915) جي حصي ڇهين ۾ آيل آهي.

(1)  ڪرونس، زيوس جو پيءُ هو ۽ کيس ٻيا پٽ به هئا: پوسيڊن (Poseidon) هئڊس (Hades) هيسٽيا (Hestia) ڊيميٽر (Demeter) ۽ هيرا(Hera) .

(1)  1914 ڌاري اهو جملو هن ريت شايع ٿيو هو: ڪنهن ”ساهواري جي فطري مهارت تي ٻڌل سگهه يا صلاحيت“ (Faculty)، پوءِ 1919 ڌاري ان کي بدلائي جسماني وجود رکندڙ ”مادو“ (Material) ڪري لکيو ويو آهي.

(1)  هتي لاطيني زبان جو هڪ لفظ Infursorian استعمال ڪيل آهي، جيڪو اوائلي ننڍن پر هڪ جهڙي جيوَ گهرڙي تي ٻڌل جانورن جي انهن سنهن، خاص طور پنبڙين جي وارن لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، جن کي دوربينيءِ کانسواءِ ڏسي نه ٿو سگهجي. ساڳيءَ ريت عضون جي اندر هڪ اهڙو باريڪ مادو ٿئي ٿو (انٽرنيٽ)

(1)  رڳو 1911ع واري ايڊيشن ۾ هي حاشيو ان ئي نڪتي تي نظر آيو هو: ويانا جي پروفيسر ارنيسٽ اوفينهيم (Professor Ernest Oppenheim) مون کي لوڪ ادب منجهان شاهدي ڏيکاري هئي ته ”خوابي نظريي جو هڪ طبقو آهي، جنهن ۾ پيغمبري معنائن کان، پنهنجي معروف عقيدن ۾ پڻ، پاسو ڪيو ويو آهي، ۽ انهن ۾ ننڊ دوران پوين/ گذريل خواهشن ۽ ضرورتن جي داخل ٿيڻ جي حوالي سان باقاعدي ۽ درست معلومات ملي ٿي. هن اهڙن خوابن جي هڪ مختصر تفصيل ڏني آهي، جن کي مذاحيه ڪهاڻين جي طريقي سان پيش ڪيو ويو آهي. ”لوڪ ادب ۾ خوابن جو ذڪر“ جي عنوان سان فرائيڊ، ارنيسٽ اوفينهيم 1958 ۽ 1911ع) سان گڏجي مضمون لکيو آهي، جيڪو هڪ ٻي معياري ايڊيشن ۾ شايع ٿيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org