(2)
گم ٿي وڃڻ جو عمل:
THE WORK OF DISPLACEMENT
خوابن ۾ اختصار وارن مثالن جي مجموعي گڏ ڪرڻ ۾
جنهن ٻئي تعلق جي ضرورت پوي ٿي ان ۾ ليکڪ جي اهميت
گهٽ اهميت واري نه آهي، جيڪو اڳي ئي ان جو شاهد
هوندو آهي. اهو ئي ڏٺو ويو آهي ته اهي ترڪيبي عنصر
جيڪي خواب جي مضمون جي پيشڪش واري اصولي ڀاڱن کان
ٻاهر بيٺل هوندا آهن، ته اهي خوابي خيالن ۾ پريان
ئي ۽ ساڳيو ئي حصو وٺندا آهن. ۽ جهڙيءَ ريت ان
اثباتي دعويٰ جو اڳواٽ حاصل ٿيل نتيجو، ان
تبديليءَ جي تصديق ڪري سگهندو آهي، ته اهو خوابي
خيالن جو ڪهڙو چٽو محرڪ آهي جيڪو ڪنهن به صورت ۾
خواب ۾ نمائندگي ڪرڻ جي ضرورت نه ٿو سمجهي.
خواب ته خواب آهي، ۽ اهو اڳي به سوچڻ واري مرحلي ۾
به خواب ئي هيو، اهڙيءَ ريت اهو خوابي خيالن جي
مختلف مرڪز تي گڏ ٿيل هو، ۽ ان جي متن ۾ جيڪي
مختلف عنصر موجود هئا، تن جو هڪ مرڪزي نڪتو هو،
جيئن اسان زراعت متعلق طويل مقالي واري خواب ۾ چئي
آيا آهيون. (ڏسو باب پنجون: ”خوابن جو مواد ۽
ماخذ“ حصو پهرين؛ خوابن ۾ تازو ۽ غير متعلق مواد).
مثال طور خواب جي مواد جو مرڪزي نڪتو ظاهري طور تي
زراعت آهي ته ان حقيقت جي روشنيءَ ۾ خوابي خيالن
جو تعلق پاڻ جهڙين هارين ۽ زميندارن جي وچ ۾ پيدا
ٿيل مونجهاري ۽ تضاد سان ٿي ويندو، ۽ اسان ايثار ۽
قربانيءَ جا به قائل هوندا آهيون، ته اهڙي صورت ۾
زراعت وارو عنصر سندس خوابي خيالن ۾ تيستائين ڪنهن
جاءِ تي نه لڀندو جيستائين ان کي متضاد جذبات سان
نه ڳنڍبو. حقيقت اها آهي ته ”زراعت“ مطالعي جي
حوالي سان منهنجو پسنديده موضوع رهيو ئي نه آهي.
ٿورو اڳ ڏنل منهنجي مريض ”سئفو“ جي سندس ”هيٺ مٿي
ٽپن ڏيڻ، ۽ گهڻو هيٺ ۽ گهڻو مٿي“ واري خواب مرڪزي
جاءِ والاري، ۽ خوابي خيالن بهرحال سماجي طور
هيٺين درجي جي ماڻهن سان جنسي ميلاپ جي خطرن ذريعي
معاملو طئي ڪيو. سو خوابي خيالن جو رڳو هڪڙو واحد
جزو به خواب جي متن مان پنهنجو رستو ڳولهي وٺندو
آهي، جيتوڻيڪ اهو جزو غير متناسب حد تائين ڦهلجي
ان جي دائري کي وسيع ڪري ڇڏيندو آهي. ساڳيءَ ريت
منهنجي ”جيتن واري خواب“ جو موضوع ”جنسي لاڳاپن جي
حوالي سان ظلم سان واسطو“ هو، اها حقيقت آهي ته
خواب جي متن ۾ ظالماڻي رويي منجهان نتيجو آڻيندڙ
جزا شامل ٿي ويندا آهن، پر اهي ائين ڪنهن ٻئي
واسطي سان شامل ٿيندا آهن، پر ڪنهن نفسي/ جنسي
حوالي سان شامل نه ٿيندا آهن، يا ائين چئجي ته
پنهنجي عبارت مان لڙي، ۽ اڻ لاڳاپيل نتيجي ۾ تبديل
ٿي ايندا آهن، جيئن منهنجي چاچي واري خواب (باب
چوٿين جي ابتدا ۾ ڏنل) ۾ سندس چٽي ڏاڙهيءَ مرڪزي
نڪتي کي تشڪيل ڏني، جنهن ۾ منهنجي خواهشن ۽ جذبن
جو ڪو به تعلق ڪو نه هو، جيئن اسان خوابي خيالن جي
انتهائي اهم حصي ۾ ڏٺو هو. اهڙي قسم جا خواب ”غائب
ٿي وڃڻ“ جو تائيدي ثبوت ڏيندڙ هوندا آهن. اسان
انهن مثالن ذريعي، ”تضاد“ کي مڪمل طور تي ”ارما“
جي خواب ۾ ڏسي سگهون ٿا. خواب جي جڙڻ دوران ڪي
مختلف عنصر هڪجهڙائيءَ واري هنڌ، جتي هو خوابي
خيالن ۾ هٿ وس ڪري سگهي، قبضي ۾ وٺڻ يا استعمال
ڪرڻ جي قابل هوندا آهن، ۽ خوابي مواد پنهنجي فهم
يا رخ ۾ سڄو سارو مٽا سٽا ڪندڙ هوندو آهي ۽ حيران
ڪرڻ کان اڳ ۾ تور تڪ واري تخليق ڪري وٺندو آهي.
اسان جيڪڏهن عام زندگيءَ جي نفسي/ جنسي عمل ۽ ان
جي تسلسل تي غور ڪنداسين ته معلوم ٿيندو ته اسان
ڪيترن ئي خيالن جا حصا منتخب ڪندا رهندا آهيون ۽
انهن مان زندگيءَ سان ڀرپور هڪ خاص درجي کي پنهنجي
شعور ۾ شامل ڪندا آهيون، ۽ اسان ان تاثر جي هميشه
عزت ڪندا آهيون، جيڪو خاص طور تي اسان جي لاءِ
نفسي/ جنسي خاصيتن ۾ وڏي اهميت رکندڙ هوندو آهي ۽
ڪنهن حد تائين ڪي خاص دلچسپيون انهن فوقيت وارن
خيالن سان به سلهاڙيل هونديون آهن.
پر هاڻي اسان کوجنا ڪئي آهي ته خوابي خيالن (تصور/
سوچن ) جي مختلف عنصرن جي معاملي ۾ ان قسم جي
اهميت خواب جي جڙڻ واري عمل ۾ جٽاءُ ڪندڙ يا
نظرانداز ڪندڙ نه هوندي آهي. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي
ته تصور يا سوچن ۾ انتهائي وڏي درجي جي نفسي/ جنسي
ڪٿ موجود هوندي آهي، جيڪي اسان ادراڪ جي سڌي سنئين
فيصلي جي ذريعي سکندا آهيون. خواب جي جڙڻ جي
معاملي ۾ اهي اهم عنصر نهايت زوردار دلچسپيءَ سان،
جيئن هوندا آهن تيئن ئي تحرڪ ۾ ايندا آهن، جيتو
ڻيڪ اهي گهٽ اهميت وارا هوندا آهن تڏهن به اهي
خوابي خيالن جي ٻين ۽ گهٽ اهميت وارن عنصرن سان به
گڏجي، گڏيل دلچسپيءَ جي بنياد تي، خواب جي سٽاءَ ۾
جاءِ والاريندا آهن. اهي پهرين نظر ۾ ايتري ڌيان
جي لائق نه لڳندا آهن، جيتري قدر مختلف خيالن جي
حوالي سان نفسي/ جنسي شدت ۾ اضافو ڪندڙ هوندا آهن.
خوابن ۾ ڇا ٿو پيش ٿئي! اسان اهو نه ٿا چئي سگهون
ته خوابي خيالن (تصور/ سوچن) ۾ ڪهڙي شيءِ اهم آهي،
پر مختلف وقتن تي انهن ۾ ڇا ٿو ظاهر ٿئي! پوءِ به
اهو دليل اسان کي خواب جي جڙڻ جي سلسلي ۾ ڪا وڏي
مدد نه ٿو ڪري، پوءِ به شين جي فطرت مان اهو صاف
ظاهر آهي ته ٻن عنصرن جي ارادي جو جوڙ ۽ فطري نفسي
خاصيت، ضرورت تحت ساڳئي معيار سان عمل ڪن ٿا.
خوابن خيالن لاءِ وڌيڪ اهم اهي احساس هوندا آهن،
جيڪي انهن ۾ لڳاتار پيا ظاهر ٿيندا آهن، ۽ اهي
مختلف تصورن ۽ سوچن مان روشنيءَ جي ڪرڻن وانگر
نڪرندا آهن. اصل ۾ خواب انهن جزن کي رد ڪري نه
سگهندو آهي، جيڪي پاڻ ۾ وڏي شدت رکندا آهن ڇاڪاڻ
ته اهي ڪيترن ئي پاسن کان مدد جي لاءِ اچي رسندا
آهن، ۽ پنهنجي متن لاءِ انهن ٻين جزن کي به چونڊي
سگهندا آهن، جن جي تحويل ۾ رڳو اهو ٻيو معاملو
هوندو آهي.
انهن خيالن مان حاصل ٿيندڙ اها تشريح، انهن ڪيترين
ڳالهين تي روشني وجهي ٿي، جيڪي خواب جي روح سان
پري واري مائٽيءَ جيان لاڳاپيل ٿين ٿا، حالانڪ اهي
هٿراڌو ۽ اضافي لڳندا آهن پر ڪنهن خاص مقصد لاءِ
وابستا ضرور هوندا آهن ۽ اهو مقصد تصور ۽ سوچن مان
ڳولهڻ آسان هوندو آهي. اهي خيال به هوبهو اهڙا ئي
هوندا آهن ۽ اهي انهن کي پاڻ ۾ ترڪيبي جزي جيان
ڳنڍيندا آهن، پوءِ اهي پري ئي ڇو نه هجن تڏهن به
خواب جي مواد ۽ خوابي خيالن جي وچ مان زوريءَ کڻي
وٺندا آهن، ۽ جيڪڏهن اهي عنصر يا جزا تجزيي مان
ڪڍي ڇڏجن ته ان جو نتيجو گهڻو ڪري خواب جي مواد جا
جزا يا ڀاڱا رڳو ان جي تعين ڪيل رخ کانسواءِ ئي
الڳ نه ٿي ويندا پر بنا ڪنهن پڪي ۽ اطمينان
ڏياريندڙ رخ کانسواءِ ئي جدا ٿي ويندا، اسان ان جو
نچوڙ ڪڍنداسين ته گهڻن معاملن ۾ رڌل ارادا فيصلو
ڪندا آهن ته خواب ۾ ڇا شامل ٿيڻ گهرجي، ۽ اهو هر
ڀيري خواب جي جڙڻ جو ابتدائي عنصر نه پر گهڻو ڪري
نفسي/ ذهني شدت جي ثانوي پيداوار هوندو آهي، جيڪو
اسان لاءِ اڃان تائين اڻلڀ آهي. ان جي باوجود گهڻن
معاملن ۾ رڌل ارادا خاص عنصرن کي چونڊي خوابن ۾
داخل ڪرڻ جي اهميت جا حامل هوندا آهن، ان حوالي
سان ڏسي سگهجي ٿو ته ڪوشش جي عيوضي ۾ خرچ ٿيندڙ
ويچار انهن معاملن ۾ استعمال ٿيندو آهي، جتي اهو
خواب جي مواد مان، بنا مدد جي اڀري نه ايندو آهي.
اهڙيءَ ريت اهو دليل اعتبار جوڳو ٿو لڳي ته خواب
جي ڪم ۾ نفسي/ جنسي شدت ان تي عمل ڪندي آهي جيڪي
هڪ پاسي انهن عنصرن کي واپس آڻيندي آهي جيڪي نفسي/
جنسي شدت ۾ وڏي قوت رکنديون آهن، ۽ ٻئي پاسي پختن
ارادن جي حوالي سان، هيٺين سطح جي نفسي/ ذهني شدت
منجهان نوان ماڻ جوڙيندي آهي، جيڪي بعد ۾ خواب جي
مواد ۾ پنهنجو رستو ڳولهي وٺندا آهن. جيڪڏهن ائين
ٿيڻ لڳندو آهي ته پوءِ نفسي/ جنسي شدت جي ”منتقلي“
۽ ”غائب ٿيڻ“ خواب جي ٺهڻ واري عمل ۾ ظاهر ٿيندا
آهن، ۽ انهن جي نتيجي سبب خواب جي سٽاءُ واري مواد
۽ خوابي خيالن جي وچ ۾ فرق ٿي پوندو آهي.
خواب جي حوالي سان ”منتقلي“ ۽ ”غائب ٿيڻ“ خواب جا
ٻه حڪم هلائيندڙ عنصرن آهن، جن جي سرگرمي اسان
خوابن جي اختيار ڪيل روپ جي روح مان حاصل ڪري
سگهنداسين.
مان سمجهان ٿو ته اسان کي ان نفسي/ جنسي شدت کي
سمجهڻ ۾ اهڙي مشڪل ڪا نه ٿيندي، جيڪا پاڻ ئي خواب
۾ اصل حقيقتن کي گم ڪري يا انهن کي لڪائي ڇڏڻ جي
پيشڪش ڪري ٿي. غائب ٿيڻ واري معاملي جو اثر اهو
ٿيندو آهي ته خواب جو مواد، خوابي خيالن جي مرڪزي
۽ انتهائي اهم حصي سان گهڻي دير مشابهت نه رکندو
آهي، ۽ ٻي ڳالهه ته خواب به لاشعور ۾ موجود خوابي
خواهش جي وڌيڪ بگڙيل صورت پيش نه ڪندو آهي. پر
خواب جي بگاڙڻ واري عمل متعلق اسان اڳ ۾ واقف ٿي
آيا آهيون، پر هاڻي اسان ان کي ٻيهر ”ڪاٽ ڪوٽ“ يا
”ڇنڊ ڇاڻ“ واري عمل جي پاسي موٽائي، ڳولهڻ جي ڪوشش
ڪنداسين، جيڪو عمل ذهن جي هڪ ٻئي پاسي، نفسي/ جنسي
مددگاري اختيار ذريعي مشق ڪندو آهي. ان جو ذڪر باب
چوٿين: ”خوابن ۾ تاثر جو بگڙجي وڃڻ“
(Distortion in Dreams)
۾ ڪري آيا آهيون.
خواب جو ”وڃائي ڇڏڻ وارو عمل“
(Dream Displacement)
هڪ وڏو ۽ اهم اسلوب آهي، جنهن جي ذريعي، بگڙجي وڃڻ
وارو عمل ڪامياب ٿيندو آهي. عام چوڻي آهي ته:
”جنهن کي طلب هوندي آهي ته اهو حاصل به ڪندو آهي.“
اسان جڏهن ڪنهن ڳالهه متعلق فرض ڪريون ٿا ته پوءِ
”خواب جو وڃائجي وڃڻ وارو عمل،“ ڪاٽ ڪوٽ يا ڇنڊ
ڇاڻ جي ان ساڳئي هلندي پڄنديءَ واري عمل ذريعي
ظاهر ٿيندو آهي، جيڪا ”شعوري سليقي مان آيل،
لاشعور جي مختلف هدايتن جي وچ ۾ استعمال ٿيندڙ
ڀائيچاري واري عمل“
(Endopsychic)
جي حفاظت ڪندڙ ڪاٽ ڪوٽ هوندي آهي. مان اهو چوان ٿو
ته خوابن جي متعلق منهنجي نظريي جو اصل بنياد ڇنڊ
ڇاڻ منجهان خوابي احوال جي (بگڙيل نظر اچڻ کي)
سمجهڻ لاءِ ”اشتقاق“ تي ٻڌل آهي، هتي ”لينڪس“
(Lynkeus)
جي ڪتاب ”تصورن جي حقيقت“
(Phantasien eines Realisten; Vienna, 2nd
edition 1900)
منجهان ان جي هڪ ڪهاڻيءَ جو آخري ٽڪرو ٿو پيش
ڪريان: جنهن منجهان مون کي منهنجي نظريي جي آئيندي
جو اصول هٿ آيو هو، يا شايد اهو اصول هڪ ڀيرو ٻيهر
لڌو هو. اهڙو حوالو باب پهرين: خوابن جي مسئلن سان
سائنسي ادب جو رويو/ تعلق“ جي حصي اٺين: ”خوابن ۽
ذهني بيمارين جو پاڻ ۾ تعلق“ جي پهرين 1909ع واري
ضميمي ۾ به آندو آهي. ان ڪهاڻيءَ جو عنوان آهي:
خواب، جاڳ جهڙو“
(Traumen wie Wachen):
”ان ماڻهوءَ متعلق، جنهن جي حيرت انگيز خوبي اها
هئي ته هن ڪڏهن به ڪو گندو خواب نه ڏٺو هو.....“
”خوابن جي متعلق تنهنجو اها شانائتو تحفو: ڄڻ
جاڳيل هجين!“ هن جو دوست چوڻ لڳو،
”جيتوڻيڪ اهو تنهنجي پارسائيءَ جو نتيجو آهي،
”تنهنجي رحمدلي، تنهنجي انصاف واري حس بيدار آهي،
۽ تنهنجو سچ سان پيار، تنهنجي طبيعت جو اخلاقي
اطمينان، تنهنجي متعلق مون کي سمجهڻ لاءِ آساني
پيدا ڪن ٿا.“
هن کيس جواب ڏيندي چيو: ”جڏهن مان پنهنجي سمورين
ڳالهين تي غور ڪندو آهيان ته مان چاهيندو آهيان ته
جيڪر سڀئي مون جهڙا ٿي وڃڻ ۽ جيڪر ڪو به ماڻهو
ڪڏهن به ڪو گندو خواب نه ڏسي.“
”جاڳ واري حالت ۾ گهڻو ڪري اسان سان ائين نه ٿيندو
آهي، ڇاڪاڻ ته اسان شين ۽ ماڻهن کي ڏسي رڳو پرين
جي آکاڻي وانگر پيا سوچيندا ۽ تصور ٺاهيندا آهيون،
اهڙيءَ حالت ۾ ڪو ذهين ماڻهو اهو ئي چئي سگهندو
آهي ته: ”يار! اهو ته خراب آهي يا مون لاءِ اهو ته
ناممڪن آهي.“
”جيڪڏهن رڳو هڪڙو ماڻهو ئي سمجهي وٺي ته خواب جي
تشريح ڪيئن ڪبي آهي، جيئن تون منهنجي خواب لاءِ
پيو ڪرين!“ هن جي دوست چيو.
”اهو ايترو آسان ڪم نه آهي، پر خواب ڏسندڙ شخص
ڏانهن ٿورو ڌيان ڏيڻ سان بيشڪ ڪامياب ٿي سگهجي ٿو،
ڇا تون نه ٿو ڄاڻين ته ماڻهوءَ جا ڪيترائي معاملا
ڪاميابي ماڻي نه سگهندا آهن، تو ۾ پاڻ ۾ يا ٻين
ماڻهن ۾ اهو نه ڏٺو آهي ته جاڳ توڙي خوابن ۾ به
گهڻيون ڳالهيون ڳجهيون رکندا آهن، حرامپائين کي
ڪيئن لڪائيندا آهن، ڪنهن وڏي ۽ خاص انداز سان...
لڪ جي هڪ حقيقي لياقت تنهنجي وجود ۾ آهي، جنهن تي
عمل ڪرڻ به ڏکيو آهي ۽ ان ڪري توکي تنهنجا خواب
گهڻو ڪري اهڙا بي معنيٰ ۽ بيهودا نظر ايندا آهن،
پر ڪنهن اونهي ادراڪ ۾ اهي ائين ڪڏهن به نه هوندا
آهن..... سچ پچ اهي ائين ڪڏهن به نه هوندا آهن،
اهي ماڻهوءَ لاءِ ساڳيا هوندا آهن، جاڳ ۾ هجي توڙي
خواب ۾.“
خوابن جي جڙڻ ۾ ”گم ٿي وڃڻ“، ”ڇنڊ ڇاڻ“ ۽ تعين
ڪرڻ“ جي حوالي سان نتيجو آڻيندڙ انهن حالتن جو هڪ
ٻئي تي اثر وارو سوال؟ ۽ اهو سوال ته هڪ غلبو ڪندڙ
عنصر ڪهڙو آهي ۽ خدمتگذار عنصر ڪهڙو آهي؟ انهن
سوالن جي کوج لڳائڻ لاءِ اسان اڳتي باب ڇهين: خواب
جي عمل: جي حصي ڇهين: ڪجهه مثال: (خوابن ۾ ڳڻپ ۽
تقريرون) ۾ احوال ڪنداسين. پر عارضي طور تي اسان
اها ٻي حالت بيان ڪري سگهون ٿا جيڪا خوابي خيالن
جي ذريعي انهن عنصرن متعلق اطمينان جوڳي آهي، جيڪي
پنهنجو رستو ٺاهي خواب ۾ وڃن ٿا: اهي مخالفت ۽
مزاحمت جي ذريعي مڙهيل ڇنڊ ڇاڻ کان عارضي ڇوٽڪارو
حاصل ڪن ٿا ۽ ان کانپوءِ خوابن جي تشريح ڪرڻ جي
لاءِ اسان خواب ۾ تصوير، واقعي يا آواز جي هڪ هنڌ
کان ٻئي هنڌ هلي وڃڻ واري ورتاءَ ناقابل ترديد
حقيقت کي پيش ڪنداسين.
( 3 )
خوابن ۾
نمائندگيءَ جو مقصد
THE MEANS OF REPRESENTATION IN DREAMS
لڪل يا ڳجهن خيالن جي تبديليءَ يا بدل سدل جي صورت
۾ خواب جي متن جي وضاحت يا پيشڪش ۾ ٿيندڙ عمل
دوران اسان ٻن جزن کي ڪم ڪندي ڏٺوسين: هڪ خواب جو
گهٽائڻ وارو عمل
(Condensation)
۽ ٻيو: خواب جو ”وڃائي ڇڏڻ وارو عمل“
(Dream Displacement).
ان حوالي سان اسان پنهنجي کوجنا جي تسلسل ۾ ٻه ٻيا
رخ به متعين ڪنداسين، جيڪي خواب جي دسترس ۾ هجڻ
واري مواد جي چونڊ تي ڪنهن به شڪ شبهي کانسواءِ
اثرانداز ٿين ٿا.
جهڙيءَ ريت مون ”ارما جي سرنج“ واري خواب جي وضاحت
ڪئي آهي، ۽ خوابي خيالن جي متعلق کوج لڳائي انهن
کي گڏ ڪيو آهي ۽ خواب جي جڙڻ واري عمل کي ٻيهر
ترتيب ڏنو آهي، ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته مون
”خوابن جي تشريح“ کي خواب جي ”گهڻن جزن جي ترڪيبي
اسلوب“
(Synthesis)
جي ذريعي واضع ڪيو آهي. حقيقت اها آهي ته ڪيترن ئي
انساني جسمن جي مختلف مواد (رت، بلغم يا پيشاب) جي
تشخيصي مقصد خاطر مون پنهنجي ئي سکيا جي آڌار تي
اهو ذمو کنيو آهي، پر مان انهن سڀني کي هتي پيش نه
ٿو ڪري سگهان. نفسي/ جنسي مواد سان سلهاڙيل فطرت
جي ڪري هيل تائين ائين ڪرڻ کان، مان ترسيل آهيان،
ان جا ڪيترائي سبب آهن. خوابن ۾ اهڙيون تجويزون
گهٽ نتيجا اخذ ڪنديون آهن ۽ خوابن جي تاڃي پيٽي ۾
تمام گهٽ حصو ڳنڍينديون آهن، پر خوابن جي ترڪيبي
اسلوب جي معاملي ۾ مون کي اڃان اندازو نه ٿيو آهي
ته اهي مڪمل ٿيڻ تائين قائل ڪيئن ٿيون ڪري سگهن.
مان رڳو انهن ماڻهن جي خوابن جي ترڪيبي اسلوب کي
ٻڌائڻ ٿو چاهيان جيڪي عام طور تي اهڙي قسم جي
مطالعي کان واقف نه آهن، ۽ اها صورتحال رڳو منهنجي
اعصابي مريضن جي آگهيءَ لاءِ آهي، باقي موضوع جي
هن حصي تي وڌيڪ تڏهن لکندس، جڏهن مان ان جي سمجهڻ
جي قابل ٿي ويندس، شايد ٻئي ڪتاب ۾ اعصابي مرضن
متعلق نفسياتي تشريح جا نڪتا بيان ڪري سگهان، جيڪي
هن هلندڙ موضوع جو پورائو ڪري سگهن.
خوابي خيالن منجهان خواب جي ”گهڻن جزن جي ترڪيبي
اسلوب“
(Synthesis)
جي ذريعي ڳولهڻ جي منهنجي ڪوششن، مون کي اهو
سيکاريو آهي ته اهو مواد جيڪو تشريح جي ذمري ۾
پڌرو ٿئي ٿو، اهو سمورو مواد ساڳئي اهميت جو حامل
نه هوندو آهي، ان جو هڪ حصو ”خوابي خيالن“ (تصور/
سوچن) جي بنهه بنياد مان ٺهندو آهي، اهي خيال يا
تصور اهي هوندا آهن جيڪي خواب کي مڪمل طور تي
بدلائي ڇڏيندا آهن، جيڪڏهن انهن ۾ خوابن جي ڇنڊ
ڇاڻ نه هوندي ته اهي پاڻ ئي بدلجي وڃڻ جي قابل
هوندا آهن.
مواد جو ٻيو حصو عام طور تي گهٽ اهميت وارو هوندو
آهي ۽ نه ئي ان ڏيک جي حمايت ڪرڻ هن لاءِ ممڪن
هوندو آهي، جيڪو ٻئي قسم جي انهن سمورن خيالن کي
خواب جي حال سان ونڊي ورهائي سگهي. ان جي ابتڙ
انهن جي وچ ۾ ميل ميلاپ جو امڪان موجود هوندو آهي،
جيڪي انهن واقعن سان واسطو رکندڙ هوندا آهن جن جو
تعلق خواب کانپوءِ، خواب ڏسڻ دوران ۽ خواب جي
تشريح سان هوندو آهي. هن حصي جو مواد انهن سمورن
رستن کي پاڻ سان ڳنڍيندو آهي، جيڪي خوابي متن جي
وضاحت منجهان، ڳجهن خوابي خيالن ڏانهن اڳواڻي ڪندڙ
هوندا آهن، ان کانسواءِ ثانوي ۽ ملائيندڙ واسطن جي
مقصدن جي ذريعي تشريح واري عملي طريقي سان اسان
انهن ڳانڍاپو پيدا ڪندڙ رستن جي کوج لڳائي
وٺنداسين.
هتي اسان گهڻي دلچسپي رڳو خوابناڪ سوچن ۾ ٿا رکون.
اهي عام طور تي مرڪب خيالن جيان ۽ نهايت منجهيل ۽
ٿيڻ جوڳي بناوٽ وارين يادن ۾ پنهنجي انهن سمورن
خيالن وهڪرن سان شامل ٿينديون آهن، جن کان اسان
جاڳ واري حياتيءَ ۾ مانوس هوندا آهيون. خيالن جا
اهي وهڪرا هميشه هڪ کان وڌيڪ مرڪز کان وهڻ شروع نه
ڪندا آهن، جيتوڻيڪ انهن وٽ به ڳنڍجڻ لاءِ ڪي نڪتا
موجود هوندا آهن. خيال جو هر هڪ وهڪرو گهڻو ڪري
پنهنجي اختلافي پر ساڳئي سنگت جي ذريعي بنا
تبديليءَ جي شامل ٿيندو آهي.
مونجهارو پيدا ڪندڙ ان جوڙجڪ جا مختلف حصا، يقينن
هڪ ٻئي سان قسم قسم جي منطقي حقيقتن تي ٻڌل تعلق ۾
اٿي بيهندا آهن. اهي پس منظر ۽ پيش منظر جي
نمائندگي ڪري سگهندا آهن، انهن جي انحراف، اختلاف،
سينگارڻ يا وضاحت ڪرڻ ۾ استعمال ٿيندڙ تصويرن،
حالتن، شاهدين جي ڪڙين ۽ دليلن تي ٽيڪا ٽپڻيءَ جي
نمائندگي پڻ ڪندا آهن. انهن خوابي خيالن جو سمورو
مقدار جڏهن خواب جي ڪم واري دٻاءَ هيٺ ايندو آهي،
۽ سندس ڀاڱا يا جزا مُڙي، ٽڪرن ۾ ٽٽي ۽ پاڻ ۾
ڀيڪوڙجي ويندا آهن ته اهي گهڻو ڪري ڪنهن بند دٻي ۾
پيل آئيس ڪريم جيان هوندا آهن.
سوال اهو ٿو اٿي ته انهن ”منطقي لاڳاپن“ سان ڇا
ٿيو! جن هيل تائين پنهنجي ڪم جو خاڪو پئي جوڙيو؟
خواب اسان کي انهن لاڳاپن جي سمجهاڻي ڪهڙي انداز
ٿو ڏئي؟ جي ها! ان جو مثال هن ريت آهي ته اسان
”جيڪڏهن“، ”ڇاڪاڻ ته“، ”هن ريت“، ”جيتوڻيڪ“، ائين
يا جيئن“ جهڙا حرف جر (ڳنڍيندڙ لفظ) استعمال نه
ڪنداسين ته نه رڳو ڪا سٽ پوري نه ٿيندي، پر ڪو
جملو به مڪمل نه ٿيندو، لکڻ ۾ توڙي ڳالهائڻ ۾.
ان حوالي سان خواب جي پهرين اختيار متعلق اسان جو
جواب يقينن اهو ئي آهي ته انهن تصورن/ سوچن منجهان
”منطقي لاڳاپن“ جي نمائندگيءَ لاءِ وٽس ڪنهن
اڪلاءَ ڪرڻ جو وس نه هوندو آهي. خواب پنهنجي ڪيترن
حصن ۾ اهڙن حرف جملن کي نه مڃيندو آهي، ۽ اهو
خوابي خيالن جو نج ۽ ثابتي وارو مواد هوندو آهي،
جيڪو سليقي سان کڻي ايندو آهي. ۽ خواب جي ڪم جن
خوابيده خيالن کي، ڊاهڻ ۽ ميسارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي،
هو انهن لاڳاپن کي بحال رکڻ يا انهن کي واپس اصل
حالت تي آڻڻ ان جي ذميداري هوندي آهي، جيڪا تشريح
واري طريقي سان نباهيندي آهي.
جيڪي شيون خوابن کي جوڙينديون آهن، انهن شين کي
واضع ڪرڻ ۾ خوابن جي موزونيت جي گهٽتائي، نفسي/
ذهني مواد جي فطرت ۾ ڪا ٽيڪ يا ڪو سهارو وٺندي
آهي. جيئن مختلف روپ واريون فني تصويرون ٺاهيندڙ
مصور يا بت تراشيندڙ فنڪار! سچ پچ ته اهي به ڪنهن
شاعريءَ جيان ساڳين مقرر ڪيل پابندين هيٺ ڪم ڪندا
آهن، ۽ رنگن ۽ شعرن ۾ ڄڻ ته ڪا گفتگو ڀريندا آهن،
اصل ۾ آرٽ جا اهي طريقا ڳالهائڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ ئي
استعمال ٿيندا آهن. مواد جي سگهه واري ڪمي، پنهنجي
فطرت جي ڪري، فن جي انهن ٻنهي گهاڙيٽن جيان،
پنهنجي ڪوشش ۾ ڪنهن شيءِ جو اظهار ڪندي آهي. تصوير
ٺاهڻ کان اڳ ۾ هر فنڪار اظهار جي اصولن جي ڄاڻ رکڻ
ضروري سمجهندو آهي، جنهن جي ذريعي کيس پنهنجي
ڪيفيت جي اظهار ۾ ڪا رنڊڪ محسوس ڪا نه ٿيندي آهي.
قديم فنپارن تي، مصورن يا بت تراشن پاران ڏنل
وضاحتون، ننڍڙين ننڍڙين چٽڪين تي لکي لڳايون
وينديون هيون، جنهن ۾ ڪردارن ۽ سندن گفتگو جي
متعلق به لکيل هوندو هو ۽ اها اميد به جنهن کي
فنڪار تصوير ذريعي ان ۾ شامل ڪري نه سگهندو هو.
هن نڪتي تي هڪڙو اعتراض، ان خيال جي خلاف اڀري
سگهي ٿو، مطلب ته خواب ”منطقي لاڳاپن“ کي پيش نه
ٿو ڪري سگهي! پر اهڙا خواب بهرحال موجود آهن جن ۾
نهايت مونجهارو پيدا ڪندڙ ڏاهپ واريون ۽ اثرانگيز
ڳالهيون به هونديون آهن، بيان اختلافي به هوندا
آهن، ۽ تصديق ٿيل به هوندا آهن، خوار خراب ۽ بدنام
ڪيل ۽ ڀيٽيل به هوندا آهن، ائين ئي جيئن اهي جاڳ
واري حالت وارا خيال هوندا آهن، پر خوابن ۾ انهن
جو ٻيهر ظاهر ٿيڻ دوکي تي ٻڌل هوندو آهي. اسان
جيڪڏهن اهڙي قسم جي خوابن جي تشريح ڪرڻ ويهون ته
اسان اهو ڳولهي وٺنداسين ته اهو سڄو ڪجهه، تصورن ۽
خيالن جي مواد جو حصو آهي، ۽ خواب دوران ادا ٿيندڙ
عمل ڪنهن ڏاهپ واري معاملي جي نمائندگي نه آهي.
ظاهري قسم واري سوچ جي ذريعي خواب ۾ جيڪو ٻيهر پيش
ٿو ٿئي، اهو تصور ۽ سوچ جو اصل موضوعاتي مواد ئي
آهي، جنهن جي ساڻس ڪا ڀاڱي ڀائيواري يا ڪو گڏيل
مفاد نه آهي، پر هاڪاري دعويٰ آهي جيڪا سوچ تي
نظرثاني ڪندي آهي، جنهن جا مثال مون باب ڇهين:
”خواب جو عمل“ جي حصي ستين: ”بي معنيٰ خواب“ ۾ ڏنا
آهن.
پر هن ڏس ۾ آسان نڪتو هي آهي ته سمورا چيل جملا،
جيڪي خوابن ۾ اچن ٿا، اهي تقريرون يا بيان خوابن ۾
ٻيهر خاص طور تي بنا ڦير ڦار جي يا ٿوري گهڻي
ردوبدل جي اچن ٿا، جيڪي خوابيده خيالن ۾ گڏ ٿيل
مواد ۾ موجود هوندا آهن. ان قسم جي تقرير خوابي
خيالن (تصور/ سوچن) ۾ شامل واقعي جي تصور کان وڌيڪ
نه هوندي آهي، ان ڪري خواب جي معنيٰ ان کان صفا
مختلف ٿي سگهي ٿي.
ان جي باوجود مان ان کي رد نه ٿو ڪري سگهان، ته
خيالن جي تنقيدي سرگرمي، تصور ۽ سوچ ۾ موجود مواد
جو فقط ورجاءُ نه آهي، پر خوابن جي جڙڻ ۾ هن جو به
حصو آهي. اهو پوءِ واضع ٿيندو آهي ته خيالن جي اها
سرگرمي ”تصور ۽ سوچن“ جي ذريعي پيدا نه ٿي آهي، پر
خواب جي پنهنجي ان ذريعي منجهان آئي آهي جيڪا ڪن
سوچن ۽ ادراڪ جي وسيلي وٽس اڳ ۾ مڪمل طرح موجود
هئي (ڏسو هن باب جي حصي نائين جي ابتدا ۾).
عارضي طور تي پوءِ ائين چئي سگهجي ٿو ته خوابيده
سوچن جي وچ ۾ ”منطقي لاڳاپا“ خوابن ۾ ڪا الڳ
نمائندگي نه ڪندا آهن. مثال طور جيڪڏهن خواب ۾ ڪو
تضاد يا اختلاف ظاهر ٿئي ٿو ته يا ته اهو ”برخلاف
چوڻ“ خواب جو پنهنجو عمل آهي يا اها مخالفت آهي يا
وري خوابي خيالن جي ڪنهن موضوعاتي مواد مان هلي
آئي آهي. خواب ۾ تضاد جو واسطو رڳو خوابي خيالن ۾
موجود وڌاءَ واري ۽ اڻ سڌي طريقي سان هوندو آهي،
پر اهو ڪنهن فني تصوير جيان، بنا ڪنهن وضاحتي لڳل
چٽڪي جي، بهرحال پنهنجي اظهار جو رستو ڳولهي وٺندي
آهي. آخرڪار انهن اکرن کي نقل ڪرڻ واري نيت سان
نمائندگي ڪندي آهي، جنهن ۾ پسند، مصنوعي رويا، ڊپ،
دڙڪا، دهمان، چتاءَ پڻ ممڪن مقصدن سان اڳيان ايندا
آهن جنهن جي ڪري خواب! خوابي خيالن منجهان خواب جي
ڪرداري وصف جي نمائندگيءَ جي طريقي ۾ مناسب ڦيرڦار
ذريعي منطقي لاڳاپن جي ميڙا چونڊيءَ جو ڪجهه حصو
کڻندو آهي. تجربو اهو ٿو ٻڌائي ته ان ڏس ۾ مختلف
خواب انيڪ تبديليون ڪندا رهيا آهن جڏهن ته ڪي خواب
اهڙين تبديلن وارا هوندا آهن جيڪي پنهنجي مواد جي
منطقي سلسلي متعلق نهايت بيپرواهه ۽ غافل هوندا
آهن ۽ ٻيا وري ممڪن ۽ مڪمل اشارن ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا
آهن. ائين ڪرڻ ۾ خواب ڪڏهن گهڻو ڏور هليا ويندا
آهن ته ڪڏهن پنهنجي ڪم ڪرڻ جي سليقي سبب، مواد مان
گهٽ ڦهلاءَ ڪندا آهن. خواب ڪڏهن ڪڏهن ئي پنهنجي
خوابي خيالن جي تاريخوار يا سلسيوار هڪ جهڙائيءَ
واري ڦيرڦار ڪندو آهي، پر اهو به تڏهن جڏهن لاشعور
۾ ڪو اهڙو تسلسل قائم هجي، جيئن ارما جي سئيءَ
واري خواب ۾ ڏيکاريو ويو آهي.
ته پوءِ آخر خواب جي ان عمل جو ڪهڙو مقصد آهي جو
تصور يا سوچن جي ان تعلق کي تحويل ۾ وٺي ٿو، جيڪي
پيش ڪرڻ ۾ نهايت مشڪل ٿين ٿا؟
مان انهن کي هڪ هڪ ڪري ڳڻائڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو:
پهرين ته: خواب انهن ئي سوچن جي خزاني مان اخذ
ڪندا آهن ۽ هڪ عام انداز سان ان جي وضاحت ڪندا
آهن، ۽ تصور يا سوچ جي سمورن خانن ۾ غير تڪراري
طور تي موجود سڄي مواد کي هڪ واقعي يا صورتحال ۾
گڏائيندا آهن. اهي ساڳئي وقت ۾ ظهور پذير ٿيندڙ
واقعن جي ذريعي ”منطقي لاڳاپن“ کي ٻيهر پيش ڪندا
آهن. ان جاءِ تي اهي ان مصور وارو ڪردار نباهيندا
آهن، جنهن اٿينس جي اسڪول يا پارناسوس
(Parnassus)
جي تصوير ۾ سمورن فيلسوفن ۽ شاعرن کي هڪ ٽولي ۾
پيش ڪرڻ جي نمائندگي جو ثبوت ڏنو آهي. اهو سچ آهي
ته اهي حقيقت ۾ ڪڏهن به هڪ هال ۾ يا هڪ واحد پهاڙ
جي چوٽيءَ تي گڏ نه پئي ٿي سگهيا پر ان تصوير يا
پهاڙ تي ٽڪيل بتن کي ڏسي هڪ نظرياتي ادراڪ جي ٽولي
جي ٿيل تشڪيل جو احساس ضرور پيدا ٿئي ٿو.
خواب تفصيل کي ٻيهر پيش ڪرڻ جو طريقو به ان طرح
اختيار ڪن ٿا. اهي اسان کي جڏهن ٻن جزن کي هڪ ٻئي
جي ويجهو ڏيکارين ٿا ته اها ضمانت آهي ته ڪا خاص
ويجهڙائيءَ وارو تعلق ضرور آهي، جيڪو تصور يا سوچن
جي وچ ۾ ڳانڍاپي جو سبب آهي. ساڳيو ئي اسان جي لکڻ
واري معاملي ۾ به آهي، جيئن
“ab”
وارا ٻه حرف هڪ لفظ ”اب“ جيان اچاري سگهجن ٿا، پر
جيڪڏهن انهن جي وچ ۾ وڇوٽي رکبي ته اهي
a
۽
b
ٿيندا، ان جو مطلب ٿيو ته
a
ڪنهن لفظ جو آخري حرف آهي ۽
b
ڪنهن لفظ جو پهريون حرف آهي، سو ائين پڻ، خواب جي
مواد جا منقطع ٿيل حصا، خوابن ۾ سينگار يا سجاوٽ
کي هموار ٿيڻ جو موقعو نه ڏيندا آهن، پر جيڪي حصا
سوچن ۽ تصور سان ويجها ڳنڍيل هوندا آهن اهي اهو
موقعو فراهم ڪندا آهن.
خواب ۾ ڪارڻ بيان ڪندڙ تعلق
(Causal relation)
جي پيش ٿيڻ جا ٻه طريقا آهن، جيڪي پنهنجي جوهر ۾
ساڳيا ئي هوندا آهن، مثال طور خوابي خيال ائين هلڻ
لڳن ٿا: ”جيئن ڪنهن وقت کان هنِ ريت هئا يا هُن
ريت هئا، ۽ هِن ساڳئي قسم جا هئا يا هُن درجي جا
هئا، ته اهي هئڻ/ ٿي پوڻ لاءِ ٻڌل هوندا آهن.“
پوءِ نمائندگيءَ جو عام طريقو، خواب کي تعارفي
خوابي طريقي سان ڪنهن آڌاريل فقري يا دستاويز کان
متعارف ڪرائيندي، ابتدا ڪندو آهي ۽ پوءِ ان ۾ اهم
ترين شق يا فقرو! مرڪزي خواب جيان شامل ڪندو آهي.
جيڪڏهن مان ان کي تشريح واري نموني ڪندس ته دنيوي
حالتن تائين محدود ڪيل سلسلو ابتڙ ٿي سگهي ٿو.
پر خواب جو تمام وڏو ۽ وسيع حصو سدائين ان اهم ۽
سربراهي شق يا فقري سان مطابقت رکندو آهي.
منهنجي هڪ مريضه هڪ ڀيري اهڙن ئي سببن واري طريقي
جي نمائندگي ڪندڙ خواب جو هڪ تمام سٺو واقعو
ٻڌايو، جنهن کي مان اڳتي باب ڇهين: ”خواب جي عمل“
جي حصي چوٿين: ”خوابن ذريعي احساسن جي اڀار“، ۾
پيش ڪندس، جيڪو مختصر ابتدائي عنصرن تي ٻڌل هو ۽
خواب جو نهايت ڌنڌلو حصو هو، جنهن جي هڪ واحد
موضوع تي مقرر ڪيل حد جو نشان ٿيل هو، ٿي سگهي ٿو
اهو ”گلن جي ٻوليءَ“ جو ڪو عنوان هجي.
اهو تعارفي خواب هن ريت هو:
”هوءَ بورچيخاني ۾ وئي، جتي هن جون ٻه ٻانهيون
موجود هيون، ۽ انهن ۾ ڪو نقص ڏٺائين جو اهي تيار
کاڌي مان ”هڪڙو گرهه به نه پيون کائن.“ ساڳئي وقت
هن بورچيخاني جي عام باسڻن جو وڏو تعداد پاڻيءَ جي
نيڪال واري جاءِ تي هيٺ مٿي ڪريل ۽ پيل ڏٺو، اهو
گڏ وچڙ ٿيل شين جي ڪنهن ٿنڀي وانگر ٿي لڳو، ٻئي
ٻانهيون پاڻي ڀرڻ لاءِ ويون ۽ ڪنهن نديءَ جهڙي
پاڻيءَ ۾ پير ٻوڙڻ لڳيون، جيڪو مٿي ڪن گهرن يا اڱڻ
۾ ٿي ويو. ۽ اڇن ڪپڙن واريون ڇوڪريون، گناهن
بخشرائڻ لاءِ مسيحي جلوس ۾ وڃڻ لڳيون، تڏهن گهٽيون
ساين ساين ٽارين سان سينگارجي ويون.“
پوءِ مرڪزي خواب هن ريت شروع ٿيو:
”هوءَ مٿانهينءَ کان ڪنهن اڻڄاتل ڪاٺين جي ٺهيل
لوڙهي تي لهڻ لڳي، ۽ هوءَ سرهي پئي ٿي ته ان ۾
سندس ڪپڙا نه ڦاٿا.... سندس هٿن ۾ تازن ٽڙيل گلن
جي هڪ ٽاري هئي، ۽ اڇي لباس واريون ڇوڪريون،“
تعارفي خواب، خواب ڏسندڙ جي مائٽاڻو گهر هو، شڪ نه
آهي ته هن اهي لفظ پنهنجي ماءُ کان ٻڌا هجن، جيڪي
هن جي خواب ۾ ظاهر ٿيا آهن. ۽ عام گهريلو باسڻن جو
ڍڳ به ان ساڳئي عمارت جي دڪان ۾ رکيل هو، جيڪو
سندس خواب ۾ نظر آيل تصوير ۾ ڳنڍجي ويو هو.
خواب جو ٻيو حصو سندس والد سان وابستا آهي، جيڪو
سدائين پنهنجي نوڪرياڻين جي پويان ڊوڙندو وتندو
هو، ۽ آخرڪار آيل ٻوڏ دوران بيمار ٿي پيو هو. سندس
گهر نديءَ جي ڪناري تي هو.
اهڙيءَ ريت خواب جي تعارفي خيال پويان لڪ هن ريت
آهي:
”جيئن ته مان هن گهر ۾ ڄائي هئس، نهايت گندي ۽
ذهني دٻاءُ وارين حالتن ۾....“ ۽ مکيه خواب، ساڳيو
ئي خيال کڻي ان کي، ”خواهش جي پورائي“ جي ذريعي
ٿوري ڦيرڦار ڪري پيش ڪيو: ”مان گهڻي مٿانهينءَ تي
هئس.“ جنهن جو لڪل مقصد هي آهي ته ”جيئن ته مان
گهڻي هيٺانهينءَ تي آهيان، ڇاڪاڻ ته منهنجي زندگي
ئي اهڙي انداز جي هئي....“
خواب جي ٻن اڻ برابر حصن ۾ ورهاست، ثابتيءَ جي
لاءِ نه آهي، پر جيتري قدر مون کي ٿو نظر اچي ته
خيالن جي پويان ”ڪارڻ بڻجندڙ تعلق“ انهن ٻنهي حصن
جي پويان ظاهر ٿئي ٿو، ۽ ائين به لڳي ٿو ته ساڳيو
مواد ٻن مختلف خوابن جي نڪتي نظر جي نمائندگي ڪري
ٿو. ائين بهرحال تڏهن ٿئي ٿو جڏهن خوابن جو سلسلو
هڪ ئي رات ۾ تڙ پئجي وڃڻ يا جنسي ميلاپ جي پڄاڻيءَ
تي پورو ٿئي ٿو ۽ اهڙي سلسلي ۾ طبعي ضرورت پنهنجو
رستو اڳيان وڌندڙ/ ارتقا جي حامي اظهار ۽ احساس
ذريعي ڳولهي وٺندو آهي،
يا ٿي سگهي ٿو ته ٻه خواب، خوابي مواد جي الڳ
مرڪزن تان ڦٽا هجن، ۽ انهن جو موضوع ڪنهن ٻئي حصي
مٿان اچي ويو هجي، ان ڪري جو هڪڙي خواب جو اهو
مرڪز ٻئي جي اشاري ڏيڻ سبب ابتڙ پيش ٿيو هجي! پر
ڪجهه عدد خوابن ۾ ورهاست مختصر ۽ ابتدائي تعارفي
خواب ذريعي ٿيندي آهي، ۽ جهڙيءَ ريت ڪا ادبي لکڻي،
جيڪا پاڻ ۾ هونئن ته مڪمل هجي، پر ان جو ديباچو ان
جي ڪهاڻيءَ کي وڌي چٽو ۽ وسيع ڪندڙ هجي، اهڙيءَ
ريت ٻن حصن جي وچ ۾ ڪارڻ بيان ڪندڙ تعلق جي ثابتي
شامل هوندي آهي.
ڪارڻ بيان ڪندڙ تعلق
(Causal relation)
جي پيش ٿيڻ جو ٻيو انداز هن ريت آهي، ته اهو گهٽ
شدت وارو مواد کڻي، خواب ۾ هڪ ئي تصوير ۾ سمائجڻ
جو اسلوب اختيار ڪندو آهي، ان ۾ ڀل ته ماڻهو هجي
يا ڪا شيءِ شامل هجي، اهو ڪنهن ٻي شڪل ۾ تبديل ٿي
ويندو آهي. ڪارڻ بيان ڪندڙ تعلق جو وجود سنجيدگيءَ
سان تڏهن ورتاءُ ڪندو آهي جڏهن اها تبديلي به اسان
جي اکين آڏو حقيقت ۾ ٿي چڪي هجي، پر ائين به نه ته
اسان ان ڏانهن ڌيان ئي نه ڏنو هجي ته هڪ شيءِ ٻيءَ
۾ ڪيئن ٿي ظاهر ٿئي.
مون چيو ته ڪارڻ بيان ڪندڙ تعلق جي ويس ڌارڻ وارن
ٻنهي طريقن جو جوهر ساڳيو ئي هوندو آهي. ٻنهي
معاملن ۾ خوابي سلسلي جي هڪڙي واقعي ۾ ڪارڻ، عارضي
يا محدود ڪيل ترتيب ۽ تسلسل جي ذريعي اظهار ڪندو
آهي، ۽ ٻئي ۾ هڪ تصوير کي ٻيءَ ۾ سڌي سنئين
تبديليءَ جي ذريعي ظاهر ڪندو آهي. اهڙن معاملن جو
گهڻو تعداد، خاص طور اعتراف تي ٻڌل هوندو آهي،
ڪارڻ بيان ڪندڙ تعلق پاڻ ڪا نمائندگيءَ نه ڪندو
آهي، پر انهن جزن يا عنصرن جي مونجهاري ۾ غائب ٿي
ويندو آهي، جيڪي خواب ڏسڻ دوران ظاهر ٿيندا آهن.
|