سيڪشن: علميات

ڪتاب: خوابن جي تشريح

باب:

صفحو:8 

باب ٽيون:

خواب، خواهشن جو پورائو ڪندڙ هوندوآهي

A DREAM IS THE FULFILLMENT OF A WISH

خوابن جي بنيادي وضاحت جي حوالي سان اسان جڏهن هڪ سوڙهي ماٿريءَ مان گذرياسين، ته هڪدم هڪ اهڙي مثالي ميدان ۾ اچي رسيا آهيون جتي هر هڪ رستو ورهائجي الڳ ٿي وڃي ٿو ۽ انهن جي هر پاسي تي عمدي قسم جا روشن خيال ۽ ڪاميابيءَ جا امڪان نظر اچن ٿا، اسان کي هڪ لمحي لاءِ ترسڻو پوندو ۽ خوابن جي تجزيي متعلق هن طريقي سان غور ڪرڻ واسطي اسان کي پهريائين پنهنجي پيرن کي ان رخ تي موڙڻو پوندو.(1)

اسان سان به ڪجهه اهڙو معاملو آهي جو اسان کي پهرين خواب جي تجزيي جي ريڙهه پيڙهه ۽ بحث تڪرار کي عبور ڪرڻو آهي. اسان کي، پاڻ کي ڏينهن جي چٽي روشنيءَ ۾ هن اوچتي کوجنا جي ذريعي تلاش ڪرڻو آهي. خواب، ڪن ناخوشگوار، بي قاعدي يا غير اصولي آوزن سان ڳنڍيل نه هوندا آهن، جيڪي ڪنهن جي هٿن جي بجاءِ، ڪنهن خارجي قوت ذريعي وڄايل ساز مان اڀرندا آهن، اهي بي معنيٰ به نه هوندا آهن، اهي بيڪار يا بيهودا به نه هوندا آهن؛ خواب اها به تجويز نه ڏيندا آهن ته اسان جي جمع ٿيل خيالن جو هڪ حصو تڏهن ستل هوندو آهي، جڏهن ٻيو حصو جاڳڻ شروع ڪندو آهي، پر ان جي ابتڙ اهي، نفسياتي اظهار جو مڪمل جواز رکندڙ هوندا آهن، خواهشن جو پورائو ڪندڙ هوندا آهن؛ انهن جي جاڳيل ذهني عملن جي سمجهه ۾ ا يندڙ يا ظاهر ظهور سلسلي ۾ دلچسپي هوندي آهي؛ اهي ذهن جي انتهائي مونجهارو پيدا ڪندڙ سرگرميءَ مان تعمير ٿيل هوندا آهن.

پر اسان ان کوجنا تي ايترو جلدي خوش ٿيڻ شروع نه ٿا ڪريون جو اسان سوالن جي وسڪاري واري ٻوڏ ۾ لڙهي وڃون. جيڪڏهن ، جيئن اسان خوابن جي تجزيي ذريعي ٻڌائي آيا آهيون ته خواب خواهشن جو پورائون ڪرڻ جي نمائندگي ڪندا آهن ته پوءِ اسان کي ان ڳالهه تي به سوچڻو پوندو ته آخر انهن ”غير معمولي ۽ مونجهارو پيدا ڪندڙ“ خوابن جو اصل/ بنياد ڪهڙو آهي، جنهن جي ذريعي اهي خواهش جي پورائي جو اظهار ڪن ٿا؟ خواب، خواب جي پيشڪش ۾ تبديل ٿيڻ کان اڳ ۾ ڪهڙن خيالن جي مٽ سٽ ڪرڻ جو ڪشالو ڪن ٿا، جن کي اسان جڏهن جاڳندا آهيون ته ياد ڪندا آهيون؟ اها پيشڪش ڪهڙيءَ جوڙجڪ تحت وجود ۾ اچي ٿي؟ خواب ۾ پيش ٿيندڙ ان مواد جو اهو ڪهڙو ذريعو آهي، جو اهو ان ترميمي صورت ۾ نظر اچي ٿو؟ انهن نيارين خاصيتن جي ان وڏي تعداد جو ڪهڙو ذريعو آهي، جو اهي خواب جي سوچن ذريعي مشاهدو ماڻين ٿيون؟ جو انهن لاءِ ائين چئجي ته ٿي سگهي ٿو ته اصولي طور اهي ٻئي پاڻ ۾ تضاد تي متفق هجن؟ (مشابهت لاءِ اڌاري ورتل ڪيتليءَ جو مثال ڏنل آهي.) ڇا خواب اسان جي اندروني نفسياتي عملي طريقن متعلق ڪي نيون ڳالهيون ٻڌائي سگهن ٿا؟

ڇا انهن جو سٽاءُ، ڏينهن دوران پيش آيل معاملن متعلق درست دليل ڏئي سگهندو آهي؟

منهنجو مشورو اهو آهي ته هڪ لمحي لاءِ انهن سمورن سوالن کي هڪ پاسي تي رکي ڇڏجي ۽ اسان کي پنهنجي طريقي سان، ان هڪ خاص رستي تي اڳتي وڌڻ گهرجي.

اسان اهو ڏسي آيا آهيون ته خواب خواهشن کي پوري ڪرڻ جي نمائندگي ڪري سگهندا آهن. اسان جو پهريون واسطو ان ئي ڳالهه جي کوج لڳائڻ سان آهي ته خواب جي اها خاصيت عالمگير حيثيت رکي ٿي يا رڳو ان خواب جي مواد تائين محدود رهندي آهي، جئين ارما کي سئي لڳائڻ وارو خواب، جيڪو پهريون خواب هو، جنهن جو اسان تجزيو ڪيو هو. پر جيڪڏهن اسان ان لاءِ به اها کوج لڳائڻ لاءِ تيار آهيون ته هر خواب کي پنهنجي معنيٰ ٿيندي آهي ۽ ان جي هڪ نفسياتي اهميت به هوندي آهي، ته ان جي معنائن جا امڪان به پنهنجو پاڻ آشڪار ٿيڻ لڳندا، پر هر خواب لاءِ  امڪان ساڳيا نه هوندا آهن. اسان جو پهريون خواب، خواهشن جو پورائو ڪندڙ هو، ۽ ٻيو ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن ڊپ جو پورائو ڪندڙ هجي؛ ۽ ٽئين جو مواد وري رڳو اولڙو ڪندڙ هجي، جڏهن ته چوٿون فقط ماضيءَ کي ٻيهر ياد ڏياريندو هجي. ڇا اسان ان هڪڙي خواب کانسواءِ، خواهشن جو پورائو ڪندڙ ٻين خوابن کي تلاش ڪري سگهون ٿا؟

اهو  ثابت ڪرڻ سولو آهي ته خواب گهڻو ڪري، خواهشن جي پورائي ڪرڻ جي صورت ۾ اصل حالت لڪائڻ کانسواءِ ئي پنهنجو اظهار ڪندا هئا، اهي ان ڪري حيران ڪندڙ هوندا هئا جو گهڻو اڳ، خوابن جي ٻوليءَ سمجهه ۾ ڪا نه ايندي هئي. مثال طور هڪڙو اهڙو خواب، جيئن مان گهڻو ڪري پسند ڪندو آهيان، تيئن به مان سرجي سگهان ٿو، جيئن تجرباتي طور تي منهنجو اهو خواب هو. جيڪڏهن مان شام جو ڪرڙيون (مڇي)، زيتون يا ڪو ٻيو لوڻياٺو کاڌو کائيندس ته رات جو منهنجي اڃ جي واري ڪيفيت وڌڻ لڳندي، جيڪا مون کي جاڳائي به ڇڏيندي. پر منهنجو اهو جاڳڻ، خواب ذريعي عمل ۾ ايندو؛ ۽ ان جو مواد/ سٽاءُ گهڻو هڪ جهڙو ٿيندو آهي، ڄڻ ته مان ڪجهه پيئان پيو. ڏسان پيو ته هٻڇ وچان ڳيتون ڏئي پاڻيءَ سان پيو پيٽ ڀريان، ۽ ان جو ذائقو نهايت لذت ڏيندڙ آهي، جنهن جهڙي دنيا جي ٻي ڪا به شيءِ نه ٿي ٿي سگهي، پر جڏهن ڏاڍي اڃ هوندي آهي ته اڃ اجهائڻ وقت، اهي نهايت ٿڌا ٿڌا ڍڪ لڳندا آهن. پوءِ مان جاڳندو آهيان ۽ حقيقت ۾ اٿي پاڻي پيئندو آهيان. اهو هڪ سادو خواب اڃ جي واقعي سان وابستا آهي، جو جڏهن مان جاڳندو آهيان ته ان جي ڪارڻ کان به واقف ٿي ويندو آهيان. اوهان ڏٺو ته اڃ، ”پيئڻ“ جي خواهش کي اڀاريو ۽ خواب مون کي ان جو پورائو ڪندي ڏيکاريو. ائين ڪرڻ، ان ذميداريءَ جي ڪردار ادا ڪرڻ برابر آهي، جيڪو مٿاهين درجي جي اعليٰ عمل يا ڪشف ۾ ڏاڍو آسان هوندو آهي. مان ننڊ ڪرڻ جي معاملي ۾ ڏاڍو سٺو آهيان، ۽ ڪنهن به جسماني ضرورت لاءِ جاڳڻ جو عادي نه آهيان. جيڪڏهن مان خواب ۾ ڪجهه پيئڻ جي ذريعي پنهنجي اڃ کي آٿت ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس ته مون کي ننڊ مان اٿي اڃ اجهائڻ جي ضرورت ڪانه پوندي، پوءِ اها ڳالهه خواب جي پنهنجي آسانيءَ تي منحصر آهي. خواب، ان عمل جي جاءِ وٺندو آهي، جيڪو گهڻو ڪري حياتيءَ ۾ ڪنهن ٻئي هنڌ واقع ٿيل هوندو آهي. حالانڪ پاڻيءَ جي ضرورت خواب جي ذريعي، پنهنجي دوست ”اوٽو“ ۽ ڊاڪٽر ايم کان انتقام جي ”اڃ“ (احساسن جي شدت تي پاڻي وجهي ٿڌو ڪرڻ) واري ساڳئي طريقي سان اڃ اجهائڻ لاءِ، مطمئن نه ٿي ڪري، پر سٺي نيت انهن ٻنهي صورتن ۾ موجود آهي. گهڻي وقت جي ڳالهه نه آهي جو منهنجي ان ساڳئي خواب، وري هڪ اصلاحي صورت پئي ظاهر ڪئي. سمهڻ کان اڳ ۾ اڃايل به پئي محسوس ڪيم ۽ بستري جي ڀر واري ميز تي رکيل پاڻيءَ جو گلاس به خالي ڪري ٿي ڇڏيم. پر رات جي ڪجهه ڪلاڪن گذرڻ کان پوءِ وري مون تي اڄ جو تازو حملو پئي ٿيو، جنهن جو نتيجو ڏاڍو ڪڪ ڪندڙ پئي نڪتو. ظاهر هو ته پاڻي پيئڻ لاءِ مون کي بستري تان اٿي، پنهنجي زال جي ڀر ۾ رکيل پاڻيءَ جو گلاس کڻي، پيئڻو پئي پيو. ان ڪري منهنجي خواب ۾ چٽيءَ ريت نظر ٿي آيو ته منهنجي زال منهنجي پيئڻ لاءِ پيالي ۾ شراب پئي ڏنو. اهو ميٽوڙي رنگ جو پيالو، هاڻوڪي وچ اٽليءَ جي پاسي جو هو، جيڪو مان اٽليءَ جي سفر تان موٽڻ مهل خريد ڪري آيو هوس. پر ان ۾ پيل پاڻي کارو هو، (ڇاڪاڻ ته ان ۾ رک پيل هئي)، ان ڪري مان جاڳي پيس. اها پڻ ڌيان ڏيڻ جي ڳالهه آهي ته خواب ۾ هر شيءِ ڪيئن نه آسانيءَ سان پئي مهيا ٿي. جنهن جو مطلب  رڳو خواهش جو پورائو ڪرڻ هو، جيڪو مڪمل طور تي خود عرضيءَ وارو هو. آرام ۽ سڪون جو موهه، ٻين ماڻهن سانِ حقيقي طور تي هم آهنگ نه هوندو آهي. خود ميٽوڙي رنگ جي ان پيالي جو تعارف ڪرائڻ به پڪ سان هڪ ٻئي خواهش جو پورائو آهي. مون کي افسوس آهي ته اهو پيالو گهڻو وقت منهنجي موڙيءَ ۾ شامل نه رهيو هو، ائين جيئن منهنجي زال جي ميز تي رکيل پاڻيءَ جو گلاس منهنجي پهچ کان پري هو. پيالي ۾ رک به صفا چهٽي وئي هئي، جنهن منهنجي وات ۾ کاراڻ جو ذائقو ڀري ڇڏيو، جيڪو ايترو ته وڌي ويو جو مان جاڳڻ لاءِ مجبور ٿي ويس.

”ويگانت“ (صفحو: 41) ”اڃ وارن خوابن رونما ٿيڻ متعلق گهڻو ڄاڻيندو هو، جن لاءِ لکي ٿو: ”اڃ کي محسوس ڪرڻ يا حواسن جي مدد سان سڃاڻڻ، ٻين احساسن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تز ۽ سولو هوندو آهي. اها سدائين اڃاري هجڻ جي خيال سبب اڀرندي آهي، خواب ۾ اڃ لڳڻ ۽ اڃ اجهائڻ جو انداز به انيڪ قسمن جو ٿيندو آهي ۽ اهو خاص طور ياداشت جي بلڪل ڀر مان ايندو آهي. انهن معاملن ۾ ٻيا عام عنصر ڪجهه هن ريت هوندا آهن جو، اڃ لڳڻ جي احساس کان هڪدم پوءِ، اڃ اجهائڻ لاءِ تصوراتي تازگيءَ جو پيش ٿيندڙ ننڍڙو تاثر مايوسيءَ طرف رخ رکندو آهي.“ ”ويگانت“ بهرحال ان حقيقت کي نظرانداز ڪري ويو آهي ته خواب جو اهو ردعمل، ان ترغيب يا تحريڪ کي اڀاريندو آهي جيڪا نهايت اعليٰ ۽ عالمگير انداز جي چڱائيءَ تي مبني هوندي آهي. ٻيا ماڻهو جيڪي اڃ جي شدت سبب، خواب ڏسڻ کانسواءِ ئي جاڳي پوندا آهن، پر ان متعلق مون وٽ ڪو به تجرباتي اعتراض موجود نه آهي. اها رڳو اها ڳالهه ٿي ظاهر ڪري ته اهي مون کان وڌيڪ خراب انداز سان سمهڻ وارا ماڻهو آهن.“

ان سلسلي ۾ ”اشعيا“ (Isaiah.xxix,8) ڀيٽ ڪندي چوي ٿو ته: ”اهو معاملو ائين ئي هوندو آهي، جيئن جڏهن ڪو بکايل شخص خواب ڏسندو آهي ۽ کاڌي لاءِ واجهائيندو آهي ۽ کائيندو به آهي پر جڏهن جاڳندو آهي ته سندس روح خالي هوندو آهي، ساڳيءَ ريت جڏهن ڪو اڃايل شخص خواب ڏسندو آهي ته هو پاڻيءَ لاواجهائيندو رهندو آهي، پوءِ پاڻي پيئندو به آهي پر جڏهن جاڳندو آهي ته وري به پاڻيءَ پيئڻ لاءَ هٿوراڙيون هڻندو آهي، ۽ سندس روح ۾ پاڻي پيئڻ جي خواهش تڏهن به موجود هوندي آهي.(1)

اهڙي قسم جي آساني پيدا ڪندڙ خواب، منهنجي جوانيءَ واري عرصي ۾ گهڻا نظر ايندا هئا. ان ريت ور ور ڪري ايندڙ خوابن جو سبب اهو هو، جو مون کي ياد آهي ته مان رات جو دير تائين ڪم ڪندو هوس، انڪري سوير جاڳڻ سدائين مشڪل لڳندو هو. ان دوران مان خواب ڏسندو هوس ته بستري تان اٿيو آهيان ۽ غسل خاني ۾ وهنجڻ بيٺو آهيان. ٿوري دير کان پوءِ ان حقيقت کي قبول ڪرڻ سچ پچ ته ڏاڍو مشڪل ٿي پوندو هو ته مان ڪو اڃان بستري تي ئي ستل آهيان، پر ساڳئي وقت مان ٿوري وڌيڪ ننڊ به ڪري وٺندو هوس. ان قسم جو آرسيلو يا سست خواب، جيڪو خاص طور تي نهايت شاندار ۽ ريجهه رهاڻ واري انداز ۾ اظهاربو آهي، اهڙو خواب مون کي هڪ طب جي نوجوان ساٿيءَ ٻڌايو هو، جيڪو منهنجي ننڊ جي باري ۾ معاملن تي خيالن جي ڏيوٺ ڪرڻ سان لاڳاپيل هو. اسپتال جي ڀرسان واري سندس جاءِ جي مالڪياڻيءَ، کيس سختيءَ سان هدايت ڪئي هئي ته هو هر صورت ۾ صبح جو سويل سجاڳ ٿي وڃي، پر هن لاءِ سوير اٿڻ ايترو سولو نه هو. هڪ ڀيري جڏهن هو ڏاڍي مٺڙي ننڊ ۾ ستل پئي نظر آيو ته جاءِ جي مالڪياڻيءَ سندس دروازي تي اچي کيس سڏ ڪيو: ”جاڳي پهءُ جناب پيپي، اوهان جي اسپتال وڃڻ جو وقت ٿي ويو آهي.“ ان سڏ جي حوالي سان هن خواب ڏٺو ته: ”هو اسپتال جي ڪمري ۾ هڪ بستري تي ليٽيل آهي، اتي بستري تي هڪ ڪارڊ رکيو هو جنهن تي لکيل هو ”پيپي، ايڇ، طب جو شاگرد، عمر ٻاويهه سال“ جنهن دوران هن خواب پئي ڏٺو، ان وقت هن پاڻ کي چيو: مان ته اڳ ۾ ئي اسپتال ۾ موجود آهيان، ان ڪري مون کي اسپتال وڃڻ جي ڪا ضرورت نه آهي.“ ۽ ائين هن پاسو بدلايو ۽ وري سمهي پيو. هن پنهنجي خواب جي منشا يا ڪنهن عمل واسطي اندر ۾ موجود نيت جو نهايت چٽيءَ ريت اعتراف ان طريقي سان ڪيو.

هتي هڪ ٻيو خواب پيش ڪجي ٿو جنهن ۾ ننڊ دوران جوش، اڀار يا تحرڪ پنهنجو اثر هڪ ڀيرو ٻيهر پيدا ڪندي نظر اچي ٿو. منهنجي مريضن مان هڪ عورت مريضا، جيڪا پنهنجي ڏندن جي سور سبب آپريشن ڪرائڻ تي راضي ٿي وئي هئي، جنهن ڪري کيس هڪ اڻ وڻندڙ سلسلو ڀوڳڻو ٿي پيو، جو سندس ڊاڪٽر جو کيس حڪم هو ته هڪ ٿڌو اوزار پنهنجي منهن جي هڪ پاسي تي رات ڏينهن سانده لڳائي رکڻ گهرجي. پر جيئن ئي هوءِ سمهڻ لڳندي هئي ته ان کي لاهي ڦٽو ڪري ڇڏيندي هئي. هڪ ڀيري جڏهن هن اهو اوزار لاهي فرش تي ڦٽو ڪيو ته مون ان بابت نهايت سنجيدگيءَ سان کيس چيو هو: ”هن ڀيري ته مان واقعي ڪا به مدد نه ڪري سگهندس.“ ان تي هن جواب ڏنو هو ته: ”ان ڪري جو مون خواب ڏٺو  هو ته: ”مان هڪ سنگيت ناٽڪ ڏسڻ لاءِ بالڪونيءَ ۾ ويٺي آهيان ۽ انهن جي اداڪاريءَ مان لطف اندوز ٿي رهي آهيان، محترم ڪارل ميئر وچڙندڙ بيمارين ۾ ورتل مريضن واري وارڊ ۾ موجود آهي ۽ سخت شڪايت ڪري رهيو آهي ته سندس ڏندن ۾ سور آهي، تنهن تي مون پاڻ کي چيو ته مون کي ته ڪو سور نه آهي ۽ نه ئي مون کي ڪنهن اوزار جي ضرورت آهي، ان ڪري مون اهو اڇلائي ڇڏيو آهي.“ هن ويچاري مريضا جي خواب مان ان جملي جي ٺوس قسم جي نمائندگي نظر اچي ٿي، جو ڪنهن وقت، ماڻهوءَ تي اهڙي قسم جي اڻ وڻندڙ صورتحال جي دٻاءَ سبب زبان مان اهڙا لفظ ادا ٿي ويندا آهن: ”مان بهرحال اهو ضرور چوندس ته مان ان سهمت ٿيڻ لاءِ، ان کان ڪجهه وڌيڪ ئي سوچي سگهان ٿو.“ خواب به تمام گهڻين قبول ڪرڻ جهڙين شين جون تصويرون ڏيندو آهي. جناب ڪارل ميئر، جنهن تي خواب ڏسندڙ پنهنجا سور پئي مڙهيا، اهو پاڻ نهايت بيپرواهه نوجوان ماڻهو هو، ۽ سندس ڄاڻ سڄاڻ وارن مان هو، اهو ئي سبب هو هن کيس پنهنجي دماغ ۾ آندو هو.

”خواهشن جو پورائو“ عام صحتمند ماڻهن جي گڏ ڪيل چند ٻين خوابن ۾ به ساڳئي آسانيءَ سان ڳولهي سگهجي ٿو. منهنجو هڪ دوست، جيڪو منهنجي خوابن جي نظريي کان واقف هو، ۽ هن پنهنجي زال کي به ٻڌايو هو. هڪ ڏينهن مون کي چوڻ لڳو: ”منهنجي زال ئي مون کي چيو آهي ته مان توکي ٻڌايان ته ڪالهه هن خواب ڏٺو هو ته هن کي ماهواري آئي آهي، تون اندازو ڪري ٻڌاءِ ته ان جو مطلب ڪهڙو آهي؟“ مون به سچ پچ اندازو ئي لڳايو. حقيقت اها هئي ته اهو هڪ نوجوان شادي شده عورت خواب ڏٺو هو ته کيس: ”ماهواري آئي هئي“، جنهن جي معنيٰ ته سندس ماهواريءَ جو موقعو رهجي ويو هو. مون کي پڪ آهي ته مٿس ماءُ ٿيڻ واري بار پوڻ کان ٿورو اڳ هن، پنهنجي زندگيءَ جون پرمسرت گهڙيون نهايت آزادگيءَ سان پئي گذاريون هونديون، ۽ اهو سندس پهرين ڀيري ڍڪي ٿيڻ بابت واضع طور اعلان ڪرڻ جو طريقو هو.

منهنجي هڪ ٻئي دوست مون کي لکي موڪليو هو ۽ ٻڌايو به هو ته ٿورو عرصو اڳ، سندس زال خواب ڏٺو هو ته: ”سندس چوليءَ جي آڳي تي کير جو داغ لڳل ڏٺو هو.“ اهو پڻ ڳورهاري هجڻ جو اعلان آهي، پر اهو پهرين ڀيرو نه هو جو هوءَ پيٽ سان ٿي  هئي. جوان ماءُ جي خواهش هوندي آهي ته کيس ٻيو ٻار ڄمي ته ان کي پهرين کان وڌيڪ خواراڪ ڏئي سگهي.

هڪ جو ان عورت ته پنهنجي بيمار ٻار جي سار سنڀال جي ڪري ڪيترائي هفتا دنيا جهان کان بلڪل ڪٽجي وئي هئي، پوءِ جڏهن ٻار چاق ٿي ويو ته هن خواب ۾ پاڻ کي ٻين سان گڏ هڪ تقريب ۾ موجود ڏٺو، جتي سندس ملاقات الفونز ڊائوڊٽ (Alphonse Daudet)، پال بورگيٽ (Paul Bourget) ۽ مارسيل پري ووسٽ (Marcel Prevost) سان ٿي. انهن سمورن جا ساڻس خوشگوار تعلقات هئا ۽ ساڻس ريجهه رهاڻ به ڪندا هئا. سڀني جون شڪليون سواءِ ”مارسيل پري ووسٽ“ جي، انهن ليکڪن سان ملنديون هيون، جن جون تصويرون هن ڪڏهن به ڪو نه ڏٺيون هيون، پر اهي لڳندا ليکڪن جهڙا هئا....

نقصانڪار جيوڙا ماريندڙ عملدار، هڪ ڏينهن اڳ ۾ بيمار جي ڪمري ۾ بيماريءَ کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ واس ڏئي ويو هو، اهو اهو شخص هو، جيڪو گهڻو وقت  اڳ وٽس ايندو هو. ان ريت خواب جو مڪمل ترجمو ڪرڻ ممڪن نظر اچي ٿو: ”ان عورت جو اهو وقت، مستقل طور تي ان بيمار جي تيمارداريءَ جي ڀيٽ ۾ ڪجهه وڌيڪ تفريح ڏيندڙ آهي.“

اهي مثال، اهو ثابت ڪرڻ لاءِ شايد ڪافي هجن، ته جيڪي خواب رڳو خواهشن جي پوري ڪرڻ لاءِ سمجهه  ۾ اچي سگهن ٿا، جيڪي پنهنجي معنيٰ به پنهنجي اصل حالت لڪائڻ کانسواءِ ئي پنهنجي سطح تي آڻي وٺندا آهن، انهن کي مختلف ۽ بار بار پيش ايندڙ حالتن ذريعي ڳولهي سگهجي ٿو. اهي بلڪل مختصر ۽ سادا سپنا هوندا آهن، جيڪي مونجهارو پيدا ڪندڙ ۽ وڏي پيماني تي پيدا ٿيندڙ، پرجوش خاصيت واري جوڙجڪ يا ترتيب جو خوشگوار تضاد برداشت ڪري سگهندا آهن، ۽ اهي ئي خوابن جي تجزيو ڪندڙ ماهرن جي ڌيان ۽ ڪشش جو مکيه سبب هوندا آهن. جيتوڻيڪ اهي سادا سپنا، پاڻ موکڻ لاءِ اسان کي هڪ لمحي لاءِ ترسڻ تي مجبور به ڪندا آهن. اهڙي قسم جا سادا سپنا گهڻو ڪري اسان کي ”ٻارن“ مان ملندا آهن، ڇاڪاڻ ته ان ۾ ٿورو به شڪ نه آهي ته سندن نفسياتي پيداوار مادو، نوجوانن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ مونجهارو پيدا ڪندڙ هوندو آهي، منهنجي راءِ آهي ته ٻارن جي نفسيات بابت به نوجوانن جي نفسيات لاءِ مقرر ڪيل ساڳي ئي خدمت جو طريقو ڪارائتو ثابت ٿيندو، ڇاڪاڻ ته ننڍن جانورن جي ارتقائي ساخت جي چڪاس جو طريقو به ساڳيو ئي آهي جيڪو وڏن جانورن جي ساخت جي تحقيق ۾ ڪم اچي ٿو. ٻارن جي نفسيات جي سلسلي ۾ هيل تائين ڪي ٿوريون ئي ڪوششون ورتيون ويون آهن.

ننڍن ٻارن کي به بار بار خواهشن جي پورائي جا ئي خواب ايندا آهن(1)، ۽ ان معاملي ۾ نوجوانن جي خوابن سان نهايت غيردلچسپيءَ سان ڀيٽ ڪئي وئي آهي.(2)

اهي حل ڪرڻ لاءِ ڪو مسئلو به نه پيدا ڪندا آهن، پر ٻئي پاسي اهي، خواهشن کي پوري ڪرڻ جي نمائندگيءَ جا خواب، پنهنجي لازمي يا بنيادي فطرت کي ثابت ڪرڻ ۾ اڪٿ اهميت رکندا آهن. اهڙي قسم جي خوابن جا ڪجهه مثال، مون پنهنجي ئي ٻارن جي خوابن جي مواد مان گڏ ڪيا هئا.

مان ان سير سياحت جو ٿورائتو آهيان جيڪو اسان 1896ع ڌاري ”آئوسي“ (Aussee)کان ”هال اسٽاٽ“ (Hallstatt) (3) جي نهايت پياري ڳوٺ ڏانهن ويا هئاسين. جتي مون کي ٻه خواب مليا: انهن مان هڪڙو منهنجي ڌيءَ ڏٺو، تڏهن هوءَ اٽڪل ساڍن اٺن سالن جي هئي، ۽ ٻيو سندس سوا پنجن سالن جي ڀاءُ ڏٺو هو. مان هتي اهو ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان ته جيئن مون پيش لفظ ۾ ٻڌايو هو تيئن هتي به اسان اونهاري جا ڏينهن ”آئوسي“ جي ويجهوهڪ پهاڙيءَ تي گذارڻ، اُتي جي وڻندڙ فضا ۽ ”داشتين“ (Dachstein) جي حسين نظاري جو لطف وٺڻ آيا هئاسين. دور دور ڪانن مان ٺهيل اهي جهوپڙيون (Hutte) جتي رپين يا انعام جي عيوض ڪليسائي منصب يا عهدي جي پيشڪش (Simony) جي تقريب منعقد ڪئي ويندي هئي، جنهن کي دوربينيءَ جي ذريعي ڏسندا هئاسين. ٻار ته ان دوربينيءَ ذريعي بار بار ڏسڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، جن لاءِ چئي نه ٿو سگهجي ته اهي، ان جهوپڙيءَ کي ڏسڻ ۾ ڪامياب به ٿيندا هئا يا نه پر سير لاءِ نڪرڻ کان اڳ مون ٻارن کي چيو هو ته ”هال اسٽاٽ“، ”داشتين“ جي پير تي بيٺل آهي، ان ڪري اهي ان ڏينهن جو شدت سان انتظار ڪري رهيا هئا. اسان ”هال اسٽاٽ“ کان ”ايشرن تال“ (Echerntal) تائين پنڌ ڪري وياسين، جتي مختلف موهيندڙ منظر ڏسي ٻارن کي ڏاڍي سرهائي پئي ٿي. انهن مان هڪڙو، جيڪو پنجن سالن جو ٻار هو، سو آهستي آهستي اتاولو به پئي ٿيو. هر ڀيري هڪ نئون جبل سامهون ڏسڻ ۾ ٿي آيو ته هن سوال ٿي پڇيو ته اهو ”داشتين“ هيو ڇا؟ ته مون انڪار ڪندي کيس ٿي چيو: ”نه اهو انهن جبلن جي هڪ دامن/ وٽ (Foothill) آهي.“ ڪيترن سوالن پچڻ کانپوءِ آخرڪار هو بلڪل خاموش ٿي ويو. ۽ جڏهن اسان آبشار جي پاسي وڃڻ لڳاسين ته هن هلڻ کان هڪدم انڪار ڪري ڇڏيو. مون کي محسوس ٿيو ته هو شايد ٿڪجي پيو آهي. پر ٻئي ڏينهن صبح جو هو، اٿي مون ڏي آيو ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪندي چوڻ لڳو: ”گذريل رات مون خواب ڏٺو هو ته اسان ان جهوپڙيءَ ڏي ويا آهيون، جتي ڪليسائي منصب جي تقريب منعقد ڪئي ويندي آهي.“ پوءِ مان سمجهي ويس. مان جڏهن ”داشتين“ متعلق پئي ڳالهايو ته هن کي اميد هئي ته اسان ”هال اسٽاٽ“ جي سير تفريح ڪندي، جبل تي چڙهي، دوربينيءَ ذريعي پاڻ کي ان جهوپڙيءَ جي گهڻو ويجهو محسوس ڪنداسين، جنهن جي سلسلي ۾ دوربينيءَ ذريعي ڏسڻ جو ذڪر تمام گهڻو ٿيو هو، پر جڏهن جبل جي دامن کي ڌڌڻ ۽ آبشار جي آواز جو ڊپ محسوس ڪيائين ته هو نا اميد ٿي، جوش وڃائي ويٺو. ان حوالي سان سندس خواب انهيءَ خواهش جي تلافي ڪندڙ هو. مان کانئس وڌيڪ تفصيل وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن جا جواب ڪجهه اڻپورا هئا، هن بس رڳو ايترو چيو ته: ”توهان پورا ڇهه ڪلاڪ مٿي چڙهيا هئا.“

ساڍن اٺن سالن جي هڪ ڇوڪريءَ ۾ ساڳئي سير تفريح واري خواهشن کي اڀاريندڙ جذبا، جيڪي سندس خواب ۾ اطمينان جو باعث بڻيا، اهي ڪجهه هن ريت هئا.... ”هال اسٽاٽ“ اچڻ وقت اسان پاڻ سان پاڙي جي هڪ ٻارهن سالن جي پٽ کي ساڻ کنيو هو. هو اڳي ئي بهادر جوانڙو هو، هن جي ٻي نشاني اها هئي ته اهو ڇوڪرو ڪنهن ننڍي نيٽي ڇوڪريءَ جي پريم جي سڳي ۾ ٻڌل هو. ٻئي ڏينهن صبح جو ان نينگريءَ مون کي پنهنجو خواب ٻڌايو ته: ”سمجهان ٿي ته مان خواب ٿي ڏسان ته ”ايمل“ اسان جي گهراڻي جي آهي ۽ توهان کي بابا ۽ امان به چوي ٿي ۽ سمهي به اسان سان گڏ ان وڏي ڪمري ۾ ٿي، بلڪل ڇوڪرن وانگر. پوءِ امان اچي ٿي ۽ ايندي شرط پنهنجي هٿن ۾ جهليل چاڪليٽن جي ٿيلي، جيڪي ساون ۽ نيرن پنين ۾ ويڙهيل آهن، اسان جي بستري جي هيٺان اڇلائي ٿي.“ سندس ڀاءَ ۾ خوابن کي سمجهڻ جي ڪا چٽي يا موروثي نشاني موجود ڪا نه هئي، خواب جڏهن تعبير ڪندڙ ماهر ماڻهن کي ٻڌايو ويو ته انهن سندس خواب کي بيڪار قرار ڏئي ڇڏيو. حالانڪ ڇوڪريءَ پاڻ پنهنجي خواب جي هڪ حصي جو بچاءُ به پئي ڪيو، ۽ ان جي انهيءَ حصي تي اعصابي نظريي مطابق ڪافي چٽي روشني ٿي پئي. ٿي سگهي ٿو ”ايمل“ پنهنجي خاندان لاءِ بيڪار هجي پر سندس چاڪليٽن وارو حصو بيڪار نه هو.“ ان نڪتي تي مان پاڻ به بلڪل اونداهيءَ ۾ هوس، پر هاڻي نينگريءَ جي ماءُ مون کي ان جي وضاحت ڏئي ڇڏي. ريلوي اسٽيشن کان سندن گهر واري رستي تي، ٻار ان مشين (Slot-machine) وٽ، جنهن ۾ سڪو وجهبو آهي ته ان مان (لاٽريءَ وانگر) ننڍيون وڏيون شيون حاصل ٿينديون آهن، جنهن مان عادت مطابق، مختلف ۽ چمڪندڙ رنگ برنگي پنين ۾ ويڙهيل چاڪليٽن حاصل ڪرڻ لاءِ ترسيا هئا، سندن ارادو هو ته ان ڏينهن انهن اڳي ئي ڪيتريون خواهشون پوريون ڪيون هيون، ان ڪري سندن ان هڪڙيءَ خواهشن کان کين منع ڪيو ويو هو، جيڪا سندس خواب ۾ پوري ٿي هئي. مان پنهنجي سر ان واقعي کي بلڪل به هٿ ڪري نه سگهان ها، پر منهنجي ڌيءَ جي ٻڌائڻ کانپوءِ خواب هڪدم چٽو ٿي پيو. مون پاڻ پنهنجي ڪنن سان پنهنجي مهمان جي واتان، ٻارن کي چوندي ٻڌو هو ته ”اهي تيستائين ترسن، جيسيتائين سندن ماءُ پيءُ اچي نه پهچن.“ ان ننڍڙيءَ ڇوڪريءَ جو ايمل سان عارضي عزازت وارو خواب، هڪ مسلسل ڳانڍاپي (ماءُ ۽ پيءُ سان گڏ سمهڻ) ۾ بدلجي ويو. سندس جذبا اڃان ان قابل نه هئا جو تلافيءَ جي ڪنهن ٻيءَ صورت ۾ ظاهر ٿين ها، جيئن سندس خواب ۾ ظاهر ٿيا هئا، جيڪي سندس ڀائرن جي رشتي سان ٻڌل هئا. يقينن، جيڪڏهن هن کان ڪي سوال نه ڪجن ها ته ”بستري جي هيٺان پيل چاڪليٽن“ متعلق ڪجهه معلوم به نه ٿئي ها!

منهنجي هڪ دوست مون کي پنهنجو خوب ٻڌايو، جيڪو لڳڀڳ منهنجي پٽ جهڙو هو، خواب ڏسڻ واري اٺن سالن جي هڪ نينگري هئي. سندس پيءُ، پنهنجي ڪيترن ٻارن سميت ”ڊورنبيڪ“ (Dornbach) (1) جي طرف گهمائڻ وٺي ويو هو، خاص بانس مان ٺهيل جهوپڙيون (Rohrer Hutte) ڏيکارڻ جي خيال کان وٺي ويو هو، پر کين پهچڻ ۾ دير ٿي وئي هئي ۽ ڪليسائي منصب واري رسم ادا ٿي چڪي هئي. جنهن ڪري هن ٻارن کي مايوسيءَ کان بچائڻ لاءِ ساڻن ٻيهر اچڻ جو وعدو ڪيو هو. واپسيءَ تي گهر ايندي، هو، بانس جي ان ڏنڊي (Signpost)، وٽان گذريا، جنهن تي رهنمائيءَ لاءِ لڳل تختيءَ تي مٿي ”هامي آئو“ (Hameau) ڏانهن ويندڙ رستي جو نشان لڳل هو. ان کي ڏسي ٻارن مٿس، مٿي هلڻ لاءِ زورڀريو، پر وري به کين ساڳيو آسرو ڏئي، ساڻن ٻئي ڏينهن هلڻ جو وعدو ڪري ان خيال تان به ٽاريو ويو. ٻئي ڏينهن صبح جو اها اٺن سالن جي نينگري پنهنجي پيءُ وٽ آئي ۽ نهايت اطمينان سان چوڻ لڳي ته: ”بابا! رات مون خواب لڌو آهي ته توهان اسان کي ”رور هائيٽي“ ۽ ”هامي آئو“ گهمائڻ وٺي ويا آهيو.“ هن جي بي صبريءَ، سندس پيءُ جي ڏنل آسرن ۽ وعدن جو پورائو ڪري ورتو.

هتي ساڳئي قسم جو بلڪل سڌو سنئون خواب ٿو اوهان کي ٻڌايان، جو ”آئوسي“ جي حسين نظارن منهنجي ٻي ڌيءَ جي من کي هرکائي وڌو هو، هوءَ تڏهن سوا ٽن سالن جي به مس هئي. پهريون ڀيرو هو جو هوءَ ڍنڍ کي پار ڪندي گذري هئي، هن لاءِ اهو سفر تمام مختصر هو: سو جڏهن اسان ڪناري تي پهتاسين ته هن ٻيڙي مان لهڻ نه پئي چاهيو ۽ شدت سان روئڻ لڳي. ٻئي ڏينهن صبح جو چوڻ لڳي: ”رات مان ڍنڍ تي گهمڻ وئي هيس.“ مون کي اميد آهي ته سندس خواب، ڍنڍ کي پار ڪندي ٿورو وڏو ۽ اطمينان ڏياريندڙ عرصو ورتو هوندو.

منهنجو اٺن سالن وارو وڏو پٽ ته اڳ ۾ ئي پنهنجي تصورن جي بنياد تي سچا خواب ڏسندو هو: هن خواب ڏٺو ته مان ”رٿ“ (ٻه چاڪئين گهوڙي گاڏيءَ جو قسم) تي سير ڪري رهيو هوس، جنهن جا ڪوچوان، ”ايڪليز“  (Achilles) ۽ ”ڊوميڊي“ (Diomede) هئا. انهن جي سڃاڻپ ان ريت ٿي سگهي ٿي ته هڪ ڏينهن اڳ هو، ٽراءِ واري لڙائيءَ ۾ مارجي ويل، يونان جي انهن عظيم ڪردارن متعلق لکيل ڪتاب کان متاثر ٿيو هجي، جيڪو کيس سندس وڏي ڀيڻ ڏنو هو.

جيڪڏهن مان خوابن جي عنوان سان رڳو ٻارن جا ننڊ ۾ چيل لفظ هڪ هنڌ گڏ ڪريان ته مان ان نڪتي تي، پنهنجي گڏ ڪيل جوانيءَ سان ڀرپور سپنن مان هڪڙي جو حوالو ضرور ڏيندس. منهنجي ننڍي ڌيءَ، جڏهن اڃان نون مهينن جي هئي، ته هڪ ڀيري صبح جو اوچتو کيس الٽيون اچي لٿيون، جنهن جي ڪري سارو ڏينهن ويچاريءَ بک تي گذاريو. اهو ڏينهن لنگهي جڏهن رات ٿي ته بک سبب، اسان کيس ننڊ ۾ دبرندي ٻڌو: ”اينا فيوڊ، استوابي وويز وائيلد.... استوابي وويز آمبليت پودين!“ (Anna Fweud, Stwawbewwwies wild Stwawbewwwies omblet Pudden!) . ان عمر ۾ هوءَ ڪا شيءَ گهرندي هئي يا ڪجهه چوڻ چاهيندي هئي ته گهڻو ڪري پنهنجو ئي نالو وٺندي هئي. ان حوالي سان ننڊ ۾ به هوءَ پنهنجي لاءِ مانيءَ جي خواهش ڪندي نظر پئي آئي. حقيقت اها هئي ته سندس خواب ۾ ٻن نمونن جا ولايتي شهتوت (Strawberries) جا نظر آيا هئا، جيڪي گهريلو صحت وارن اصولن سبب سندس بگڙيل حالت جي ڪري واضح طور منع ڪيل هئا، جن جي متعلق بيشڪ اهو ئي مشاهدو ٿيو هو ته سندس نرس سندس هٻڇ ڪري شهتو تن کائڻ سبب پيدا ٿيل ناچاقيءُ جي ڪري کيس جهليو هو. بس اهڙيءَ ريت هن خواب ۾، ڏنل ان اڻوڻندڙ فيصلي جي خلاف ادلو بدلو (Retaliate) ڪري ورتو هو.(1)

ڏٺو ويو آهي ته اسان ننڍپڻ جي خوشين متعلق تمام گهڻو سوچيندا آهيون، ڇاڪاڻ ته اها عمر جنسي خواهشن جي حوالي سان نهايت معصوميت واري هوندي آهي. اسان کي اها ڳالهه بلڪل به وسارڻ نه گهرجي ته نا اميدين ۽ مايوسين کان دستبردار ٿيڻ لاءِ لاڀدائڪ بنياد ڪهڙا ٿي سگهن ٿا ۽ انهن جي نتيجي ۾ خوابن جي ترغيب جو ڪهڙو رخ ظاهر ٿئي ٿو، ٿي سگهي ٿو ته اهي ٻين، ٻن تمام وڏين ۽ ڀرپور جبلتن ذريعي مهيا ٿي سگهن. ٻار جي ذهني مطالعي جو ويجهڙائيءَ کان ڪيل اڀياس اسان کي گهڻو ڪجهه سيکاري ٿو، يقين ڪريو ته جنسي جبلتي ڪارڻ، ٻاراڻي جنسي رحجان واري صورت ۾، تمام وڏو ڪردار ادا ڪن ٿا، هڪڙو ته ٻار جي جسماني سرگرميءَ جي حوالي سان، تمام گهڻو ڪجهه نظرانداز ڪيو ويو آهي. ٻالڪپڻي جي خوشين جي حوالي سان ڳوڙهو اڀياس پڻ اسان کي شڪ ۾ مبتلا ڪرڻ جو رستو ڏئي ٿو، جيڪو نوجوانن ۾ گذريل زماني سان لاڳو ٿيندڙ، واقعن ۽ تجربن جي جائزي يا ماضيءَ جي تجربي ذريعي سندن فطرت ۾ سمائجي ويل هوندو آهي.(2)

ان جو ٻيو مثال هن ريت آهي: ٻاويهن مهينن جو منهنجو ڀائٽيو، جنهن تي ذميداري رکي وئي هئي ته هو مون کي، منهنجي جنم ڏينهن تي مبارڪباد ڏئي ۽ شاهه داڻن (Cherries) جو ٽوڪرو مون کي تحفي ۾ پيش ڪري، جيڪو سال جي ان مند ۾ رڳو اهو ئي موجود هوندو آهي. هن کي اها ذميداري ڪجهه ڏکي به لڳي پئي ۽ ور ور ڪري ان جو نالو به ورجائيندو پئي رهيو: ”هن ۾ شاهه داڻا (Chewwies) آهن“، پر پاڻ انهن کي هٿ ڪو نه پئي لاتائين، اهڙيءَ ريت هن تلافي ڪندڙ معنيٰ ڳولهي ورتي. سندس عادت هئي ته صبح جو اٿندي ماءُ کي چوندو هو ته: ”هن رات ”اڇن سپاهيءَ“ جو خواب ڏٺو آهي.“ هڪ ڀيري، هن گهٽيءَ ۾ بيٺل پهريدار کي اڇي پوشاڪ ۾ بيٺل ڏسي ساراهڻ واري انداز سان ڏانهنس نهاريو هو. ٻئي ڏينهن سندس سالگره هئي ۽ ان ڏينهن هو ڏاڍو هشاش بشاش جاڳيو ۽ وٽس هڪ عجب جهڙي خبر هئي، جا هن خواب مان ئي آندي هئي ته: ”هر من سمورا شاهه داڻا کائي ويو.“

”حقيقت بهرحال بيان به ڪرڻ گهرجي ته ٻار گهڻو مونجهارو پيدا ڪندڙ ۽ گهٽ شفاف سپنا، جلد ئي ڏسڻ لڳندا آهن، ۽  اها به حقيقت آهي ته ٻئي پاسي، ڪن حالتن ۾ نوجوان به گهڻو ڪري، ساڳئي قسم جا سادا ۽ ٻاراڻين خاصيتن وارا سپنا ڏسندا آهن. غير متوقع مواد جو خزانو، جيڪو چئن يا پنجن سالن جي ٻارن جي خوابن ۾ به ظاهر ٿي سگهي ٿو، ان سلسلي ۾ منهنجي لکيل مضمون: ”پنجن سالن جي ٻارن ۾ خوف واري حالت جو تجزيي (Analysis of a Phobia in a Five-Year Old boy.1909) جو ”جونگ“ سن 1910ع ۾ مثال ڏئي بيان ڪيو آهي.(1)

ٻارن جي سپنن جي تجزياتي تعبير، ”وان هگ هيلموٿ“ (Von Hg- Hellmuth. 1911-1913) ”پيوٽنم“ (Putnam.1912)  ”وان رالتي“ (Van Raalte. 1912) ”اسپيلرن“ (Spielrein. 1913) ۽ ”ٽسڪ“
 (Tusk. 1913) ۾ پڻ ڏسي سگهجن ٿيون. ٻارن جي خوابن متعلق ”بيانچيري“ (Bianchieri. 1912) ”بزمان“ (Busmann. 1909-1910) ۽ ”ڊوگليا“ (Doglia) پڌرايون ڪيون آهن ۽ خاص طور ”وگم“ (Wiggam-1909) انهن جي خواهشن جي پورائي تي وڌيڪ زور ڏنو آهي.

ٻئي طرف نوجوانن ۾، ٻاراڻي قسم جا خواب، خاص طور بار بار تڏهن ظاهر ٿيڻ لڳندا آهن، جڏهن اهي پاڻ کي ٻاهرين ۽ غير معمولي حالتن ۾ ڳولهڻ لڳندا آهن.(2)

اهڙيءَ ريت ”اوٽو نارڊينسڪ جولڊ“ (Otto Nordenskjold. 1904,1,336) ان سفر جي ساٿين جيان لکي ٿو جڏهن اهي اينٽارٽيڪا ۾ ٿڌ کان ڏڪي رهيا هئا: ”اسان جا بنهه اندروني خيال جڏهن ڪو رخ اختيار ڪندا آهن ته اهي سپنن ۾ بلڪل واضح طور تي نظر ايندا آهن، پر اهي ڪڏهن به چٽا يا مضبوط نه هوندا آهن يا ان وقت وڏي تعداد ۾ نه هوندا آهن. خود اسان منجهان اهي به جيڪي خواب ته ڏسندا آهن پر صبح جو انهن وٽ ٻڌائڻ لاءِ، ڪي وڏيون ڪهاڻيون نه هونديون آهن، جڏهن ته اسان تصور جي دنيا ۾ پنهنجي تازن تجربن کي ونڊڻ ورهائڻ جو ڪم ڪندا رهندا آهيون. اهي سڀئي خارجي دنيا سان وابستا هوندا آهن، جيڪي هاڻي اسان وٽان هاڻي دور ٿيندا ٿا وڃن، حالانڪ اهي گهڻو ڪري اسان جي حقيقي حالتن مان اختيار ڪيل هوندا آهن.

منهنجي هڪ ساٿيءَ کي خاص طور اسڪول واري زماني ۾ هلندڙ ڪلاس دوران، وڏين خاصيتن وار خواب ايندا هئا، جتي مٿس گوشت خور سامونڊي مڇيءَ جي کل لاهڻ جي ذميداري عائد ٿيل هئي، جيڪا خاص سمجهاڻي ڏيڻ جي مقصدن لاءِ تيار ٿيندي هئي. کائڻ ۽ پيئڻ جو دارومدار به بهرحال گڏوگڏ ڦرندو رهندو آهي، جنهن جي ڪري به اسان جا خواب مختلف چڪر کائيندا رهندا آهن. اسان مان هڪڙي شخص کي، جنهن کي رات جي شاندار دعوتن ۾ شريڪ ٿيڻ جو خاص تحفو عطا ٿيل هو، اهو وڏي فخر سان صبح جو پنهنجي روئداد بيان ڪندو هو ته: ”رات هن اٽڪل ٽن دعوتن ۾ ماني کاڌي هئي.“ اسان مان ڪن ٻين کي وري تماڪ ڇڪڻ جا خواب ايندا هئا، جيڪو تماڪ جا وڏا وڏا پهاڙ پورا ڪري ڇڏيندو هو. ٽيون وري کليل سمنڊ ۾ پاڻيءَ واري جهاز تي پيو سير ڪندو هو. وري ڪو خواب اهڙو هوندو آهي، جنهن ۾ بار بار اچڻ جي اهليت يا خاصيت هوندي آهي. ٽپالي ڪو خط کڻي ايندو آهي ۽ هڪ طويل وضاحت طلب خط ڏئي ويندو آهي ته اسان ان ڪم ۾ ايتري دير ڇو ڪئي آهي؟ هو ڪنهن غلط ڏس تي خط ڏئي ويندو آهي، جنهن کي هٿ ڪرڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پوندو آهي. اسان ناممڪن شين جا خواب به يقينن ڏسندا آهيون، پر انهن سمورن خوابن کي سمجهڻ لاءِ اسان وٽ تصور يا تخيلاتي صلاحيت جي ڏاڍي گهٽتائي هوندي آهي، جو اسان بيان نه ڪري سگهندا آهيون. اها ڳالهه يقينن تمام وڏي نفسياتي دلچسپيءَ جي حامل آهي، جيڪڏهن اسان انهن کي لکي، ٻڌائي يا ڪنهن به ريت محفوظ ڪري سگهون ته ان صورت ۾ اهو سمجهڻ به سولو ٿي پوندو ته اسان ڪيتري دير ستا هئاسين. جيڪا اسان سڀني کي وڏي شوق ۽ شدت واري ضرورت جي پيشڪش ڪندي رهندي آهي.(1)

”ڊو پريل“ (Du Prel. 1885,231) مطابق: ”آفريڪا جي سفرن دوارن، ”منگو پارڪ“ ۾، جڏهن هو اڃ سبب مرڻينگ حالت تي پهتو هو ته خواب ۾ هن مسلسل وهندڙ پاڻيءَ واريون واديون ۽ پنهنجي علائقي جا چراگاهه ڏٺا هئا، ساڳئيءَ ريت ”بيرن ٽرينڪ“ جن ڏينهن ۾ ”ميگڊي برگ“ جي قلعي ۾ قيدي هو ته بک کان بي حال پئي ٿيو، تڏهن خواب ڏٺائين ته ڏاڍي مهانگي ۽ شاندار کاڌي جي ڪڍ پئي ڦريو. ۽ ”جارج بئڪ“ جڏهن ”فرئنڪلين“ جي پهرين زميني سفر ۾ شامل ٿيو هو ۽ بک ۾ پاهه ٿي رهيو هو ايستائين جو لڳڀڳ مرڻ وارو هو. پنهنجي ان محروميءَ جي ڊپ جي نتيجي ۾، هن مسلسل ۽ بار بار کاڌي حاصل ڪرڻ جا خواب پئي ڏٺا.“(2)

مان پنهنجي طور تي جانورن جي خوابن متعلق نه ٿي ڄاتو پر ان پاسي هڪ شاگرد منهنجو ڌيان ڇڪرايو هو، جنهن دعويٰ پئي ڪئي ته کيس خبر آهي، مون کانئس پڇيو ته اهو پهاڪو ائين ته نه آهي؟ ته هنج به خواب ڏسندا آهن؟ ته چوڻ لڳو: جي! اهي مڪئيءَ جا خواب ڏسندا آهن.“(3)

نظر ڪبي ته خواهشن جي پورائي جو سڄو نظريو، انهن محاورن تي پوريءَ ريت ٺهڪي ٿو اچي.

مان پنهنجي ان دعويٰ لاءِ ڳولهڻ جي ڪوشش وٺڻ کان گهڻو پري آهيان ته خوابن کي خواهشن جو پورائي جو خيال ڏيندڙ پهريون ليکڪ مان آهيان، (ايندڙ باب جو پهريون جملو) اهي جيڪي، وقت کان اڳ ۾ ڪم ڪرڻ جي ان طريقي جي اهميت سان وابستا آهن، تن کي تاريخ جي قديم دور ۾ موٽي وڃڻ گهرجي ۽ ”هيرو فيلس“ (Herophilus) نالي ان حڪيم جو حوالو ڏيڻ گهرجي، جيڪو ٻي صدي عيسويءَ دوران پهرين بطليموسي نظام هيٺ ڪم ڪندو هو. (بطليموسي نظام: ٻي صديءَ عيسويءَ جي فيلسوف بطليموس جو پيش ڪيل فلڪياتي نظام، جنهن جو خيال هو ته ”زمين ڪائنات جي وچ ۾ هڪ جاءِ تي بيٺل آهي، ۽ سج، چنڊ تارا، ان جي چوگرد چڪر لڳائي رهيا آهن.“)

”بوشين شيوز“ (Buchenschutz. 1868.33) خوابن کي ٽن قسمن ۾ ورهايو آهي، هڪڙا اهي جيڪي خدائن جي طرفان موڪليا وڃن ٿا، اهي فطرت مطابق ٿين ٿا ۽ تڏهن اُڀرن ٿا جڏهن ذهن ڪنهن شيءَ جي تصوير جوڙي وٺي ٿو، جيڪا قبول ڪرڻ جهڙي ٿئي ٿي ۽ اها ئي ظاهر ٿئي ٿي. ۽ اهي جيڪي گڏيل سوچ رکندڙ آهن، اهي تصويرن ۾ پنهنجي خيال کي شامل ڪن ٿا، ته جيئن هو چاهين ٿا تيئن هو ڏسي سگهن ٿا.“

”جان اسٽارڪي“ (Starcke. 1913, 248 John) وري ”شيرنر“ جي خوابن متعلق گڏ ڪيل مواد طرف ڌيان ڇڪايو آهي، جنهن ۾ ليکڪ پاڻ به خواهشن جي پورائي کي بيان ڪيو آهي. ”شيرنر“ (Scherner. 1861, 239) لکي ٿو“ خواب ڏسندڙ جو تصور، سندس جاڳ دوران ڪيل خواهش کي وڏي ڦڙتيءَ ۽ نهايت سادگيءَ سان پورو ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته تصور ۾ اها خواهش تمام گهڻي متحرڪ رهي ٿي. ”شيرنر“ اهڙي خواب کي، ”خواب جي اندر هڪ مزاج يا ڪيفيت“ جو درجو ڏئي ٿو. ان سان گڏ هو مردن توڙي عورتن ۾ انهن کي ”جنسي، عاشقاڻي، يا نفسياتي احساساتي ۽ دل جي ڇڪ، آنڌمانڌ ۽ اڪير جا ۽ زود رنج طبيعت جا“ خواب سڏي ٿو. ”شيرنر“ جي بيان ڪيل، خوابن ۾ خواهشن کي اڀاريندڙ عنصرن متعلق ڏنل راءِ تي سواءِ ڪنهن ٻيءَ جاڳ واري ذهني صورتحال جي، ڪو چٽو سوال پيدا نه ٿو ٿئي: پر جيڪڏهن هن جي خواهشن کي خوابي فطرت جي ضروري عنصر متعلق ڪي سوال اڃان باقي آهن ته به اهي ڪي ٿورائي هوندا.(1)

اهو به ڏٺو ويو آهي ته اسان گهڻو ڪري خوابن لاءِ رڳو هڪدم ٻوليءَ جي استعمال ذريعي، پنهنجي ئي جوڙيل ڪن ڳجهين معنائن واري نظريي تحت، ڪندا آهيون. اهو درست آهي ته عام ٻولي ڪڏهن ڪڏهن خوابن لاءِ توهين آميز به ٿي پوندي آهي. جملو آهي ته ”خواب نظرن کان دور هوندا آهن“، ڏٺو وڃي ته اهو جملو خود خوابن جي مطالعي، مشاهدي ۽ تجربي مان حاصل ڪيل ڄاڻ جي رٿيل تخميني ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو. پر مجموعي طور تي، خوابن کي عام شيءَ جيان استعمال ڪندي به بهرحال انهن کي خواهشن جو پورائو ڪندڙ هڪ دعاڳو عمل سمجهڻ گهرجي. جيڪڏهن اسان سدائين پنهنجي اميدن ۽ امنگن کي واقعاتي حدن ذريعي ڏسڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته اسان سرهائيءَ سان پاڻ کي مخاطب ڪنداسين ته: ”اسان اهو تصور ته ڪڏهن به نه ڪيو هو، خود پنهنجي اجاين ۽ جهنگلي قسم جي خوابن متعلق به نه ڪيو هو.(2)

باب چوٿون

خوابن ۾ تاثر جو بگڙجي وڃڻ

DISTORTIONS IN DREAMS

 

جڏهن مون اها دعويٰ ڪئي هئي ته هر هڪ خواب جي معنيٰ خواهشن جو پورائو ڪرڻ آهي ته ائين چئجي ته خواهشن کي پورو ڪرڻ وارن خوابن کانسواءِ ڪو ٻيو خواب ٿي ئي نه ٿو سگهي، مان اميد ڪجهه آئيندي به محسوس ڪريان ٿو ته اختلاف يا تضادن جي درجي بنديءَ (ڏيوٺ) جي باوجود مان ان کي ثابت ڪري وٺندس.

”ڪا به شيءَ نئين نه آهي.“ مان ضرور ثابت ڪندس، ان خيال کان، ڇاڪاڻ ته ”ڪجهه“ خواب، خواهشن جي پورائي جي حوالي سان ڏٺا ويا آهن. ان موضوع تي مهارت رکندڙن ان ڳالهه تي گهڻو اڳ ڌيان ڏنو هو، جهڙوڪ: ”راڊيسٽاڪ“ (صفحو 137)، ”والڪيلٽ“ (110 صفحو)، ”پرڪنجي“  (صفحو 456) ”تيسي“ (صفحو 70)، ”سائمن“ (بئرن ٽرئنڪ“ قيدي هئڻ واري دور ۾ سندس بک وارا خواب: صفحو: 42) ۽ گريسنگر“ (Griesinger. 1845.89) جي لکيل هڪ ٽڪري ۾ .(1) پر سندن دعويٰ اها آهي ته خواهشن جي پورائي جي خوابن کانسواءِ ٻيا ڪي خواب ٿيندا ئي نه آهن. اها به هڪ گهڻي غير واجبي ۽ عام قسم جي دعويٰ آهي. جڏهن ته ڪو به ان کي آسانيءَ سان غلط ثابت ڪري سگهي ٿو. بهرحال گهڻي تعداد ۾ نظر آيل خوابن جو مواد يا سٽاءُ، تڪليف ڏيندڙ ۽ منجهائيندڙ موضوع رهيو آهي، جنهن جي ڪري انهن ۾ خواهشن جي پورائي جي ڪا به چٽي نشاني نظر نه ايندي آهي.

”ايڊيوئرڊ وان هارٽمئن“ (Eduard von Hartmann)، قنوطي نظريي جو دانشور هو، جنهن خوابن جي خواهشن جي پورائي واري نظريي کي سڀ کان اڳ ۾ رد ڪري ڇڏيو هو. هو پنهنجي ڪتاب: ”لاشعور جو فلسفو“ (Philosophic des Unbewussten. 1890,2,344) ۾ لکي ٿو ته: ”لاشعور جڏهن خواب ۾ اچي ٿو ته اسان کي، جاڳ جيون جي سموري چڙ، خفا ۽ ناراضگيون به ننڊ واري حالت ۾ کڻي ايندي نظر اچي ٿو. اسان رڳو اها شيءِ نه ڳولهي سگهيا آهيون ته هڪ پڙهيل لکيل ماڻهوءِ جي زندگيءَ ۾ مشاهدي، مطالعي ۽ تجربي مان حاصل ڪيل ڄاڻ ۽ فني تخيلاتي مناسبت يا مطابقت پيدا ڪرڻ جو ڪيتري حد تائين پورائو ڪري سگهي ٿو...“ پر اڇاتري انداز سان مشاهدو ڪندڙن جو زور ان ڳالهه تي آهي ته ”خوابن ۾ خوشي، راحت يا مسرت جي ڀيٽ ۾ درد ۽ تڪليف ڪجهه وڌيڪ ئي هوندو آهي، مثال طور ”شولز“ (صفحو 57) ”والڪيلٽ“ (صفحو 80) ۽ ٻيا.

سچ ته ٻن عورتون: ”فلورنس هالم“ (Florence Hallam) ۽ ”ساره ويڊ“ (Sarah Weed. 1896,499) ، پنهنجي خوابن جي مطالعاتي بنيادن تي، ڏک ۽ تڪليف جي اهم هجڻ جي سلسلي ۾ بلڪل درست انگن اکرن سان وضاحت ڏني آهي. انهن جو چوڻ آهي ته ستونجاهه ڏهائي ٻه (2. 57) سيڪڙو خواب، ”قبول ڪرڻ جهڙا نه هوندا آهن،“ ۽ رڳو اٺاويهه ڏهائي ڇهه (6. 28) سيڪڙو  يقينن ”راحت ڏيندڙ هوندا آهن.“ ۽ انهن خوابن کانسواءِ، جيڪي ننڊ ۾ زندگيءَ جا مختلف ايذاءَ ۽ ڏک ڏيندڙ جذبا ساڻ کڻي ايندا آهن، اهي پريشانيءَ يا ڳڻتيءَ جا خواب هوندا آهن، جن ۾ اهي سمورا اڻوڻندڙ احساس تيسيتائين اسان کي جاڳڻ تائين، تمام خطرناڪ يا جارحاڻي انداز ۾ جڪڙي وٺندا آهن، ڏٺو ويو آهي ته پريشانيءَ يا ڳڻتيءَ وارن اهڙن خوابن جو عام شڪار گهڻو ڪري ٻار ٿيندا آهن.(1)  جن کي اوهان خواهشن جي پورائي واري اصل حالت کي لڪائڻ لاءِ ڪنهن به ”سانگ رچائڻ“ کانسواءِ ئي آسانيءَ سان سمجهي سگهو ٿا.

حقيقت ۾ اهي پريشانيءَ يا ڳڻتيءَ وارا خواب، (منهنجي گذريل باب ۾ ڏنل مثال جي بنياد تي) اهڙيءَ ريت نظر ايندا آهن جو انهن متعلق انهن کي خواهشن جو پورائو ڪندڙ چوڻ لاءِ عام انداز جو بحث ۽ انهن جي گهربل حل جي دعويٰ ڪرڻ ناممڪن آهي؛ سچ ته اهي خواب ڪجهه اهڙي انداز ۾ نظر ايندا آهن جو انهن تي هڪدم بيڪار يا خراب هئڻ جو ٺپو لڳي ويندو آهي.

ان جي باوجود انهن نتيجي نڪتل ۽ ظاهر اختلافن تائين رسڻ ڪو گهڻو مشڪل نه آهي، رڳو منهنجي ٻڌايل ان حقيقت تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته ”منهنجو نظريو خوابن جي مواد جي وضاحت تي ويچار ڪرڻ تي ٻڌل نه آهي، پر انهن سوچن ۽ خيالن جو حوالو آهي، جيڪو ان تشريحي طريقي کي ظاهر ڪري ٿو، جيڪو خواب جي پويان ڪار فرما آهي.“ اسان کي ”پيشڪش“ (Manifest) ۽ خوابن جي ڳجهي مواد (Latent Content of Dreams) ۾ فرق ڪرڻ گهرجي. ان ڳالهه تي ڪو به سوال پيدا نه ٿو ٿئي ته ڪي اهڙا خواب به ٿيندا آهن جن جي پيشڪش گهڻي قدر ايذاءُ يا ڏک رسائيندڙ مواد تي مبني هوندي آهي. پر اهڙن خوابن جو تجزيو ڪنهن ڪيو به آهي؟ انهن جي پويان لڪل يا ڳجهن خيالن کي ڪنهن کولي ظاهر به ڪيو آهي؟ جيڪڏهن نه! ته پوءِ منهنجي نظريي جي خلاف هڪ اڌ اختلاف اڀرڻ جي باوجود ڇا اهي تفتيش ۽ جاچ پڙتال تي پورو لهڻ جي قابل نه ٿا ٿي سگهن: اها ڳالهه اڃان تائين ته مشڪل نه آهي ته ڏک ڏيندڙ ۽ ايذاءُ رسائيندڙ خوابن جو به جڏهن تجزيو ڪيو وڃي ته اهي به ڦري گهري خواهشن جي پورائي جي پاسي مڙي وڃن.

هن ڪتاب جي انهن پڙهندڙن ۽ نقادن کي ضد سان مڃائڻ ڏاڍو مشڪل آهي، ڇاڪاڻ ته اهي مٿي غور ڪيل ڳالهين تي پنهنجون اکيون بند ڪري ٿا ڇڏين ۽ ”پيشڪش“ ۽ ”خوابن جي ڳجهي مواد“ جي بنيادي فرق کي نظر انداز ڪري ٿا ڇڏين.(2)

ٻئي طرف هن موضوع تي لکيل ادب به منهنجي دليل جي ايترو به ويجهو ڪو نه ٿو رسي جيترو ”جيمس سولي“ (James Sully) جي مضمون ”خواب هڪ الهام جيان“ (Dream as a revelation. 1893. 364) ۾ هڪ حصو آيل آهي. اها حقيقت آهي ته مان اڪيلي سر ۽ پهريون ڀيرو انهن جا حوالا پيو ڏيان، اهو سڀڪجهه انهن جو مرتبو گهٽائڻ لاءِ نه آهي: جنهن کان پوءِ نظر ايندو ته بهرحال اهي خواب صفا بيڪار ۽ بيهودا نه هوندا آهن، جن کي ”چاسر“  (Chaucer)، ”شيڪسپيئر“ (Shakespeare) ۽ ”ملٽن“ (Milton) جهڙن ڏاهن ليکڪن به بيڪار سڏيو آهي. اسان جي رات جي ذهني تصورن جي بدنظمي ۽ انتشار وارن مجموعن کي پنهنجي هڪ الڳ اهميت آهي، جيڪي نئين ڄاڻ ڏيندا آهن، جيئن ڪنهن خط ۾ ٻڙيءَ جي نشاني هجي. خواب جو نقش يا چٽ، جڏهن ويجهڙائيءَ کان جانچجي ٿو ته ان جو بيڪار يا بيهودو هجڻ، پهرين نظر ۾ ئي ختم ٿي وڃي ٿو ۽ هڪ سنجيدو رخ اختيار ڪري ٿو ۽ اهو هڪ غير معمولي ذهانت وارو پيغام بڻجي وڃي ٿو. يا ان جي صورت ٿوري تبديل ٿئي ٿي، جنهن کي اسان ائين چئي سگهون ٿا ته جيئن لکڻ جي مواد جو ڪو ٻيو ٽڪرو (Palimpsest)، جنهن مٿان ڪجهه لکيل ڊاهي نئين سر لکيو وڃي، پر پهرين تحرير به ڪجهه باقي رهجي وڃي، خواب  گهٽ حيثيت وارين، غير اهم ۽ سطحي خاصيتن کي به کولي ٿو، ته پراڻي ۽ املهه تصويرن ۽ يادن کي به ڳولهي، منتقل ڪري ٿو.“(3)

مطالعي مشاهدي ۽ تجربي مان حاصل ڪيل ڄاڻ ذريعي ڪيل ڪم جي سلسلي ۾ اسان ان مسئلي تي اچي پهتا آهيون، جيڪو حل ڪرڻ ۾ ڏکيو آهي، بهتر ته ائين ٿيندو ته اصل مسئلي سان گڏ هڪ ٻيو مسئلو به ساڻ ساڻ کڻي هلجي، ڇاڪاڻ ته هڪ هڪ کي الڳ الڳ حل ڪرڻ بجاءِ، هڪ ئي ڌڪ سان ٻه اخروٽ گڏ ڀڃڻ آسان آهن. اهڙيءَ ريت اسان کي رڳو ان سوال سان منهن ڏيڻو نه آهي ته ”ڏک ڏيندڙ ۽ ڳڻتي پيدا ڪندڙ خواب، خواهشن جو پورائو ڪندڙ ڪيئن ٿي سگهن ٿا؟ اسان جا عڪس ۽ اولڙا، ان ڳالهه جي اهل بڻائن ٿا ته اسان ان ٻئي سوال کي به شامل ڪريون: ”ائين ڇو آهي ته خواب مختلف مواد يا سٽاءَ تي مبني هوندا آهن، جيڪي ڦري، خواهشن جو پورائو ڪندڙ ٿي پوندا آهن، ۽ پنهنجو مطلب بيان ڪرڻ جي صورت ۾ اصل حالت لڪائي نه سگهندا آهن؟ منهنجي ان خواب جو مثال وٺو، جيڪو مون ”ارما“ جي سئيءَ جي سلسلي ۾ تفصيل سان بيان ڪيو آهي. اهو ڪنهن به ريت ڏک ڏيندڙ ۽ ايذاءُ رسائيندڙ طريقي جو خواب نه آهي ۽ ان جو تجزيو، خواهش جي پورائي جو هڪ نمايان ۽ حيرت ۾ وجهندڙ مثال ڪري ڏيکاريو ويو آهي. پر آخرڪار ان کي ايتري قدر تشريح جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ سڌو سنئون ان جو مقصد بيان ڇو ڪونه ڪيو ويو آهي؟

پهرين نظر ۾ ”ارما“ جي سئيءَ وارو خواب ڪو خاص تاثر نه ٿو ڏئي، جو ان کي خواب ڏسندڙ جي خواهشن جي پورائي لاءِ نمائندگي ڪندڙ چئجي، منهنجي پڙهندڙن کي به اهڙو تاثر نه ٿو ملي، پر خود مون کي به تيسيتائين اندازو ڪونه ٿي ٿيو، جيسيتائين ان جو تجزيو نه ڪيو ويو. اچو ته خواب جي ان رويي کي بيان ڪريون، جيڪو ”خوابن ۾ تاثر جي بگڙجي وڃڻ واري حالت جيان، تمام گهڻين وضاحتي ضرورتن لاءِ پنهنجي جاءِ تي موجود آهي، سو اسان جو ٻيو مسئلو آهي ته: ”خوابن ۾ تاثر جي بگڙي وڃڻ جو بنياد يا ڪارڻ ڪهڙو آهي؟

ان مسئلي جا ڪيترائي ممڪن حل هڪدم اسان جي آڏو ظاهر ٿي سگهن ٿا: جيئن، مثال طور ننڊ دوران سگهه يا اهليت جي گهٽتائيءَ جي موجودگي، جيڪا اسان جي خوابن جي خيالن کي سڌو سنئون تاثر ڏئي ٿي. پر ڪجهه خوابن جو تجزيو اسان تي اهو به زور ڀري ٿو ته اسان کي خوابن ۾ تاثر جي بگڙجي وڃڻ جي هڪ ٻي وضاحت کي اختيار ڪرڻ گهرجي. ان لاءِ مان پنهنجي ئي هڪ ٻئي خواب کي مثال طور پيش ڪندس، جيڪو هڪ ڀيرو ٻيهر مون کي منهنجي انيڪ قسمن واري اياڻپ ۾ شامل ڪري ڇڏيندو، پر اميد آهي ته گڏوگڏ مسئلي جي پوريءَ ريت ڪيل تشريح، منهنجي شخصي قربانيءَ لاءِ معاوضو به ثابت ٿيندو.

پيش لفظ:

1897ع جي سياري ۾، مون کي معلوم ٿيو ته اسان جي يونيورسٽيءَ جي ٻن استادن مون کي غير معمولي قابليت وارن ڪمن تي استاد(1) مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. خبر ٻڌي، مون کي اچرج ته ضرور ٿيو پر گڏوگڏ سرهائي به ٿي، ڇاڪاڻ ته اهو ٻن تمام ناليوارن شخصن پاران منهنجي مڃتا جو دليل هو، جيڪو ڪنهن به ريت ذاتي قسم جي اثر رسوخ جي ڪري نه هو، پر مون خود پاڻ کي تنبيهه ڪئي ته ان واقعي سبب، ڪنهن به قسم جي اميد سان پاڻ کي نه ڳنڍيان. ڇاڪاڻ ته چند آخري سالن دوران وزارت پاران ان قسم جي تجويزن تي ماڻهن کي ايتري عزت به ڪانه ملند هئي، منهنجا ڪيترائي ساٿي، جيڪي عمر ۾ مون کان ٿورا وڏا هئا، ۽ مون جيترا ئي قابل هئا، پر مقرريءَ لاءِ ٺلهو انتظار ڪري رهيا هئا. ان ڳالهه تي يقين ڪرڻ لاءِ مون وٽ ڪو به جواز ڪونه هو ته مان ڪو وڌيڪ سڀاڳو آهيان. بهرحال مون فيصلو ڪيو ته مستقبل جي معاملن سان منهن ڏيڻ تان، مان يقينن ان آڇ تان دستبردار ٿي ويندس. ان حد تائين ته مون پاڻ کي ڄاتو پئي ته مان ڪو جذباتي ماڻهو نه آهيان، مان پنهنجي پيشي ۾ ڪنهن اعزاز ۽ انعام جي لالچ کانسواءِ ئي، وڏي شوق ۽ ڪاميابيءَ سان ڪم ڪري رهيو هوس. ان کان علاوه منهنجي ان روايتي سوچ جو ته سوال ئي نه ٿي اٿيو ته ڊاک مٺي آهي يا کٽي ڇاڪاڻ ته اها منهنجي پهچ کان گهڻو مٿي هئي.(2)

هڪ ڏينهن شام جو، مان هڪ دوست وٽان موٽيو پئي آيس ته هڪڙي شخص تي نظر پئي، جنهن جو نظر اچڻ منهنجي لاءِ هڪ چتاءُ جي مثل هو، ٿوري وقت کان هو به پروفيسر جي ترقيءَ جو اميدوار لاءِ غور هيٺ هو. اسان جي سماج ۾ ڪنهن معالج کي مريض لاءِ هڪ ناخدا جو درجو ڏنو ويندو آهي، ۽ مان به ان کان ڪجهه وڌيڪ ئي پڪي اردي وارو هوس. خير! هن جي عادت هوندي هئي ته پنهنجي ترقيءَ واري ڪم جي سلسلي ۾، سدائين وزارت جي آفيسن ۾ وڃي، سندن خوشامد ڪرڻ لاءِ پيو جتيون گسائيندو هو، اتفاق سان هڪڙي ڀيرو تڏهن به ويو هو جڏهن مون کي سڏيو ويو هو. هن مون کي ٻڌايو ته ان موقعي تي هن پنهنجي مرتبي کي وڌائڻ جي پيشرفت ڪرائڻ لاءِ هڪ آفيسر کي مجبور به ڪيو ۽ کيس سڌو سنئون چئي ڏنو ته ڪٿي منهنجي مقرريءَ ۾ دير ڪرڻ جو سبب مذهبي دائري يا ان جي ضابطي وارن ويچارن جي ڪري ته نه آهي! انهن جو جواب هو ته اهو اڄڪلهه جي رياستي پاليسيءَ جي ڪري آهي.۽ ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته هن وقت صاحب سڳورو ان حالت ۾ بلڪل به نه آهي ته.... وغيره وغيره.

.....بهرحال مان سمجهان ٿو ته هن وقت مان پاڻ ڪٿي بيٺل آهيان، ٿڌو ساهه کڻندي منهنجي ان دوست ڳالهه کي ختم ڪيو. منهنجي لاءِ اها ڪا اهم خبر ڪانه هئي، جڏهن ته مان پاڻ به، پنهنجي معاملي تي مذهبي ضابطي جي دٻاءَ کي محسوس ڪندي، استعيفا ڏيڻ جو پڪو ارادو ڪري چڪو هوس.

ان شخص جي ملڻ کان پوءِ واري صبح جو مون هڪ خواب ڏٺو، جيڪو ٻين شين جي ڀيٽ ۾، پنهنجي نوعيت جو هڪ انوکو خواب هو. اهو ٻن ”خيالن“ تي ۽ ٻن ”تصويرن“ تي ٻڌل هو، هر خيال ان تصوير جو جانشين هو، مان في الحال هتي خواب جي پهرين اڌ کي بيان ڪندس، ڇاڪاڻ ته ٻئي اڌ جو واسطو ان مقصد سان ڳنڍيل نه آهي جنهن لاءِ مان خواب کي بيان ڪرڻ چاهيان ٿو:

1.       منهنجو دوست ”ري“ منهنجو چاچو هو، منهنجو هن سان تمام ويجهو ناتو هو.

2.     مون پنهنجي سامهون هن جو چهرو ڏٺو، ڪجهه تبديل پئي لڳو، ائين جيئن ٿورو ڊگهو ٿي ويو هجي، زرد ٿي ويل ڏاڙهي، جيڪا بلڪل چٽي پئي نظر آئي.

خواب جا ٻيا ٻه حصا، جن کي مون هڪ ڀيرو ٻيهر انهن تصويرن جي ڪري ڇڏي ڏنو آهي. خواب جو تجزيو ڪجهه هن ريت آهي:

صبح جو جڏهن، خواب ياد آيو ته کلي وڏي آواز سان چيم: ”خواب جي ته ههڙي تهڙي!“ پر منهنجي ان ريت رد ڪرڻ جي باوجود سارو ڏينهن اهو خواب منهنجي پويان ڪڍ ڪڍ هلندو رهيو. آخرڪار شام ٿي ته مان خواب تي سوچڻ ويٺس: ”جيڪڏهن اوهان جي مريضن مان ڪو هڪڙو خواب جو تجزيو ڪرڻ ويهي ۽ ان مان کيس ڪجهه به هڙ حاصل نه ٿئي ته بهتر آهي ته ان کي بيڪار چئي لنوائي ڇڏڻ گهرجي. توهان ان اميد تي به ان متعلق سوچي سگهو ٿا ته ڪٿي خواب جي پس منظر ۾ نه مڃڻ جهڙي ڪا ڪهاڻي ته موجود نه آهي، جنهن کان جاڳ ۾ لنوائيندو هجي. توهان پنهنجي متعلق ان ريت ورتاءُ ڪري ته ڏسو! اوهان جي راءِ يقينن اها ٺهندي ته توهان جي اندر ۾ ئي ان جي خلاف مدافعت نظر ايندي ۽ اوهان کي لڳندو ته اصل ۾ تشريح ڪرڻ جي اوهان جي نيت ئي نه آهي. بهرحال ائين ڪڏهن به نه ڪجو،“ اچو ته مان توهان کي هن جو تجزيو ڪري ڏيکاريان.

”ري“ منهنجو چاچو هو.“ ان جو مطلب ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ مون کي هڪ کان وڌيڪ چاچا آهن، ”چاچو جوزف“(1)، جنهن سان اصل ۾ هڪ ڏک ڀريل ڪهاڻي وابستا آهي. هڪ ڀيري، اٽڪل ٽيهه سال اڳ، پئسن گڏ ڪرڻ جي لالچ ۾ هن پاڻ کي ان قسم جي ڏيتي ليتيءَ ۾ ملوث ڪري ڇڏيو هو، جنهن جي قانون طور سخت سزا مقرر ٿيل هئي، ۽ کيس سزا به لڳي وئي. ان صدمي جي ڪري ٿورن ئي ڏينهن ۾، منهنجي پيءُ جا وار ئي اڇا ٿي ويا. ۽ سدائين رڳو اهو پيو چوندو هو ته توهان جو چاچو جوزف خراب ماڻهو نه هو پر هو بيوقوف هو؛ سندس زبان تي بس اهي ئي لفظ هوندا هئا، ان حوالي سان خواب وارو منهنجو دوست ”ري“ منهنجو چاچو جوزف هو. اعتبار ڪرڻ يا قبول ڪرڻ ڏاڍو مشڪل هو، پر جيڪا شڪل مون خواب ۾ ڏٺي هئي، ان جو منهن ڊگهو هو ۽ سندس منهن تي پيلي رنگ جي ڏاڙهي به هئي. اصل ۾ منهنجي چاچي جي شڪل به صفا اهڙي ئي هئي، ڊگهو چهرو ۽ ان تي سنواريل صاف سٿري ڏاڙهي. منهنجو دوست ”ري“ وري رنگ جو بلڪل ڪارو آهي، پر جڏهن ڪارن وارن واري ماڻهوءَ جا وار اڇا ٿيڻ لڳندا آهن ته ڄڻ پنهنجي جوانيءَ جي جوت جو نذرانو ڏيندا آهن. مٿي جا وار ته وري به ٺيڪ لڳندا آهن پر ڏاڙهيءَ کي ڪاري رنگ ڪرڻ واري تبديلي گهڻو ڪري اڻوڻندڙ لڳندي آهي، جيڪا ٿوري وقت کان پوءِ پيلاڻ مائل ناسي رنگ جي ٿي ويندي آهي ۽ بعد ۾ ساڳي اڇي ئي ٿي ويندي آهي. منهنجي دوست ”ري“ جي ڏاڙهي به ان وقت ان ئي مرحلي مان گذري رهي هئي، ۽ اتفاق سان منهنجي ڏاڙهي پڻ اهڙي ٿي وئي هئي، جنهن کي مون ڏاڍي بي اطمينانيءَ وچان پئي جاچيو. خواب ۾ جيڪا شڪل مون ڏٺي هئي، اها پهرين نظر ۾ منهنجي دوست ”ري“ ۽ منهنجي چاچي جي هئي، جيڪا، ”گئلٽن“ (Galton) جي جوڙيل تصوير جو مرڪب هئي، (خانداني فرمائشن جي ڪري، ”گئلٽن“ ساڳي ئي ٿالهيءَ تي ڪيترا ئي چهرا ٺاهيندو هو)، ان ۾ ٿورو به شڪ نه ٿو ٿي سگهي ته منهنجو اصل مقصد به اهو هو ته منهنجي چاچي جوزف جيان، منهنجو دوست ”ري“ به بيوقوف هو.

مون کي اڃان تائين اهو خيال بلڪل به نه ٿي آيو ته ان ڀيٽ ڪرڻ جو آخر مقصد ڪهڙو هو! جنهن جي خلاف مان ايتري جدوجهد پئي ڪئي. مان گهڻو اونهو به ڪونه ٿي سوچيو، ڇاڪاڻ ته منهنجو چاچو بهرحال هڪ مجرم هو، جڏهن ته منهنجو دوست ”ري“ احمق ۽ الزامن کان بچيل، بي ميار ڪردار جو مالڪ هو، سواءِ ان جي، جو سندس سائيڪل سان ڪا ٻارڙي ٽڪرائجي وئي هئي ته ان جو ڏنڊ ڀريو هئائين. ڪٿي اهو جرم منهنجي ذهن ۾ ته ڪو نه هو؟ جنهن ڀيٽڻ وارو اهو سانگ رچايو هو. انهيءَ نڪتي تي، مون کي هڪ ٻي ڪيل گفتگو ياد اچي وئي، ۽ هاڻي مان ان موضوع جي حوالي سان ان جي متعلق سوچڻ لڳس. مان ”نون“ سان گهٽيءَ ۾ مليو هوس، هن کي پڻ پروفيسر جي لاءِ تجويز ڪيو ويو هو، هن جڏهن منهنجي ملازمت متعلق ٻڌو ته مون کي مبارڪ ڏيڻ لاءِ آيو هو، پر مون بنا هٻڪ جي، ان کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

”تون شايد آخري ماڻهو آهين جيڪو مون سان ان قسم جو مذاق ڪرڻ آيو آهي.“

مون کيس چيو، ”ڇا توکي خبر آهي ته ان جي لاءِ ڪهڙي لياقت جي ضرورت آهي، ان ڳالهه جو تجربو ته خود توکي به آهي.“

”ڪير ٿو چوي.“ هن مذاق واري نوع ۾ چيو، ”ضرور منهنجي خلاف ڪا سازش آهي. تون نه ٿو ڄاڻين ته ڪنهن عورت منهنجي خلاف قانوني ڪاروائي شروع ڪري ڏني هئي؟ مان توکي يقين ڏيارڻ نه آيو هوس ته اهو معاملو ختم ٿي ويو هو، اها اصل ۾ مون کي ڊيڄارڻ ڌمڪائڻ جي ڪوشش هئي، ۽ مان سزا کان بچڻ لاءِ ان جي آڏي پڇا جو وڏو مشڪل مرحلو طئي ڪيو هو، پر شايد وزارت مون کي ڏوهي سمجهي مقرريءَ کان معافيءَ جو ننو اکر واري ويٺي هئي، پر تون ته الزامن کان بچيل ۽ بي ميار ڪردار جو مالڪ آهين.“

ان مون کي ٻڌايو ته مجرم ڪير آهي ۽ ساڳئي وقت ڄڻ اهو به سمجهائي ويو ته خواب جي تعبير ڪيئن ڪرڻ گهرجي ۽ ان جو مقصد ڪهڙو هو. منهنجي چاچي جوزف، منهنجي ٻن ساٿين جي نمائندگي پئي ڪئي، جن جي پروفيسر جي حيثيت ۾ مقرري ڪا نه ٿي هئي. جن مان هڪڙو بي وقوف هو ته ٻيو مجرم هو. مان وري ان ڳالهه تي سوچڻ لڳس ته آخر انهن ئي ڇو پئي نمائندگي ڪئي، جڏهن ته منهنجي دوست ”ري“ ۽ ”نون“ جي تقرري انهيءَ ”مذهبي ضابطي“ جي ڪري ملتوي ڪئي وئي هئي ۽ مون کي، پنهنجي تقرريءَ متعلق به ساڳيو شڪ پئي جاڳيو. جيڪڏهن مان پنهنجي انهن ٻن ساٿين جي رد ٿيل تقرريءَ متعلق ڪجهه  ٻين سببن کي منسوب ڪري سگهان، جيڪي مون تي لاڳو نه پئي ٿيا ته منهنجي اميدن کي ڪو ڇيهو ڪو نه ٿي رسيو. ۽ اهو ئي طريقو منهنجي خواب اختيار ڪيو هو: انهن مان هڪ (ري) کي هن بيوقوف ڪري ظاهر ڪيو ته ٻئي (نون) کي مجرم جي حوالي سان پيش ڪيو، جڏهن ته مان، انهن ٻنهي منجهان هڪڙو هوس نه ڪي ٻيو! ۽ نه ئي اسان ۾ ڪا گهڻي هڪجهڙائي ئي هئي. مان پنهنجي پروفيسر واري عهدي جي لاءِ يقينن خوشي محسوس پئي ڪئي ۽ مان ”ري“ جي بيان تي وڌيڪ ڏکوئيندڙ نتيجو ڪڍڻ ڇڏي ڏنو، جو هن پئي ٻڌايو ته صاحبن سڳورن کيس چيو هو ته هن سان (مون سان) به تو جهڙو ئي سلوڪ روا رکيو ويندو.

پر مان محسوس ڪريان ٿو ته مون کي پنهنجي خواب جي تجزيي متعلق اڳڀرائي ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته مان سمجهان ٿو ته مان اڃان ان جو ڪو اطمينان جوڳو انجام ۽ اختتام نه ڪيو هو. مان ان ريت اوڳڻ ڪڍڻ سبب اڃان به بيقرار هوس، جو پنهنجي پروفيسريءَ جي حوالي سان رستو تلاش ڪرڻ جي سلسلي ۾، مون پنهنجي ٻن معزز ساٿين بابت گستاخي پئي ڪئي. منهنجي پنهنجي طريقيڪار سان غير اطمينانيءَ جو سبب، تڏهن ئي ڪجهه گهٽ ٿيو، جڏهن مون ان لياقت جو اندازو لڳايو، جنهن جو تاثر منهنجي خوابن ۾ سلهاڙيل هو. مان هر گرم سرد ڳالهه کي رد ڪرڻ لاءِ تيار هوس، ڇاڪاڻ ته مون واقعي غور ڪيو هو ته ”ري“ بيوقوف هو ۽ مون، ”نون“ جي ان ڳالهه تي بلڪل به يقين نه ٿي ڪيو ته وزارت پاران، ڊيڄارڻ ڌمڪائڻ وارو معاملو سندس پويان پيل هو ۽ نه ئي مون ان تي يقين ٿي رکيو ته ”ارما“ کي ”اوٽو“ جي گهريلو ٻارڻ جي ڪم ايندڙ پيٽروليم ۾ موجود گئس/ هائيڊرو ڪاربان (Propyl) جي لڳايل سئيءَ جي ڪري، واقعي هوءَ خطرناڪ حد تائين بيمار ٿي پئي هئي. انهن ٻنهي خوابن جي معاملن ۾ خواب، جنهن به قسم جو اظهار پئي ڪيو اهو منهنجي ان خواهش مطابق هو ته جيڪر ائين ٿي پوي ته بهتر. منهنجي اثباتي دعويٰ، جنهن ۾ منهنجي خواهش هلڪي سسپس ذريعي ان پوئين خواب بجاءِ، ان پهرين خواب جي بيڪار هجڻ کي تسليم ڪيو هو، انهيءَ اصل حقيقت متعلق نهايت ذهانت واري جوڙجڪ کي تعمير ڪيو هو، تمام سٺي نموني تيار ڪيل بهتان جي طريقي سان ته جيئن ماڻهو محسوس ڪري سگهي ته ”ان ۾ ضرور ڪا ڳالهه آهي،“ ان جي شعبي جي ڪنهن هڪ استاد، منهنجي ان دوست ”ري“ جي خلاف ووٽ ڏنو هو ۽ منهنجي دوست ”نون“ پنهنجي سادگيءَ وچان مون کي منهنجي بدناميءَ جو مواد مهيا ڪيو هو، ان جي باوجود مان وري به چوندس ته، خواب مون کي، وڌيڪ سمجهاڻيءَ جي ضرورت کي اڀارڻ لاءِ نظر آيو هو.

پوءِ مون ياد ڪيو  ته خواب جو هڪڙو ٽڪرو رهجي ويو آهي، جنهن کي تجزيي جو اڃان هٿ ئي نه لڳو آهي، ان خيال اچڻ کانپوءِ ته ”ري“ منهنجو چاچو هو، ۽ خواب ۾، ساڻس مڪر يا مصنوعي رويي جو احساس به پئي ٿيو. آخر اهو احساس ڪٿان پيدا ٿيو؟ ظاهر آهي! مون کي پنهنجي چاچي ”جوزف“ لاءِ اهڙي قسم جو احساس ڪيئن ٿو پيدا ٿي سگهي! ۽ مان ته پنهنجي دوست ”ري“ کي پسند ڪندو آهيان، ۽ ڪيترن سالن کان ساڻس عزت احترام وارو رستو رهيو هو. پر جيڪڏهن مان خواب ۾ محسوس ٿيندڙ مصنوعي رويي جي ان درجي تي پنهنجي جذبن کي به بيان ڪريان ته به ان ۾ شڪ نه هو ته ان تي هو به حيران ضرور ٿئي ها! منهنجو هن لاءِ مڪر، جنهن جو مون اظهار پئي ڪيو، اهو سندس ئي دانشوارڻي لياقت جي فتويٰ جيان، مون کي غير حقيقي ۽ ڪجهه وڌاءُ ڪيل ۽ سندس شخصيت کي، پنهنجي چاچي سان ڀيٽ ڪرڻ جي ذريعي بگڙيل، بدليل پئي لڳو پئي. اهڙيءَ ريت اهو وڌاءُ مخالف رخ اختيار ڪري ويو. پر هڪ نئين روشني منهنجي من ۾ اڀري آئي. خواب ۾ مصنوعي رويو، انهن خيالن جي ڪري، ڪنهن ڳجهي مواد يا سٽاءَ سان وابستا نه هو، جيڪي خواب جي پسمنظر ۾ ڪارفرما هئا. اهي اصل ۾ انهن جي ضد ۾ بيٺا هئا ۽ خواب جي سچي مقصد کي ڳجهو رکڻ جي پوري رٿابندي ڪري چڪا هئا، ۽ شايد اهو ان جو مختصر جواز (Raison detre) هو.

مان تجزيي ڪرڻ يا مقصد ڪڍڻ لاءِ جيڪو وقت سيڙايو هو، ان سلسلي ۾ مان پنهنجي مزاحمت کي ياد ڪرڻ لڳس ته مون ڪيترو اڳ ان کي ڇڏي ڏنو هو ۽ ڪيئن انهيءَ ئي ڳالهه کي پڌرو ڪندي، بيڪار بحث جي خوف کان خواب به صفا بي معنيٰ ۽ بيهودو ٿي ويو هو. منهنجي تحليل نفسيءَ جي طريقي مون کي سيکاري ڇڏيو هو ته ان قسم جي ڪجهه به ڪرڻ کان انڪاري معاملي جو تجزيو ڪيئن ڪجي!

منصفاڻي لحاظ کان ته ان جي ڪا اهميت ڪانه هوندي آهي، پر اهو جذبن جي بيان ٿيڻ جو سادو طريقو ضرور هوندو آهي. جيڪڏهن منهنجي ننڍي ڌيءَ کي صوف ڏجي پر هن کي صوف پسند ئي نه هجي ته هوءَ ان کي چکڻ کانسواءِ ئي، اها ئي دعويٰ ڪندي ته صوف جو ذائقو کٽو ۽ بي مزي آهي، ۽ جيڪڏهن منهنجي مريض جو رويو به ان ٻار وانگر هوندو ته مان سمجهي سگهان ٿو ته ان جي لاشعور ۾ اهڙي ڳالهه ضرور موجود آهي جنهن جي ڪري ڪنهن تڪليف اچڻ واري سوچ کي دٻائڻ پسند ڪيو ويو آهي. بلڪل ساڳئي ڳالهه منهنجي خواب سان به وابستا هئي، جنهن جو مقصد مون به بيان ڪرڻ نه ٿي چاهيو، ڇاڪاڻ ته ان جي تشريح ڪنهن اهڙي معاملي تي مبني هئي، مان جنهن جي خلاف جدوجهد ڪري رهيو هوس. مون جڏهن ان جي تشريح مڪمل ڪري ورتي ته مون ان کي ڄاڻي ورتو ته اها ڪهڙي شيءِ هئي جنهن جي خلاف مان جدوجهد پيو ڪريان، جيئن دعويٰ پئي ڪيم ته ”ري“ بيوقوف هو ۽ جيڪو جذبو مون ”ري“ لاءِ محسوس پئي ڪيو، اهو خواب جي ڪن لڪل سوچن منجهان هلي نه آيو هو، پر ان ۾ شڪ به نه هو ته اهو منهنجي ”جدجهد جي بنياد“مان ئي وجود ۾ آيو هو. جڏهن ته منهنجي خواب، ان حوالي سان پنهنجي لڪل مواد يا سٽاءَ، بگڙيل صورت اختيار ڪئي هئي، ۽ ان جي بگڙيل صورت کي ان جي ابتڙ ڪري ڇڏيو هو، جنهن کان پوءِ ان جذبي، خواب ۾ ان بگاڙي جي مقصد جي وضاحت جو ڪم سرانجام ڏنو، ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته بگاڙي، ان معاملي ۾ ڄاڻي ٻجهي، منافقت واري مقصد لاءِ ان طريقي سان اظهار ڪيو. منهنجي خواب جا خيال، ”ري“ جي خلاف تهمت تي ٻڌل هئا ۽ ان حوالي سان مان ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ڏئي نه سگهيو هوس، جنهن ڪري هن جي لاءِ جيڪي جذبا، منهنجي دل ۾ موجود هئا، خواب ان کي ابتڙ پيش ڪيو آهي.

اها ڳالهه ائين ٿي نظر آئي، جيئن جواز يا معقوليت جي ڪا عام کوجنا هجي. اهو سچ آهي ته جيئن اسان ٽئين باب ۾ مثالن جا حوالا ڏيندي اهو ڏيکاري آيا آهيون ته ڪي خواب اهڙا به هوندا آهن جيڪي خواهشن جي پورائي جي اصل حالت کي لڪائي نه سگهندا آهن، پر ڪجهه معاملن ۾، جتي خواهشن جو پورائو شناخت نه ٿي سگهندو آهي يا لڪل حالت ۾ هوندو آهي، اتي يقينن ڪو اهڙو لاڙو يا جهڪاءُ موجود ضرور هوندو آهي، جيڪو خواهش جي خلاف دفاع ڪندو آهي؛ ۽ ان بچاءَ جي پابنديءَ جي ڪري خواهش پاڻ کي، سواءِ ان بگڙيل صورت جي، بيان ڪرڻ جي قابل نه هوندي آهي. دماغ ۾ ان اندروني واقعي کي، سماجي برابريءَ جي حوالي سان ڳولهڻ جي مان ڪوشش ضرور ڪندس. سماجي زندگيءَ ۾ نفسياتي عمل جي ان ساڳئي بگاڙي بکيڙي کي اسان ڪٿي ڳولهي سگهون ٿا؟ جِي! اتي جتي ٻن ماڻهن جو پاڻ ۾ لاڳاپو هجي، جن مان هڪڙي وٽ ڪي قدر مال ملڪيت ۽ اختيار هجي، جڏهن ته ٻيو گذران ۾ پورو پنو هجي، اهڙيءَ حالت ۾ ٻئي شخص جي نفسياتي عمل ۾ بگاڙ پيدا ٿي پوندو يا جيئن اسان کيس مڪر، منافقت ۽ اندر هڪ ٻاهر ٻيو هجڻ واري درجي تي رکي سگهون ٿا. نرم مزاجي، جنهن جي مان ته روازنو مشق ڪندو رهندو آهيان، جنهن کي به هڪ وسيع معنيٰ ۾ مان هڪ قسم جي منافقت ۽ مڪر چئي سگهان ٿو، ۽ جڏهن مون پنهنجي پڙهندڙن جي لاءِ، پنهنجي خوابن جو تجزيو پئي ڪيو ته مان به ان ساڳئي بگاڙي کي اختيار پئي ڪيو. ڪنهن شاعر ان بگاڙي جي اهميت جي شڪايت ڪجهه هنن اکرن ۾ ڪئي آهي ته: ”بهرحال، جيترو بهتر اوهان ڄاڻو ٿا، اهو ٻارن کي ٻڌائي نه ٿو سگهجي.“(1) 

ساڳئي مشڪل سان، هڪ سياسي ليکڪ به بهادريءَ سان منهن ڏيڻ لاءِ ڪمر ڪشي بيهي ته جيڪو اختياريءَ وارن سان اختلاف ڪندو ۽ سچ چوندو، ۽ ان صورت ۾ جيڪڏهن اهي لفظ، اختياريءَ وارن جي آڏو پيش ڪيا وڃن ته پڪ سان اهي سندس چيل لفظن کي پنهنجي پوري قوت سان دٻائڻ جي ڪوشش ڪندا. سو به تڏهن، جيڪڏهن هن جو بيان يا اعلان، زباني هوندو، نه ته ٻي صورت ۾ سندس ارادو، ان کي شايع ڪرائڻ جو ان ڪري هوندو ته هڪ ليکڪ کي ڇنڊڇاڻ (Censorship) ڪندڙ ادارن يا اختيارين کان به واقف هجڻ گهرجي. اهڙين صورتن ۾ يقينن هو پنهنجي راءِ يا خيالن کي تمام نرم لهجي ۽ ڪجهه بگڙيل صورت ۾ بيان ڪندو. ڇنڊ ڇاڻ ڪندڙ حساس ادارن ۽ اختيارين جي قوت مطابق هو پاڻ کي لاچار سمجهندو يا مورڳو ان خاص طريقي سان حملي ڪرڻ کان ئي پاسو ڪري ويندو، يا وري سڌو سنئون چوڻ بجاءِ، ”تصور“ ۾ پيو چوندو رهندو، يا وري هو پنهنجي اعتراض جوڳي بيان يا اعلان لاءِ ”هيٺاهين وٺي“ ان کي ظاهري معصوميت ۾ لڪائي پيش ڪندو، مثال طور هو وچين حڪومت دوران، چيني سلطنت جي ڪن ٻن اعليٰ عهديدارن جي وچ ۾ پيدا ٿيل تضاد کي تڏهن بيان ڪندو جڏهن پنهنجي ملڪ جا عهديدار حقيقي طور سندس ذهن ۾ هوندا. ڇنڊ ڇاڻ، احتساب ۽ سختي، گهڻي دور رس، لڪل حالت ۾ ۽ وڏي ذهانت سان پڻ ان مقصد لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿي، جيڪا پڙهندڙ يا سمجهڻ واري کي درست ۽ سچي معنيٰ جي سرهاڻ ڏئي سگهي.

”بيگم ڊاڪٽر. ايڇ وان هگ هيلموٿ“  (Dr.H. Von Hug Hellmuth. 1915) هڪڙو خواب محفوظ ڪيو آهي، جيڪو ڪنهن ٻئي جي پاران منهنجي منتخب ڪيل نالن جي فهرست ۾ شايد بهتر ۽ انصاف ڀرئي نموني ٺهڪي اچي. هن مثال ۾ به خواب جي بگڙيل صورت ساڳيا ئي ضابطا اختيار ڪيا آهن، جيئن ٽپال کاتي وارا ڇنڊ ڇاڻ جي سلسلي ۾ انهن جملن کي ڊاهي ڇڏيندا آهن، جيڪي کين پنهنجي قاعدي تحت اعتراض جوڳا لڳندا آهن، ٽپال جي ڇنڊ ڇاڻ واري طريقي مطابق، اهڙن جملن کي ڪاري مس سان مٽايو ويندو آهي ته جيئن اهي، صاف پڙهي نه سگهجن. ائين ئي خواب به سمجهه ۾ نه ايندڙ ”چڻ ڀڻ“ يا ”سيپس“ ذريعي ڇنڊ ڇاڻ ڪندو آهي.

ان حوالي سان خواب کي چٽو يا سمجهڻ جهڙو بنائڻ لاءِ، مان وضاحت ضرور ڏيندس ته خواب ڏسندڙ پنجاهه سالن جي، نهايت ذهني طور زرخيز ۽ وڏي عزت واري عورت هئي، هوءَ ان وڏي عهدي تي ڪم ڪندڙ عملدار جي بيوهه هئي، جيڪو اٽڪل ٻارهن سال اڳ گذاري ويو هو. هوءَ جوان پٽن جي ماءُ به هئي، جنهن مان هڪڙي جي لاءِ خواب ۾ ان جي ميدان تي هجڻ جو حوالو به ڏئي ٿي.

سندس خواب هن ريت آهي، جيڪو جنگ جي زماني ۾ ”پيار جي جذبي واري پورهيي (Liebesdienste) يا ”پيار لاءِ سرانجام ڏنل خدمت“ سان تعلق رکي ٿو، ]جنهن کي بنا معاوضي واريون خدمتون به چئي سگهجي ٿو، پر عشق محبت جي اظهار جي صورت ۾ ان جو مقصد ٻيو آهي[ مريضا گئريسن اسپتال نمبر هڪ ڏانهن وئي، ۽ در تي بيٺل سنتريءَ کي اطلاع ڪيائين ته هن کي چيف ميڊڪل آفيسر سان تمام ضروري ڳالهائڻو آهي، (سندس نالي جي هن کي ڄاڻ ڪا نه هئي) ته هوءَ رضاڪار طور تي اسپتال ۾ خدمت سرانجام ڏيڻ چاهي ٿي، هن لفظ خدمت (Service) ڪجهه اهڙي انداز سان اچاريو، جنهن جو مطلب ان وقت کيس ائين لڳو ڄڻ چوندي هجي، ”پيار جي خدمت“. جڏهن ته هوءَ هڪ وڏي عمر واري عورت هئي، پر ٿوري هٻڪ کان پوءِ هن کيس اندر وڃڻ ڏنو. چيف ميڊيڪل آفيسر کي ڳولهڻ بجاءِ هوءَ هڪ وسيع ۽ نهايت روشن هال ۾ اچي پهتي، جتي هڪ وڏي ميز جي چوڌاري ڪيترن ئي ڊاڪٽرن کي ويٺل ۽ بيٺل ڏٺائين. هن عملي جي هڪ سرجن کيس وٽس اچڻ جي درخواست ڪئي، هن سندس اچڻ جو مقصد سمجهي ورتو ته ان کانپوءِ ان عورت ساڻس رڳو چند لفظ ڳالهايا، خواب ۾ ڳالهايل لفظ ڪجهه هن ريت هئا: ”مان ۽ ويانا جون ٻيون ڪيتريون ئي عورتون ۽ ڇوڪريون تيار آهيون....“

ان وقت سندس لفظ سسپس ۾ بدلجي ويا: ”فوجي جٿن لاءِ ....... آفيسرن ۽ ٻين عهديدارن لاءِ، بنا ڪنهن فرق جي.“ آفيسرن جي شڪلين تي آيل ڪڏهن پريشانيءَ جي ته ڪڏهن چالاڪيءَ جي تاثرن ذريعي هوءَ سمجهي پئي سگهي ۽ خود اهي سڀئي به سندس مطلب کي چٽيءَ ريت سمجهي رهيا هئا. هوءَ ٿورو اڳتي وڃي چوڻ لڳي: ”مان ڄاڻان ٿي ته اسان جو فيصلو يقينن اچرج ۾ وجهندڙ آهي، پر اسان جو مقصد ڪجهه وڌيڪ پڪو ۽ پختو آهي، جنگ جي ميدان ۾ ڪو به ڪنهن سپاهيءَ کان اهو نه پڇندو آهي ته هن کي مرڻ جي خواهش آهي يا نه!“ پوءِ ٿوري دير لاءِ اڻوڻندڙ خاموشي ٿي وئي. پوءِ سرجن اٿي سندس چيلهه ۾ پنهنجي ٻانهن ورائيندي چيو: ”مثال وٺو خاتون ته اصل ۾ ائين ٿي پوي......“ (باقي سسپس ذريعي) ”ته ڇا هوءِ کانئن ڪنڌ ڪڍائي سگهي ٿي!“ هن پنهنجي منهن سوچيو، ”هو به ٻين جهڙو ٿو لڳي.“ ۽ چوڻ لڳي: ”اوهان جي وڏي مهرباني مان، هڪ پوڙهي عورت آهيان، شايد ائين نه ڪري سگهان. ٻيو ته اوهان کي ان ڳالهه جو خيال به رکڻ گهرجي، عمر جي ڪجهه ته عزت هئڻ گهرجي، مان هڪ عمر رسيده عورت هجڻ سبب اهو سڀڪجهه نه ٿي ڪري سگهان.“ (سسپس ذريعي) ”رڳو هڪڙو ڇوڪرو..... جيڪو به خطرناڪ هوندو.“ سرجن جواب ۾ چيو: ”مان سمجهان ٿو.“ ڪجهه آفيسرن جي وچ ۾ هڪڙو اهو شخص، جيڪو سندس جوانيءَ واري دور ۾ ساڻس شاديءَ جو طلبگار هو، وڏا ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو، پوءِ ان عورت، سرجن کي ٻڌايو ته ان سان سندس ڄاڻ سڃاڻ آهي، اهڙيءَ ريت سمورو معاملو بحث کانپوءِ آخرڪار ڪنهن نتيجي تي اچي پهتو، پر کيس ان شخص جو نالو ياد ڪو نه پئي آيو، ان ڪري هوءَ گهٻراهٽ محسوس ڪرڻ لڳي، کيس ان سرجن جو نالو به ياد نه پئي آيو، جيڪو ساڻس نهايت نرميءَ ۽ عزت سان پيش آيو هو، جنهن کيس مٿي ٻي منزل ڏانهن ويندڙ رستو ٻڌايو هو، جيڪو ڏاڍو سوڙهو هو ۽ ڏاڪڻ به لوهه جي ٺهيل هئي جا وڪڙ کائيندي ڦرندي مٿي ٿي وئي ۽ مٿي واري عمارت جي ڪمري سان ڳنڍيل هئي. هوءَ جيئن مٿي پهتي ته هن آفيسر جو آواز ٻڌو، جيڪو چئي رهيو هو: ”اهو نهايت حيرت ۾ وجهندڙ فيصلو هو، عورت پوڙهي هجي يا جوان، بهرحال هوندي ڏاڍي رونق واري آهي.“ هن اها ڳالهه سادگيءَ واري انداز ۾ ٻڌي ڇاڪاڻ ته کيس محسوس پئي ٿيو ته هوءَ ته رڳو پنهنجي فرض ادائگي ڪري رهي هئي. هوءَ ان نه کٽندڙ ڏاڪڻ تي چڙهندي وئي.“ هي خواب، ڪجهه غير اهم ۽ بي معنيٰ تبديلين ۽ ترميمن سان چند هفتن دوران ٻه ڀيرا کيس نظر آيو هو.(1)

سچ ته ڇنڊڇاڻ ۽ خواب جو بگاڙي وارو عمل، هڪ ٻئي سان مطابقت رکندڙ انهن جي مختصر تفصيل، اسان کي اهو اندازو لڳائڻ لاءِ جواز مهيا ڪري ڏئي ٿي ته انهن جون حدون، ساڳيون ئي مقرر ٿيل آهن. اسان اهو اندازو به ڪري سگهون ٿا ته خواب، هرهڪ ماڻهوءَ ۾ ٻن نفسي عملي قوتن ذريعي، پنهنجي صورت جوڙيندا آهن (يا جنهن کي اسان موجود عام لاڙو يا سرشتو چئي سگهون ٿا) ۽ انهن مان هڪ قوت، خواهش کي جنم ڏيندي آهي، جنهن کي خواب بيان ڪندو آهي، جڏهن ته ٻيءَ قوت جي مشق، خواب جي خواهش جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ تي مامور هوندي آهي ۽ ان ڇنڊڇاڻ جي عمل ذريعي، وڏي شدت سان، خواهشن جي بگاڙي جو تاثر پيدا ٿيندو آهي، جيڪو طاقت جي فطرت مان لطف اندوز ٿيڻ خاطر، پنهنجي ان ٻئي انتظامي ۽ مددگاري اداري کان مسلسل معلومات پيو وٺندو رهندو آهي، جيڪو ان قسم جي ڇنڊ ڇاڻ جي قابل هوندو آهي. جڏهن اسان پنهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه آڻيون ٿا ته لڪل خوابي خيال، تجزياتي عمل کان اڳ ۾ جاڳيل يا بيدار نه هوندا آهن، جڏهن ته خواب جو وضاحتي مواد يا سٽاءُ، شعوري طور تي ياد رهندو آهي. خواب اهو فرض ڪندي، اعتبار جوڳو ۽ ايماندار نظر ايندو آهي ته اضافي رعايت، ان ٻئي انتظامي مددگاري شعبي جي ذريعي سرور حاصل ڪندي آهي، جيڪا خيالن کي شعور ۾ اچڻ جي اجازت ڏيندي آهي. ڪا به شيءِ جنهن جو وجود نه هجي ته به اها شعور وٽ ان ٻئي انتظامي مددگاري شعبي وٽان گذرڻ کانسواءِ ئي، پهرين سرشتي مان پهچندي نظر ايندي آهي، ۽ اهو ٻيو انتظامي مددگار شعبو، پنهنجي استحقاق جي مشق ڪرائڻ يا ذهني ۽ جسماني اوسر لاءِ ڪارڪردگيءَ جي ذميواري نڀائڻ خاطر، جيئن سوچيندو آهي تيئن انهن خيالن سان جيڪي شعور جي اعتراف جي تلاش ۾ مگن رهندا آهن، انهن کي ٺهڪي ايندڙ ان قسم جي ترميمن ڪرائڻ کانسواءِ، گذرڻ جي اجازت نه ڏيندو آهي. اتفاق سان اهو اسان کي شعور جي ”لازمي فطرت“ جو مڪمل ۽ يقيني منظر جوڙڻ جي لائق بنائيندو آهي: اسان خاص نفسي ذهني عمل جيان ان شيءِ جو، شعور ۾ ايندي اهو طريقو به ڏسندا آهيون، جيڪو ان کان منفرد ۽ پيش ڪندڙ يا سوچ جي جوڙجڪ ڪندڙ آزاد عمل هوندو آهي؛ ۽ اسان شعور کي هڪ محسوس ٿيندڙ عضوي جيان به سمجهندا آهيون جيڪو ڪنهن ٻئي هنڌان اڀريل انگن اکرن مان نتيجو حاصل ڪرڻ جو ادراڪ يا علم رکندو آهي. اهو ڪارڻن ذريعي ثابت ڪرڻ، مثالن سان سمجهائڻ ۽ احساسن ۽ خيالن کي ظاهر ڪرڻ ذريعي به بيان ڪري سگهندو آهي ته اهي بنيادي مفروضا، عقيدا يا گمان، ذهني بيمارين جي تجرباتي علاج لاءِ بنهه ضروري ۽ اڻٽر هوندا آهن. اسان ان معاملي تي اڳتي باب ستين ۾ خاص طور حصي ستين ۾ وڌيڪ غور ڪنداسين.

جيڪڏهن انهن ٻن نفسي ذهني شعبن جي تصوير ۽ سندس شعور سان وابستگيءَ کي، قبول ڪجي ته جيڪو خواب ۾، مون پنهنجي دوست ”ري“ جي غير معمولي مصنوعي رويي کي محسوس ڪيو هو، ته ان جي سياسي زندگيءَ ۾ به گهڻي هڪجهڙائي موجود هئي، جنهن کي خواب پنهنجي تشريح ذريعي ٿورو بدسلوڪيءَ سان پيش ڪيو هو. پاڻ ٿوري دير جي لاءِ سماج جو  تصور ڪري ٿا ڏسون، جتي ان حڪمران جي خلاف جدوجهد جاري آهي، جيڪو پنهنجي طاقت سبب ڪينو رکندڙ ۽ عوامي راءِ تي چوڪسي ڪندڙ آهي. عوام ان ناپسنديده عملدار جي خلاف انقلاب آڻڻ ۾ رڌل آهي ۽ هن کي عهدي تان هٽائڻ جي گهر ڪري رهيو آهي، پر اهو آمر (Autocrat) ان ڳالهه جو رد عمل ڏيندي چوي ٿو ته ”کيس عوام جي خواهش تي ڪنهن به قسم جي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت نه آهي.“ ان وقت هو پنهنجي ڪجهه عملدارن کي چونڊي انهن کي اعليٰ اعزازن سان نوازي ٿو، جڏهن ته ان وقت انهن عطائن ۽ عنايتن جو ڪو به ٻيو سبب نه آهي. بلڪل اهڙي ئي طريقي سان ٻيو شعبو به ڪم ڪري ٿو، جيڪو شعور جي سوچن، منصوبن ۽ ڪوششن تي حڪمراني هلائي ٿو، منهنجو دوست ”ري“ گهڻي مڪر فريب جي نماءَ ذريعي ٿورو فرق رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته خواهشن سان ڀرپور چاهتون، پهرين سرشتي سان سلهاڙيل آهن. انهن جي پنهنجي هڪ خاص سبب لاءِ، جنهن تي اهي ان وقت پڪو پهه ڪري بيٺيون هيون، ان ڪري هن (خواب) بدسلوڪيءَ کي چونڊي، کيس بيوقوف قرار ڏئي ڇڏيو.(1)

”منافقاڻن، ٻهروپي يا رياڪاريءَ وارن خواب جو اهو مواد، منهنجي پنهنجي يا ٻين ماڻهن جي خوابن ۾ به گهڻي قدر موجود آهي (انهن تي به اڳتي بحث ڪيل آهي). مان جڏهن چند سائنسي مسئلن تي ڪم ۾ مصروف هوس ته ڪيترين راتين تائين هڪ هنڌ بند ٿي ويهڻ سبب، ان منجهائيندڙ خواب جي ڪري مان گهڻو پريشان هوس، جيڪو ان دوست سان وري مصالحت ڪرڻ جي ان موضوع تي مبني هو، جنهن کي ڪجهه سال اڳ مون ڇڏي ڏنو هو. چوٿين يا پنجين ڀيري آخرڪار مان ان خواب جي مطلب کي سمجهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس. اها ان شخص کي ڇڏڻ ڏيڻ متعلق، منهنجي آخري يادگار چرچ هئي ۽ مان مڪمل طور تي هن کان آزاد ٿي ويو هوس. اهو به اصل حالت کي لڪائڻ جي حوالي سان هڪ قسم جو منافقاڻو رويو هو، جيڪو اڳتي ڪٿي بيان ڪيل آهي. (1910ع ۾ ٻيهر شايع ٿيل): هڪ شخص ”پاڻ سان پيار تي مبني، منافقت جو خواب“ (Hypocritical Oesipus Dream) ڏٺو، جنهن ۾ دشمن/ وروڌي جذبا ۽ موت جون خواهشون، خواب جي مواد سان منسلڪ هيون، جيڪي وضاحت ۽ پيشڪش جي ذريعي صورت مٽائي ويون. ٻئي قسم جو منافقيءَ تي ٻڌل خواب اڳتي ڇهين باب ۾ آندل آهي. (هتي حاشيي ۾ حوالي طور تي آندل دوست جو نالو پڪ سان ”فليس“ هو.(2)

غور ڪيل اهي ڳالهيون اسان کي ان احساس بابت رهنمائي ڪن ٿيون ته خوابن جي تعبير يا تجزيو، اسان کي ان قابل بنائي ٿو ته اسان پنهنجي ذهني اوزار (ميڄالي) جي ساخت ۽ جوڙجڪ جي ذريعي ڪي فيصلا مرتب ضرور ڪريون، جنهن لاءِ اسان فلسفي ۾ اجائي اميد رکيو ويٺا آهيون. مان صلاح نه  ڏيندس ته اوهان منهنجي هن خيال تي لڳي پئو، جيڪو اڳتي باب ستين ۾ آندل آهي، پر خواب جي بگاڙي واري مواد جي چٽائيءَ لاءِ مان وري پنهنجي ان مسئلي تي موٽي اچان ٿو جيڪو اسان شروع ڪيو هو. سوال اهو اٿيو هو ته خواب پنهنجي ڏک، تڪليف يا ايذاءَ واري مواد کي خواهشن جي پورائي ۾ ڪهڙيءَ ريت حل (Resolve) ڪري سگهي ٿو، سو اسان هاڻي ڏسنداسين ته اهو ممڪن آهي، جيڪڏهن خواب جي بگاڙي وارو عمل ظاهر ٿيو آهي ۽ جيڪڏهن ڏک، تڪليف يا ايذاءَ وارو مواد رڳو ڪنهن شيءَ جي اصل حالت کي لڪائي رهيو آهي ته اهو ”عمل“ ان جي ”خواهش“ لاءِ آهي. اسان کي انهن ٻن نفسي شعبن جي وجود بابت پنهنجا مفروضا پنهنجي ذهن ۾ ضرور رکڻ گهرجن، اسان وڌيڪ اهو چئي سگهون ٿا ته ڏک، تڪليف يا ايذاءَ وارا خواب، حقيقت ۾ اهڙي مواد مان جڙندا آهن، جيڪي خود ٻئي شعبي کي ايذاءُ رسائيندڙ هوندا آهن، پر ساڳئي وقت، انهن مان ڪي، پهرين شعبي جي آڌار تي، خواهش جو پورائو به ڪندا آهن. اهي سڀئي خواب، خواهشن جو پورائو ڪندڙ هوندا آهن، جيڪي پهرين شعبي مان اڀري ايندا آهن. ٻئي شعبي جو سپنن سان سنٻنڌ، تخليقي قسم جو نه پر ”دفاع يا بچاءَ“ وارو هوندو آهي.(3) جيڪڏهن اسان پاڻ کي ان ڳالهه تي غور ڪرڻ لاءِ پابند ڪريون ته اهو ٻيو شعبو خوابن کي ڪهڙو حصو بخرو ٿو پيش ڪري! ته سمجهڻ گهرجي ته اسان اڃان انهن کي سمجهڻ واري دڳ تائين نه رسيا آهيون. حالانڪ ناليوارن ليکڪن، خوابن مان تمام گهڻو مشاهدو ماڻيو آهي، پر سموريون ڳجهارتون اڃان به اڻ سليل پيون آهن.

اها حقيقت آهي ته خوابن ۾ هڪ راز واري رمز هوندي آهي، ان جي معنيٰ ۾ لڪ رکيل هوندي آهي، جيڪا تجزيي جي ذريعي هر خاص معاملي ۾ نئين سري کان خواهشن جي پورائي جي نمائندگيءَ کي ثابت ڪندي آهي.

ان حوالي سان مان ڏک، تڪليف يا ايذاءَ وارا چند خواب چونڊيا آهن ۽ ڪوشش ڪندس ته انهن جو تجزيو ڪريان. انهن مان ڪي خواب ته زناني جنسي بيمارين جي مريضائن جا آهن، جن لاءِ هڪ طويل پيش لفظن لکڻ جي ضرورت آهي ۽ موقعي محل سان زناني جنسي بيمارين جي نفسي عملي خاصيتن تي تفصيلي ضميمو به لکڻ گهرجي ۽ بهرحال مان پنهنجي دليلن کي پيش ڪرڻ لاءِ وڌندڙ بدتر مشڪلاتن کان لنوائڻ وارو نه آهيان.

جيئن ته مان اڳ ۾ به واضح ڪري چڪو آهيان، جڏهن مون نفسياتي اعصابي مريضن جي تجزياتي علاج جي ذميداري کنئي هئي، جن جا خواب، بنا تبديليءَ جي اسان جي وچ ۾ بحث هيٺ رهندا آيا آهن. جن بحثن جي سلسلي ۾ مون انهن کي سموريون نفسياتي وضاحتون ڏنيون آهن، جن مون کي انهن جي مرض جي اهڃاڻن (Symptoms) کي سمجهڻ جي قابل بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ مون کي نهايت ڪٺور قسم جي تنقيد جو موضوع بنايو ويو. خود منهنجي پنهنجي پيشي وارن ڪارڪنن منجهان به، جيتري مون اميد پئي رکي، انهن جي ڪٺورتا به گهٽ ڪانه هئي، حالانڪه منهنجا مريض، ظاهر ظهور منهنجي انهيءَ اثباتي دعويٰ جي ترديد ڪري رهيا هئا ته اهي سمورا خواب، خواهشن جو پورائو ڪندڙ آهن. مان هتي انهن خوابن جي مواد مان ڪجهه مثال پيش ڪريان ٿو، جيڪي منهنجي خلاف اڀريا هئا.

”تون مون کي سدائين چوندو آهين،“ منهنجي هڪ سياڻي مريضا شروعات ڪئي، ”ته اهو خواب خواهش جو پورائو ڪندڙ هو، ٺيڪ، مان توکي هڪڙو خواب ٻڌائينديس، جنهن جو موضوع ان جي بلڪل ابتڙ آهي، اهو خواب، جنهن ۾ منهنجي ڪا به خواهش پوري ڪا نه ٿي هئي، پوءِ تون ان کي پنهنجي نظريي سان ڪيئن ٺهڪائيندين؟“ خواب هن ريت هو:

”مان هڪ تمام شاندار دعوت ڏيڻ چاهيان ٿي، پر منهنجي گهر ۾ ڪجهه به نه آهي، پر هڪ ننڍڙي، ٽانڊن تي سيڪيل رانوَس/سائمن مڇي (Salmon) رکي آهي. مان سوچيان ٿي ته ٻاهر وڃان ۽ ڪجهه خريد ڪري اچان، پر ياد ٿو اچي ته اهو آچر جو ڏينهن هو ۽ شام جو وقت هو ۽ سمورا دڪان بند ٿي ويا هوندا. پوءِ مان کاڌي پهچائڻ واري شخص کي فون ڪرڻ لڳس، پر فون خراب هئي، ان ڪري مان پنهنجي ان شاندار دعوت واري خواهش کي ترڪ ڪري ڇڏيو.“

سندس خواب ٻڌي مون کيس جواب ڏنو، ظاهر آهي ته تجزيو ئي خواب جي مطلب بابت فيصلي مرتب ڪرڻ جو واحد رستو آهي.“ حالانڪ مون پهرين سٽ ۾ ئي اها ڳالهه ڄاڻي ورتي هئي، جيڪا ذهانت ۽ منطقي طور تي لاڳاپيل ٿي لڳي ۽ خواهشن جي پورائي جي ابتڙ، چڱي حالت کان خراب حالت ڏانهن تبديلي جيان ٿي نظر آئي. ”پر خواب، ان منجهان ڪهڙو مواد اڀاريو؟ جيئن اوهان ڄاڻو ٿا ته خواب کي چوريندڙ مواد يا سٽاءُ، سدائين گذريل ڏينهن جي ڪنهن واقعي مان لڀندو آهي.“

تجزيو: ”منهنجي مريضا جو مڙس هڪڙو ايماندار ۽ گوشت جو ٻڌو وڪرو ڪندڙ لائق ڪاسائي هو، هن هڪ ڏينهن اڳ ۾ کيس نشاندهي ڪرائيندي چيو هو ته هو گهڻو ٿلهو ٿيندو ٿو وڃي، ان ڪري وزن گهٽائڻ جو ڪو سلسلو شروع ڪجي. هن کيس صلاح ڏني ته هڪ ته ائين ڪجي جو صبح جو سوير اٿجي ۽ بدن جي ڪا ڪسرت ڪجي، کائڻ ۾ به ٿورو احتياط ڪجي ۽ سڀني کان اهم ڳالهه اها ته وڌيڪ شاندار دعوتون بند ڪري ڇڏجن.“

هوءَ کلي ويٺي ۽ منهنجي ڳالهه کي وڌائيندي چوڻ لڳي ته سندس مڙس جنهن جاءِ تي روزاني مانجهاندو ڪندو هو، اتي سندس واقفيت هڪ مصور سان ٿي هئي جنهن مٿس، سندس تصوير تيار ڪرڻ لاءِ زور ڀريو هو، ڄڻ هن اهڙو متاثر ڪندڙ ڊول ڊيل وارو ماڻهو اڳ ڪو نه ڏٺو هو. منهنجي مڙس به ان کي کري لهجي ۾ جواب ڏنو ته مان ضرور توکي اجازت ڏيان ها پر جيڪڏهن مصور اها پڪ ڏئي ته سندس چهري جي پويان ڪنهن حسين ڇوڪريءَ جي شڪل ٺاهي ڏيندو!(1) ان عورت جو پنهنجي مڙس سان بيحد پيار هو، پر ويجهڙائيءَ ۾ هن کيس ڏاڍو تنگ ڪيو هو، مڇيءَ جي آنيءَ جي آچار (Caviar) وٺي ڏيڻ تي به هن ڏاڍو کيس ايلاز ڪيا هئا. مون هن کان پڇيو ته ان جو مطلب ڇا هي؟ جنهن تي هن وضاحت ڪئي ته گهڻي عرصي کان منهنجي خواهش هئي ته آءٌ روزاني صبح جو مڇيءَ جي آنيءَ جي آچار مان ٺهيل سموسا کاوان، پر مهانگي هجڻ جي ڪري هن نٽايو پئي. يقينن مڙس سندس فرمائش هڪدم پوري ڪري وٺي ها، پر ان جي ابتڙ هن کائنس پڇيو ته ڇا تون کٽاڻ نه آڻي ڏيندين؟ ته ظاهر هو ان جي ڪري هن تنگ ٿيندي ساڻس انڪار ڪري ڇڏيو. پر اها وضاحت کيس ٻڌائيندي مون کي ڪجهه مشڪل پئي لڳي. ائين ئي ٿيندو آهي ته ان قسم جا اڻپورا دليل سدائين ڍڪ ڍڪيندڙ، غلطيءَ جو اعتراف نه ڪرڻ واري نيت تي ٻڌل هوندا آهن. اهڙي ڳالهه ”برنهيم“ (Bernheim) جي هڪ غشيءَ جي مريض ياد ڏياري هئي، جڏهن انهن مان هڪڙي کي اعصابي مرض جي  چڪاس جي خيال کان آندو ويو هو، تڏهن کانئس پڇيو ويو ته ان ريت اداڪاري ڪرڻ جي توکي ڪهڙي ضرورت هئي؟  ڪجهه به چوڻ بجاءِ هن وٽ اهڙي قسم جو ڪو به خيال نه هو. هو ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ ڪنهن دليل جي ڳولها جي مجبوري محسوس ڪرڻ لڳو. ان ۾ شڪ نه هو ته ان معاملي ۾ هي شخص به منهنجي کٽاڻ واري مريضا جيان سچو هو. مون ڏٺو ته ان عورت پنهنجي اصل زندگيءَ ۾ پنهنجي لاءِ اڻپوري خواهش جو تخيل جوڙيو هو ۽ خواب، دستبرداريءَ جي نمائندگي ڪندي ان قسم جو تاثر جوڙيو هو. پر ائين ڇو ٿيو هو ته هوءَ پنهنجي پوري نه ٿي سگهندڙ خواهش جي اهميت تي برقرار بيٺل هئي؟ ان عورت جن ماڻهن سان، پنهنجا لڳ لاڳاپا ٻڌايا هئا، سي خواب جي مطلب بيان ڪرڻ لاءِ ڪافي نه هئا، ان ڪري مون هن تي زور ڀريو ته ڪجهه وڌيڪ ٻڌائي. ٿوري وقفي کانپوءِ، هن پنهنجي حواسن تي زور ڏنو ۽ ٻڌائڻ شروع ڪيو ته هڪ ڏينهن اڳ ۾ هڪ ساهيڙي وٽس آئي هئي، جنهن اعتراف ڪندي چيو پئي ته مان پنهنجي دل ۾ تو لاءِ رشڪ محسوس ڪندي آهيان، جڏهن تنهنجي مڙس جي واتان تنهنجا ڳڻ ڳائيندي ٻڌندي آهيان. خوش قسمتيءَ سان سندس اها ساهيڙي ڏاڍي ڏٻري ۽ سنهي هئي، جڏهن ته سندس مڙس متارو ۽ گڪو هو. مون کانئس پڇيو ته هن پنهنجي انهيءَ ساهيڙيءَ سان ٻيو ڇا ڳالهايو. بهرحال هن ان ساهيڙيءَ متعلق ٻڌايو ته سندس خواهش هئي ته جيڪر مان به ٿلهي متاري (Stouter) ٿيان، سندس ساهيڙيءَ کانئس مرضي به پڇي هئي، ”وري ڪڏهن ٿي اسان کي ٻيهر مانيءَ لاءِ سڏين؟ تون ته سچ پڇ سدائين تمام سٺو ٿي پچائين کائين.“

خواب جي معنيٰ هاڻي چٽي ٿي پئي هئي، ۽ مان پنهنجي مريضا کي چوڻ جي قابل ٿي ويو هوس ته: ”اهو ان ڪري ٿيو جو جڏهن هن توکي صلاح پئي ڏني ته تو دل ۾ چيو: سچي ڳالهه چوانءِ ته تون منهنجي گهر اچ ۽ منهنجي گهر اچي کاءُ پيءُ، مان توکي کوڙ کارائينديس گهڻو گهڻو شراب پيش ڪنديس، اچ! ۽ اچي منهنجي مڙس کي اڃان به وڌيڪ ڀرماءِ، مان ڪنهن حد تائين ان کان وڌيڪ شاندار دعوت نه ٿي ڪري سگهان.“

خواب توهان کي ڇا ٻڌايو هو! اهو نه! ته تون وڌيڪ شاندار دعوتن ڏيڻ جي قابل نه آهين، ۽ اها هئي تنهنجي خواهش جي پوري ٿيڻ جي مدعا، ته تون پنهنجي ساهيڙيءَ کي ٿلهي متاري ٿيڻ ۾ مدد ڪرڻ نه پئي چاهي. اها حقيقت هئي ته دعوتن ۾ ماڻهو پاڻ کي ٿلهي ڪرڻ لاءِ ڇاڇا نه کائيندا هئا، ۽ شراب ته! تنهنجي مڙس جي فيصلي مطابق ان جا دوست تنهنجي گهر تي به کڻي ايندا هئا، ۽ وڌيڪ وڏين دعوتن کي قبول نه ڪرڻ جو خيال به، سندس ئي سنهي ٿيڻ ۽ وزن گهٽائڻ جي دلچسپيءَ سبب هو.“ ان سموري معاملي ۾ نتيجي جي پڪ ڪرڻ لاءِ، رڳو اتفاق يا خيالن جي ساڳئي وقت ٿيڻ واري مطابقت جي ئي گهٽتائي هئي. پر خواب ۾ ٽانڊن تي سيڪيل مڇيءَ جو نظر اچڻ، اڃان تائين ڪنهن ٺڪاڻي نه لڳو هو.

”ڪيئن“ مون پڇيو، ”ڇا تون ان مڇيءَ تائين پهتي آهين، جيڪا تنهنجي خواب ۾ نظر آئي آهي؟“

”اوه!“ هن جواب ڏنو، ”اها ٽانڊن تي سيڪيل مڇي منهنجي هڪ ساهيڙيءَ کي ڏاڍي پسند آهي.“

اهڙيءَ ريت پنهنجي منهن ڪيل سوالن ذريعي مون ان عورت سان به ڪافي ڄاڻ سڃاڻ پيدا ڪري ورتي ۽ مون پڪ ڪئي ته منهنجي مريضا کي آنيءَ جي آچار جي ڪري ايتري ڪاوڙ نه هئي جيترو ان عورت کي ”رانوَس/سائمن مڇي“ جي ڪري پنهنجي ذات سان ”ڪاوڙ“ هئي.

جيڪڏهن اسان خواب جي سمجهاڻيءَ لاءِ تفصيلي تعلق کي هٿ ڪريون ته ان حقيقت کان لنوائي نه ٿو سگهجي ته ساڳيو خواب ۽ ان جو تيز فهم تجزيو ٻئي کي به وسهڻ ۾ اچي، (ٻه تجزيا باهمي طور تي متضاد نه هوندا آهن، پر ٻئي ساڳين بنيادن جو احاطو ضرور ڪندا آهن، اهي انهن خوابن جي حقيقت جو بهترين حوالو هوندا آهن؛ ٻين سمورين ذهني بيمارين جي تجرباتي علاج واري جوڙجڪ جيان، عام طور تي انهن جون هڪ کان وڌيڪ معنائون ٿينديون آهن)، منهنجي مريضا ساڳئي ئي وقت تي ياد رکيو جيئن هو پنهنجي سپني ۾ خواهش جي دستبرداريءَ سان سلهاڙيل هئي، جيڪا پنهنجي اصل زندگيءَ واري تياڳيل خواهش (مڇيءَ جي آنيءَ جي آچار جي سموسن) کي به ساڻ ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. سندس ساهيڙيءَ به ٿلهي متاري ٿيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو هو ۽ اها ايتري حيران ڪندڙ به نه هئي ته منهنجي مريضا خواب ڏٺو هو ته سندس ساهيڙيءَ جي خواهش پوري ٿي هئي؛ منهنجي مريضا جي پنهنجي خواهش اها سندس ساهيڙيءَ واري ئي خواهش هئي، (وزن وڌائڻ بابت) جا پوري ڪا نه ٿي هئي. پر ان جي باوجود هن خواب ڏٺو ته سندس هڪڙي خواهش پوري ڪا نه ٿي هئي، اهڙيءَ ريت خواب کي هڪ نئين تجزيي جي ضرورت هئي، جيڪڏهن اسان فرض ڪريون ته خواب ۾ جنهن شخصيت جي نشاندهي ٿيل هئي اها هوءَ پاڻ نه پر سندس ساهيڙي هئي، جنهن پنهنجي ساهيڙيءَ جي جاءِ ورتي هئي، يا اسان ائين به چئي سگهون ٿا ته هن پاڻ کي ساهيڙيءَ جي روپ ۾ پئي ”سڃاتو.“ ۽ مون کي يقين آهي ته حقيقت ۾ هن ائين ئي ڪيو هو؛ ۽ سندس ”حالتون“، دعوتن جي دستبرداريءَ واري خواهش کي کڻي آيون هيون، جيڪي سندس اصل زندگيءَ ۾ به ان حقيقت جون شاهد هيون.

زناني جنسي بيماريءَ جي ”نشاندهي يا مماثلت“ (اهو ذهني عمل، جنهن ۾ هڪ شخص ڪنهن ٻئي شخص يا گروهه جي احساس يا اوصاف کي پاڻ سان منسوب ڪندو آهي- (Identification، جو مطلب ڇا آهي؟ ان لاءِ طويل وضاحت جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته ”ڪنهن ٻئي شخص جي احساس يا اوصاف کي پاڻ سان منسوب ڪرڻ“ خود زناني جنسي بيماريءَ جي مرض جي اهڃاڻي جوڙجڪ جو هڪ انتهائي اهم جزو آهي. ان ذريعي مريضا پنهنجي مرض جي اهڃاڻن کي بيان ڪرڻ جي قابل هوندي آهي، نه رڳو پنهنجا تجربا پر انهن ٻين ڪيترن ئي ماڻهن جا به، جن جا درد اڪيلي سر سهندي آهي، ۽ ٻين کي آسودگيءَ جا وسيلا مهيا ڪري ڏيندي آهي. مان اهو ضرور چوندس ته اهو اهڃاڻ، ”رحم جي روڳ“ جي هوبهو هجڻ کان وڌيڪ نه هوندو آهي، ”رحم جي روڳ“ جي ان ريت ٻين ماڻهن ۾ مرض جي ڪن اهڃاڻن جي هوبهو هجڻ جي وسعت، جيڪا سندن ڌيان تي زوردار اثر ڪري سگهي ٿي، اها جهڙي به حالت ۾ يا جيئن به هجي، ”همدردي“ ئي آهي، جيڪا منجهس زوردار توانائيءَ کي ٻيهر پيدا ڪندي آهي. بهرحال اهو اسان لاءِ ان رستي ڏيکارڻ کان وڌيڪ نه هوندو آهي جيڪو ”رحم جي روڳ“ جي هوبهو هجڻ جي اٿاريل/ اڳيان وڌايل مسئلي ۾ نفسي، ذهني عمل سان گڏ اظهار ڪندو آهي. اهو رستو، انهيءَ ذهني عملي ڪم کان ڪجهه مختلف هوندو آهي، جيڪو ساڻس گڏ گڏ اڳتي وڌندو آهي. بعد ۾ ”رحم جو روڳ“ هوبهو هجڻ ۽ عام تصوير جي رستي ظاهر ٿيڻ بجاءِ ٿورو وڌيڪ مونجهارو پيدا ڪندڙ ٿي پوندو آهي، ۽ لاشعوري تصويرن ۾ انومان جي عنصرن ذريعي ظاهر  ٿيندو آهي، ان ڳالهه کي هڪ مثال سان چٽو ڪجي ٿو، مثال اهو آهي ته  هڪڙي ڊاڪٽرياڻي، هڪ مريضا جو علاج ڪندي هئي، اسپتال جي وارڊ جي ڪيترن ئي مريضن جي وچ ۾ خاص طور تي ان جي ڳڍڙي (بدن جي ڪنهن حصي جي آڪڙجي وڃڻ واري حالت (Spasm  پوڻ جي موضوع تي گفتگو پئي هلندي هئي. هڪ ڀيري صبح جو جڏهن مٿس ڳڍڙيءَ جو حملو ٿيو ته هن ڪنهن به قسم جي اچرج جو اظهار نه ڪيو. ڇاڪاڻ ته هن سمجهيو ٿي ته اهو خاص طور ”رحم جي روڳ“ جيان عام حملو آهي، جنهن تي هن رڳو ايترو چيو ته: ”جيئن ته ٻيا مريض به هن حالت کي ڏسندا ٿا رهن، ان ڪري اهي به ان جو نقل ڪندا آهن، حالانڪ اهو نفسي، ذهني زخم جو معاملو آهي.“ ۽ اهو سچ آهي، ڇاڪاڻ ته نفسي، ذهني زخم جي ڪري ان قسم جو نشانيون ظاهر ٿينديون آهن. اها به عام ڳالهه آهي ته ڊاڪٽرن کان وڌيڪ مريض هڪ ٻئي کي سڃاڻيندا آهن ۽ ڊاڪٽرن جي چڪاس کانپوءِ هڪ ٻئي ڏانهن ڌيان ڏيڻ به لڳندا آهن. اسان جيڪڏهن اهو تصور ڪريون ته هن مريضا تي خاص فلاڻي ڏينهن تي حملو ٿيو هو ته ٻي مريضا به هڪدم سمجهي ويندي آهي ته ”ان حملي جو ڪارڻ، پيار جي ڪجهه ناخوشگوار معاملن کي تازي ڪرڻ جي عمل يا اهڙيءَ ئي ڪنهن ٻي ڳالهه جو گهران پهتل پيغام آهي.“ ان وقت سندن همدرديون اڀري اينديون آهن، ۽ تڏهن اهي، ان قسم جو انومان يا نتيجو اخذ ڪنديون آهن، جڏهن اهو شعور ۾ داخل ٿيڻ ۾ ناڪام ٿينديون آهن: جنهن قسم جو ڪارڻ هوندو آهي ته حملو به ان قسم جو ٿيندو آهي، جيڪڏهن منهنجون حالتون به ساڳيون هونديون ته مون تي به ساڳئي قسم جا حملا ٿي سگهن ٿا، ۽ جيڪڏهن اهي انومان، شعور ۾ داخل ٿيڻ جي قابل هوندا ته ممڪن حد تائين ساڳئي قسم جي حملي جي ڊپ کي به اڀاري سگهن ٿا. پر اها به حقيقت آهي ته انومان يا نتيجا، مختلف نفسي- ذهني شعبن ۾ تيار ٿيندا آهن، جن جو اڪثر نتيجو، مرض جي ڊيڄاريندڙ احساس جي اهڃاڻن ۾ ظاهر ٿيندو آهي. اهڙيءَ ريت ”ڪنهن ٻئي شخص جي احساس جي اهڃاڻن ۾ ظاهر ٿيندو آهي. اهڙيءَ ريت ”ڪنهن ٻئي شخص جي احساس يا اوصاف کي پاڻ سان منسوب ڪرڻ“ جي مماثلت فقط ”اصل“ جو هڪ سادگيءَ واري صورت ۾ ”نقل“ نه ڪندي آهي پر اها عارضي جي ساڳئي هڪجهڙائي پيدا ڪندڙ بنيادن جي دعويٰ به رکندي آهي. اها ملندڙ جلندڙ صورت ۾ ظاهر ٿيندي آهي ۽ اها ان عام عنصر مان ايندي آهي جيڪا لاشعور ۾ اڳ ۾ ئي موجود هوندي آهي.

”زناني بيماريءَ ۾ گهڻو ڪري عام جنسي (Sexual) عنصرن جي اظهار ۾ ”ڪنهن ٻئي شخص جي احساس يا اوصاف کي پاڻ سان منسوب ڪرڻ“ واري خاصيت گهڻو ڪري لڳاتار استعمال ٿيندي آهي. ”رحم جي روڳ“ ۾ مبتلا عورت، پنهنجي مرض جي اهڃاڻن کي جهٽ پٽ سڃاڻي وٺندي آهي، پر امتيازي طور تي انهن ماڻهن سان نه، جن سان سندس جنسي لاڳاپا هوندا آهن يا انهن ماڻهن سان جن جا، هن جيان ڪنهن ٻي عورت سان جنسي لاڳاپا هوندا آهن. ٻوليءَ جي استعمال جو به هن معاملي ۾ اهم حصو هوندو آهي، خاص طور تي ”ٻن“ پريمين لاءِ ”هڪ“ هجڻ جو مثال ڏنو ويندو آهي. ”رحم جي روڳ“ جي خيالي اڏام يا تصوراتي دنيا جا فڪر، جيئن خوابن ۾ ”ڪنهن ٻئي شخص جي احساس يا اوصاف کي پاڻ سان منسوب ڪرڻ“ جي مقصد لاءِ ڪافي هوندا آهن، جن جو موضوع انهن جنسي لاڳاپن جي ويچارن سان ويڙيهيل هوندو آهي، جن جو حقيقي زندگيءَ ۾ موجود هجڻ ضروري نه هوندو آهي. اهڙيءَ ريت جنهن مريضا جي خواب جي تجزيي تي بحث پئي ڪيوسين، اهو به رڳو ان زناني بيماريءَ جي سوچن جي، عملي تسلسل جي اصولن جي پوئواري ٿي ڪئي، جنهن جي ذريعي هوءِ خواب ۾ پنهنجي ساهيڙيءَ سان حسد جو اظهار سندس ئي جاءِ والاريندي، ڪري ٿي، (جنهن ۾ اتفاق سان هوءَ جيڪو ڪجهه به ڄاڻي ٿي اهو غير منصفاڻو آهي) ۽ پاڻ کي مرض جي اهڃاڻن جي نشاندهيءَ ڪندي، شناخت ڪري ٿي، جيڪا سندس دستبرداريءَ واري خواهش آهي. ان سموري عمل کي زباني طور هن ريت بيان ڪري سگهجي ٿو: ”منهنجي مريضا خواب ۾ پاڻ کي پنهنجي ساهيڙيءَ جي روپ ۾ ڏٺو ڇاڪاڻ ته سندس ساهيڙي، منهنجي مريضا ۽ سندس مڙس جي حوالي سان پيش ٿي هئي،ڇاڪاڻ ته منهنجي مريضا، پاڻ کي خود پنهنجي مڙس جي ساراهيندڙ ويچارن جي ڪري ساهيڙيءَ جي صورت ۾ ڏسڻ پئي چاهيو.

هن ڪتاب جي ٻئي باب جي شروع ۾ ”زنانين نفسي ۽ ذهني بيمارين جي تجرباتي علاج“ بابت پنهنجي دليلن ۾ شامل ڪيل انهن حصن تي افسوس ٿو ڪريان. جن جي اڻپورن حصن جي پيشڪش ۽ سندن عبارت جي غير جانبداري، انهن جي روشن يا آگاهه ڪندڙ اثر کان گهٽ مايوس نه ٿي ڪري. بهرحال جيڪڏهن اهي خوابن جي موضوع ۽ انهن نفسياتي اعصابي مونجهارن جي وچ ۾ ويجهي لاڳاپي جي نشاندهي ڪرڻ جو ڪم سرانجام ڏيندا هجن ها، ۽ اهي ان مقصد جو پورائو نه ڪندڙ هجن ها، جن لاءِ انهن کي شامل ڪيو ويو هو ته بهتر ٿئي ها. (1)

منهنجي خوابن جي نظريي جي اختلاف ۾، هڪ ٻي عورت مريضا (خواب ڏسندڙن منجهان منهنجي تمام گهڻي ذهين عورت) جو به هڪڙو خواب ڏاڍو آسانيءَ ۽ ان ساڳئي ئي انداز سان حل ٿي ويو هو، جيئن چئي آيو آهيان ته: ”ڪنهن ”هڪ“ جي خواهش جو پورائو نه ٿيڻ به ڄڻ ته ڪنهن ”ٻئي“ جي خواهش جو پورائو آهي.“ هڪ ڏينهن  مان سندس خواب متعلق سمجهاڻي ڏئي رهيو هوس ته ”خواب خواهشن جو پورائو ڪندڙ هوندا آهن.“ ٻئي ڏينهن هن مون کي هڪڙو خواب ٻڌايو، جنهن ۾ هن پنهنجي سس سان گڏ ان شهر طرف سفر پئي ڪيو جتي اهي پنهنجا فرصت وارا ڏينهن گذارڻ ويندا هئا. مون ان ئي وقت ڄاڻي ورتو ته هوءَ، ساوڻ جي موسم پنهنجي سس سان گڏ گذارڻ واري خيال جي شديد خلاف هئي، ۽ اهو به ته ڪجهه ڏينهن اڳ هوءَ، پرچاءَ واري صورت پيدا ٿيڻ کان لنوائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي هئي ۽ ايترو پري واري علائقي ۾ ڪمرا نالي ڪرائڻ کان ڊني پئي. سو هاڻي سندس خواب، سندس خواهش مطابق، مسئلي کي حل نه ڪيو هو: ڇا اها منهنجي نظريي، (ته خوابن ۾ خواهش جو پورائو ٿيندو آهي) جي تمام سخت ۽ ممڪن مخالفت نه هئي؟ بيشڪ! ۽ تڏهن ضروري هو ته خواب جي منطقي نتيجي لاءِ، ان جي تجزيي جي پوئواري ڪجي. خواب اهو ٿو ڏيکاري ته مان غلط آهيان. هن جي خواهش ڪجهه اهڙي هئي ته جيڪر مان غلط ثابت ٿي وڃان ۽ سندس خواب کيس، ان خواهش جو پورائو ڪندي ڏيکاريو هو. جيئن ته هن جي خواهش هئي ته مان جيڪر غلط ثابت ٿي پوان، ته سندس اها خواهش سندس اونهاري جي فرصت جي ڏينهن واري تعلق جي صورت ۾ پوري ٿي ۽ خود هڪ ٻئي سنجيده معاملي سان به ان جو لاڳاپو هو. اٽڪل ساڳئي وقت مون سندس پيش ڪيل مواد منجهان ان جو تجزيو ڪندي مطلب ڪڍيو ته اهو سندس زندگيءَ جو ڪو خاص دور هو، جيڪو خواب ۾ سندس بيماريءَ جي اهميت کي ظاهر ڪري رهيو هو. هن کي ان سان اختلاف هو، جڏهن ته هن کي اهڙي ڪا ڳالهه ياد به ڪانه ٿي آئي، پر ٿوري وقت کانپوءِ هن قبول ڪري ورتو ته مان درست آهيان. ”منهنجي غلط ثابت ٿيڻ جي سندس خواهش“، خواب ۾ سس سان فرصت جا ڏينهن گذارڻ واري خواهش سان مطابقت رکندي بلڪل انصاف ڀرئي نموني پنهنجي صورت بدلائي، ڇاڪاڻ ته اهي واقعا، جن کان هوءَ پهريون ڀيرو واقف ٿيڻ واري هئي، اهي ائين ڪڏهن ظاهر نه ٿين ها.

مان رڳو اندازو لڳائڻ واري طريقي سان، بنا ڪنهن تجزيي جي، مطلب ڪڍڻ جي جرعت ڪندو رهيو آهيان. هڪ مختصر قسط، جيڪا منهنجي هڪ دوست تي ظاهر ٿي. اسان سيڪنڊري اسڪول ۾ مسلسل، ساڳئي ئي ڪلاس ۾ گڏ پڙهيا هئاسين. هڪ ڀيري هن مختصر ٻڌندڙن سان گڏ ويهي، هڪ منفرد سوچ متعلق منهنجي تقرير پئي ٻڌي ته خواب، خواهشن جو پورائو ڪندا آهن. ان ڏينهن هو گهر ويو ۽ رات جو خواب ڏٺائين ته: ”هن جا سمورا پنهنجا عدالتي مقدما (Cases) وڃائجي ويا آهن.“ هو هڪ اعليٰ درجي جو وڪيل هو. بعد ۾ ان جو الزام مون تي هنيائين. مون سندس ان مسئلي تي ڪن لاٽار ڪندي چيو ته: ”ضروري نه آهي ته هر ڪو سمورا مقدما کٽي وٺي،“ پر مون پنهنجي باري ۾ سوچيو: ”ڪلاس جي اعليٰ شاگرد هئڻ جي ناتي مان پورا اٺ سال پنهنجي ڪلاس جي اڳين بينچ تي ئي ويهندو رهيو هوس، جڏهن ته هو وچ  واري عرصي ۾ ئي الائي ڪٿي ڀٽڪندو رهيو هو. جنهن ڪري ماني ڳڀي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو هو، اسڪول ڇڏڻ کانپوءِ، اهي ڏينهن اهي شينهن، اسان جو هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ بلڪل ئي ختم ٿي ويو هو.“

خواب نهايت اداس ڪندڙ ۽ رنج پهچائيندڙ هو ۽ خود مون کي به، خوابن جي خواهشن جي پورائي واري نظريي جي خلاف مريض جي اڳيان ڪري بيهاريو هو.

مريضا هڪ جوان نينگري هئي، جنهن هن ريت چوڻ شروع ڪيو: ”توکي ياد هوندو ته منهنجي ڀيڻ پويان ”ڪارل“ نالي هڪڙو پٽ ڇڏيو هو، هن پنهنجو وڏو ڀاءُ ”اوٽو“ وڃايو هو، جڏهن ته مان اڃان تائين ان سان گڏ رهيس پئي. ”اوٽو“ مون کي ڏاڍو پيارو هو، ٿورو گهڻو مون به ان کي نپائي وڏو ڪيو هو. مان ان ننڍڙي کي به پسند ڪندي آهيان، پر ايتري ويجهڙائيءَ سان نه جيترو مان ان مرڻ واري سان ڪندي هيس. گذريل رات مون خواب ڏٺو، جنهن ۾ ”مون ڪارل کي پنهنجي اڳيان مئل حالت ۾ ڏٺو، هو پنهنجي ننڍڙي تابوت ۾ پيل هو، سندس هٿ ٻڌل هئا ۽ چوڌاري موم بتيون پئي ٻريون، هو بلڪل ننڍڙي اوٽو وانگر پئي لڳو. هن جي موت جو مون کي ڏاڍو ڏک پئي ٿيو.“ هاڻي مون کي ٻڌاءِ ته ان جو مطلب ڇا ٿو ٿي سگهي؟ تون مون کي سڃاڻين ٿو، ڇا مان ڪا ڪريل عورت آهيان جو مان ائين چاهينديس ته منهنجي ڀيڻ اهو هڪڙو بچيل پٽ به وڃائي ويهي؟ يا خواب جي معنيٰ اها ٿي سگهي ٿي ته اوٽو جي بجاءِ ڪارل مئل هو، جنهن کي مان گهڻو پسند ڪندي هيس؟“

مون کيس يقين ڏياريو ته ان ٻئي مطلب جو ته سوال ئي نه ٿو اٿي. پر ٿوري دير لاءِ عقل جي ڊوڙ ڪرڻ کانپوءِ مان سندس خواب جي درست تشريح ڪرڻ جي قابل ٿي ويس، جنهن کانپوءِ هن، ان جي تصديق ڪئي. مان ائين ڪرڻ جي قابل ان ڪري ٿيس جو مان خواب ڏسندڙ جي گذريل سموري تاريخ کان واقف هوس.

ڇوڪري پاڻ به يتيم هئي ۽ پنهنجي سڀني کان وڏي ڀيڻ وٽ پلي نپني هئي. سندن ڀيڻ جي گهر تي اچي ملڻ وارن دوستن مان هڪ شخص، منهنجي مريضا جي دل تي ديرپا اثر ڇڏيو هو. ٿوري وقت لاءِ ته ائين ٿي لڳو ته ان مس مس قبول ڪيل تعلق جي ڪري هو شادي ڪرڻ وارا آهن، پر سندس ڀيڻ جي ڪري هن کي ڪا خاص خوشي ميسر نه ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته شاديءَ لاءِ سندس ارادو به گهڻو واضع نه هو. وعدن جي ٽٽڻ کان، خاص طور تي ننڍڙي اوٽو جي فوت ٿيڻ کان ٿورا ڏينهن پوءِ ان شخص سندن گهر تي اچڻ ڇڏي ڏنو، جنهن کانپوءِ منهنجي مريضا به سندس ڌيان دل تان لاهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پنهنجي سر جيئڻ جا جتن ڪرڻ لڳي. پر هوءَ پنهنجي ڀيڻ جي ان دوست سان ڪيل محبت کي وسارڻ ۾ ڪامياب ڪانه ٿي سگهي، سندس خود پسندي کيس دل جي اظهار ڪرڻ کان لنوائڻ تي اڀاري رهي هئي، ٻين جي موهيندڙ پيشڪش جي باوجود هوءَ پنهنجو پيار، ڪنهن ٻئي سان ونڊڻ جي قابل به نه هئي. جڏهن به ان قسم جي ڳالهه ظاهر ٿي چڪي ته هن کي ان سان پيار ڪرڻ تي اختلاف هو، جيڪو پيشي جي لحاظ کان اديب هو ۽ هڪ هنڌ تقرير ڪري رهيو هو ته ٻڌندڙن سان گڏ هوءَ به ويٺي هئي. هن ممڪن حد تائين اڻ ڌريي انداز سان کيس پري کان پئي نهاريو. مون  کي ياد آهي ته هن ٻئي ڏينهن مون کي ٻڌايو هو ته پروفيسر خاص رضامندي ڏيکاري آهي، ان ڪري هوءَ هڪ ڀيرو ٻيهر ان خوشيءَ وارن لمحن ۾ گذارڻ چاهي ٿي. ۽ اها ڳالهه هن خواب ڏسڻ کان هڪ ڏينهن اڳ مون سان ڪئي هئي ۽ اهو راضي نامون ان ڏينهن ئي ٿيو هو، جنهن ڏينهن هن مون کي پنهنجو خواب ٻڌايو هو. ان ڪري ان خواب جي درست تعبير کي جوڙي هڪ ڪرو ڪرڻ، مون لاءِ نهايت آسان ٿي پيو هو. مون کانئس پڇيو ته ڪٿي هن ڪنهن اهڙي ڳالهه تي ته نه پئي سوچيو ته اهو سڀڪجهه اوٽو جي مرڻ کانپوءِ ٿيو هو؟ هن هڪدم جواب ڏيندي چيو: ”جي، بلڪل، پروفيسر واقعي وڏي عرصي جي غير حاضريءَ کانپوءِ آيو هو، ۽ مون کيس هڪ ڀيرو ٻيهر ننڍڙي اوٽو جي تابوت جي ڀر ۾ بيٺل ڏٺو هو.“ مون به بلڪل اهو ئي سمجهيو پئي ۽ مون سندس خواب جي تعبير هن ريت ڪري کيس ٻڌائي: ”جيڪڏهن ٻيو ٻار به فوت ٿي وڃي ته وري به ساڳيو سانحو ٿي پوندو. تو هڪڙو ڏينهن پنهنجي ڀيڻ ۽ ان پروفيسر سان به گذاريو هو، تڏهن جڏهن هو ان جي فاتحا ڪرڻ لاءِ آيو هو، ان ڪري تو هن کي ٻئي ڀيري به ساڳئي قسم جي موقعي تي ڏٺو هو. خواب تنهنجي، هن کي ٻيهر ڏسڻ جي خواهش کان وڌيڪ ٻي ڪا معنيٰ نه ٿو رکي، ان خواهش جي خلاف تون اندروني طور ڪوشش ڪري رهي آهين. مان ڄاڻان ٿو ته تو وٽ هن وقت به اڄوڪي موسيقيءَ جي محفل جو ٻه ٽڪيٽون موجود آهن. تنهنجو خواب، بي صبريءَ جو خواب هو: جنهن ساڻس گڏ گذارڻ وارين انهن چند ايندڙ گهڙين جي جهلڪ جي پيش بندي (Anticipate) ڪئي آهي.

سندس خواهش کي مخفي رکڻ يا لڪائڻ جي حوالي سان، خواب نهايت چٽي ريت هڪ صورتحال چونڊي ورتي هئي، جنهن ۾ عام طور تي خواهشون، دٻيل يا دٻايل حالت ۾ موجود هونديون آهن. هڪڙي صورتحال، جيڪا گهڻي رنج ۽ غم سان ڀريل هئي، جنهن جي ڪنهن ٻئي کي خبر به نه آهي ته اهو ڪنهن جي پيار سان ٽمٽار ٿيل آهي. تنهن هوندي به اهو ممڪن آهي ته خود خواب، انهيءَ حقيقي صورتحال کي اصل محسوس ڪرائيندڙ نقل وارو عمل (Replica) هجي، ٻي ڳالهه اها ته وڏي ڇوڪري جي تابوت وٽ ان شخص جو نظر اچڻ، جنهن لاءِ سندس دل ۾ اڃان به تمام گهڻو پيار موجود هو ۽ هوءَ ان نازڪ احساس کي ڪنهن به صورت ۾ دٻائي نه سگهي هئي، جيڪو وڏي غير حاضريءَ کانپوءِ کيس نظر آيو هو.(1)

ساڳئي قسم جي هڪ ٻي مريضا جي خواب جي، وري هڪ مختلف وضاحت هئي. هوءَ جڏهن جوان هئي ته پنهنجي، غير معمولي حسن ۽ کلمک هجڻ سان گڏ حاضر جواب به هوندي هئي ۽ اهي خاصيتون اڃان به منجهس نظر اينديون هيون، انهن سمورن واقعن ۽ ڳالهين جي خبر مون کي سندس علاج دوران پئي هئي. هن جي هڪ ڊگهي خواب جي سلسلي ۾ هن جو خيال هو ته هن رڳو پنهنجي پندرهن سالن واري ڌيءَ کي ”صندوق ۾“ مئل حالت ۾ ڏٺو هو. پنهنجي ان ڏٺل منظر جي حوالي سان، کيس خواهشن جي پورائي واري نظريي سان اختلاف هو، حالانڪ هن پاڻ به ”صندوق“ جي تفصيل متعلق ڌُڪا پئي هنيا، هن جو خيال هو ته خواب ۾ اها صندوق يقينن ڪنهن ٻئي خيال کان نظر آئي هوندي (جيئن خواب ۾ سيڪيل مڇي ڏسڻ، ڪنهن وڏي دعوت کي ٿڏڻ آهي.) تجزيي جي سلسلي ۾ هن کي ياد آيو ته هڪ ڏينهن اڳ شام جو انگريزي اکر “Box” (پيتي) کي پئي اچاريوسين ۽ وري ان کي مختلف طريقن سان جرمن زبان ۾ به پئي ترجمو ڪيوسين، جهڙوڪ: ”ٿيلهو“ (Schachtle)، ٿيٽر ۾ رکيل سامان واري ”پيتي“  (Log,Box)،”خانن واري صندوق“ (Kasten, Chest)، پائخاني لاءِ ڪم ايندڙ گينڊي يا ڪموڊ“ (Ohrfeige) وغيره. ساڳئي خواب جو ٻيو حصو، وڌيڪ جاچ لهڻ جا وسيلا به مهيا ڪري ڏئي ٿو ڇاڪاڻ ته هن جو خيال هو ته ان انگريزي زبان واري صندوق (Box)، جو واسطو جرمن زبان جي لفظ ”بوڪسي“ (Buchse) مطابق ان ٿانوَ (Receptacle) سان هو جنهن ۾ ڪجهه رکيو يا زخيرو ڪيو ويندو آهي، ۽ هن کي مشڪل سان ياد آيو ته جرمن زبان جي لفظ ”بوڪسي“ (Buchse) زناني شرم گاهه لاءِ بيهودي اصطلاح ۾ استعمال ٿيندو آهي. جيڪڏهن نقش يا خاڪي ذريعي ڪنهن علائقي، جاءِ يا حصي جي صورتحال بيان ڪرڻ جي علمي عضوياتي تشريح (Topographical Anatomy) متعلق سندس محدود معلومات کي جوڙڻ جي اجازت هجي ته اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ”ٻار جو ڪنهن صندوق ۾ هجڻ جي معنيٰ آهي ”گرڀ“ يا ”رحم“ (Womb) ۾ ٻار جو ”تخم“ (Embryo). ان نڪتي تي روشني وجهڻ کانپوءِ، هن ان ڳالهه کي مڃڻ کان انڪار نه ڪيو ته ”خواب جي تصوير جو تعلق، ٻين ڪيترين شادي شده عورتن جيان سندس خواهش سان هو.“ هوءَ جڏهن پيٽ سان ٿيندي هئي ته گهڻو ڪري، کيس ڇڪي اچي ويندي هئي ۽ ان خوشيءَ کان محروم رهجي ويندي هئي، ۽ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ٿيڻ کانپوءِ بيزاريءَ وچان، دل ۾ ان خيال کي ويهاري ڇڏيو هئائين ته جيڪر رحم ۾ ٻار فوت ٿي وڃي. سچ پچ ته سخت ڪاوڙ ۾ مڙس سان جهيڙي فساد واري منظر کانپوءِ پنهنجي ڇاتيءَ ۽ پيٽ تي چنبا به ائين ئي هڻندي هئي ڄڻ هوءَ پيٽ ۾ موجود ٻار کي ماريندي هجي. اهڙيءَ ريت ”مئل ٻار“ دراصل خواهش جو پورو ٿيڻ هو، پر اها خواهش هن جي گذريل پندرهن سالن جي دور جي هئي.

اها ڏاڍي مشڪل سان حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه ٿيندي آهي، جڏهن اها خواهش، تمام گهڻي عرصي کانپوءِ پوري ٿيندي آهي ته يقينن اها ايترو جلدي شناخت به نه ٿي سگهندي آهي ۽ ان ڊگهي وقفي سبب، ان ۾ گهڻي تبديلي به اچي ويندي آهي.(1) مون کي خوابن جي ان مجموعي طرف موٽڻو آهي، جن منجهان مون ٻه مثال پيش ڪيا آهن، جن جو تعلق انهن ويجهن مائٽن جي فوتگيءَ سان آهي، جن سان خواب ڏسندڙن جو پيار هو. مان جڏهن ”مثالي خوابن“ تي (باب پنجين جي حصي چوٿين ۾) غور ڪندس ۽ گڏوگڏ انهن جي اڻ پورين خواهشن واري مواد جي باوجود اهڙن سمورن خواب جي ڪجهه وڌيڪ مثالن ڏيڻ جي قابل به هوندس، جن جي تشريح وري به خواهشن جي پوري ٿيڻ بابت ٿئي ٿي.

مان انهن خوابن بابت، ڪنهن مريض جي لاءِ نه پر پنهنجي انتهائي ذهين منصف واقفڪار لاءِ پابند آهيان. هن مون کي پورائو ڪندڙ خوابن جي نظريي جي حوالي سان نتيجو اخذ ڪرڻ ۾ تڪڙ يا جلدبازيءَ کان ڪم وٺڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر تنبيهه ڪئي هئي. ”مون خواب ڏٺو“ منهنجي اطلاع ڏيندڙ چيو، ”ته مان هڪ عورت کي پنهنجي ٻانهن تي کڻي پنهنجي گهر آيس،ڪو بند ٿيل سامان سامهون رکيل هو ۽ هڪ ماڻهو مون ڏانهن آيو ۽ مون کي پنهنجي سپاهي مقرر ٿيڻ جو خط ڏيکاريائين ۽ درخواست ڪيائين ته هن سان گڏ هلي. مون کيس چيو ته مون کي ان معاملي ۾ پوڻ لاءِ ٿوري وقت جي اجازت ڏي.“

”ڇا توهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته مون کي گرفتار ٿيڻ جي خواهش هئي؟ ظاهر آهي ته نه هئي، پر مان رڳو رضامند ٿي سگهيس پئي. “

”توهان ڄاڻو ٿا ته اوهان ڪهڙي ڏوهه جي ڪري گرفتار ٿي پئي سگهيا؟“

”جي ها! مان سمجهان ٿو ته معصوم ٻالڪ جي قتل جي سلسلي ۾.“

”معصوم ٻالڪ جي قتل جي سلسلي ۾؟ “

”پر پڪ سان تون ڄاڻي ٿو ته پنهنجي نئين ڄاول ٻار جي سلسلي ۾ اهڙي قسم جو جرم هڪ عورت ڪري سگهي ٿي؟ “

”جي بلڪل درست.“(1)

”اهي ڪهڙيون حالتون هيون، جن ۾ تو ان قسم جو خواب ڏٺو؟ هڪ ڏينهن اڳ ۾ شام جو ڇا ٿيو هو؟ “

”مان، توکي اهو نه ٻڌائي سگهندس جو اهو نهايت نازڪ معاملو آهي.“

”بهرحال مان اهو ٻڌڻ ٿو چاهيان ته جيئن مان خواب جي تعبير تائين پهچي سگهان. “

”جي ائين آهي ته پوءِ ٻڌو: ”مان ان رات پنهنجي گهر تي نه گذاريو هو مگر ان عورت سان هوس جنهن جو مقصد مون سان ڪو وڏو سودو ڪرڻ هو. اسان جڏهن جاڳياسين ته اسان جي سودي جي وچ ۾ وڌيڪ ڦير گهير اچي وئي هئي، جنهن کانپوءِ مان ٻيهر سمهي پيس، جنهن بعد اهو خواب ڏٺم، جيڪو توکي ٻڌايو اٿم.“

”ڇا هوءَ شادي شده عورت آهي؟ “

”جي“ .

”۽ تون ان مان ڪنهن ٻار پيدا ڪرڻ نه ٿو چاهين؟ “

”اوه نه نه، اها ئي ڳالهه ته اسان کي جدا ڪري ڇڏيندي.“

”۽ ان ڪري تون هن سان همبستريءَ لاءِ عام طريقو استعمال نه ڪندو آهين؟ “

”مان حفاظتي طور تي انزال کان اڳ ۾ پوئتي هٽي ويندو آهيان.“

”منهنجو خيال آهي ته مان اهو اندازو لڳائي سگهان ٿو ته تون رات دوران اها اٽڪل گهڻائي ڀيرا هلائي هوندي ۽ ان جي ورجائڻ کانپوءِ، صبح جو تو ٻاهر فارغ ٿيڻ جي صورت ۾ ڪاميابيءَ متعلق ٿوري غير يقيني محسوس ڪئي هوندي.“

”ها ائين ٿي سگهي ٿو، بيشڪ.“

”ان صورت ۾ تنهنجو خواب خواهشن جو پورائو ڪندڙ هو، مان توکي وري به پڪ ٿو ڏيان ته تو ٻار کي ڄمڻ نه ڏنو هو يا ان ڳالهه کي لڳڀڳ ائين چئجي ته تو ٻار کي ڄڻ قتل ڪيو هو. باقي وچ وارن ڳانڍاپن جا اشارا آسان آهن. توکي ياد هوندو ته چند ڏينهن اڳ تون شاديءَ جي تڪليفن جي ڳالهه پئي ڪئي، تڏهن اها ڳالهه بلڪل نامناسب آهي جو ان طريقي سان هم بستريءَ تي ڪا عورت اعتراض ئي نه ڪندي هجي، جنهن سان حمل نه ٿيندو آهي، حالانڪ جڏهن بالغ زنانو توليدي مادو (Ovum) ۽ نطفو (Semen) پاڻ ۾ ملندا آهن ته ڪا به مداخلت قبول نه ڪندا آهن ۽ ڳڀ (Foetus) ڪا سزا ڪاٽڻ لڳندو آهي، ڄڻ ڪو جرم؛ ٻار جي قتل کي به ساڳي ڳالهه سڏيو ويو آهي. “

”ڏاڍي عجب جهڙي ڳالهه آهي جو اڄ صبح ئي ڪيو هجيس. “

اسان خاص ان نڪتي تي، اٺين ۽ پندرهين صديءَ جي وچ واري دور جي راءِ جي اختلاف کي ياد ڪرڻ لڳاسين، جڏهن روح، ڳڀ ۾ داخل ٿيندو هو، تڏهن اڃان ان جي لاءِ قتل جو نظريو لاڳو نه هو.

”ان ۾ شڪ نه آهي ته تون ”لينائو“ (Lenau) جي خوف ڏياريندڙ شعر ”فنا، حاصل جمع جو مقدر“ (Das tote Gluck) کان واقف به آهين، جنهن ۾ ٻار جي روڪ ٽوڪ جي حوالي سان مان ”لينائو“ جي متعلق سوچي رهيو هوس.

”اهو ته اتفاق ئي ٿي سگهي ٿو.“

”۽ بعد ۾ تنهنجي خواب ۾، ان جي لفظن ۽ خيالن جو ورجاءُ (Echo) ٿيو. هاڻي مان تنهنجي خواب ۾ اتفاق تي ٻڌل، تنهنجي ٻي خواهش جي پورائي کي پڌرو ڪري سگهان ٿو. تون هڪ عورت کي ٻانهن تي کڻي پنهنجي گهر آئين.(1) جڏهن ته حقيقت ۾ تو هڪ رات، سندس گهر ۾، ان سان گذاري هئي. جنهن جا هڪ کان وڌيڪ سبب ٿي سگهن ٿا ڇاڪاڻ ته خواهش جي پورائي، خواب ۾ گهٻراهٽ وچان، مڃڻ ۾ نه ايندڙ جوڙجڪ ذريعي، اصل حالت کي لڪائي، پيش ڪيو هو! شايد تو منهنجو ”اعصابي مونجهارن، فڪر يا ڳڻتيءَ جي علت شناسيءَ“ (Aetiology of anxiety neurosis. 1895) تي لکيل ليک مان ڪجهه پڙهيو آهي، جنهن کي مان سمجهان ٿو ته بيماريءَ جي اسبابي جزن مان، جنسي وصل ۾ رخنو وجهندڙ معاملو به اعصابي مونجهاري يا ڳڻتيءَ جي ارتقا جو ئي هڪ جزو آهي. اها ڳالهه به ان سان ملندڙ جلندڙ آهي، جو بار بار ان طريقي سان سنجوڳ ڪيو وڃي، تون نهايت بيقراريءَ واري ڪيفيت ۾ فارغ ٿيو هئين، جيڪو بعد ۾ تنهنجي خواب جي جڙڻ جو جزو بڻجي ويو هو. ان کان علاوه تنهنجو اهو مزاج، تنهنجي خواهش جي پورائي جي اصل صورت کي لڪائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو هو. اتفاق سان تنهنجو ٻار کي قتل ڪرڻ واري حالت جو حوالو، ايترو گهڻو واضع نه هو.“

”تون عورت جي ان خاص جرم تي ڪهڙي روشني وجهي سگهين ٿو؟“

”مان مڃان ٿو ته ڪجهه سال اڳ مان ان قسم جي هڪ وارتا سان وابستا ٿي ويو هوس. مان هڪ ڇوڪريءَ سان پيار ڪرڻ جي نتيجي ۾ سندس ٻار جي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. مون حالانڪه هن جي ارادي کانسواءِ ائين نه ڪيو هو پر گهڻي وقت گذرڻ کانپوءِ مون پاڻ کي پريشان محسوس ڪيو.“

مون بلڪل واضع طور تي سمجهي ورتو ته سندس انهيءَ ياداشت، اهو ٻيو سبب فراهم ڪيو هو: ”ان ڪري توکي ڪنهن به شڪ شبهي جي ڪري پريشان ٿيڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي ڇاڪاڻ ته تنهنجو دماغ درست رستي تي ڪم نه ٿي ڪيو.“ مون چيو.

هڪ نوجوان معالج، منهنجي تقريرن جي سلسلي دوران، منهنجي واتان، ان خواب کي بيان ڪندي ٻڌو هو، جنهن کان هو ڏاڍو متاثر ٿيو هو، جنهن جي ڪري هن ساڳئي نوعيت جي خيالن کي لاڳو ڪندي، ڪنهن ٻئي نڪتي تي ڏاڍو جلدي ۽ ٻيهر خواب ڏٺو. هڪ ڏينهن اڳ ۾ هن پنهنجي آمدنيءَ جو گوشوارو جمع ڪرايو هو، جيڪو هن پنهنجي مڪمل ايمانداريءَ سان ڀريو هو، گوشواري ۾ ظاهر ڪرڻ واري ماليت به گهٽ ئي هئس. جنهن کانپوءِ هن خواب ڏٺو ته: ”هن جو ڪو واقف، ٽيڪس ڪمشنرن جي ميٽنگ مان هلي، وٽس آيو ۽ کيس اطلاع ڪيائين ته حالانڪ آمدنيءَ جي ٻئي ڪنهن به گوشواري تي ڪو به اعتراض نه ڪيو ويو هو پر هن جي ذريعي مجموعي شڪ شبهو پيدا ڪرڻ سبب، مٿس تمام وڏو ڏنڊ مڙهيو ويو.“ خواب، هن جي لڪل خواهش جو ڏاڍي نٻل قسم جو پورائي ڪندڙ هو، ڇاڪاڻ ته هو معالج جي حيثيت ۾ ڪافي وڏي آمدنيءَ وارو ڊاڪٽر هو. ان حوالي سان مون کي هڪ ڇوڪريءَ جي ڳالهه ياد پئي آئي، جنهن کي صلاح ڏني وئي هئي ته سڱ ڇڪائڻ وارن کي انڪار ڪري ڇڏي، ڇاڪاڻ ته شاديءَ جو خواهشمند ڇوڪرو فسادي طبيعت جو هو، سو جيڪڏهن تو هن سان شادي ڪئي ته شاديءَ کان پوءِ هو توکي ماريندو ئي رهندو.

”پر جي هن مون کي اڳ ۾ ئي مارڻ شروع ڪيو هجي ته!“ ڇوڪريءَ جواب ڏنو.

سندس شادي ڪرڻ جي خواهش ايتري ته شديد هئي جو هن ان دڙڪي دهمان جي پرواهه ئي نه ڪئي ۽ ان سوديبازيءَ کي، اڻوڻندڙ انداز سان ئي سهي پر ايتري حد تائين قبول ڪري ورتو جو اها، سندس خواهش ۾ تبديل ٿي وئي.

ڪيترائي لڳاتار ايندڙ خواب(1) منهنجي نظريي جي اختلافي صورت ۾ به نظر ايندا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن جو موضوع يا مرڪزي نڪتو، ”خواهش بابت محروميءَ جو احساس“ (Frustration) هوندو آهي، يا وري ڪنهن اهڙي ”اڻ پوري خواهش جي وارتا“ متعلق هوندو آهي، جو ٿي سگهي ٿو ته اهڙي وارتا، پاڻ سان گڏ ”مقابل يا مخالف خواهش جي خوابن“ (Counter wish dreams) جي عنوان سان پيش ٿيندي هجي. جيڪڏهن انهن خوابن کي مجموعي طور تي ڏسجي ته اهو ممڪن آهي ته انهن کي ٻن اصولن ذريعي ڳولهڻو پوي: مون اڃان تائين انهن مان هڪ کي به شامل نه ڪيو آهي، حالانڪ اهي، نه رڳو انهن ماڻهن جي خوابن لاءِ پر خود سندن جيون ۾ به انتهائي اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. ڪنهن عمل يا مقصد واسطي اندر ۾ موجود نيت يا مراد جي انهن ٻنهي قوتن مان هڪڙي: اهڙن خوابن جي رهنمائي يا اڳواڻي ڪنديون آهن، جنهن جي ذريعي اهو خيال ڪارفرما رهندو آهي ته ”ٿي سگهي ٿو مان غلط هجان.“ منهنجي علاج واري عرصي دوران، جڏهن ڪي مريض مخالفت يا مزاحمت واري حالت ۾ هوندا آهن ته اهي اڪثر اهڙا ئي  خواب ڏسندا آهن، پر مان جڏهن به ڪنهن مريض جي اڳيان پهريون ڀيرو پنهنجي نظريي جي وضاحت ڪندي چوندو آهيان ته خواب خواهشن جو پورائو ڪندڙ هوندا آهن ته ان کانپوءِ، لڳ ڀڳ انهن مان ڪنهن هڪ نه هڪ جي ڪنهن عمل يا احساس کي جاڳائي ضرور وٺندو آهيان.(2) سچ ته اها به اُميد رکي سگهجي ٿي ته هن ڪتاب جي ڪجهه پڙهندڙن کي به ساڳي شيءِ پيش اچي: اهي پنهنجي رهجي ويل تمنائن کي، خوابن ۾ ڏسڻ لاءِ باقاعدي تيار هوندا، پر جيڪڏهن سندس خواهش رڳو اها هجي ته ”ٿي سگهي ٿو مان غلط هجان.“ يعني ان لاءِ پهرين پنهنجي خواهشن جي غلط هجڻ جو اقرار ڪرڻ به ضروري آهي. ان ساڳئي نڪتي تي اسان گذريل خواب ذريعي بحث ڪري آيا آهيون، جيڪو مون پنهنجي زير علاج مصور جي حوالي سان پيش ڪيو هو.

هي هڪ ڇوڪريءَ جو خواب هو، جنهن پنهنجي مائٽن ۽ وڏين اختيارين رکندڙن جي مرضيءَ جي خلاف وڏي جدوجهد ڪري مون کان علاج ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي هئي. هن خواب ڏٺو ته: ”سندس مائٽن کيس، مون وٽ اچي، مون کان علاج ڪرائڻ بابت منع ڪئي آهي. تنهن هوندي به هوءَ مون کي منهنجو وعدو ياد ڏياريندي چوي ٿي ته ”جيڪڏهن ضروري هجي ته بنا معاوضي جي منهنجي علاج کي جاري رکو.“ مان جواب ۾ چوان ٿو ته ”مان پئسن جي معاملي ۾ ڪا به منظوري نه ٿو ڏئي سگهان.“ مون کي اها ڳالهه بلڪل مڃڻ گهرجي ته ان خواب جي معاملي ۾، خواهش جي پورائي کي آسانيءَ سان ڳولهي نه ٿو سگهجي. پر اهڙن سمورن معاملن ۾ هڪ ٻي پيروليءَ کي ڀڃي سگهجي ٿو، جنهن جي ڀڃڻي، ان جي ”اصل“ کي ڳولهڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. سو اچو ته ڏسون ته انهن لفظن جو ڪهڙو مقصد هو، جيڪي منهنجي واتان چوَرايا ويا هئا. ظاهر آهي مون ته ان ڇوڪريءَ کي اهڙي ڳالهه ڪڏهن به نه چئي هئي، ها البت سندس ڀاءُ کيس چيو هو، جنهن کان هوءَ گهڻو متاثر هئي، جنهن منهنجي خوبي بيان ڪندي کيس ان قسم جو تاثر ڏنو هو. ان حوالي سان سندس خواب، سندس ڀاءُ جي سچي هجڻ کي ثابت ڪيو. پر اها ڳالهه رڳو سندس خوابن تائين محدود نه هئي ته هوءَ ان جي  سچي هجڻ تي زور ڀريندي هئي، پر هن جو اهو خيال سندس سموري زندگيءَ تي حاوي هو ۽ اهو ئي سندس بيمار ٿيڻ جو مقصد هو.

هڪڙو خواب(1) جيڪو پهرين نگاهه ۾ خواهشن جي پورائي واري نظريي جي راهه ۾ علاج ڪندڙ جي ذريعي تعبير ڪرڻ لاءِ نهايت مشڪل  سان نظر اچي ٿو، جنهن کي ”آگسٽ اسٽارڪي“ (August Starke. 1911) بيان ڪيو آهي: ”مان پنهنجي کاٻي هٿ جي اشهد (اشارو ڪندڙ) آڱر تي پهريون نشان (Primaraffekt) ڏسان ٿو ته ان جي ڇيڙي تي ”پرميل“ (Syphilis) واري پونءِ لڳل آهي.“(2)

خواب جي اڻپوري خواهش جي سٽاءَ کانسواءِ به اهو عڪس چٽيءَ ريت لاڳاپيل نظر اچي ٿو، جيڪو اسان کي تجزيي ڪرڻ کان روڪي به سگهي ٿو، پر بهرحال جيڪڏهن ڪا مشڪل پيش آئي ته ان سان منهن ڏئي وٺنداسين. اسان ڏسي سگهون ٿا ته ”پهريون نشان“ (Primaraffekt)، ”پهرين پيار“ (Prima affecio) جي بلڪل برابر آهي، ۽ هڪ ناگوار يا رد ڪندڙ روڳ کي ظاهر ڪري آيو آهي، جيڪو ”آگسٽ اسٽارڪي“ جي لفظن ۾ هن ريت آهي ته: ”خواهشن جي پورائي لاءِ منتظر، جيڪو انتهائي جذبات سان ٽمٽار آهي.“

”مقابل يا مخالف خواهش جي خوابن“ لاءِ ٻيو مقصد ايترو ته پڌرو آهي جو ان کي نظرانداز ڪرڻ به سولو آهي، جيئن مون به پنهنجي ڪيتري غور ڪرڻ واري وقت دوران ڪيو آهي. اهو ڪيترن ئي ماڻهن جي جنسي عمل جي طريقي ۽ رويي ۾ جسماني يا جذباتي اذيت مان لطف اندوز ٿيڻ واري عادت يا غلط ڪاريءَ ذريعي جنسي لذت وارو عنصر (Masochistic Component) هوندو آهي، جيڪو فطري اڳرائيءَ يا جوش بجاءِ ان جي ابتڙ ۽ غير فطري حالت ۾ اڀرندو آهي، ۽ پنهنجي ساٿيءَ مان، ايذاءُ پسندي يا زوريءَ عزت لٽجڻ مان مزو حاصل ڪرڻ جو (Sadistic) عنصر اڀري ايندو آهي.(3) اهي جن کي ڌڪن، رهنڊن ۽ چڪن پائڻ سان کين جسماني تڪليف بجاءِ فرحت حاصل ٿيندي آهي، ۽ خود ذهني طور بيعزتيءَ ۽ خواريءَ مان به لطف اندوز ٿيندا آهن، انهن کي ”ذهني ايذاءَ مان فرحت وٺندڙ“ چئي سگهجي ٿو.“ اهڙي قسم جا ماڻهو پهرين نظر ۾ ائين لڳندا آهن ته اهي پڪ ئي پڪ ”مقابل يا مخالف خواهش ۽ اڻوڻندڙ يا اڻ سهائيندڙ خواب“ ڏسندا هوندا، جيڪي به تيسيتائين خواهشن جي پورائي کان گهٽ نه هوندا آهن، جيسيتائين اهي پنهنجي غلط ڪاريءَ ذريعي جنسي لذت واري عادت مان مطمئن نه ٿيندا آهن. حوالي طور مان اهڙو هڪ خواب هت ڏيان ٿو، جيڪو هڪ نوجوان مرد جي ذريعي مون وٽ پيش ٿيو هو، جنهن کي سندس وڏو ڀاءُ، سندس ابتدائي عمر ۾ سخت ذهني ۽ جسماني تڪليف ڏيندو هو، جنهن سان سندس هم جنس پرستيءَ (Homo- Sexual) وارو تعلق جڙي ويو هو. ان حوالي سان سندس ڪردار ۾ به ڀوڳنا کي برداشت ڪرڻ جي بنيادي تبديلي پيدا ٿي پئي هئي، جنهن هي خواب ڏٺو، جيڪو ٽن حصن ۾ هو:

1.             سندس وڏو ڀاءُ ساڻس ڇيڙ ڇاڙ ڪري رهيو آهي.

2.           ٻه جوان شخص هڪ ٻئي کي هم جنس پرستيءَ جي خيال کان، پيار ۽ پاٻوهه وچان چميون ڏئي ۽ ڳرهاٽڙيون پائي رهيا آهن.

3.           سندس ڀاءُ اهو سمورو ڪاروبار وڪڻي ڇڏيو هو، جنهن ۾ هو پاڻ کي وڏي منتظم جي صورت ۾ ڏسي رهيو هو.“

هو ان ٽئين خواب ڏسڻ کانپوءِ نهايت ڏکوئيندڙ احساس سان جاڳي پيو. يقينن اهو غلط ڪاريءَ ذريعي جنسي لذت واري خواهش جو خواب هو، جنهن جو ترجمو هن ريت ٿي سگهي ٿو: ”هو منهنجي درست خدمت سرانجام ڏئي سگهي ٿو، جيڪڏهن منهنجو ڀاءُ، انهن سمورين ذهني ۽ جسماني پيڙائن جو سبب بڻجڻ لاءِ، ڪنهن سزا جي طور تي ئي، ان وڪري جي حوالي سان منهنجي منهن مقابل ٿئي ته هو مون کي ئي پيشڪش ڪري سگهي ٿو.“

مون کي اميد آهي ته ان معاملي جي اعتبار جوڳي هئڻ لاءِ اهو مثال تيسيتائين بلڪل ڪافي آهي، جيسيتائين ڪو اعتراض نه ٿو اٿي، ڇاڪاڻ ته خود ڏکوئيندڙ يا تڪليف جو احساس ڏياريندڙ خوابي مواد به خواهش جي پورائي جي جوڙجڪ ڪندو آهي.(1) جنهن کي ڪو اتفاقي واقعو نه ٿو چئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته انهن خوابن جي تشريح، اسان کي هر وقت، انهن ماڻهن جي موضوعن جي خلاف اڀاريندي رهي ٿي جيڪي، ڳالهائيندي يا سوچيندي به ارها يا رنج رهندا آهن. ان ۾ شڪ نه آهي ته اهڙن خواب جي ذريعي ايذاءَ جا اڀرندڙ احساس، سندن خيالن جي رکوالي ڪرڻ يا رخ ڦيرائڻ جي باوجود، ناگوار يا متضاد هجڻ واري حالت جي (هميشه ڪاميابيءَ سان) بلڪل هوبهو هوندا آهن. اهي سموريون ڳالهيون، انهن سان ٿيل بحث مباحثن يا اهڙن موضوعن کي شامل ڪندي، اسان کي ذهن نشين ڪرڻيون پونديون آهن، ۽ جيتوڻيڪ انهن تي وقت برباد ڪرڻ لاءِ پاڻ کي لاچار سمجهندا آهيون ته به اسان مان هرڪو سرسي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، پر منجهن خوابن ۾ ناخوشگوار احساسن جي ٻيهر رونما ٿيڻ يا وقفي وقفي سان ظاهر ٿيڻ واري خواهش جي موجودگيءَ کي غلط ثابت ڪري نه ٿو سگهجي. اهڙن ماڻهن جون به خواهشون هونديون آهن ۽ اهي ان ڳالهه کي اهميت ڏيندا آهن ته کين ٻين ماڻهن جي اڳيان ظاهر نه ڪيو وڃي، ۽ سندن ڪجهه خواهشون اهڙيون به هونديون آهن جن کي هو پنهنجي منهن به نه مڃيندا آهن. ٻئي طرف انهن سمورن خوابن جي ناخوشگوار خاصيت جي ڪڙين کي، ”خوابن جي بگاڙي“ (Dream Distortion) جي حقيقت سان ملائڻ ۾ اسان پاڻ کي بلڪل جائز سمجهندا آهيون. ۽ اسان ان نتيجي ڪڍڻ ۾ به حق بجانب هوندا آهيون ته اهي خواب، ”بگڙيل“ (Distorted) هوندا آهن ۽ انهن ۾ خواهش جو پورائو ئي شامل هوندو آهي، پر انهن جو اصل نڪتو، ناگوار يا متضاد هئڻ واري حالت جي ڪري مبهم يا لڪل هوندو آهي، ۽ خواب جي اڻڄاتل موضوع کي هوبهو صورت ۾ محسوس ڪرائڻ لاءِ پابند هوندو آهي، يا وري خواهش جي ڪري، ان مان هلي ايندو آهي، جنهن جو ارادو، انهن کي لاشعور ۾ ٻيهر دٻائڻ هوندو آهي. اهڙيءَ ريت خوابن ۾ بگاڙي وارو عمل، حقيقت ۾ ڇانڊ ڇاڻ يا ڪاٽ ڪوٽ جو اظهار ڪندو آهي. اسان وضاحت يا دليل جي طور تي هر اها شيءِ کڻي سگهون ٿا، جيڪا اسان کي انهن ناخوشگوار خوابن جي تجزيي متعلق دڳ ڏيکاري سگهي ٿي، اسان جيڪڏهن اها ترميم يا اصلاح، ان اصول يا قاعدي سان ڪنداسين، جنهن جي وسيلي اسان خوابن جي فطري صلاحيت کي ڳولهي بيان ڪري سگهنداسين ته اهو لڳندو ته: خواب، دٻايل يا روڪيل خواهش جو (لڪل) پورائو آهي.

”اهو وڏو زنده ليکڪ، جنهن جو ذڪر مان اڳ ۾ به ڪري آيو آهيان، هو تحليل نفسيءَ يا خوابن جي تشريح جي متعلق ڪجهه به ٻڌڻ کي ٿڏي ڇڏيندو هو، اهو به پنهنجي انفرادي آزاديءَ سان خواب جي فطري صلاحيت کي جاچڻ لاءِ ”هوبهو يا ساڳئي هجڻ وارو اصول“ طرف لڙي آيو. هو خواب لاءِ ائين چوي ٿو ته: ”خواب، دٻايل خواهشن ۽ جذبن جو، ڪوڙين تصويرن ۽ نالن جو، بنا اجازت ۽ اوچتو اظهار آهي. ”سپيٽيلر“ (Spitteler.1914.I).(2)

”مان ان نڪتي تي ”اوٽو رئنڪ“ پاران ان بنيادي قاعدي بابت واڌارن ۽ ترميمي حوالن متعلق اهي سوال ضرور استعمال ڪندس، جيڪي بعد ۾ بحث هيٺ آيا هئا، ان بنياد تي ۽ لاشعور ۾ دٻجي ويل ٻاراڻن جنسي رحجانن، مواد ۽ سٽاءَ جي مدد سان، خواب سدائين ان موجود (Present) ڏينهن جي نمائندگي ڪندا آهن ۽ اهو اصول پڻ آهي ته جنسي جذبن واريون، محبت ڀريون يا نفساني احساساتي خواهشون. ٻهروپ ڪري، ويس بدلائي ۽ علامتي طور لڪل صورت ۾ پوريون ٿينديون آهن (رئنڪ (Rank. 1910,519.(3)

”هاڻي مان هتي اهو بيان ڪندس ته مون رئنڪ جي اصول کي پنهنجو سمجهي، اختيار ڪيو هو، جنهن جو مختصر جائزو مٿي ڏنو ويو آهي، سندس اهو طريقو مون کي مناسب لڳو، پر حقيقت ۾ ”رئنڪ“ جي ترميمن جي حوالن کي شامل ڪرڻ، خود تحليل نفسيءَ جي خلاف ڇڙواڳ ۽ بي حساب ڏوهه محسوس ٿي ٿيو ۽ اهو مڃيندي ته: ”سمورا خواب جنسي مواد تي ٻڌل سٽاءَ جا ٿيندا آهن.“

”جيڪڏهن اهو جملو ڪنهن رٿيل ارادي سان کنيل آهي، ته اهو رڳو بي ضميريءَ کي ظاهر ڪري ٿو، جنهن ۾ تنقيد ڪندڙ پنهنجي روايت مطابق پنهنجي حريفن جي نظر انداز ڪيل، واضع بيانن کي، جن ۾ انهن جو ڪو خاص مزاحمتي رجحان نه به هجي تڏهن به وڏي ڦڙتيءَ سان رد عمل ڏئي سگهن ٿا. ان حوالي سان چند خواهشن جا مثال ابتدائي صفحن (ٽئين باب) ۾ شامل ڪري آيو آهيان، جيڪي ٻارن جي خوابن ۾ پوري ٿيڻ بابت آندل آهن. اهي خواهشون، (جيڪي سير ۽ سياحت يا ڍنڍ ۾ ترڻ، ڪنهن کي ڇڏي اچڻ يا نظرانداز ڪرڻ وغيره) جي صورت ۾ حصو وٺن ٿيون. ۽ ٻئي هنڌ (باب ٽئين ۾ ئي) مون، اڃ جي ترغيب سبب نظر آيل بک جي خوابن، يا پيشاب پائخاني جي خواهش جي حوالي سان ۽ ڪجهه خوابن تي رڳو سهوليت، فرحت ۽ سڪون بابت بحث ڪيو آهي. خود ”رئنڪ“ پاڻ به ڪا پڪي دعويٰ ڪا نه ڪئي آهي ۽ لفظ به ”جنسي جذبن، محبت ڀرين، نفساني احساساتي خواهشن جي اصول“ هيٺ استعمال ڪيا اٿس، ۽ جيڪي ڪجهه هن چيو آهي اهو به گهڻي ڀاڱي جوان مردن سان لاڳو ٿيندڙ آهي.“

”صورتحال ڪجهه بدليل هجي ها، جيڪڏهن منهنجو نقاد ان لاءِ رڳو لفظ ”جنسي“ استعمال ڪري ها، ان خيال کان، ڇاڪاڻ ته هاڻي ”جنسي جذبن، محبت ڀرين، نفساني احساساتي خواهشن بابت عام طور تي تحليل نفسيءَ ۾ اهو ئي لفظ مروج آهي، پر منهنجي مخالفن جي ذهنن ۾ اهو شايد ڪو تفريحي معاملو آهي ته سمورا خواب، ”شديد جنسي جبلتي قوتن وارا (Libidian instinctual Forces)عمل، انسان جي ان عمل جا محرڪ ٿين ٿا، جيڪي هاڃو رسائيندڙ جبلت جي مقابلي وانگر، مخالف جنس لاءِ جنسي لذت واري ڇڪ پيدا ڪندا آهن.(1)

باقي ڳڻتيءَ وارن خوابن تي، خاص طور خوابن جي قائم مقامي (Subspecies) تي ايذاءَ رسائيندڙ مواد جي حوالي سان بحث رهيل آهي. انهن خواهشن جي پورائي وارن خوابن جو عام وهم گمان، ٿورو، ”تنگ نظريءَ“ مان وڃي ”همدرديءَ“ سان ملي ٿو. جڏهن ته انهن ڳڻتيءَ وارن خوابن جي ان نڪتي تي مان به ٿوري گهڻي ڏي وٺ ڪري سگهان ٿو، ڇاڪاڻ ته انهن اسان جي اڳيان، خواب جي مسئلي تي ڪو نئون پهلو پيش نه ڪيو آهي، جو اهي اعصابي ڳڻتيءَ جي سوال متعلق، اسان سان منهن ڏئي سگهن. ڳڻتي جيڪا اسان خواب ۾ محسوس ڪريون ٿا، اها رڳو خواب جي مواد يا سٽاءَ ذريعي ظاهري طور بيان ڪيل آهي.“

”جيڪڏهن اسان مواد کي تجزيي لاءِ اماڻيون ته اسان ڏسنداسين ته خوابن ۾ ڳڻتي، خوابن جي مواد جي وسيلي، ايتري سٺي نموني ثابت ڪيل نه هوندي آهي، ان ڪري اسان چئي سگهون ٿا ته ڳڻتي؛ خوف يا خوف واري حالت، انهن سوچن ۽ ويچارن جي ذريعي، تائيدي ثبوت ڏيندڙ هوندي آهي، جنهن سان خوف يا خوف واري حالت واسطو رکي ٿي. بيشڪ اهو سچ ئي آهي؛ ڇاڪاڻ ته مثال طور دريءَ مان ٽپو ڏيڻ ممڪن آهي، ان ڪري جو پاڙيواري دريءَ ۾ ڪنهن حد تائين چتاءُ ڏيندڙ ۽ پريشان ڪندڙ خطري جو سبب موجود ضرور آهي؛ پر اسان اهو ڏسي نه ٿا سگهون ته ان حوالي سان ڳڻتيءَ سبب، خوف محسوس ڇو ٿيو! ان موضوع تي ڪنهن مريض کي ڪنهن به موقعي تي هٿ ڪرڻ يا ان جي ڪڍ لڳڻ تمام وڏو ۽ مشڪل ڪم آهي. اسان جي گذريل کوجنا مطابق، ٿي سگهي ٿو ساڳي شيءِ ئي ٻنهي حالتن ۾ يعني، خوف ۽ ڳڻتيءَ جي خوابن جي معقول بچاءَ جي ”ساک“ ڀريندي هجي: ٻنهي معاملن ۾ ”خوف“ انهن ”ويچارن“ سان رڳو سطحي طور واڳيل هوندو آهي جيڪي ساڻس شامل هوندا آهن، جيڪي ڪنهن ٻئي ڪارڻ مان پيدا ٿيندا آهن. خوابن ۾ ڳڻتيءَ ۽ اعصابي مونجهارن جي وچ ۾ اهو تمام ويجهو تعلق لڳاتار موجود هوندو آهي، جنهن مان پهرين حالت تي بحث مان بعد ۾ ڪندس.

ڳڻتيءَ سبب اعصابي مونجهارن (Anxiety- Neurosis. Freud. 1895) متعلق ٿورو وقت اڳ لکيل مختصر مقالي ۾ مون دليل ڏنو هو ته اعصابي ڳڻتي، جنسي لاڙي واري رويي مان پيدا ٿئي ٿي، جنهن جو تعلق جنسي طلب ٿئي ٿو، جيڪا پنهنجي مقصد کان لڙي ان جاءِ تي اچي رسي ٿي، جتي موٽ ۾ ملندڙ يا حاصل ٿيندڙ ڪا به شيءِ موجود نه هوندي آهي.(1) ان کانپوءِ اهو اصول وقت جي پرک سان ملي ٿو، جنهن بعد اسان کي ان لائق بڻائي ٿو جو اسان ان مان اهو نتيجو ڪڍي سگهون ٿا ته ڳڻتيءَ جا خواب، جنسي خواهشن جي سٽاءَ يا مواد سان ڀريل خواب هوندا آهن، جنسي طلب جي سموري ميڙا چونڊي، ڳڻتيءَ واري صورت ۾ بدلجي وڃي ٿي. بعد ۾ ڪا ”غرض“ چند اعصابي مريضن جي خوابن جي تجزيي ذريعي، ان جي بچاءَ يا ”ساک“ سان سهڪار به ڪندي نظر اچي ٿي.(2) خوابن جي نظريي جي سلسلي ۾ ٻئي موقعي تي، وڌيڪ پيش رفت ڪري مان ڳڻتيءَ جي خوابن بابت خواهشن جي پورائي سان ٺهڪندڙ ڪي ڳالهيون طئي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، ٻئي موقعي تي وڌيڪ بحث به ڪندس.


(1)  16 آگسٽ 1899ع تي فليس ڏانهن لکيل فرائيڊ جا خط (1950ع خط نمبر 114) فرائيڊ هن ڪتاب جي ابتدائي بابن جي وضاحت ڪندي لکيو آهي ته: ”اها سموري شيءَ هڪ تصوراتي چال جي نموني تي ترتيب ڏنل آهي، پهريائين خوابن جي تعبيرن تي مهارت رکندڙن جون ڪي سڙيل ڪاٺيون نظر اچن ٿيون (اهي وڻ نه ٿا ڏسي سگهن)، جتي ڪا واضع صورت نظر نه ايندي هجي، اتي گمراهه ٿيڻ يا رستي تان هٽي وڃڻ نهايت آسان هوندو آهي، اهڙيءَ صورت ۾ پنهنجي پڙهندڙن کي هڪ اونهي کاهيءَ مان پار پڄائڻ لاءِ رهنمائي ڪرڻي پوندي. منهنجو اهو خواب، پنهنجي بيهودي مذاق ۽ ساڃاهه جي گهٽتائيءَ جي باوجود پنهنجي تفصيل سبب خاص، نرالو ۽ مثالي آهي، ۽ پوءِ هڪدم، سوالن ۽ ڪاميابيءَ جي امڪانن جو هڪ وسيع ميدان کلي ٿو پوي، ”پوءِ توهان ڪهڙي رستي وڃڻ پسند ڪندا؟“

(1)  هي حصو 1914ع ۾ شامل ڪيل آهي.

(1)  هي جملو 1911ع ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

(2)  هي جملو به ساڳئي مقصد لاءِ 1911ع ۾ شامل ڪيل آهي.

(3)  آسٽريا جي مٿين پاسي ”سالزڪامر گوٽ“ (Salzkammergut) جي ضلعي ۾.

(1)  ويانا جي ٻاهرين پاسي واريون پهاڙيون.

(1)  ٿورو وقت پوءِ ساڳئي قسم جو ڪارنامو، ان ننڍڙي نينگر جي ڏاڏيءَ کي خواب جي ذريعي پيش آيو، جنهن جي اٽڪل عمر ستر سال کن هوندي. هن به گردي ۾ پس ڀرجي وڃڻ سبب سارو ڏينهن مانيءَ کانسواءِ گذاريو هو، ساڳئي رات جو سندس تصور ڦوهه جوانيءَ ڏانهن موٽ کائي ويو ۽ هن خواب پئي لڌو ته هن ٻڌايو پئي ته ٻنهي کي اهم ۽ پيش ڪيل مانيءَ ۾، بک وڌائيندڙ ۽ تمام گهڻا سوادي کاڌا ڏنا ويا هئا.

(2)  (حاشيو 1911 ۾ شامل ڪيل، مواد متن سان گڏ رکيل): جنسي رجحانن تي منهنجا ٽي مضمون 1905ع ۾ شايع ٿيل ڏسو. (مٿين عبارت ۾ ڏنل سٽ، منهنجي ٻين ۽ مختلف حصن کان بلڪل ٻئي مزاج جي آهي.

(1)  هي ٽڪرو 1914ع ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

(2)  هي حصو 1911ع ۾ شامل. ڪيو ويو آهي.

(1)  (”نارڊينسڪ“ جي ڪتاب (290، 1905) تان انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري آندل)

(2)  هي حصو 1914ع ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

(3)  (1911ع ۾ شامل ڪيل): ”فيرينزي“ (Ferenczi.1910) حوالي طور هنگريءَ جو هڪ محاورو هڪ وک اڳتي وڌي پڌرو ڪيو اٿس ته ”سوئر! شاهه بلوط جي ٻج جا ته هنج مڪئي جا خواب ڏسندا آهن.“ 1914ع ۾ شامل ڪيل: يهودين جو مشهور محاورو آهي ته: ”ڪڪڙيون ٻاجهريءَ جا خواب ڏسنديون آهن؟!“ (بيرنسٽين ۽ سيگل (Bernstein and Segel 1908,116-(ترجمي دوران شامل ڪيل سنڌي پهاڪو: ”ٻليءَ جي خواب ۾ ڇڇڙا“. ب. م-207):

(1)  هي حصو 1914ع ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

(2)  خاص طور ٻارن جا خواب، (جن مان گهڻا ته هن باب ۾ ڏنل آهن) البت ”ٻاراڻي قسم جا خواب“: فرائيڊ جي تعارفي تقريرن (Introductory Lectures 1916-17) ۾ بحث هيٺ آندل آهن.

(1)  هي حصو 1914ع ۾ شامل ڪيو ويو آهي: ويجهي زماني جي هڪ ليکڪ جهڙوڪ: ”پلوٽينس“، (Plotinus) (افلاطوني فڪري نظريي ۾ نواڻ پيدا ڪندڙ (Neo- Platonist)، جنهن جي متعلق ”ڊو پريل“ (صفحو 276) لکيو آهي ته: جڏهن اسان جون خواهشون اڀرڻ لڳنديون آهن ته تصوراتي عڪس به گڏوگڏ جڙندا رهندا آهن ۽ اهي ئي اسان جي مقصد جي نمائندگي ڪندا آهن.“ (”نوَن شين جو مجموعو“ (Ennead) باب چوٿون، ص: 4 ۽ 17).

(1)  ”ڊي بئڪر“ (Debacker. 1881) مطابق، چڍيءَ ۾ يا بستري ۾ پيشاب جي وهي وڃڻ (Pavor Nocturnus) جي علامت ۾.

(2)  هي حاشيو 1909ع ۾ شامل ڪيو ويو آهي:

(3)  هي حصو 1914ع ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

(1)  لڳ ڀڳ اسسٽنٽ پروفيسر. (آسٽريا ۾ اهڙي قسم جون سموريون ڀرتيون تعليم جو وزير ڪندو آهي، جن ۾ مذهبي ضابطي هيٺ اهي اهي ويچار به گڏوگڏ شامل ٿيل هوندا آهن، جيڪي ماضيءَ ۾ يقينن سامي ادب ۽ ثقافت جي خلاف احساسن تي ٻڌل هوندا آهن، پر اهي اڻويهين صديءَ جي آخري سالن ۾، ويانا ۾ هاڻي به هر طرف پکڙيل رهيا.)

(2)  ”گدڙ ڊاک نه پڄي، آکي ٿو کٽا“ پهاڪو.

(1)  مون کي پنهنجي ان طرح جي مشاهدي تي حيرت پئي ٿي، جنهن ۾ منهنجي ياداشت، منهنجي جاڳ واري ياداشت، خاص تجزيي جي خيال کان، ان نڪتي تي اچي سوڙهي ٿي وئي هئي. اصل ۾ مان پنهنجي پنجن ئي چاچن کان واقف آهيان، ۽ انهن سان پيار ڪندو آهيان، انهن جي تمام گهڻي عزت ڪندو آهيان. پر هن وقت جڏهن مان تجزيي جي خلاف مدافعت تي قابض ٿي چڪو آهيان ته مان پاڻ کي چئي رهيو آهيان ته مون کي هڪ کان وڌيڪ چاچا نه آهن، اهو هڪ ئي آهي جيڪو سچ پچ خواب ۾ به آيو هو.

(1)   گوئٽي جي لکيل ”فائوسٽ“ جي پهرين حصي جي، چوٿين منظر ۾ ڪردار: ”مي فسٽو فيلس“ چوي ٿو: ”بهرحال، جيترو بهتر اوهان ڄاڻو ٿا، اهو ٻارن کي ٻڌائي نه ٿو سگهجي.“ اها فرائيڊ جي پسنديده سٽ هئي، جنهن کي هن اڳتي به استعمال ڪيو آهي. پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ خاص طور 1930ع ۾ گوئٽي انعام جي تقريب جي موقعي تي به هن چئي هئي، جيڪا خود گوئٽي بابت ئي استعمال ڪئي هئائين.

(1)  هي حصو 1919ع ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هن خواب تي وڌيڪ تبصرو فرائيڊ جي ڪتاب ”تعارفي تقريرون (1916-17) جي تقرير نمبر 9 ۾ ڏنل آهي.

(1)  هن خواب جو تجزيو اڳتي ڏنل آهي.

(2)  هي حصو 1911ع ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

(3)  (1930 ۾ شامل ڪيل): اڳتي اسان انهن مثالن کي به بيان ڪنداسين، جن ۾ ان جي برعڪس خواب، ٻئي شعبي جي ذريعي به خواهش کي بيان ڪندي نظر اچي ٿو.

(1)  ساڳئي باب ۾ آندل سٽ: ”ڪنهن جي تصوير تيار ڪرڻ لاءِ ويٺل“ ۽ ”گوئٽي“ جي سٽ: ”جيڪڏهن هن کي پٺڀرائي حاصل نه هوندي ته سندس سرداري ڪيئن هلي سگهندي.“ ”مجموعو“ (Totalitat. 1814-15)

(1) مماثلت يا هڪ شخص جي ڪنهن ٻئي شخص يا گروهه جي احساس يا اوصاف کي پاڻ سان منسوب ڪرڻ واري ذهني عمل تي فرائيڊ جو اهو بحث پهريون ڀيرو شايع ٿيو هو، جڏهن ته بعد ۾ هن، ان موضوع کي مختلف رسالن ۾ به آندو هو. ان متعلق سندس پهريون طويل غور ويچار، بعد ۾ اٽڪل ويهه سالن کان وڌيڪ عرصي کانپوءِ ”مجموعي نفسيات“ (Group Psychology, 1921) جي باب ستين ۾ شايع ٿي. نشاندهي يا مماثلت جي مختلف عنوانن کي باب ڇهين جي حصي ٽئين ۾ ”خواب جي عملي صلاحيت جي طور تي“ پيش ڪيو ويو آهي.

(1)  هن خواب جو حوالو اڳتي باب پنجين: خوابن جو مواد ۽ ماخذ“ (حصي چوٿين: ”مثالي خاص قسم جا خواب“ جي ب: پيارن جي موت جا خواب) ۽ باب ڇهين: ”خواب جو عمل“ جي حصي اٺين: ”خوابن ۾ ڏاهپ واريون سرگرميون“ ۾ به ڏنل آهي.

(1)  هن خواب تي وڌيڪ بحث اڳتي باب پنجين جي حصي چوٿين ۾ ڏنل آهي، ۽ خود فرائيڊ جي ”تعارفي تقريرن“ (Introductory Lecturs. 1916-17.P. 238) ۾ 13 نمبر تقرير ۾ به شامل آهي.

(1)  ائين گهڻو ڪري ٿيندو آهي ته خواب جي پهرين ڏنل وضاحت، اڻ پوري هوندي آهي ۽ ٻيو ته يادگيريءَ جو درگذر ڪيل حصو، رڳو تجزيي جي سلسلي ۾ نروار ٿيڻ لڳندو آهي، تنهن کانپوءِ اهي ڳنڍيل يا مددي حصا عام طور تي خواب جي تشريح جي سلسلي ۾ بنيادي چاٻي فراهم ڪرڻ لاءِ ظاهر ڪرڻ جو عمل ڪندي آهي. هي بحث اڳتي باب ستين: ”خوابن جي عمل جو نفسياتي پهلو“ جي حصي پهرين: ”خوابن جي وساري“ ۾ آندل آهي.

(1)  جرمني زبان ۾ هڪڙو لفظ آهي ”هيم فهرين“ (Heimfuhren)، جنهن جو مطلب آهي، شاديءَ ڪري ”ٻنهي جو گهر اچڻ“

(1)  هي ۽ ان کانپوءِ ايندڙ تحريري ٽڪرو 1909ع ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

(2)  هي حاشيو 1911ع ۾ شامل ڪيو ويو آهي: گذريل چند سالن کان، جڏهن کان ماڻهن منهنجون تقريرون ٻڌيون آهن ته منهنجي ”خوابن جي پورائي واري ان نظريي“ جي ردعمل ۾ واقفيت حاصل ڪرڻ لاءِ مون وٽ ساڳيا ”مخالف خواهش جا خواب“ بار بار کڻي ايندا آهن.

(1)  هي حصو 1914ع ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

(2)  هي ٽڪرو 1909ع ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

(3)  ان موضوع تي ليکڪ جو ترميم ٿيل رايو، سندس ڪتاب ”جسماني يا جذباتي اذيت مان لطف اندوز ٿيڻ واري عادت جا اقتصادي مسئلا“ (The Economic Problems of Masochism. 1924. II.420) ۾ شامل آهي.

(1)  اهو جملو 1919 واري مواد ۾ شامل ڪيل هو، جيڪو 1925 ۾ حاشيي جي طور تي شايع ٿيو هو. مان اهو نڪتو بيان ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان ته اهو موضوع اڃان به مڪمل نه آهي، جنهن ڪري مون وري باب ستين جي حصي ٽئين (خواهشن جو پورائو) جي ابتدا ۾ ان تي بحث ڪيو آهي.

(2)  هي ٽڪرو 1914 ۾ شامل ڪيل آهي:

(3)  هي ٽڪرو 1911ع ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

(1)  هي حصو 1925ع ۾ شامل ڪيل آهي وڌيڪ ڏسو فرائيڊ جو ”آپو ۽ هستي“(The Ego and the Id. 1923)

(1)  جنسي طلب ۽ ڳڻتيءَ متعلق ليکڪ جا بعد جا رايا سندس، ”ڪنهن لاڙي، جذبي يا سوچ کي روڪيندڙ ذهني عمل جي اهڃاڻن ۽ ڳڻتيءَ“ (Inhibitions, Symptoms and Anxiety.1926) ۾ پڙهي سگهجن ٿا.

(2)  ان نڪتي تي فرائينڊ پنهنجو ذهن نهايت چٽيءَ ريت تبديل ڪيو هو، ڏسو باب ستين: ”خوابن جي عمل جو نفسياتي پهلو“ جي حصي چوٿين: ”خوابن ذريعي احساسن جو اڀار، فڪر ۽ ڳڻتيءَ جا خواب“ ۾، جتي ڳڻتيءَ جي ٻن خوابن جو تجزيو ڪيو ويو آهي، ۽ ڳڻتيءَ جي خوابن جي موضوع تي ٻيهر بحث ڪيل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org