سيڪشن: علميات

ڪتاب: خوابن جي تشريح

باب:

صفحو:12 

( ب )

پيارن جي موت جا خواب

DREAMS OF DEATH OF PERSONS

WHOM THE DREAMER IS FOND

هڪ ٻئي قسم جي خوابن جو سلسلو جيڪو مثالي يا خاص خوابن جي ذمري ۾ بيان ٿي سگهي ٿو، اهو ويجهن ۽ پيارن جي موت تي مشتمل آهي، مثال طور ڪنهن مائٽ، ڀاءُ يا ڀيڻ جو يا ٻار جو.

اهڙا خواب ٻن قسمن ۾ ورهايل آهن: هڪڙا اهي جن ۾ خواب ڏسندڙ رنج، ڏک يا صدمو نه رسي پوي، ان ڪري جڏهن جاڳي ٿو ته پنهنجي احساس جي ڪميءَ تي حيران ٿئي ٿو، ۽ ٻيو قسم اهو آهي جنهن ۾ خواب ڏسندڙ خواب ۾ ئي ڪنهن جي مرڻ تي دلي ڏک محسوس ڪري ٿو، ۽ شدت وچان خواب دوران روئي به پوي ٿو.

اسان پهرين قسم جي خوابن تي ان ڪري غور ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ ته اهي خاص يا مثالي گهٽ آهن، پر انهن جو تجزيو ڪنداسين ته اسان کي انهن مان به ڪي معنائون ۽ خواب ڏسندڙن جون خواهشون ضرور ملنديون. اهڙو هڪڙو خواب منهنجي مائٽياڻيءَ جو به هو، جنهن ۾ ”هن پنهنجي ڀيڻ جي سڪيلڌي پٽ کي ڪفن ۾ ڏٺو هو“ ته ان جو مطلب اهو نه آهي ته هن کي پنهنجي ڀاڻيجي جي مرڻ جي خواهش هئي، پر اسان ڏٺو ته اها ان عورت جي فقط ان ٻار سان ملڻ جي سڪ هئي، جنهن کي هن گهڻي عرصي کان نه ڏٺو هو. پر گهڻو اڳ هڪ ٻئي ماڻهوءَ کي پنهنجي ٻار جي مرتيي دوران ڏٺو هو. سڪ يا خواهش متعلق خواب جي سٽاءَ جي اها سچائي، ڪنهن ڏک يا صدمي جو واقعو پيش نه ٿي ڪري، ۽ خواب ۾ اهڙي ڪنهن رنج ۽ ڏک جو احساس به ڪونه آهي، ۽ اهو به ڏسي سگهجي ٿو ته خواب ۾ اثر انداز ٿيڻ وارو احساس، ان ڏٺل منظر بجاءِ خواب جي ڪنهن ڳجهي مواد سان ڳنڍيل هجي، ۽ ان جي وضاحت تي مشتمل هجي، ۽ خواب جو اثرانداز ٿيل متن، تاثر جي بگڙي وڃڻ سبب اڃان اڻ ڇهيل هجي، جنهن کي تمثيلي مواد طور چونڊيو ويو هجي. خوابن جي تاثر متعلق اسان اڳتي باب ڇهين: ”خوابن جي عمل جو نفسياتي پهلو“، جي حصي يارهين: ”خوابن ۾ اثر انداز ٿيندڙ جذبا“ ۾ بحث ڪنداسين.

پهرين قسم جي خوابن جي ڀيٽ ۾ ٻئي قسم جا خواب مختلف ٿين ٿا، جن ۾ خواب ڏسندڙ پنهنجي پياري عزيز جو موت ڏسي ٿو، ۽ ساڳئي وقت ڏک ۽ درد به محسوس ڪري ٿو. اهڙن خوابن جي معنيٰ، جنهن ڏانهن ان جو مواد اشارو ڪري ٿو، ان مان ان شخص جي مرڻ جي خواهش ظاهر ٿئي ٿي. مان اهو به مڃڻ لاءِ تيار آهيان ته منهنجي سڀني پڙهندڙن يا ٻين جا احساس به ساڳئي قسم جي خوابن جي تجربي مان پيدا ٿيا هوندا، ۽ اهي منهنجي دعويٰ سان اختلاف به ڪري سگهن ٿا، ان ڪري مان پنهنجي شاهدين جي بنيادن تي ان جي وسيع ۽ ممڪن کوجنا اوهان جي اڳيان رکندس.

مان ان ڳالهه ته اڳ ۾ هڪ خواب جي متعلق بحث ڪري آيو آهيان، جنهن جي سمجهاڻيءَ مان خبر پوي ٿي ته جيڪي خواهشون، خوابن ۾ پوري ٿيڻ/ڪرڻ جي نمائندگي ڪنديون آهن، اهي هميشه ويجهن ڏينهن جون خواهشون نه هونديون آهن. اهي گهڻو ڪري ماضيءَ جو ڏورانهون خواهشون هونديون آهن، جيڪي تياڳيل، ترڪ ڪيل، ڍڪي يا دٻائي ڇڏيل هونديون آهن، جن کي اسان ڪنهن نه ڪنهن نموني پنهنجي وجود جي تسلسل سان جوڙي ڇڏيندا آهيون، ان ڪري اهي خوابن ۾ به پيون ڦيريون پائينديون آهن. موت يا مرڻ سان اسان جو اهو لفظي مطلب به نه آهي، پر ائين جيئن ان جا پاڇا آڊيسي ۾ نظر آيا هئا، جن جيئن جيئن خون کي پئي چکيو ته ڄڻ هڪ قسم جي زندگيءَ کي پئي جاڳايو. ٻار جي مرڻ واري خواب جي معاملي ۾ جيڪا ڳالهه ڳنڍيل آهي اها اٽڪل پندرهن سال اڳ جي آهي، جيڪا نهايت آزادگيءَ سان ان جي هاڻوڪي وقت ۾ اظهارجي ويئي هئي. هوءَ جڏهن اڃا ننڍڙي هئي، پر هن کي پنهنجي اها عمر ياد نه آهي پر هن پنهنجي ماءُ کان تڏهن ٻڌو هو جڏهن اها اميدواريءَ جي سورن سبب ڏاڍي پريشان ۽ تڪليف ۾ هئي، تڏهن انتهائي جذباتي ٿيندي چيو هئائين ته: ”اهو ڄمڻ وارو ٻار جيڪر مري وڃي.“ پوءِ جڏهن خواب ڏسندڙ ڇوڪري اميدواريءَ سان ٿي ۽ ساڳئي قسم جي سورن جي سخت اچي مٿان پيس ته کيس پنهنجي ماءُ جو ”مثال“ پئي ياد آيو.

جيڪڏهن ڪوبه شخص ڪنهن به قسم جي سور ۽ تڪليف وارين حالتن ۾ هوندو آهي ته اهو پنهنجي پيءُ، ماءُ يا ڀيڻ جي مرڻ جو خواب ڏسندو آهي، ان جي شاهديءَ جي حوالي سان ڪوبه اهڙو خواب مثال طور پيش نه ٿيو آهي، ته خواب ڏسندڙ جي، ڪنهن جي مرڻ متعلق خواهش ويجهڙائيءَ واري وقت سان منسلڪ هجي، ڇاڪاڻ ته خوابن جو نظريو اهڙين خواهشن تي منحصر نه هوندو آهي. مون کي ڊپ به آهي ته منهنجي محفوظ ڪيل خيالن بابت اختلاف ڪرڻ وارا مطمئن نه ٿيندا، اهي انهن حقيقتن کان انڪار ڪندا پر مون ٻار جي هٺيلي ذهني زندگي متعلق ويجهڙائيءَ وارين شاهدين جي بنياد تي: ”پنجن سالن جي ٻار ۾ خوف وارين حالتن“ (1909ع)، ۽ هڪ مضمون: ”ٻارن جي جنسي رجحان وارا خيال“ (1908ع)، مضمونن ۾ ٻيهر نظر وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

ان سلسلي ۾ اسان پهرين ته ٻار جي پنهنجي ڀاءُ ۽ ڀيڻ سان رشتي تي غور ڪنداسين. مان اها ڳالهه سمجهي نه سگهيو آهيان ته اسان انهن رشتن جي متعلق اڳ ۾ ئي فيصلو ڪري وٺندا آهيون ته اهي محبت جا رشتا آهن: جڏهن ته جوان ڀاءُ ڀيڻ جي وچ ۾ رقابت، هڪ ٻئي جي تجربن تي ٽيڪاٽپڻي، اسان کي انهن جي ننڍپڻ کان ئي نظر ايندي آهي، پر ان کان وڌيڪ اهو به ڏٺو ويو آهي ته ڪيترن ئي وڏن ٻارن جو پنهنجي ڀائرن ڀينرن سان مصنوعي يا ٺڳي وارو رويو هوندو آهي ۽ اهي اڄ تائين ان تي قائم رهڻ لاءِ تيار هوندا آهن ۽ ننڍپڻ کي ڇڏي اچڻ جي باوجود اهي رشتن ناتن کي ٽوڙيندا به نه آهن. وڏو ٻار پاڻ کي ننڍي سان رويو به سٺو نه رکندو آهي، هن تي الزام لڳائيندو آهي، ۽ پنهنجي رانديڪن جي نشاندهي ڪري کيس کيڏڻ نه ڏيندو آهي. جڏهن ته ننڍي کي ساڻس ساڙ ٿيندو آهي، ۽ هو پنهنجي ننڍي ۽ ڪمزور هجڻ سبب وڏي سان پڄي نه سگهندو آهي ته ڪاوڙ، فساد يا گوڙ ڪرڻ شروع ڪندو آهي، ان کي ڊيڄاريندو آهي ته مان فلاڻي کي ٿو وڃي دانهن ڏيان ۽ ان جو ٿو وڃي در کڙڪايان، ته منهنجو انصاف ڪري. سندن مائٽن کي سدائين انهن سان اها شڪايت رهندي آهي ته اهي پاڻ ۾ ٺهن ئي نه ٿا، الائي ته هنن کي ڇا هي جو سارو ڏينهن ٿا وڙهن.

ٻار گهڻو ڪري ٻٽاڪي، ۽ مطلبي ٿيندا آهن ۽ پنهنجي عزيزن توڙي ٻين ٻارن سان رقابت جي حوالي سان پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن جي به خلاف ٿي بيهندا آهن ۽ پنهنجون ضرورتون ضد ڪري به مڃائيندا آهن، پر اسان انهن عادتن جي ڪري کين برو نه چوندا آهيون، اسان انهن کي شرارتي سڏيندا آهيون ۽ انصاف جي تقاضا اها آهي ته، اسان سندن شيطاني ضرورتن کي پوري ڪرڻ واري ضد سبب انهن کي جوابدار نه سمجهندا آهيون، ۽ اهو به درست آهي ته اسان انهن جي معصوميت جي ڪري انهن جي ضد کي تيستائين قبول نه ڪندا آهيون، جيستائين هو بالغ يا سمجهه وارو نه ٿو ٿئي. ۽ ائين ان ضدي ٻار ۾ آهستي آهستي ٻين جو خيال رکڻ وارو احساس ۽ اخلاقي قدر اجاگر ٿين ٿا، هتي مينيرٽ (Meynert, T-1892,169) جو  اصول استعمال ڪندي، اهو  چونداسين ته ”ثانوي آپو“ (Secondary Ego) سندس ٻاراڻين عادتن کي ڍڪي ٿو ڇڏي، ۽ اهي خيال سڀاويڪ بڻجي پوندا آهن ۽ اوليت حاصل ڪري وٺندا آهن، اهو سچ آهي ۽ ان ۾ ٿورو به شڪ نه آهي ته اخلاقي گڻ ساڻس هر وقت به گڏ نه هلندا آهن، ۽ ڪجهه ماڻهن ۾ وري ٻالڪپڻي واريون غير اخلاقي حرڪتون به هلنديون رهنديون آهن. جيڪڏهن اخلاقي عادتون وڌڻ ۾ ناڪام ٿيڻ سبب، گهڻو ڪري گهٽ ذهنيت واريون گنديون يا خودغرضيءَ واريون ڳالهيون ڪندا آهيون، جيتوڻيڪ اسان جي ذهني ترقيءَ لاءِ ڪنهن لاڙي، جذبي، سوچ ۽ ذهني عمل کي روڪڻ جون ضرورتون ۽ حقيقتون به سامهون اينديون آهن، پر پوءِ به اهو ابتدائي ڪرداري رويو پنهنجو پاڻ تازي ذهني واڌ ويجهه کي ڍڪي ڇڏيندو آهي، ۽ اهو عمل بار بار ٿيندو رهندو آهي ۽ سڀئي واقعا، حصن جي صورت ۾ خاص طور زناني جنسي بيماريءَ واري دوري جي صورت ۾، وري وري ظاهر ٿيندا آهن. اها زناني جنسي بيماريءَ جي دوري واري حالت ۽ ٻاراڻين شرارتن جي وچ ۾ واقعي حيرت انگيز هڪ جهڙائي هوندي آهي. وهم گمان وارن خيالن سبب اعصابي غلبو ان جي برخلاف عظيم اخلاق سان لهه وچڙ ۾ اچي ان کي لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ ابتدائي ڪردار جي تازي رويي کي چوريندڙ خيال کي روڪڻ لاءِ زور بار وجهندو آهي.

ان ڪري ڪيترائي ماڻهو، جيڪي پنهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن سان پيار ڪن ٿا ۽ انهن جي وڇڙي وڃڻ تي ڏکارا به ٿيندا آهن، ته انهن جي لاشعور ۾ شروعاتي وقتن کان ڪي شيطاني خواهشون به لڪل هونديون آهن، جيڪي پنهنجي اظهار جي قابليت رکنديون آهن.

بهرحال ٻن، ٽن سالن يا اڃان به ٿوري وڏي عمر وارن ٻارن جي، پاڻ کان ننڍن ڀائرن ۽ ڀينرن سان رويي جو مشاهدو ڪرڻ به هڪ خاص دلچسپ ڳالهه آهي.

هڪڙي ٻار جو هڪ عجب مثال ٿا ڏيون ته هڪڙي سڪيلڌو ٻار جنهن جڏهن اڇي ٻگهه جي ماديءَ جو ٻچو ڏٺو ته هو ان کي هيٺان مٿان جاچي ڏسڻ لڳو ۽ وري هڪدم اداس ٿي ويو ته ٻگهه جي ماءُ ان ٻچي کي وري ڪنهن وري ڪنهن ٻئي پاسي کڻي ويندي.

مان ان راءِ جو به آهيان ته ٻار مزاحمت يا رڪاوٽ جو رڳو تخمينو لڳائيندو آهي. منهنجي هڪ سڃاڻپ واري عورت، جنهن جا تعلقات اڄڪلهه پاڻ کان چار سال ننڍي ڀيڻ سان گهڻا گهاٽا آهن، ٻڌايو ته: ”هن پنهنجي پهريون نمبر پاس ٿيڻ جي مبارڪباد ڏني ته مان کيس پنهنجي ڳاڙهي رنگ جي ٽوپي ڪانه ڏني.“

 جيڪڏهن ڪو ٻار اهڙي صورتحال کي رڳو محسوس ڪري خاموش به ٿي وڃي تڏهن به سندس دل ۾ دشمنيءَ يا ڌاريائپ جو احساس ان ڏينهن کان شروع ٿي ويندو آهي. مان هڪ اهڙي واقعي کان واقف آهيان ته هڪ ٽن سالن کان ننڍي ڇوڪري، پينگهي ۾ پيل ٻار کي گهو گهو ڏئي مارڻ ٿي چاهيو، ڇاڪاڻ ته هن کي لڳو ته ٻار جو ان ۾ مسلسل ستو پيو رهڻ سٺو سنوڻ نه آهي.

ان عمر جي ٻارن ۾ ساڙ جو مادو به ٿئي ٿو ته ساڙ ڪڍڻ جي قابليت به ٿئي ٿي، پر وري ائين به ٿيندو آهي ته جيڪڏهن ٿوري دير جي لاءِ کيس پاڻ کان ننڍي ڀيڻ نظر نه ايندي آهي ته کانئس وڏو ٻار پوري ۾ گهر ۾ ان کي ڳولهڻ جي ڪوشش به ڪندو آهي.

ساڳيءَ ريت جيڪڏهن ٻگهه پکيءَ جي ماديءَ ٻيو ٻچو به ڏنو ته منجهس ان کي کڻي پالڻ جو شوق پيدا ٿيندو آهي، ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪندو آهي.

فرائيڊ 1909ع ۾ شامل ڪيل مثال ۾ لکي ٿو ته: ساڍن ٽن سالن جي ”هنس“ نالي ٻار کي مٿي بحث ڪيل اعصابي عارضو هو، جنهن پنهنجي ڀيڻ جي ڄمڻ وقت راڙو شروع ڪري ڏنو ته: ”مون کي ڀيڻ نه گهرجي.“ سندس ان اعصابي ڪمزوري دوران اٺن مهينن کان پوءِ به هن پنهنجي انهيءَ ڀيڻ جي لاءِ ماءُ کي انتهائي سچائيءَ سان پنهنجي خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته: مهرباني ڪري هن کي غسل خاني واري حوض ۾ اڇلائي ماري ڇڏ.“

حالانڪه ساڳئي وقت هو نهايت سٺي طبيعت لطيف احساس وارو ٻار هو، ۽ خاص طور پنهنجي ڀيڻ سان ڀاڪر پائي پيار به ڪندو هو.

1914ع واري ايڊيشن ۾ آندل آهي ته: ”ننڍپڻ ۾ گهر جي ڪنهن ڀاتيءَ جي موت متعلق ڳالهيون جلدي وسري به وينديون آهن پر نفسياتي تجزيي جي تحقيق ٻڌائي ٿي ته تنهن کان پوءِ اهي ڳالهيون اعصابي مونجهارن تمام گهڻيون اثرانداز به ٿين ٿيون.

عام طور تي ٻارن جو پنهنجي ننڍن ڀائرن يا ڀينرن سان اهو رويو سندن عمر جي فرق جي ڪري هوندو آهي، گهڻو ڪري ٻار جي ڏند ڪري پوڻ تي سندس وڏو ڀاءَ يا ڀيڻ کيس کنڊو کنڊو ڪري چيڙائيندا آهن، يا ڪي ٻار ڳالهائڻ ۾ هٻڪندا آهن، ٻاتو ڳالهائيندا آهن، تڏهن به رسامي يا ڪاوڙ جو اظهار ڪندا آهن، پر جتي عمر جي وڇوٽي ٿوري وڌيڪ هوندي آهي ته وڏي ڀيڻ اڳ ۾ ئي نئين ڄاول ٻار جي مدد جي سلسلي ۾ پنهنجي مائٽاڻي فطري لڇ کي محسوس ڪندي آهي. پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن کي دشمن سمجهڻ، ساڙ ڪرڻ، ڪاوڙ ڪرڻ يا رسڻ پرچڻ گهڻي قدر ننڍپڻ ۾ عام جام هوندو آهي، ان جي ڀيٽ ۾ وڏي يا جوان ٻار جو مشاهدو ڪندڙ اک پاڻ پرکي وٺندي آهي.(1)

مون وٽ منهنجي ڪنهن عورت مريضه جو پنهنجي ڀاءُ يا ڀيڻ جي مري وڃڻ متعلق ڪو اهڙو مثال موجود نه آهي، پر رڳو هڪڙي جي اميد هئي، جنهن جي تشريح ڪندي، مان ان اصول جي تصديق ڪري ٿي سگهيس. هڪ موقعي تي جڏهن تجزياتي ويهڪ دوران مان هڪ عورت کي ان موضوع متعلق سمجهائي رهيو هوس ته سندس مرض جا آثار منهنجي بحث سان گهڻو لاڳاپيل لڳا، ۽ منهنجي حيران ٿيڻ تي چوڻ لڳي ته هن اهڙو ڪوبه خواب نه ڏٺو آهي. بهرحال هن هڪ ٻيو خواب ٻڌايو، جنهن جو هن موضوع سان ظاهري طور ڪو تعلق نه هو.

هن پهريون خواب تڏهن ڏٺو هو جڏهن هوءَ چئن سالن جي هئي ۽ ان وقت پنهنجي خاندان جي ٻارن ۾ سڀ کان ننڍي هئي، ۽ هن مسلسل اهو پئي ڏٺو ته: ”ٻارن جو وڏو هجوم آهي، اهي سڀئي هن جا ڀائر، ڀينر ۽ سوٽيون آهن، ٻاهر ميدان تي کيڏون پيا، اوچتو سڀني کي کنڀ ڄمي پيا ۽ اهي پري اڏامي ويا ۽ گم ٿي ويا.“

هن کي اندازو نه هو ته سندس خواب جو مطلب ڇا آهي، پر ان کي سمجهڻ ايترو ڏکيو نه آهي ته اهو پنهنجي حقيقي صورت ۾ انهن سڀني ڀائرن ۽ ڀينرن جي ”موت“ جو خواب آهي، پر ڇنڊڇاڻ واري اصول جي اثر سبب ٿوري تبديليءَ سان پيش ٿيو آهي. ان سلسلي ۾ مان تجزيي ڪرڻ جي هن ريت جرعت ڪندس ته: ”ڪنهن جي مري وڃڻ تي ٻارن جي ميڙ ۾ خواب ڏسندڙ عورت جا ٻه ڀائر به شامل هئا، ۽ ان وقت پاڻ به لڳ ڀڳ چئن سالن جي هئي، تڏهن هن وڏي عمر جي ڪنهن سياڻي ٻار کان پڇيو هوندو ته: ته ”جڏهن ٻار مري ويندا آهن ته ڪاڏي ويندا آهن.“ تڏهن ان جو جواب اهو ئي هوندو ته: ”انهن کي پر ڄمي ويندا آهن ۽ اهي ننڍڙي فرشتي جي صورت ۾ تبديل ٿي ويندا آهن.“

خواب ۾ به اها ڳالهه ٻڌايل آهي ته خواب ڏسندڙ جي ڀينرن ۽ ڀائرن کي کنڀ ڄمي پيا، يعني فرشتن وانگر ٿي ويا، ۽ خاص نُڪتو اهو آهي ته اهي پري اڏامي ويا.... ۽ اسان جي ننڍڙي قاتل ٻارڙي پويان اڪيلي رهجي وئي. يعني هوءَ هڪ عجيب ڳالهه ٿي ڪري ته ان سڄي ڪهول ۾ هوءَ کي اڪيلي بدنصيب باقي بچي هئي. اسان ان ڳالهه ۾ غلط به ٿي سگهون ٿا پر اڏامڻ کان اڳ ۾ ميدان ۾ ٻارن جي کيڏڻ واري حقيقت ”پوپٽن“ جي نڪتي کي به ظاهر ڪري ٿي.

ان نڪتي جو تجزيو ڪندي ڪوبه ماڻهو چئي سگهي ٿو ته ٻارن ۾ ڀلي ته پنهنجي ڀائرن ڀينرن جي مرڻ جي خواهش نه هجي پر انهن ۾ محرومي ۽ نراسائيءَ سبب ڪاوڙ، ضد ۽ رسي وڃڻ عام ٿئي ٿو، پر وڏي ڳالهه اها آهي ته ٻارن کي ”مرڻ“ متعلق ايترو شعور نه ٿيندو آهي، انهن کي قبر جي هول حشر جو به اندازو نه هوندو آهي، بس رڳو هن کي اهو لفظ استعمال ڪرڻ اچي ويندو آهي، پر وڌندڙ عمر سان مستقبل جي انهن معاملن کان واقف ٿيندو آهي، ٻارن لاءِ ”موت جو ڊپ“ ڪا معنيٰ نه رکندو آهي، ۽ ان معصوميت سبب اهڙن لفظن کي استعمال ڪندو آهي، مثال طور پاڻ سان گڏ کيڏندڙ کي تنبيهه واري انداز سان چوندو آهي ته: ”جي وري ڪيهءِ ته فرانز وانگر مري ويندين.“

ساڳئي وقت سندس غريب ماءُ ڏک کان ڪنبڻ لڳندي آهي ۽ پنهنجي غربت جي حال کي ياد ڪندي آهي، ڇاڪاڻ ته اڌ کان گهڻو انساني نسل پنهنجي ٻارن جي پرورش جي حوالي سان ڏتڙيل حال ئي رهيو آهي. ٻارن لاءِ اهو عين ممڪن آهي ته هو جڏهن اٺن ڏهن سالن جا هجن ۽ ڪنهن تاريخي عجائب گهر ڏسڻ کان پوءِ سندن ذهنن ۾ ”مرڻ“ متعلق سوال پيدا ٿين ۽ ان احساس کان پنهنجي ماءُ کي اچي چون ته: ”امان! مون کي تنهنجي ڳڻتي آهي ته جڏهن تون مري ويندينءَ ته مان توکي به ائين ڪمري ۾ اچي رکندس ته جيئن مان توکي سدائين ڏسندو رهان.“

وڏن جي ڀيٽ ۾ ٻار جي خيالن ۾ اهڙي ننڍڙي مشابهت ئي هوندي آهي(1). ٻارن کي ڪنهن جي ”مري وڃڻ“ متعلق لڳ ڀڳ ”ڪٿي هليو وڃڻ“ جو خيال اڀرندو آهي، ۽ پونيرن کي انهن جي گذاري وڃڻ تي ڏک به گهڻو عرصو قائم نه رهندو آهي، ۽ ٻار به ”مري ويل“ جي غير حاضريءَ متعلق ”ڪنهن سفر تي هليو وڃڻ“، ”ڪٿي رهي يا ترسي پوڻ“، رنجش سبب رُسي يا قطع تعلق ڪري وڃڻ“، ۽ ”مري وڃڻ“ جي وچ ۾ ڪو خاص فرق محسوس نه ڪري سگهندو آهي(2).

ٻار جي ڪمسنيءَ دوران جيڪڏهن سندس سنڀالڻ واري نوڪرياڻيءَ کي ڪڍي ڇڏجي، ۽ جلد ئي پوءِ سندس ماءُ جو انتقال ٿي وڃي ته ٻئي واقعا هڪ ٻئي مٿان مَڙهجي، سندس يادگيرين جي هڪڙي لڙيءَ ۾ پوئجي ويندا آهن، جيڪي تجزيي جي تحت ظاهر ٿيندا آهن. جڏهن ماڻهو غير حاضر هوندو آهي ته ٻار سندس غيرحاضريءَ کي گهڻي شدت سان محسوس نه ڪندا آهن، پر جڏهن سندن ماءُ موڪلن وارن ڏينهن ۾ به هفتن جا هفتا سندن غير حاضريءَ تي روئڻا رئندي آهي ته ٻارن کي سندن گهر کان پري هجڻ جو خيال ايندو آهي، پر هو ماءُ کان پڇندا نه آهن، پر جيڪڏهن سندن ماءُ واقعي وڏي سفر تي رواني ٿي وئي آهي، جتان ڪوبه  مسافر موٽيو نه آهي ته پهرين ته ٻار ان کي وسارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي پر پوءِ پنهنجي گذاري ويل ماءُ کي پنهنجي من ۾ ضرور سڏيندو آهي. اهڙيءَ ريت جيڪڏهن ٻار کي ڪنهن ٻئي جي موجود نه هجڻ جي خواهش لاءِ ڪي سبب هوندا آهن، اهڙي حالت ۾ ان جي مري وڃڻ جي خواهش ڪندو آهي ۽ تڏهن سندس ذهن ۾ ان لاءِ اڀريل مرڻ واري خواهش تي ڪوبه پابندي نه ٿو مڙهي سگهي، ۽ سندس خوابن جي مواد ۾ موت واريون خواهشون اهڙي رد عمل سبب ظاهر ٿينديون آهن، ۽ انهن جي خوابن ۾ ”اظهارجڻ“ جو اهو ساڳيو طريقو نه هوندو آهي، جيڪو ڪنهن وڏي عمر جي ماڻهوءَ جي خوابن ۾ اظهاربو آهي.(3)

جيڪڏهن پوءِ! ٻار منجهان پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن جي خلاف موت جون خواهشون، ٻاراڻي ضد (Childish Egoim) جي ذريعي اظهارجن ٿيون، جيڪي کيس انهن جو رقيب بڻائن ٿيون، ته اسان انهن کي، سندن مائٽن جي خلاف ”موت جي خواهش“ ڪيئن ٿا سڏي سگهون! جيڪي ساڻس گڏ رهن ٿا، ان سان پيار ڪن ٿا ۽ هن جون ضرورتون پوريون ڪن ٿا ته اهڙن سنڀاليندڙن متعلق هن جي دل ۾ اهڙيون خواهشون ڪيئن ٿيون پيدا ٿي سگهن؟

مائٽن جي موت متعلق ان مشڪل مسئلي جو حل سندن خوابن جي مشاهدي مان ئي ملي ٿو، ۽ اهي مائٽ گهڻو ڪري اهي ئي آهن، جن سان هن جو نهايت اهم ۽ گهڻو واسطو پوي ٿو: يعني هڪ ته اهي انسان ئي آهن، پر جيڪڏهن ڪو اڪيلي مرد جو موت آهي ته اهو سندس ماءُ جو موت آهي. پر مان اها دعويٰ نه ٿو ڪري سگهان ته ساري دنيا ۾ ائين ٿيندو هوندو. البت جنهن ڳالهه جي اهميت آهي ان ڏس ۾ مان گهڻين شاهدين جي نشاندهي ڪري چڪو آهيان، پر اڃان انهن جي وضاحت  جي ضرورت بهرحال آهي.(1)

اهو ائين آهي جيئن ته شروع کان ئي پنهنجي مائٽن سان سندن جنسي رشتو نهايت اهميت جو حامل هوندو آهي، پر پوءِ به نَر ڇوڪري ۾ پنهنجي پيءُ لاءِ ته ڇوڪريءَ ۾ پنهنجي ماءُ لاءِ رقابت جو احساس موجود هوندو آهي، پر انهن کان الڳ رهڻ ۾ به کين ڪو فائدو نظر نه ايندو آهي. اسان کي پٽ يا ڌيءَ واري ان مائٽاڻي تعلق ۽ انهن جي ثقافتي معيارن ۽ گهرجن ۽ روزمره پيش ايندڙ مشاهدن جي وچ ۾ حقيقي فرق کي به ضرور نظر ۾ رکڻ گهرجي، ڪيترن ئي موقعن تي مائٽن ۽ ٻارن جي وچ ۾ وروڌي قسم جا معاملا نهايت لڪل يا لفظن ۾ ڍڪيل هوندا آهن، ان صورت ۾ ڪوبه اهڙو رشتو جيڪو خواهشن جي پوري ڪرڻ جي سلسلي ۾ تمام گهڻا موقعا فراهم ڪري ٿو، ۽ انهن کي اُڀارڻ ۾ مدد ڪري ٿو، اهو ڇنڊڇاڻ جي پاسي کان نه ٿو گذري.

ان سلسلي ۾ اسان پهرين پٽ، پيءُ ۽ ماءُ ڌيءَ جي وچ ۾ فطري رشتي تي غور ڪنداسين: اسان قانوني خوبين کي ته جائز سمجهندا آهيون، پر شريعت جي پاڪائيءَ وارن حڪمن جي انحرافي ڪرڻ ۾ دير نه ڪندا آهيون، مان سمجهان ٿو ته اسان حقيقتن کي سمجهڻ جي سلسلي ۾ پنهنجي ادراڪ ۽ دريافت متعلق علمي قوت کان سڌيءَ طرح ڪم نه وٺندا آهيون، اسان اهو نه مڃيندڙن تي ورلي يا مشڪل سان ئي، تنقيد ڪرڻ جو جوکم کڻندا آهيون، ساڳيءَ ريت انساني سماج جي تمام هيٺين يا مٿين طبقي ۾ مائٽاڻو تعلق ٻين به گهڻين ئي دلچسپين جو هيراڪ هوندو آهي.

هڪ اڻ چٽي معلومات جيڪا اسان تائين ڏند ڪٿائن ۽ قديم زمانن جي عظيم انسانن جي تاريخ مان ملي ٿي ان ۾ ظالماڻي طاقت استعمال ڪندڙ ۽ بي رحمي سان پيش ايندڙ پيءُ جي هڪ اڻ وڻندڙ تصوير ملي ٿي، مثال طور ”ڪرونوس“ (Kronos) ڪنهن جهنگلي جانورن جيان پنهنجي ٻارن کي ڳهي ويندو هو. زيوس ديوتا پنهنجي پيءُ کي تخت تان هٽائي، ان جي جاءِ تي پاڻ حڪمران ٿي ويٺو. بادشاهن جي خانداني تاريخ ۾ اهڙا کوڙ مثال موجود آهن، خود اسان جي وچولي طبقي وارن خاندانن ۾ پڻ پيءُ پنهنجي پٽن جي آزادگيءَ واري اٿڻي ويهڻي کان کين جهليندو آهي، اها روڪ ٽوڪ به پٽن ۾ وروڌي احساسن کي اُڀارڻ جو ڪم ڪندي آهي، ان هوندي به پيءُ جي نقصان تي پٽ کي صدمو به رسندو آهي. اسان جي معاشري ۾ اڄڪلهه جو پيءُ هڪ طرف تيز فهم به آهي ته ٻئي پاسي نراس به آهي، پر وري سماجي ٻنڌڻن سان چنبڙيل به آهي. ”ابسن“ پنهنجي لکڻين ۾ پيءُ ۽ پٽ جي وچ ۾ ان قديم جدوجهد کي نهايت نروار ڪري لکيو آهي.

ڌيءَ ۽ ماءُ جي وچ ۾ اختلاف گهڻو ڪري تڏهن اُڀرندا آهن جڏهن ڌيءَ جوان ٿيندي آهي ۽ پنهنجي جنسي آزادگيءَ جو اظهار ڪندي آهي، تڏهن پاڻ تي ماءُ جي نظرداري کيس نه وڻندي آهي ۽ ان حوالي سان هوءَ ماءُ کي پنهنجي جوان ۽ سمجهدار ٿي وڃڻ سبب تنبيهه به ڪندي آهي ته اهڙو ڪو وقت آيو ته هوءَ پاڻ ئي جنسي خوشيون تياڳي ڇڏيندي.

اها ڳالهه هر ڪنهن جي اکين اڳيان بلڪل ظاهر ظهور آهي، پر اها ڳالهه اسان کي انهن ماڻهن جي، مائٽن سان اڻبڻت جي ڪري سندن مرڻ جي خوابن جي وضاحت ڪرڻ ۾ عقلي طور مدد نه ٿي ڪري، پر اسان جي بحث مان اها ڳالهه بهرحال واضح ٿئي ٿي ته پنهنجي مائٽن جي خلاف مرڻ جي خواهش پراڻي يا شروعاتي ننڍپڻ وارين يادن سان سلهاڙيل ٿئي ٿي. اسان انهيءَ مان اهو به سکيو ته ٻاراڻيون جنسي خواهشون، جيڪڏهن سندس اَڍِ (Embryonic) ۾ شامل آهن ته اهي جلد ئي ظاهر ٿينديون آهن، ان صورت ۾ ڌيءَ جو پهريون پيار پنهنجي پيءُ سان ٿئي ٿو.(1) ۽ ڇوڪري جا ٻاراڻا انگل پنهنجي ماءُ سان ٿين ٿا. ان صورت ۾ سندس پيءُ پٽ لاءِ پريشان ڪندڙ رقيب بڻجي ٿو وڃي، ۽ ساڳيءَ ريت ماءُ پنهنجي ڌيءَ جي لاءِ خفو ڏياريندڙ احساس ۾ مبتلا ٿي ويندي آهي، ۽ پٽ جي پاسي ماءُ جي گهڻي قربت سبب پيءُ جو رويو سخت ٿي ويندو آهي ساڳيءَ ريت ڌيءَ جي پاسي کڻڻ تي ماءُ جي رويي ۾ تبديلي ايندي آهي.

ٻارن جي ذهني طور اڻپوري هجڻ متعلق ڪيترن ئي مائٽن جو مشاهدو آهي: فطري ڪشش يا طبعي ميلاپ جي عنصر جي هجڻ سبب سدائين ننڍين نينگرين جي ذهني اوسر ۾ خلل پيدا ٿي ويندو آهي، ساڳيءَ ريت ماءُ توڙي پيءُ، ٻنهي جي حساس هجڻ سبب انهن جي ذهني اوسر اثرانداز ٿيندي آهي. دراصل انهن جي تربيت ٻارن کي ذهني پريشانيءَ کان آجو رکڻ لاءِ هوندي آهي، ۽ ساڳئي وقت انهن جي تعليم تي به سندن ڪڙي نگاهه هوندي آهي.

ٻار پنهنجي اڻپوري هجڻ کي چڱيءَ طرح محسوس ڪندو آهي، ۽ انهي سبب هو پنهنجي ان مائٽ جي خلاف ٿي ويندو آهي، جيڪو سندس مخالفت جو اظهار ڪندو آهي. ڪنهن وڏڙي جو رڳو پيار ئي ٻار جي خاص ضرورت کي مطمئن ڪري نه سگهندو آهي، ان جو هميشه اهو مقصد هوندو آهي ته هڪ ته هو جيڪو چاهي ٿو ان کي حاصل ٿئي، يا وري هرڪو سندس عزت ڪري. اهڙيءَ ريت هو پنهنجي ذهني جبلت جي آڌار تي هلندو آهي ۽ ساڳئي وقت مائٽ کيس هر ڀيري نئين انداز سان سندس خواهشن جي پورائيءَ لاءِ جهڪاءَ وارو رويو اختيار ڪندا آهن.

۽ جڏهن سندس پيءُ ڪٿي ٻاهر ويل هوندو آهي ۽ هو انگل ڪري ماءُ جي ڀر ۾ سمهڻ جي فرمائش ڪندو آهي ته ماڻس کيس اسڪول وڃڻ ۽ سندس پيءُ جي موٽي اچڻ کان پوءِ وري پنهنجي بستري تي سمهڻ جي شرط تي پاڻ سان سمهارڻ جي اجازت ڏيندي آهي. ان وقت هن جي من ۾ خواهش پيدا ٿيندي آهي ته جيڪر سندس پيءُ هميشه ٻاهر ئي رهي ته جيئن پنهنجي پياري جيجل ماءُ جي ڀر ۾ ستو پيو هجي. ان خواهش کي ماڻڻ مان کيس اهو خيال به اچي سگهي ٿو ته جيڪر سندس پيءُ مري وڃي ته بهتر. ٻار کي جيئن ته مري وڃڻ جو تصور ڪنهن جي پري هليو وڃڻ وارو احساس پيدا ڪندڙ هوندو آهي، جيئن سندس ڏاڏي لاءِ کيس ٻڌايو ويو هو ته اهو ڪٿي پري هليو ويو آهي، جتان ڪڏهن موٽي نه ايندو.

منهنجي ٻڌايل تجزيي ۽ مشاهدي مطابق، ويجهي مائٽ جي موت جي خواب متعلق ٻار جي اهڙي قسم جا خيال به شمار ٿين ٿا. خوابن جي ايندڙ ڪجهه مثالن جو تجزيو ڪندي اسان”خواهش جي پورائي وارن خوابن“ جي امڪان کي رد ڪري نه ٿا سگهون.

منهنجي هڪ مريضه، هڪ ڏينهن انتهائي ڏک واري حالت ۾ صفا روئڻهارڪي صورتحال ۾ مبتلا هئي:

”مان پنهنجي مائٽن کي وري ڏسڻ نه ٿي چاهيان“، چوڻ لڳي، ”اهي مون کي پڪ سان منحوس ٿا سمجهن.“ ائين چئي هو ٻئي ڪمري ۾ هلي وئي.

هوءَ اهو نه ٻڌائي سگهي ته هن ڪو اهڙو خواب ڏٺو آهي، ۽ هن کي اندازو به نه ٿيو ته هن اهو جملو ڪهڙي خيال کان چيو.

هوءَ جڏهن چئن سالن جي هئي ته هن هڪڙو خواب ڏٺو هو ته: ”ڇت تي مٿي ڪو جهنگلي ٻلو يا گدڙ پئي هليو، ته ڇت مان ڪا شيءَ ڪري پئي يا شايد هوءَ پاڻ ڪري پئي، پر جلد ئي پوءِ سندس ماءُ جو لاش ٻاهر آندو ويو.“ ۽ هوءَ تمام گهڻو رني هئي.“

مون هن کي ٻڌايو ته تنهنجي ان خواب جو مطلب آهي ته تو ۾ ننڍي هوندي پنهنجي ماءُ کي مئل ڏسڻ جي خواهش پيدا ٿي هوندي، جيڪا خواب جي صورت ۾ ظاهر ٿي آهي، ۽ ان سبب تنهنجي دل ۾ پنهنجي منحوس هجڻ جو خيال پيدا ٿيو آهي. پوءِ مون جهنگلي ٻلي (Lynx) متعلق سوچيو ته مون کي ياد آيو ته اسان وٽ ٻلي کي هڪ قسم جي گار يا گٿي لفظ جي صورت ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي، ۽ ٻيو ته هن جي ماضيءَ جي ڳالهين مان معلوم ٿيو ته هوءَ جڏهن ننڍي هئي ته گهٽيءَ واري ڇوڪري مٿس ڪو ڀينڊ اڇلايو هو ۽ گار ڏني هئي، ۽ جڏهن هوءَ اٽڪل ٽن سالن جي هئي ته ڇت مان ڪو چاپڙ ڪريو هو، جيڪو سندس ماءُ کي لڳو هو ۽ سندس مٿي مان رت وهيو هو.

منهنجي تجربي مطابق ٻارن جي ذهني اوسر، نفسياتي يا اعصابي مونجهارن متعلق وڏو ۽ اهم ڪردار سندن مائٽ ادا ڪندا آهن، هڪڙي مائٽ سان پيار ۽ ٻئي مائٽ سان نفرت وارو رويو به اڳتي هلي ذهني/ نفسياتي مونجهارن جو سبب بڻجندو آهي، ۽ اهي رڳو  ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي فرق سان نفرت ۽ محبت جو اندازو لڳائيندا آهن ۽ اهي لڪل اشارا به ٻار تي اثرانداز ٿيندا آهن. اهڙي کوجنا اسان جي هڪ ڏاهي ليکڪ ”سوفو ڪليس“ پنهنجي ڊرامي ”آڊيپس“ ۾ آندي آهي، جنهن جا ڪجهه حصا مون ”ٻارن جي نفسيات“ ۾ شامل ڪيا آهن ته ٻار به دنيا ۾ هڪ جيترو عقل رکي ٿو، ڀلي ان جو اظهار پنهنجي ننڍي عمر دوران نه ڪري سگهندو هجي، پر وڏي ٿيڻ کان پوءِ منجهس اهي عنصر اڀري اچن ٿا. فرائيڊ جو چوڻ آهي ته ٻار پنهنجي مخالف جنس وارن مائٽن سان جنسي لاڳاپي جي ۽ پنهنجي ساڳي جنس وارن مائٽن جي مرڻ جي خواهش رکندا آهن، پر هاڻي اهو رحجان وڏن ٻارن ۾ آهي، ۽ جيستائين آڊيپس جي مونجهاري (Oedipus Complex) جو تعلق آهي ته اهو اسان جي هن بحث لاءِ بيڪار آهي ڇاڪاڻ ته ”سوفوڪليس جي لکيل ڊرامي وارو آڊيپس ننڍو ٻار نه آهي، ۽ ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته آڊيپس کي پنهنجي ماءُ جي خبر ڪانه هئي ته ”جوڪاسٽا“ سندس ماءُ آهي.

”ٿيبس جي بادشاهه ”لوئيس“ کي نجوميءَ اڳ ڪٿي ڪندي ٻڌايو هو ته جيڪو ٻار سندس گهرواريءَ کي ڄمڻ وارو آهي، اهو پنهنجي پيءُ کي قتل  ڪندو. ٻار (آڊيپس) جڏهن ڄائو ته سندس ماءُ (لوئيس جي زال) ”جوڪاسٽا“ کيس هڪ ڌراڙ کي ڏئي چيو ته هن کي شهر جي ٻاهران وڃي ماري ڇڏ. ٻار جي سهڻي هجڻ سبب ان ڌراڙ اهو ٻار هڪ ٻئي مالوند کي ڏئي ڇڏيو. اهو مالوند ان ٻار کي ”ڪورنٿ جي بادشاهه پوليبس“ وٽ کڻي ويو، جنهن کيس پنهنجو پٽ ڪري پاليو.

آڊيپس وڏو ٿيو ته ”پوليبس“ کيس ٻڌايو ته هو سندس سڳو پٽ نه آهي. جنهن تي هن نجوميءَ کان فال ڪڍرائي، جنهن ٻڌايس ته: ”تنهنجي قسمت ۾  پنهنجي پيءُ کي قتل ڪرڻ لکيل آهي، پنهنجي ماءُ سان سمهڻو آهي.“

آڊيپس ته پوليبس کي ئي پنهنجو سڳو پيءُ ٿي سمجهيو، ان ڪري نجوميءَ واري اڳ ڪٿيءَ کان بچڻ لاءِ ڪورنٿ ڇڏي، ٿيبس هليو ويو. اتفاق سان رستي تي هن جي هڪ شخص سان ويڙهه ٿي پئي ۽ ان ۾ آڊيپس کيس قتل ڪري ڇڏيو، اهو شخص سندس اصل پيءُ ”لوئيس“ هو.

آڊيپس کي ٿيبس جي تخت تي ويهاريو ويو، ۽ هن ”جوڪاسٽا“ سان شادي ڪري ورتي. جنهن مان هن کي ٻه ڌيئرون ”اليڪترا ۽ اسميني“ (Electra and Ismene) ۽ ٻه پٽ پولينيسيس ۽ ايٽيوڪليس (Polyneices and Eteocles) ڄاوا. ان دوران هن پنهنجي ذهانت سبب اسپنڪس(1) کي سندس ڏنل پيرولي به ڀڄي ٻڌائي....“

هن ڊرامي جو ڪارائتو نُڪتو لڪل شين کي ظاهر ڪرڻ جي تسلسل کانسواءِ ڪنهن ٻي ڳالهه تي ٻڌل نه آهي، جنهن ۾ معاملن کي اينگهائي رکڻ واري عياري ۽ سدائين اڳتي وڌڻ جي جستجو شامل آهي. اهڙي عمل جو تسلسل نفسياتي تجزيي جي ڪم ۾ گهڻو فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو، جهڙوڪ آڊيپس خود لوئيس جو قاتل هو، پر پيءُ به ته هڪ قاتل جو پٽ هو جيڪو عوام کي ڊيڄارڻ، ڌمڪائڻ ۽ ڌڪارڻ جهڙين سنگين شعوري غلطين ۾ غلطان هو.

آڊيپس جي بادشاهي! مقدر جي هڪ دکدائڪ سانحي جيان ليکي وڃي ٿي، جنهن جو دک عظيم ديوتا جي تمام وڏي خواهش ۽ انسان ذات جي شيطاني قوتن جي ڊپ جي خلاف بي اثر ڪوشش کان آجي ٿيڻ جي وچ ۾ تضاد ۽ نتيجي کي ظاهر ڪري ٿو، ۽ تقدير جو ڳانڍاپو اسان سان به آهي، ڇاڪاڻ ته ساڳيون اڳ ڪٿيون اسان جي ڄمڻ کان اڳ! اسان جي به مقدر جو حصو بنجن ٿيون جيئن آڊيپس ۽ لوئيس جي سلسلي ۾ اسان ڏٺو، اها اسان جي قضا يا قسمت آهي، ٿي سگهي ٿو ته اسان جا پهرين ذهني/ جنسي من اڇل پنهنجي ماءُ جي پاسي هجي ۽ پهرين نفرت يا قتل واري خواهش پنهنجي پيءُ جي متعلق هجي، ۽ اسان جا خواب اسان کي ان ڳالهه تي قائل ڪن ٿا.

ڪجهه سالن کان پوءِ ٿيبس ۾ ساٽي جي بيماري (Plague) پيدا ٿي ته هن جوڪاسٽا جي ڀاءُ ”ڪيريَون“ کي نجومين ڏانهن موڪليو ته ساٽي جي بيماري ڪيئن ختم ٿيندي؟ نجوميءَ کيس ٻڌايو ته لوئيس جي قاتل کي، قتل ڪيو وڃي يا ٿيبس مان نيڪالي ڏني وڃي ته بيماري به ختم ٿي ويندي. آدبپس لوئيس جي قاتل جي ڳولها لاءِ فرمان جاري ڪيو، تڏهن خبر آئي ته لوئيس جو قاتل خود سندس پٽ آڊيپس آهي. جوڪاسٽا کي خبر پئي ته هن خودڪشي ڪري ڇڏي ۽ آڊيپس اکين ۾ سيخون وجهي پاڻ کي انڌو ڪري ڇڏيو.

آڊيپس بادشاهه پنهنجي پيءُ لوئيس کي قتل ڪيو ۽ ماءُ ”جوڪاسٽا“ سان شادي ڪئي. ان مان اسان کي ٻار جي ماءُ سان ٻالڪپڻي واري خواهش جو انومان به ملي ٿو.

سوفوڪليس جي سانحي واري مواد ۾ بنا مبالغي جي اشارا ملن ٿا، ته آڊيپس ڪنهن اوائلي دور جي خوابي مواد کي محسوس ڪيو آهي، جنهن ۾ ٻار جي مائٽن سان جنسي/ ذهني تعلق واري متن کيس ڏک رسايو آهي. حالانڪ ان نڪتي کان آڊيپس، پاڻ به اڃان تائين آگاهه نه آهي، پر هو جڏهن پيرولين کي ڀڃڻ ۾ دشواري محسوس ڪرڻ لڳي ٿو، ته جوڪاسٽا کيس ڪيترن ئي ماڻهن جي اهڙي قسم جي خوابن جا مثال ٻڌائي دلاسا ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، حالانڪه هوءَ اهو به سمجهي ٿي ته انهن خوابن ۾ ڪو خاص مقصد به لڪل نه آهي.

اڳ وانگر هاڻي به ڪيترائي ماڻهو پنهنجي ماءُ سان جنسي تعلق جا خواب ڏسندا آهن، ۽ ساڻن حيران ڪندڙ حقيقتن ۽ بي واجبي عمل متعلق اڀاريندا به آهن. آڊيپس جي ڪهاڻي انهن ٻنهي مثالي خوابن جي تصورن جو ردعمل آهي، ۽ اهڙي قسم جا خواب جڏهن ڪو وڏو ڏسندو آهي ته اهي سخت ناپسند ڪرڻ واري احساس سان ڏسندو آهي، ۽ ڏاها ماڻهو گهڻو ڪري ڊپ، دهشت ۽ پاڻ کي اذيت ڏيندڙ احساس سان ڏسندا آهن. ان جو ذڪر اسان اڳتي ثانوي نظرثانيءَ ۾ پيدا ٿيندڙ غلطفهميءَ واري مواد ۾ ڏينداسين، جنهن ۾ نيڪ عملن جي نظرياتي پهلوئن متعلق تحقيق جو محاسبو شامل هوندو، جهڙوڪ پاڻ کي جنسي طور پڌرو ڪرڻ واري متن جا خواب، خود قادر مطلق جي غيب وارين ڳالهين کي ماڻهوءَ جي ذميدارين سان هم آهنگ ڪرڻ به ٻين معاملن جيان خواب جي موضوع سان ڳنڍيل آهي.

خود شيڪسپيئر ”هيلميٽ“ جي عنوان سان الميه شاعري ڪئي آهي، جنهن جون پاڙون آڊيپس بادشاهه جي روح سان رليل ٿيون لڳن، بس رڳو مواد جي ترتيب ۽ اسلوب بدليل آهي، جيڪو تاريخ جي ٻن دورن جي تهذيب ۽ ذهنيت تي ڦهليل سموري فرق کي ظاهر ڪري ٿو: خاص طور انسان ذات جي جذباتي رهڻي ڪهڻيءَ ۾ دنيوي زندگيءَ جي وڌيل دٻاءَ کي ظاهر ڪري ٿو. آڊيپس جي ڪهاڻيءَ ۾ ٻاراڻي انگل ۽ من اڇل جو تصور ڪنهن خواب ۾ ڏٺل منظر جيان محسوس ٿئي ٿو ۽ هيمليٽ ذهني دٻاءَ جو شڪار آهي، جيڪو سندس اعصابن تي سوار ٿئي ٿو، اهڙي دٻاءُ جو تجربو اسان کي پنهنجي جذبي يا سوچ کي روڪڻ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندو آهي.

شڪسيپيئر جي ناٽڪ هيمليٽ جي نائڪ جي حجاب واري حالت سبب کيس انتقام وٺڻ تي اڀاري ٿو. گوئٽي جو خيال آهي ته: ”هيمليٽ ناٽڪ ان ماڻهوءَ جي نمائندگي ٿو ڪري جنهن جو سنئون سڌو عمل، ڏاهپ جي وڌي وڃڻ سبب معذور ٿي ويو آهي ۽ جذباتي هجڻ سبب پنهنجي خيالن جي اظهار ۾ هٻڪ محسوس ٿو ڪري.“

ٻين ليکڪن به لڳ ڀڳ ائين ئي چيو آهي ته ”شيڪسپيئر اهو دل من هڻندڙ يا فيصلو نه ڪري سگهندڙ ڪردار جي اعصابي مرض کي ظاهر ڪيو آهي.“

ڊرامي جي پلاٽ مان اسان کي هيمليٽ نه ڳالهائي سگهڻ جي نمائندگي ڪندڙ ڪردار نظر نه ٿو اچي، ڇاڪاڻ ته اسان کي هن جي ٻن واقعن مان پنهنجي سموري سگهه سان هڪ طرف جذباتي مزاج جو اظهار ڪندي نظر اچي ٿو: جڏهن پولينس کي پنهنجي تلوار سان ماري ٿو ڇڏي ۽ ٻئي طرف هو پنهنجي شهزادي هئڻ واري شاهي شعور سان ڪلاڊيس کي عبادت ڪندي ڏسي مارڻ بجاءِ ترسي ٿو پوي. شيڪسپيئر جي تنقيد جو جواب اهو ساڳيو ئي آهي ته اها هڪ خاص نوعيت جي ذميداري هئي. هيمليٽ سڀ ڪجهه ڪري ٿي سگهيو، پر هن رڳو پنهنجي پيءُ جي قاتل کي مارڻ واري ذميداري به پوري ڪئي.

هيمليٽ ڊينمارڪ جو شهزادو هو جنهن پنهنجي پيءُ (جن واري صورت ۾ نظر آيل) کان ٻڌو هو ته کيس سندس ڀاءُ ڪلاڊيس مارايو آهي، جيڪو شهزادي جي ماءُ سان پرڻجي تخت تي قبضو ڪري ويٺو آهي. هيمليٽ اهو ٻڌي اڻتڻ ۾ مبتلا ٿي ويو ته هو ڪلاڊيس کي قتل ڪري يا نه! هيمليٽ نهايت سوچ ويچار وارو شهزادو هو ان ڪري ذهني دٻاءَ جو شڪار ٿي ويو، ۽ پاڻ کي چريو ظاهر ڪرڻ لڳو. ڪلاڊيس ۽ ”گيرٽروڊي“ شهزادي جي ان رويي سبب پريشان ٿي ويا ۽ ان جا ڪارڻ ڳولهڻ لاءِ انهن هن جي ٻن دوستن: روزينڪرانز ۽ گلڊينسٽيرن (Rosencrantz and Guildenstern) کي مٿس مامور ڪيو. ان دوران پولونس (Polonius) کين صلاح ڏني ته متان هو پنهنجي سوٽ اوفيليا (Ophelia) سان محبت جي ڪري پريشان ٿي ويو هجي، ان ڪري انهن اوفيليا کي ڏانهس موڪليو پر هيمليٽ ان جي اڳيان به عاشق بجاءِ چريو ئي نظر آيو، پوءِ انهن اوفيليا کي شادي ڪرڻ کان روڪي ڪنواري رهڻ جو حڪم ڪيو. پوءِ جڏهن هيمليٽ پيءُ جي قاتل کي مارڻ جو پڪو پهه ڪري ورتو ته هن ڪلاڊيس جو پيڇو ڪيو ۽ جڏهن کيس مارڻ جو موقعو مليو ته ڪلاڊيس کي عبادت ڪندي ڏٺائين، ته سوچيائين ته جيڪڏهن کيس عبادت ڪندي قتل ڪندس ته سڌو جنت ۾ وڃي رسندو، پر حڪم ڪيائين ته هيمليٽ کي هڪدم انگلينڊ روانو ڪيو وڃي. هيمليٽ اچي پنهنجي ماءُ سان مليو ته پولينس لڪي، اهو ڏسڻ لاءِ ته هيمليٽ چريو آهي يا مڪر ٿو ڪري، سندن گفتگو ٻڌڻ لڳو، هيمليٽ کي پولنس جي موجودگيءَ جو احساس ٿي ويو ته هن پردي جي پويان لڪل پولينس تي وار ڪيو ۽ کيس قتل ڪري ڇڏيو ۽ ان جرم جي سزا کان بچڻ لاءِ هن پنهنجي ٻنهي خدمتگارن: روزينڪرانز ۽ گلڊينسٽيرن سان گڏجي انگلينڊ روانو ٿي ويو. اوفيليا پنهنجي پيءُ جي قتل ٿيڻ سبب دک ۾ هوش وڃائي ويٺي ۽ هن وڃي درياهه ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو. پولينس جو پٽ ليئرٽيس (Laertes) فرانس مان ڊينمارڪ موٽي آيو، ڪلاڊيس کيس ڀڙڪايو ته هيمليٽ مون تي پنهنجي پيءُ جي قتل جو الزام هنيو آهي ۽ تنهنجي ڀيڻ جو قاتل به اهو ئي آهي. هيمليٽ اوفيليا جي تدفين ۾ اچي شامل ٿيو ته هيمليٽ کي مارائڻ جو منصوبو جوڙيو ويو ۽ ليئرٽيس کي هيمليٽ سان تلوار بازيءَ جي مقابلي لاءِ اڀاري، سندس تلوار کي زهر جو پاڻي لڳايو ويو ته جيئن هڪ ئي وار سان هيمليٽ کي ماري ڇڏجي، پر اتفاق سان هيمليٽ کان اڳ ۾ ان زهريلي تلوار جو وار ليئرٽس کي لڳو ۽ هو ان جي زخم لڳڻ وقت اڦٽ مري ويو، پر هيمليٽ کي اڃان هوش هو، جنهن ڪري هو ڪلاڊيس وٽ آيو ۽ کيس اهو زهر پيئڻ تي مجبور ڪيو ويو، پوءِ جڏهن ڪلاڊيس زهر جو اهو پيالو پيتو ته هيمليٽ به زهر واري تلوار جي گهاءَ سبب ڪري پيو ۽ مري ويو.

شيڪسپيئر جهڙيءَ ريت هيمليٽ کي اوفيليا سان جنسي اظهار جي حوالي سان ڪراهت وارو ثابت ڪيو آهي، حالانڪه هيمليٽ ۽ اوفيليا سهڻي ۽ ڀرپور جوانيءَ جي عمر ۾ هئا. پر اها ناپسنديدگي خود شاعر جي ذهن ۾ آهي، جيڪا هن هڪ ٻئي ناٽڪ: ٽائمن آف اٿينس“ ۾ به پيش ڪئي آهي. مون شيڪسپيئر متعلق جارج برانڊيس 1896ع جي ڪتاب ۾ پڙهيو آهي ته ”هيمليٽ“ شيڪسپيئر جي پيءُ جي مرڻ کان هڪ سال پوءِ يعني 1601ع ۾ لکيو ويو آهي، جنهن ۾ سندس ڪنهن محبوب شيءِ جي وڇڙي وڃڻ جي صدمي جو تاثر شامل آهي، جيڪو هڪ ٻار جي پنهنجي پيءُ لاءِ هوندو آهي، ان کان علاوه خود شيڪسپيئر جو پٽ به ننڍي عمر ۾ گذاري ويو هو. جنهن جو نالو به هيمليٽ سان ملندڙ جلندڙ (هيمنيت Hammnet) هو. جهڙيءَ ريت هيمليٽ ۾ هڪ پٽ جو پنهنجي مائٽن لاءِ رويي کي ظاهر ڪيو ويو آهي، تهڙو ئي احساس هن جي ”ميڪبيٿ“ (Macbeth) ۾ آهي، جيڪو لڳ ڀڳ ساڳيئي دور ۾ لکيل آهي، ۽ اهي ٻئي ٻاراڻي زندگيءَ جي موضوع تي لکيل آهن. انهيءَ سموري بحث ڪرڻ مان منهنجي مراد تخليقي ليکڪن جي ذهن ۾ ترغيبن ۽ پسنديدگيءَ جي تمام گهڻن تهن بابت معلومات ڏيڻ آهي.(1)

مان مائٽن جي مرڻ متعلق مثالي خوابن واري موضوع کي ائين ڇڏڻ نه ٿو چاهيان، جيستائين ان ۾ خوابن جي عام علمي نظريي جي روشنيءَ ۾ اهميت کي پيش نه ڪريان.

انهن خوابن منجهان اسان کي تمام وڏي ۽ غير معمولي رهنمائي ملي ٿي، جنهن ۾ خوابي خيال، دٻايل خواهش کي ڇنڊڇاڻ جي ذريعي گوهِي ڏيڻ يا نٽائي وڃڻ واري طريقي سان تشڪيل ڪندو آهي ۽ بنا ڪنهن ڦيرڦار جي خوابي سٽاءِ ڏانهن اماڻيندو آهي. ان عمل ذريعي واقعي کي يقيني بنائڻ لاءِ هڪ خاص قسم جو وهنوار ڪار فرما هوندو آهي، ۽ مون کي ويساهه آهي ته اهڙن خوابن جو هوبهو هجڻ، نتيجن آڻيندڙ ٻن حالتن جي سهوليت تي ٻڌل هوندو آهي. هڪ ته اسان جي هر خواهش ڪنهن ٻيءَ يا ڪنهن پرانهين خواهش سان لاڳاپيل هوندي آهي، نه ته جيڪر اسان خواب ئي نه ڏسي سگهون! ان ڪري خوابي ڇنڊڇاڻ جو عمل ڪن هٿيارن سان ليس نه هوندو آهي، ۽ نه ئي کيس ڪنهن راڪاس سان وڙهڻو هوندو آهي، ۽ نه ئي مٿس ڪنهن جي ماءُ يا پيءُ جي قتل جي ڪيس تي ڪو قانون لاڳو ڪري سزا ڏيڻي هوندي آهي. ٻيو ته دٻائي ڇڏيل ۽ بنا گمان يا شڪ شبهي واري خواهش جي معاملي ۾ ماڻهوءَ جي گذريل ڏينهن جي ڪارگذاريءَ ۽ ان مان نڪتل نتيجي يا ڀوڳنا جو اڌ رستي ۾ ٽڪرائجي وڃڻ وارو سٽاءُ ماڻهوءَ جي پريشانيءَ کي گهٽائڻ لاءِ پيش ٿيندو آهي. خاص طور تي تڪليف، پريشاني يا ڀوڳنا، خواب ۾ ان لاڳاپيل خواهش ذريعي پنهنجو رستو ٺاهي سگهندي آهي ۽ خواهش پاڻ ان ڏينهن واري پريشانيءَ سان بحث مباحثو ڪندي آهي ۽ ان سطح تي ڪوشش ڪندي آهي جيئن شخص جو پنهنجي ذهن ۾ ڪو خاڪو جوڙيل هوندو آهي. ان حوالي سان ماڻهو گهڻو ڪري موت جي سلسلي ۾ ڏٺل خوابن کي سمجهڻ لاءِ غير ضروري ڳالهين سان ائين چنبڙيل هوندو آهي ۽ جو ڄڻ هوا ۾ لڙڪيل هوندو آهي، ان ڪري اسان ڪنهن درست حل ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

اهڙي قسم جا خواب ”ڳڻتي جي خوابن“ جي ڄاڻ ڏيندڙ به هوندا آهن، ان سلسلي ۾ اسان بحث پئي ڪيو ته دٻائي ڇڏيل يا ڏک واري سوچ پيدا ڪندڙ خواهش، نٽائڻ يا ٽارڻ واري ڇنڊڇاڻ جا وسيلا ڳولهيندي آهي، جنهن ڪري ڇنڊڇاڻ جو عمل به بگڙيل صورت سان منسلڪ ٿي ويندو آهي، ۽ بنا تبديليءَ جي لاڳاپيل دک ۽ تڪليف وارا احساس خواب ۾ مشاهدي ۽ تجربي جي رستن تان گذرندا آهن، ان ساڳئي رستي سان ڳڻتيءَ وارا خواب رڳو ان حالت ۾ ظاهر ٿيندا آهن جڏهن ڇنڊڇاڻ جو عمل سمورو يا ٿورو گهڻو بااختيار هوندو آهي، ۽ ٻئي طرف جيڪڏهن ڳڻتي، طبعي احساس جي بروقت اڀري آيل سببن جيان اڳ ۾ ئي پيدا ٿيل هوندي ته ڇنڊڇاڻ جو بااختيار هجڻ سهوليت پيدا ڪندو آهي.(1) ان حوالي سان اسان ڇنڊڇاڻ جي عمل جي ان مقصد کي آسانيءَ سان سمجهي سگهون ٿا ته خوابن ۾ صورت کي بگاڙي يا بدلائي پيش ڪرڻ جا ڪهڙا ڪهڙا نه تجربا ڪري ٿو. بهرحال ان جو سڄو مقصد ڳڻتيءَ وارن معاملن يا اثرانداز ٿيندڙ ۽ هاڃو رسائيندڙ ٻين ڪيفيتن کان بچائڻ هوندو آهي.

مان ٿورو اڳ ٻارن جي ذهن ۾ ضد متعلق ٻڌائي آيو آهيان، ۽ هاڻي مان ٻن حقيقتن جي وچ ۾ ممڪن ڳانڍاپن متعلق اشارا شامل ڪريان ٿو، ته خوابن جي ڪرداري وصف هڪجهڙي هوندي آهي، اهي سڀئي مڪمل طور تي خود غرض هوندا آهن: انهن سڀني مان هڪڙي پياري انا ظاهر ٿيندي آهي، جڏهن ته اهي اصل حالت کي لڪائيندا به آهن. انهن ۾ جيڪي خواهشون پوريون ٿينديون آهن، اهي بنا تبديليءَ جي انا واريون ئي خواهشون هونديون آهن، پر جيڪڏهن خواب ڪنهن بي غرض دلچسپيءَ کي ڀڙڪائيندي نظر ايندو آهي ته اسان ان کي ٺڳي يا مڪر وارو اظهار سڏيندا آهيون. هتي ڪجهه واقعن جو تجزيو پيش ڪجي ٿو، جيڪو ان جي اثباتي دعويٰ کي رد ڪندي نظر اچي ٿو.

(1)

چئن سالن جي ٻار خواب ڏٺو : ”هن هڪ وڏي ٿالهه ۾ ڀڳل گوشت جي تمام وڏي ران ۽ ڀاڄي پيل ڏٺي، اوچتو ڪو اها وڏا ران کڻي، بنا ڪاٽڻ جي ئي کائڻ لڳو، هن اهو ماڻهو نه ڏٺو جنهن اهو گوشت کاڌو.“(1)

اهو اجنبي ڪيو هو؟ جنهن اهو شاهي طعام کاڌو، جنهن جي متعلق ٻار خواب ڏٺو؟ اصولي طور تي ٻار جي ڏينهن واري تجربي جي روشنيءَ ۾ ان موضوع کي ڏسنداسين ته معلوم ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر سندس خوراڪ جي طور تي ٻين شين کان روڪي ٿورن ڏينهن لاءِ رڳو کير تي گذاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. ان ڏينهن هن ڪا اهڙي شرارت ڪئي هئي جو سزا جي طور تي ڪجهه پيئارڻ کان سواءِ ئي کيس بستري ۾ سمهاريو ويو هو. ان وقت هن کي بک ته لڳي هئي پر دل وڏي ڪري سمهي پيو، ڇاڪاڻ ته هن کي اندازو هو ته کيس کائڻ لاءِ ڪجهه به نه ملندو، ۽ نه ئي کيس کائڻ لاءِ ڪا شيءِ نظر آئي هئي، ۽ مٿس وڏن جي تربيت جو به اثر هو، ۽ اهو ئي احوال سندس خواب جو سبب بڻيو، جيڪو سندس اصل حقيقت جو بگڙيل روپ هو. ظاهر آهي هن کي سٺي کاڌي جي طلب هئي، ۽ گهڻو ڪري بک ۾ سمهڻ وارا ٻار اهڙي قسم جا خواب به ڏسندا آهن. ان سلسلي ۾ مان پنهنجي ننڍڙي ڌيءَ ”آنا“ جو خواب به باب ٽئين: ”خواب، خواهشن جو پورائو ڪندڙ هوندا آهن“ جي ابتدا ۾ ڏئي آيو آهيان.

 

(2)

”مون هڪ رات خواب ۾ ڪتابن جي هڪ دڪان جي دريءَ مان فن ۽ ڏاهپ جي ڄاڻ ڏيندڙ مضمونن جا ڪجهه مجموعا ڏٺا، جن کي خريد ڪرڻ جي منهنجي عادت هئي، ان دڪان ۾ تمام وڏن فنڪارن، دنيا جي تاريخ، مشهور ملڪن متعلق ۽ ٻيا به ڪيترا مقالا پيا هئا. انهن ۾ نئين سلسلي جي ڪتابن کي ”مشهور مقرر“ يا ”تقريرون“ ٿي سڏيو ويو، جنهن جو پهريون مجموعو عقل کان وانجهيل”ڊاڪٽر ليچر“ جي نالي جو هو.“

مان جڏهن ان خواب جو تجزيو ڪرڻ ويٺس ته اهو مون کي غير امڪاني لڳو، ته خواب ۾ منهنجو واسطو هڪ مشهور ”ڊاڪٽر ليچر“ سان ڪيئن پيو آهي، جيڪو جرمني جي قوم پرست هئڻ جي ناتي پارليامينٽ جو اڻ جهل مقرر هو. اصل ۾ ڳالهه هيءَ هئي ته ٿورا ڏينهن اڳ مون نفسياتي علاج لاءِ ڪي نوان مريض پئي ڏٺا، جن سان ڏهه ڏهه يارهن يارهن ڪلاڪ روزاني پئي مٿو هڻڻو پيو. تڏهن مون کي سمجهه ۾ آيو ته خواب ۾ اهو مسلسل ڳالهائيندڙ ”ڊاڪٽر ليچر“ مان پاڻ ئي هوس.

(3)

هڪ ٻئي موقعي تي مون خواب ڏٺو ته ”اهو شخص جيڪو يونيورسٽيءَ ۾ منهنجو ٻانهن ٻيلي هو، چوڻ لڳو: ”منهنجا ٻچڙا! ميوپس.“ پوءِ مون سان ڪجهه اهڙي انداز سان ڳالهائڻ لڳو، ڄڻ مون کان ڪجهه پڇڻ ۽ ان متعلق ورندي وٺڻ چاهيندو هجي.“

ان خواب جي ٽئين حصي ۾ مون پاڻ کي ۽ پنهنجي پٽ کي ڏٺو. جيتري قدر ان خواب جي لڪل متن جو تعلق آهي ته پروفيسر ”ايم“ ۽ ان جو پٽ، منهنجي ۽ منهنجي وڏي پٽ جي حوالي سان انتهائي بيڪار ۽ خسيس ماڻهو هئا. مان هن خواب جي باقي عنصرن متعلق اڳتي باب ڇهين: ”خواب جي عمل“ جي حصي ستين ”بي معنيٰ“ ۾ ذڪر ڪندس.

( 4 )

هن خواب ۾ انا جي احساس جو ٿورو گهٽ واقعو آهي، جيڪو هڪ لطيف احساس واري پريشانيءَ جي پويان لڪل آهي: ”منهنجو دوست ”اوٽو“ بيمار ٿي لڳو، هن جو منهن پيلو ٿي لڳو ۽ سندس اکيون ڏرا ڏنل ٿي لڳيون.“

اوٽو اسان جي ڪٽنب جو ڊاڪٽر آهي، ۽ مان هن جو قرضدار آهيان ڇاڪاڻ ته مان هن کي پورو معاوضو نه ڏيندو آهيان، هو اسان جي ٻارن کي سالن کان چڪاسيندو ٿو اچي، ۽ اهي هن جي علاج سان چڱا ڀلا به ٿي ويندا آهن، ۽ ڪڏهن ڪڏهن هو انهن کي تحفا به ڏيندو آهي. خواب ڏسڻ واري ڏينهن هو اسان وٽ آيو هو، ۽ منهنجي زال مون کي ٻڌايو ته ڊاڪٽر اوٽو نهايت ٿڪل پئي لڳو. ان رات مون اهو خواب ڏٺو. مون کي منجهس ڳچيءَ جي غدودن (Basdow's) واري بيماريءَ جون نشانيون ٿي نظر آيون، ۽ سندس اکيون ڦوٽاريل نظر ٿي آيون.

هي خواب ”خواهشن جي پورائي“ جي سلسلي ۾ متضاد نه آهي، ڇاڪاڻ ته اوٽو منهنجو دوست هو ۽ جيئن ته مون کي منهنجي زال هن جي بيمار هجڻ واري ڳالهه ٻڌائي هئي ان ڪري مون کي هن جي بيماريءَ متعلق ڳڻتي ٿي پئي هئي، ۽ منهنجي خواهش هئي ته هو چڱو ڀلو ٿي وڃي.

اهو ساڳيو حوالو مون کي ست سال پوءِ به مليو هو، اسان ڪجهه پروفيسر دوست اونهاري جي موڪلن ۾ ڪٿي گهمڻ ويا هئاسين ۽ رستي ۾ اسان کي بگي هلائڻ واري جي ڪري حادثو پيش آيو ته اها رات اسان اتي هڪ ويجهي سراءِ ۾ ترسياسين، اتي هڪ شخص اسان سان همدردي ڪرڻ آيو هو، جنهن کي به ڳچيءَ واري غدود جي بيماري لاحق هئي، بلڪل ائين جيئن مون خواب ۾ ڏٺو هو، هن جون اکيون به ائين ئي ڦوٽاريل هيون ۽ سندس ڳچيءَ تي ڳوڙهو (Goitre) به هو. هن پنهنجي خدمتون آڇيندي چيو ته ”منهنجي لائق ڪا خدمت هجي ته ضرور ٻڌايو.“ اسان ته خير ساڻس ڪا ڳالهه نه ڪئي پر ڊاڪٽر ”آر“ کيس چيو ته: ڪا رات جي پائڻ لاءِ قميص ملي وڃي ته بهتر“. ان تي هن چيو ته: ”معاف ڪجو اهڙي ڪا شيءِ وٽس نه آهي.“ ائين چئي هو هليو ويو.

اصل ”بيسڊوو“ (Basdow's) رڳو ڪنهن ڊاڪٽر جو نالو ئي نه هو پر اهو هڪ نهايت ناليوارو تعليمي ماهر به هو، جيڪو ارڙهين صديءَ واري معروف تعليمدان ”جي جي روسو“ (J.J.Rousseau) جو پوئلڳ به هو. ۽ مون جيئن ته پنهنجي دوست ”اوٽو“ کي چيو هو ته منهنجي ٻارن جي جوان ٿيڻ سبب کين جنسي تعليم به ڏئي، جيڪا سراءِ ۾ ڊاڪٽر ”آر“ جي ”رات جي پائڻ واري قميص“ گهرڻ جيان هئي. هن خواب ۾ ”خودغرضيءَ واريون“ ڪافي شاهديون موجود آهن.(1)

پر ان مان ”خواهش جو پورائو“ ڪٿي ٿو لڀي؟

اهو منهنجو ڪو انتقامي خيال نه هو پر پنهنجي دوست ”اوٽو“ جي تباهيءَ جي احساس جو اظهار هو، جو هو مون کي خواب ۾ بيمار شڪل وارو نظر آيو. ساڳئي وقت مون جيئن ”اوٽو“ کي خواب ۾ لارڊ بائرن واري خيال کان ڏٺو، مان پاڻ کي ڪنهن ٻئي شخص ”پروفيسر آر“ جي حيثيت ۾ سڃاڻي ٿي سگهيس، ان افسانوي ڪردار ”آر“ جيان، جنهن لارڊ بائرن کي درخواست ڪئي هئي، ائين مون به ”مسٽر اوٽو“ کي عرض ڪيو هو. ۽ هي آهي اهو نڪتو! پروفيسر ”آر“ جنهن جي جرعت سان مان پاڻ کي ڪنهن عام حالت ۾ ڪڏهن به ڀيٽي نه ٿو سگهان. هو مون وانگر تعليمي ڪمن کان سواءِ به انفرادي آزادگيءَ سان پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ مڃتا ماڻڻ واري تمام وڏي ڪارنامي واري ڪوشش ۾ رڌل هوندو آهي، ۽ مان پاڻ به پروفيسر ٿيڻ چاهيو ٿي، ۽ سچ ته ”زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن“ وارا لفظ خود خواهش جي پورائي کي ظاهر ڪن ٿا، جنهن جو اڻ سڌيءَ ريت مطلب اهو آهي ته ”مان ايترو گهڻو عرصو زندهه رهان، جيستائين مان پنهنجي ٻارن کي جوان ٿيندي پاڻ ڏسان. هن خواب ته اڳتي باب ستين: خوابن جي عمل جو نفسياتي پهلو“ جي حصي ٽئين: ”خواهشن جو پورائو“ ۾ بحث ڪيل آهي.


(1)  1914ڳ ۾ شامل ڪيل حاشيو: ٻارن جي، پنهنجي ڀائرن ڀينرن يا ڪنهن مائٽ سان اهڙي وروڌي، ضدي رويي متعلق نفسيات جي تجزياتي ادب ۾ تمام گهڻي تعداد جا مشاهدا ڄاڻايا ويا آهن، مشهور شاعر ”اسپيٽيلر“ پڻ اسان کي خاص طور تي ٻاراڻي بودلائپ واري رويي متعلق پنهنجي ئي زندگيءَ جا نهايت حقيقي ۽ بيشمار مثال ڏنا آهن.

(1)  هي حاشيو 1909ع ۾ شامل ڪيو ويو هو: هڪڙي ڏهن سالن جي نهايت ذهين ٻار پنهنجي پيءُ جي اوچتي انتقال تي انتهائي حيرتناڪ جملو چيو ته: ”مان ڄاڻان ٿو ته منهنجو پيءُ مري ويو آهي، پر مون کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه ٿي اچي ته بابا رات جي مانيءَ تي گهر ڇو نه ٿو اچي!“ ان موضوع تي وڌيڪ مواد 1919ع دوران ”امئگو“ (Imago) وقفي سان شايع ٿيندڙ رسالي جي پهرين ستن شمارن ۾ ڏسي سگهجي ٿو. جيڪو ”ٻار جي ذهني فطري حقيقت“ (The True Nature of the Child) جي عنوان سان شايع ٿيل آهي، جنهن کي ڊاڪٽر ايڇ-وان هگ هيل مٿ (Dr.H.von Hug-Hellmuth) ترتيب ڏنو آهي.

(2)  هي حاشيو 1919ع ۾ شامل ڪيو ويو هو: هڪ پيءُ جيڪو نفسياتي تجزيو ڪرڻ ڄاڻيندو هو، ان پنهنجي چئن سالن جي نهايت ذهين ڌيءَ جي حقيقي چرپر ذريعي ”مرڻ ۽ هليو وڃڻ“ جي وچ ۾ فرق جو مشاهدو ڪيو، هن پنهنجي ان ننڍڙي ڌيءَ کي ماني کائڻ وقت ڏاڍي پريشانيءَ ۾ مبتلا ڏٺو، جڏهن هن گهر ۾ ڪم ڪرڻ واري نوڪرياڻيءَ کي موجود نه ڏٺو، تڏهن ٻارڙيءَ پنهنجي پيءُ کي چيو: ”جوزفين مري وئي آهي.“ پيءُ پڇيس: ”ڇو مري ڇو وئي آهي؟“ تنهن تي ٻارڙي چوڻ لڳي: ”ته پوءِ موٽي ڇو ڪونه ٿي اچي؟“ اها ٻار جي پاڻ سان لامحدود پيار واري ڪيفيت (Narcissism) آهي، جيڪا ٻار جي حسي ضرورت آهي، بقول ”ڊريڪونين“: اهڙو هر جرم سزا جي ئي صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي، جنهن ڏوهه جي مڃڻ جي ڪا حد مقرر ٿيل نه هوندي آهي.“

(3) موت متعلق جوان ماڻهوءَ جي رويي تي فرائيڊ وڌيڪ خاص طور تي ”غير سماجي يا غير اخلاقي رسمون ۽ انهن جي سڃاڻپ“ (Totem and Taboo, 1912) ۽ ”قيمتي شين رکڻ لاءِ ٽي ننڍڙيون دٻليون“ (1913) ۽ ”جنگ ۽ موت متعلق وقت جا ويچار“ (1915) ۾ بحث آندو آهي.

(1)  هي حاشيو 1925ع ڌاري شامل ڪيو ويو: پاڻ کي سزا واري لاڙي جي ظاهر ٿيڻ جي ڪري صورتحال لڳاتار اڻ چٽي آهي، ڇاڪاڻ ته خواب ڏسندڙ کي پنهنجي اخلاقي ردعمل جي ڪري پنهنجي عزيز جي نقصان واري اها ڪيفيت ڊيڄاري به ٿي، جنهن سان هو پيار ڪري ٿو.

(1)  ان نڪتي تي فرائيڊ وڌيڪ وضاحت 1925ع ۽ 1931ع ڌاري ڪئي آهي.

(1)  Sphinx: يوناني ڏند ڪٿا مطابق اها خيالي مخلوق جنهن جي منڍي عورت جي ۽ ڌڙ شينهن جو آهي، ۽ کيس وڏا پر لڳل آهن، جنهن کي هڪ بلا جي صورت ۾ پيش ڪيو ويو آهي، جيڪا ٿيبس جي ڀرسان رهندي هئي، ۽ واٽهڙوئن کان پيروليون ڀڃرائيندي هئي، جيڪو پيرولي نه ڀڃي سگهندو هو ان کي مارائي ڇڏيندي هئي. هن آڊيپس کي پيرولي ڏني هئي ته: اها ڪهڙي شيءَ آهي جيڪا صبح جو چئن ٽنگن تي هلي ٿي، شام جو ٻن ٽنگن تي ۽ رات جو ٽن ٽنگن تي.

ان جو جواب ۾ آڊيپس کيس ٻڌايو ته: ”اهو ٻار جيڪو بانبڙا ٿو پائي، ۽ وڏو ٿي اُٿڻ هلڻ لڳي ٿو ۽ جڏهن پوڙهو ٿو ٿئي ته لٺ کڻي ٿو هلي.“

(1)  هيمليٽ جي متعلق ارنيسٽ جونس 1910ع جي علمي تحقيق جي حوالي سان ۽ وڌيڪ ميڪبيٿ جي متعلق، فرائيڊ جي مختلف مضمونن ۾ نفسياتي تجزيا پيش ڪيل آهن.

(1)  ڏسو: باب پنجين: ”خوابن جو مواد ۽ تاثر“ جي حصي ٽئين: ”خوابن ۾ جسماني جيوَگهرڙن جو بنياد.

(1)  خواب ۾ وڏي ماپ ۽ گهڻي مقدار وارين شين جو نظر اچڻ، گهڻو ڪري وڌاءَ کي ظاهر ڪري ٿو، ۽ ٿي سگهي ٿو ته اهو به ڪا ٻاراڻي ڪرداري وصف هجي، ٻارن ۾ پنهنجي وڏي ٿيڻ ۽ وڏن وانگر سندن شين کي استعمال ڪرڻ کان وڌيڪ جوشيلي يا ڪا سرگرم خواهش ڪانه ٿيندي آهي، اهي مطمئن به ڏاڍي مشڪل سان ٿيندا آهن. اهي ڌَتِ ڪرڻ يا روڪڻ وارن لفظن تي ڌيان ئي نه ڏيندا آهن، البت ڪنهن کائڻ يا کيڏڻ وارين پسند جي شين جي لالچ ڏيڻ تي راضي ٿي ويندا آهن، ۽ اهو ئي ٻارن کي اهڙن معاملن کان ٽارڻ لاءِ تهذيبي ۽ اصلاحي تربيت جو انداز آهي.اعصابي مرض واري حالت ۾ به وڌيڪ خرچ ڪرڻ ۽ ڇڙواڳيءَ وارو اهڙو ساڳيو لاڙو ٿئي ٿو. (ڏسو فرائيڊ جي مضمون: ”راحت ڏيندڙ جي اصولن جي ٻئي طرف“ 1920ع باب پنجون، صفحو 307).

(1)  ارنيسٽ جونز جڏهن آمريڪي شاگردن کي ”خوابن جي خودغرضيءَ متعلق“ تجرباتي دليل ڏئي رهيو هو ته هڪ پڙهيل لکيل خاتون ان جي غير تجرباتي نتيجي ڪڍڻ تي ساڻس اعتراض ڪندي چيو ته: ”هن تازي ڪم جي ليکڪ رڳو آسٽريائي رهواسين جي خوابن جي حوالي سان فيصلو ڪيو آهي، پر آمريڪي رهواسين جي خوابن متعلق هن کي ڪا به دلچسپي نه آهي، جيتري قدر ان عورت جو تعلق هو ته هن کي يقين هو ته سندس سمورا خواب بيغرض ۽ خير خواهه (Altruistic) آهن، (1925ع ۾ شامل ڪيل). ان ذهين عورت سان معذرت ڪندي مان انهن جي نشاندهي ڪري سگهان ٿو ته ”خواب انتهائي خودغرض هوندا آهن، ان غلط فهميءَ ۾ پوڻ نه گهرجي. ڪا به شيءِ اصلوڪي متن سان ڳجهن خوابي خيالن ذريعي، جيتري قدر به تحت شعور جي خيالن مان ظاهر ٿي خواب ڏانهن وڃي ٿي، انهن جي ممڪن صورت خيرخواهه ترغيبن جي برابر هوندي آهي. ساڳئي طريقي سان پيار ڪندڙ، لطيف احساس وارو يا جنسي جذبن جي خواهش وارو نفسياتي احساس جيڪڏهن شعور ۾ موجود هوندو ته ڪنهن ٻئي جي خواب ۾ به ظاهر ٿي سگهي ٿو. مٿين تحرير  ۾ سچ کي ساک سان بيان ڪيو ويو آهي، اهڙيءَ ريت خواب جي وچ ۾ انهن جذبن کي چوريندڙ يا ڀڙڪائيندڙ لاشعور حقيقتن کي پيش ڪرڻ کان جهليندو آهي، ۽ اسان انهن خودغرض جذبن کي آسانيءَ سان خوابن ۾ ڏسي سگهون ٿا جن تي جاڳيل حالت ۾ سرسي حاصل ڪري چڪا هوندا آهيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org